518. قصاص جي مسئلي ۾ سوال، جواب
س- جو فاضل آهي زماني ۾، پيشوا منجهه دين.
پناهه شرع جي هن لاءِ ڇا ٿو فرمائي؟
کڻي ويو هڪڙو ٻلو، قمري ۽ ڪبوتر کي.
گهران ڪنهين جي وڃي رات جو پٽي کائي.
ته جيڪو مالڪ ٿيو قمري ۽ ڪبوتر جو،
سو ماري يا نه ٻليءَ کي قصاص وٺرائي؟
ج- قصاص ڪو به ٻليءَ تي نه شرع فرمائي،
ٻلو ڏسي ٿو پکي جت، انهيءَ کي ات کائي.
رکي جو قمري، ڪبوتر انهيءَ کي گهرجي نت،
ته پڃرو ڏاڍو رکي، مٿڀرو سو لڙڪائي.
519 . محبوب جي خوشامند
هڻان آءُ لاف غلاميءَ جِي تنهنجي در جي ڪين،
غلام آهيان آءَ ان جو، جو تنهنجو آهي غلام.
وئي تنهنجي تير ڏي دل منهنجي لاءِ استقبال.
خيال هوس ته آڻي ٿو تنهنجو ڪو پيغام.
520 . زمين جي تقسيم، ملڪن ۾
پکيڙ سڀ آهي چوويهه هزار ڌرتيءَ جِي،
انهيءَ مان چار فرنگ آهي، پنج ترڪستان.
چهه آهي روم، خراسان، مرو ۽ تبريز،
۽ باقي نو جي بچن، تن تي آهي هندستان.
521 . ٻين جي عبرت
ٻين جي حال تي عبرت جِي ڪر نظر اي دوست!
ته ڪن ٻيا به سڀاڻي اها نظر توتي.
جي نڪتو کوهه مان بيزن ته عاقبت ڇا ٿيو؟
قبر جي کوهه ۾ موٽِي وڌو اجل ان کي.
522 . حسب نسب اجايو
ڀلو نه ماڻهو ٿئي مائٽيءَ کان، جو آهن،
ابولهب ۽ ابو جهل پڻ نبيءَ جا خويش.
بزرگ آدم ثاني هو نوح پيغمبر،
مگر پٽس هو کريل، بيحيا ۽ ڪافر ڪيش.
523 . سخا جي حد (صنعت اغراق)
ڀلائي آهي خدا ڪئي، جو ڪيڻ ڪيئين پيدا،
ٻئي جهان هتي، راز ان ۾ حڪمت جو،
هجن ها جي، ته ٻئي ڏئي ڇڏي هابخشش شاهه ،
ڪڏهن خدا! جو نه محتاج ٿئي ها ماڻهو ڪو.
524 . سنگدليءَ جي حد
ٿو بت پرست ڏئي پهڻ کي هزار چميون،
جنهن مان ان کي رسي ڪو نه، ٿو نفعو ، نقصان.
تون پهڻ کان به زيادهه اي يار! آهين سخت،
جو هڪ چميءُ جو نه ٿيو وات تنهنجي تي امڪان.
525 . سڀ هم آواز، هم معنيٰ ناهن
ضرور ناهي هم آواز نت هجي همدل،
ٿو متفق ٿئي دشمن، رکي اندر ۾ نفاق.
گهڻا اکر ٿيا هم آواز، پر ٿي معنيٰ ضد،
جي هڪ[1]
جِي معنيٰ وصال آهه، ٻئي[2]
جي معنيٰ فراق.
نهار ڌيان سان باطن ڏي ، لڳ نه ظاهر تي.
سڃاڻ دوست ۽ دشمن کي تا سکين اخلاق.
مثال تو کي ٻڌايان گهڻائي اهڙا آءُ،
چڱي ٿي ”تي“ تلاق“[3]
۽ خراب ”طئي“ سان طلاق.
محبتين جي ملاقات هيءَ، جدائي هو.
هي وصل[4]
آهي، هو فصل[5]
۽ هِي شاڪ[6]
آهه، هُو شاق[7]
هي شير، شير جو ٿيو فرق مثنويءَ وارو،
ٿو هڪڙو چاڪ ڪري[8]
تن کي، ٻيو ڪري ٿو چاق[9]
سلاح[10]
ماري، جياري سلاح[11]،
ٿيا ٻئي ضد،
ٿيو هوءل خوف ، بچاءُ آهي حول، تاڪ[12]
۽ طاق[13]
گهڻو ٿيو ڪثر[14]
۽ ٿورو گهٽ ٿيو قصر ۽ ڪسر[15]،
ٿيو دال[16]
هادي ۽ گمراهه ضال[17]،
اُق[18]
۽ عاق[19].
عمل ٿيو ويجهو ، امل[20]
دور، عاجل[21]
۽ اَجل،
نه حق[22]
ٿوحڪ[23]
ٿئي ٿئي ڪين باڪ[24]
وارو باق[25].
526 . سلمان ساوُجي هَجُو، عبيد زاڪانيءَ بابت
چوي ٿو هجو هميشه عبيد زاڪانيءَ،
جهنَّمي آهي کان بيزري ۽ بيديني،
رهي ٿو اصل کان قزوين ۾ سود هقامي،
ڪلام ان جو، انهيءَ کان رهي ٿو قزويني[26].
527 . تصوف جي تعريف
يقين ڄاڻو ته علمن سڀن جو آهي مغز،
آول ڪلام خدا جو ۽ پوءِ نبيّن جو.
تصوف آهي مگر مغز تنِ ٻنهي جو پڻ ،
سو جوهر آهي انهن جو ۽ مغز مغز سندن.
528 . منهنجو مذهب
گهڻا پڇن ٿا منکان ماڻهو، تنهنجو ڇا مذهب؟
تون سنّي آهين يا شيعو، يا صوفي لامذهب؟
تون مومن آهين مسلمان يا آهين ڪافر؟
لکين ڪتاب ٿو سڀ مذهبن جا تون يڪسر.
لکين سبق مٿي اسلام ۽ قرآن ۽ حديث،
۽ مختلف ٻيا مضمون ، پاڪ توڙي خبيث،
انجيل پڻ لکيئي توريت ۽ ٿياسفي ڀي،
فلسفو، هند ڪو مذهب، بهائي ۽ دهري.
ٿيو ڪفر دين گڏيل، مذهب ايءَ مرڪّب هاءِ!
هلين ٿو سڀني سان هڪ جهڙو ، رس رکين سڀ سان،
طرف نه ڪو وٺين، نافر[27]
نه ٿين طرف ڪنهن کان.
ٻڌاءِ سچ، رهين اندر، ٻهر ٿو هڪ جهڙو،
يا آهين هڪڙو اندر ۾، ٻهر آهين ٻيو؟
ڏيان جواب انهن کي آءُ هيءَ منجهان آرام.
اي دوستدارو! عليڪم سلام والاڪرام!
آءُ پهرين آهيان سڀن جهڙو، مان بني آدم،
سڀيئي ماڻهو ٿيا ڀائر انهيءَ ڪري باهم.
ايڪائي، دهري ۽ عيسائي ۽ يهودي پڻ.
۽ فرق ٻيا گهڻا، اسلامي ۽ هنودي پڻ.
جي سچ، اهي سڀيئي هڪ ماءُ پيءَ جو ٿيا اولاد،
ته ڀائپي ٿِي مٿن فرَض، حق جو ايءَ ارشاد.
انهيءَ کان پوءِ مسلمان آهيان آءُ يارو!
مڃان خدا ۽ نبيّن جو سلسلو سارو.
انهيءَ کان پوءِ رکان سڀني ساڻ ٿو صحبت.
ڌڻي جا ٻانها، نبيّن سڀن جي ٿيا اُمت ،
انهيءَ کان پوءِ، جا اُمت ٿي خاص مرسل جي،
ٿيا سين دين جا ڀائر، شيعا ۽ سني سڀئي.
انهيءَ ڪري ٿيو سارو جهان هڪڙو ڪٽنب،
ٿي ڀاتي، وير رکڻ، سمجهان آءُ عظيم ٿو ذنب[28].
محبت آءُ رکان سڀني سان درجي وار مگر،
ڪي ويجها ۽ ڪي پري، جيئن ٿي مائٽن جي پرَ،
رهان سڀن سان سنئون ۽ رکان سڀن سان رس،
رنجايان ڪنهن جي نه دل، جيترو پڄيم ٿو وس،
وري پڇو جي ته ڇا تنهنجو مذهبي مشرب؟
چوان ٿو آءُ، ته ٿيو منهنجو صلح ڪُل مطلب.
انهيءَ ڪري آءُ مسلمان، ڪافر آهيان ٻئي ،
سني ۽ شيعو ٻئي آهيان، يا ته ناهيان ٻئي.
نفاق[29]
۽ نه تقيه[30]
رکان مذ بذب[31]
ٿي،
سڏايان پاڻ مسلمان، تن مان مومن ڀي،
پڙهان نماز، ڪڏهن هٿ ٻڌي، ڪڏهن ڇوڙي،
ڪريان نياز سڀن عالمن سان هٿ جوڙي.
نبيءَ کان پوءِ شرف ۾ علي ۽ ان جو ال.
مڃان ٿو، پر ٿيو حڪومت ۾ دنيوي ٻيو حال.
ٿئي مَلڪ، مال تي جهيڙو، حسب، نسب تي ڪو نه ،
وڙهيو جي پاڪ مٿي ڍونڍ، آل اطهر سو نه .
مڃان رسول جا اصحاب پڻ آءُ درجيوار،
ڏيان آءُ مان ۽ تعظيم تن کي، ڏيان نه گار.
نفاق، صدق سندن جو ڪريان آءُ فيصلو ڪين،
دلين ۽ غيب سندو علم ٿيو خدا کي يقين!
انهيءَ تي ڇو ڪريان جهيڙا، وڃايان پنهنجو وات؟
آءُ ڀائپيءُ جا ڪريان ڇو نه حق سڀ اثبات؟
مڃان ٿو بعد صحابن جي اوليا سڀئي،
هئا جي شيخ طريقت جا ۽ سچا صوفي.
شروع طريقا سڀئي ٿيا ڪنَا علي، ولي،
امام پاڪ انهيءَ بعد، علم جن مخفي،
اُهي ٿيا خاص، ۽ ٻيا عام جي خدا جا مرد،
مڃان اُهي به، جي آبدال ٿيا ۽ قطب ۽ فرد.
عقيدو منهنجو، نيت منهنجي حق کي ٿي معلوم ،
اميد عفو جي اُن ۾ رکان، جو حيَّ قيوَّم.
اهو ٿيو مذهب منهنجو، وڻيو جيڪي سڏيوم،
سڏيوم ڪافر، مومن، سني ، شيعو ڪوٺيوم،
الهٰي رک مون کي ان اعتقاد تي قائم!
”قليچ‘ جو ٿيو تو کي سوال ايءِ دائم.
529 . محال ۽ بيزبانيءَ جي معنيٰ
لڀي ٿو ڪين لغت عشق جي ۾ لفظ ”محال“
نه سمجهي معنيٰ ٿو ڪو لفظ بيزبانيءَ جي.
انهيءَ ئي علم ۽ ٻوليءَ ۾ مست عاشق ري،
ڪري سگهي نه ڪو دعوا زباندانيءَ جي.
530 . جهاز جي مشابهت
جبل اڏامندو يا ترند و ڪنهن ڏٺو آهي؟
جهاز سمجهه، سمنڊ ۾ هلڻ ٿو جو چاهي.
سمونڊي اُٺ، ٿيو پٽ جنهن جِي پيٽ، پيت ٿيو پُٺ
جهاز پٽ جو چيو اَٺ کي جيئن ڪنهين ڏاهي.
کڻي ٿو بار ۽ ماڻهو، سَڪل بدن تي جو،
۽ خشڪ لب رهي، پر بحر ۾ وڃي ڪاهي.
531 . ننڍائي ۽ نماڻائي چڱي
چڱي ننڍائي ٿي دنيا ۾ ۽ نماڻائي،
لکي ٿو اِن طرح انجيل، ويد ۽ مصحف.
ننڍا ٿيا، هيرا ۽ موتي، وڏي سندين قيمت،
سڃاڻ قدر سندن سينو ڪر تون تن جو صدف.
ننڍي ٿي چيچ مگر ٿي ڳڻڻ ۾ پهرين سمار.
منڊيءَ ڍڪڻ ۾ ڏين پڻ انهيءَ کي سڀ ٿا شرف.
جي ويا نماڻا رهِي اڳ ۽ ڪيائون خلق سان خير،
رهن سي ياد سدا ، ٻيا وڃن سڀئي ٿي تلف.
تون رهه نماڻو ادا ! پاڻ کي ننڍو تون ڄاڻ،
ته ٿين عزيز ۽ اڳواڻ ، جڳ ٿئي تنهنجي طرف.
532 . ٻه عجيب شيون
عجب شيون، ٻه، ٻڍي کي جوان ڪن ٿيون شتاب،
گلابي رنگ جو منهن ۽ گلابي رنگ شراب.
عجب شيون ٻه، جوان ۽ ٻڍي جو غم ڪاٽين.
مٺيون ٻئي جي لڳن، هڪڙو راڳ ۽ ٻيو رباب.
533 .اتحاد جي حد
وجود منهنجو سڄو دوست ٿي پيو، اُن کي،
گُهران ڏسڻ، تھ رکان آرسي اڳيان پنهنجي .
ڏس اتحاد ، و ِيُس هڪ ٿِي دوست سان اهڙو ،
جو ڏسندي پاڻ کي، پهراڻ ۾ ڏسي مون کي .
534 .يزيد تي لعنت
چون ٿا جي. نھ ڪريو آئين يزيد تي لعنت،
خدا تعالى متان اُن تي ڪئي هجي رحمت.
انهن کي چوء، تھ جي بخشيندو ظلم اُن جا خدا،
تھ لعنت اُن تي بھ بخشيندو آن سندي البت.
535 .حرام حلال، ۽ حلال حرام
حرام جو ڪيو مون پاڻ تي وصال حرام،
حلال جو ڪيو مون پاڻ تي فراق حلال.
جو ڊپ َ فراق جي کان ٿئي وصال تنهنجي ۾ غم،
رکي وصال جِي اميد هجر ۾ خوشحال.
536 .شراب ۽ گلاب
هٿان انهيءَ جي، جو رشڪ آهي چنڊ ۽ سڄ جِي،
پيالي چنڊ جي ۾، سڄ جيهو شراب تون وٺ.
ڳلن مان اُن جي، جتي گُل جا پَن ۽ پاڻي آهه،
مليو جي وقت اٿئي، لحظو کَن گلاب تون وٺ.
537 .دنيا مان ڪجهه نھ حاصل
اچو، چئو تھ سڪندر کي هت ڇا حاصل ٿيو؟
وڃو، پڇو، هتان قارون پاڻ سا ڇا نيو؟
جي فتح ملڪ ڪيا هُن، ٻين، جي لاءِ ڇڏيئين،
جي ميڙيا هُن هئا خزانا، ڏيئي ٻين کي ويو .
538 . ڊپ رکڻ چڱو
اگرچه ڏوهه ڪيئيِي ڪو نه، جي وڃين وٽ شاهه ،
وڃ اهڙو ڊپ ۾، ڪيا ڄڻ اٿئي هزار گناهه،
اگرچه عمر عبادت ۾ تو گذاري سڀ،
اميد، ڊپ ٻئي، وڃڻ وقت رک اڳيان الله .
539 . چنڊ جي مشابهت
مشابهه آهي ڀرونءَ يار جي سان چنڊ نئون ،
انهيءَ ڪري ئي هُو گرهڻ کان ٿو رهي آزاد.
۽ منهن سان ان جي ڀريل چنڊ مشابهت جي ڪئي،
ڏنئو نس داغ، ٿئي هر سال گر هجي ناشاد.
540 . رنگين طبع جو نتيجو
رئاري پڻ ۽ کلائي ٿو تنهنجو نازو نياز،
تون طبع ۾ ٿئين رنگين ته آءُ خوش ۽ غمگين.
چڙين تو مون سان پڙهان آءُ ”خلقتني منِ نار“[32]،
ٺهين تون مون سان، چوان آءُ ”خلقته منِ طيِن“[33].
541 . شراب ۽ رباب
شراب ناهي مناسب ڪڏهن به ماڻهوءَ کي،
پيڻ رباب جي آواز ۽ سرود بنان.
پئي نه گهوڙو ٿو پاڻي هڻين نه جيسين سيِنڍ؛
نه ماڻهو، گهوڙي کان گهٽ ٿيو، نه مئي، ٿي پاڻيءَ
کان.
542 . شراب، حلال ۽ حرام
حرامزادي کي چيو ٿن، حرام آهي شراب،
جو ميزبان کي، آزاري، ماري پڻ مهمان.
حلال زادي کي آهي مگر حلال، جو کائنس،
ٿا ميزبان ۽ مهمان ٻئي رهن شادان.
543 . سبب جا قسم
سبب جي معنيٰ رسو پهرين، پوءِ وسيلو آهه،
جنهين تي شي ڪا تعلّق رهي، سبب سو آهه.
سبب جا چار ٿيا قسم، سي تون دل تي رکج،
سبب ٻه تن مان ٿيا داخل[34]
۽ ٻيا ٻه ٿيا خارج[35].
ٿي داخلن ۾ حقيقت اچي مسبّب ۾،
اچي جني ۾ نه ، خارج ٿيا سي مطلب ۾،
جو داخل آهي سبب ’باِلقوه يا بالفعل‘ اهه،
سبب هو ماري هي صُوري ٿو سڏجي خواهه مخواهه .
مثال پهرئين جو ڪاٺِي ۽ تخت جِي نسبت ،
مثال پوئين جو ٿيو شڪل تخت جي البته ،
جو خارج آهي سبب ، فاعل آهي يا موجو،
سبب هو فاعلي سڏجي۽ غائي هِي ري ضد.
مثال پهرئين جو واڍو ، بنايو تخت جنهين ،
مٿال پوئين جو، ايجاد جي ڪيو سو ڪنهين.
ٿيو پهرين ماڻهو، هلائي جو پنهنجِي ٿو صنعت ،
ٿيو پونيون خالق ، پيدا ڪري جو سان قدرت.
544 . شراب، حلال جو نسخو
حلال شرع ۾ چيو ٿن شراب انگوري،
مثلّث آهي جو، ٻڌُ ان جي واٽ تون پوري،
پڪل انگور جي رس کي تون باهه تي ڏي جوش،
بچي پتي ٿي تڏهن، ڪڍ گجي ۽ ڪر تون نوش،
جي پاڻي ٿورو وجهين ان ۾ ، آهين تون مختار،
نشو جي ناهي، حلال آهي، ، نه ته ٿيو مردار،
چون شراب ٿا مخسول هن کي عالم سڀ،
مثلث آهي هي فقهي، وڃن اُهي ڀي سڀ.
چون جنهين کي مثلث طيبي، سو آهي هي ،
حصا ٽي ڊاک جو رس، چوٿون اُن ۾ پاڻي ڀي.
سي جوش ڏي ، ته وڃي هڪ حصو سڙي، ٻه بچن،
مثّلث ان کي ٿا جمهوري، شرع وارا چون.
نفعا جي خمر جا آهن، سي هن ۾ ٿيا موجود،
طبيب متّفق آهن، ته ٿئي انهيءَ مان سود.
ڪري ٿو پيدا چڱو رت، وڌي ٿي قوّت باهه،
مفيد هضم ۾ ۽ ذات جنب صدر ۾ آهه .
مزاج گرم ۾ ، ڪثرت انهيءَ جي آهي خراب،
يا بيد مشڪ يا پاڻي ملايو يا ته گلاب.
545 . ماڻهو، ساري مخلوق تي غالب
سواري ٿو ڪري ماڻهوءَ جي ماڻهو، ڏس تون شرف،
اچي عدم مان جڏهن ۽ جڏهن وڃي اوڏي.
چڙهي ڪلهن تي ٿو ماڻهو جي، ٿو ڄمي جڏهين.
مري جڏهن ٿو، تڏهن پڻ چڙهِي ڪلهن تي وڃي.
رهي جو عرصو ٿو دنيا ۾، نت سواري سو،
ٽن عالمن تي به، ۽ چئن عنصرن تي ڪري.
مٽي ۽ پاڻي ۽ پڻ باهه ۽ هوا تي سوار،
چڙهي ٿو جانورن ۽ وڻن ۽ ڌاتن تي.
546 . سلوڪ جا ٽي سير
فنا کان پوءِ اچي ٿو بقا، سڻج سالڪ !
بقا جي ملڪ جو دروازو ٿيو فنا، جائي.
فنا تڏهن ٿين جڏهن پهرين ٽي ڪرين تون سير،
اول جني مان ٿيو في الله[36]
سير تعليمي .
ڏسين تجليون اتي تون صفات حق جي جون،
ڪمال کي رسين، ان تي وڃين جڏهن تون هرِي.
اتان لهي، ورين ڏين ناقصن کي تون تعليم،
اهو ٿيو سير من الله[37]
، مرشدي، پيري.
ٽيو ٿيو سير ِالي الله[38]
خلق کان منهن موڙ،
رفيق اعليٰ[39]
ڏي هل ۽ مٿي آڏام وري.
مريدي، پيري ۽ ٻيا واسطا ٿيا خلق سان بند،
وڃي بقا کي تون پهچين ، فنا منجهان نڪري.
مگر لهن ٿا اتان پڻ ڪي اوليا ڪامل،
مدد ڏين ٿا سڄي جڳ کي عرش تان به لهي.
انهيءَ ڪري ٿا چون تن کي اوليا، ابدال،
وڃي جي هڪڙو، اچي ٻيو انهيءَ جي منجهه بدلي.
يا روح جن جو ٿو ٻئي هنڌ وڃي هدايت لاءِ ،
۽ پنهنجي بدلي وڃن جسم، جاءِ تي سي رکي.
ارادي پنهنجي کان محفوط ٿيا فقط ابدال،
هوا ۽ حرص کان محفوظ اوليا ٻيا ڀي.
مگر نه ٿيا اهي معصوم، جيئن نبي آهن،
خطا کان پاڪ جي ٿيا، حفظ تن مليو اڳئي.
547 . مُشرڪ ڪير آهي
نه مُشرڪ آهي اُهو، جو بُتن کي ٿو پوڄي،
هوا ۽ حرص جو تابع وڏو اٿو مشرڪ.
هوا ۽ حرص الاه آهي ان جو، چئي قرآن ،
سو ڪافر آهي نجس، ڀڄ پري ۽ ان کان لڪ.
سوا خدا جي ٿيا، دنيا ۽ آخرت ٻئي غير،
گُهري جو غير کي، مشرڪ ٿيو سو ، نه ٿيو سالڪ.
مخنّث[40]
آهي هو پهريون، مونّث[41]
آهي هو ٻيو.
گُهري جو موليٰ ، مذڪّر[42]
سو، تن کان سو تارڪ.
هجين ادا! تون جنهين حال ۾،رهج نت خوش،
جي گهٽ، ته ٿين ٿو ڪمينو، جي وڌ، ته ٿين شارڪ.
ٿيو وڌ جو شوق هوا، حرص گهٽ جو حيواني،
جي عزت آهي قناعت ۾، تون انهيءَ ۾ ٽِڪ.
548 . انسان جا همراهه يا همزا د
حديث آهي، ته هر ڪنهن سان ٿو رهي همراهه،
سدائين هڪڙو ملائڪ، ۽ ڪهڙو پڻ شيطان.
ڪرائي ڪم ٿو هر نيڪيءَ جا ۽ عبادّت جا،
ڪرائي ڪم ٿو بديءَ جا هي ۽ خطا، عصيان.
مَلڪَ جي پنهنجي اندر ۾ ٿِي دل رهي نائب،
۽ نفس، نائب شيطان جو ٿيو منجهه انسان.
549 . بلا دوا ۽ سزا جزا آهي
سزا، جا حق کان ملي، سمجهه تون جزا ۽ عطا،
عقوبت ان جي ٿي نعمت، بَلا انهيءَ جي دوا.
ٿيو قول، فعل انهيءَ جو ٻڌئي نه ”ڪن فيڪون“؟
ٿيو وعدو نقد انهيءَ جو ، ٿيو مرض ان جو، شفا.
جو صبر، شڪر عوض ڪيئين انعام جو انجام،
سو وعدي جي اي اياڻا! ڪري نه ڪيئن سو وفا؟
550 . دعا مان مطلب
وڃان آءُ دوست جي در، خاص ان ڪري، ته ڪريان،
سلام، عجز ۽ زاري، دعا، نياز،، سوال.
قبول ڪيائين ته واهه ! نه ته وڃان ۽ موٽي اچان،
ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ ڪي ڳالهائڻ ايءَ وڏو اقبال.
نه مدّعا ڪو انهيءَ ڌارا ٻيو رکان دل ۾،
جو بندگيءَ مان ٿئي ديدار، سوال مان ٿئي وصال.
|