672 . مناجاعت عام (مسدس)
(1) اي ڌڻي تنهنجي ٿِي عجب قدرت،
ڪير سگهندو ڪري انهيءَ جي صفت؟
اُن جي انسان کي نه ٿِي طاقت،
تنهنجي بيحد ٿي حڪمت ۽ رحمت،
خيال آهين، نه جنهن جو ناءُ، نشان،
تون ڀَري بيٺين سڀ زمان، مڪان.
(2) آهي هستي اسان جي سڀ توکان،
بحر تنهنجي تي آهيون لهرين جان.
چڻڱون نڪتيونسين باهه تنهنجيءَ مان،
ٿا جيون ۽ چرون سدا توسان،
تون اسان جو ڌڻي، اي پالڻهارَ!
لهين هر وقت ٿو اسان جي سنڀار.
(3) توکي هندو سڏي برهما ٿو،
چوي اَلله، جيڪو مسلم ٿيو،
ڄاڻي ٻُڌ توکي نور جو تجلو،
پارسيءَ تو کي باههِ، سج ۾ ڏٺو،
ٿئين يهودين جو پڻ يهودا تون،
پيءُ مسيحين جو آسمان اُتون.
(4) ٿا رهون گرچه ملڪ ملڪ ۾ ڌار،
آهيون ڀائر سڀئي ۽ تنهنجا ٻار،
ڌرتيءَ تنهنجيءَ تي ٿيو اسان جو قرار،
سج ۽ چنڊ تنهنجو چمڪي ٿو چوڌار،
دل اسانجيءَ ۾ تنهنجو نور نهان،
پڻ محبت ۽ ڌيان ۽ ايمان.
(5) اسين سڀ سائين! تو اڳيان ٿا نمون،
بندگي تنهنجي نت اسين ٿا ڪريون،
هٿ ٻڌي هٿ کڻي دعا ٿا گهرون،
ذڪر ۽ فڪر تنهنجي ۾ ٿا رهون،
شال! همت اسان کي ٿئي حاصل،
ته رهِي نيڪ، تو سان ٿيون واصل.
673 . سڀاڳا ڪير آهن؟ (انجيل مان)
سي سڀاڳا، جي ٿيا آندر ۾ غريب،
بادشاهت خدائي تن کي نصيب.
سي سڀاڳا، جي نت رهن غمگين،
ملي دل کي تسلّي تن جي يقين.
سي سڀاڳا، جي نت نِمي ٿا هلن،
نيٺ وارث زمين جا سي ٿين.
سي سڀاڳا، جي بُک رکن سچ جِي،
ڏئي خاوند ڍوء اُنهن کي ئي.
سي سڀاڳا، جي ٻاجهه ڪن ٿا گهڻي،
ٻاجهه آخر ڪندو اُنهن تي ڌڻي،
سي سڀاڳا، ٿِي دل جنِي جِي صفا،
سي ئي آخر ڏسن ڌڻيءَ جو لقا.
سي سڀاڳا، جي ڪن سدا پرچاءُ،
اُهي سچ ڄاڻبا ڌڻيءِ جو وِياءُ.
سي سڀاڳا، جي ڏک ڏسن سچ لاءِ،
ٿيندو بيشڪ بهشت تن جي جاءِ.
سي سڀاڳا، سڀئي ٿين تڏهين،
حق جي خاطر ڏکوئجن جڏهين.
۽ ملامت ٻڌن جڏهن ۽ گِلا،
نه ٿِينَ رنج، پر ٿين سرَها.
آجُر اَن جو ملي انهن کي شال!
هو نبين اڳين جو اهڙو حال.
674 . عارفن جي بي پرواهي
جيڪي عارف ٿيا ۽ اهل الله،
ڪن پُراڻي، نئي جو فڪر سي ڪين.
جي نه مجبور تن کي شرع ڪري،
ڇاهي پهراڻ؟ خود سُٿڻ نه ڍڪين.
دفن جيڪر اُهي اُگهاڙا ٿين،
پر نه تڪليف پڻ ڪفن جِي ڏين،
675 . آدم جي معنيٰ
جيڪو آدمي ڏسين سو آدم ناهه،
آدم اندر رهي ٿو، نيڪ يا بَد.
آهي اَدم جو ايءُ غلاف خلاف،
اصل صورت جي آهي سيرت حد.
آدميت هجي جي صورت تي،
نه ابوُجهل جهڙو ٿيو احمد.
676 . ”مالَ“ لفظ جي معنيٰ
’مال‘ کي ’سال‘ چئجي عربيءَ ۾،
جو سدا دل انهيءَ ڏي مائل ٿئي.
مال پڻ اُن جي دل ڏي ٿئي مائل،
جو ڪري ڪوشش، اُن جو سائل ٿئي.
677 . نماڻائي ۽ نهٺائي
جتي هيٺانهين، اُت ٿو پهچي آب ،
جيڪو سائل، ملي انهيءَ کي جواب.
درد جت ٿيو، دوا وڃي ا وڏي ،
مرض جت ٿيو، شفا وڃي ا وڏي ،
زخم جنهن کي ، وڃي وٽس مرهم ،
ظلم جنهن سان، ٿئي ٿو ان تي رحم .
موميائٻي، هڏي ڀَڳل کي ملِي ،
۽دلاسو به دل شڪستي کي.
مغفرت اُت ٿِي، معصيت جت آهه ،
جت گنهگار ڪونهي، بخشش ناهه
ٿي ڀلِي هر طرح نماڻائي ،
دردمندي، غريبي، نهٺائي ،
678 . زماني جي بيوفائي
مُلڪ نيبهه نه شاهه ! ڪنهن سان ٿئي ،
ٿيو زماني جو اصل اِيءَ دستور.
شهر گُر گانَ مان ويو گُر گين ،
نه نشاپور ۾ رهيو شاپوءر.
679 . شيعن جي حجت، يارن جي افضيلت بابت
اي ادا ! تون جي چار يار چوين ،
آءُ مڃان ٿو، مگر ڪو ڌيان تون ڪر.
جيئن چون ٿا نبيءَ جا چار هئا يار.
ڇهه هئا تيئن نبي خدا جا پَڌر .
ٿيو پنجن کان ڇهون ڀلارو جڏهن ،
تڏهن ٽن کان به چوٿون هوئي بهتر .
قاعدو جو لڳي نبّين سان ،
سو خليفن سان پڻ لڳي اُن پر.
680 . پٽ، پيءَ لاءِ ضروري
تير سان آهي نت ڪمان جو قدر .
تير ناهي ته ڪاٺي آهي ڪمان.
پيءُ ٻُڍو تيئن مُئل ٿيو بي اولاد ،
پر جئي ٿو، جي پٽ رکي ٿو جوان.
681 . عشق جو زور يا عشق ۽ اجل
عشق جي بار کان ٿئي ٻار به پير ،
ڪري مڇّر کي عشق شاهيِن گيِر .
عشق جي آڏو عقل نابينا ،
آهي بيعفل بُو علي سينا ،
جي مرڻ کان پڇين ٿو پنهنجي دوُر ،
ٿِي تون عاشق ته پوءِ مرين نه تون مُور.
نت اجل جان، نئي ٿو جيئرن جِي ،
عشق ۾ جو جئي ، وڃي نه مري.
جيئرو، مئلن کي اصل کان ڪيو عشق ،
مَلڪ الموتُ، موت جو ٿيو عشق .
682 . پيغمبري، ڌڻاري آهي
پهرين موسيٰ جڏهن ڌڻاري ڪئي ،
تڏهن پيغمبري به اُن کي ملي.
جيسين حيوان جو ٿيو نه ڌڻار.
تيسين اِنسان ڪي ڪيئين نه سنڀار.
683 . تندرستيءَ ڪي تعريف
آهي سچ، منجهه جهان جسماني ،
عافيت. تخت ڄڻ سليماني.
مالِي خير عافيت جي خشڪ ڀلِي ،
پر نه گهرجي ٿو مُلڪ خاقاني.
684 . علم ۽ عقل، علم ۽ جهل
علم، نت دل جي لاءِ جان آهي ،
علم ري مغز، بدگمان آهي.
علم ري دل، ٿِي ڄڻ ته اک بي نور ،
ماڻهو بي علم، ماڻهپي کان دور.
علم عقل آهي ، علم جو حق موءل ،
بيخودي ڇڏ، خدائي ڪر تون قبول ،
پختو ٿئي دين عقل سان شامل ،
علم ري دين، ڪين ٿئي ڪامل.
عقل جو عڪس علم، علم ٿيو نور ،
جهل اونداهي ۽ انڌيرو ضرور .
علم کي ڪر نه عقل کان تون جدا ،
نه ڏسين عقل ڇاهي، ڪير خدا ؟
جسم بي روح، مُٺ مٽيءَ جي ٿِي ،
روح بي علم، ڄڻ هوا ٿِي ٿڌي.
سج آهي عقل ۽ چنڊ تنهنجو روح ،
جهل طوفان، علم آهي نوح.
جهل ننڊ آهي، علم بيداري ،
صحت ايءَ آهي، ۽ هو بيماري.
جهل انڌو ڪري، وجهي منجهه کوهه ،
علم بخشي ٿو روشنيءَ جو ڦوهه .
علم سان دل ٿئي ڏسڻ واري.
واٽ حق جي لهي سُتت ساري.
685 . آدم جي ذات ۽ صفات
نه سڃاڻي ٿو پاڻ کي آدم،
خيال ڪر، ڌيان ڏئِي ڪو هڪڙو دم.
نائب آهين خدا جو هڪڙو عجب،
ڏنو تو کي خدا ”خليفو“ لقب.
ذات حق جي جو آهين اعظم اسم،
گنج قدسيءَ جو پڻ تون آهين طلسم.
جسم ۾ اسم ذات جو جوهر،
روح ۾ ٿئين صفات جو مظهر.
جسم تنهنجي جِي جاءِ ٿي ناموت،
روح تنهنجي جِي جاءِ ٿي ملڪوت.
تنهنجو قالب الهٰي قبّو آهه،
تو ڍڪيو اُن تي خاڪي جبوّ آهه.
عمدو قدرت جو هڪ نمونو تون،
حق جان بي چون، بي چڱونو تون.
تو ۾ اسرار ٿيا رکيل غيبي،
علم، حڪمت رکين ٿو لاريبي.
بنجِي عالم صغير آئين تون،
پيدا عالم ڪبير مان ٿئين تون.
مغز ٿييءُ آسمان، عرش ٿييءُ هوش،
ٿيئِي ملائڪ حواس ڄڻ منجهه پوش.
خلق سڀ نيڪ ٿيا بهشت ۽ حور،
پيارُ، همت، سخا ڏين اُت نور.
خلق سڀ بڇڙ تنهنجا ٿيا دوزخ،
قهر جي باهه، قهر جي پڻ بخ.
اک ۽ ڪن، وات مان وهن دريا،
وار، بت ۽ مٿي جا، ٿيا ٻيلا.
گُردو، ٻرهل، جگر جبل آهن،
عضوا ٻيا ماٿريون رکيل آهن.
اهڙا اسرار ڪئي اندر، ٻاهر،
تو ۾ موجود ڪيا ڌڻيءَ يڪسر.
ڪرين همّت جي ۽ مٿي ڪاهين،
عرش تائين وڃين ۽ موٽي اچين.
”ليسَ في جُبّتي“ به پاڻ چوين،
۽ ”اَنَاالحق“ جو دم به پاڻ هڻين.
ڪڏهن عبد آهين ۽ ڪڏهن معبود،
ڪڏهين اياز آهين، ۽ ڪڏهن محمود.
اصل مسجود هئين ملائڪ جو،
هاڻي پڻ ثاني آهين تون هڪ جو.
لاهي سڀ ڪم ڌڻي ٿيو واندو،
ڪم انهيءَ هاڻ آهي توتي رکيو.
ڪرين ڪوشش ٿو تون ۽ چالاڪي،
ته ڇڏين ڦاڙي پردو هيءَ خاڪي.
وڃي آندر تون ويهين شاهه سان گڏ،
روح ٿين نِج، وسارين چمَُّ ۽ هڏُ.
ٻانهو سڏجِي، تون بادشاهه بنيِن،
پٽ چوائي، تون پيءُ جي جاءِ وٺين.
نفس ۽ عقل ٻئِي رکين جي پاڪ،
پوي تنهنجي ملَڪ، فلڪ ۾ هاڪ.
حق ڏنا ٿئِي هتِي ملائڪ ٻئي،
ملِيا سي هتِ مدد جي لاءِ اٿئي.
۽ ڏنائين ٻه ديو توکي ڀي،
واءَ شهوت جو، باهه ڪاوڙ جِي.
شتر ٿيو بي مهار تنهنجو تَن،
سمجهه آهي مهار، اوٺي منَ.
عقل شمع آهي، علم بيداري،
نفس ننڊ آهي، حرص اَنڌاري.
دل آهي ڪعبو تو ۾ بيت الله،
تخت رحمان جو اهو ئي آهه.
اِها دلِ باقِي ۽ ٿِي ٻيَ فاني،
سڏِ نه فانِيءَ کي باقي تون جاني!
باقي دل ۾ رهي خدا جو نور،
فاني دل اهڙي، جهڙو آهي ڪپور.
شل! نه دل تان ڌِڪو ڪنهين کي اچي،
جو ڪِري اُڀ تان، سو ڪڏهن نه بچي.
”ليس في جُبّتي“[1]
ٿيو ّ دل جو بيان،
”لي مَعَ الله[2]
پڻ ٿيو دل جو نشان.
چيو ”سُبحاني“[3]
جنهن، اُها دل هنئي،
چيو ”اَناالحق“[4]
جنهين به سا دل هئي.
دل بنا جان، ڪهڙي ڪم جي آهه؟
جان، ري جسم، تون قبر ۾ لاهه.
جسم ۽ جان کان جدائي ڪر،
دل تون هٿ آڻ، پوءِ خدائي ڪر.
حق جي راهه جو دليل ٿِي دل،
عشق جي باهه جو خليل ٿي دل.
دل ۾ جيڪي هجي بغير الاهه،
ڪري ماڻهوءَ کي سو سدا گمراهه.
686 . سرڪاري ڪامورا
اِهي منشي وجهن جي ڪن ۾ قلم ،
ڪن غريبن جو پيسو ، پائي هضم .
ويٺا گاديءَ تي جي هلائن ڪلِڪ ،
ڪُهِي ماڻهو، ڦرين مال ۽ ملِڪ .
سڀ عملدار مرد گير آهن ،
ڪير چئي ٿو ته درد گير آهن؟
مُلڪ ۾ ڄڻ سي نانگ آهن نور ،
نه لهن چوري، پاڻ آهن چور.
687 . نشو، حرام ۽ خراب
ٿئي نشو، جنهن مان، شيءَ سا آهي حرام ،
خواهه هُجي اُو شراب، خواهه طعام.
زور ۽ زر، جمال توڙي مال،
نشو تن جو حرام پڻ، نه حلال .
688 . مڙس جِي زال سان هلت
جي رکين زال، ڏس نه زال ڪا غير ،
نه ته رهي ڪين تنهنجي زال ۾ خير .
مڙس ٿِي، جي اچي نه تو کي صبر ،
زال تي ڪيئن ڪري تون سگهندين جبر ؟
سهڻي نوڪر کي ڏي نه گهر ۾ راهه ،
گڏ نه رک گهر ۾ تون ڪپاهه ۽ باهه .
جي نه ڊپ اِن مان تو کي ٿئي ته قصو ،
ياد ڪر ”يوسف ۽ زليخا“ جو.
689 . ورثو، پونين لاءِ ضروري ناهي
ڇو پُٽن لئه رکين ٿو پنهنجو مال؟
ٿئي چڱو اُن بنا ٿو تن جو حال.
جي ٿيا صالح ته ناهي تن کي ضرور ،
۽جي طالح، ته پورو ٿئين نه مور.
690 . نبيءَ ۽ عليءَ جي تعريف
مرد مي ختم سڀ نبيءَ تي ٿِي.
ختم مردي سڀئي عليءَ تي ٿِي.
جيڪي ڪن ٿا اُنهن ٻنهي تي نگاهه ،
اک کُلي تن جِي ۽ ڏسن سي راهه.
جن تي هو ٻئي وري نگاهه ٿا ڪن ،
منهن اُنهن جا ٿين سدا روشن .
گنج توحيد جا طلسم ٻئي ،
حق مسمّا، هي اُن جا اسم ٻئي.
رسين اِن گنج تي طلسم اِن مان ،
۽ مسمّاتي، اِنهِني اسمن مان.
691 . عشق ۽ عقل
جيڪو عاشق نه ٿيو، تمام نه ٿيو،
عشق ۾ جو پڪو، سو خام نه ٿيو .
عشق کي يار ڪر ۽ ان سان گهار ،
لڳ پٺيان عشق جي، چڱي ايءَ ڪار.
عقل سان ڪار ڪم کان سرد ٿئين ،
عشق جي ڪار ڪرته مرد ٿئين .
جسم شهوت گهُري ۽ حرص، هوَس ،
روح دائم گهري ٿو عشق ۽ بس.
عشق تو کي سڏي، ڪري ٿو مسحو ،
عقل سيکاري فقه، منطق، نحو .
عقل، منِ’عَن‘ ٻڌائي لا ۽ لَن’ ،
عشق ٻئي قسم جا سڻائي سخن .
تو ۾، تنهنجين اکين ۾ ناهي خير ،
نه ته سوا حق جي جڳ ۾ ناهي غير .
جي ڏسين عشق جِي عجب چالي .
هڪ ذرو ناهي کائنس هت خالي.
عشق جو اگهه نه آهي منجهه بازار ،
نا ته معشوق هت لڀن ٿا هزار.
692 . سوُري به سيج آهي
عاشقن کي به سوري آهي سيج ،
ٿا چڙهن اُن تي ڊوڙي سي سان هيج
سوري مردن جي لاءِ ڏاڪڻ آهه ،
چرهه انهيءَ تي ادا ! ۽ حق ڏي ڪاهه .
مرد آڏو بلا ۽ بخت ٿيو هڪ ،
اُن اڳيان سوري توڙي تخت ٿيو هڪ.
تاج ٿيو بيسري ۽ ساماني ،
تخت تابوت ٿيو، دنيا فاني .
693 . آدم جي، عيسيٰ سان مشابهت
آهين عسيٰ تون، جسم تنهنجو خر ،
حسبَّ دنيا جي سئِي ٿِي تنهنجي پدّر.
تو کي سئي ۽ گڏهه هتي روڪيو ،
پاڻ کي تن کان ڇو ٻڌائين ٿو؟
ڇڏ انهن کي ته تون اُڏامين مٿي ،
ڪيستائين پيو تون هوندين هتي؟
مائون تنهنجون ٿيون چار هِي عنصر ،
تنهنجا پيءَ سست، ستارا جي برسر.
پٽ کي لازم ٿيو وڃڻ پيءَ ڏي.
مرد تن لاءِ ماءُ کي سو ڇڏي
ڪر تون ڪوشش ته پاڪ پاڪ ٿئين ،
ناخلف ٿئين جي، خاڪ خاڪ ٿئين ،
مرد ٿِي مرد يارا حق ڏي هل ،
زال ٿي، آڻ پاڻ تي نه خلل .
شوق آدم کي نت خدا جو آهه ،
ڪمَّ حرص ۽ هوا، حوا جو آهه .
694 . حضرت علي مرتضا جي تعريف
نه خدا ري عليءَ جو ڪو اَوّل ،
نه عليءَ ري خدا جو ڪو ثانِي .
فانِي سو، جنهن لڏو اُنهيءَ ري بقا ،
باقِي سو، جو انهيءَ ۾ ٿيو فانِي.
اُن جِي حُب سان فقيري ٿي شاهي .
ڪُفر حُب سان سندس، مسلماني.
بخشش ابليس لاءِ حُب سنديس ،
بغض اِدريس لاءِ سندس ڪافِي .
695 . ناممڪن ڳالهيون
ڳالهيون توکي ٻڌايان ناممڪن،
مر ٻڌن سي، جنِي ٻڌيون نه هجن.
سج نه اُڀري ڪڏهن اَلهندين کان،
چنڊ نه ڏسجي نئون اڀرندي کان.
قطب تارو ڏکڻ ۾ ڪونه ڏسي،
۽ اتر ۾ سهيل ڪيِن لڀي.
نه ٻٻرُ مان ڪڏهن ڇنِي ڪو ٻير،
نه جون مان لهي ٿو ڪڻڪ جو ڍير،
نه اچي لوڻ منجهه درياهه نظر،
نه مڇي ٿئي مُئل سمنڊ اندر.
ڳڻي واريءَ جا داڻا ڪير سگهي؟
سندو تارن شمار ڪير ڪري؟
کينهو گنبذ مٿي ٽڪِي نه سگهي،
هيٺ کاري جي سج لڪِي نه سگهي.
پاڻي ڪيئن ڪو پرَوڻ سان ماپي؟
ڪيئن نديءَ مان جلندري ڍاپي؟
شيدي، صابڻ سان ڪيئن سفيد ٿئي؟
جڳ جو معلوم ڪنهن کي ڀيد ٿئي؟
ڪنهن ٻڌو آهي کدڙو پٽ ڄڻي؟
يا ڪو ڪانئر وڙهڻ ۾ ڌڪ هڻي؟
نه مکڻ ڪو ولوڙي، پاڻي ڪڍي،
نه ٽڪرَ کي ٽڪرَ هڻي ڪو سگهي.
نه پرَن ڌاران ڪو اُڏامي ٿو،
جوش ڌارا نه ڪِي اُڀامي ٿو.
نڪِي تقدير سان پڄي تدبير،
۽ نه ننهن سان ڇڄِي سگهي زنجير.
نه ٻه گدرا ڪڏهن اچن منجهه مُٺ،
نه اکيون ڪنهن کي ٿيون ٿين منجهه پُٺ،
نه کٽايا اِهي مثال ”قليچ“،
ڪم َّ هٿ جو ڪري نه سگهندي چيچ.
696 . ڪمال اسماعيل جي بد دعا، ۽ چنگيز خان جو اچڻ
آي خداوند، خلق جا اَگا !
هيڏي خونخوار اَڻ ڪو پاشا .
شهر ڊاهي، ڪري، جو سڀ بر پٽ ،
۽ وهائي جو رت جا هِت دريا .
خلق جو پڻ عدد وڌائي سو ،
وڍي هِڪ هِڪ کي، سو ڪري پرزا.
697 . چنگيز خان جي اچڻ کان پوءِ شهر جو حال
ڪو نه جيئرو، مئي تي ٿو روئي ،
نه پٽي، غم ڪري، نه ڪو روئي .
ڪالهه هڪڙي تي سوُ ڄڻن ٿي ر ُنو ،
ناهي اڄ هڪڙو، سو ُ تي جو روئي.
698 . ڪمال اسماعيل جي وفات
اصفهاني ڪمال هو سُورهه ،
تيغ راني هيّس سخن ۾ ڪمال .
خاڪ ۾ نيٺ پائمال ٿيو ،
جو اصل هر ڪمال کي ٿيو زوال .
699 . مرزا شاهرخ جو زخمي ٿيڻ ۽ قاتل جو مرڻ
سنءَ اَٺ سَو ُ ۽ ٽيهه هجري هو ،
ڏينهن جمعي جي جڏهن ادا ٿِي صلوا ه .
واقعو هڪ عجيب ظاهر ٿيو ،
منجهه خراسان، يعني شهر هرات.
ٽينگ جان هڪ هليو ٿي چال ڏنگِي ،
گهريئيِن شهرخ ڏيڻ ته ٿي پيو مات .
|