سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :10

 

 

 

چندن هار

ڀاڱو ٻيو


 

 

 

 

 

(1) بحر رمل  مثمن

 

فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات

1. انسان ۾ خير ۽ شر جي حڪمت

هر ڪو هن دنيا ۾ مظهر[1] آهي حق جي نانو جو ،

ڪو ڪري ٿو پاڻ مان قهّار ظاهر، ڪو رحيم؛

جو ٿيو قهّار جو مظهر، ٿئي مقهّور نيٺ،

جو ٿيو رحمان جو، رحمت ۾ سو ٿئي مستقيم ؛

جنهن صفاتي اسم جي تو ۾ صفت پيدا ٿئي،

تنهن سان حڪموءن نيٺ نئي شامل ڪري توکي حڪيم؛

هر صفت ۾ ٿي خدا جي ذات بيشڪ منّصف[2]،

لاءِ بخيل آهي اُهو قابضِ[3] ۽ باسط[4] لاءِ ڪريم ؛

اِن طرح هر اسم جي مظهر جو سمجهج حال تون،

جنس ٿئي همجنس سان پيوند، منجهه اميّد ويم[5]؛

ڇو چوان آءُ توکي هي ڪم ڪر ادا ۽ هو نه ڪر،

پاڻ ڪر ويچار پاڻهئي، عقل ڌارين جي سليم؛

جيڪي سمجهي تون ڪندين، شامل انهيءَ سان ٿيندين تون،

ڪلُ شي يَرجيج اِليٰ صليه[6] ، اٿئي گفتگو قديم؛

جنس آهي جنس ڏي انصاف مائل سدا عالم ۽ يار،

ظلم اِن ۾ ناهي، اِيءُ انصاف ڪيو عادل عظيم ؛

جي هجي ها اُن جي ابتڙ، تا هجي ها او خطا ،

حق خطا کان پاڪ ٿيو، ايءُ سمجهه تنهنجي ٿي مقيم.

 

2. بديءَ  جا خيال  (مسدس )

دل ۾ بيڪفري هُجي ۽ مال زر هوئي بيقياس

طعام عمدو هوئي اڳيان ۽ بُت تي هوئي عمدو لباس ؛

عيش عشرت جو هجي سامان هردم آس پاس،

مئي به هوئي، ساقي به هوئي ۽ خوش هجن پنجئي حواس؛

بس بهشت آهي اِهو، ٻيو آهي جيڪي وهم آهه،

کاءُ پي ڪر عيش هر دم، جي ڪو تو ۾ فهم آهه .

 

3. ٻارن لاءِ شام جي دعا

يا الٰهي شُڪر تنهنجو ٿا اسين آڻيون بجا ،

ڏينهن جو پورو ٿيو ڪم، ٿي ملي موڪل اجها؛

مهِر سان پنهنجي تون ڏي توفيق اسان کي تا ڪريون،

هر طرح اُن تي عمل جيڪي اسين آهيون سکيا ؛

جي  چڱيون ڳالهيون پڙهيون ٿون، سي وساري نا ڇڏيون ،

۽ ٻڌايون مائٽن کي سي، مٽن کي تن سوا ؛

پڻ رکون پاڻوءن وڏن جو نتِ آدب، تعظيم ڏئي،

پاڻ جيڏن سان ڪريون رانديون خوشيءَ مان ۽ مزا ؛

لفظ بد واتوُن ڪڍون ڪونه ، سچ ڳالهايون نتِ ،

۽ نماڻا ٿي محبت سان هلون پڻ جابجا ؛

۽ به مسڪينن يتيمن تي ڪريون رحم ۽ قياس ،

تن کي کارايون  ۽ ڍڪايون، جي اگهاڙا ۽ بکيا ؛

پاڻ ۾ آهيون سڀئي ڀائر ، رهون پڻ اِن طرح ،

ڏک ۾ همدردي ڪريون، واهر ڪريون هڪ ٻئي کي ڪا؛

وقت بيڪاري سستيءَ ۾ وڃايون ڪينڪي ،

بندگي تنهنجي ڪريون، يا رب، گهرون تو کان دعا ؛

ڪم چڱا تون نتِ ڪرائج ۽ هلائج هوش سان،

تا هلي رستي سنئين تي ٿيون گناهن کان اڇا؛

ڪر هدايت، ڏي چڱو دنيا ۽ عقبيٰ جو خيال ،

فضل سان ڪر تون سعادتمند اسان کي يا خدا.

 

4. شعر ۽ راڳ جي وچ ۾ فرق

 علم شعر ۽ علم موسيقيءَ جو ٻڌ تون فرق يار،

جي ٻئي موزون ڪلام ۽ نظم منجهه آهن شمار؛

شاعر آهي منجهه سخن ، خُنيا گر[7] آهي منجهه  سماع،

پر نه مُطرب ۽ قوال آهن منجهه گوين جي قطار ؛

علم موسيقي لکڻ توڙي پڙهڻ ۾ مشڪل آهه.

علم شعر آهي اهو، جنهن جا ٿيا دفتر هزار ؛

شعر آهي علم ازخود ۽ ٿيو ڪامل تمام ،

تنهن کي تون محتاج ڳائڻ ۽ وڄائڻ جو نه سار ؛

مر پڙهي پيو شعر ڪو، ري زير بم، ري راڳ روپ ،

نظم بي نقصان هوئي، ٿئي لفظ معنيٰ کان نه ڌار ؛

پر ڪري جي راڳ ۾ ” هان هان “ ۽ ”هون هون“ ڳائڻو،

آهي سو لفظن بنا بي معنيٰ ۽ بي اعتبار ؛

ڏس ته شرنائي ۾ آواز آهي ۽ گفتار ناهه ،

تنهنڪري لاچار ان کي شعر جي گهرجي پچار ؛

ان سبب ڳائڻ جي لاءِ شعر ۽ سخن جو ٿيو ضرور،

هي ٿيو محتاج هن جو، جيئن ڪ لفظن جو اُچار ؛

نظم آهي ڪنئار هِڪ، زيور انهيءَ جا راڳ روپ،

زيورن ري پڻ وڻي ٿي، جي هجي سهڻي ڪنئار ،

پر رڳا زيور جي ڪنهن وٽ هوندا، هوندي ڪنئار ڪا نه ،

گهر جو سک ٿيو ڪو نه تنهن کي ،  نت رهي سو بيقرار ؛

ان طرح چيو آهي ”خسرو دهلويءَ“ تنهن کي  ’طوطي هند‘ ،

جو ٻنهي علمن ۾ هو استاد گوهر آبدار ؛

طرز ان تي ان جي ڪئي، تصديق سنديءَ ۾”قليچ“ ،

آهي اڳتي شاعرن ۽ ڳائڻن جي اختيار.

 

5. ماهوار عقرب ۾ چنڊ

هر مهيني چنڊ عقرب ۾ اڍائي ڏينهن رهي ،

ڪر نه شادي يا ٻيو ڪم تا ڇيِو تو کي نه پئي ؛

يارهين آکاڙ ۽ اٺين سانوڻ ۾، بڊي ۾ ڇهين ،

ٽين آسوءَ ۾ ۽ ڪتيءَ تاريخ پهرين ٿو اچي ؛

ناهريءَ ۾ او ٺاويهين ، ڇو يهينءَ پوهه ۾ ،

مانگهه ۾ ٽيويهين ، ايڪيهنءَ ڦڳڻ داخل ٿئي ؛

ڃيٽ ۾ ارڙهينءَ ۽ پوءِ ويساک ۾ سورهين ڳڻج ،

ڄيٽ ۾ تيرهينءَ اچي ، ۽ سال پورو ٿو ٿئي ؛

۽ ٻين بُرجن ۾ ان کان پوءِ اچي هڪ ٻئي پٺيان ،

پڻ اڍائي ڏينهن رهي پورو مهينو ٿو ڪري ؛

سج حمل ۾ ٿو اچي وچ مارچ ۾، يعني ڦڳڻ،

پوءِ مهيني وار هر هڪ برج ۾ او ٿو لنگهي.

 

6. تندرستي ۽ بيماري

تندرستي کي اصل کان ٿا چون نعمت هزار ،

آهي بيماري، مگر نعمت هزار اڄ منجهه جهان ؛

رسمون سڀ خوراڪ ۽ پوشاڪ جون آهن خراب

جڏهن ٿجي بيمار، اک پٽجي ٿي، نعمت ٿئي عيان .

 

7. يڪرينگيءَ ۽ دورنگيءَ جا مثال

سوف ۾ آهي دورنگي، کل ٿيس ڳاڙهي اڇي،

پڻ دليون ڪاريون ٻه ٽي آندر اٿس جي ٻج ٿيا ؛

هوڏي يڪرنگيءَ ۽ ٻاهر ڪاري کارڪ يا کجور،

ٿي اڇي اندر ، رکي هڪ ککڙي پڻ سا دل بجا.

 

8. هنرمنديءَ ۽ بيهنري جا مثال

با هنر محتاج آهي  بي هنر جو اڄ ادا،

ٿيو ڪهاڙو بادشاهه، واهولو ان جو ٿيو وزير ؛

جي ٽڪر ڪاٺيءَ جا اڇلائي ڪهاڙو ٿو ڇڏي ،

سي ٿو آڻي پنهنجي ڪم واهولو ۽ ويچارصغير.

 

9.  سون ۽ لوهه جو مقابلو

سون جي قيمت برابر لوهه کان آهي گهڻي،

پر ٿي حاصل لوهه کان آهي انهيءَ کي روشنيءَ ؛

سون کان وڌ زور وارو جي هجي ها ڪين لوهه ،

سون ڪيئن ڌڪ ان جا کائي، پئي اڳيان ان جي ڪري.

 

10.   دنيا ۽ آخرت، دوزخ ۽ بهشت

ٻڌ قصو دنيا ۽ عقبي جو، جتي ماڻهو رهن،
دوزخ آهي ۽ بهشت، ۽ پڻ ٻيا عالم ٻجهين؛

 

پهرين دنيا ۽ پوءَ عقبيٰ، پهرين دوزخ  پوءِ بهشت،
رات پهرين پوءِ ڏينهن، ٿيو فصل پوءِ ۽پهرين ڪشت[8]؛

 

 ٿيو ننڊو پهرين وڏو پوءِ، جوان پهرين پوءِ ٻڍو،
هيٺ پهرين پوءِ مٿي، بڇڙو ٿو سڌري ٿئي چڱو؛

 

جنت ۽ فردوس پڻ ساڳيو بهشت آهي ادا،
۽ جهنم دوزخ آهي، ٻيا بھ نالا تن سندا؛

 

ذڪر تن سڀني جو ٿو قرآن مان معلوم ٿئي،
گهرجي تا معنيٰ حقيقي اُن جي هر ڪوئي سکي؛

 

معنيٰ جنت جي ٿي گهاٽو باغ يا ڪا شي لڪل،
يعني جي ڳولي لهين سا، ٿين گلن وانگي ٽڙيل؛
1

ساري عالم ۽ لڪل اسرار نت آهن عجب،
جي لهين ڳولي تون معنيٰ تن جي، ٿين خوش ان سبب؛

 

هر قدم تي آهي قدرت جي لڪل ڪا شي سدا،
جي لهين ڳولي ۽ سمجهين سا تھ خوش ٿين دائما؛

 

جيئن گهڻا علم هنر ڳولي لڌاهن عالمن،
اڳ خبر جن جي نه هئي، ڪئي پوءِ ترقي آهي تن،

 

پر نه جي ڪوشش ڪري ڪو ۽ لهي هو سو نه ڳجهه،
نت رهي تڪليف ۽ ڏک ۾، نه سک ماڻي هو ڪجهه،

 

وٺ مثل کيتيءَ جو، ڌرتي آهي غير آباد ڪا،
تون ڀتر ڀوري ڪڍي ڪک ڪر سنواري سا صفا،

 

ريج سان هر ڏيئي ٻج وجهه، پوک ميون جا تون وڻ،
جهٽ لڳي گلزاري، ساوڪ ٿئي، لڳن پوکون لهڻ،

 

جسم ۾ ماڻهوءَ جي آهن پڻ رکيل اسرار سڀ،
ان ۾ حاضر ساري عالم جا آهن اطوار سڀ،

 

 پاڻ ۾ پڻ ڳولي لهه اسرار تا خوش ٿين گهڻو،
 من عرف نفسئه[9] جوڳجهه من ڄاڻين تون مڻ مان ڪڻو،

 

جي نه ڳوليندين نه لهندين، ڏک ۾ گهاريندين سدا،
جسم جو جيئن قوت کاڌو، روح جو ٿئي اي ادا،

 

هو آهي جنت ۽ هي آهي جهنم تنهنجي لاءِ،
تو ۾ ۽ عالم ۾ دوزخ ۽ بهشت آهن بجاءِ،

 

جي گهرين جنت ته محنت ڪر عمل ۽ علم سان،
۽ جي دوزخ، رهه ڀلي جاهل ڍڳي ۽ ڍور جان،

 

پر نه توکي عمر طبعي ۾ هي حاصل هاج ٿئي،
عرصو ٿورو، ڪم گهڻو، اڻپورو سو رهجي وڃي،

 

پر جي ان ڪوشش ڪندي توکي اچي پهچي اجل،
روح تنهنجو رهندو سا ڪوشش ڪندو، جيئن هو اول،

 

پوري جسماني ترقي ٿي، ٿي روحاني شروع،
ديني اخلاقي ۽ عقلي عملي وقوع لئي جائي وقوع[10]،

 

عالم آهي ظاهري هي، هو ٿيو عالم مثال،
پڻ چوان اعرف[11] ۽ برزخ[12]، عجب ٿيو تن جو حال،

 

هيءَ ٿي دنيائي تياري ۽ ترقي روح جي،
هوءَ ٿي روحاني تياري ۽ ترقي ان سندي،

 

ان تياري ۾ جي گهٽتائي وڃي رهجي ٿي ڪا،
۽ نه دنيا ۾ نه عقبيٰ ۾ ٿئي پوري ٿي سا،

 

۽ جي ڪو بدخلق ۽ بيعلم ٿيو جاهل ۽ سست،
يا وڃي ڦاٿو گناهن ۾ ڪيئين ڪم نادرست،

 

تا سڌاري گهر ۾ دوزخ جي وڃي سڌري اهو،
صاف ٿي، سيکت لهي، سڌري وڃي جنت ڏي سو،

 

2. ٿا چون هن لاءِ روحن جو تناسخ[13] جي مڃين،
روح جي ڪامل ٿيڻ لاءِ ٿيو اچڻ موٽي يقين،

 

هت اچي موٽي گهڻا ڀيرا ترقي سو ڪري،
جڏهن ٿئي ڪامل، وڃي بالله سو واصل ٿئي،

 

هر دفعي قالب نئي ۾ روح موٽي پئي اچي،
هڪ نئون ماڻهو ٿئي پيدا، وڃي موٽي مري،

 

ڪرم ان جي هڪ حياتيءَ جا، اچن ڪم ٻئي اندر،
ڏئي ڪفارت هت اچي، ڀوڳي سزا پڻ هت پڌر،

 

ان طرح ڪرڻي ۽ ڀرڻي بعد، ٿي پاڪ ۽ صفا،
ٿين برهم لوڪ ۾ داخل جو جنت جي بجا،

 

پر چوي قرآن، سڀڪا شي ترقي ٿي ڪري،
ساري عالم ۾ ترقيءَ ري نه ٻيو رستو سجهي،

 

هرڪا شي درجي بدرجي ٿي وڌي ۽ ٿي چڙهي،
پر نه ان ڪم لاءِ موٽي اصل حالت ۾ اچي،

 

 

پهرين عالم هو جمادي، پوءِ نباتي ٿي پيو،
پوءِ ترقي ساڻ حيواني ۽ انساني ٿيو؛

 

ٻج کري يا ڪوجهو وڻ ٿئي، يا رکي ٻيو عيب ڪو،
موٽي ان ٿڙ ۾ ته پئي، پر ٿو وٺي رستو ٻيو؛

 

آڻي هٿ ڌرتي ڀلِي ٻي، پڻ چڱو آب ۽ هوا،
پوکيو ان ۾، نڪري وڻ سالم ۽ ڪامل پوءِ تا؛

 

ٻار جي ڪو ماءُ جي پيٽان ڄمي ٿو عيبدار،
عيب لاهڻ لاءِ نھ موٽِي پيٽ ۾ پئِي ٿئي تيار؛

 

کاڌو بد هضمي ڪري، يا ڪو مرض پيدا ٿئي،
نڪري پيٽان جيڪي، موٽي پيٽ ۾ داخل نه ٿئي؛

 

سور ۽ بيماري لاهڻ لاءِ ڪجن ٿا ٻيا علاج،
ڪيا خدا رستا نوان پيدا، پلي سڀ احتياج؛

 

قدرتي علم ۾ جڏهن ٻي طرح سڌري حال ٿو،
ڇو ٿئي دنيا ۾ موٽي روح بندي، جسم جو؛

 

جڏهن مرڻ کان پوءِ ٿو روحاني عالم ۾ وڃي،
ته رهِي ساري ترقي پڻ اتي پوري ڪري؛

 

غيرلاهي پاڪ ٿئي ۽ ڏئي وٺي پنهنجو حساب،
پوءِ وڃي واصل خدا سان ٿئي، اويري يا شتاب؛

 

ڇو پوي ڪرمن جو مونجهارو تھ اهڙي حال ۾،
ڪي سکي ۽ ڪي ڏ ُکِي، ڪي ڪهڙي ڪهڙي حال ۾؛

 

ٿا چون هو ايءُ اثر آهي اڳوڻي جوڻَ جو،
هِت جزا توڙي سزا ڀوڳي اچي هرڪوئي ٿو؛

 

ڪيئين اڳي ڪم بڇڙا، تنهن لاءِ هاڻ ٿيو آهي ڏکِي،
ڪيا چڱا ڪم اڳ انهيءَ، تنهن لاءِ هاڻي ٿيو  سُکِي؛

 

ظاهري ناحق ُ جو ٿئي سو آهي حق ُ، اڳ جي سبب،
۽ جي جاهل ٿئي سڀاڳو، ان سبب ناهي عجب؛

 

پر نٿا  ڄاڻن اهي. ٿيو ضد دنيا ۾ ضرور،
جوڙو جوڙو سڀ ٿيا، قدرت جو نِت ايءُ آهي پور؛

 

جنس جو ڪيئن فرق ٿيو، آدم ۽ حَوا ۾ تڏهن،
هڪ مذڪر ّ ٻيو مو ّنث ٿيو، ڪيو ڇا تن اڳنهِن؛

 

ڪرم تن جا اڳ هئا ڪي ڪين، پيدا هاڻ ٿيا،
ڏوهه تن جو ڪهڙو اڳ مغلوب ۽ غالب نھ هئا؛

 

ڏک ۽ سک ڪرمن پٺيان ناهي، خدا جو فضل آهه،
ڪهڙي شئي قدرت ۾ آهي، جاڪِ ان جو لطف ناهه؛

 

سڄ ۽ چنڊ، تارا ۽ ڌرتي ۽ هوا پاڻي سڀئي،
ٿيا اسان لاءِ سک جا ڪارڻ، ٿي اچي تن مان خوشي؛

 

ڇا ڪيوسين جنهن سبب هي سک اسان کي سڀ مليا،
فضل ايءُ آهي خدا جو ۽ نھ ڪرمن جي جزا؛

 

سڀ کان اڳ هو فضل رب َ جو، ڪَرمَ ٿيا سڀ ان کان پوءِ،
سُکُ جي سڀ ڪرمن تي هو، ڇا حال ٿئي ها ووءِ ووءِ،

 

سچ آهي، اعمال جو جت ڪٿ سدا عوضو ملي،
سُکُ چڱائيءَ جي عوض جيڪر فقط ذرڙو ملي،

 

سو اڳيان فضل ۽ ڪَرم خاوند جي ڪِي ڪِين آهه،
لک َ سندس احسان َ، آهي ڇا اسان ڪيو اُن جي راهه؛

 

خَير ۽ شر خلقيو اُن جوڙو ضدن جو، جِيئن ٻيا،
پر سڃاڻڻ لاءِ تن جي عقل پڻ اُن ڪيو عطا؛

 

وٺڻو ٿيو نيڪيءَ جو رستو ۽ بديءَ جو نت ڇڏڻ،
فرض اسان تي ٿيو نتيجو هر ڪنهين ڪم جو ڏسڻ؛

 

پر جي ڪرمن تي هلون، ٿئي جيڪي اصلِي ٿيو لکيل،
وس ُ اسان جو ڪو نھ ٿيو ، تقدير ڄڻ ٿِي ايءُ پَڙيل؛

 

جي غريبِي، سُور، ڪمبختي، نتيجا اڳ سندا،
حال ڪهڙا تڏهن نبين ۽ وليّن جاٿيا؛

 

جن ڪڍيون سختيون سدائين هِت، ۽ پڻ فاقا عذاب،
هئا متان هو اڳ حياتيءَ ۾ اصل ماڻهو خراب!

 

جن سڌارا ڪيااچِي هر طرح دنيا ۾ گهڻا،
تن ڪڍي تڪليف اڪثر ۽ عذابن ۾ رهيا؛

 

ڏ ُک سکن جِي سُونهن چيو ٿن، ڏ ُک پٺيان سک ٿو اچي،
ڪيئن تڏهن ويساهُه ڪر من تي اڳي جي ڪو رکي؛

 

۽ نڪي هڪڙو کڻي سر َ تي ٻين جو بارُ ٿو،
لاتَزر و َازِ رَّ هٌ ۽ وِزرَ اُخريٰ، اُئين ٻُڌو؛

 

ڪيئن چڙهي سُوريءَ تي يا ٿئي قتل پيغمبر ڪوئِي،
پنهنجي اُمّت بدران، جو اُمّت انهيءَ جي پئي ڇُٽِي؛

 

ڏوهه ڪن ٻيا، هُو انهن جي پاران ڇو کائي سَزا،
جي ڪري ر َب َ وٽ شفاعت تن جِي، تا آهي بجا؛

 

ٿو چوي قرآن، اسان تي ٿيا ڪمن پنهنجن جا بار َ،
ٿا سزا کائون خطا جِي، پڻ اسان جي پونيان ٻار؛

 

ٿئي خطا موروثي پڻ، سا پڻ گهڻيون پڙهيون هلي،
اَن کان ڊپ ُ سڀ کي ٿئي، تنهن لاءِ خطائن کان بچي؛

 

۽ سڌاري پاڻ کي اَخلاق موچارا ڪري،
پاڪ ۽ ڪامل ٿي آخر پنهنجي رب َ ڏي پوءِ وري؛

 

هيءُ ٿيو اَخلاقي ۽ رو ُحانِي بهتر اعتقاد،
هُو ٿيو لاچاري يا بازاري، اُن مان ٿئي فساد.


[1]   ظاهر ٿيڻ جو هنڌ

[2]   صفتن وارو

[3]   تنگي ڪندڙ

[4]   وسعت ڪندڙ

[5]   نااميدي

[6]   هر شئي پنهنجي اصل ڏانهن موٽي ٿي.

[7]   ڳائڻ وڄائڻ وارا

[8]   پوک

[9] عربي قول، جنهن پنهنجو نفس سڃاتو تنهن ڄڻ رب کي ڄاتو

[10] پيدا ٿيڻ جو هنڌ

[11] اهو هنڌ جتي اهي رهايا ويندا، جن کي نه بهشت مليو هوندو ۽ نه دوزخ!

[12] وچ وارو مقام، جتي موت کان پوءِ روح رهن ٿا.

[13] چوڻ: روحن جو هت وري وري نون جسمن ۾ اچڻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org