سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :20

 

251.مائٽ ۽ اولاد جو مثال

چيو ميوي کي پنهنجي هڪڙي وڻ هيئن :

تھ منهنجي لئھ ٽڙيون مکريون ۽ گل ڪيئن ؟

پڇي ٿئين راس تون مون مان اي دلبر  !

ڪچو آءُ ٿو رهان، ٿَم حال آبتر .

اهو مائٽ  جو ۽ اولاد جو حال ،

رهي خوشحال نت هِيءُ ۽ هُو بدحال .

 

252.پنهنجي اصلّيت روحاني

 نھ تَن ُ هو هيءُ، نھ دل هئي ۽ نھ هو نفس ،

جو حامل عشق سان هُس مثل مريم[1].

ٿِي عيسى، عشق جا اسرار ٻوليان ،

جي عالم ۾ ڏسان ڪو پنهنجو محرم.

 

253.دم يا پساهه جي حقيقت

 ڏنو آدم کي رب هيءُ عمدو انعام ،

جو دل ۾ ۽ چپن ۾ ٿيو  سندس نام .

پساهه آهي انهن جي وچ ۾ رهبر ،

 ٿيس هڪ پير اندر، ٻيو ٿيو ٻاهر .

 

254.مذهبن ۾ اصولي فرق

آهن اسلام وارا سڀ مسلمان ،

مسلمانن کي پر مومن ڪيو ايمان .

نھ چئبو سڀ ڪنهين مسلم کي مومن ،

جي مومن ٿيا، چئو مسلم ڀلي تن ،

آهي ايمان اوّل ڄڀ سان اقرار ،

مڃڻ پوءِ صدق دل جي ساڻ تڪرار .

زباني پهريون، ۽ ٻيو چئجي قلبي ،

ضرورت ٿِي اڃا تن ۾ عمل جي .

ٿئي اعمال سان ايمان ڪامل ،

نھ علم آهي، عمل سان جو نھ شامل .

عمل کان جو ٿيو ايمان خالي ،

سو پوک آهي، جا ٿِي ميدان ُ ، خالي .

پيو ٻج اُن ۾ پر پاڻي نھ آيس ،

ڦُٽي ڪي ڪين، گويا ٻج نھ پيو هُس،

جڏهن محنت ڪري پاڻي ڏئي ڪو،

ڪڍي ڪک ۽ ٻَنا اُن ۾ ٻَڌي ڪو .

ڀلي تڏهن پوک ٿئي، يا وڻ ڏين ڦر ،

ٿئي اُت باغ بستان، جت هو اڳ بَر .

اها جنت جي مصحف ۾ اشارت ،

جنهين جِي مومنن کي ٿي بشارت .

حياتي آهي ساڳي جا هلي هت ،

هِتي جِي ۽ هُتي جي، ٻئي ٿيون جت .

چڱو جو هت، چڱو سو هت بھ ٿيندو،

ڪمن آهر سو پنهنجو اَجر نيندو .

وڃي جنت ۾، ٿيا جنهن جا ڀلا ڪم،

وڃي دوزخ ۾ ٿيا جنهن جا برا ڪم .

نھ نئي جنّت ۾ ڪنهن کي ڄڀ جو ايمان ،

آهن صالح عمل جنت جو نشان .

ڄمي ٿو ٻار مسلم ۽ بھ معصوم ،

هلي فطرت تي جي ،ٿئي ڪين مغموم.

ترقّي سو ڪري ، حق سان ٿئي واصل ،

نجات اُن کي ٿئي اِن طرح حاصل .

ڪرڻ ڪوشش ترقيءَ جِي نھ، ڪفر آهي ،

۽ مسلم کي اها سستي روا ناهه .

آيو انسان منجهه ”تقويم اَحسَن“[2]،

۽ مخلوقن ۾ اَشرف ، روح ۽ تن .

خليفو حق جو ، حق جو روح ان سان،

سو پاپِي ڪيئن ٿئي پيدا شروع کان ؟

سو اسلام جي ٻيو ڪو نھ چئي اِيئن .

 تھ روح آزاد ۽ بي ڏوهه ٿئي ڪيئن ؟

ڌرم ٻُڌ وارا ڏک ۾ ٿا گذارين ،

ڄمن ڏک ۾ ۽ دائم ڏک ۾ جالين ِ .

ڏسِي جوڻيون ڏکن جون تن جي نت جان.

 ڇٽن، حاصل جڏهن ٿئي تن کي نروان [3].

 ۽ عيسائي چون آدم ٿيو ڏوهي ،

اصل پيدا ٿيو پاپي ۽ ڊوهي .

مسيح اُن کي ڇڏايو پاڻ ماري ،

رهِي دنيا کان تارڪ ۽ ڪناري .

انهيءَ کان ٿيا منجهن راهب[4] گهڻائي ،

منجهن پکڙي رياضت ۽ ڇڙهائي .

آهي اسلام ۾ زهد ۽ عبادت ،

روا شادي ٿِي ، ميلاپ ۽ محبت .

ٿيو ڏک، سک سڀيئي اُن جي بلّي ،

آهي سو منحصر اُن جي ڪمن تي .

اندر۾ عقل، اُن جي ٿي هدايت،

خدا جو رحم ۽ فضل ، اُن جي غايت .

خدا جي فطرت  ۽ سنّت ٿي اسلام ،

طبيعي مذهب ايءَ ، لاءَ خاص ۽ عام .

قديمي مذهب ايءُ هو انبيا جو ،

اهو فرمان هو اصلي خدا جو .

وڏو فرق آهي مسلم ۽ ٻين جو ،

رهي نت خوش هِي ايمان ۽ امن ۾ .

ٻين جو ڀروسو آهي ٻين تي،

خدا تي هِن جو ۽ پڻ پنهنجي مَن تي .

ٻين وٽ پادري، ڪاهن ، پروهِت ،

هي پنهنجو پاڻ شافع ، هُت بھ ۽ هِت .

نبيّن جي هدايت، حق جي رحمت ،

ٻيو سڀ ڪجهه ڪري ماڻهوءَ جي همّت .

 

255.حضرت يوسف جي جمال جي تعريف

جمال آهي چڱو جو رب جميل آهه ،

ٿئي ظاهر خوشي اُن جِي  ٿي دلخواهه .

جڏهن هِن چُون ۾ هو بيچُون آيو ،

لِڪِي هن پاڻ کي يوسف سڏايو .

سبق تنهن سونهن جو ان کي پڙهايو ،

خليفو حسن جو ان کي بنايو .

پٽِي چانديءَ جي پيشاني ڪئي اُن ،

قلم قدرت جي سان پڻ سا لکي اُن .

لکيائين الف، نڪ جي جاءِ وچ تي ،

ٻه اُبتا نون َ ، ٻن پاسن کان اُن جي .

ٻھ صاد اُن ٻن جي هيٺان پوءِ لکيائين ،

اکيون جوڙي انهن تي عين ڪيائين .

الف هيٺان لکيائين وات لاءِ ميم ،

۽ زلفن لاءِ پاسن کان لکيئين جيم .

ڪيائين ميم مان پوءِ سين ظاهر ،

ڏيکاريا ڏند صفا استاد ماهر .

256.علم، عمل، اخلاص ۽ هدايت

ٿي ڀُل ناداني، ۽ دانائي ٿي راهه ،

گهڻو ٿيو علم ۽ ٿي عمر ڪوتاهه .

ڪري هٿ علم، پوءِ تون ڪر عمل سيڻ ،

عمل ري علم، ٿي ماکي بنا ميڻ .

عمل سان گڏ وري اخلاص گهرجي ،

ڪبو اخلاص ڌارن ڇا عمل کي ؟

وري اخلاص کي گهرجي هدايت ،

سوا ان جي رهن خطرا نهايت .

هدايت سان ٿئين تون حق جو آگاهه ،

سوا هاديءَ جي ٿيندو ماڻهو گمراهه .

 

257.ڪمر جي وصف

ڪمر جي وصف ۾ ٿي شعر جوڙيم ،

تھ ڄڀ تي وار ڄاوا ۽ سُسيو چم .

ٿي پتلي مس، قلم پڻ موُقلم ٿيو ،

وڌي نازڪ خيالي ۽ گهٽيو دم .

258.جوانيءَ جي حياتي

عجب عشرت! عجب سا زندگاني!

 

رهي ٿِي جا اسان کي منجهه جواني.
سفر ڪياسين غنيمت لاءِ ڏاڍا،
غنيمت عمر هئي، جا وئي ٿي فاني.
ڳڌ وسين  درد دل جو، عمر ڏيئي،
عجب سودو ڪيئي، اي دل ديواني!
هو مُنهن گل جهڙو ۽ قد تير جهڙو،
هُو ٿيو نيلوفري ۽ هيءَ ڪماني.
وڇوڙي دوستن جي مون سان اِيئَن ڪيو،
ڪري جيئن باغ ۾ باد ِ خزاني.
جڏهن ڪو مائجي ڪِرندا سڀئي گل،
تڏهن ڪهڙي ڪجي هت باغباني؟
فلڪ کي آزمايوسين چڱيءَ  پَر،
وفا جي ناهي ان ۾ ڪا نشاني.

 

259.دوست جي پُٽ کي نصيحت

چڱن جو آهين اي فرزند ! تُون وياءُ ،

فدا توتان ٿين ٿا تنهنجا پيءُ ، ماءُ .

هُو سج ، چَنڊتُنهنجا ۽ تون تن جو اختر ،

نصيحت منهنجي ٻُڌ ، تا ٿين تُون بهتر .

ٽيئي هڪ نُور مان ٿيا آهيو پيدا ،

ٽيئي آهيو اوهين گُلَ ، باغ هِڪ جا .

وڏن پنهنجن ڏي دائم تون نهارج،

نھ اصل ۽ نسل پنهنجو تُون وسارج .

سدائين پِيءُ جي پيرن تي هلج تُون ،

نھ نالو بد وڏن پنهنجن جو ڪج تون .

ڪري ڪوشش تُون همجنس ۾ ٿج فَرد ،

هلج مَردن پٺيان، جي آهين تو مرد.

نھ رک تون خاص پنهنجي نفس جو چاهه ُ،

سنئين وٺ واٽ ، تا تون ٿين نھ گمراهه .

انهن سان ويهه، جي صالح ۽ دانا،

ملن جي سي نھ، بهتر آهين تنها .

نھ گهٽ سمجهج تُون درويش ۽ ديوانا ،

ٿا ويرانن اندر لهجن خزانا.

دلين  جو ٻانهو ٿي، تا ٿين تون آزاد ،

نھ ڪر ويران دل، تا ٿين تون آباد .

نھ ٿي تون زيردستن تي زبردست،

رهِي هوشيار، ڪر تون معاف سڀ مست .

 

260.غم ۽ هَمّ جو فرق

چون عربيءَ ۾ ڏک کي  غَمّ ۽ هَمّ،

ٻڌايان فرق تن جو تو کي هڪدم.

ٻئِي سي حالتون آهين ِ دل جون ،

اندر، ٻاهر اُهي پيدا ٿين ٿيون .

رهي ٿو غم ۽ ڏک ، ٿيو حُزن سو ڀي ،

رهي ٿو هَم ۾ اڪثر فڪر ڳڻتي .

رهي اميد ڪم ۾ خير جِي نت،

رهي ڊپ ، شر جو ڪم واقع ٿئي جت .

جهاد الفڪر سڏجي هَمّ ان لاءِ ،

مثال ان جو ٻڌايان تو کي هن جاءِ .

 وڃي ڪا شيءِ چڱي هٿ مان اسان جي ،

اچي هٿ ڪين موٽي، ڪنهن بھ رستي .

يا اهڙو ڪم ٿئي ڪو سخت ، ليڪن ،

نھ بدلو يا عوض ان جو هوئي ممڪن .

تھ حالت دل جي پيدا ان مان جا ٿئي ،

انهيءَ کي گفتگوءَ ۾ غم ٿو چئجي .

جڏهن ان شيءِ ويل جي هٿ اچڻ جِي ،

يا ان ڪم جي ٿيڻ يا نا ٿيڻ جي .

هجي پڪ ڪانھ ، پر ڳڻتي رهي ڪا ،

ڪجي ڪوشش بھ، هَم ان کي چون ٿا .

 

261.گل ۽ ميوا، حواسن خوش ڪرڻ لاءِ

سڀئي گل ٿيا ڏسڻ لاءِ يا سنگهڻ لاءِ ،

نھ ٿيا پنهنجن وڻن مان سي ڇنڻ لاءِ .

ٿيا ميوا مڙئي ميڙي رکڻ لاءِ ،

ڏسڻ، توڙي سنگهڻ ، توڙي چکڻ لاءِ .

ڇهڻ لاءِ پڻ چڱا آهن منجهن ڪي ،

ٻڌڻ لاءِ جڏهن پکِي ڪو تن تي ٻولي .

ٻچا ڄڻ ٿيا سي مائن جي بغل ۾ ،

کَسي تن کان  نھ وٺ اهڙي محل ۾ ،

رهن جيسين ڪچا، معصوم سي ڄاڻ،

پڇڻ تائين ادا! تن کان پلج پاڻ .

ڪرڻ گهرجي قياس ، اي يار ! تن تي ،

ڏسي خوش ٿي، نھ تون رنجاءِ تن کي ،

وڻن مان ڏس ! حواس آهن پنجئي خوش ،

ڪري راضي پنجئي سي يار ! ٿي خوش .

 

262.باغ ۽ ٻنيءَ رکڻ جو رستو

(1)بنائڻ جي گهرين تون باغ عمدو،
تھ تو کي آءٌ سيکاريان ان جو رستو.
ڀلي جا هوئي زمين، ان جو ٽڪر وٺ،
جنهين ۾ ڪٿ ڪَلَر جو ڪو نھ هوئي مٺ.
هجي ڪنهن واهه يا درياهه جي ڀَر َ تي،
هجي هڪ کوهه پڻ پاسي ۾ ان جي.
تھ پاڻي جام هو ئي سانوڻ، سياري،
ٿئي مر پوک ان ۾ ساڻ واري.
چڪر رک وچ ۾ ان جي تون نظر لاءِ،
وهڻ جِي چوء طرف ان ۾ هجي جاءِ.
مٿان چاڙهي وليون ڇڏ تون گلن جون،
تھ ڇت جان گل مٿي ۽ هيٺ ڇائُون.
هجن چوءطرف رستا جاري ان مان،
هوا کائڻ هلِي سگهجي جنِي تان.
هجي ان باغ کي لوڙهو يا ديوار،
۽ رستو ان سان لڳ چوگرد چوڌار.
وراهي ٻارا ان ڌرتيءَ مان ڪج تون،
چڪر ڌاري، چمن عمدا رکج تون.
رکج وڻ پوءِ ان ۾ هر طرح جا،
گلن، ميون جا ۽ پڻ ڇانو َ وارا.
جي سايھ دار، سي لوڙهي جي ڀر سان،
قطارن ۾ بهن سي هر طرف کان.
سرنهن، ٽاليون، ٻٻر، ٻيريون، نمون، پڻ،
گيدو ڙيون  ۽ ليسوڙيون  ۽ ڄمون پڻ.
ڪُنڊن تي نوسرا ۽ آسرنهن پڻ،
 کجيون، تو ُن َ ۽ ڪويٺ ۽ سرو، باهڻ.
هجن مر آمريون ۽ پڻ املداس،
ڏين سڀ ڇانو، پرڪي ڦر ۽ ڪي واس.
ليار ۽ سوانجڙو پڻ ڪٿ لڳائج،
سنگهج گل ڪن جا، ڪن جا ميوا کائج.
جي وڻ ٿيا ميوه دار، آڻي اهي رک،
پري هڪ ٻئي کان ٻارن ۾ رٿي رک.
ڪٿي انب ۽ ڪٿي ڏاڙهون ۽ ليمان،
ڪٿي انجير، صوف ۽ توت ڀرسان.
ترنج ۽ سنگتڙا، نارنگيون، زيتون،
پپيّن سان ڪٿي پپنوس مَر ُ هون ِ.
۽ بادامين جا ٻارا، ڦاروَن جا،
۽ سيتا ڦل ڪٿي، ڪٿ ڪاٺ گدرا.
قطارون ڪيوڙن جون رک ڪَسين سان،
مَنهَه پڻ ڊاک جو هڪڙي طرف کان.
(2) چمن جي ويجهو ٻارا رک گلن جا،
ولائتھ توڙي سنڌي جي ٿين ٿا.
هتي گل انگريزي جام آهن،
انهن جا ٻج بھ ملندا عام آهن.
اهي گل سهڻا ۽ رنگن رنگن جا،
ڌيان نالا انهن جا ڪهڙا ڪهڙا!
جي ڪو ُنڊين ۾ رکين يا ٻارڙن ۾،
بَهاري ڪن سي سڀني موسمن ۾.
جرينم، ڊهليا، بگنونيا پڻ،
۽ يڪّا، ڪاڪٽس ۽ وربنيا پڻ.
بيگونيا، آرڪڊ ۽ فَرن  قسمين،
۽ ڊانڊيلن ڪرائنم ٿِين تن سين.
اسان جو ڪم ٿيو ديسي گلن سان،
ڪي ننڊڙا، ڪي وڏا وڻ ٿيا انهن مان.
گلابن جائي آهن ڪيترا قسم،
سدا ڪي، موسمي ڪي ۽ ٻيا قسم.
چمبيلي، جاءِ، ٽانگڙ ۽ بھ رابيل،
۽ موتيو، موگرو چمپا بھ ڪن کيل.
حليم ۽ ميدو گل رنگن رنگن جو،
۽ڪيسو ڦُل بھ سهڻو ۽ ڪُسنبو.
عقيق ۽ زنگي، عبّاسي ۽ شبّو،
۽ نرگس، رنبق ۽ داوءدي  خوشبو.
دُوپهري، خَيرو، نافرمان، بنفشو،
۽ سرمو، زعفران يا گونٽو، تُڪمو.
جتي هوئي سنبل ۽ سوسن، عجائب،
اُتان قَرنو ۽ کُهنبو ٿئي نھ غائب.
هزارو، شهھ پسند ۽ طوطو، لالا،
۽ سورج، روپ مجنون سڀ کان بالا.
رکج پڻ نازبو، بابونو، تلسي،
۽ ميدي، عشق پيچ ۽ شرم ٻوٽي.
هجي گل حرڪت ۽ گل مور پڻ اُت،
۽ نيلوفر جتي پاڻي هجي جُتِ.
آهي ڪنچال ۽ هيرڻ بھ سهڻو،
۽ وڻ پڻ اَنورن ۽ ست گلي جو.
وليون وڻ ويڙهيون، بي پاڙيون چڙهن جي،
۽ سنهڙا گاهه ساوا هيٺ پٽ تي.
(3) تون پنهنجي باغ ۾ ميون گلن گڏ،
ڪي ترڪاريون  ۽ ڀاڄيون پڻ رکج هڏ.
اچن ڀاڄين جان ڪم، ڪي پن ۽ پاڙون،
۽ ڪي گل، ميوا، ڦر، ۽ ٻور، مُکريون.
وڻن جي وچ ۾ ٻارن ۾ تون پوکج،
ڪنارن تي ڪَسين جِي ،جاءِ تن ڏج.
اچي تن جو وڻن کي ريج ۽ ڀاڻ،
تون ميوا کائين گڏ ترڪارين ساڻ.
ٻڌايئين ڀاڄيون پاڙن جون سڀيئي،
پٽاٽا، گجرون، لاهوري ۽ سنڌي.
رتالو، گوگڙو، چُڪندر ۽ موري،
بصر ۽ ٿوم، آدرڪ، سُنڍ گوبي.
پنن جي ڀاڄي، پالڪ، سُوئا، چوڪو،
۽ لوڻڪ، ميٿي، ڪاهُو ۽ مريڙو.
۽ ڌاڻا، ڦودنو ۽ ٻيا بھ ٻوٽا،
جي اڪثر ڪم مصالح جي اچن ٿا.
ڦَرين جون ڀاڄيون، سيم آهن ۽ چوءنرا،
مٽر ۽ گئار ۽ ٻيا قسم اهڙا.
ڦَريُن جون ڀاڄيون ٿيون ڀينڊيون ۽ توريون،
ڪدو، ميها، چڀڙ ۽ لال مرچون.
ٽماٽا، واڱڻ آهن ۽ ڪريلا،
 ۽ گدرا، بادرنگ ۽ ڪرٽ، ونگا.
پٻڻ پوکج، گهڻو پاڻي هجي جت،
تھ بِهه نڪرن ۽ ڪُمَ ۽ لوڙهه پڻ تت.
کُنڀيون پوسل تي پڻ نڪرن ۽ ڀُون ڦوڙ،
خصوصاً جڏهن وسن ٿا مينهن سرٽوڙ.
(4) ٻنيءَ لاءَ آهي ڀاڱو جو مقرّر،
انهيءَ ۾ پوک ڪج، ڏئي ريج ۽ هر.
مقابل باغ جي هو ئي پوک جي جاءِ،
چڱي رٿ اِيءَ، نظر اُن جي ڪرڻ لاءِ.
ربيعي پوک ڪج تون کوهه تي ڀي،
دريا يا واهه تي ڪج تون خريفي.
ربيعي پوک مُک ٿي ڪڻڪ ۽ جَو َ،
ڀلي جي ٿئي، ڪرين تون اُن منجهان ڍَو َ.
سرنهن، ڄانڀو، چڻا توڙي مٽر ڀي،
۽ آهر، ايلسي، پڻ  تڏهن ٿئي ٿي.
خريفي پوکون هيٺيون ٿين اڪثر،
مڪائي، وئوڻ، مڱ، تر، جوئر، ٻاجهر.
ڪماند ۽ ساريون، نير ۽ پُست جي موڪ،
۽ سائون، ڪرنگ، چيڻو، نانگلي، سوڪ.
سڻي ۽ مانهن، موٺ ۽ ٻيون بھ جنسون،
۽  لوسڻ، زين گاهه ۽ عام وليون.
ٿين گدرا ۽ ڇانهان، پيٺا ۽ گئار،
چپڙ، لوڻڪ ۽ ميها جام هڪوار.
 

(5) ٽُڪر جهنگ جو هجي، مر پوک ڀر ۾،
هُڙيءَ وانگي رهي جو نت نظر ۾.
هجن وڻ جهنگلي جت، جهنگلي گاهه،
سَها جن ۾ گذارن گاهه بيگاهه.
ٻٻُر ٻيريون، ڪنڊا، ڪانڊيرا ڏاڍا،
لَيو ُن، ٿوهر، اڪِڙَ، اَڪ، ڪرڙ گهاٽا.
کٻڙ جاريون، بَهڻ ۽ بانس، ڪنگور،
ڪِرانجهه ۽ ڪانهن ۽ سَر َ جت وٺن زور.
ڏنوهِي ۽ سڻي، کيرول، ڪيسو،
ٻڪن، مانڌاڻو، ڪوتڪ، ڦاڙهه، واهو.
جهليون، ڊڀ ۽ ڇٻر ڊامڻ ۽ مکڻي،
لُلُر، لاڻا، ڳنڍير ۽ لنّب اُت ڀي.
۽ ڪائنل پيرون ڌاتُورو، سجاتو،
۽ ڇيڻوٺي، ڀتر، گولاڙو، ڳاڙهو.

 

(6) جي گهر پنهنجو اتي آڻي اڏائين،
رهين خوش پاڻ ٻارن سان سدائين.
رکين ڀانڊي ۾ اَن ُ ۽ ڪڙٻ جو گاهه،
۽ کِهُه ۽ ساوڙي ۽ گاهه ٻيا واهه!
۽ ڌارين وهٽ ۽ مينهون، ڳئون پڻ،
پنير ۽ کير ۽ ڏڌ ڌارين تون پڻ.
ملائي ۽ مکڻ البت ڪڍين تون،
ڪڪڙ، بد ڪون ۽ آنا پڻ رکين تون.
اُپت جيڪاٿئي سا پهرين تون کاءُ،
بچي جيڪا، سا رک بازار جي لاءِ.
ڪمائين پيسو پڻ ۽ خوش گذارين،
۽ مشغولي سدا عمدي تون ڌارين.
جڏهن فرصت ملئي، پيو پڙهه ۽ پيو لک،
رهي گوشي، ۾ ذڪر ۽ فڪر تون سک.
 عبادت پڻ ڪرين نت سان فراغت،
حياتيءَ مان نھ ضايع ٿئي ڪا ساعت.
رهين ان طرح تون دنيا ۾ پڻ خوش،
خدا چاهي تھ ٿين عقبى ۾ پڻ خوش.
”قليچ“ آهي نصيحت تو کي ايءُ ڪئي،
هلج ان تي ۽ پيو سُک ۾ سدا جِي.

 

263.صبر ۽ شڪر جا قسم ۽ درجا

رهي ماڻهوءَ جِي ٻن مان هڪڙي حالت،
يا نعمت ۾ رهي يا منجهه مصيبت.
ڏسي ٿو سک ۽ ڏک انسان هر جاءِ،
جڳائي شڪر هِن لاءِ، صبر هُن لاءِ.
ٿيا هر هڪ جا قسم ۽ ان جا درجا،
اچن ڪم توکي سي هر وقت، هر جا.
زباني شڪر هڪ، ٻيو آهي قلبي،
چوڻ ڄڀ سان، مڃڻ دل سان سدائي.
تھ نعمت هيءَ ملي آهي خدا کان،
نھ ٻئي کان، پاڻ کان يا ڪنهن ٻئي سببان.
ٽيو شڪرانو عضون جو بھ آهي،
عبادت ۾ ٿو جو هٿ، پير واهي.
ڪنن سان ۽ اکين سان شڪر پڻ ٿئي،
ڀلائي خلق کي تن سان بھ پهچي.
مصيبت ۾ بھ آهن صبر جا قسم،
اول هيٺيون ”نَصبّر“ جنهن جو ٿيو اسم.
ڪرڻ ماٺ آهي، جو ٿيو زور سان صبر،
مٿي ان کان ڪرڻ ٿيو هيج مان صبر.
اُهو ٿيو نفس کي ٺاهڻ ۽ مارڻ،
مٿي ان کان، رضا تي دل بهارڻ.
قبولڻ ٿِي قضا جِي سڀ ڪڙائي،
موافق پڻ ٿيڻ حق ساڻ جائي.
مٿي ان کان فنا، درجو ڪشادو،
ڇڏڻ پنهنجو سڄو فعل ۽ ارادو.
سڀئي مومن سدا منجهه صبر آهن،
رضا کي اوليا، ابدال چاهن.
فنا ٿيو عارفن جو عالي رتبو،
شهودي علم جو درجو اهو ٿيو.
ٻڌايئين شڪر جي آءُ معنيٰ لغوي،
پون جيئن کير سان ٿا ٿڻ به ڀرجي.
انهيءَ جان شڪر اندران، ٻهر نڪري،
جو قلبي هو، زباني پوءِ ٿيو پئي.
ٻي معنيٰ اُن جي اُڀرڻ يا ڦٽڻ آهه،
ٿي معنيٰ ڪشف يا ظاهر ٿيڻ آهه.
ٿو نڪري شڪر ايئن دل مان اسان جي،
ڦٽي جيئن شاخ يا ڪا شيءِ پڌر ٿئي.


[1]  عيسيٰ عليه السلام جي والده ماجده

[2]  آيت لقد خلقتا الانسان في احسن تقويم بيشڪ، انسان کي سهڻي جوڙجڪ سان خلقيو ويو آهي

[3]  نجات

[4]  گوشه نشين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org