سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :1

چندن هار

شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ (مرحوم)

 

پيش لفظ

شمس العلماءُ  خانبهادر ميرزا قليچ بيگ مرحوم ۽ مفغور جو نام نامي، اسم گرامي ڪنهن  به تعارف جو محتاج نه آهي. مهد کان تحد تائين، دنيا جي ٻٽهين ٻنڌڻن کي خوش اَسلوبيءَ سان منهن ڏيندي، هن بزرگ جيڪا سنڌي علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي آهي، سا آظهر من الشمس آهي. سنڌي نثر توڙي نظم جي آونهي اوڙاهه کي ڀرڻ لاءَ ، هن مرحوم، مغرب توڙي مشرق جي شاعرن ۽ عالمن، اديبن ۽ فاضلن ، فيلسوفن ۽ صوفين، عارفن ۽ عاقلن جي گونا گون تصنيفات جو ڳوڙهو مطالعو ڪري، سندن نظم توڙي نثر جا جواهرپارا، سلوڻي سنڌي ءَ ۾ ترجمو ڪري، اسان جي آڏو پيش ڪيا، ۽ اهڙو ڪو مضمون يا عنوان سمجهي ئي ڪو نه، جنهن تي پاڻ قلم فرمائي نه ڪئي هجيس. سنڌي نثر جي هر پهلوءَ تي ۽ سنڏي نظم جي هر صنف تي، سندس خلاصا ڪتاب تصنيف ڪيل نظر ايندا، جن مان جيڪڏهن ڪي اڳ شايع ٿيل هئا ته اهي ماڳهين مفقودآهن، ۽ باقي، قلمي ۽ دستي مسودي جي حالت ۾، سندس وارثن وٽ محفوظ ۽ موجود آهن.

برصغير هند و پاڪ جي ورهاڱي ۽ سنڌي هندن جي لڏ پلاڻ کان پوءِ خصوصا اِئين ئي سمجهيو پئي ويو ته سنڌي علم ۽ ادب جا نادر ۽ ناياب نوشتا حقيقي معنيٰ ۾ نادر ۽ ناياب ٿي ويندا؛ پر الحمد الله ! ”سنڌي ادبي بورڊ “ جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، اِهو خيال بالا آخر خيال ئي ثابت ٿيو. آگر چه سنڌي ادبي بورڊ جي ڄمار آڱرين تي ڳڻڻ جيئري مس آهي، ليڪن  انهيءَ قليل عرصي ۾ ان جيڪا سنڌي علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي آهي، سا بيشڪ شايانِ شان آهي، ۽ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هرگز وساري نٿي سگهجي. مبالغو نه ٿيندو جيڪڏهن ائين چئجي ته سنڌي ادبي بورڊ سنڌي ادب ۾ نئين سر جان ڦوڪي وڌي آهي. جيڪي به سنڌي شهه پارا، اسان جو سنڌي ادبي بورڊ هيل تائين شايع ڪرائي چڪو آهي، تن جو شايع ڪرائڻ آشد ضروري آمر هو. ڪتابن جو صحيح ۽ موزون انتخاب ڪتابن جي تصحيح، ۽ ڪتابن جي خوبصورت بيهڪ، ۽ ڇپائي بيشڪ ديده زيب آهي. اهي مبارڪيءَ جا موڙ ۽ سهاڳ جا سهرا بورڊجي معزز ميمبرن صاحبن ۽ سندن لائق سيڪريٽري صاحب جي سر تي ئي سونهن ٿا، جن جي سرڪردگيءَ هيٺ بورڊ ، نهايت ئي عمدي پيرايي ۾ سنڌي علم ۽ ادب جي خدمت سر انجام ڏيئي رهيو آهي. سندن بي لوث توجهه ۽ ڪوششن جا ئي اِهي نتيجا آهن، جو سنڌي ادبي بورڊ ٿوري ئي عرصي ۾ ترقيءَ ۽ ڪاميابيءُ جي راهه ۾ پنهنجا پر اعتماد قدم ڄمائي ۽ پنهنجو نالو ڪنڊ ڪڙڇ وڄائي سگهيو آهي. اسان جي دليون دعا آهي ته خداوند ڪريم جلشانه بورڊ کي قائم ۽ دائم رکي، جيئن هو اڃا به وڌيڪ سنڌي علم ۽ ادب جون خدمتون سر انجام ڏيندو رهي.........آمين ! 

زير نظر ڪتاب ”چندن هار“ ميرزا صاحب مرحوم جي آثار شعري منجهان هڪ مشهور ۽   معروف ڪتاب آهي، جنهن جو پهريون ڀاڱو سن 1916ع ۾ شايع ٿيو هو، ۽ ان وقت جي علم دوست اصحابن ان کي گهڻي قدر پسند ڪيو هو. هن وقت، ان ڪتاب جو ملڻ امر محال هو. هيءَ سنڌي ادبي بورڊ جي ئي حسن انتخاب ۽ نيڪ مشوري جو نتيجو آهي، جو ڪتاب ”چندن هار“ جي ٻنهي ڀاڱن کي هيئن گڏي، عمدي، عمديءَ ٽائيپ ۽ سهڻي ڪاغد تي شايع ڪرايو پيو وڃي. ۽ جئن ته ڪتاب ۾ ڪم آيل مضمون علمي ۽ عقلي لڪتن ۽ تمثيلن، ضرب المثل ۽ نصيحت آميز ڳالهين تي پکيڙيل آهن، لهٰذا ڪتاب  جو نالو مفيد نازڪ ۽ قيمتي خيالات ۽ مضامين جي نقط نگاهه کان ”چندن هار“ قائم رکڻ تي وڌيڪ موزون سمجهيو ويو آهي .     

ڪتاب جا ٻيئ ڀاڱا، مختلف مضمونن ۽ شعر جي جدا جدا بحرن وزنن تي مشتمل آهن: مختلف مضمونن جي الف بي وار فهرست، ڪتاب جي آخر ۾ شامل ڪيل آهي، ته جيئن گهربل مضمون وارو شعر آسانيءَ سان ڳولي سگهجي.    

شعر جي مختلف نمونن جهڙوڪ قصيده، غزل، رباعي، مثنوي قطعه، مسمّط، مسدّس، مخمس، مستزاد، ترجيح بند وغيره تي ميرزا صاحب مرحوم جا خلاصا ڪتاب، تصنيف ڪيل آهن. هن ڪتاب ۾ اڪثر متفرقه شعر جهڙوڪ ننڍا ننڍا قطعا، ننڍيون ننڍيون مثنويون ۽ ڪجهه شعر جا ٻيا قسم جهڙوڪ رباعي، مسدّس، مخمس وغيره پڻ ڏنل آهن. جئين ته ڪتاب ۾ ڪم آندل شعر مختلف بحرن ۽ وزنن تي ٻڌل آهي، تنهنڪري هڪڙي ئي بحر ۽ وزن وارا سڀ شعر هڪ ئي هنڏ ڏنا ويا آهن، ۽ انهن جي مهڙ ۾ شعر جو بحر ۽ وزن پڻ ڏنو ويو آهي، ته جيئن پڙهندڙن کي شعر پڙهڻ ۾ وڌيڪ دقت ۽ مونجهارو محسوس نه ٿئي.          

اگرچه ڪتاب ۾ ڪم آندل هر هڪ مضمون واري شعر جو قد ننڍوآهي، تاهم اهو معنيٰ ۽ مطلب جي لحاظ کان بقول ”بقامت ڪم و بقيمت آهم“ ڀريل ڀنڊار آهي؛ گو يا ڪوزي۾ درياهه سمايل آهي. ڪتاب جي اڪثر صفحن هيٺان ڏکين لفظن جون معنائون ۽ سمجهاڻيون، ننڍن پڙهندڙن جي سهولت لاءِ، فوٽ نوٽن ۾ ڏنل آهي. پڇاڙيءَ ۾ سنڏي ادبي بورڊ جي پريس مئنيجر، محترم ميان علي بخش احمدزئي صاحب، جي شڪريي بجا آڻڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي، جنهن جي ڪوشش سان بورڊ جا ڪتاب ديده زيب ۽ دلفريب نموني ۾ نڪري نروار ٿيندا ۽ پبلڪ کان داد تحسين حاصل ڪندا رهيا آهن. هن ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ به سندس محنت ۽ ذاتي آزمودي جو وڏو هٿ آهي.                  

اميد قوي آهي ته قدردان  حضرات، هن ڪتاب کي قدر جي نگاهه سان ڏسندا، ۽ اديبن توڙي عالمن، شاعرن توڙي فاضلن، مُتبدين توڙي استادن وٽ هيءَ مقبول تابت ٿيندو، ۽ مختلف طبقهء خيال جي ماڻهن کي، سندن خيال مطابق چيز هن ڪتاب مان هٿ اچي سگهندي.

والسلام.    

حيدرآباد،

23 نومبر سنه 1959 ع

اجمل بيگ قليچ بيگ ميرزا. 

 

 

(اَصلي ديباچو ”چندن هار“ ڀاڱي پهرئين جو)

سڀني قومن ۽ سڀني ٻولين ۾ شعر جو عجيب اثر مشهور آهي. دل وندرائڻ يا نصيحتن حاصل ڪرڻ لاءِ، شعر جو اُپاءُ نهايت عمدو آهي. ڪي شاعراڻا خيال اهڙا نازڪ، مختصر ۽ پرمعنيٰ ٿيندا آهن. جو هڪڙي يا ٻن بيتن ۾ ايترو مضمون اچي ويندو آهي جو جيڪو ورقن جا ورق ڀري؛ گويا ڪوزي ۾ درياهه بند ٿيندو آهي. وري اُهو مضمون به اهڙو دلپسند هوندو آهي، جو انهيءَ جي وري وري پڙهڻ ۽ خيال ڪرڻ مان لذّت ۽ راحت پيئي ايندي آهي. 

 اهڙا عجيب غريب، مفيد ۽ نازڪ خيال انگريزي شاعرن جا گڏ ڪري، مون اڳيئي سنڌي شعر ۾ ڇاپايا آهن ۽ انهيءَ ڪتاب جو نالو ”عجيب جواهر“ رکيو اٿم. فارسي شاعرن جا انتخاب وري ڌار گڏ ڪيا ويا، جن مان ڪي انگريزي شعر ۾ ڏنا ويا آهن ۽ ڪي پوءِ سنڌيءَ ۾ ڏنا ويا آهن. انهن مان به جيڪي رباعيون هيون، سي هڪڙي ڌار ڪتاب ۾ ڇپايون وييون آهن، جنهن جو نالو ”موتين جي دٻلي“ رکيو ويو آهي. جيڪي فرد يا بيت آهن سي ڌار ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن، جنهن جو نالو ”امل ماڻڪ“  رکيو ويو آهي، جيڪي قطعا يا مثنويون آهن سي ڌار هن ڪتاب ۾ ڏجن ٿيون، جنهن جو نالو ”چندن هار“  رکيو وڃي ٿو. ڏسڻ ۾ ايندو ته اُهي سڀ مضمون مفيد ۽ نصيحت آموز آهن ۽ ڪي چرچي جهڙا ۽ ظرافت آميز آهن، ڪي علمي ۽ عقلي نڪتا، تمثيل ۽ ضرب المثل ۽ رواجي ڳالهيون آهن مگر سڀني ۾ شاعراڻي نازڪ خيالي معلوم ٿئي ٿي.  

جڏهن شعر جدا جدا بحرن يا وزنن تي هئا تڏهن ساڳين بحرن وارا سڀ شعر گڏ ڏنا ويا آهن ۽ انهن جو بحر به مهڙ ۾ ڏنو ويو آهي، ته پڙهڻ ۾ آساني ٿئي ننڍن پڙهندڙن لاءِ، مشڪل لفظن جي معنيٰ به ڏٺي وئي آهي. جي لفظ، شعر جي وزن جي پورائيءَ لاءِ تڪڙا پڙهڻ ضرور آهن، تن تي شدّ جو نشان (ّ) ڏنو ويو آهي.

گهڻو ڪري، سڀني شعرن جو مضمون ٻين  پارسي شاعرن جو آهي، مون فقط سنڌي ۾ آندو آهي، تنهنڪري انهن جي راءِ غلط يا صحيح هئڻ جا  اهي جوابدار آهن. هيترن شاعرن جا نالا ڏيڻ  ضروري نه سمجهيو ويو.                                                                                                                 

حيدرآباد،

نومبر، سنه  1915ع

 قليچ بيگ

 

 

  

(1) بحر رمل(مثمن)

فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات

1. ٻارنهن برج

برج ٻارهن ئي منهن ڪڍن هڪ هڪ ڪري مشرق مان جي،

ان جي تسبيح ٿا پڙهن جو حيءَ آهي لايموت(1)

هڪ حمل، ٻيو ثور، پوءِ جوزا ۽ سرطان ۽ آسد،

سنبله، ميزان، عقرب، قوس، جدّي، دلو، حوت.

 

2. نفس کي ترڪ ڪرڻ

ڳالهه ٻڌ اي نفس، آهن ملڪ تنهنجا ٻئي جهان،

شرط هي آهي مگر تا پاڻ کي پاڻهي ڇڏين؛(2)

پاڻ سان جي پاڻ رکندين، پنهنجي ڪا شي ڏسندين ڪانه،

پاڻ کان جڏهن ڌار ٿين، تڏهين پاڻ ۾ سڀڪجهه ڏسين.

 

3. هڪ روح گهڻا بدن

آهي ڪٿ پنهنجي حياتي لاءِ مولانا چيو:

نو سئو ستر بدن دنيا ۾ مون آهن ڏٺا؛

جي ڪريان آءُ حال پنهنجو سر بسر ساري بيان،

آهيان ڄائو اوڀرن ۽ سبزي وانگي بارها.

 

4. سيّار تارا . موافق ۽ مخالف

ست سيار آهن، قمر ۽ پوءِ عطارد  زهره پڻ،

شمس ۽ مرّيخ کان پوءِ مشتري، زحل ان پٺيان،

پڻ مخالف ۽ موافق پاڻ ۾ تن مان ڪي ٿيا،

دانيال(1) آهي نجوم ۽ رمل ۾ ڪيو سو عيان،

دشمن آهن زحل جا شمس ۽ قمر ۽ مشتري،

۽ عطارد ۽ قمر جي دشمني مريخ سان؛

دوست زهره جا ٿيا زحل ۽ قمر هر باب ۾،

شمس سان ٿيا دوست مرّيخ ۽ عطارد اصل کان.

 

5. ڏسڻ جوڳيون شيون

آٺ شيون آهن وڌائن جي اکين جو نور ٿيون،

جي ميسّر ٿي سگهن هر لحظي ڪر تن ۾ نظر:

پهرين مصحف پوءِ سون ۽ پير مرد ۽ بادشاه،

پاڻي وهندڙ، ساوڪ ۽ سهڻو منهن ۽ سهڻا اکر(2).

 

6. حسن ۽ عشق

گرچه عاشق(3) حسن تي معشوق جي مشتاق آهه،

ان کان وڌ معشوق ٿو عاشق تي پڻ عاشق رهي؛

عشق وچڙي حسن سان ۽ حسن وچڙي عشق سان،

ٻئي ٿيا هڪ ٻئي جا عاشق، عقل پڻ ائين ٿو چوي.

 

7. آدميءَ جي ترڪيب

آدمي آهي مرڪب هڪ عجب معجون خوب،

ٿيو بناوت ۾ مليل ان جي، ملڪ ۽ جانور؛

جي ڪري او قصد هن جو، ٿئي چڙهي ان کان چڱو،

۽ ڪري جي ميل هن جو، ٿئي لهي هن کان بهتر.

 

8. هستي ۽ نيستي

تنهنجي ٻيڙي عمر جي، هن ٻوڏ ۾ چئو ڪيئن بچي،

جو ٿيئي شهوت جو سڙه، ۽ واءُ ٿيئي حرص ۽ هوا؛

لا[1] کان الا[2] تائين ڪيئن پهچين، جو ناهي تو کي هيٺ،

گهوڙو لاهوتي جڙيل اِلا[3] ۽ هو مان آي ادا،

نيستي هستيءَ جي ڳجهه جي جي هجي جڳ کي خبر،

نيستي مان رنج، هستيءَ مان خوشي ڪيئن ٿئي روا؛

عمر ڇوٽي ٿي سڪندر جي، جو هس هٿ ملڪ مال،

خضر هو مفلس، ٿيو تنهن لاءِ او جيئرو سدا.

 

9. جدا جدا ملڪن ۽ قومن جي خاصيت

چئي ٿو جالينوس حڪمت آهي هندستان ۾،

وصف مخصوص[4] ۽ تڪبّر خاص ٿيو ايران ۾؛

ٿي فصاحت ۽ بلاغت خاص منجهه يمن ۽ حجاز؛

۽ به ٿي مهمان نوازي خاص عربستان ۾،

منجهه حبش ٿيو صدق ۽ منجهه زنگ[5] ٿيو فسق ۽ فجور،

دل جي سختي ترڪ ۾، همت ٿي ڪردستان ۾؛

ارمنيءَ ۾ ٿِي خيانت، شام ۾ ٿيو جهل خاص،

علم آهي منجهه عراق ۽ ليکو[6] قبطستان[7] ۾.

 

10. جواني ۽ پيري

تير[8] سڀ ڪو هئي جوانيءَ ۾ ۽ پيريءَ ۾ ڪمان[9]،

بدر[10] سڀڪو هئي جوانيءَ ۾ ۽ پيريءَ ۾ هلال[11]،

تنهنجي زال، ۽ پٽ ڌيون تنهنجا، جوانيءَ وقت ڪالهه،

هئا سڀئي تنهنجو عيال، اڄ آهين تون تن جو عيال[12]،

 

11. حقيقت جو شرابخانو

ڪڏهن ڪري شيشوٿو سجدو، ڪڏهن ڪري پيالو رڪوع،

ٿيو اسان جي لاءِ حرم[13] ميخاني جو بيت الحرام[14]،

ٻولِي ٻڌ حافظ[15] جي جنهن پير- مغان کان ڪئي خبر،

ڪعبو ميخانو ۽ مي حق ان جو ۽ ساقي امام؛

مر چون عالم، وڻي جيڪي تنِي کي، نه ته شراب

ڇو هتي آهي حلال ۽ ڇو هتِي آهي حرام !

 

12. زنانا زيور

ڇوڪريءَ هڪڙيءَ پڇيو هڪ ڏينهن پنهنجي ماءُ کان،

زيورن مان آهي بڇڙو ۽ چڱو ڪهڙو امان:

تا چڱا زيور  پڇائي آءُ ڪريان هٿ پنهنجي لاءِ،

۽ ڏيان بڇڙن کي پنهنجي بت تي هر گز ڪين جاءَ .

تڏهن چيو ماڻس محبّت مان اي منهنجي پياري ڌيءَ ،

ڪن ڏئي ٻڌ، ٿي ڪريان توسان ڳهن جي ڳالهه هيءَ؛

سون ۽ چانديءَ جا زيور خلق جي مرجات[16] ڄاڻ،

چار دن ڪي چاندني هي ڦِر انڌيري رات ڄاڻ،

ياد رک منهنجي نصيحت ، سمجهه سي زيور چڱا،

دين دنيا جي ڀلائي جن سان ٿئي حاصل ٻچا.

ڏانوئي ڏاهپ جي پياري تون مٿي تي رک مدام،

جنهن سان دنيا ۾ رهن هر طرح ٿا خوش خاص عام.

وجهه سچائي جون سڳيون وارن ۾ ويڙهي تون کڻي،

تن سان چوٽي ڦل چڱائيءَ جا رکن خوبي گهڻي.

پاءِ تون پرهيز جا پنڙا گهڙائي جان من[17].

وعظ جون واليون، نصيحت جون وجهج نسبيون ڪنن.

نڪ ۾ نٿ ٿي ننگ ۽ ناموس جي پياري ٺهي،

ڀرم جو بولو ۽ بينسر پڻ ڀلي تنهن سان رهي.

جي پڇين ڳهڻا ڳچيءَ جا قرب جي ڪٺمال پاءِ،

دينداريءَ جي به د هري آهي لازم تنهنجي لاءِ.

ٻيو به ڪو زيور ڳچيءَ جو توکي جي در ڪار هوءِ،

تا ڀلي چستي ۽ چالاڪيءَ جو چندن هار هوءِ.

ٻانهن ۾ ٻانهپ جي ٻانهين وارثن جي لاءَ وجهه،

بردباريءَ جا به بازوبند تون بهتر سمجهه.

۽ ڪرائيءَ ۾ ڪنگڻ گهر جي ڪمائيءَ لاءِ پاءِ،

پيار جون پئونچيون انهن سان گڏ وجهين تا پڻ جڳاءِ

آڱرين ۾ وجهه منڊيون ميٺ ۽ محبت جون سدا،

تا گهرن تو کي گهڻو تنهنجا عزيز ۽ آقربا.

پوءِ پيرن ۾ وجهج پازيب پاڪائي جا تون،

تن سان گڏ نيڪيءَ جا نورا ۽ قناعت جون ڪڙيون.

ڍڪ اِهي زيور، جي علم ۽ عقل جا زيور سڏين،

دين ۽ ايمان جا ڳهڻا اِهي ٿئي باليقين:

سون چانديءَ جا سڀئي زيور کڻي اڇلائي ڇڏ،

جي خدا توکي ڏئي هي، وجهه هنن سڀني کي کڏ.

 

13. اشراف نيٺ اشراف

جو شريف آهي ڪڍي سختي زماني جي اگرچه،

ته به هلت توڙي طبيعت ان جِي جڳ کي خوش ڪندي،

موتي آهي  قيمتي، سو جي ڀڄي، ٿئي زيان ڪين،

اک جو سرمو ٿئي ۽ پڻ قوّت ۽ فرحت[18] دل سندي.

 

14. زماني جو فتنو ۽ فساد

فقر[19] جي خلوت هِتي مهديءَ[20] جي منزل ڄاڻجئين؛

خلق جي تڪليف سمجهج فوج تون دجّال جي؛

ٿيءُ سڪندر، پکڙي پيا يا جوج ۽ ماجوج[21] هت،

ٿيءُ سليمان، رک خبر ديون جي تون احوال جي؛

هي اٿئي شيطان زادا، ڏس سندن فتنا فساد،

شينهن جي نڇ مان[22] ٻلا ٿيا، پاڙ هيءَ جنجال جِي؛

محتلم[23] آدم ٿيو، يا جوج ٿيا پيدا تڏهن،

قي ڪئي آدم، ٿي پيدائش سپن[24] جي آل جِي.

 

15. تو ڪير آهين

ڪير آهين تون، جو فرش[25] ۽ عرش[26] جي پڃري اندر،

بند آهين ۽ اٿين ويهين اتي، ڊوڙين ڪِرين ،

تون آهين شهباز، بلبل، ڀوئنر ، يا ماکيءَ جي مک،

گهرجي تا اڀ ڏي اڏامين، يا گلن ۾ تون ڦرين؛

ناهين تون ٽنڊڻ يا ڪوريئڙو يا ڪوِلِي يا ڪئو،

جو مٽيءَ جو گهر آڏين، ان ۾ لڪين، ان تي سرين.

 

16. نفس جي مارڻ جا هٿيار

نفس جي مارڻ جا تو کي آءُ ٻڌايان ٿو هٿيار،

ياد رک، سي تا وڙهي تن سان تون مارين ان کي يار[27]:

نيزو تنهائي ۽ خلوت جو، ۽ اوجاڳي جي ڍال،

کانڌ جي لٺ، ماٺ جو خنجر ۽ اڃ[28] بک جي ترار[29].

 

17. آسماءَ الحسنيٰ يا خدا جا نالا*

اي عزيز آسماءَ[30] حسنيٰ خلق کي ٿيا دلپذير،

پاڪ نالا ٿيا نوانوي انهيءَ جا بي نظير:

خالق ۽ باري، مصّور، حق، الله ۽ صمد،

واجد ۽ ماجد، مهيمن، مومن ۽ واحد، آحد.

اوّل ۽ آخر، لطيف ۽ طاهر ۽ باطن ، خبير،

نافع ۽ ضار ۽ حفيظ ۽ معطي  ۽ مانع، ڪبير،

حّي، قيّوم۽ سلام ۽ محصي ۽ مبدءِ، معيد،

مقتدر، متڪبّر ۽ قادر ، عزيز آهي شهيد.

رافع ۽ خافض عظيم ۽ قابض  ۽ باسط، حليم،

مالڪ الملڪ ۽ ملڪ، قدّوس آهي پڻ عليم،

هادي ۽ نور ۽ بديع ۽ باقي ۽ وارث، رشيد،

جامع ۽ مقسط ، ودود ۽ واسع ۽ مغني، مجيد.

ذوالجلال او آهه والاڪرام پڻ محي ۽ مُميت،

والي ۽ متعالي ۽ عادل ، حڪم ، باعث، مقيت،

برّ، توّاب ۽ ڪريم ۽ منتقم آهي حسيب،

پڻ روف ، آهي رقيب او، پڻ عفو آهي مجيب.

پڻ مقدّم پڻ موخر ، پڻ صبور ۽ پڻ شڪور،

پڻ معزّ ۽پڻ مذلّ ۽ پڻ حڪيم ۽ پڻ غفور.

پڻ علي ۽ پڻ ولي ۽ پڻ متين ۽ پڻ جليل،

پڻ سميع ۽ پڻ بصير ۽ پڻ حميد ۽ پڻ وڪيل،

آهي او غفار ۽ قهّار، جبّار ۽ قوي،

آهي او رزاّق ۽ وهّاب، فتاح ۽ غني.

هي سڀئي نانو جيڪو پڙهندو دل سان روز شب،

باليقين هوندو هميشه منجهه امان ۽ حفظ رب[31].

 

18. سون يا زر جي مداح

ڪن ڏيئي يارو ٻڌو زر جي ڪريان مدح وثنا،

قبلئه عالم سدا، حضرت طلا[32]، جل عليٰ[33]؛

آهي او جڳ جو جياپو، دين، ايمان آهي هوند،

دولت ۽ دنيا ۽ وسعت، مال، مايا ۽ غنا[34]؛

شاهه شاهن جو اهو، دنيا ۽ عقبيٰ ان جي هٿ،

مال آهي خير، پڻ ٿي خير جي معنيٰ  اِها[35]؛

خير خيرات آهي زر سان، زر سان ٿئي احسان لطف،

زر سان آهي زور، زر سان طاقت ۽ زر سان سخا؛

هت انڌو[36] هتِ پڻ انڌو، دنيا ۾ خوش عقبيٰ  ۾ خوش،

پهرين دنيا حسنته پوءِ آخرت چئون آتنا[37]؛

پوءِ به سودو زر سان ٿئي، دنيا ۾ ڏي عقبيٰ ۾ وٺ،

ڏهه هِتي ستر هتي[38]،  ڏس سود اِن پر ٿيو روا؛

علم جيئن رهبر ۽ رهزن، زر به تيئن ٿئي خير و شر،

ڪن کي ماري ڪن کي جياري، ڪن کي جس ڪن کي جفا؛

قاضي الحاجات زر[39]، ڪاشف[40] مهمّات آهي زر،

زر ٿي ستّار العيوب[41] ۽ مهل ۾ مشڪل ڪشا؛

زر جا سڀ آسماءَ[42] حسنيٰ ٿيا نوانوّي کان وڌ،

ڇو نه ان کي مڃجي، ۽ ان کان نه پڻ گهرجي دعا؛

زر جو ڪن ذڪر ۽ وٺن زر جو وظيفو ٿا ” قليچ “

زر سان راضي ٿئي رسول ۽ زر سان هٿ[43] ايندو خدا.

 

19. خدا سبب الاسباب آهي

هڪڙو هو عارف وٺيو ٿي واٽ سو پنهنجي ويو،

هڪ ٽڪر ڪاغذ ڪٿ آيس نظر پٽ تي پيو،

سو کڻي ورتئين ۽ ڪيائين خيال سان ان ۾ نظر،

تا ڏٺائين ان اڇي ڪاغذ تي ڪي ڪارا اکر.

محو ٿي آڻڻ لڳو دل ۾ حقيقت جو خيال،

فڪر ۽ ارمان کان بيحد پريشان ٿيس حال.

۽ لڳو ڪاغذ سان ڳالهائڻ زبان، حال سان،

چيائين اي ڪاغذ هي توتي ظلم ٿيو ڪنهن جي هٿان.

ڪنهن ڏنا تنهنجي آڇي دامن تي ڪارنهن جا چٽا،

چنڊ جهڙو تنهنجو منهن، ڪارو ڪيوڪنهن اي ادا.

هڪ ته اڳهين ڪاغذيءَ[44] تو تي ڪيا بيحد ستم،

پرزا  پرزا ڪيئين، سٽيائين ۽ ڪٽيائين دمبدم.

پوءِ نئي پاڻيءَ ۾ ٻوڙيئين تو کي ۽ موٽي ڪڍيئين،

۽ هڻي ڀت تي سڪايئين، پوءَ وري ويهي وڍيئين.

سنڌ سنڌ تنهنجو جدا ڪيئين ۽ وڪيائين جوف لاءِ

ظلم جي توتي ٿيا ان جي هٿان سي سڀ سٺاءِ،

ڪاغذيءَ کان پوءِ وري ڪيا ظلم توتي جلد بند،

ساڙ مان سوئا هڻي تو کي ڪيائين درد مند،

پوءِ شڪنجي ۾ وجهي تو کي چپيائين هاءِ هاٰءِ،

۽ سسي تلوار سان تنهنجي وڍيائين هاءِ هاءِ .

تڏهن ڏنيس ڪاغذ وراڻي، سچ چيئي اي نيڪ بخت،

جلد بند ۽ ڪاغذيءَ مون تي اهي ڪيا ظلم سخت .

پر  اِهي سختيون ۽ تڪليفون سهان جي ڪين هان.

تا وڃي پهچان ها آءَ  دربار شاهيءَ ۾ ڪٿان.

جڏهن تحمّل سان سٺيم سڀڪا مصيبت ٿي غريب،

تڏهن مون کي ٿي بادشاهن جي مشيري مس نصيب،

ڏوهه ڪونهي ڪاغذيءَ جو ۽ مجلديءَ جو به ٺاهه،

ايءَ سياهي ٿي، ڪيو جنهن مون کي اهڙو روسياهه.

پڇ وڃي مس کان اِهي سڀ مسئلا عاليجناب،

تان اها مائي ڏئي تنهنجن سوالن جا جواب.

تڏهن بزرگ آيو ستت مائي سپاهيءَ وٽ هلي،

چيائين: مائي مس، ڏئي[45] جي ڌيءَ، تون پيدا ٿينءَ ڀلي،

نور[46] جو اولاد تون، ٿيو روشنائي[47] تنهنجو نانو،

ڪيئن ڪيو ڪاغذ ويچاري کي تو ڪارو جهڙو ڪانو،

چيو سياهيءَ:  آءٌ فقيرياڻي هيس گوشه نشين،

ٿي رهيس ڪپڙي ۾ راتو ڏينهن باحال، حزين[48].

ٽي سيه پوشيءَ ۾ صوفين جان گذاريم صوف[49] ٿي،

ٿي سيه روئيءَ ڪري جڳ کان لڪايم پاڻ کي.

پر قلم نيزا[50] هڻي مون کي ڪڍي ٻاهر ڪيو،

بيگنهه پردي مان بي پردي ڪري مون کي وڌو.

مون کي ڪاغذ تي هنيو تنهن، ڏوهه هي سڀ ان جو آهه،

تون وڃي سائين قلم کان پڇ، آءُ آهيان بيگناهه .

تنهن تي ان عارف قلم ڏي منهن ڪري چيو: اي قلم،

تو سياهيءَ تي ۽ ڪاغذ تي ڪيا ڇو هي ستم،

تون شريف آهين ۽ نون ۽ والقلم[51] جو تو تي تاج،

۽ سريو تو مان سدا سيف[52] وقلم توآم جو ڪاج

ههڙي اشرافت سان صوفياڻي سيه پوشڻ کي ڇو،

بي سبب بي ڏوهه تو حجري منجهان گهلي ڪڍيو

مس کي بي پردي ڪري ڪيئي خلق ۾ خوار ۽ خراب،

۽ ڪيئي ڪاغذ جو منهن ڪارو، ڏنئي تنهن کي عذاب.

چيو قلم: استغفرالله[53]، مون نماڻي با يناز[54]،

هوڏي دريا جي ڪناري[55] تي پڙهي بيٺي نماز،

آيو هڪڙو هٿ، وجهي جهٽ جنهن کڻي مون کي وڍيو،

۽ گهڙي چاقوءَ سان مون کي ڪيائين نيزي جان تکو،

پوءِ وجهي مون کي سياهيءَ ۾ ڪڍيئين تنهن کي اتان،

ڏوهه منهنجو ناهي ائين هٿ کان پڇو تان ٿئي عيان،

تڏهن ڏيئي ڏوراپو هٿ کي ترت عارف هيئن چيو؛

تڏهن ڏيئي ڏوراپو هٿ کي ترت عارف هيئن چيو:

واهه ڙي هٿ واهه، هن عابد تي تو ڪيئن ظلم ڪيو.

يدبيضا[56] ۽ يدالله[57] آهي تنهنجي شان ۾،

مهر پيغمبر جي کان تنهنجو شرف انسان ۾،

خاتم[58]، حضرت سليمان تنهنجي آڱر ۾ سهاءَ،

ملڪراني ۽ حڪومت جي منڊي توکي جڳاءَ.

تو ڪيو ڪيئن هاءِ هن صحرا نشينءَ سان هي ستم،

ڏس ته ناحق يڪ[59] قلم تو سر قلم جو ڪيو قلم[60]،

هٿ ٻڌي هٿ عرض ڪيو : سائين مون کي ڪهڙي مجال،

آءَ هڏي ۽ ماس ۽ چم، ڪيئن ڪريان اهڙا قتال[61]،

ڏوهه منهنجو  ناهي، قوّت[62] جو آهيان اوزار آءَ،

ائين پڇو قوّت کان جنهن جو آهيان تعبدارآءُ،

تڏهن پڇيو قوت کان ان عارف اي قوّت ڪر بيان.

ڇو هلائي هٿ ڪرين ٿي، تون ضعيفن جو زبان،

چيو کلي قوّت نفعو نقصان منهجي وس نه آهي،

خودبخود مون ۾ چرڻ چورڻ جي ڪهڙي دستگاه ،

ٿيو ارادو مون تي غالب ، مون کي تنهن مجبور ڪيو،

عزم[63] انسانيءَ جي آءَ تابع، اوهين ان کان پڇو،

تڏهن ڇڏهن تنهن کي ارادي کان پڇڻ ٿيو نيڪمرد: 

ڇو قلم کي تو رسايو هٿ ۽ قوت ساڻ درد.

چيو ارادي آهي نِت منهنجي رهڻ جي جاءِ دل،

آهي پڻ منهنجي اپائڻ ۽ هلائڻ لاءَ دل،

جيڪي ٿي گذري ٿو تنهن ۾ ڪونهي منهنجو ڪو قصور،

آئين پڇو دل کان، پوي جنهن کي نِت پل پل ۾ پور.

تڏهن اچي دل کي چيو عارف ته اي قلب، بشر[64]،

تون رئيس العضو[65] عاليجاه ۽ والا گهر.

ڪئين هٿان تنهنجي ٿين هي پاپ ۽ ظلم ۽ ستم،

علم عقل انصاف سان تو کي جڳائي ٿو رحم.

ڇو پکيڙين ظلم جا اسباب دنيا ۾ تمام،

ظلم جو باني ٿي هر صورت ستائين خاص و عام.

تڏهن چيو دل بيدليءَ مان، اي سليم القلب[66] سڻ،

مون ۾ موجود آهي بيشڪ صالحن جو سڀڪو گڻ.

قلب آهيان پر قلوُبن جو مقلّب[67] ڪو ٻيو،

هي سڀئي اسباب آهن پر مسّبب ڪو ٻيو،

ڳالهه دل جي آهي هي، دل ۾ رهڻ ڏيو تنهن کي ائين.

پاڻ پردي ۾ لڪل، پتليون نچن سنسار ۾،

آڻي بازيگر وڌي بازي آهي بازار ۾.

رمز اونهي آهي هي، ڪا جاءِ قيل ۽ قال[68] جي،

گهرج هن جي لاءِ ” قليچ “ آهي زبان حال جي.

 

20. حواسن جي تکائي جو نتيجو

دل جي دانا ٿئي ته پوءِ ان جي بغل يار آهه،

اک جي بينا ٿئي ته ان کي هر طرف ديدار آهه.

ڪن جي شنوا[69] ٿئي ته حق جي ذڪر ري ٻيو ڇا ٻڌي،

ڄڀ جي گويا[70] ٿئي ته پوءِ هر ڳالهه ۾ اسرار آهه .


(1)  هميشه جيئرو آهي ۽ مري نٿو- يعني خدا

(2)  ترڪ ڪرين

(1)  مشهور نبي ۽ حڪيم

(2)   يا هنر

(3)   جملي جو فاعل

[1]  نيستي يا نفي

[2]   هستي يا اثبات

[3]  لا اِلا الاهو

[4]   يا ممدوح

[5]  زنگبار

[6]  حسابداني

[7]  مصر

[8] يعني سنئون

[9] يعني ڪٻڙو، ڏنگو

[10] چوڏهينءَ جو چنڊ

[11] نئون چنڊ

[12] محتاج

[13] گهر

[14] پاڪ گهر ڪعبي جو

[15] شيرازي

[16] لِڄ

[17] اي منهنجي پياري

[18] موتي پيهي سرمو ۽ معجون ٺاهيندا آهن.

[19] مسڪيني

[20]  امام مهدي، جو دجال کي ماريندو.

[21] جن کي سڪندر روڪيو.

[22] چوڻ ۾ اڇي ٿو ته ٻلا شينهن جي نڇ مان پيدا ٿيا.

[23] ننڊ ۾ پليد

[24] مشهور آهي ته نانگ بلائون حضرت آدم جي قي مان پيدا ٿيا.

[25] زمين

[26] آسمان

[27]  اي يار

[28] صبر ۽ تحمل ۽ حڪم

[29] روزو ۽ رياضت

* هنن نالن جي معنيَ ۾ سمجهاڻي لغت ۽ ٻين ڪتابن ۾ ڏسڻ گهرجي.

[30] چڱا نالا خدا جا قرآن ۾.

[31] سنڀال

[32] سون

[33]  وڏي شان وارو

[34] تونگري

[35] عربيءَ ۾ خير جي معنيَ مال به آهي.

[36]  هيءَ حديث آهي.

[37] قرآن ۾ دعا- ربنا آتنا في الدنيا حسنته وفي الاخرت حسنته و قنا عذاب النار

[38] حديث

[39]  مطلب پورا ڪندڙ

[40] مشڪل حل ڪندڙ

[41] عيب ڍڪيندڙ

[42] خدا جا نالا قران ۾ 99 آهن

[43]  خير خيرات ۽ سخا ڪرڻ سان.

[44]  ڪاغذ جوڙڻ واري.

[45] مس ڏِئي جي ڪارنهن مان ٿي ٺهي يا ڪجل مان.

[46] روشنائي

[47]هندستانيءَ ۾ مس کي روشنائي ٿا چون

 [48]  دردمند

[49] مس جو نائو

[50] نوڪ سان

[51] قرآن جي هڪڙي سور

[52] حديث- يعني ترار ۽ قلم جاڙا ڀائر آهن.

[53] توبهه توبهه

[54] نيازمند

[55] قلمن جا سر پاڻي جي ڪناري تي ٿيندا آهن.

[56] حضرت موسي جو هٿ

[57] مولي مرتضا 

[58] مُنڊي

[59] هڪدم

[60] وڍي وڌو

[61] ڪيس، ڪوس

[62]  جسماني طاقت

[63]  ارادو

[64]  انسان جي دل

[65] مکيه عضوو

[66]  سالم دل وارا صاحب

[67]  ڦيرائيندڙ

[68] سبب پيدا ڪندڙ يا سببن جو سبب

[69] گفتگو

[70] ٻڌندڙ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org