(12) بحر مضارع سالم
مفعول فاعلاتن مفعول فاعلاتن
448 . بديءَ ڏي خطاب
اڄ اي بدي! جي ڄاڻن، دنيا جو حور تو کي،
دل سان ڏنو آهي جن، عقل ۽ شعور توکي.
جنهن ڏينهن روشنيءَ ۾، ڏسندا سي شڪل تنهنجي،
نفرت سان نت ڌِڪيندا، سي نيٺ دُور توکي.
449 . بهار جي موسم
موسم بهار جي ڏس! اڄ ٿي تيار آئي،
ڪن بلبليون ٿيون ٻوليون، تن جي پڪار آئي.
نشّي بهار جي ۾، وڻ سڀ لڏن، نچن ٿا،
مستيءَ مان پائي ڀاڪر، هڪٻئي کي سي چُمن ٿا.
ڪوئل وڄائي ڍولڪ ، بلبل ٿي راڳ ڳائي،
مجري ۾ گل جي آڏو، هَرَ هرَ ٿِي سرِ جهڪَائي.
موتي آهن پَنن تي، يا ماڪ جا ڦڙا هِي،
نڪري ٿو گل مان دُونهو، ڪوهيڙو آهي يا هِي.
گلرخ ۽ سروقامت، غنچه دَهنَ تون آهين.
سچ ٿو چوان سَراپا، خود هڪ چمن تون آهين.
450 . همت ۽ مردانگي
مردانا مست ٿياسين، حملو ڪيوسين هڪڙو،
ڏئي علمِ، عالمن کي، معلوم کي رسياسين.
ڪُرسيءَ جي ساڻ آيت، اَڀ ڏي اسين اُڏامون،
ڊوڙياسين حيءَ سان گڏ، قيوم کي رسياسين.
451 . اسين خدا جا آهيون
گوءِ آهيون تنهنجِي يا رب! چو گان آهيون تنهنجا،
ايءَ فخر ٿيو اسان جو ، ميدان آهيون تنهنجا،
آهيون به نانگ تنهنجا ۽ لَٺِ به آهيون تنهنجي،
موسيٰ جا معجزا پڻ، بُرهان آهيون تنهنجا.
452 . عشق جا علحدا اثر
جوهر سان دل جي ڪيو ٿن، نت عشق کي مشابهه،
ٿئي ماڪ، قَطرو وڻ تي، دريا ۾ ٿئي ٿو موتِي.
مينهن آهي اصل رحمت يڪسان’ وسي ٿو هر هنڌ،
ڪک، ڪچرو ٿئي ڪلر ۾، منجهه باغ گُل ۽ ٻوٽِي.
453 . محبوب سان مقابلو
تون نيم مست ماري، آءُ مرغ نيم بِسمل،
ڪم تنهنجو مون مان آسان، ڪم منهنجو تو مان مشڪل،
تون باغ ۾ رکين پير، آءُ ساهه کان ڌڻان هٿ،
منهن تنهنجي ۾ پگهر آهه، رت هاري منهنجي ٿِي دل.
454 . ايمان جا درجا
توفيق ڏئي خدا جي، ايمان جِي ترقي،
درجي بدرجي سالڪ، چڙهندو وڃي خدا ڏي.
مومن[1]
۽ موقن[2]
عارف[3]،
عالمِ[4]
مُحِب[5]
محبوب[6]،
۽ پوءِ غني[7]
مقرب[8]،
مستانس[9]
۽ فنا[10]
ٿئي.
(13) بحر مضارع اخرب
مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن
455 . نيڪيءَ لاءِ پڪو ارادو
پروا نه آهي، اڄ جي زمانو خلاف آهه ،
وٺندس اُها ئي راهه ، جا سيڌِي ۽ صاف آهه ،
ڇاهنِ هي ڏک ۽ خوف به منهنجي نگاهه ۾؟
ويندس جي خاڪ ٿِي ته به نيڪيءَ جي راهه ۾.
456 . غيرت ۽ حيا ضروري (مسدّس)
جيسين جي روح، باهه کان غيرت جي گرم آهه،
تيسين اکين تي البته دنيا جو شرم آهه ،
هر قوم جي چڱائي لاءِ دين ڌرم آهه ،
زالن جي نت شرافت، عصمت ۽ ڀرم آهه ؛
سيني ۾ دل ۽ دل ۾ خدا جو خيال آهه،
دنيا ۾ گرچه هاڻ عبادت جو ڪال آهه .
457 . محبت، دنيا ۾ عام آهي
بلبل نثار ٿئي ٿِي، ڏسي ٿِي جڏهن ڪو باغ،
پروانو، شمع تي ٿو جلي، دل تي کائي داغ،
دنيا جي ذرّي ذرّي ۾ الفت جي راه آهه .
پٿر جي ڀي گهر ۾ محبت جِي باهه آهه .
458 . زر جي تعريف ... سوال؟
دنيا ۾ بادشاهه وڏا ڪئي هزار هئا،
جن کي ڳچيءَ ۾ لعل ، جواهر هزار هئا،
جمشيد ۽ سڪندر، دارا ۽ ڪيقباد،
ديوانا ڪيِن هئا، جي مٿي زرنثار هئا؟.
459 . زر جي شڪايت.... جواب
قاروُن جو خزانو، سندس سيم، زر ڪئي؟
دارا جو تخت، تاج محل ،ڪر نظر ڪٿي؟
آهن پيا حقير ٿي، خاموش خاڪ ۾،
سازو ڪٿي، سوگهر ڪٿي، تن جي قبر ڪٿي؟
460 . پهلوان جي ٻٽاڪ (مسدّس)
آءُ شير ببر آهيان، ۽ ماڻهو ڪريان شڪار،
آءُ فيل مست آهيان ۽ ماريان مرون هزار،
آءُ مرد آهيان، آڻيان نه رستم کي منجهه شمار،
نامرد کي گهڙي ۾ ڪريان آءُ خراب، خوار؛
ٽڪرا ڪريان ٽڪَر کي هٿن ساڻ آءُ هڻِي،
پٿر کي پير هيٺ آءُ پيهِي ڪريان پڻيِي.
461 . حرام شيون
مسجد ۽ ڪعبو، چار مهينا حرام ٿيا،
۽ هر ڪا شرعي منع ٿيل شئي حرام ٿي.
مُردار ۽ شراب سوئر، رت، جوئا حرام،
ٿيو پڻ زنا حرام، وڏي حد حرام جي.
462 . ان ۽ گاهه جو فرق
ڏس! فرق آن ۽ گاهه جو، ماڻهوءَ ۽ ڍور جو،
ماڻهو ۽ اُن ، شرف ۾ ٿيو آهي نت ڀلو.
پر فرق ڏس! تون ڇيڻي يا لڏِ جو ۽ گونهن جو ،
ٿيو ڍور، گاهه جي ڪري ماڻهوءَ کان پڻ چڱو.
ڇيڻو ۽ لڏ هٿن ۾ کڄي، ڇُهجي گونهُن ڪين،
کائڻ ۾ ماس ڍور جو آهي حلال ٿيو .
ماڻهو، حرام آهي، مگر پاڪ ٿي سگهي،
پر ڍور ٿيو حلال ۾ ، پڻ پاڪ آهي سو .
463 . وسارڻ سان مطلب ٿو ملي
دنيا چيو اٿن ته ٿي طالب کان نت ڀڄي،
جيڪو ڀڄي ٿو کانس، ٿي طالب انهيءَ جي ٿئي.
سڀ ڪنهن مراد لاءِ ٿيو ڏاهن جو ايءُ چوڻ،
وسريل مراد نت ٿِي ملي نامراد کي.
ڏس! نامرادي، عبد کي اعليٰ نئي ڪيو،
نجهريءَ انهيءَ جي پس تون الله، شاهه ايئن چوي.
جو ڳولي سو لهي، هي سچو قول ٿيو ادا !
پر لاڳو جسم سان، ۽ هو ٿو روح سان لڳي.
لذت جا سڪ ۽ شوق ۾، سا وصل ۾ نه آهه ،
جيڪي ملي فراقان، وصالان نه سو ملي.
ٻانهو، دعائون مر ڪري، سجدا ڪري هزار ،
پر فضل حق جو اوچتو نت بي سبب اچي.
مرندو سگهو نه، ٿيندي وڌي عمر ان سندي،
جو ياد موت کي به آٿي ، ويٺي ٿو ڪري.
شئي، گم ٿيل تون ڳولين ٿو، لاحول ٿو پڙهين،
لڀندي ڪڏهن نه، ڏي ڇڏي تا اوچتي لڀِي.
وسريل ڪا ڳالهه، ياد ڪرڻ سان اچي نه ياد،
پر جي وسارين، پاڻهئي اُها تو کي ياد پئي.
464 . بني اُميّه خليفن جو تعداد
سڏجن خليفا جي ٿا بني اُميّه سندا ،
چوڏهن هئا، ٻڌايان سندن نانو سر بسر.
پهرين معاويه، ٿيو مشهور ابن ، هِند،
بعد اُن جي ٿيو يزيد جفا ڪار، بدگهر،
تنهن بعد ٻيو معاويه، مروان اُن کان پوءِ،
عبدالملڪ، وليد، سليمان، پوءِ عمر.
پوءِ ٻيو يزيد ، پوءِ هشام ۽ وليد ٻيو،
پوءِ هيم پوءِ ٿيو مروان جو هو خر.
465 . صحبت جو چڱو اثر (مسدس)
مصري سان گڏ ٿا ڌاڳا منجهس پڻ شرف لهن،
ڪڇ ۾ ڪُنا ٺِڪر جا، مٺائي سان گڏ کڄن،
گلدستي ۾ ٿيون ڪاٺيون ۽ پن، گاهه گڏ ٻُجهن.
صحبت ۾ تئين شريف جي، هيٺان مٿي رسن.
وئي پر سان پکيءِ جي مڪي ڪيولي ضعيف،
اصحاب ڪهف جي ڪيو سنگت ڪتو شريف.
466 . طبيب ۽ نيم طبيب جو فرق
هيءُ فرق آهي نيم طبيب ۽ طبيب ۾،
ٻنهي هٿان اگرچ ڇٽن ماڻهو ۽ مرن.
هڪڙي تان ٿئي پڇاڻو قيامت جي ڏينهن معاف،
ٻئي کي پڇاڻي بعد جهنم ۾ نئي هڻن.
هڪڙو ٿو عالم ڄاڻي، ڪري خلق جو علاج،
ٻيو علم ري دوا ڏئي ماري ٿو موڙهلن.
467 . دوزخ به بهشت آهي
دوزخ چوي، ٿي خلق عذابن جِي آهي جاءِ،
ٿيو قهر جن تي حق جو ، جڙيو آهي تن جي لاءَ .
جيڪي پون انهيءَ ۾ ٿا، تن کي ڏين عذاب،
نانگ ۽ وڇون ۽ باهيون ۽ آزار بيحساب.
پر ڌيان ڏئي جي ڏسبو ته باغ آهي ايءَ نه باهه
ايءَ قهر ناهي رحم نسورو ئي حق جو آهه .
حمام خانو آهي، ڌڻي ڄڻ بنايو هڪ،
پاڻيءِ گرم ڪرڻ جي لاءِ کورو تپايو هڪ.
نعمت عجيب هڪ آهي ماڻهن جي لاءِ حمام،
شهرن جي لاءِ پڻ آهي زينت وڏي تمام.
ناپاڪ ۽ غليظ وڃِي اُ ت ٿين اڇا،
مرَ لاهي پنهنجي، صاف ۽ هلڪا ٿين سي ٿا.
ڀنگي حرامخور، مسلمان جڏهن ٿين،
ٿا شرع وارا تن کي اول باهه وٽ رکن،
گرميءَ ۾ ٿا پگهرجي، پليدي ڪڍن سڀئي.
پوءِ وهنجي سهنجي پاڪ ٿين، ڪلمو پڻ پڙهي.
جيئن جسم لاءِ حمام، ٿيئن دوزخ ٿيو روح لاءِ.
هر هڪ ٿي غيرڌوئي، ٿيڻ پاڪ لاءِ جاءِ،
دنيا ۾ ماڻهو آيو ترقي جي واسطي،
تا اَخرت جي لاءِ سدرجِي تيار ٿئي.
دنيا چون ٿا پوک آهي آخرت سندي،
ڏهه پوکي هت، ستر اوهين کڻندوُ هُتي لڻي.
ان ڪم جي لاءِ عمر جا پورا نه سال ٿيا،
گمراهه ماڻهو نفس ۽ شيطان هت ڪيا.
ٿيا سڀ پليد، ٿورو گهڻو سي ڪري گناه،
جيسين ٿين نه پاڪ، وڃن ڪين ڏانهن آلاءِ.
ماڻهو هي جسم ناهي، آهي روح اصل اُو،
جسم آهي اُن جو گهوڙو، چڙهي جنهن تي هتِ ٿوهُو،
روح آيو هو الله کان، ان ڏي وڃي وري،
مڃ ”ڪل“ شيءِ يَرجع اليٰ اَصلهِ“ پڙهي.
جيسين ٿئي نه پاڪ، ملي پاڪ کي ڪٿان؟
ڪيئن نڪري ڪَسُ گناهه جي ۽ غير اُن منجهان؟
ايءَ هڪ ڪفارت آهي، ڏسڻ واجب آهي جا،
سختي سهِي، ٿو ماڻهو ٿئي آزاد ۽ صفا.
سختيءَ سهِڻ بنا ۽ رياضت ڪڍڻ بنا،
بهتر ٿجي نٿو، نه مٿي چڙهجي دائما.
مڪتب ۽ گهر ۾ بار کي اڪثر ڏين ٿا مار،
سيکت ٿي ايءَ، نه ايذا، اها مار ٿِي سڌار.
بيمار ٻار ٿئي ٿو، لڇي سور کان پيو،
ڦرڙي اٿس يا پهڻي اٿس يا ڪو مرض ٻيو.
مائٽ ويچارو آڻي وٺِي ڊاڪٽر اتي،
وَڍ ٽُڪ ڪرائي، نيٺ ڇٽائي ٿو ٻار کي،
وڍ ٽڪ عذاب آهي، ڪنجهي ڪرڪي ان کان ٻار،
مائٽ جو پر ڏيکاري اهو رحم ۽ پيار.
دوزخ ٿي اسپتال، ٿيا بيمار جت اچن،
گويا ڇٽڻ جي لاءِ گنهگار جت اچن.
آهن وڍڻ، ٽڪڻ تي ملائڪ اتي رکيل،
ڪم پنهنجو ڪن ٿا سڀ، جو آهن اُن تي سي هريل.
جيئن جسم کي صحت بنا آرام ناهي مور.
روحاني تندرستي ٿِي تيئن روح لاءِ ضرور.
سالم، صحيح روح جڏهن صاف پاڪ ٿئي.
واصل تڏهن الله سان ٿي فرحناڪ ٿئي.
ايءُ رحم ٿيو خدا جو، نه قهر آهي، ڪر ڌيان،
وڌ ماءُ پيءُ کان، رحم ٿيو ربَّ جو عيان.
دوزخ اسان جي لاءِ به ڄڻ هڪڙي ماءُ آهه ،
باغ آهي ڄڻ خليل جو ساڳيو ۽ باهه ناهه.
دوزخ ۾ آهي گرچ رکيل ”نارحاميه“،
قرآن پڻ انهيءَ کي سڏي ”اُمه هاويه“.
طالب ٿيا جي حق جا ۽ عاشق سندس سچا،
دوزخ به تن جي لاءِ بهشت آهي ڄڻ ادا !
پيدا ٿئي ڏک مان سک ۽ فراقان وصال ڀي.
ايءَ ٿئي ”بشارت ‘اِن مع العسريسُر‘ جي.
468 . زال جي شڪايت
ڏس! سهڻو مڙس، ناز سان موهي ٿو هڪڙي زال،
هڪ زال، هوندا ناز سان سوُ مڙس پڻ ڪُٺا.
ڀونڪي ڪتو ٿو وات سان هڪڙي، ڪڏهن ڪڏهن،
ستَ ستَر نوان ٽنگن مان بگهڙ ٿو ڪڍي سدا.
469 . گهڻن قسمن جي پرستش .. (غزل)
دنيا پرست جي ٿيا، سي ٿيا هوا پرست،
آهن جي خود پرست، نه ٿيا سي خدا پرست.
بهتر ٿيا بت پرست ۽ آتش پرست پڻ،
تن کان ته زن پرست ڀلا ۽ زنا پرست.
ظاهر پرست مَٽ نه ٿيا معنيٰ پرست سان،
جي حق پرست ٿيا، سي سندس ٿيا رضا پرست.
جي تَنَ پرست ٿيا ، آهي بالين پرست پڻ،
ٿيندو نه گڏ ڪو حسن پرست ۽ حيا پرست.
جي سر پرست خلق جا، سي زر پرست پڻ،
جي ٿيا شڪم پرست، سي ٿيندا دوا پرست.
مُردا وٺي ٿيا گور پرست اڄ جا مسلمين،
جيئرا وٺي ٿيا پير پرست ۽ دعا پرست.
شيطان‘ پرست، جنگ پرست اصل کان ٿيا.
آهي ”قليچ“ اصل کان صلح و صفا پرست.
470 . هيٺ، مٿي ويهڻ تي درجو ناهي
مون جهڙو هڪ سَوَن ۾ به ڳولئي ڪو مَسَ لڀي،
ڇا ٿيو جي مون کان هر ڪس ونا ڪس مٿي ويهي؟
مجلس، سمنڊ آهي هي تنهنجي، اي بادشاهه!
موتي انهيءَ ۾ هيٺ رهي، ڪَک مٿي تَري.
471 . پنهنجي اَندر يا رُوح جي حقيقت
ماڻهوءَ جي کٽل جو آهيان آءُ ساندارو هڪ عجيب،
ٿيو بحر مون ۾، پر ٿو رهان بحر کان جدا.
ڪاٺي اصل آءُ هوس، پيس باهه ۾ جڏهن،
ٿي باهه آءُ پيس، آءُ هئس اصل ڄڻ اُها.
ٿيس نار مان آءُ نور ۽ ذرّي مان سڄ ٿيس،
ٿيس بحر مان آءُ موج، ٻئي اصل هڪ هئا.
آدم ۽ حق کي شاهه ’پڙاڏو ۽ سڏ‘ چوي،
گڏ هئا اصل ۾ پيئي، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿي پيا.
472 . محبوب جي مُنهن جي تعريف
جنهن تنهنجا ڳل ڏٺا، سو گلستان ڇو پڇي؟
جنهن سانڍيو تنهنجو درد، سو درمان ڇو پڇي؟
جي خضر تنهنجا رُوح فزا، لعل لب ڏٺا،
جيڪر وري هو چشمئه حيوان ڇو پڇي؟
473 . ناممڪن علاج
تو بيوفا جي وعدي تي اُميد سو رکي،
جنهن کي صبر ايوب جو ۽ عمر نوح جي.
شرميءَ سندي سزا ۽ خواريءَ کان اي بخيل!
توکي ڇٽائي موت يا توبهه نصوح جي.
474 . پردو، حُسن وڌائي ٿو
پردو ۽ برقعو حسن، حسيئن جو ٿو وڌائي.
پڻ عيب منهن جا تن سندي هر وقت ٿو ڇپائي.
فانوس ۾ ٿي سهڻي لڳي شمع يا چراغ،
سج، چنڊ جِي روشني ٿي ڪَڪَر جان لڪائي داغ.
475 . خدا جو مرد
نت مست آهي مرد خدا جو بنا شراب،
نت ڍاول آهي مرد خدا جو بنا ڪباب.
حيران، مَحو مرد خدا جو رهي سدا،
آهي ڪڏهن نه مرد خدا جي کي خورد و خواب.
باهه ۽ هوا مان مرد خدا جو جڙيل نه آهه ،
مٽّي نه آهي مرد خدا جي ۾ ۽ نه اَب.
476 . بي آراميءَ ۽ تڪليف جي تعريف
ٿي بيقراري تنهنجي طلب کان قرار جي،
طالب! ٿي بيقرار، ته توکي اچي قرار.
لهندين تون گنج، لهندين نه تون گنج سان ڄمار،
لهه پاڻ کي، جو گنج اهو وڌ هزار بار.
477 . معافي گهرڻ
آهيان گناهگار ۽ تفصير وار آءُ،
لائق سزا جو آهيان، آهيان شرمسار آءُ.
ليڪن تون نيڪ آهين، سخي آهين، رحمدل،
تنهنجو غلام آهيان، ۽ اميدوار آءُ.
478 . مسلم ۽ غير مسلم جا قسم
آهين، چار قسم لکيل مسلمين جا،
عابد ٿيا ۽ زاهد، عاصي ۽ فاسقا.
آهن جي غير مسلم، تن جا به چار قسم،
ڪافر ٿيا ۽ ملحد، مشرڪ، منافقا.
عابد شرع تي پورا ۽ روزي نماز تي،
عاصي، رکن ٿا مور نه پابندي اهڙي ڪا.
زاهد ڀڄن حرام کان، ڳولين نت حلال،
فاسق، پڇن نه فرق َ حلال ۽ حرام جا.
ڪافر مڃين. ڪين خدا ۽ رسول کي،
ملحد ٿيا حق جا منڪر، ڪيو دهر جن، خدا،
پوڄا ٿي مشرڪن جِي خدا ڌارا غير لاءِ،
آهي منافقن جي اندر مٺ، ٻَهَر صفا.
مومن ڀلا، نبيءَ ۽ وصيءَ بعد متقي،
زاهد ٻين کان وڌ ٿيا، ٿيا جن مان اوليا.
479 . بني آدم، سڀ همجنس
همجنس هڪ جيها ٿيا بني آدم اصل کان،
ڪي رومي ۽ ڪي زنگي ٿيا ظاهر نشان ۾.
ڀائر سڳا ٿيا اصل کان هيرو ۽ ڪوئلو،
هڪ گرچ ٿيو سفيد، ٻيو ڪارو جهان ۾.
480 . نماز، نياز هئڻ گهرجي
قربان آهيان پنهنجي سڄڻ جي آءُ ناز تي،
حيران، نماز اُن جو ٿيو منهنجي نياز تي.
آءُ منجهه نماز، دل ڪري سجدو، ٿي بنُت اڳيان،
ڪافر کِلي ٿو منهنجي ته اهڙي نماز تي.
481 . شراب جي شڪايت
غالب تون عقل تي نه ڪرڻ ڏي شراب کي،
شيطان کي مَلَڪ جو نه مهندار ڪر اَنڌا.
پيءُ فيض، پٽ ڪڪر جي جو ، جيئن سِپ سدا ڪري،
بي حيض ڪين ڊاک جي ڌيءَ جو اي بيحيا!
پيشاب ٿا شراب کي شيطان جو سڏين،
ڪيئن اي حرام خور! پيڻ سو رکين روا؟
ضحّاڪ جا ٻه نانگ، نشو ۽ جوئا تون سمجهه،
لشڪر ٿيو عقل، دين فريدون جو سدا.
482 . مسلمانيءَ جي حقيقت
آسان جي هجي ها مسلماني، اي ”قليچ!“
سڀڪو هجي ها ’شبلي‘ ۽ ’آدهم‘ ۽ بايزيد‘؛
جيسين نه ٿين اندر ۾ مسلمان تون ادا !
ڄاڻج يقين، تيسين تون ڪافر رهين پليد.
483 . خدا جو ڪرم
هر ڪو گناهگار ڊڄي پنهنجي کان خطا.
اک منهنجي آهي تنهنجي ڪرم کان مٿي عطا،
جي تقويت ڪرين، ٿئي مَلَڪ کان مٿي بشر،
جي تربيت ڪرين، ٿئي ثُريِّا مٿان ثرا.
484 . شعر جو سوز
دل منهنجي کورو آهه ڪنا سوز عشق جي،
ان سوز کان ٿو سوز ڀريو منهنجو شعر ٿئي.
۽ شعر مان اُٿِي لڳي ڪاٺي، سڻيءَ کي باهه،
ڪاغذ ٿئي ڪارو لهسجي ۽ پڻ قلم روئي.
485 . بيسريءَ جو درجو
ٿِي سرنوشت، رهبر ۽ رَهرو جي بيسري،
ان راهه عشق جي کي نه ڄائج تون سر سري.
اِن سرَِّ جو نه محرم ٿئي سڀڪو خيره سر،
بيسر ٿي پهرين، هٿ وڃي ڪر پوءِ آفسري.
486 . ڊگهي ڄمار، ڇا سان مشابهه؟
توکي چوان، ٿِي ڇا سان مشابهه ڊگهي ڄمار؟
ناحق رکي ٿو ماڻهو انهيءَ لاءِ لوڇ لڻڇ.
صورت ۾ آهي نانگ، ۽ معنيٰ ۾ سا وڇون،
ٿئي نانگ جان ڊگهي، ٿِي هڻي ڏنگ ساڻ پڇ.
487 . هندو ۽ مسلمان جو فرق
هندو منجهه اتفاق، مسلمان منجهه نفاق،
افسوس هاءِ، ڪهڙي نه ايءِ ڳالهه آهي شاق؟
جڏهن فائدو ڏسن، هي سنت قوم کي سڏين،
پوءِ گڏجي سڀ وراهي وٺن، هڪ ٻين کي ڏين.
حاصل ڪري هنن مان جڏهن ڪو به فائدو.
ورهائي پاڻ کي، يا ڦري ٻئي جو پڻ حصو.
گدڙن جان، هندو ڪوُڪ تي هڪ ٻئي جي جهٽ اچن،
مسلم ڪتن جان ڍونڍ تي نت پاڻ ۾ وڙهن.
ڦاسي هندو ته ان کي ڇڏائڻ اچن هزار.
ڦاسائي ٻيا، چڙهي جي مسلمان ڪنهن به وار.
هو ڪيولين جان‘ پنهنجو ڦٽيل ۽ مئل اُٺاءِ،
هي ملهه ٿيو يا دلبُو شڪارين جو، ذات لاءِ.
ميڙين هو ڪنجوس ٿي مايا ڪڻو ڪڻو،
خرچين ملِڪ مال هي اسراف سان گهڻو.
488 . سج جون زالون
نوشاهه آهي سج، ٻه ڪنئاريون اٿس مليل،
هڪ وٽ ٽڪِي ٿو صبح، ٽڪي شام ٻئي مڪان.
آهن ٻهاڄون مشرق و مغرب ٻئي اگرچ،
خوش ڪن انهيءَ کي پاڻ سينگاري ۽ ڏيئي مان.
مشرق، سفيدو لائي، ڪري پنهنجو منهن اڇو،
مغرب، شفق سان وات ڪري ڳاڙهو، کائي پان.
جڏهن هو رهي وٽن وڃي واري سان تن جي گهر،
غم ۾ رهن سي ريس ۽ شڪ کان ، ٿِي بدگمان.
پوءِ شام تائين باهه ۾ مشرق جلڻ لڳي،
مغرب به صبح تائين ڍڪي ڪارا، ٿئي نهان.
489 . دنيا ۾ چڱي هلت
دشمن وڙهي جي مون سان ته پڻ دوست آءُ مڃانس،
ڏئي جي هزار گاريون ته اُف ڪين آءُ چوانس.
دنيا ٿي چشمبندي ۽ بازيگري ڪري،
تسبيح ۽ مصّلي سان آءُ پيروي ڪريانس.
گهاڻي جي اُٺ جان پيو ڦران، وات ۽ اکيون ٻڌل ،
ترِ َ يا سرنهن هوئي، تيل يا کڙ ، ڪينڪي ڏسانس.
آهيان توڪلي آءُ، وڃان ڪنهن جي در تي ڪين،
مون وٽ لنگهي اچي ڪو ته سوُ مان آءُ ڏيانس.
موسيٰ جان وڻ مان مون کي ملي باهه ٿي جڏهن،
اَڻيان آءُ چڻنگ، وديءَ ايمن ۾ ٻاريانس.
آءُ جان، دل ۽ عقل کي نيان خلد ۾ وٺي،
هڪ لاءِ ٽن کي نيان آءُ اٺن ڏي، ۽ خوش رکانس.
دڙڪا ڏئي ترار جا، جي آڻي ويجهو سا،
تا پنهنجي چيلهه سان آءُ ڪمر بند جيئن ٻڌانس.
490 . عم جي خبر ڪنهن کي؟
غم منهنجو ڄاڻي، منهن جنهين تنهنجو ڏٺو هجي،
نه ڏنُئين ته ذڪر مَنَ سندس اُن ڪو ٻڌو هجي.
هوندي انهيءَ کي دل جي ڦٽن منهنجي جِي خبر،
ڪنهن گل جو، جنهن جي جيري ۾ ڪنڊّو لڳو هجي.
491 . چڱو منهن ڏسڻ روا
جڏهن ڏينهن جو نه منهن ڏسان تنهنجو، اي منهنجا چنڊ!
تارا جي رات جو نه ڳڻيان آءُ، ته ڇا ڪريان؟
جڏهن منهن چڱي کي دوست رکي جڳ ۾ خود خدا،
ماڻهو ٿِي، دوست جِي نه رکان آءُ، ته ڇا ڪريان؟
492 . هيٺ، مٿي جي سنڀال
دارالسرور ڇوڪرين دارالغرور کي؟
دارالقرار ڇوڪرين دارالفرار کي؟
قارون جان زمين ۾ ڇو هيٺ پيو وڃين؟
وڃ تون مسيع وانگي مٿي آسمان تي.
493 . شراب ڪڏهن پيئجي؟
مئي پِي تون ٽي مهينا ۽ نو رهه تون پارسا،
حافظ جو حڪم ٻڌجي ٿو ايءَ خاص و عام ۾.
شاعر ٻئي جو قول به رک ياد ان سان گڏ،
مئي ٿي حرام، پِي اِها ماءِ حرام ۾.
494 . عشق لاءِ ڇا ضرور؟
منجهه عشق رات ڏينهن رهڻ فرض عين آهه .
فرياد شام جِي کپي، زاري صبح جي.
عاشق ٿيڻ اول ۾ ٿو آسان ڏسجي جو،
لذد بدن جي آهه راحت به روح جي.
پر مشڪل آهي پوءِ سهڻ عشق جا عذاب،
اميد ڪنهن کي ڪانه رهي ٿِي فتوح جِي.
عاشق کي وعدي وصل جي اميد ٿي سدا.
ايوب جي ٿو صبر کپي، عمر نوح جِي.
نه ته درد کان فراق جي ان کي ڇٽڻ جي لاءِ،
يا موت گهرجي ترت، ياتوبهه نصوح جي.
495 . دعا ۽ پٽ
شل! عمر تنهنجي روز بروز اي سڄڻ وڌي،
آرڙهه جي ڏينهن وانگي، سياري جي رات جان.
۽ تنهنجي دشمن جِي سا کٽندي وڃي سدا،
سياري جي ڏينهن وانگي، اونهاري جِي رات جان.
496 . اکين جا پردا ۽ پاڻي
تنهنجين اکين ۾ ڏهه شيون، ست پردا، پاڻي ٽي،
خالق بنايا ٻانهنجي سان فضل ۽ ڪرم.
صلب ۽ مشيم شبڪ، زجاجي ۽ پوءِ جليِد،
پوءِ عنڪبوت، بيض، عنب، قرن، ملتحم.
|