سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :5

 

(7) بحر هزج (اُخرب محذوف )

 

مفعُول مفاعيل مفاعيل فعولن

 

91. هڪٻئي کان وڌ خراب ماڻهو

نادان جي صحبت آهي هڪ چمڙي[1] جي پوشاڪ ،

ڇا لاءِ جو آوءَ آهي ڳري ۽ ٿي رکي گرم؛

نادان مصحاب[2] کان خراب آهي سو مائٽ،

دولت هجي جنهن کي ۽ هجي جنهن کي نه ڪو شرم؛

ٻنهي کان خراب آهي اُهو شاه، ڪري جو ،

نِت ظلم رعيِّت تي ۽ دل هوئي نه سنديس نرم ؛

ٽنهي کان خراب آهي وري ڪير، سو تون ٻڌ:

جو پير جواني ڪري ۽ هئيس نه ڪو مرم[3].

 

92. اسين ڇا آهيون

آدم جا آهيون ٻار، ڏٺاسين ڪي زمانا،

صالح نه خلف[4] ٿياسين، مگر ٿياسين يگانا؛

شرمندا ۽ غمگين گناهن کان آهيون، نه ته ،

رحمت جي کُلڻ لاءِ اسين آهيون بهانا.

 

93. شراب ۽ ڪتاب

لاچار چوان، مر ته ٿين دوستسڀئي رنج ،

جو يار نئي دل مان ڪڍي غم، سو شراب آهه[5]؛

منهن پنهنجو ٽائين زماني ۾ سڀئي يار ،

جو منهن نه مٽائي ٿو ڪنهين کان سو ڪتاب آهه !

 

94. انگور يا ڊاک جي ڌيءَ

مشهور منو چهري[6] چڱو چرب زبان آهه ،

انگور جي بابت هي سندس سهڻو بيان آهه؛

چئي ٿو ته آهي زال سان انگور مشابهه ،

جا پيٽ سان هوئي ، پيٽ وڏو ان جو نشان آهه ؛

هڪ جان آهي ۽ ٻه دليون پيٽ ۾ ان جي ،

ٻيو وڌ هي عجب رنگ جو ڪنئاري ۽ جوان آهه ؛

ٿي[7] ڪنئاري، رکي مڙس نه ۽ پيٽ سان پڻ ٿي ،

گويا اها ٻي بيبي مريم عمران[8] آهه .

مريم کي هو پٽ پيٽ ۾ ۽ هن کي آهي ڌيءَ ،

نانءُ هن جو ٿيو عيسيٰ ۽ ٿيو هن جو ته جان[9] آهه :

مريم جو هو پٽ جنهن کي چون[10] پٽ به خدا جو ،

۽ ڊاک جي هنِ ڌيءَ جو شراب اسم عيان آهه ؛

هُن روح[11] خدا جي مان هئي خوش خلق خدا جي،

هِن راح[12] خدا جي مان زمين خوش ۽ زمان آهه ؛

هن کي وڃي پڪڙيائون ۽ ڇڪيائون ۽ ڪُٺائون ،

هِن کي بھ جهلي ماري ڪڍيئون ، ڪو نھ گمان آهه؛

هُن معجزي سان هڪ ٻھ مئا ماڻهو جياريا،

سُرڪيءَ سان جياري ڇڏيو هن سارو جهان آهه ؛

هُن کي بھ هو مارڻ جو ڪيو قصد يهودين ،

 هِن جي پٺيان مارڻ جي تھ ڪُل اهل قران[13] آهه ؛

نڪري ويو ۽ ٿيو هُو سمٰوات[14] جو ساڪن ،

شاهن ۽ وزيرن جا محل هِن جو مڪان آهه .

 

 

(8) بحر هزج (اخرب مقبوض )

 

مفعول مفاعيل فعولن

 

95. خلق

ڪيو خُلق کي اختيار نيڪن،

ڪيو خُلق کي نت شعار[15] نيڪن،

ٿئي  خُلق مان ڪمّ خَلق جو راس،

 ٿئي  خُلق مان ماڻهو اشرف الناس[16]؛

ٿيو مرد جو فخر نيڪخوئي،

ٿيو حُسن سندس شگفتھ روئي .

 

96. ٽي مشهور پارسي شاعر

ٿيا شعر ۾ ٽي ڄڻا پيمبر ،

جيتوڻيڪ ”لا نبيّ بعدي“[17]؛

توصيف[18]، قصيدي ۽ غزل ۾،

فردوسي ۽ انوري ۽ سعدي .

 

97. علم کام عمل چڱو

هن جڳ ۾ نھ ڪر تون علم تي فخر.

شاگرد ٿئي، جو آهي استاد ؛

جي ڪين ڇڙهو رهڻ گهرين تون،

ڪر نيڪ عمل تون پنهنجو اولاد .

 

98.نيڪ ۽ بد

نيڪن ۾ بدي لڀي سگهي ٿي،

بڇڙن ۾ چڱائي پر لڀي ڪين؛

سرڪو ٿي شراب مان سگهي ٿو،

پر سرڪي منجهان شراب ٿئي ڪين.

 

99. خدا جي قد رت

جا چيز خدا آهي بنائي ،

ظاهر آهي تنهن مان خوشنمائي؛

ڏسجن جي ننڍيون وڏيون شيون سڀ،

آهن سي عجيب قسم جون سڀ؛

طرحين چيزون اُنهيءَ اُپايون ،

سهسين شڪليون انهيءَ بنايون ؛

هي شيءِ جي صفت آهي نرالي،

حڪمت کان نھ آهي ڪا بھ خالي؛

هر شي آهي خوب خوب لاريب[19]،

سڀ ڪم آهن اُنهيءَ جا بي عيب ؛

 مُکڙيون ٿيون نقاب[20] منهن تان کولين ،

نت باغ ۾ بلبليون ٿيون ٻولين ؛

 قدرت سان انهيءَ  جي گل ٽڙي ٿو ،

 گل تي بھ پکي پکڻ مِڙي ٿو؛

خوش رنگ آهن پکي ۽ خوشگو[21]،

۽ آهن گلن ۾ خوب خوشبو؛

هر هيڪ پکيءَ جو ڌار آواز،

هر گل جو جدا ٿيو ناز انداز ؛

ماڻهن ۾ امير خوش گذاري ،

در در تي فقير پيو پڪاري ؛

ڪو آهي غني تھ ڪوئي محتاج ،

ناڪام[22] ڪو، ڪنهن جو سڀ سريو ڪاڄ ؛

روزي ٿو ٻنهي کي رب رسائي ،

ٿو گنج مان جنهن جي هر ڪو کائي ؛

    ڇا ڏينهن کي تنهن ڏني صفائي ،

تارن ڀري رات ڪيئن بنائي ؛

موتي ٿيّا لڳل لکين هزارين ،

هيرا ٿيّا جڙيل  لکين هزارين ؛

چانڊوڪي رکي ٿي ڇا نزاڪت،

بيشڪ ڏئي روح کي ٿي راحت ؛

ٿيو صبح، رهيو نھ چنڊ نھ تارا،

سج جي اڳيان ٿيا زدا ويچارا ؛

ظاهر ٿيو آسمان نيلو ،

ٿيو رنگ سفيد مثجي پيلو ؛

شام آئي ته آئي ڪاري اونداهه،

ٿيو صبح وري ته روشني واه ؛

سيارو، آرڙهه، بهار، برسات،

هر رُت ۾ نٿو اثر نئي بات ؛

سياري ۾ ڏسو بدن ڏڪي ٿو،

هر ڪوئي لٽا گرم ڍڪي ٿو؛

سرديءَ ڪري پير هٿ ٺرن ٿا،

سڀ اس ۾ يا باهه تي ويهن ٿا؛

ڦولاري سرنهن، بسنت آيو،

چوگرد بهار رنگ لايو؛

پڻ گونچ ڦٽا وڻن ۾ تازا،

ٻوٽا جي سڪا ٿي، ٿيا سي ساوا؛

موسم جا بدلجي پّوءِ تي موٽي،

ٿيو ڏينهن وڏو ۽ رات ڇوٽي ؛

ڌرتي تتي، هاڻ آرڙه آيو ،

هر ڪنهن کي وڻي وڻن جو سايو؛

سانوڻ آيو، جهڙن جا ٿيا ڏينهن،

چوڌاري کنون وڄون، وسن مينهن؛

ڪڙڪن ٿيون نيون جبل تان ڪاهي،

ڇا قهر جو شور تن ۾ آهي ؛

ڀرپور وهن نديون ۽ نالا ،

اُ ٿلُن کان آهن مڪان آلا [23]؛

هيڏي ٿيو درياهه، رڃّ هوڏي،

هيڏي ٿي وسيئن، سڃّ هوڏي ؛

۽ ڀر ۾ وسيئن جي آهي ٻيلو،

ٻيلي ۾ مرن جو آهي ميلو ؛

پاڻيءَ ۽ مٽيءَ مان باغ جوڙيئين،

باغن ۾ وڻ ۽ وليون وڪوڙيئين؛

ميون سان جهڪن وڻن جون ٽاريون،

ميڙين ڀرين تن سان کاريون؛

ساوڪ سان ڀريل رهن ٿا ميدان،

ڪن سير تني تي پير ۽ جوان؛

ماڻهو پيا تن تي مال چارين،

سي رات ۽ ڏينهن خوش گذارين؛

قدرت سان الله پنهنجي خلقيون،

ٻڪريون ۽ رڍون، ڳئون ۽ مينهون؛

۽ ڏاند ۽ ڍڳا ۽ اُ ٺ ۽ گهوڙا،

هر قسم جا تنهن اپايا جوڙا ؛

سڀ کي ٻه اکيون ڏنائين روشن،

تاسير عجب جهان جو ڪن؛

پڻ چپ ۽ زبان نڪ ڏنائين،

۽ تيز حواس سڀ ڪيائين ؛

بيشڪ آهي حق قوي ۽ قادر ،

جيئن آهي قران ۾ ٿيو صادر.

 

 

(9) بحر هزج (رباعي وارو )

 

مفعول مفاعلن مفاعيلن فع[24]

 

100. رنگ ۽ بيرنگي

بي رنگ سدا ٿيّو يار دلخواهه اي دل،

راضي نه ٿي رنگ تي تون ناگاهه اي دل؛

رنگن سڀني جو اصل ٿيو بيرنگي،

”من احسن صبغته من الله[25] “ اي دل.

 

101. رضا تي راضي ٿيڻ

اي دل تون قضا خدا جي تي ٿي راضي،

مستقبل تون وساري ڇڏ ۽ ماضي ؛

قسمت ۾ اٿئي هڪڙو ۽ تون ڳولين ڏهه،

ڏهه تو کي ڪو ڏيندا، پاڻ ٿي تون قاضي[26].

102. خدا جي تعريف

آي تنهنجي[27] طلب ۾ عالم آهي منجهه شور،

مٽ تنهنجي اڳيان ٿيو زّوردار ۽ ڪمزور ؛

ڳالهائين تون سڀ سان، ڪن سڀن جا ٻوڙا،

سڀني جي تون وچ ۾، سڀن جون اکيون ڪور[28].

 

103. پوري فرمانبرداري

جي ڀانئين ته دلبر رهي راضي تومان،

تيئن چئو تون ۽ ڪر، حڪم ڪڍي جيئن واتان؛

” رت رو“ جي چوئي، ته چوء نه تون ”ڪهڙي سبب“

”ڏي ساهه “ چوئي جي، چئو نه تون ” ڇا کون ڏيان.“

 

104. ستيءَ ۽ پرواني جو فرق

نسبت نه ستيءَ سان ڏي تون پرواني کي،

ٿو هُن جي ۽ هنِ جي عشق ۾ فرق رهي؛

هوءَ پاڻ جلائي باهه ۾ مردي لاءِ ،

هيءَ شمع اجهايل تي ذروڪين ڦري.

 

(10) بحر مضارع (سالم )

 

مفعول فاعلاتن مفعول فاعلاتن

 

105. اسلامي ترانو [29]

چين ۽ عرب اسان جو، هندوستان اسان جو،

همدين هموطن سڀ، سارو جهان اسان جو،

آي باغ  اندلس[30] جا، آهي ڪا ياد توکي،

ٽارين ۾ تنهنجي جڏهين هو آشيان[31] اسان جو،

آي دجله تون به آهين واقف گهڻو اسان جي،

اڄ توڻي تنهنجو دريا ٿيو قصهّ خوان اسان جو.

آي پاڪ ڌرتي، تولاءِ وڍجي اسين مئاسين،

تنهنجي رڳن ۾ آهي رت ڀي روان اسان جو.

مغرب جي وادين ۾ ٻڌبي هئي ٻانگ[32] اسان جي،

روڪيو نه وهڪرو ڪنهن پڻ ليٽ[33] جان اسان جو.

تيغن جي ڇانو ۾ سڀ پلجي جوان ٿياهيون ،

خنجر هلاِل[34] جو ٿيو قومي نشان اسان جو.

توحيد[35] جي امانت سينن ۾ پنهنجي سانڍيون،

نالو نشان جڳ ۾ آهي عيان اسان جو.

آي آسمان اسين پڻ باطل[36] کان ناهيون ڊڄندا،

سئو ڀيرا آهي ورتو تو امتحان اسان جو.

دنيا جي مندرن مان پهريون هو گهر خدا[37] جو،

راکا اسين انهيءَ جا، هو پاسبان[38] اسان جو.

سردار قافلي جو آهي مديني جو ميِر[39]،

نالي کان جنهن جي آهي آرام جان اسان جو.

اقبال جو ترانو گهنڊ جان ”قليچ“ ٻڌجي،

ٿئي ٿو وري روانو پڻ ڪاروان[40] اسان جو.

 

106. حُقي جي تعريف

هر رنج ۽ الم ۾ راحت رسائي حقّو،

نزلي ۽ قبض کان پڻ نت ٿو ڇڏائي حقو؛

ڪاوڙ چڙهي ته ان کي هڪدم ڀڄائي حقو؛

مانيءَ کان پوءِ وه واه لذت وٺائي حقو ؛

خلوت ۾ خاص، حقو ماڻهوءَ جو يار آهي،

مجلس جو موڙ، جنهن کان مجلس بهار آهي

.

107. پيسي جي طاقت

دنيا جي سڀ ڪمن ۾ درڪار آهي پيسو،

غمگين غمزده جو غمخوار آهي پيسو،

هر ملڪ جو سو مالڪ مختيار آهي پيسو،

غفّار[41] جي خدا آهه، ستّار[42] آهي پيسو.

 

 


 

 

(11) بحر مضارع (اخرب )

 

مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن

 

108. اشراف ۽ ڪميڻي جو مثال

هڪڙي جي پپر جي پاڙ ۾ ڄائو هو هڪ ڪد ُ و،

گذريا نه ويهه ڏينهن ته چوٽي تي پهتو اُو؛

مرڪي تڏهن ڪد ُ و پڇيو ان کان ته ” اي درخت ،

چوُ عمر ڪيتري آهي تنهنجي اي نيڪبخت “؛

ورندي ڏني حيا سان پپر ” بيٺي هت مون کي،

گذريا ٻه سوُ ورهيه ڀريا، ڪي سال پڻ مٽي؛،

تڏهن چيو کلي ڪدُ و ”انهيءَ  سستي جو ڇا سبب،

ويهن ڏينهن ۾ ويِس وڌي توکان، واهه عجب“؛

چيو هيئن پپر ته ” ايترو بيشڪر ٿي نه يار،

ڌئي ٽيڪ مون تي تون چڙهئين، ان جي اٿئي ڪا سار[43]،

پر ڇا هي تنهنجو، ڪر تون انهيءَ ڳالهه تان گذر،

تڪرار مون سان سستي ۽ چستيءَ جو اڄ نه ڪر؛

سانوڻ لنگهي سڀاڻي، خزان جو پئي ڏڦير،

پوءِ پئي خبر ته مرد ۽ نامرد آهي ڪير.“

 

109. سچي دنيائي دولت

گوشو[44] هجي، ڪتاب هجي، ۽ ٻه ٽي ڄڻا،

همدم هجن جي دوست، زياده نه، ٽي يا چار؛

ندّي[45] هجي ۽ راڳ هجي ۽ ڪباب چاءِ[46]،

پر شرط هي ته ساقي[47] هجي دلپسند يار؛

دنيا ۾ جي هيءَ دولت ڪنهن کي نصيب ٿئي،

مر تنهن کي ڪنهن سان ڪين هجي ٻيو ڪو ڪم ُّ ڪار.

 

110. ڏينهن پئي وڌا ڪم ٿا ٿين

ڏينهن لنگهڻ کان پوءِ ٿو ڪڪڙو[48] ڪپه جو ٿئي،

ڪنهن ڪنئار جو وڳو يا ڪفن ڪنهن شهيد جو ؛

هفتن لنگهڻ کان پوءِ ٿي مٺ رڍ جي انّ جي ٿئي،

درويش جو کٿو يا گڏهه گهوڙي جو رسو ؛

مهنن لنگهڻ کان پوءِ ڦڙو پيٽ ۾ ٿئي،

ڪا نازنين خوبرو يا پهلوان ڪو؛

ورهن لنگهڻ کان پوءِ ڪو ڇوڪر پڙهي ٿئي،

شاعر چڱو ۽ ناميو يا علاّ مو ڪو وڏو؛

صدّين لنگهڻ کان پوءِ پهڻ سڄ جي تو کان ٿئي،

يمني عقيق يا ٿئّي بدخشالي لعل ٿو.

 

111. راز فاش[49] نه ڪجي

درگاهه ۾ خدا جي هي شبليءَ[50] ڪيو سوال،

منصور ڇو تو سوريءَ چاڙهيو آي ذوالجلال؛

هاتف چيس ته دوست ڌنو ان کي پنهنجو راز،

ظاهر ڪري جو راز، ٿئي تنهنجو اهڙو حال.

 

112. ڏک سک ۾ هڪ جهڙو رهڻ

حڪمت جو هڪڙو نڪتو آءُ سيکاريان توکي يار،

هر دو جهان ۾ تا تون رهين خوش ۽ سرفراز؛

سالڪ جي ٿين، وجهين جي طريقت جي پڙ ۾ پير؛

ذلت ۾ ٿي نه رنج ۽ عزت ۾ ڪر نه ناز.

 

113. بهتر ٿيڻ جي مدامي خواهش

حيوان ڪنڌ هيٺ ڪري، منهن زمين ڏي،

انسان جي تون آهين، مٿو پنهنجو ڪر مٿي،

رک اڃ سدائين دوست، جلندر[51] ۾ عشق جي،

عالي ٿئي جو، نيٺ سو اعايٰ[52] ڏي منهن ڪري.

 

114. ولادت جا سعد ۽ نحس ڏينهن

جمعي جو ٻار ٿئي ٿو تونگر ۽ نيڪبخت،

ڇنڇر جو ڏينهن سعيد[53]، مگر رات نحس[54] سخت،

آچر جو ٻار بخت رکي، علم ۽ هنر،

سومر جي ٻار کي رهي نت خوف ۽ خطر،

ٿئي ٿو اڱاري ڏينهن جو بيمار ۽ برو،

۽ رات وارو نيڪ، مگر خطرو ٿس ڳرو؛

اربعا جو ٻار ٿو ٿئي زاهد ۽ منقي[55]،

ديندار ٿئي خميس جو، پر خوف آٿس سهي.

115. پاڪ  شين ۽ ماڻهن جا اصطلاح

ماڻهو سدائين پاڪ شين جو رکن ادب،

تعظيم سان وٺن ٿا سندن نانءَ ۽ لقب؛

الله کي تعاليٰ چون جل شانه ،

صلواهّ ۽ سلام نبيءَ تي پڙهن ٿا او ،

پوءِ جمله انبياتي عليه السلام آهه،

۽ جمله اوليا تي پڙهن رحمت اِلهٰ؛

ٿيا پاڪ پنجتن ۽ معصوم ٿيا امام،

تن سڀني کي ائمه ء اطهر چون مدام ؛

اصحاب تي پڙهن رضي الله عنه ٿا،

موليٰ عليءَ تي ڪن ڪرم الله وجه ٿا؛

مهتر چون ٿا موسيٰ ۽ عيسيٰ نبيءَ کي او،

۽ لءِ مشائخن قدس الله سرّه،

بيبيون نبيءَ ڪريم جون امهات مومنين،

جنّت ۾ ٿيو شراب طهورا ۽ حورعين؛

شهر مان پاڪ پهرين مڪّ معظّمه ،

ان کان اچي ٿو پوءِ مدينه منوّره ؛

بيت المقدس اصل پوءِ مشهد مقدس آهه،

ٿي ڪربلا معلّيٰ نجف اشرف آهي واهه ؛

عتبات عاليات ۽ بغداد ٿيو شريف ،

ملتان ، اُچ شريف ۽ اجمير ٻيو شريف ؛

ٽيون ٿيو شريف ڪعبو ۽ مسجد ۽ ڪلمو پڻ،

حضرت جو بت ۽ وار مبارڪ ۽ روزو پڻ ؛

قرآن ڪريم، عرش ۽ مصحف مجيد ٿيو،

آيت ڪريم، قول حديث شريف جو؛

منهن منجهان محّرم ۽ ذوالحجّ ٿيا حرام،

رمضان ٿيو مبارڪ ۽ رجب مرجّب عام؛

حضرت لقب ٿيو سڀني سڳورن جو تنهن سوا،

سيّد ۽ شاهھ ۽ مير سڀئي اهلبيت ٿيا؛

قبلو ۽ ڪعبو پيءُ ٿيو مرشد ۽ مجتهد[56]،

ٿيو بادشاه قبلئھ عالم بھ جهدوجد[57].

 

 116. حُقّي جي تعريف

مجلس ۾ حقي کان آئين ادب چاڪري سکو،

جيسين پڇيس ڪو نھ، نھ ڳالهائي تيسين سو؛

ٽانڊا رکن مٿي تي سندس، تھ بھ ڪڇي  ٿو ڪين،

هوندو نھ جڳ ۾ اهڙو ڪٿي بردبار ڪو؛

ڏس معجزو تھ باهھ رکي پاڻ وات ۾،

دونهو ڪڍي ٿو ان جو وچان وات مان ٻيو؛

 

117. زال جي ضرورت

عورت هجي نھ جڳ ۾ تھ بدحال هوئي مرد ،

ري جسم جان، مالڪ ري ملڪ آهي فرد؛

ري حسن رنگ عشق جو آهي زدو ۽ زرد :

جيئن سڄ جي تَوَ[58] بنا رهي سارو جهان سرد،

عورت جي مرد کي نھ هجي ها نوشت[59] ۾،

آدم بھ بيقرار هجي ها بهشت ۾.

 

118. مرد ڪير آهي

دولت وڃي تھ مر وڃي پروا اسان کي ناهھ،

راحت وڃي تھ ان جي تمنّا[60] اسان کي ناهھ،

آفت ۾ پڻ خوشيءَ جي ڪمي ڪا اسان کي ناهھ،

ايمان دين آهي جي دنيا اسان کي ناهھ:

نامرد ساهھ ڏيِن ٿا مال، حرام تي،

آهن جي مرد، سي ٿا مرن ننگ نام تي.

 

119. آخر فنا

محتاج هوئي، غني هوئي، فقير ۽ امير هوئي،

يا بادشاه ملڪ جو هوئي يا وزير هوئي ،

مُرسل هوئي، ولي هوئي، جوان هوئي يا پير هوئي،

نادان هوئي حقير هوئي دانا دبير[61] هوئي:

هڪ ڏينهن هٿان اجل جي بھ هر ڪو هلاڪ ٿئي،

جنهن خاڪ مان ٺهيو آهي آخر سان خاڪ ٿئي.

 

 120. دنيا ۾ ڪيئن رهجي

هوئي عدل سان روا تھ سسي پڻ وڍائجي ،

پر ظلم ۽ ستم سان نھ ڪنهن کي ستائجي؛

دنيا جو دور لطف ڪرم ۾ لنگهائجي ،

غفلت سان آخرت بھ نھ پنهنجي وڃائجي؛

سمجهج خدا  جو قهر رنجائڻ غريب جو،

چرچو نھ ڄاڻجئين تون ستائڻ غريب جو .

 

121. ڇا ڇا نھ ڇڏجي

ڪچري گڏيل مٽيءَ ۾ جي زر  هّوئي تھ هٿ ڪجي،

اشراف ڌيءَ غريب جي گهر  هّوئي تھ هٿ ڪجي؛

آبِ حيات زهر ۾ گر هّوئي تھ هٿ ڪجي،

ڪنهن بيوقوف ۾ بھ هنر هّوئي تھ هٿ ڪجي؛

ادنيٰ مان نقص پهچي جو اعليٰ جي شان کي،

دونهي مان داغ ڪين لڳي آسمان کي .

 

122.خدا ،  مخدوم بھ خادم بھ

رب بادشاه آهي ۽ ٻانهن جا ڪم ڪري،

موليٰ جي لفظي[62] معنيٰ ڌڻي آهي ۽ غلام؛

خادم سڏيو حديث[63] بھ سيّد کي قوم جي،

حق جو ٿيو ڪارساز، نگهبان وڪيل نام.

 

123.جيئرو جنازو

(زناني تعليم جي ضرورت جو هڪڙو مثال )

جيئرو جنازو گرچھ ٿيّو ظاهري ڪري محال،

پر غور سان جي ڏسبو تھ پورو آهي خيال؛

دنيا ۾ ٿيا جيڻ ۽ مرڻ ٻئي ضروري ضد ،

هڪ ڏينهن جيئرو سڀ ڪو ڪندو نيٺ انتقال؛

مُردي سان گڏ وڃن ٿا عمل پڻ مرڻ کان پوءِ،

آهن چڱا اُهي تھ هُتي ڪو نھ ٿئي ملال؛

نيڪن جي جاءِ آهي هميشھ بهشت ۾،

بڇڙن کي ٿيو نصيب ۾ دوزخ جو نت و بال؛

پر جيڪا صورت آهي ثواب ۽ عذاب جي،

ٿئي ٿو نھ عام خلق کي معلوم اُن جو حال.

جڏهن ڪنئار پهرين پرڻجي نڪري ٿي گهر منجهان،

جيئري جنازي سان ٿا اسين ان جو ڏيون مثال؛

ڀاتي رئن رڙن رت ٿا تڏهن سڀ انهيءَ جي لاءِ،

ڄڻ ٻئي جهان ۾ ٿي وڃي هوءَ ڪري وصال؛

ڌاريان جي هئا اڳي ۽ جني کان هئي اُن کي لڄ،

تن سان گزارڻا ٿا پون روز ماهه سال؛

اُت پڻ کپن ٿا علم سان اخلا ق ۽ عمل،

ڪم ٿو اُتي بھ ڪين اچي ڏاج زر ۽ مال.

دنيا ۽ آخرت ٿيا پيڪا ۽ ساهرا ،

انڌي هِتي ، هُتي بھ انڌي هوندي،ڪر سنڀال ؛

 بد خُلق ڪنئار خواري ۽ جٺ ڦٺ ۾ نت رهي،

هرد لعزيز ڪنئار ٿئي سا، جا خوش خصال؛

جيڪا رڌي پچائي سبِي ۽ ڀري سگهي،

ڪم ڪار جي سگهڙ ۽ مٺو جنهن جو قيل قال؛

 سک سهج سان سا ڄڻ آهي جئري بهشت ۾،

گڏ حسن ظاهريءَ سان ٿيس باطني ڪمال؛

۽ جي ٿي شوخ سست ۽ بيعلم بي هنر ،

دوزخ بهشت هٿ ۾ ڏنو تن جي ذوالجلال .

يارو سنڀاليو جيئرو جنازو اهو سڀئي،

جي ڀانيو خوش رهو اوهين با آل با عيال؛

تعليم لاّءِ ڌين جي نصيحت ڪري ”قليچ“،

تعميل جي ڪندئو تھ اوهين رهندوء نت نهال.


[1]  چم جي، يا يوستين

[2]  سنگتي، صحبتي

[3]  حيا، لڄ

[4]  اولاد

[5]  هن شعر ۽ هيٺئين شعر ۾ شراب جي تعريف ڪنهن شرابي شاعر جي آهي.

[6]  پارسي شاعر

[7]  ٿي ڪري

[8]  حضرت عيسيٰ جي والده

[9]  جان بيبي يا ساهه يعني شراب

[10]  عيسائي ٿا ائين چون

[11]  حضرت عيسيٰ روح الله

[12]  راحت، خوشي

[13]  شريعت وارا

[14]  حضرت عيسيٰ چوٿين آسمان ۾ آهي.

[15] عادت

[16]  ماڻهن ۾ زياده شرف وارو

[17]  حدرث هن کان پوءِ ٻيو نبي ڪونه ٿيندو

[18]  محبوب جي تعريف

[19]  بيشڪ

[20]  پردو، برقعو

[21]  مٺي ٻولي ڪندڙ

[22]  نااميد بي مراد

[23]  پاڻي ۾ ڀنل

[24]  هن بحر واريون سڀ رباعيون آهن ۽ ٻيون گهڻيون رباعيون اسان جي ڪتاب موتين جي دٻليءَ ۽ رباعيات عمر خيام ۾ ڏنل آهن.

[25]  قرآن جي آيت ’جنهن جو چڱو رنڱ آهي سو الله کان آهي.‘

[26]  منصف

[27]  يعني خدا جي

[28]  انڌيون

[29]  راڳ

[30]  اسپين تي مسلمانن حڪم ڪيو هو ۽ انهيءَ کي هنن تخت گاه بنايو هو

[31]  آکيرو

[32]  اذان

[33]  درياهه جي ليٽ يا اٿل

[34]  نئون چنڊ، نشان اسلام جو

[35]  وحدت

[36]  ڪوڙي ڳالهه

[37]  ڪعبو اڳي بتخانو هو

[38]  نگهبان

[39]  يعني حضرت محمد صلعم

[40]  قافلو

[41]  بخشيندڙ

[42]  عيب ڍڪيندڙ

[43] خبر

[44]  خلوت

[45] وهندڙ پاڻي

[46]  اصل ۾ مي

[47]  پياريندڙ يا صحبتي

[48]  وڻ جو ٻج

[49]  ظاهر

[50]  مشهور اولياءُ جنهن جي فتوا تي منصور سوريءَ تي چڙهيو

[51]  مرض گهڻي پاڻي پيڻ جو

[52]  زياده مٿي

[53]  سڀاڳو

[54]  نڀاڳي

[55]  پرهيزگار

[56]  دين جو استاد يا حڪم ڪندڙ

[57]  سخت ڪوشش

[58]  تابش

[59]  قسمت ۾

[60]  سنڌ

[61]  وزير، منشي، فاضل

[62]  عربيءَ ۾

[63]  سيد القوم، خادم مهم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org