سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :35

 

793 .  ارادو، ۽ قضا، قدر

ٿئي معلوم جو ٿو تابع علم

۽ ارادو مُريد جو تابع.

حق جي تقدير ۽ ارادو آهه .

هر ڪنهين شئي ۽ حال تي جامعِ.

تا اَبَد ٿئي مراد ۽ معلوم،

اصلا علم ۽ ارادو ٿيو شايع.

گرچه هڪڙي حديث ۾ آهي:

ته قضا جي دعا ٿئي مانع.

پر ٿِي معنيٰ اها ته اصل ۾ پڻ،

هو قضا ۽ قدر ۾ اِئين واقع .

جيئن ڪ جنّت ملي ٿِي عملن سان،

پر جي رحمت خدا جِي ٿئي راجع .

رزق بيشڪ ڏئي ٿو رزاق پاڻ،

پر ٿِجي ان جو طالب ۽ طامع.

اَجَل آهي اڳئي مقدّر پر،

فرض ٿيو ان جو نت ٿيڻ دافع .

ٿجي ”يغفر لمَنِ’ يشاءُ“[1] تي خوش،

“يفعل ” مايريد“[2] تي قانع .

 

794 .  مريد ۽ مراد

خالي ٻن حالتن کان تون ناهين،

يا مريد آهين يا مراد آهين.

يعني مُخلص ۽ مخلص آهين تون،

يا چڪين ٿو تون ، يا ٿو چڪِجين تون.

طالب آهين تون، آهين يا مطلوب،

يا مُحب آهين، آهين يا محبوب.

جي مريد آهين، کڻ سڀئي تون بار.

جي مراد آهين، ڪر نه شڪوو يار !

هر طرح تو کي وصل حاصل ٿئي،

جي وهين ۽ سهين تون صبر ڪري.

ٿيون بلائون اچن محبن تي ،

آزمائي ٿو رب سدا تن کي.

جي محّب ان جا سي سندس محبوب،

ڏک ٻنهي حالتن ۾ ٿيا مرغوب.

اوليا، انبيا، مريد، مراد،

هر ڪنهين حال ۾ رهن ٿا شاد.

 

795 .  خرقه پوش ۽ قبا پوش

جيڪِي ڳولين ٿو خرقه پوشن ۾ ،

هٿ ڪيو آهي سو قبا پوشن .

قول ”لااعتبار فيِ الخرقه[3]،

آهي مولا عليءَ جو نِت روشن.

 

796 .  دل ۽ جسم جو مقابلو

قلب، قالب ۾ قيد اهڙو آهه ،

جهڙو پڃري ۾ بند آهي پکي .

يا خزاني جِي ڪوٺيءَ اندر مال،

يا ته دٻليءَ ۾ جيئن رکيل موتي .

ڪم پکيءَ سان ٿيو، نه پڃري سان،

قيمتي موتي ٿيو، ٿي دٻلي.

گهرجي سڀ کي خزانو ٿو ۽ مال،

ڪم اچي اهڙي ڪين ٿِي ڪوٺِي.

دل ٿي سالم ته جسم ٿيو سالم .

آهي فرمايو اهڙي ريت نبي .

 

797 .  روزي، زهد جي

زهد جي هٿ سان جو وٺي روزي،

هٿ نه رغبت جو ان کي لائي ٿو .

جيڪو کائي ۽روئي ٿو ، سو ناهه ،

اُن سان مٽ ، جو کلِي ۽ کائي ٿو.

 

798 .  قول، عمل ۽ اخلاص

اچي قول ۽ عمل ٿو منجهه ايمان ،

رڳو ڪلمي سان چور ڪين زبان.

ڪين مقبول ٿئي عمل، ري قول،

پُڇا اخلاص ري عمل جي ڪانه.

سنتون پونديون ڪيئن قبول آهي ،

جن ۾ ناهن متابعت جا نشان؟

799 .  ڏک ۽ سک ۾ ڇاڪجي؟

امر ۽ نَهي حق جو ڪر تون قبول،

جان ۽ دل، مٿي ۽ چشمن جان.

صبر جي هٿ سان وٺ تون تنگيءَ کي،

۽ فراخيءَ کي، شئڪر جي هٿ سان.

’يسر‘[4] ۾ شڪر ڪر ۽ ’عسر‘ اندر[5] ،

ڪر تون توبهه ادا ! گناهن کان.

 

800 .  جنَت، منقود ۽ معهود

ڪن کي جنَت خدا ڏئي منقود،

۽ ڏئي ڪن کي ٻِي، جا ٿِي موعود.

هو’ ملي نقد هِت۽ هٿ ۾ ٿي.

هِن جو وعدو سڀاڻي آهي صحي.

رب جو هو ‘ قرب ۽ قضا تي رضا.

۽ ڪلام اُن سان بيحجاب سدا.

هن جو ٿيو مومنن سان عهد اقرار،

ڪَن سڀان ربّ جو اُھي ديدار.

 

801 .  مومن جو ظاهر ۽ باطن

فقر مومن کي منهن ۾، دل ۾ گنج،

منهن ۾ اُن کي خوشي۽ دل ۾ رنج.

خوشي ۽ گنج، رب جو آهي لقا،

آهي فرمايو اِئين رسول خدا.

 

802 .  کِل ٿورو ۽ رو گهڻو

قيد ۽ غم جي گهر ۾ گهارين ٿو،

ڪر خوشي گهٽ ۽ غم زيادهه ڪر.

ٿورو کل يار ! ۽ گهڻو تون رو،

جو ڪيو ٿي اِئين نبيءَ (ص) اڪثر .

 

803 .  خدا، دنيا ۽ آخرت جا مريد

آڻ ڳڻيا ٿيا مريد دنيا جا،

آخرت جا مريد اُن کان ڪم.

پر خدا جا مريد آهن جي،

سي ٿيا اَڻ لڀ هماءُ جان هڪدم.

 

804 .  دنيا، هٿ ۽ دل مان ڪڍ

آهي دنيا فساد جو مايو،

۽ خرابين ۽ آفتن جو گهر.

دل مان ۽ هٿ مان پنهنجي ڪڍ اُن کي،

جي رکين اهڙي سگهه ۽ اهڙو جگر.

نه ته ادا ! پهرين دل مان ان کي ڪڍ،

رک فقط هٿ ۾، جيسين ٿين تون سٻَرَ.

جڏهن قوّت وٺين تڏهن ان کي ،

هٿ مان ڪڍ، تا نه پهچي تو کي ضرر،

ڏي خدا جي عيال کي بخشي،

ٿيا مسڪين، بيڪس ۽ بي برَ.

 

805 .  ترقي، روز بروز ضرور

گرچه آهي شمار ۾ حيوان،

آهي اشرف سڀن کان پر انسان.

جو سدائين ڪري ترّقي اِهو.

رهي حيوان نِت ٿو هڪجهڙو.

حڪم اهڙو حديث ۾ آهي،

جو ٻڌو دوستو ! ائين ڪنَ لائي.

جنهن جو ڪالهو ڪو ڏينهن اڄ کان ڀلو،

نااُميديءَ ۾ سو سدا رهندو.

جنهن جا هوندا ٻه ڏينهن هڪ جهڙا.

تنهن کي پوندا سدائين پيا ٽوٽا.

هڪڙو مغبون ٿيو ۽ ٻيو محروم،

ٻئي نڀاڳا ٿيا سدا مغموم.

روز بهتر ٿِي، رهه نه تون يڪسان،

ڪالهه کان اڄ، سڀاڻي وڌ اڄ کان.

ڪالهه، اڄ تنهنجا جي برابر ٿيا.

يا ڀلو ڪالهه هوئين تون اڄ کان ادا !

ته ڀڳو حڪم تو حديث سندو ،

ناهي ايمان پورو تڏهن تنهنجو.

فرض آهي ترقي روز بروز،

ڪر تون ڪوشش ۽ رهه تون علم آموز.

 

806 .  نيت عمل لاءِ ضروري

ڪر سدائين عمل کان اڳ نيت ،

ناهي نيّت بنا عمل ڪوئي.

جي ڪرين ماٺ يا تون ڳالهائين،

ته ٻنهي لاءِ ضروري نيّت ٿي؛

نه ته گنهگار ٿيندين هر ڪَمَ ۾ ،

ڌارا نيّت درست جي، جي ڪيئي.

807 اميد ۽ خوف جي حد

جنهن جي اُميد، خوف تي غالب،

اُهو زنديق آهي، ڪافر ٿيو،

جنهن جو غالب اميد تي ٿيو خوف،

آهي محروم، نااُميد اُهو.

وچ ۾ ٻنهين جي سو سلامت هوئي.

جو سدائين منجهه اعتدال رهيو.

 

808 .  دل جي پاڪائي ضرور

ماڻهو هڪ، بايزيد وٽ آيو،

هيڏي هوڌي لڳو نهارڻ سو.

بابزيد ان کان تڏهن پڇيو، اي ميان!

ڇا ٿو گهرجئي، ته توکي سو آءُ ڏيان.

تنهن تي هن چيو، نماز پڙهڻي اٿم،

پاڪ ڪا جاءِ ٿي هتي ڳوليم.

چيائين ان کي ته پنهنجي دل رک پاڪ،

جت وڻئي، نت نماز پڙهه بي باڪ.

 

809 .  توڪل جي تعليم

پورهيو ڪر، رزق ڳولي تون هٿ آڻ،

رک تعلق سبب سان روزيءَ ڪاڻ.

جڏهن ايمان زور ٿئي تنهنجو،

وٺ مسببکي، ڇڏ سبب جو سهِو.

ڪسب پهرين ۽ پوءِ توڪل آهه ،

جمع ٻئي ڪر ۽ پاڻ ۾ ٻئي ٺاهه.

ابتدا هو ۽ انتها ٿي هِي ،

هو شريعت ۽ هِي طريقت ٿي.

هُو جو ’سفيان‘ سڏبو هو ’ثوري‘ ،

هئي انهيءَ وٽ ڪماليت پوري.

جڏهن اوائل ۾ علم پڙهندو هو،

پنج سوُ دينار پاڻ رکندو هو.

خرچ ٿي ڪيئين گهڻيءَ ڪفايت سان،

قوت ڪيئين ٿي، پڙهيئن ٿي علم اُن مان.

جڏهن ڪيئين نيٺ علم جِي تحصيل،

معرفت تي ڪرڻ لڳو تعميل .

۽ توڪل جِي ورتي اُن تعليم .

مال ۽ مُلڪ سڀ ڪيئين تقسيم.

ڏئي فقيرن کي، پاڻ ٿيو مسڪين،

حق کي سمجهين وڪيل پنهنجو يقين.

چيائين:  جي آسمان ٿِي پئي لوهه ،

ڌرتي ٿي پئي ڦِري جبل ۽ روهه.

نه وسي پاڻي ۽ نه اُڀري ڪي ،

ڳوليان ته به ڪين پنهنجي آءُ روزي.

جي ڪريان ائين ته ٿي پوان ڪافر.

بک ۽ اُڃ  ۾ مري وڃان آءُ مر.

اِن طرح پهرين شرع ، پوءِ طريق،

ٿئي توڪل جي ڪسب مان توفيق.

 

810 .  موت کي ياد ڪريو

موت جو ذڪر ٿيو جلاءِ القلب[6]،

موت کي ياد نِت ڪريو اَئين گهڻو.

حڪم آهي حديث جو اي پڻ ،

جيڪي بيمار ٿيا، اُنهن کي پُڇو.

جي مرَن، تن سندي جنازي سان.

اوهين اڪثر مقام تائين وڃو .

موتُ، جي ياد پيو ته پوءِ البت ،

ياد پئي آخرت ۽ ٿئيو ڀلو.

آخرت ياد پئِ ته پوءِ آخر .

وسري دنيا ۽ ان جو چاهه ڇڏيو.

 

811 .  حق جي محبت خالص

حڪم ٿيو ”فاذ ڪروني اذڪرڪم[7]“.

ياد مون کي ڪريو ته اُن کي ڪريان.

پن ” يحبوَّنَهَم يحبهُم[8] “ اهه .

هُو گهرن حق کي، تن کي حق ، توڙان.

پڻ چيائون ”ڪما تُدين تُد ان“.

سو ملِي تو کي جو اچي تو مان .

حق مراد، ۽ اوهين مريد اول،

پوءِ مراد آئين، مريد حق ٿئي عيان.

ٻار ٿئي ماءُ جو اَول طالب،

پوءِ ٿئي ماءُ ان جي، سوق منجهان ،

رک محبت تون حق سان اصل سچي.

حق، محبت رکي سچي توسان.

پر محبت گهري ٿو حق خالص،

هو غيور آهي، ٿو رسي غيران.

وڻيو آدم کي هو  بهشت جو باع،

حق ڪڍيس هڪ بهاني سان اُن مان.

رکي ”حوا“ سان جڏهن محبت آُن،

ورهيه ٽي سوُ ، ٿيا ڌار هڪٻئي کان

حسب’يعقوب‘  کي ٿِي ’يوسف‘ جيي ،

ٿيو جدا ان کان ۽ رهيو گريان.

پٽ اسان جي نبيءَ جو ’ابراهيم‘ ،

رهيو حضرت ٿي جنهن تر عاشق جان‘.

ماريو غيرت کان نيٺ حق اُن کي .

تا نه ان کي وري ڏسي موُران.

ڏُهئا پيارا هئس ’حسن‘ ۽ ’حسين‘ ،

ٿِي سي مظلوم، ماريا قوم هٿان.

پڻ ٿيس پياري عائشه بيبي ،

ڪوڙي تهمت به آئي اُن جي مٿان،

رهيو اُن کان جدا نبي ڪي ڏينهن.

جيسين پوءِ ٿِي صفائي حق طرفان .

حبءَ خالص تون رک ڌڻيءَ سان ادا !

ته لهين مان تون ڌڻيءَ جي دران..

 

812 .  دنيا حڪمت ، آخرت قدرت،

دنيا حڪمت ٿِي، آخرت قدرت ،

هتِي اَسباب گهرجي پر نه هتي.

گهر ۾ حڪمت جي تون ڪمائي ڪر.

ته تون گهر تائين پهچين قدرت جي،

 

813 .  دنيا ۽ آخرت محبوب

آهي محبوب نفس جو دنيا ،

دل جو محبوب آخرت آهي

دل اندر سرِّ جو رهي مخفي ،

تنهنجو محبوب حق ري ٻيو ناهي.

 

814 .  اسلامي ترقيءَ جا درجا

دل کي  مسجد بناءِ اي بندا !

تا وڃن وڌندا درجا تو سندا

پهرين اسلام، پوءِ ملئي ايمان ،

پوءِ مٿي ان کان هٿ اچئي ايقان.

متي ايقان کان به معرفت آهه ،

معرفت کان چڙهي، تو علم ڏي ڪاهه.

علم کان پوءِ اچين محبت تي،

آهي محبو بيت آنهيءَ کان مٿي،

پوءِ سُتل جي هجين ته پڻ بيدار.

هجين غافل نه پڻ ٿين تون هُشيار،،

 

815.  حجاب جا قسم

نفس تنهنجي جو خَلق آهي حجاب،

نفس تنهنجي سندو حجاب ٿِي دل.

دل جو موٽي حجاب آهي سرَِّ ،

ڇڏ حجابن کي، حق سان ٿي واصل.

 

816.  ويجهڙائيءَ ۾ خوف

جيئن خدا کي سڃاڻي ڪو واڌُو،

تيئن وڃي پوندو ويجهو اُن کي اوُ.

ٿيندو جيئن  ماڻهو اُن کي وڌ نزديڪ،

خوف، خطرو خدا جو ٿئيس وڌيڪ.

ڊپ رکي بادشاهه جو نه فقير،

بادشاهه کان ڊڄي وڌيڪ وزير .

 

817.  خير ۽ شر، خدا جي هٿ

خير ۽ شرَّ ٻئي، نفعو نقصان،

هٿ ۾ پنهنجي رکي ٿو نِت رحمان.

هٿ ۾ پڻ اُن جي عزت ۽ ذلت،

پر هٿان خلق جي ڏئي البت.

جي رکين اعتقاد ايءَ تون ڪثير،

وچ ۾ خالق ۽ خلق جي ٿين سفيِر.

 

818.  علم، ڪٿان حاصل ٿئي؟

علم حاصل ٿئي ٿو حال منجهان ،

ٿئي ته حاصل ڪڏهن ٿو قال منجهان.

علم مردن جي وٺ زبان سان تون،

دفترن مان، نڪي مثال منجهان.

 

819.  دل ۽ زبان، موافق

قال تنهنجو، ٻڌائي دل جو حال،

ترجمان آهي دل جِي اصل زبان.

دل جي صاف ۽ صحيح، ته قول صحيح،

۽ جي ناهي، ته باطل آهي بيان.

دل صحيح سا رهي ٿِي، جنهن ۾ يقين،

۽ توڪَّل ۽ علم ۽ ايمان.

هوئي جي باطل، غلط ۽ ڪوڙو ڪلام،

سمجهه، اُن دل ۾ شِرڪ ۽ شيطان.

 

820.  هدايت ضرور آهي

واٽ جي لاءِ سونهو آهي ضرور،

ٿِي نه جهنگل ڏي دوست! تون راهي،

هادي، درڪار ٿيو هدايت لاءِ،

عقل پنهجو، فقط ٿِي اونداهي.

قول آهي حديث جو پڻ هيئن،

آهي خودرائي اصل گمراهي.

دين جي لاءِ نبي تڏهن آيا،

جو خدا پنهنجي سنّت ايءَ چاهِي.

 

821  موت وقت، ايمان جي نشاني

وقت لاڌاڻي صالحن جي ادا !

آهي ايمان جِي هِي نِشاني.

ته مرڻ مهل منهن هجي زردو.

۽ پگهر سان پسيل هوئي پيشاني.

 

822  رزق جا قسم

رزق، اصل آهي چئن قسمن جو،

وصف هر هڪ جِي ٿو ڏيان، سا ٻڌو،

رزق مقسوم، آهي سو جو خدا،

لوح محفوظ ۾ ازل کان لکيو.

رزق مضمون آهي، وجهه ڪفِاف،

جنهن جو ضامن، سڀن جي لئه حق ٿيو.

رزق مملوڪ، ٿيو ذخيرو رکيل،

مال، اسباب، پئسو ۽ ڪپڙو.

رزق موعود، ٿا چون ان کي،

جنهن جو حق صالحن سان ڪيو وعدو.

 

823  راڳ ڪڏهن ٻڌجي؟

ٻڌجي تڏهين سماع، يعني راڳ،

چار ڳالهيون جڏهن اچن ٿيون اڳيان.

’مستمع‘ ۽ ’مسمع‘ ۽ ’مسموع‘،

پوءِ ’مسماع‘، ٻڌُ اِهي مون کان.

راڳ ٻڌندڙ ۽ راڳ ڳائيندڙ،

ڳائجي جيڪي، ڳائجي جنهن سان.

هجي ٻڌندڙ خدا جو بندو نيڪ،

حق ٻڌي ۽ هلي جو حق جي پٺيان.

ڳائيندڙ مڙس هئي، ته زال، نه ٻار،

ٿئي متان نفس جو فساد ان مان.

ڳائجي جيڪي، هڻي نه هزل، نه فحش.

 

824  دعا گهرڻ جي سنّت

سنّت آهي نماز بعد دُعا،

دل سان، ڄڀ سان، هٿن سان، سِک ٽيئي.

صدق دل ۾، خدا جو نانءَ ڄِڀ تي،

وٺ هٿن سان، مراد ڄڻ ته ملِي.

سمجهه رحمت ٿئي ٿي اُت نازل،

مينهن جا، اُڀ مان. اَڻ هٿ ساڻ وٺي.

ٻُڪُ وڏو جهل، دعا گهرڻ جي وقت،

هٿ مٿي کڻ، ملائي آڱريون ڀي.

جيئن تون برڪت جهٽين گهڻي ۽ مٿي،

نه وٿيِن مان وڃي هٿن جي وَهِي.

 

825 .  قطب ۽ ٻين اَوليائن جو تعداد

قطب آفطاب آهي هڪڙو شخص،

قطب اَوتاد سڀ ڄڻان ٿي چار.

ٿيا اَبدال ڪُل ڄڻا چاليهه ،

اوليائن جو چار سوُ ٿيو شمار.

ٿئي مٿي خالي جاءِ هيٺان ڀرين،

ٿئي هڪُ عامِي اوليا جو يار.

 

826 .  جوان ۽ پوڙهي ۾ فرق

ٿا مٿي تي کڻن جوان اکيون،

اکيون کيسي ۾ ٿا کڻن پوڙها.

ٻن ٽنگن تي سدا هلن ٿا جوان،

ٽن ٽنگن تي گهڻو هلن پوڙها.

 

827 .  ڏيڻ ۽ ڏکوئڻ

قسم ماڻهن جا چار دنيا ۾،

خلق کي ٿا ڏين، ڏکوئن جي.

ڪي ڏين ٿا مگر ڏکوئن ٿا.

نه ڏين ڪي، نڪِي ڏکوئن سي.

ڪي ڏين ٿا ۽ پڻ ڏکوئين ڪين،

ڪي ڏکوئين، ڏين نه ڪجهه ڪنهن کي.

ٿي سگهي جي، اوهان کي يارو! ڏيو.

پر ڏکويو نه ڪنهن کي، جي نه ٿئي.

 

828 .  دل ۽ جسم جي گناهن ۾ فرق

جيئن اکين سان ڪري ٿو سگهجي زنا،

تئين ڪنن سان ڪجي ٿو روڪ بنا.

ماڻهو ٿئي مست، جڏهن پئي ٿو شراب،

تيئن ٻڌي راڳ، ٿئي ڪنن سان شتاب.

راڳ، جنهن کي عرب سڏين، ’سماع‘،

سو ڪرڻ آهي ڄڻ اکين سان جماع.

اچي لذّت انهيءَ ۾ ٿي اهڙي،

وصل محبوب جي ۾ ٿئي جهڙي.

خيال سان پهرين دل گناه ڪري،

جسمي عضون سان پوءِ ڪاهه ڪري.

نه ٻڌو ٿئي، زنا هٿن سان ٿئي؟

خيال سان دل، مدد انهيءَ کي ڪري.

جلق جنهن کي چون ۽ مشت زني،

جسم ۽ دل، ڪيو گناهه ٻنهي.

ماڻهو دل ٿي  يا رُوح، ناهي جسم،

ظاهري، باطني گناهه جا قسم.

پر ٻنهي لئه جوابدار ٿِي دل،

ماڻهو روح آهي، جسم آب ۽ گِل.

دل جو ٿيو جسم کان گناهه وڏو.

وڻ نه اُڀري، جي اصل ناهي ٿڏو.

ڏوهه آسان ٿيو ڪرڻ سان دل،

جسم سان آهي نت ڪرڻ مشڪل.

شرع جِي حد ٿي گرچه ظاهر تي،

باطني ڏوهه ٿيو انهيءَ کان مٿي.

جسم جِي هنِ جهان ۾ ٿي سزا.

روح کائي سزا ٿو منجهه عقبيٰ .

هيءِ سزا، هن سزا اڳيان ڪجهه ناهه،

چڻگ هي آهي ۽ هو آهي باهه،

چڻڱ ڪر تون قبول هت اي دل!

باهه هُت ٿِي سفُر جي نار مثل.

 

829 .  چئن عناصرن جِي جنگ

جي ٻڌين چئن عنصرن جي جنگ،

حال معلوم ٿئي انهن جو تڏهن.

باهه جو واءُ دوست ۽ دشمن،

ڪڏهن ماري، ڪڏهن اُجهائي تنهن .

ڦوڪ ڏَئِي چڻگ مان ڪجي ٿو مچ،

ڦوڪ سان ٿو ڏيو اُجهامي بنهن.

باهه کي پاڻي نِت اُجهائي ٿو.

دشمني تن جي نا ٻڌي هر ڪنهن.

واءَ، پاڻيءَ تي پڻ وڃي ڪاهي،

ڪڏهن چيڙائي ۽ ڀڄائي ڪڏهن.

جئن دريا ۽ سمنڊ تي لهريون،

غرق ٻيڙا ٿين اُتي ٿا مڏهن.

خاڪ جا ويري واءَ ۽ پاڻي،

باهه ساڙي، پچائي ان کي هڏهن.

 

830 .  رزق ۽ اجل، شرط

رزق پاڻهئي يقين اچِي ملِندو،

ان کي ڳولڻ مگر ضرور آهي.

ري اجل گرچه ڪونه ڪو مرندو،

موت جي منهن ۾ تون نه وڃ ڪاهي.

 

831 .  سڄي ۽ کٻي جو فرق

فرق ڏس تون سڄي، کٻي جو يار !

هنِ ۾ برڪت ۽ هن ۾ ناهي ڪا.

جڳ ڏئي عزت ۽ شرف هُن کي،

هنِ جو درجو خميس جاءِ بجا.

ٿا سڄي شاهه جي امير و ِهن ،

۽ کٻي، جن جا گهٽ ٿيا درجا .

هوء خدا وٽ ’يمين‘ جا اصحاب ،

۽ هِي اصحاب ٿيا ’شمال‘ سندا .

هٿ سڄي سان ٿي کائجي ماني ،

۽ کٻي سان ڪجي ٿي اِستنجا .

هٿ سڄو ڏيئي، يار سان ملجي ،

پڻ سڄي سان ٿيو سلام روا .

سڄي پهرين ورائجي ٿو سلام.

پوءِ کٻي ، تڏهن نماز ٿئي ٿي ادا .

گهِڙجي مسجد ۾ ساڄو پير رکي ،

حڪم اهڙو ڪيو رسول خدا .

مُنڊي، مومن وجهن سڄِي هٿ ۾ ،

پر کٻي هٿ ۾ پڻ وجهن ڪي ٿا .

لکجي ، وٺجي، ڏجي ۽ ڪمّ ڪجي ،

هٿ سڄي ساڻ پهرين، اصل ڪنا .

ڏس ! ٻُڙي اَنگ جي  سڄي پاسي ،

مُلهه انهيءَ جو ڪري ڏهوڻو سدا .

۽ جي لکجي اُها کٻي پاسي ،

بيقدر آهي سا ۽ بي معنى .

 

832 .اَ سان جي ڪٽنب جو ن زالون

ٻُڌ تون زالون ڪُٽنب اسان جي جون ،

نالا تن جا سڀئي ڪريان اظهار .

زال بابي جِي ، ماءُ اسان جِي جا ،

نالو تنهن جو ’سڪينھ‘ هو نروار .

۽ وڏو ڀاءُ سندم ’غلام رضا ‘ ،

زالون هڪٻئي پٺيان هيس ٽي، ڌار .

هڪڙي ساره ، ’ جهان بيگم‘ ٻِي ،

ٽي کي تون ‘شاه جهان بيگم‘ سار.

ادي ’صادق علي‘ کي زالون ٻه ،

’موتي بيگم‘ ٿِي پهرين خوش آطوار.

ٻيءَ جو ’آرام جان ‘ هو نالو،

جا وڃي، کيس پوءِ ملي يڪبار.

پرڻي هڪ زال ادي علي قليّءَ‘ ،

نالو ’ّخورشيد بيگم‘ اُن جو سنڀار.

ادي ’جعفرقليءَ‘ جون مڊمون ٻه ،

’آئڊا‘ ۽ ’بيسي‘ ٻار جن جا چار.

ٻه ننڍا ڀاءَ ’نجف‘ ۽ حيدر جي.

سي ڇڙها ويا جوان، حورن پار.

آءُ ثيو تن ۾ مون کي زالون ٽي،

پهرين ’خيرالنساءِ‘ کي ڪر تون شمار.

اُن کان پوءِ ٻئي ٿي ’ماهرز بيگم‘ ،

جا مري جلد وئي، ڄڻي هڪ ٻار،

پوءِ ’فيروز بيگم‘ ائي آهه،

ڊگهي ڪندو انهيءَ جي رب ڄمار.

پيءَ ۽ ست پٽ ۽ زالون هِ ٻارنهن.

ٻه جيئِن تن مان، هڪ جو آءُ ڀتار.

هڪ مڊم جيئري ۽ ٻي منهنجي زال.

ٻيا ستا سڀ، فقط اسين بيدار.

ڌارين تن مان ٿِي منهنجي پهرين زال.

۽ ٻه مڊمون، جي ٻهران آيون يار!

ججهو اولاد رب سڀن کي ڏنو.

جي اڳِئي مون ٻڌايا نالي وار.


[1]  جنهن کي گهري، ان کي بخشي ٿو (آيت)

[2]  جيڪي چاهي ٿو، اهوئي ڪري ٿو (آيت)

[3]  خرقي ۾ ڪو اعتبار نه آهي.

[4]  آسانيءَ جي حالت

[5]  ڏکيائيءَ واري حالت

[6]  دل لاءِ روشنائي

[7]  اوهان مون کي ياد ڪريو ته مان اوهان کي ياد ڪريان

[8]  آيت رسول (ص) سان محبت، گويا الله سان محبت ڪرڻي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org