سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :26

 

497 . اسماء حسني ۾ فرق

رحمان ۽ رحيم جي معنيٰ جو فرق ٻڌ،
ٻئي مهربان، ٻنهي ۾ ته موجود رحم ٿيو.
رحمان، مستحق کي ڏئي، جو ڪري سوال،
حق ڏي، ڏسي رحيم نه، ڏئي سڀ کي اڻ پڇيو.
تيئن آهي رب روُف، شفيق ۽ لطيف پڻ،
نرمي ۽ مهرباني، جزو ٿيو ٽنهي سندو.
ليڪن روُف عام ٿيو ٻانهن تي مهربان،
ٿئي لطف دوزخين تي به، پر رحم ٿئي نه ڪو.
گڏ ٿئي غضب مان لطف، مگر رحم ڪين ٿئي.
ڏئي ٿو سزا گناهه جِي، پر گهٽ ڪري اهو.
بيمار کي وڍي ۽ چٽائي ٿو جئن طبيب،
خاوند تيئن لطيف و شفيق آهي خلق جو.
جيئن ماءَ، پيءَ طبيعي، رهن ٻار تي شفيق،
حق تن کان وڌ شفيق ٿيو، ٻانهن جو ڀر جهلو.
سوئي طبيب، سوئي حبيب آهي جڳ اندر،
سوئي قريب خلق جو ۽ پڻ مُجيب سو.

 

498 . يقين کان شڪ چڱو

شڪ ۾ رهڻ چڱو آهي جڳ ۾ يقين کان،
جاهل ۽ بُلهه، عالم و عاقل کان خوش رهي.
معنيٰ يقين جي آهي قرآن ۾ ٿِي موت،
ڪو ان يقيني موت سان دنيا ۾ ڪيئن جئي؟
جاهل کي ٿيو مباح، جو عالم کي ٿيو حرام،
عالِم گناهگار هتي نِت ڏکيو هجي.
ٿئي بلهه بيوقوف تي دنيا ۾ گرچ کِل،
پر آخرت ۾ بُلهه ٿو جنّت اندر گهڙي.

 

499 . يا خدا، بي خلق ۽ بي نفس

رهه اهڙو تون خدا سان جو ڄڻ خلق ناهي ڪا،
رهه خلق سان تون اهڙو جو ڄڻ نفس ڪو نه آٿئي.
بي خلق يا خدا جي رهين، واصل ان سان ٿين،
بي نفس خلق سان جي رهين ٿين تون متقّي.
خلوت ۾ انجمن ڏسين، ٿئي جهِل تنهنجو علم،
ٿئي ماٺ ذڪر تنهنجو ۽ ٿئي بُعد، قرب ڀي.

 

500 . موت، خاص ۽ عام

عا من جو موت عام ٿيو، موت ظاهري،

سڪته غشِي ۽ غيبت هڪ لحظي جِي هئڻ.

پنڪي اَها يا ننڊ ٿي حقيقت ۾ موت سو،

جاڳڻ انهيءَ کان پوءِ، مرڻ سو نه، پر جيڻ.

خاصن جوموت خاص ٿيو، ابدي حياتي سو،

کان خلق ۽ ارادي ۽ اختيار ٿيو مرڻ.

آرام ڪلّي، معرفت ۽ حق جي قرب تي،

جيئري مرڻ اهو ٿيو يا جاڳندي سمهڻ.

 

501 . سڪائوٽي راڳ

سڪاوءٽي متو، هر دم رهو تيار، نهاريو نظر ڪري.
1. اسڪائوٽ ٿيو ته حڪم ٻڌو ڌيان آئين ڌري،
هشياءُ ٿيو ته وارو اوهان جو سگهو وري.
کولي اکيون هلو۽ ڏسو اوري ۽ پري،
تاڪيد سان چوان ٿو، اوهان کي ذري ذري؛
واهر جتي کپي، هلو اوڏي قدم ڀري،
هر دم رهو تيار، نهاريو نظر ڪري.
(2) اسڪائوٽ ٿيو ته کوليو اکيون ۽ رهو تيار،
خوش خلق نت رهو ۽ سڀن سان رکو پيار.
عزت بچايو، هٿ ڪريو اَئين جڳ جو اعتبار،
هر ڪنهن جو گهرج ويل ڪريو ڊوڙي ڪم ڪار.
تعليم پاڻ کي ڏيو اِن جي هري هري،
هر دم رهو تيار، نهاريو نظر ڪري.
(3) اسڪائوٽ ٿيو ته پوري طرح پاڪ آئين جيو،
پرهيز ۾ رهو، نه گهڻو کائو ۽ پيو،
مظلوم ۽ ضعيف جا حامي اوهين ٿيو،
جيڪو مدد گهريو، انهيءَ کي مدد ڏيو،
سڀڪو دعا ڪريو، هنِيون سڀ جو نت ٺري،
هر دم رهو تيار، نهاريو نظر ڪري.
(4) اسڪائوٽ ٿيو ته سڀ سان رکو پنهنجي ڀائپي،
هر ڪنهن کي ڪم اچو، هجي انسان هڪڙو ڀي،
انسان تا ٺهيو، هجي حيوان يا پکي،
ان کي بچايو اهنج ۽ ايذاءُ کان ڀلي،
ٿيو فرض اوهان تي رحم، ڪريو تن تي جيئن سرَي،
هر دم رهو تيار، نهاريو نظر ڪري.
(5) اسڪائوٽ ٿيو ته نت رهو پهري تي باخبر،
ورزش سان تندرست رهو بت ۾ ٿيو سَٻرَ؛
همّت، بهادري سکو، تجويز ۽ هنر،
گهر ۾ ڪمائتا ٿيو، پڻ منجهه شهر۽ بَر.
جي چاهيو، اُن جو واعدو سڄي ديس سان پرَي.
هر دم رهو تيار، نهاريو نظر ڪري.
(6) اسڪائوٽ ٿيو ته پنهنجي ڪمر ۽ سَمر ٻڌو،
ٽوپيون، جتيون سنڀالي، کڻو ۽ لَٽا ڍڪيو،
اوزار ۽ هٿيار، لٺيون ٿيلها هٿ ڪريو،
۽ حڪم تي قطارون ٻڌي، سڀ اُٿي هلو.
ڏيرج ڪريو، تڪڙ ڇڏيونه ته آن جو ڪم کري.
هر دم رهو تيار، نهاريو، نظر ڪري.
(7) اِسڪائوت ٿيو ته جڳ ۾ رهو باحيا سدا،
پيءُ، ماءُ، بادشهه سان ٿيو با وفا سدا،
فرمان بالا دست جو آڻيون بجا سدا،
۽ عام خلق سان رکو صلح ۽ صفا سدا.
آفت ۽ ڏک، جي ڀانيو ته نِت ملڪ تان ٽري،
هر دم رهو تيار، نهاريو نظر ڪري.
(8) اسڪائوٽ ٿيو ته چوڪرو! ائين نت رهو سڄاڳ،
گهرجي مدد جتي به هجي سو اوهان جو ماڳ،
چڙ ۽ غصي، خفي کي ڏيو ڏيل مان ڏهاڳ.
ٻئي جو ڀلو سدائين گهرو تا لڳيو ڀاڳ،
ڪوشش ڪريو ته هر ڪو بچي، ڪو نه ڪو مري.
هر دم رهو تيار، نهاريو نظر ڪري.
(9) اسڪائوٽ ٿيو ته ڳالهه مڃو ائين ”قليچ“ جي،
بيهڻ، هلڻ لڪڻ اوهين قابل ٿيو سکي،
دشمن سان پنهنجي مروڙهو، پر جيئن وڃو بچي.
واهر جي لاءِ پئو وڃي پاڻيءَ ۾ جيئن مڇي،
ڪاهي وڃو پتنگ جان“ جت باهه پئي ٻري.
هر دم رهو تيار، نهاريو نظر ڪري.

 

502 . ايمان جو ڪمال

ايمان جو ڪمال ٿيو ’اقرار باللَّسان‘،

تصديق دل ۽ جان سان، ارڪان تي عمل.

اقرار ري ٿيو ڪفر ۽ تصديق ري نفاق،

جنهن کي عمل نه آهي، سو فاسق ٿيو منجهه ازل.

 

503 . خطبو..ڀاڱو ٻيو..جمعي ۽ عيد نماز جو

تعريف آهي اُن جي جو جڳ جو اُپاڻهار.
توبهه ڪري قبول ۽ بخشي گناهگار.
حلِم ۽ ڪرم سبب سو غفور ۽ رحيم آهه ،
رحمت غضب کان جنهن جي زيادهه ٿِي آشڪار.
وسعت کان وڌ ڪينهن کي نه تڪليف سو ڏئي،
بخشش جو سو ڌڻي ۽ سخا لاءِ سدا تيار.
ڄاڻون ٿا پوءِ رسول محمد، سندس حبيب،
امّت جو سو شفيع ۽ عالم جو تنهن تي بار.
تنهن مرسلن جي سيدَّ ۽ ان جي آل تي،
صلواته ۽ سلام خدا جا هجن هزار.
حڪمت ۽ وعظ سان سي سنئين واٽ ڏي سڏين ،
توبهه سيکاري، ڪن ٿا گناهن کان رستگار.
فرمايو پاڻ رب: وڃي تائب بهشت ۾،
رحمت ۾ منهنجي هر ڪو رهي نت اميدوار،
محڪم جهليو قرآن، نبيءَ تي پڙهو صلواته،
حق ۽ ملائڪن کي به ان جِي آهي پچار.
پهرين محّمڊ، عربيءَ تي صلواته چئو،
موليٰ عليءَ تي پوءِ، سندس جو وصي ۽ يار.
پوءِ فاطمه بتول تي، خيرالنسا جا آهه ،
پوءِ چئو حسن تي، جي تن جا نيڻ ٺار.
زين العبا تي باقر، جعفر تي پڻ چئو،
ڪاظم، رضا، نقي، ۽ تقي، پوءِ ڪريو شمار.
پوءِ عسڪري ۽ مهدي، صاحب زمان تي،
پيدا ڪري سو جلد اسان کي ڌڻي! ڏيکار.
”عشره ميشره“ مٿي پڻ چئو اوهين سلام،
اصحاب جي رسول جا ۽ يار سڀ سچار.
حاڪم جي مومنن جا ، تون توفيق ڏي تنهي،
درجو وڌائي تن جو،  سندن بخت تون سنوار.
لائق جو تنهنجو آهي، اسان مان سو ڪر ڌڻي!
لائق اسان جو آهي، تنهن ڏي نه تون نهار.
ڪيو اَمر آهي عدل ۽ احسان جو خدا.
ڪئي منع تنهن گناهه کان ۽ ٻِي بديءَ  جِي ڪار.
يارو ! خدا اوهان کي نصيحت ڪري ٿو نيڪ،
تنهن تي هلو هتي ته سلامت لنگهو آئين پار.

 

504 . موسيٰ جي پيغمبري اوچتي

موسيٰ، ڌڻار وادي، ايمن جو هو اول،
پوءِ ورهه ڪيترا ڪيئين خدمت شعيب جي.
ٽانڊي کڻڻ جي لاءِ ويو پوءِ ٿي طور ڏي،
قسمت سان اوچتِي ملِي تنهن کي پيمبري.

 

505 . حضرت محمد جي تعريف

حق جو رسول ڄاڻون محمد، سندس حبيب،
امت جو سو شفيع ۽ عالم جو تنهن تي بار.
تنهن مرسلن جي سيد ۽ ان جي آل تي.
صلواته ۽ سلام خدا جا هجن هزار.

 

506 . سليمان، ڪيوليءَ جو مهمان

هڪڙي ٻڍي جي در تي اچي شاهه جي ويهي،
آي زر ۽ زور وارو! حسد ان کي ڇو ٿئي؟
ڇو جڳ ۾ هُل حشر پوي، حيران سڀ ٿين؟
مهمان ڪيوليءَ جو سليمان جي ٿئي.

 

507 . نماڻي جو عرض

اي تون! جو ماهتاب به آهين ۽ آفتاب ،
هن پنهنجي ذري کي تون نوازي ڏي اَب وتاب.
مهمان پنهنجو تو کي ڪري ڪين ٿو سگهان.
تون گنج آهين، دل ٿي خرابو سندم خراب.

 

(14) بحر مجتث مقصور محذوف

مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلات

 

508 . خدا کان دعا

ڍڪج تون رحم جي دامان ۾ گناهن کي،

اِلاهي تو کي غفور ۽ رحيم چئجي ٿو.

اسان جا ڏوهه ڏسِي، ڪر اسان کي خوار نه تون.

ڪرم سان بخش، جو تو کي ڪريم چئجي ٿو.

 

509 . ڏسجي ته ڇا ٿئي؟

ڌڻيو ته دل ۾ مون دلدار، ڏسجي تا ڇا ٿئي؟

ڳچيءَ ۾ پنهنجي وڌم هار، ڏسجي تا ڇا ٿئي.؟

اميدون دل ۾ ته آهن لکين، هزارين اڄ،

سڀاڻي غيب مان اظهار، ڏسجي تا ڇا ٿئي؟

 

510 . چغليءَ جي عادت خراب

خبر اَٿئي ته خراب آهي ڇو هڻڻ چغلي؟

چغل کي نت ٿئي جٺ ڦٽ، سڏيس جڳ چنڊال.

اَهو اڱر، جو پوي ٿو حقي جي ٽوپيءَ ۾،

چغل انهيءَ کي چون ٿا، ڏسو چغل جو حال،

مٿانس ٽانڊا ٻرن ٿا، ۽ منهن اٿس ڪارو،

ڪري خدا ڪنهين دشمن کي پڻ نه آهڙو شال!

 

511 . قريش لفظ جو اصل ۽ معنيٰ

قريش، اصل عرب ۾ صغير قرش جو آهه ،

۽ قرش آهي مگر مڇ، جو ٻيون مڇيون کائي.

عرب جي سڀني قبيلن مان هو قريش وڏو.

سنڀال ڪعبي جِي اُن جي ذمي ڇڏيون لائي.

نبي اُنهيءَ مان هو. تنهن لاءِ ٿيو وڌيڪ شريف،

۽ جڳ اڃا تائين سڀ ڳڻ انهيءَ جا پيو ڳائي.

لڪِن انهيءَ ۾ ٿا ڪمذات هند، سنڌ جا سڀ،

سيد سڏي ڪو، قريشي ڪو پاڻ کي چائي.

 

512 . طُفيل لفظ جي اصل ۽ معنيٰ

ٻڌايان توکي، چوڻ ۾ اچي جو لفظ ’طفيل‘ ،

سو اصل شخص عرب هو، لڳو جنهين کي ويلَ.

جتي ڪٿي اُهو هوندو هو اَڻ سڏيو مهمان.

لڳي ٻين جي پٺيان ويندو هو وڃائي مان‘.

۽ چوندو هو ته ڏني ڪنهن نه جي مون کي دعوت،

ته ان جي طرفان ڏيان پاڻ، پاڻ کي البته،

گمان آهي، ويوسانس ڀل کان آءُ وسري.

يا اُن جي سڏ نه رسيو،گهر مان آءُ ويس نڪري

يا اُولهي نه سگهيو مون کي، پي رليو مون لاءِ ،

وڃان آءُ ڇو ته ڀري پير پاڻ ان جي جاءِ ؟

انهيءَ طرح ٿيا طفيلي، طفيل وٽ منّظور،

سي مفت خور ٿا سڏجن جهان ۾ مشهور.

۽ معنيٰ طفل جي ٿِي، ڏينهن پويان رات اچڻ،

۽ طفيل ٻار ٿيو، جنهن کي وڏو ٿو چاهي کڻڻ.

طفيل، اسم صغير ان جو آهي ايئن اصلي،

اهو ٿيو لفط ۽ معنيٰ ۽ اصطلاح عربي.

 

513 . هميشه جي حياتي حاصل ڪريو (انجيل مان)

يسوع، هڪڙي ڏهاڙي وٺيو ٿي واٽ ويو.

ته هڪڙي شخص ٻڌي هٿ انهيءَ کي عرض ڪيو:

ته سائين! مون کي سڻايو! جو آءُ آهيان جاهل،

هميشگيءَ جي حياتي آءُ ڪيئن ڪريان حاصل؟

يسوع ورندي ڏنيس: حڪم حق جا جي آهن،

سي ڄاڻين تون ٿو،انهن تي تون هل، وسار نه تن.

تڏهن انهيءَ چيو: ننڊپڻ کان ٿو هلان تن تي،

ڪمي جا مون ۾ هجي، سا ٻڌايوائين مون کي؟

چيو يسوع، گهڻي پيار مان : هي آهي ڪمي،

لڪائي موڙي رکيئي جا، سا ڏي ٻين کي وڃي.

ته ان مان گهرج به محتاج ۽ غريب پلين.

عوض ۾ تو کي خزانو سچو سڏي هُت ڏين.

لڳي سا مال لٽائڻ جِي ڳالهه ان کي ڳِري ،

هو آيو جهرو اتي، موٽي گهر ويو سو وري.

ڏسي جي حال مريدن جو چيو يسوع هن پر:

ته مال سان جو محبت رکي ٿو دل اندر.

انهيءَ جو راڄ ۾ خداوند جي ٿيو اوُکو وڃڻ،

سئي جي پاکي مان سولو ٿيو اُٺن جو لنگهڻ.

وري پڇڻ ٿيا شاگرد: جي اهو ٿيو حال.

ته ڇوٽڪارو ملڻ خلق  لاءِ آهي محال.

چيو يسوع: ڪريو فڪر ڪو نه اَي لوڪو!

لڳي جو خلق کي اوکو، سو حق کي ٿيو سوُکو.

مريد هڪڙي تڏهن عرض ڪيو ته اي سائين!

ڪيو سين ترڪ سڀئي مال، ملِڪ گهر تائين.

لڳا اوهان جي پٺيان آهيون چوٽڪاري لاءِ ،

هميشگي جي حياتي تڏهن اسان کي جڳاءِ ،

يسوع ورندي ڏئي چيو ته ڪيو يقين اوهان.

۽ سڀڪي ترڪ ڪري، آئين لڳو جي منهنجي پٺيان

ته گرچ هت کڻو تڪيلفيون ۽ سهو هت ڏک ،

سئوڻو اَجر ملِي ان کي هُت ۽ ڀوڳيو سک.

 

514 . قضا يا تقدير جو سبب

قضا جي حڪم سان ويچارو ڪو بلا کان ڀڳو ،

چيو ملن ته فلاڻو آهي قضا کان ڀڳو،

قضا کان ڪير ڀڄي ٿو سگهي، ڪريو ڪو قياس،

ٿي واڳ هٿ ۾ قضا جي، ڪو ڪنهن به جا کان ڀڳو؟

جي ناهي هڪڙي سبب کان گذر سبب ٻئي ڏي.

نبي، مڪي کان مديني ڏي چوُ ته ڇا کان ڀڳو؟

سبب گهڻا ٿيا، حق ٿيو مسبب الاسباب،

ڀڳو جو ئي، سو خدا ڏي ڀڳو ، خدا کان ڀڳو.

 

515 . حلال به، حرام به

ڏسڻ ثواب اهي سهڻن جو ، پر نه شهوت سان،

شراب ۾ پئي ڳڙ، ٿئي حلال مان ٿو حرام.

نمڪ خلالي ڪري عيبدار کي ٿِي چڱو،

شراب، لوڻ سان ٿئي ٿو حلال، هو جو حرام.

 

516 . ترار ۽ زبان جو مقابلو

ترار آهي چڱي، پر زبان جي نه ترار،

ترار ۾ آهي پاڻ، زبان ۾ آهي باهه.

ڦٽي هو ٿورو، ڦٽي هيءَ گهڻو ۽ ساڙي پڻ،

ٿو زخم هن جو ڇٽي، هن جو زخم ڇٽندڙ ناهه.

 

517 . پير ۽ مريد جو پاڻ ۾ واسطو

طمع، مريد رکي پير ۾ ٿو عقبيٰ جي.

انهيءَ سبب پوي پيرين ۽ نذر نياز ڏئي.

مريد ۾ ٿو رکي طمع پير دنيا جي،

سو کائي ان جي ٿو دعوت ۽ ان کان ڏن وٺي.

ڀريل مريد جا هٿ ٿيا حرام ۾ گويا.

ڀريل حلال ۾ ٿيا پيِر جا خيال ڪري.

چنُمن چٽين، سي هڪٻئي جا هٿ مريد ۽ پِير،

حلال پهريون ٿي کائي، حرام ٻيو کائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org