151.هيٺا نهين، مٿانهين آهي
ڇڏ وڏائي، وٺ نماڻائي ادا !
ڄاڻ هيٺانهين، مٿانهين تون سدا .
نَئي اچي ڪڙڪا ڪندي ٿي خوف مان،
پئي ڪِري ٿي هيٺ سا ٽڪرن مٿان .
ماڪ ويچاري پَئِي جا پَٽ تي آهه ،
سا چڙهي اُڀ تي، وٺي سج جي پناهه .
152.خير ڪندڙ سڀ کان چڱو
”صائم الدّهر“[1]
آهي جو دنيا پرست ،
”قائم اللّيل“[2]
آهي جو بدراهه تي .
تنهن کان بهتر خير ڪندڙ آهي سو،
جو رکي روزا نھ، نت ننڊ ون ڪري .
153.اوليائي تحت قبائي لايعر فهم غيري
(حديث قدسي)
خدا جا چار قُبّايا قبائون
سڀڪو هن دنيا ۾ هڪ جَبّي ۾ آهه ،
ناهي جبّي ۾ مگر قبّي ۾ آهه .
اهڙا تن ۾ ٿيا خصوصاً اوليا ،
”اَوليا تحت قبائي“[3]
چيو خدا .
اهڙا آهن چار قُبّا منجهه جهان ،
مرد حق جا ٿا رهن تن ۾ نهان .
رب بھ ”لا يعرفهم غيري “ چيو،
سڀ قباوارن سان سو لاڳو ٿيو .
پهريون قُبّو علم جو آهي ادا !
جي رهن تن ۾ سي ڏسجن ڄڻ مُلا .
مدرسن ۽ مڪتبن ۾ ڪن مقال ،
ڪو نھ مولى ري ٿو ڄاڻي تن جو حال .
سڀڪو سمجهي ان کي مُلّو مولوي ،
ڪو نھ ڪو ان کي ڪڏهن ڄاڻي ولي .
جو نھ خلوت ۾ رهي صوفيءَ مثال ،
۽ نھ خرقو سو رکي يا وجد حال .
ٻيو قُبو دنيا جي آهي اي ادا !
جنهن اندر سڀ ڪاسبي داخل ٿيا .
ٿيا اُهي دنيا جي ڌنڌن ۾ لڳل ،
ليڪ معنى ۾ ٿيا دنيا کان ڀڳل .
سڀڪو چئي، سوداگر آهن هي سڀئي ،
ويا اُهي ”بيع“ ۽ ”شرى“[4]
۾ سڀ لڳي .
ٽيو قبو آهي بلا ۽ مرض جو،
مبتلا، رهندڙ انهيءَ جو نت ٿيو .
ظاهري بيمار ٿا گهارين سي ،
زحمت ۽ آزار ٿا ڌارين سي .
صبر ۾ ليڪن گذارن روز و شب ،
ان کان ” اَ يّوبي“ ٿيو، تن جو لقب .
سڀڪو ڄاڻي، سي مرض ۾ ٿا مرن ،
ڪيئن ڀلا سي حق کي هردم ياد ڪن ؟
چوٿون قُبوّ دغا جو اي ادا !
اِيءَ پرولي ڪين تون پُرجهين صفا .
ان قُبي ۾ اوليا جي ٿا رهن ،
سي ملامت جڳ جِي سر تي ٿا کڻن .
ٿيا سي مولائي، نھ مُلا مولوي،
غير شرعي ڪم ڪندڙ ۽ بدعتي .
سي خراباتي ۽ عاشق رند مست ،
پڻ اُهي مجذوب ۽ شاهد پرست.
فاسق ۽ فاجر ٿا ڄاڻن تن کي سڀ.
ٿا وجهن لعنت ملامت تن تي سڀ.
خلق کي ائين سي دغا سان ٿا ٺڳين ،
راز پنهنجو پر سي ظاهر ڪن ٿا ڪين .
مست صورت ۾ قلندر جان اُهي ،
مَحو معنى ۾ رهن رب سان اُهي .
تون سنڀالي هل اُنهن سان اي ادا !
تا رهين دنيا ۾ خوش خورّم سدا .
تون سڃاڻين ڪين پردي ۾ ٿيو ڪير ؟
ڀُلُ نھ ظاهر تي، نھ تن سان پاء وير .
لوڪ ۾ لڪندا گهمن جوڳي سچا ،
هوش رکُ، ڪک َ هيٺ لک چيو ٿن ادا !
154.واصلن لاءِ عبادت، شرڪ آهي
عارفن کي ٿيو جڏهن حاصل وصال ،
تڏهن عبادت، تن جي لاءِ آهي وبال .
پوءِ عبادت، شرڪ تن لاءِ ٿيو عظيم ،
جيئن چئِي قدسي حديث آهي حڪيم[5].
پوءِ عبادت ڄڻ تھ محض آهي دوئي ،
عابد ۽ معبود ،وحدت ڪا نھ ٿِي.
عابد ۽ معبود ٿي پيا ٻھ ۽ غير ،
غير ُ، جي وحدت ۾ آيو ، ناهي خير .
وصل ۾ عاشق، فنا في الله ٿيو ،
فعل اُن جو، فعل آهي دوست جو .
تنهن تي بِي يَبصر[6]
۽ يَسمَع چيو خدا ،
”لي مع الله[7]
“ چيو نبيء اُن تي جدا .
ان ڪري منصور ”اناالحق“ هو چيو ،
بندگي، پوءِ پاڻ کي سجدو ٿيو .
پوءِ جي ڪم واصل ٿا ڪن ظاهر هتي ،
بيخوديءَ مان ڪن اهي ڪَلَ وانگي سي .
غرق آهن بحر و حدت جي اندر ،
ٿا اچن لڙهندا سي ۽ ترندا نظر .
جو فنا جي بحر ۾ ڪاهي پوي ،
ٽوپِي ۽ خرقو اول اُڇلي ڇڏي .
ٽوپي آهي نفس ۽ هِٺُ ۽ خودي ،
خرقو آهي جسم ۽ اَن َ جي ڀَري .
فارغ ۽ هلڪو نھ ٿئي ڪو جيستئين ،
ٿئي نھ تارو ۽ نھ ٽوٻو تيستئين .
155.صوفي اصطلاح مَحو ۽ مَحق[8]
مَحَق صوفي ٿا ٿين ۽ مَحو پڻ ،
صَرف گويا ٿا پڙهن ۽ نَحو پڻ .
معنى ٻنهِي جي ، ٿيڻ گم يا فنا ،
يا ٿيڻ يا بيخود، خبر جيئن پَئي نھ ڪا .
هڪڙو آهي مَحو ، جو ڄڻ آهي صَحُو[9]
،
محض سُڪر[10]
۽ بيخودي ٻيو آهي مَحو .
محو ٿئي جڏهن عين فاني ٿئي ڪو ئي ،
پر اثر باقي رهي ڪو اُن ڀي .
لوڻ مثلاً، جو پوي ٿو منجهه طعام ،
يا شَڪَر پاڻيءَ ۾، حل جا ٿئي تمام .
پر اثر، کاڌي ۽ پيتي ۾ رهي ،
هڪ سلوڻو، ۽ مٺو ٻيو ٿو ٿئي .
مَحق ٿئي، جڏهن فاني ٿئي ڪو سربسر ،
جيئن رهي باقي نھ ڪو اُن جو اثر .
جيئن پوي شيءِ کاڻ ۾ ڪا لوڻ جي ،
۽ مِلِي انسان، وڃِي خود لوڻ ٿئي .
باهه ۾ ڪاٺي ٻري ، جيئن ٿئي ٿي باهه ،
فرق پوءِ هِن ۾ ۽ هُن ۾ ڪو بھ ناهي .
يا هجي پاڻيءَ ٿي ڦوٽو ۽ ڦِسي ،
قطرو يا قلزم ۾ ڪو پوندو ڏسي .
پوءِ رهي باقي نھ اُن جو ڪو نشان ،
اُن جو ٿئي عَين ۽ اثر گُم بي گمان .
مَحو ٿيو هو ، بي خبر بيهوش ڀي،
مَحق، يعني محو منجهه ٿيو مَحو هي .
جو حقيقت ۾ بلاشڪ ٿيو فنا ،
پر هي وڌ ان کان، فنا منجهه ٿيو فنا .
156.دنيا جي حُبّ ۽ ترڪ
حُبّ دنيا جِي رکن ڪي علّتي ،
ترڪ دنيا جي ۾ آهه سلامتي .
انبيا ۽ اوليا تارڪ ٿيا ،
فاسق ۽ فاجر، دنيا جا محبتي .
حب دنيا راس ڪل خطئيته[11]،
”ترڪ دنيا راس[12]
ڪُل عبادته “.
157.ڪلموا الناس على قدر عقو لهم
سڀڪنهين وٽ هيءَ حديث آهي قبول ،
”کلّموا النا ّس على قدر العقول “[13].
عقل موجب هر ڪنهين سان ڳالهه ڪر ،
عقل جي انداز تي تون ڌيان ڌر .
ٻيءَ طرح، ڄڻ وقت ٿيو ضايع يقين ،
مُد ّعا حاصل ٿيو ڪنهن جو بھ ڪين .
بلڪ پهچي ٿو انهيءَ مان ڪو ضرر،
يا خرابي ڪا انهيءَ مان ٿئي پڌر،
علم جو نُڪتو جي ڪو عالم چوي ،
ڪيئن ڀلا جاهل کي سو معلوم ٿئي ؟
پڻ پڙهڻ ڪنز ۽ قد وريءَ جو ڪتاب ،
آهي بيشڪ ڄڻ رڍن آڏو رباب .
۽ جي حڪمت جي خبر ڏئي ڪو حڪيم ،
سمجهي ڪيئن نادان ُ، جو ناهي فهيم ؟
اوليائين جو، جو آهي حال قال ،
غافلن جي فهم ۾ ايندو محال .
بالغن جي ڳالهه ڪيئن سمجهن صغير ؟
ڪين سمجهن بادشاهن جي، فقير .
کير پيئندڙ ٻار کي پئي ڪهڙي پَر ،
حلوي ۽ مانيءَ جو لذّت جي خبر ؟
ڄاڻي ڇوڪر ڇا منجهان شاديءَ نڪاح؟
ٿي وڻي ان کي مٺائي جي صلاح .
نور سڄ جي جو انڌي کي ڇا سماءُ ؟
بلڪ اُن مان ٿئي اکين اُن جي کي گهاءُ .
سَرو َ جو ڪر ذڪر قمريءَ سان اَدا !
شمع جو پرواني سان پڻ ٿيو روا .
چِٻَ سان ڪر ويراني واري قيل قال ،
ڇيڙ بلبل سان تون گلشن جي مقال .
عشق جو احوال ڪر عاشق سان تون ،
ٿيو سو زاهد وٽ فسانو ۽ فسون .
هر ڪنهين جي طبع جي رک تون نظر ،
سمجهه آهر هر ڪنهين سان ڳالهه ڪر .
خاص سان رهه خاص ۽ سان عام، عام ،
ياد رک منهنجي نصيحت،و السّلام .
158.صالح ۽ محسن جي وچ ۾ فرق
فرق ٻڌ صالح ۽ محسن جو ادا !
نيڪ آهن ٻئي، سندن نيڪي جدا .
ٿو ڊڄي صالح سدائين کان عذاب ،
باهه دوزخ جي جو ناهي اُن کي تاب .
پڻ رکي هر وقت جَنّت جو هَوَس،
نفس جي لذّت جي نِت ڳڻتي اٿس .
دين جي ڪم ۾ رکي ڊپ ۽ اميد ،
ڪم ۽ نيّت جا سندس ٿيا هي ٻھ ڀيد .
پڻ ڊڄي محسن ٿو، پر سو کان جلال ،
پڻ رکي اُميد ، پر سو منجهه جمال .
پر نھ ان کي نفس لاءِ اميد ڊپ،
ٿو رهي هر وقت ان کي حق جو کَپُ .
ٿيو جو محسن، مخلص اُو لله ٿيو ،
ٿيو جو صالح، صادق اَو في الله ٿيو .
اهي محسن جِي اها ڪوشش پناهه ،
تا نھ ٿئي اُن کان ڪبيره ڪو گناهه .
پر نھ صالح جو رهي ٿو اهڙو حال،
ٿئس گناهن جي نھ ڳڻتيءَ جو و بال .
نيڪ بد ڄاڻي مُقدّر، کان ازل ،
ٿو ڪري، بيوس رهي، اُن تي عمل .
ڄاڻي ناممڪن ڪرڻ پاسو اتي ،
۽ نھ ڪڏهين پاڻ کي مختار چئي .
159.وليءَ ۽ نبيءَ ۽ رسول جي وچ ۾ فرق
واقف آهي راز حق جي جو ولي ،
ٿئي حقيقت جو انهيءَ کي ڪشف[14]
ڀي .
پر نھ اُن کي حڪم ٿيو اصلاح جو ،
حق نھ ان کي ، خلق جي ارشاد جو .
اُن جي خالق سان ٿي مشغولي رهي ،
خلق جي ڳڻتي نه ان کي ٿي رهي .
ٿيو نبي پڻ واقف ۽ ڪاشف، مگر ،
خلق جي اصلاح ٿي ان کي پڌر .
جنهن نبيءَ تي ٿيو وري نازل ڪتاب ،
شرع جي دعوت ۾ پڻ ٿئي فتحياب .
سو ٿو پيغمبر بھ سڏجي ۽ رسول ،
سو ولي ۽ سو نبي، ٻَئِي ٿيو قبول .
اِن طرح سڀڪونبي، آهي ولي ،
پر ولي سڀڪو، نھ سڏجي ٿو نبي .
۽ وڏي پهرئين کان ٻئي جِي منزل آهه،
جو نبوّت کان ولايت افضل آهه .
ٻُڌ سبب اُن جو تون اي طالب ! مُنکان ،
جو ولايت وئي نبوّت جي مٿان .
مُنهن وليءَ جو آهي هڪڙي دوست ڏي ،
۽ نبيءَ جو، خلق ڏي دائم رهي .
پر نبيءَ کي هي ٻھ مُنهن آهن مليا ،
تڏهن ٿيو اُو مقتدا[15]
۽ رهنما .
منجهه ولايت ، ٿيو گهڻو عشق ۽ ڪمال،
منجهه نبوّت، ٿيو گهڻو لُطف ۽ جمال .
ٿيو ولي ، نت مَحو ذات ۽ عين ذات ،
۽ نبي سمجهائي آسما ۽صفات .
160.روح جي حقيقت
روح جي معنى جا طالب ٿيا گهڻا ،
ان ۾ شُبهامختلف غالب گهڻا .
ڪو بھ مذهب روح جو ڳجهه ڄاڻي ڪين ،
ٿئي حقيقت جو نھ ڪنهن کي ٿو يقين .
روح کي البت سڃاڻن خود شناس ،
پر نھ ٿِي ظاهر ڪرڻ جي تن ۾ آس .
عارف ۽ ڪامل نھ ڪو ظاهر ڪري ،
حڪم حق جو ڪيئن وساري سو ڇڏي ؟
امر رب جو روح ٿيو قرآن ۾ ،
وڌ چوڻ ان کان، نھ ٿيو امڪان ۾.
روح جو ڳُجهه؛ ڳُجهه ٿيو الله جو ،
جسم جڳ ۾ ان جِي منزل گاهه ٿيو .
عڪس حق جو روح عالم ۾ تون ڄاڻ ،
فرق شخص ۽ عڪس جو نِت تون سڃاڻ .
روح صورت اصل هُئِي رحمان جِي ،
جا مثل ۾، معنى ٿِي انسان جِي .
روح ٿيو معنى اسان جي؛ تنهنڪري ،
روح جي معنى وري، حق ٿو ٿئي .
روح نامخلوق ڪوٺڻ يا قديم ،
قر طبيءَ[16]
جان ٿو ڪرڻ غلطي عظيم .
روح، مخلوق آهي پر خالق نُما ،
ابتدا وارو ، مگر بي انتها .
آهي جي مخلوق ، هالڪ ٿيو اهو ،
روح جڏهن ٿو جسم جو ياور ٿئي ،
سڀني صفتن جو تڏهن مظهر ٿئي .
جيئَن ڪ، حق ٿو ذات ۾ مخفي رهي ،
اِسمن ۽ صفتن ۾ ٿو ظاهر ٿئي .
تيئن رهي ٿو روح ، مخفي منجهه جهان ،
ٿئي حياتيءَ جي نشانن ۾ عيان .
جيئن ڪ حق عالم ۾ آهي، ناهي پڻ ،
مُنتّصل[17]
۽ منفصل[18]
ٻئي آهي پڻ .
حال تيئن روح ۽ بدن جو تون سڃاڻ ،
تَنَ جي اندر توڙي ٻاهر تون نھ ڄاڻ .
عَين جو عڪس آهي ۽ قالب ۾ عَين،
ر ُنبو ان جو آهي بين الر ُّتبَتَين[19]
.
روح جي لاءِ ڇو ٿيوسائل سڀئي ؟
روح آهي سائل ۽ مسئول ٻئي .
سڀڪا شئي، جيئن جڳ اندر اک ٿِي ڏسي ،
پر ڏسي ٿِي ڪينڪي اک پاڻ کي .
161.عشق ۽ عقل جو فرق
جنگ جاري آهي عشق ۽ عقل جي ،
جڳ اندر، پر عقل ڪيئن سگهندو ڀُڄي ؟
جڳ ۾ زورآور سدائين عشق آهه ،
مَٽُ انهيءَ سان عقل توڙي علم ناهه .
ٿِي اچي نت عشق جي ان کي مذاق ،
عقل کي ۽ علم کي جو ڏئي طلا ق .
جو ڪري ديوانو پاڻهئي پاڻ کي،
تنهن کي لذت عشق جي معلوم ٿئي .
عقل چئي، ڪر فڪر ڪو ڪم ڪار جو ،
عشق چئي، ڪر ذڪر پنهنجي يار جو .
عقل چئي، ٿيو وصل دلبر سان محال ،
عشق چئي، هر دم رهي انسان وصال .
گل ۾ جيئن ٿا رنگ ۽ بُو گڏ رهن ،
جان ۽ تن، جيئن ڳنڍيل ٻئي ٿا ٿين .
عقل چئي ، پنهنجي نگهداري چڱي ،
عشق چئي، پنهنجِي گرفتاري چڱي .
عقل چئي، تون غم کان نت آزاد رهه ،
عشق چئي، تون بندگيءَ ۾ شاد رهه .
عقل چئي، دانا ۽ سُو فسطاني[20]
ٿِي ،
عشق چئي، نادان ۽ سودائي ٿي .
عقل چئي، سک علم حڪمت ۽ فنون ،
عشق چئي، ڪر ترڪ سڀ ۽ وٺ جنون .
عقل چئي، رهه خوش ۽ وٺ دل جو فراغ،
عشق چئي، رک دل تي تازو غم جو داغ .
عقل چئي، حرفت، هنر جي ڏي ثبات ،
عشق چئي، ڪر پاڻ کي تون پاڻ مات .
عقل چئي ، پيادو ڪريان چاڙهي سوار ،
عشق چئي، ٿيو راند هارڻ ۾ نھ عار .
عقل چئي ، ڪر گفتگو، لَهُه آفرين ،
عشق چئي، ڪر ماٺ ڪي ڳالهاءِ ڪين .
ٻُڌ ”قليچا“ عشق جو تون راز سڀ ،
سوز وٺ اِيءُ، عقل جو ڇڏ ساز سڀ .
162.شراب ۽ رباب
حال تي ڪر رحم مون مخمور جي،
ڏي پيالو آب مان انگور جي .
ڳائي ساقي ! مون مئل ۾ ساهه وجهه ،
رک ٻھ آڱريون نبض تي طنبور جي .
163.تحمّل ۽ عالي طبعي
رکھ تحمّل اهڙو جو باري زمين ،
تو اڳيان هلڪي هوا وانگي ٿئي .
طبع عالي اهڙي، جو هلڪي هوا ،
مثل ڌرتيءَ جي ڳري پيئي لڳي .
164.دنيا جو خواب
خواب ۾ هڪ شخص کي آيو نظر ،
شهر مان ٿيو اُن جو صحرا ۾ گذر .
مست هاٿي هڪڙو اُت ايندو ڏٺئين ،
ڊپ سبب اُن کان بچڻ جي رٿ ڪيئين .
وڻ اڳيان آيس نظر هڪڙو وڏو ،
ڊوڙي سو هڪدم وڃي ان تي چڙهيو .
هاٿي گجندو آيو، سو بيٺو اچي،
پاڙ وٽ وڻ جي، هو جت هڪ کوهه ڀي .
وڻ اڳيان آيس نظر هڪڙو وڏو ،
ڊوڙي سو هڪدم وڃي ان تي چڙهيو .
هاٿي گجندو آيو، سو بيٺو اچي،
پاڙ وٽ وڻ جي، هو جت هڪ کوهه ڀي .
کوهه ۾ هڪ اڙدها هئي ڪا لڪل ،
وات جنهن جو هو سندس لاءِ پڻ پٽيل .
پڻ ڪُوئن جهڙا ٻھ آيا جانور،
هڪڙو ڪارو ، ٻيو اڇو ، آيو نظر .
سي وڍڻ ٿيا تُرت وڻ جي پاڙ کي ،
ڏند تکا هئا تن جا ، ويا ٿي سا وڍي .
وڻ تي مانارو هو ماکيءَ جو مٿان،
جي چڙهي، ڏنگن مکيون ان کي اتان .
ان طرح، هيٺان مٿان دشمن تيار ،
ڇا ڪري ويچارو؟ پيو منجهه انتظار .
ماکي ، ماناري منجهان پئي پڻ ٽمي ،
وات ۾ پيا ٿي ڦڙا ان جا سِمي .
ٿي چٽيائين شوق مان ، خوش ٿي ٿيو ،
وقت لئھ وسري سندس سڀ خوف ويو .
ايتري ۾ وَڻ، ڪوئن ڪاٽي وڌو ،
سو ڪِري پيو ۽ هو پڻ پَٽ تي ڪِريو .
اڙدها نڪري ڳهي هاٿيءَ کي وئي ،
۽ ڪرڻ سان، هن جي اک پٽجي وئي .
شخص هيءُ تڏهن ڊوڙيو پنهنجي پِير ڏي ،
تا حقيقت خواب جي اُن سان ڪري .
سا ٻڌي مُرشد سندس هن پر چيو :
هن طرح هن خواب جو تعبير ڪيو :
شهر آهي آخرت، صحرا جهان ،
مست هاٿي. هٺ کي سمجهج بيگمان .
وڻ اهو، ڄاڻج تون ماڻهوءَ جي ڄمار ،
۽ اڇو، ڪارو ڪوئو ، ليل ۽ نهار .
کوهه، آهي موت جو حيلو صفا ،
اڙدها، آهي اجل خود، اي ابا !
ماکي، پڻ دنيا جي لذّت ڄاڻ تون ،
آفتون آهن ڏنگيندڙ جيئن مکيون .
لذتن ڏي ماڻهو ٿو مائل رهي ،
هٺ ۽ مستيءَ کان سدا غافل رهي .
ان ڪري ٺڳجِي ٿو پنهنجِي جان ڏئي ،
نفس جي پويان لڳِي ٿو ناس ٿئي .
تون ابا ! منهن موڙ ان کان ۽ سنڀال ،
تا نھ ٿين لالچ ۾ ٺڳجي پائمال .
165.خوف ۽ هيبت جي وچ ۾ فرق
ٻڌ تون مون کان خَوف ۽ هَيبت جوفرق ،
تا حقيقت جي پوي تو کي خبر .
آهي هيبت ۾ لڪل ڏاڍي ڏ َيا،
رُعب ۽ عظمت جا ڊپ سان گڏ اَثر .
بادشهه توڙي امير آهي مَهيب ،
ٿئي ٿي هيبت، جڏهن پوي تن تي نظر .
اُن اندر اڪثر جلال آهي ڪمال ،
ناهي نفرت ان ۾، بهتر آهي پر .
ليڪ هر ماڻهوءَ ۾ خوف آهي خراب ،
سو ڊڄڻ نامرديءَ آهي ٿي مگر .
چورکان يا ڪنهن مروُنءَ کان ڪو ڊڄي،
ساهه جو ڊپ سو ٿو ڌاري بيشتر .
گرچھ خوف آهي خدا جو نت چڱو،
جو غضب ان جو سُجهي ٿو ۽ قَهَر .
|