(4) بحر رمل (مخبون مسدّس )
فاعلاتن فعلاتن فعلات
55. دينا رهبرن کان خالي ناهي
نه زماني کي ڇڏي خالي خدا،
هڪ مري ويو ته ٻيو رهبر ڄائو،
پڙهو تاريخ ۾ بهمن[1]
جڏهن مو،
تڏهن دنيا ۾ سڪندر ڄائو،
فوت جڏهين ٿيو حضرت يوسف،
موسيٰ عمران پيغمبر ڄائو،
بو حنيفه ڪئي سنجهي وفات،
شافعي مهل آسر گهر ڄائو.
56. جوا نمرديءَ جا ڪم
هو ڪنهين ملڪ ۾ هڪ دولتمند ،
ٽن پٽن ساڻ رهيو ٿي خورسند،
دور نزديڪ هو گهر گهر گفتگو،
پي پٽن جي به جوانمرديءَ جو؛
پيءَ هجي جنهنجو مروت وارو،
پٽ ڀلا ڪيئن نه هوئي همت وارو،
پورو ٿيس عمر جو جڏهن سرمايو[2]،
هڪڙي ڏينهن پيءُ سندي دل ۾ آيو،
معاملو وجهندي هي دنيا ڪوڙي،
جي ڇڏي مئس گڏيل آءُ موڙي؛
جلد ويراهي ڪجي فتنو دور،
آهي هڪ ڏينهن مرڻ نيٺ ضرور؛
تڏهن ڏسي پنهنجي ضعيفي جو حال،
هڪڙي ڏينهن ويهي سڀئي پنهنجو مال؛
قيمتي هڪڙي جواهر کان سواءِ،
ڪري تن کي ڏنا تنهن ٽي حصا؛
پوءِ انهن کي به چيئين اي پيارو،
ساهه صدقي ٿئي اوهان تي سارو،
جو اوهان مان ڪندو ڪو ڪار وڏي،
هي گهر امانت تنهنجي،
پيءَ جڏهن سڀ ڪيو تن ساڻ هي ذڪر،
پيو تڏهن دل ۾ ٽنهي جي هي فڪر،
ته ڪري جهد[3]
ڪشالو ڪٽجي،
ڪنهن طرح سان هي جواهر ٽجي،
تن منجهان پٽ، جو وڏو هو سڀ کان،
فڪر تنهن کي به گهڻو هو سڀ کان،
هڪڙي ڏينهن ان جو ڪو ئي واقف ڪار،
جنهن سان هو ان جو نه اخلاص[4]
نه پيار،
سو وٽس آيو وڏي حّسب[5]
هلي،
۽ رقم هڪڙي وڏي ويس رکي؛
تنهن کان سي ٻيئي فقط هئا آگاهه،
نه نوشتو هو ڪوئي ۽ نه گواهه،
جي کڻي ڪجهه پوي نّيت ۾ خلل،
تھ خيانت جو اھو خوب هو ول؛
جڏهن رقم موٽي گهري تنهن هن کان،
وَسوَسا دل ۾ پيا ھِن جي گهڻان؛
پر جوان مرد جي نيت نھ ڦري،
سا سلامت اُنهيءَ موٽائي ڏني؛
نفس سرڪش کي ڪيو مات اُنهيءَ،
پئي ديانت جي بھ مرجات[6]
اُنهيءَ ؛
جيڪو هن شخص ڏنس ٿي تحفو ،
سو بھ هن ڪين انهيءَ کان ورتو؛
جڏهن اچي پيءُ سان ڪئي اُن هي خبر،
تنهن کلي چيس تھ اي جان پدر:
هڪ برائيءَ کان بچئين تا ڇا ٿيو،
ڪو انهيءَ کان نھ وڏو ڪم تو ڪيو؛
هڪ خيانت نھ ڪرڻ تي اهي ناز[7]،
شرم رک، شرم ڪي اي عمر د راز !
پوءِ وچئين پٽ اچي هڪ ڏينهن چيس،
وڃي درياه تي جو آءٌ نڪتس؛
تھ ڏسان اوچتو هڪ ننڍڙو ٻار،
پيو پاڻيءَ ۾ ڪري، هو جتي تار ؛
ٻيو ڪوئي ڪو نھ اتي هو حاضر،
جو ڪڍي تنهن کي وجهي تا ڀاڪر؛
هئي ڪناري تي سند س ماءُ کڙي،
پٽ کي ٻڏندو ڏسي پي هاءِ رڙي؛
گرچھ هي ڪم هو خطرناڪ گهڻو،
پر جگر منهنجو ٿيو چاڪ گهڻو؛
جان تن جي نھ رهي مون کي خبر،
ڪاهي پاڻيءَ ۾ پيس اُن خاطر؛
جان نڪرڻ تي اصل هن جي هئي،
پر خدا منهنجي کڻي لڄ رکي؛
لحظي ۾ ويس، ڪڍي سو آيس،
ماءُ جي هنج ۾ وڌم ٻار سندس؛
هي ٻڌي هن کي چيو پي ُ بابا،
ڪار مردن جي سدا آهي اِها؛
آدميّت جو ڪيو ڪم تو تمام،
آفرين آهي گهڻي تنهنجو انعام؛
فخر جي جاءِ ٻچا هيءَ ڇاهي
نھ ائين جو ڪري ماڻهو ناهي !
هاڻ ننڍي پٽ جو بھ احوال ٻڌو،
جو بزرگيءَ ۾ سڀن کان هو وڏو؛
عرض ڪيئين پيءُ کي بصد عجز و نياز،
ڪٿ ٻڌي چيائين تھ اي بنده نواز؛
گرچھ لائق نھ ٻڌڻ جو آهي ڪم،
مون کي ڪو آهي اوهان کان نھ شرم؛
هڪڙو هو ڏينهن جهڙالو آيو،
وقت اڌ رات جو اوڏو آيو؛
رات جو ڀي هئي اهڙي اونداهھ،
جو پئي ٿي نھ ڪنهين شيءِ تي نگاهھ؛
هڪڙي ٽڪريءَ تي هليو ويس ٿي آءٌ،
خوف کان سست ٿيو ويس ٿي آءٌ؛
هوس آءٌ هيکلو ٻيو يار هو ڪو نھ،
ڀائرن مان به مددگار هو ڪونه،
هڪ طرف اوچتو وڄ جا چمڪي،
روشنائيءَ ۾ اڳيان واٽ کُلي؛
مون کي ات غار پيو هڪڙو نظر،
جنهن ڏٺي خوف ٿي ٿيو دل جي اندر؛
جان ڏسان هڪڙو آهي شخص غريب،
جنهن جو کُسڙيل ٿي ڏٺو هاءِ نصيب ؛
جيئن ٿڪو ماندو هجي ڪو رهدار[8]،
يا هجي جان کان پنهنجي بيزار؛
ننڊ غفلت جي نشي جو هُس جوش،
غار جي منهن تي پيو هو بيهوش؛
اهڙو بيحال ۽ غافل هو پيل،
جو مٿان موت اتي هُس بيٺل؛
وري چمڪي جو کوڻ هڪ واري،
شڪل ان جي بھ ڏٺي مون ساري ؛
۽ سڃاتم تھ هو دشمن منهنجو،
منهنجي مارڻ جو سدا طالب هو؛
دشمني مون سان نهايت ان جي،
پڻ گهڻي وقت کان آئي ٿي هلي؛
وير تي هن جي ڏيان ها جي ڌيانءُ،
مون کي مارڻ هو انهيءَ جو آسان؛
يا اشاري سان ڪري ها منجهه غار،
يا ستي ڌڙکان سسي ٿئيس ها ڌار؛
پر ٿيو خوف خدا جو مون کي؛
دل ۾ ات اوچتو آيو مون کي،
خون مرندي جو بھ بيدرديءَ سان،
آهي نت دُور جوانمرديءَ کان ؛
وقت نيڪيءَ جو منکي آهي مليو،
آهي دشمن کي مدد جو ويلو؛
هيئن چئي دل ۾ هليس غار مٿي ،
تھ وڃي جلد اٿاريان هن کي،
رحم هن تي جو انهيءَ دم آيم،
سو وڃي ان کي اتي جاڳايم؛
موت جي منهن مان ڪڍيم هن کي مگر ،
منهن ڍڪي پاڻ ڪيم ڪين پڌر؛
تھ متان منهنجو هي احسان ڏسي ،
شرم کان پنهنجي ٿئي مون کان لڄي؛
هي ٻڌي پي ُ وڌو پٽ کي ڀاڪر،
۽ دعا ڪيئينس خوشيِءِ سان ٿي پر؛
پوءِ وڏن ٻن کي گهرائي هن چيو،
ڪنهن آهي هاڻ وڏو ڪّم ڪيو؛
جڏهن ٻڌي ڳالهھ رهيا سي ٻيئي؛
سائين تقصير اسان جي ٿئي معاف،
سچ پڇو ٿا تھ آهي هي انصاف ؛
جنهن جواهر جا طلبگار اسين ،
تنهنجا لائق نھ، نھ حقدار اسين؛
حرص ٻئي کي آهي ان جو ناحق،
حق ته ائين آهي ته هن جو آهي حق؛
هي ٻڌي پي ُ کي خوشي بيحد ٿي،
آفرين پيار سان هن تن کي ڏني؛
۽ ننڍي پٽ کي ڪري قرب ججهو،
پهرين خالق جو ادا شڪر ڪيو؛
پوءِ جواهر ڏئي چيئين ان کي ابا،
شل هجي توکي مبارڪ هي سدا !
(5) بحر هزج (سالم )
مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن
57. هڪڙي چڱي نصيحت
هو هڪڙو شيشھ گر ڪنهن هنڌ، ڊگهي ڏاڙهي هئي جنهن جي،
نصيحت هڪ حڪيم اُن کي ڪئي، آهي پڙهي جا مون؛
رکين ٿو گهر جون شيشائون، ن ڪر تون جنگ پهڻن سان؛
رکين ٿو جي ڊگهي ڏاڙهي، نھ وٽ ڏاڙهي ٻين جي تون.
58. دل ڇا آهي
جي دل مذهب ۾ تنهنجي ٿي، اهو ئي گوشت جو ٽڪرو،
تھ دل جي تو کان وڌ ملهھ شهر جو ڄاڻي ٿو ڪاسائي؛
دل آهي هڪڙو اُٺ، جنهن تي ٻڌل ٿي دوست جي محمل[9]،
هي عقل ۽ گفتگو ۽ جان انهيءَ جي گهنڊ[10]
جي وائي.
59. چنڊ ڏسڻ جي سُنّت
ڏسو جڏ ّهن چنڊ محّرم جو، ڏسو تڏهن سون ُ ائين يارو،
جي ڀانيو ٿئي اَن کي، پڙهي الحمد[11]
ائين سارو؛
صفر جو چنڊ جڏهن ڏسجي، نهاريو آرسي ۾ ائين،
اِذا جاءَ نصرالله جي سوُر پڙهجو صد ق مان تيئن؛
ربيع الا وّ ل آيو جڏهن، وهندڙ پاڻي ائين ڏسجو،
تڏهن قرآن مان پڻ اِنّا اَ عطينا اوهين پڙهجو ؛
ربيع الاخر آيو، چنڊ ڏسي پوءِ ڏسجي ٻڪّر ،
الم تر ڪيف پڻ پڙهجي تھ بخت ٿئي ياور؛
جما د ي الا وّ ل آيو، چنڊ ڏسي چاندي ڏسڻ گهرجي ،
زبانون قل هو الله احد اُن دم پڙهڻ گهرجي ؛
جڏهن آيو جمادي الثاني پوڙهو مڙس ڪو ڏسجو،
۽ اَقراءِ با سم ربّک جي انهيءَ دم سُور پڻ پڙهجو؛
جڏهن رجّب جو چنڊ ڏسجي، ڏسڻ مصحف آهي بهتر ،
پڙهڻ والعاديات آهي ڀلو، يارو ڪريو ياور ؛
جڏهن شعبان جو چنڊ نڪري، ڏسجي گاهھ کي ان دم ،
۽ پڻ القاريه پڙهجي تھ پورو ٿئي اوهان جو ڪم؛
ڏسي رمضان جو چنڊ ائين ڏسو تلوار پڻ يارو ،
پڙهڻ والتّين جو آهي پڻ فائدي وارو ؛
اچي شوّال جو مهينو جڏهن ، ڪپڙا ڏسو ساوا ،
پڙهو تبّت يدا جي سُور تا دائم رهو برجا؛
مهنو جڏهن اچي ذوالقعد جو ائين ڪو ڏسي ڇوڪر ،
الم نشرح لڪ صدرڪ، پڙهڻ تڏهين آهي بهتر ؛
ڏسي ذوالحّج جو چنڊ ڇو ڪري اَن کي ڏسڻ گهرجي ،
۽ قل يا ايهّا ا لڪفر پڙهجي پڻ دم[12]
ڪرڻ گهرجي.
60. پيسي جي شڪايت
هوس جو دام ۽ ايمان جو آواز آهي پيسو ،
عقل ۽ هوش جي گردن جي لاءِ هٿيار آهي پيسو ؛
خوشامد ۽ غرض ۽ دشمني ۽ پيار آهي پيسو،
خدا کي پڻ وساري ڏ ئي ، خسيس ۽ خوار آهي پيسو؛
انهيءَ مان سڀ فساد آهن ، انهيءَ مان شور ۽ شر آهھ ،
چون ٿا جنهن کي ماڻهو زر، سا جهيڙن جو سدا گهر آهھ .
61. دنيا فاني
نٿا حرص ۽ هوس وارا نظر ڪن ڪا پڄاڻيءَ تي ،
بنائن محل ۽ ماڙيون هوا جون ٿا سي پاڻيءَ تي؛
سُڃا سکڻا سمهن ڌرتيءَ ۾ جي ملڪن جا والي هئا،
سڪندر ويو جڏهن دنيا مان ٻئي هٿ اَن جا[13]
خالي هئا.
62. مسلمانن کي علم جي ترغيب
زمانو پيو اوهان کي هيئن پڪاري اي مسلمانو،
اشارو منهنجي گردش جو نھ سمجهو ڪوڙو ا فسانو ؛
ويا سي ڏينهن گذري هاءِ جڏهن انسان لاءِ جڳ ۾ ،
هنر ۽ علم هو زيور ، زنانو خواهھ مردانو ؛
آهي اڄ وقت سو آيو جنهين ۾ منحصر آهي،
عقل ۽ علم تي انسان جو خود اَب ۽ دانو؛
ضرورت علم جي هر ڪنهن هنر ۽ فن ۾ آهي اڄ ،
رهي آباد اَن کان رازي ۽ واڍي جو اڄ خانو ؛
نهاريو جيڏي تيڏي حڪم آهي علم جو جاري،
مٿان ساري خدائي ، علم هيٺان ان جو پيمانو[14].
63. هِت[15]
۽ هُت[16]
هنئي دنيا ۾ دل دلبر سان لاي جنهن جو جيءَ چاهي،
۽ ساڻس وصل هن دينا ۾ پائي جنهن جو جو جيءُ چاهي،
سِڪي ديدار کي سهڻي سڄڻ جي جيڪڏهن ڪوهت،
ڏسي هِتي حسن ان جو پڻ چتائي جنهن جو جي چاهي،
سهي هت صبر سان ڏک ڏوجهڙا محنت مصيبت سڀ،
سکن جو ڦل تڏهن هت جام[17]
کائي جنهن جو جي چيس،
هجي جي شوق ڪنهن کي هت سرفرازيءَ ۽ شاهيءَ جو،
نماڻو ٿي هِتي نت ڪنڌ نوائي جنهن جو جي چاهيءَ ،
گهري جي گنج هُت اڻ کٽ ته ملڪ ۽ مال هت پنهنجو،
خدا ڪارڻ خوشيءَ سان سو لٽائي جنهن جو جي چاهي،
هميشه جي حياتي جيڪڏهن ڪو مرد چاهي هت،
مري اڳ[18]
جان پنهنجي هِت هڪ جلائي جنهن جو جي چاهي،
هتي جا جنس پوکي ۽ سنڀالي، ڪڻڪ هوئي يا جو،
هٿين پنهنجي لڻي هت ۽ اپائي جنهن جو جيءَ چاهي،
ملڻ حق ساڻ هت منصور جان جنهن کي هجي منظور،
هت همت سان سوريءَ سر چڙهائي جنهن جو جيءُ چاهي،
جي گهرجي خير پنهنجو هت، ته ڇڏجي هِت وساري پاڻ،
ٻين جي خير لاءِ نت وکِ وڌائي جنهن جو جي چاهي،
” قليچ “ انجام ڏهه دنيا ۽ ستّر آخرت[19]
همّت آهه،
هتي ان سود لاءِ سودو هلائي جنهن جو جي چاهي.
64. ريل جي سواريءَ جي حقيقي معنيٰ
چڙهوائين ريل تي يارو عجائب هيءَ سواري آهه ،
اٿو وڃڻو جتي ات پڻ اوهان لاءِ انتظاري آهه،
هوا پاڻي مٽي ۽ باهه مان جوڙيائون هي انجن،
بدن جي هي بناوت روح جي هي رمز ساري آهه،
لنگهو در معر فت جو، سمجهو اسٽيشن کي ائين دنيا،
ٻرن ٿا لالٽن[20]
جنهن ۾، بتين جي جت بهاريءَ آهه،
حقيقت جون کڻي جهنڊيون ملائڪ نت پڪارن ٿا،
بيٺا دست بسته سڀ، حڪم حاڪم جو جاري آهه،
شريعت جي سڙڪ سِڌي ، طريقت جا سليپر ڏس،
سنوان وحدت جا سگنل ٿيا، چڙهيو هٿ هيڪواري آهه،
رکيو ٿو هن طرف ڪانٽو، ترازو عدل جو يارو،
تُري نيڪي بدي جنهن ۾ نڪا ڪا پاسداري آهه،
اٿو پاسنجرو ٿي تار جي ٽڪ ٽڪ خبر آئي،
اچي وڃي لائن ڪليئر ، هاڻي سفر جي سڀ تياري آهه،
ٻڌو ٿا جا اوهين سيٽي، سا اسرافيل[21]
جي ٿو ڦوڪ،
سفر جو سڏ اهو ٿيو، ۽ پريئون[22]
ان کي پڪاري آهه ،
ڪريو ڀاڙي جي ڪا ڳڻتي، هي سودو نقد بازيءَ جو ،
ٽري جو وقت ويو سر تان، تھ پوءِ بيهڻ بھ خواري آهھ ؛
کڙو آهھ موت جو بابو، ٽڪٽ هر ڪنهن کي بيٺو ڏئي،
وڄي پئي دمبدم گهنٽي ، عجب غفلت خماري آهه ؛
ملي جڏهن پاس يا ٽڪّٽ، کُليو گاڏيءَ جو دروازو ،
وِهوسمجهي ڪلاسن ۾، هي گاڏي درجي واري آهه ؛
اتاري[23]
ريل گاڏي نئي، جتي هر ڪنهڻ کي لهڻو ٿئي ،
وري وٺندا ٽڪٽ ساري، عجب هي راهداري آهه،
نھ هوندو جيڪڏ هن مقصود منزل تي ٽڪٽ ڪنهن وٽ،
تھ پڪڙيندس پوليس ان دم،جن اهڙي اختياري آهه،
هي آهي سير دينا جو، ڪري سو جنهن جو جي جي چاهي،
شرف عزت تي ناهي ڪي، فقط دولت جي ياري آهه،
ڪو ويو ملتان، ڪو لاهور، ڪو بمبئي وڃي پهچي،
جي قدرت آهي قادر جي، هي بازي هڪ نياري آهه،
قبر جي آخري منزل، اتي منڪر[24]
نڪير ايندا،
۽ پڇندا ڇا عمل آندئي، عمر جتي تو گذاري آهه،
ڇٽين جي ان هنڌان، تا وڃ مزا ڪر، ورنه اي احمق،
اُتي هڻندئي وڃي هاڃي ۾ جت توبهه ۽ زاري آهه،
” قليچا “ فڪر ان جو ڪر، جو ٿورا منٽ آهن باقي،
وٺج بلڙي جو هيءَ ڳنٺڙي گناهن جي به باري آهه ؛
65. مسلمانن ۽ عيسائين جي اعتقادن ۾ فرق
نصارا[25]
چئي ته آدم ٿيو گنهگار اصل کان پيدا،
چوي مسلم ته پيدا پاڪ ٿيو، پوءِ ڪيئن گنهگاري؛
نصارا چئي ته عيسيٰ پاڻ صدقو ٿي ڏني[26]
معافي،
چوي مسلم ته آدم ذات طاعت[27]
سان ڇٽي ساري.
|