833 . ماڻهوءَ جي اَندر ۾ چار عناصر
چار عنصر سڃاڻان جي پنهنجا،
حڪم جڳ تي هلايان هوند ويٺو،
مون ۾ آهي هوا، هَوسَ ۽ حرص،
باهه شهوت ٿِي ۽ حسد ۽ غصو.
پاڻي، عزت ۽ آبرو منهنجي،
خاڪ، آهي نياز، فخر وڏو.
پاڻ مان جي ڪڍي ڇڏيان آءُ هوا،
ته هوا ۾ سگهان اُڏامِي ٿو.
هلِي پاڻيءَ تي آءُ سگهان جيڪر.
جي وڃايان نه آب پاڻ سندو.
جي مٽي ٿيان، مٽِي ٿيڻ کان اڳي،
ته هجان پل ۾ عرش تي پهتو.
اگ پنهنجي اندر اُجهايان جي،
باهه، مون لاءِ باغ ٿئي عمدو.
834 . نسل تي شرافت ناهي
گرچه سرُڪو شراب جو ٿئي ڀاءُ ،
ته به حلال آهي، عيب اُن ۾ نه ڪو،
گرچه انگور ٿِي شراب جِي ماءَ،
ته به شراب اصل کان حرام ٿيو.
نار مان نور ٿئي ۽ نور مان نار.
هڪ بهشتي ۽ دوزخي ٿيو ٻيو.
دسو! پيءَ هو ’خليل‘ جو ’آزر‘،
۽ به ’ڪنعان‘، پٽ هو ’نوح’ سندو.
ٻئي پيغمبر وڏا خدا جا هئا.
پيءَ ۽ پُٽ ’هن‘ ۽ هنِ‘ جو ڪافر هو.
835 . اميد ۽ خوف، دين ۽ ايمان جا پير
دين جي واٽ لاءِ ٻه پير آهن،
هلجي ڪيئن اُت سواءِ ٻن پيرن؟
خوف هڪڙو ۽ ٻيو اميد تون ڄاڻ،
ٻئِي ايمان جا ٿيا اَهڃاڻ.
836 . آدم، اَسم آله
خير ۽ شر تون سمجهه حق طرفان.
اسم ۽ فعل، صرف تنهنجو تمام.
فعل جو طالب آهين اي آدم!
’اسم آله‘ جڳائي تنهنجو دم.
837 . رات کي ڏينهن ڪر
رات پنهنجيءِ کي ڪر ‘قليچ‘ ! تون ڏينهن،
شام روشن ته تنهنجي صبح جان هوئي.
سو سڀاڳو تون ڄاڻ عالم ۾،
رات جنهن جي سجائي ڏينهن کان هوئي.
838 . حد، اعتدال جي چڱي
”شاهدارو“ جو ڪم ڏئي ٿو شراب،
حد سندس ۾ جي اعتدال هجي.
زهر قاتل مگر اثر ۾ هوءِ .
حد کان وڌ پاڻي جي زلال هجي.
839 . هستيءَ ۽ نيستيءَ جو مقابلو
جسم ۽ جان هيءَ اَڌارا ٿيا،
جان ڪنهن ٻيءَ سان مون کي جيئرو رک.
نيستيءَ هنِ ۾ مون کي ڏي هستي.
هستي هيءَ ڪَکَ ۽ نيستي هوءِ لَک.
840 . قضا ۽ قدر جو فرق
ٻڌ قضا ۽ قدر جي وچ ۾ فرق
پهرين آهي قدر ۽ پوءِ قضا.
پهرين تقدير چئجي ٿِي آزلي،
ٻيو ڪري اُن پٺيان ٿو حڪم خدا.
841 . جهڙو خدا، تهڙو ماڻهو
جهڙو معبود، تهڙو هوئي عابد،
جهڙو خالق، هوئي خلق پڻ تهڙي،
جي هوُ عادل، ته هِي ٿين عادل،
جي هوُ ظالم، ته هِي ٿين ظلمي.
قوم هر ڪائي جوڙي پنهنجو خدا.
جا هلت هوُ رکي، رکن سا هي .
تن جا افعال، قول ۽ اخلاق،
هوندا جهڙا سندن خدا جا سڀئي.
چوء مون کي پنهنجي تون خدا جِي صفت ،
ته چوان تو کي آءُ صفت تنهنجي.
”جٿا ديو تٿا ڀڪت“ چيو ٿن،
اصل کان ايءَ پهاڪو ٿيو هندي.
842 . ريل گاڏيءَ جو مثال
ريل گاڏي مثال زال جو آهه ،
جنهن سان هڪ انجنيئر پرڻيو آهه .
زال سا ازدها يا راڪاسِڻ،
آهي ديون جِي ڌيءَ اُها ڏائڻ.
کاڌو اُن جو آڱر ۽ ڪاٺيون آهه ،
جنهن مان پيدا منجهس ٿئي ٿِي باهه .
باهه شهوت جِي ٿئيس جڏهين زور.
مڙس، پاڻي وجهي منجهس في الفور.
نڪري ٻاڦ اُن مان پوءِ منيءَ وانگي ،
پيٽ مان ٿِي پوي انهيءَ سانگي ،
سوُر ٿيس، سِگهو اُٿي ڊوڙي.
جاءِ ان سان نه پڻ سندي گهوڙي .
دانهون ، ڪوڪون ڪري ڀڃي ۽ بهي،
هر جگهه سا ٻچا ڄڻيندي رهي.
سڀ ڄڻي ٻار، ٿئي جڏهن هلڪي.
ٿان پنهنجي تي سااچي موٽي.
مڙس ساڻس لڳو وتي هردم،
اُن جي سک لاءِ سو ڪري هر ڪم .
ڊوڙندي، ماڻهو لک ڄڻيندي وڃي،
۽ ڪري پڻ قيون سان ڪڍندي وڃي.
جيئن ڪ ’يونس‘ نبي ڳهي وئي مڇي،
قي ڪري پوءِ ڇڏيئين انهيءَ کي ڪڍي.
843 . خدا جِوِ قهر ۽ مهِر
قهر تنهنجو مڇر کي ڏئي قوت،
ڪري نمرود کي ٿو دم ۾ ناس،
مِهر تنهنجي جي سرفرازي ڪري،
”ڪينئون، ايَّوب جو به کائي ماسِ.
844 . سڄن پيٽئون وڍيا، وڍين پيٽئون سڄا
”نوح“ جو پٽ رهيو شريرن سان،
خاندان اَن نبيءَ سندو چٽَ ٿيو .
ڪُتو ’اصحاب ڪهف‘ جو ڪي ڏينهن،
ويٺو نيڪن سان ۽ سو آدم ٿيو.
845 . پاڻ کي سڃاڻ
حال پنهنجي جِي جي خبر تون لهين،
نَخل اُميد جي مان ڦَرُ تون لهين ،
هردو عالم کان هڪ طرف ٿين تون ،
جڳ اندر، جڳ منجهان گذر تون لهين.
846 . عشق جو علم
عشق جو سُور ٿي عجب سُورت،
چار مصحف، سنديس هڪ آيت ناهه ،
’بوحينفه‘ نه درس اُن جو ڏنو،
’شافعي‘ وٽ سنديس حڪايت ناهه .
عشق جو ڳجهه نه ڄاڻي ڪجهه ’حنبل‘ ،
’مالڪ‘ آڏو سنديس روايت ناهه ،
847 . مرد کي مَحو ۽ بيخود ٿيڻ گهرجي
جتي مردن جي حال جو ٿيو مڪان،
معرفت گوءِ، علم ٿيو چو گان.
جيسين پير ۽ مٿي کي چاهين تون ،
واٽ وٺ پنهنجي، مرد ناهين تون.
جيسين ناهن ”ازل“، ”ابد“ هڪ جاءِ ،
تيسين بند آهي دَرُ، نه سو کڙڪاءِ.
848 . جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻِي
ڄاڻ دشمن ڪڏهن تون ڪين ذليل ،
جو مڇر، ماري پڻ وجهي ٿو فيِل.
” جهڙي ڪرڻي ۽ تهڙي ڀرڻي“ نِدان ،
نه ٻڏو ٿئي ”ڪَمَا تَدين نُدان“؟
849 . تارڪ جي صفت
دوست کان جيڪي ٿئي ٿو تنهنجو حجاب ،
وصل جي منهن تي سمجهه اُن کي نقاب.
مَر هجي شي سا ماڻڪِي اُک جِي ،
منجهه نظر تنهنجي هئڻ گهرجي بُري.
ڦاڙي ڪنڊو جي تنهنجو پيراهن ،
پر ڇڪي تنهنجي دوست ڏانهن دامن.
ته اُهو ڪنڊو سمجهه تون گلزار،
عين راحت، ٿيو سندس آزار.
850 . وصل جي معنيٰ فنا ٿيڻ
وصل دلبر جي ڪيئن لهين اي يار!؟
جو ڏسڻ سان انهيءَ جي ٿين بيجان.
ڪيئن پڇين ڏس انهيءَ جو تون ڪنهن کان؟
جو وجود اُن جي جو ٿيو نه نشان.
ڪڙو کڙڪائين ڪيئن سندس در جو؟
جيسين هوندين، ٿئي نه نڪري عيان.
851. دل جي حقيقت ۽ جسم سان لذّت
آهي دل هڪڙو باغ رُوحاني ،
ديوَ جي گهر َ کي سڏ نھ دل، جاني!
ماس جِي دل کي ڪينڪي دل چئو ،
پِڃرو ايءُ آهي دل جي طوطي جو .
ڪيڏي پڃرو ۽ ڪيڏ ي ٿيو طوطو ؟
هڪڙو بيجان جاندار ٻيو .
عقل جي رستي پَئي نھ دل جِي خبر ،
پاڻ کي ڇڏ، پَو ئِي نھ پاڻ مان ڪَر َ .
بيخوديءَ کان ٿئي ٿِي دل جئري،
نھ گهڻي علم ۽ هنر کان ٿي .
دل آهي شاهه ، تَن ُ سندس خرگاه ،
نانءُ خرگاهه جو ٺهي ڪيئن شاهه ؟
شاهه ٻيو، خيمو ۽ محل ٿيو ٻيو ،
خيمو ۽ محل ، مِلڪَ ٿيو ان جو .
دل ٿي دُلدل ، دسوار ان جو رب ُ ،
نھ ريا ۽ هَو َس جو سا مُرڪَب .
غير جو ڪچرو ، دل اڳيان ڪي ڪين،
نيڪ ، بد ان جي آڏو ڪجهه نھ، يقين !
852. سستي ۽ محنت جي ڀيٽ
خود پرستي ۽ ڪاهلي تون ڇڏ ،
آبرو پنهنجي ڇو نٿو ڄاڻين ؟
اک پَٽي ڏس ذرو جمال جلال،
ڪرتون محنت تھ موجون پيو ماڻين !
853. عشق، عجيب شي !
ڄاڻين ڇا، عشق ڪهڙي بازي آهه ؟
ان اندر ڪهڙي سرفرازي آهه ؟
عشق ۾ جنهن بھ کولِي اک پنهنجي ،
ويو ڦِري، جهرڪي ڄڻ تھ باز ٿِي پئِي .
854.خرابيءَ جو سبب
چئو تھ ڇو تُنهنجي حالت آهي خراب ؟
سمجهي اِن سوال جو مون کي ڏي جواب .
ڪر انهيءَ راز کان مون کي آگاهه،
تا دلاسو مليم ڪو دلخواهه.
لڳي ڪهڙي اٿئي پريشاني؟
ٿو رکين دل ۾ ڪهڙي حيراني ؟
855. رزق جو غم نھ کاءُ
رزق جو غم تون کائين ڇو ڏينهن رات ؟
جو ڪُتو ۽ ٻلو بھ اِيئن ٿو ڪري .
ٿورو کائي ”هما“، تڏهن ٿيو عزيز ،
ڪانگ، گهڻَ کائوُ ڌڪجي ٿئي ٿو پري.
856.آخر فنا
گرچھ جمشيد ٿين تون يا بهمن ،
پاڻ کي چئو نھ رستم ۽ تهمن[1]
.
ملڪ ۾ جيڪڏهن ضحاڪ[2]
تون ٿين ،
ياد رک يار ! نيٺ خاڪ تون ٿين .
نھ ٿيو ڪو مقام هن ۾ مقيم ،
نيٺ آيو مٿس اجل جو غنيم .
ڪيسين هت تون پڏائي پاڻ گهمين؟
هت جڏهن خاڪ هيٺ نيٺ سمهين.
857. نفس، ڪهڙي بلا آهي ؟
آهين ڪهڙي بلا، جو تنهنجي هٿان ،
کان پيو غم،ڇڏيان نھ تو کي مگر؟
تون بنا ڪيئن لهان آءٌ تنهنجو نشان ؟
ڇاڪريان، تون ڇڏين نھ منهنجي پَچَر ؟
نيڪ، بدسمجهان معرفت تنهنجي ،
پر تون چاهين ؟ پويم ڪا نھ خبر .
858.مرد جي نشاني
ڳالهه ٻڌ منهنجي ، هوئين جي دانيشور ،
وٺ نصيحت ۽ خيال ان تي ڌر.
مرد کي مرد ڪن جي ڏاڙهي مڇون ،
نھ ٻڪر ۽ ڪوئي کان ڪو بهتر .
859.حرف ۽ معنى جي نسبت
حرف، معنى جو آهي هڪ گوهر ،
اڳيان جاهل جي چئو نھ ، رهه خاموش !
لعل جو ملهه جواهري ڄاڻي ،
نھ پساري يا ٻيو ڪو پرزه فروش .
860.مشابهت يا مناسبت
تنهنجي منهن آڏو لالا ڇايا گلاب ؟
ڪک ۽ پن ڪيئن ٿئي انهيءَ جهڙو ؟
تنهنجي زلفن جو جڏهن اچي ٿو خيال ،
مشڪ جي ڳالهه کان آءٌ مشڪان ٿو .
861. سالڪ تارڪ
جيڪي سالڪ رکن نھ خر ۽ نھ بار ،
عشق جي تيغ سي ڪُٺا سوء وار .
ٿا گلن تي وسن ، ڪنڊن تي پڻ ،
جيئن بهاري ڪڪر ، ڪري وسڪار .
جهد سان نفس کي ڪيو تن تنگ ،
جو ٿيا حق کان بهر ه ور هر بار.
سيئي درگاهه ۾ خدا جي ٿيا ،
خاص دربان ، نائب ۽ ڪوٽار .
862.خلق جي پسندي، اجائي
مرد مقبول ٿئي جو خلق اڳيان ،
تنهن کي مطلق نھ آهي هوش، خِر َد .
جي حقيقت جي هوءِ خبر تو کي،
سو خدا آڏو آهي بيشڪ رَد .
863. دنيا جي بخشش اجائي
عشق جي واٽ ۾ ٿي مردانو ،
نھ تھ وڃي پن ُ گدا ٿِي بي مانو .
اهل دنيا جي ڇا ڪجي بخشش ؟
نھ تھ اچي ان مان تو کي ڪا لغزش .
864.اَنڌو ۽ ٻوڙو ڪير آهي ؟
انڌو ۽ ٻوڙو سو ، جو منجهه دنيا ،
نھ ٻُڌي، نا ٻُڌائي هيءَ معنى .
وصف اُن جي ٿِي منجهه ڪلام الله ،
”اَن ّ شَر ّ لد و ّاب ّ عِندالله“ .
865.عشق ۾ نيست ٿيڻ ضرور
عشق ۾ هو قدم هلين جي غلط،
تنهنجي نالي مٿئون ڪڍن هُت خط .
جيسين تنهنجو نشان ڪين ٿئي گم ،
ڪيئن تون ڄاڻين تھ ڇاهي هُو َ مَعڪُم ؟
866.روشندليءَ جو الهام
جيڪي ڪم، بيش مون اڳيان آيو ،
اُن جي روشندليءَ کان پيم خبر .
منهنجي دل ٿي سڀن جي محرم راز ،
ڄڻ اها جبر ئيل هِئِي مهتر .
867. جبل جو احوال
منهنجو مشڪل قصو، پڇين ڇا ٿو ؟
درد دل ۾ وڌيو، پڇين ڇا ٿو ؟
رت ڄمي، ٿِي پيو جگر ۾ لعل ،
ڪجهه نھ حاصل ٿيو ، پڇين ڇا ٿو ؟
موتي ڳولين تھ وڃ سمنڊ ڏي تون ؟
مون ڪنارو جهليو ، پڇين ڇا ٿو ؟
868.حرص ۽ طمع جو اثر
هئا سڀئي حرص ۽ هَوَس ۾ لڳل ،
لالچ ۽ طمع ري نھ پي تن ڪَل .
دائي جي لاءِ هر ڪو پئي منجهه دام ،
گندگيءَ جي مٿان اچين آرام .
منجهه هوا ۽ هَو َس مٿي سي چڙهن ،
طمع جي کڏ ۾ هيٺ اُُونڌا ڪِرن .
869.عشق، پرولي ناهي
عشق جي ڳالهه ڪا پرولي ناهه ،
نھ انهيءَ کي مٿو ، نھ ڪو پير آهه .
جي نھ سمجهين يا ڄاڻين تا ڇاهي ؟
چئو تھ تڪڙو ٿِي هيءَ خطا آهي .
870. عشق ۾ هٿ ۽ دل خالي هئڻ گهرجن
نھ ڪرين جيسين هٿ ۽ دل خالي،
عشق جِي ڪين تون سِکين چالي .
جي اَچئِي دل ۾ ڪِي تھ ٿين تون ملول ،
جي اچئي هٿ ۾ ڪِي تھ ٿين فضول .
درد سڀ تنهنجو ٿئي جي تو مان عيان،
گم ڪرين ڇو نھ پاڻ کي وچ مان ؟
نُنهن مليا تو کي تا مٿو تون کنهين ،
نُنهن وڏا تڏهن شينهن جان ڇو رکين ؟
871 . مطلوب نيٺ طالب ٿئي
تازو ڄاول ٻچو بَد َڪ جو هجي ،
تھ بھ ندي ان کي ٿِي اُرهه تي اَچي .
جنهن کي چاهيان ٿو آءٌ، اُهو آءٌ ٿيان ،
جو مون کي چاهي ٿو، اُهو ”آءٌ“ ٿئي .
تار پاڻيءَ ۾ سو ڊُڪي ڊوڙي ،
پاڻي لوڙهي نه ان کي يا ٻوڙي.
آرسيءَ ۾ هجي نھ شي ڪا ٻي ،
يا هجان آءٌ يا دوست منهنجو هجي .
872 .وڏائي نھ ڪر
پنهنجو ڪم ٿو چوين ، ڪرامات آهه ،
۽صفت پنهنجي چَئِين، مناجات آهه .
نفس جي ڳالهه کي سڏين حالات ،
جسم جي ڳڻتي چَئِين، مقامات آهه.
خلق کي رنج ڪين ڪر ، جو خدا ،
”عالِم السّرو الخفيّات“ آهه .
873.علم لدنّي يا يزداني
علم جنهن جو ٿيو گوءِ ۽ چوگان ،
سو نھ چئبو تھ مرد مَيدان آهه .
مَي جي نشّي جِي ان کي ڪهڙي خبر ؟
مَي جي نالي کان جو گُريزان آهه .
874.يار ، سک ۽ ڏک جا
کاءُ غم اُن جو ، جو ٿئي غم جو يار،
جڳ ۾ پر اهڙو يار ٿئي دشوار .
يار ڏک جو هزار مان ٿئي هڪ ،
يار َ سک جا لڀن هزارين هزار .
875. عارف ، دل جي اکين وارو
عارف آهي جو حق شناس ادا !
گهرجي تنهن کي تھ کولي اک هرجا .
ڏسندو جت ڪٿ اُهو خدا جو جمال ،
رهي منجهه عشق اُن جي مَحو، ڪمال .
دل جي اک سان دوست ڏانهن پيو ڏسي ،
اُن جي مُنهن ري، نھ پاڻ کي ٿو ڏسي .
رهين ڇو ٿو حجاب جي اندر ؟
سڀ ڀڃي. اُن منجهان تون ڪڍ گوهر .
876 .وار اَڇا ۽ دل ڪاري
ٻڌ تون اَي پير مرد، ڪار آگاهه !
حال پنهنجي تي ڇو ڪرين نھ نگاهه ؟
وار تنهنجا سفيد اگرچھ ٿيا ،
ڇو سندءِ دل ٿِي ڪانگ جهڙي سياهه ؟
877 .هٺ جي شڪايت
ٿِي سگهي جيسين ، ڪو بھ هٺ نھ ڪري،
جو هٺيلي کي ڪجهه نھ حاصل ٿئي.
جي تون ڪِبر ۽ ر ِيا ادا ! نھ رکين ،
خاص درگاهه ڪبريا جِي تون ٿين .
878.بدڪار، هميشه بدي چاهيندو
جيڪو بدڪار آهي يا بدخواهه ،
ري بديءَ، ڪِي بھ پنهنجي لاءِ نھ ڌ ُڻي ،
ٻئي جي نقصان مان نھ پائي نفعو ،
”جَوَ پوکي، سو ڪڻڪ ڪيئن لُڻي؟ “
(20) بحرح سريع مطوي مسدّس
مفتعلن مفتعلن فاعلن
879.اَندر صاف ڪريو (انجيل مان)
هڪ دفعي ماڻهن کي يسوع هيئن چيو؛
آءٌ جا چوان ٿو، سا حقيقت ٻڌو.
ٻاهرين ڪا شي جا اندر ٿِي وڃي،
مُور نھ ناپاڪ ٿِي ڪنهن کي ڪري.
ٿي ڪري ناپاڪ بھ ماڻهوءَ کي سا،
اَندران، ٻاهر وڃي ماڻهوءَ مان جا.
کاڌي ۽ پيتي جون شيون جي اچن،
وات ۾ پَئِي، پيٽ مان نڪري وڃن.
دل ۾ انهن جو نھ اثر ٿو ٿئي،
جسم منجهان تِن جو گذر ٿو ٿئي.
وات اسان جي مان جي نڪرن سخن،
جاءِ انهن جي ٿي اندر دل ۽ من.
ڳالهيون جي ٿيون دل منجهان نڪرن ٻهر،
ڪن ٿيون سي ناپاڪ اسان کي مگر.
ڪوڙ، ڪپت،ڪفر، ڪساک ۽ حرام،
سي ئي پليتيءَ جو سبب ٿيون مدام.
کاڌو ۽ پيتو نھ ڪري ٿو پليت،
اُن ڪري ماڻهو بھ آهي مثل جيت.
پاڪ رهي ٿو جنهين ماڻهو جو مَنُ،
مُور نھ ناپاڪ ٿئي اُن جو تَن ُ.
هٿ ڌوئِي، کاڌو نھ جنهين، ڇا ٿيو؟
دل ڌوئِي، ڳالهايو جنهين، مرد سو.
سي ئي سڀاڳا، جي رکن دل ٿا صاف،
سي ئي ڏسن حق کي، سندن ڏوهه معاف.
880.يڪدليءَ جي تعريف
حاصل ٿي جڳ ۾ سدا يڪدلي،
۽ ٻھ ِ د ِلِي نِت آهي بيحاصلي .
پستو اندر ۾ ٿو رکي مغز هيڪ ،
۽ ٻَھ رکي مغز ٿو بادام ليڪ .
ڌڪ َ جو ڪو ايذا نھ ٿو هُن کي رسي ،
هيءُ ٿو پهڻ تي بھ پهڻ سان ڀَڄي .
داڻا گهڻا سنگ ۾ ٿيا ڪڻڪ جا ،
سڀني جي سر تي ٿيا سوُئا اُڀا .
باغ ۾ ڏس مکري سدا يڪدل آهه ،
اُن ڪري ڪا تيغ رکيل اُن تي ناهه .
881.زر کي خطاب
رنگ سندءِ نت آهي اي زر صفا ،
جيسين نھ پگهر ِين، نھ ٿيئي ڪا بَها .
کاڻ جِي ڪوٺي هئي اڳي تنهنجي جاءِ ،
هاڻ بھ ڪو ٺاري اچِي تون وساءِ .
882.يڪجهتيءَ جي تعريف
قبلئھ مقصود فقط هڪڙو آهه،
قصد ڪندڙ اُن جو، دوئيءَ وارو ناهه،
شرط، طلب اُن جو، دوئيءَ جو ٿيو ترڪ ،
هڪ ڏي ڪرڻ مُنهن آهي طالب جو مَرڪ .
يڪجهتي، نِت آهي فرخندگي ،
ٻن ڏي ڪرڻ مُنهن ٿِي پراگندگي .
مَن گهريو ميوو نھ ڪڏهن ڏئي درخت ،
جيسين کُتل پاڙ سنديس ٿئي نھ سخت .
883.عاشق، ۽ نھ عاشق ۾ فرق
جي نھ هَو َس دل رکي گلزار جو،
قدر نھ ٿئي بلبل بيمار جو .
جا ڪري فريادون پيئِي صبح شام ،
اُن کي ڏئي بوءِ ٿو گل منجهه مَشام .
884.سَوَڙ آهر پير ڊگهير
جيڪي پُڄي تو کان، نھ ڏس اُن ڏي تون ،
جسم، ڇو ڄاڻين ادا ! پاڇي کي تون .
گرچھ براهيم تون ٿين ڪنهن بھ وير ،
پير سَوَڙ آهر پنهنجا ڊگهير .
۽ جي زماني جو ٿين موسى تون حال،
پنهنجو گڏهه ، پنهنجي تون سونٽي سنڀال .
آئيني ڏسندي، تون ڏسين نور جي ،
سمجهه نھ ، مُنهن مان ٿو اچي تو سندي .
885.اميد ۽ نااميدي
بيخبرن پوکيو اُميدن جو اُٻِج ،
تن بھ کنيو ڦَر ُ نو اُميديءَ جو نِج .
عمل جو کڻ بُجڪو، جو تاجر ٿئين ،
آئين هتي، موٽي مسافر ٿئين .
886.غفلت جِي گهاٽِي ننڊ
کول اکيون، ڏس ادا ! تون پنهنجو حال ،
ننڊّ ڳري پيش اَٿئِي يعني ڪال .
ڏينهن وڃئي کاڌي ۽ پيتي اندر ،
رات ڪَٽين ننڊ۾، جيئن جانور .
آهين مسافر ۽ سمهين واٽ تي ،
رهجي وڃين ، قافلو جي ويو پَري .
قافلو ويو ، ننڊ ۾ پيو آهين مست ،
نشّي کان بيخود رهئين، ٿِي مي پرست .
887.پيءُ ۽ ڏاڏو ڇڏي ، پاڻ تي ڀاڙ
ڪر ادا ! ظاهر تون هنر پنهنجي کي ،
ڀاڙ هنر تي نھ تون پيءُ ڏاڏي جي .
جيئرو نھ رهه پاڻ ، مُئَن جي هٿان ،
جيئرا تون ڪر پنهنجا مُئا پاڻ کان
(21)
بحر سريع
مفتعلن فاعلن مفتعلن فاعلن
(1) عمدو عيوض
مَستُ ڪيم جي نھ ميء، چُپ تھ اٿم يار جو ،
ميء ڪڙي جي ناهي آهه شربت ديدار جو ؛
منهنجو عجب گل جو آهه ، ناهي تنهن کي رنگ بُو ،
نھ تھ آهي گل سُرخ زرد سڀ ڪنهين گلزار جو .
(2) خدا تعالى جي تعريف
سڀڪجهه تون، ڇاچوان، سڀ هنڌ کان پاڪ تون ،
تنهنجو مڪان لامڪان، اعلى کان ادراڪ تون ،
ڏئي نھ سگهي ڪو بيان، مبتدي يا منتهي ،
وارين زمين ۽ زمان ۽ ڀرين افلاڪ تون .
|