51. پنهنجو پٽ ٿجي
(عربي ڪلام جناب مولاعلي)
انا ابن’ نفسي و کيتيِ آدبيِ،
من عجم کنُت آو’ مِن َ ا’لعرب؛
اِنَّ الفتيٰ مَن لقَول هَا آناذا،
ليس َ الفتيِٰ مَن يقول کِان ابِي.
( ترجمو سنڌي)
پٽ آءُ پنهنجي جند جو آهيان ٿيو نسب منهنجو ادب،
پوءِ عجم مان مر هجان آءُ يا هجان آءُ خود عرب،
مرد سو آهي، چوي جو : ههڙو ههڙو آهيان آءُ ،
مرد سو ناهي چوي جو؛ ههڙو ههڙو منهنجو آب[1]!
52. ماڻهن جا چار قسم
(فتوح الغيب[2]
مان )
چئن قسمن جا ٿيا دنيا ۾ ماڻهو اي ادا!
ٻڌ ته توکي آءُ ٻڌايان تا گذارين خوش سدا.
هڪڙا سي جن کي نه دل آهي، نه ڪا آهي زبان،
ٻيا اهي جن کي زبان آهي، مگر دل آهي ڪانه،
ٿيا اهي جي بي زبان آهن، رکن پر دل اهي،
چوٿان سي آهن، زبان ۽ دل ٻئي ڌارين جي.
قسم پهريون جاهل آهن اصل بيدل بيزبان،
ناهي ڪو علم ۽ عمل تن ۾، مرِنُ جي ٿيا سمان.
کُرڙ انسانن جي سي، اَن جي تنهن جا ٿيا شبيه،
قدر تن جو ڪونه، حق ۾ تن جي ٿيو لاخيرفيه[3].
ٿيو ڏمر تن تي خدا جو، اهل دوزخ جا اهي،
ڀڄ پري صحبت کان تن جي تا نه تنهنجي دل مري،
پر جي آهين عالم ۽ زاهد پڪو، تا ناهي ڊپ،
رهه تني سان، ڪر هدايت تن کي ۽ ريجهاءِ سپ،
فائدو دنيا جو آهي تو کي دوريءَ مان سندن،
فائدو عقبيٰ[4]
جو، جي ڏين دين‘ ۽ ايمان تن.
قسم ٻيو، جي با زبان آهن، مگر بيدل ٿيا،
علم ۽ حڪمت جون ڪن ڳالهيون گهڻيون ۽ وعظ ٿا.
پر نه ڪن ٿا پاڻ ڪو تن تي عمل ٿيا ٺڳ آهي،
عيب جڳ جا ٿا ٻڌائن پر رکن ٿا پاڻ سي.
ٿيا بگهڙ ڄڻ ويس ماڻهن جي ۾ عالم بي عمل،
سي ٿيا شيطان جا نائب، گهڻو ڪن سي خلل،
وڃ نه ويجهو تن کي، جادوگر ٿيا سي يا ڪ نانگ،
تن جي صحبت ۾ وڃائين دين ۽ دنيا جا سانگ،
قسم ٿيو، بادل ٿيا پر بيزبان سي نت رهن،
نور علم ۽ معرفت حق جي سندن دل ٿي وطن.
پر رکن چپ بند پنهنجا ۽ ڏسن سي پنهنجا عيب،
ڪم ٻين سان ڪونه تن جو، خيال تن جو ڏانهن غيب.
صبر تن لاءِ ٿي عبادت، ماٺ تن لاءِ ٿي نجات،
جيئن حديثن مان ملي حق جي محبت جي ثبات.
سي ئي انعَمت عليهم[5]،
سي ئي ٿيا صالح سچا،
دوست رک تن کي، رکي ٿو دوست تن کي جيئن خدا.
قسم چوٿون، سي جي نت بادل ٿيا ۽ بازبان،
ٿا رهن ملڪوت[6]
جي عالم اندر ڄڻ سي سجان.
تن جو سينو ٿيو ڪشادو جيئن الم نشرح[7]
۾ آهه،
علم جي اسرار کان خالي ڪڏهن سو رهندو ناهه.
سي ٿيا هادي ۽ شافع ۽ ولي ابدال[8]
پير،
انبيا جي سي ٿيا نائب، سي بشير[9]
۽ سي نذير[10]،
تن جي درجي کان مٿي درجو نبوت جو رهيو،
حڪم مڃ تن جو، نه ٿي هرگز مخالف تن سندو،
تا ٿئي راضي خدا تو مان ۽ خوش سارو جهان،
خوش رهين تون پاڻ جڳ ۾ ۽ ملئي امن ۽ امان.
53. انبيا ۽ اوليا جا درجا
قول هي ڪن سالڪن جو مون پڙهيو آهي ادا!
اوليا جي انتها ، ٿي انبيا جي ابتدا ،
يعني درجو ٿيو نبوت جو ولايت کان مٿي ،
اوليا پهرين ۽ پوءِ ابدال ، پوءَ ٿيا انبيا .
پر چون ڪي، اوليا افضل نبيَّن کان ٿيا ،
اوليا جي ابتدا ، ٿي انبيا جي انتها .
يعني، پهرين انبيا ٿا حڪم شرعي ڪن پڌر ،
پوءِ هلن ٿا اوليا تن تي ۽ پائن مرتبا ،
هُو تري دريا، ڪناري تي سلامت ٿا رسن،
هي ڏسي تن کي ، انهن جي ڏس تي پاڻيءَ ۾ پيا .
قول ٻئي ظاهر مخالف ٿيا مگر گهر جي ادب ،
مرتبا ايمان جا پهرين ۽ پوءِ ٿي علم جا.
پوءِ ولايت، بدليت ۽ پوءِ صديقت آهه ،
پوءِ نبوّت ، پوءِ رسالت ، پوءِ اَولُو العزمَّينا .
پوءِ ختمِيتَّ محَّمد جي ۽ بندي جي ڪمال ،
پوءِ الموهَّت بچي باقي ۽ واحد ٿيو خدا .
ابتدا حق جي انهيءَ پر انتها بندي جي ٿي ،
حق ٿيو بي اِبتدا، بي انتها قائم سدا.
چئو مُحمَّد جهڙي بندي کي خدا، هرگز نه تون،
وصف ٻي جيڪا وڻئي سا ڪر، ته اُن لاءِ ٿئي بجا.
54. موت ري حياتي ، ۽ حياتيءَ ري موت
موت ڏي يا رب ! مون کي جنهن ۾ حياتي ڪانه هوئي،
يا حياتي ڏي، نه جنهن ۾ موت ڪڏهين آءُ ڏسان،
ري حياتيءَ موت آهي نفس پنهنجي کان مرڻ،
خواهشن ۽ مطلبن پنهنجن ارادن سڀني کان،
خلق کان پڻ ۽ نفعي نقصان پنهنجي کان سدا،
بلڪ هستيءَ کان به پنهنجي هردو جڳ ۾ آءَ مران،
موت ري آهي حياتي فعل رب جي سان جيڻ،
۽ ٿيڻ فاني منجهس، پيدا بقا ٿئي جنهن منجهان.
يا الٰهي ! ايءَ حياتي ڏي مون کي ۽ موت اِيءٌ،
تا سدا آءَ هردو جڳ ۾ ايئن مران ۽ اِيئن جيان.
55. دعا نه قبول پوڻ جو سبب
دل نھ لوڙهج، جي دعا تنهنجي نھ اڄ خاوند ٻڌي،
هو ٻڌي، بيشڪ ڪري پوري هِتي هُو يا هُتي.
هِت نھ ڪيئين ان لاءِ جو تنهنجو ڀلو هو اَن ۾ ڪو
نھ،
هُت ڏسين پوري جڏهن حيرت تڏهن تو کي لڳي.
ڪي ڏسين نيڪيون عملنامي ۾ پنهنجي، جي نھ ڪيئي،
اُت پڇڻ تي تون ٻڌين، هِت جي دعا جوبدلوسي.
ان ڪري مِخ ُّ العبادته[11]
ٿِي دعا جي وصف آهه؛
فرض ٿي بندي تي، سا پڻ ٿي وڻي خاوند کي.
56. دنيا ۽ آخرت ۽ حق جي محبت جي نسبت
جيتري رغبت وڌي دنيا ڏي ٿي ماڻهوءَ سندي،
اوتري ان جي محبت آخرت ڏي گهٽ ٿئي .
جيتري رغبت وڌي اُن جي وري ڏينهن آخرت،
اوتري اُن جي محبت حق ڏي گهٽجي ٿي وڃي .
57. حڪمت ۽ قدرت جو فرق
فرق ظاهر حڪمت ۽ قدرت جو ٿيو فرعون وٽ،
جنهن اڳيان جادوگر ۽ موسى اچي ٻئي گڏ ٿيا .
هو هئا هوش ۽ خوشيءَ ۾ هِي هو بيهوش ۽ ڊنل،
ڪيا هنن جادو ٿي، هِن جي لٺ ڪيا ٿي معجزا .
58. مخلوق[12]
۽ غير مخلوق ڇا آهن؟
ٿيو قلم مخلوق پر جيڪي لکيائين لوح تي،
غير مخلوق آهي سو، جيئن آهي فرمايو خدا .
آهي دل انسان جي مخلوق تيئن، ٻڌ يار تون !
پر اچي ان ۾ جا سُڌ ٻُڌ، غير مخلوق آهي سا .
تيئن نبي مخلوق ٿيو، پر وَحي جو واتون اچيس،
ٿيو ڪلام الله، ٿيو جو غير مخلوق اي ادا !
59. دل تي پهرو ڏيڻ
دل ٿي بيت الله، رک خالي انهيءَ کي غير کان،
در تي ان جي بيهي ڏي پهرو، رهي تا پاڪ سو .
کڻ ادا ! توحيد جا تلوار، خنجر شرع جو،
ڪر ٻھ اڌ جيڪو اچي ويجهو، تھ تو ايءُ پِڙُ کٽيو .
60. جسم جي اندروني حڪومت
بادشاهه سر آهي ماڻهوءَ جو، ۽ دل ان جو وزير ،
نوڪر آهن عضوا سڀ، نفس ۽ زبان آهن امير .
پرورش حق کان ملي سر کي ۽ سر کان دل کي ٿِي،
نفس، دل کان ٿئي سڄاڳ ۽ نفس کان دل ٿئي سڌير .
۽ هٿن، پيرن، ٻين عضون کي پهچي ڄڀ کان قُوت،
تندرست آهي جي ڄڀ، دل تندرست ۽ پڻ سرير .
61. الحمد جي سوره جي صفت
ٿا پڙهيا الحمد کي مصحف جو ديباچو لکن،
”فاتحه“ اِن سُور جو نالو، انهيءَ لاءِ ٿا رکن .
مختصر اُن ۾ سڄي قرآن جو مضمون آهه ،
جوهر آهي يا مکڻ مصحف جو، چيو ائين عالمن .
پڻ چون ”اُمّ الڪتاب[13]
“ ان کي ۽ ”قرآن العظيم“ ،
۽ بھ ڪيو ”سبع المثاني“ نانءُ اُن جو ذوُالمنن .
سَت ٻٽا قول اُن ۾ آيا، ڌيان ڏئي جي تون ڳڻين،
بيشمار ان سور جون وصفون لکيون آهن پڙهين .
ٿي دعا اُوُءَ ۽ ٿين حاصل سڀئي مطلب منجهانس،
۽ شفا دردن جي ، ان کان مرض بيماريون لهن .
ڏهه شيون آهن سڄي قرآن جي مضمون ۾،
تن مان اَٺ، ”الحمد“ يعني سور ”فاتح“ ۾ لڀن .
اَٺ اُهي ذات ۽ صفات ، افعال ۽ آخر جو ذڪر ،
تزڪيه[14]،
تخلهّ[15]،
گفتو دوستن ۽ دشمنن .
حمد لله ذات، ربّ العالمين افعل ٿيو ،
۽ ٿا رحمٰن الرحيم اندر صفات ان جا اچن .
آهي ملڪ يوم الدين[16]
البت قيامت جو بيان ،
۽ ٿيو ايّاڪ نعبد[17]
تزڪيه لاّءِ عابدن .
تخليه جي لاءِ پوءِ ايّاڪ آيو نستعين[18]،
ان کان پوءِ اهدناالصراط لمستقيم[19]
آندو اٿن .
پڻ صراط الذين اَنعمت عليهم[20]
ان سان گڏ ،
ٿيو اشارو صاف اِنهن لفظن اندر ڏانهن دوستن .
غير مغضوب عليهم[21]
۽ ولاالضّالين[22]
پوءِ ،
دشمنن ڏنهن پڻ اشارو ٿا انهن لفظن ۾ ڪن .
جي شيون باقي ٻھ ناهن، ڪافرن سان آهي جنگ،
۽ ٻي شرعي حڪم، سي قرآن ۾ ٻئي هنڌ ملن .
62. صبحڪُم چڱو يا مَسّڪُم
خلق چئي: صبحّکم الله[23]
آءٌ ٿو مَسّکُم[24]
چوان ،
ڏينهن کان وڌ رات ۾ نت خوف ۽ اميد آهه .
خيرسان جي رات گذري منجهه عبادت ذڪر فڪر،
صبح جو خوش هوندو ماڻهو ، ڏينهن سارو خوف ناهه .
گرچھ خالي کان گناهن ڪين رهندو ڪو بشر ،
رات جي توبهه بھ ۽ ٻي بندگي ٽاري ٿي باهه .
رات پهرين، ڏينهن پوءِ ٿيو، رات جو رک پهرين فڪر ،
رات گذري جي چڱي، ڏينهن اُهڙو ٿئي پڻ خواهه مخواه .
پر جي گذري رات ڳڻتين ۽ عذابن ۾ ادا !
ڏينهن بڇڙو گذري، مر ٻيو پوءِ تون بگڙيءَ کي ٺاهه .
63. مک ملو ۽ واعظ
مَک ڪري ملّن جان هردم ٿي تيمّم يا وضو ،
جت و ِهي، اُت ٿي ملي هٿ پير، تا ٿئي پاڪ اھو .
منهن پٽِي پنهنجو پشيمانيءَ کان، توبهه ٿي ڪري،
ٿي هڻي هردم ڇڙهيون ڏک کان، ڊُڪي ٿي سوُ بسوُ[25].
سک سبق توبهه ۽ پاڪائي جو مک کان تون ادا !
پاڪ رهه، تائب[26]
ٿي، نت پنهنجو مٿو پِٽ ڪوُ بڪوُ
[27].
64. عيد ڪڏهن آهي
عيد آهي حق انهن جو، جي رکن روزا ادا !
عيد سان ڪم تن جو، ڪهڙو جي نه ٿيا روزائتا ؟
عيد ناهي سا، جڏهن ڪپڙا ڍڪيو عمدا اوهين ،
۽ چڙهي ميدان ۾ ڊوڙايو سڀ گهوڙا اوهين.
عيد ناهي سا، جڏهن وڇڙيا اوهان ۾ ٿا ملن،
۽ وجهي ڀاڪر، محبت مان سي هڪٻئي کي چُمن .
عيد ناهي سا ، جڏهن کائو اوهين عمدا طعام،
شيرخرما يا سيون، حلوا، پلاهه، ۽ ٻوڙ جام.
عيد ناهي سا ، ڪريو شاديءَ جون جڏهين مجلسون ،
۽ ڏسو ناچ، ۽ ٻڌو راڳ، ۽ وٺو ٻيون لذّتون.
عيد آهي سا، وڙهو جڏهن نفس ۽ شيطان سان ،
۽ گناهن کان بچو ۽ ڪم ڪريو ائين پڻ چڱان.
عيد آهي سا، جڏهن اندر ۾ نت آرام هوئي ،
حال هوئي ڪهڙو به بڇڙو ! پر چڱو انجام هوئي.
عيد آهي سا، جڏهن دنيا ۽ عقبيٰ جي مراد ،
رب ڪري پوري ۽ ٽاري هر طرح فتنا فساد .
عيد آهي سا جڏهن ايمان سان ماڻهو مري ،
حشر جي ڏينهن صالحن سان سو وري گڏجي اٿي.
65. دنيا ۽ عقبيٰ جي محبت
ڪي چون؛ دنيا ۽ عقبيٰ پاڻ ۾ ڀبڻون سڳيون ،
ٿي سگهي هڪ سان، نه ٻنهي سان سگهي ٿي ٿو نڪاح .
ڪي چون: دنيا ۽ عقبيٰ ٿيون پهاڄون پاڻ ۾،
هڪ رهي راضي، مگر پرڻو ٻنهي جو ٿيو مباح .
ڪي چون: دنيا ۽ عقبيٰ ٻئي آهن ڏائڻيون،
ٻئي نه ٿيون پرڻي جون لائق، ناهي ٻنهي ۾ فلاح .
آءُ چوان: دنيا ۽ عقبيٰ جنَّتي حورون ٻئي ،
ٻئي مباح آهن، مگر ٿيو ڪو نه تن لاءِ اصطلاح .
رکجي مرصحبت ٻنهي سان ۽ محبت حد اندر،
حق ملي تن سان، چيو حق تن جي حق ۾’لاجناح‘[28].
66. دشمن جو به خير گهرجي
يار جو منهنجو نه هوئي، شل رب انهيءَ جو يار هوئي !
جو ڏئي ڏک مون کي، سک سان شل اُهو ٽمٽار هوئي !
دشمنيءَ مان، واٽ منهنجيءَ تي ڪنڊا جو ٿو رکي،
باغ ان جي عمر جي گُل جو سدا بي خار هوئي.
67. ڏک، سکن لاءِ ضروري، ۽ سخا، سک جو سبب
ڏک، سکن جي سونهن چئي ٿن، ڀڄ ڏکن کان ڪين تون،
پئي سکن جو قدر تن کي، ڏک جي پهرين ٿا ڏسن .
ڪر سخا، ۽ ڏي اٿئي جيڪي، ته وڌ توکي ملي،
کوهه ۾ پاڻي وڌي، جيئن وڌ ڪڍن، کاٽي ڏين.
بينوا، بي برگ، بي سامان، جيسين تون نه ٿين ،
حق جا نائب تو کي سرنَو، سائو ۽ تازو نه ڪن.
مُکريون ۽ گل تڏهن ڦٽن، جڏهن پن سڀئي ڇاڻي ڇڏين.
ٿئي خزاني پهرين، پوءِ ٿي ٿئي بهاري منجهه وڻن.
68. دنيا لاءِ وضو ۽ جنّت لاءِ غسل
ذڪر دنيا جو ٻڌين عارف ! ته ڪر تازو وضو،
۽ جي جنّت جو ٻڌين، ڪر غسل تا تون پاڪ ٿين.
اصل کان دنيا حدث[29]
جي جاءِ، تنهن لاءِ ڪر وضو ،
جنّت آهي جاءِ شهوت[30]
جي، تون ڪر غسل اي پرين !
69. وضو ۽ غسل، شريعت ۽ طريقت ۾
منجهه شريعت هڪ وضو سان پڙهه نمازون مرَ پنجئي ،
منجهه طريقت پڙهه ڏهن غسلن کان پوءِ هڪڙي نماز.
هن ۾ پاڪائي ٿي گهرجي جسم ۽ ڪپڙي سندي ،
هن ۾ جان ۽ دل ٿي گهرجي پاڪ، ۽ پڻ سوز ساز.
70. خطبو جمع ۽ عيدن جو
(سنڌي شعر)
آهي واجب خلق تي حق جي ڪرڻ حمد ۽ ثنا ،
اَهي جو باري تعاليٰ، سڀ جو خلقيندر خدا .
سڀ کان اڳ موجود هو ۽ هوندو سڀ کان پوءِ پڻ،
رهندو سو باقي وڃي، ٻي سڀڪا شئي ٿيندي فنا.
پاڪ آهي سو، جو ڄاڻي ٿو اندر جون نيّتون ،
۽ بندن جا عيب ۽ جيڪا لِڪي ڪن سي خطا.
سڀ کي خلقيو آهي تنهن، موٽي موٽس ويندا سڀئي ،
سڀ کي ملندي پنهنجي عملن جي جزا توڙي سزا.
ملڪ ۾ ان جي نه جهيڙو ، حڪم ۾ ان جي نه ضد ،
رحم ڇا هي يا عقوبت[31]؟
امر ان جو سڀ روا .
عدل ان جو ٿيو عذاب ۽ فضل ان جو آهي عفو[32]،
ٿو ڪري جيڪي گهري ؛ سڀڪا چڱي اُن جي رضا .
پوءِ پڙهون اَشهد[33]،
ڪريون نعّت[34]
سندي خيرالبشر ،
جو مبشّر[35]
آهي ۽ ’مُذِر‘[36]
محمَّد مصطفا .
هوئي صلوات ۽ سلام ، ان تي ۽ ان جي آل تي ،
سي سفينه[37]
نوح جا، جيڪي چڙهيا ان تي ڇُٽا.
اي مسلمانو! ڪريو تقويٰ ٿيو پرهيز گار ،
موت کان اڳ ائين ڪريو صالح عمل ۽ ڪم چڱا.
موت ٽرندو ڪين، سو ايندو اڳي يا پوءِ ضرور ،
گرچه ڪو چوگرد پنهنجي ڪوٽ جوڙيندو پڪا.
آهي افسوس، اهڙي غفلت تي، مسافر ٿيوُ اوهين ،
ڪُوچ جو هُل ٿا ٻڌو هردم ۽ پيا آهيو ستا ،
ٿا رهو ڏک ۽ بلا جي گهر ۾ ، ڪانهي جت امان،
عيش عشرت ڪئن ڪريو ٿا ؟ ڪا وٺو عبرت آدا !
ڪيڏي ويا مائٽ ۽ مٽ، پاڙيسري ۽ يار دوست ؟
ائين به ويندو اوڏي ، جيڏي آن جا سڀ ڀائر ويا .
قبر ۾ آن کي ڇڏي، وهندا وساري يار سڀ،
سخت مَلڪَن جي حوالي هوندوُ اَت پيا هيڪلا.
تنهن کان اڳ روئي ڪريو توبهه گناهن کان اوهين ،
۽ ڪلام الله جا سڀ وعظ ائين چاڻو سچا.
(عيدالفطر جي خطبي لاءِ وڌيڪ شعر)
مومنو ! حق ڪيو اڄوڪو ڏينهن اوهان جي لاءِ عيد ،
شڪر ائين حق جو ڪريو، ۽ ذڪر پڻ بي انتها .
۽ پڙهو تسبيحون ۽ تڪبيرون، استغفارون پڻ ،
۽ دعائون پڻ گهرو ۽ فطر ڏيو، صدقو مٿا .
مڙس توڙي زال پنهنجي جند ۽ اولاد لاءِ،
ڏئي ٻھ سير اَو ڪڻڪ جا، يا اَن َ جو ملهه هر هڪ پُٺيا .
جَوَ ڏجن ٻيڻا، مگر هيءُ حڪم رکجو ياد سڀ،
فطر واجب ان تي ٿئي، جنهن جي زڪوات آهي بجا .
سون َ جا ست تولا ساڍا ، يا رُپو ، يا اهڙي جنس،
گهر ۾ جنهن جي هڪ ورهه هوئي، ٿئي زڪوات ان تي روا .
رحم ۽ نيڪي ڪريو خو يشن ۽ ڌارين سان اوهين،
خاص مسڪينن، يتيمن، بي وسيلن سان سدا.
بيحيائي، ظلم بدڪاريءَ کان ائين پاسو ڪريو،
سڀ گناهن کان پري ٿيو ، ۽ ڊڄو ائين حق ڪنا .
مومنو! عيد آهي تن جو حق، رکيا روزا جني ،
عيد سان ڪم تن جو ڪهڙو جي نه هئا، روزائتا !
عيد ناهي سا ، جڏهن ڪپڙا ڍڪيو عمدا اوهين ،
۽ چڙهي ميدان ۾ ڊوڙايو گهوڙا ائين تکا .
عيد ناهي سا، جڏهن و ڇڙيا اوهان ۾ ٿا ملِن ،
۽ وجهي ڀاڪر، ملِن هڪ ٻئي کي ٿا محبت منجها.
عيد ناهي سا، جڏهن کائو اوهين عمدا طعام،
شير خرما يا سيون، حلوا ۽ پڻ ٻوڙ ۽ پلا.
عيد ناهي سا، ڪريو شاديءَ جون جڏهين مجلسون ،
۽ ڏسو ناچ، ۽ ٻڌو راڳ، ۽ ٻيا ماڻيو مزا .
عيد سا آهي، وڙهو جڏهن نفس ۽ شيطان سان،
۽ گناهن کان بچو ۽ ڪم ڪريو سڀ ائين ڀلا .
عيد سا آهي، جڏهن اندر ۾ نت آرام هوئي ،
هوئي پڇاڙي شل چڱيءَ ! هوئي حال هت بڇڙو ته ڇا ؟
عيد سا آهي، جڏهن دنيا ۽ عقبيٰ جي مراد ،
رب ڪري پوري، فساد ۽ فتنو ٽاري جا بجا.
عيد سا آهي، جڏهن ايمان سا ماڻهو مري ،
۽ اٿي سوُ صالحن سان، ٿئي جڏهن روز جزا .
مومنو ! شل ٿئي اوهان سڀني کي عيد اهڙي نصيب !
ائين ڪريو ڪوشش ۽ سعيو، پوءِ پڄائي سو خدا.
(عيدالاضحيٰ جي خطبي لاءِ وڌيڪ شعر)
مومنو ! حق ڪيو اڄوڪو ڏينهن اوهان جي لاءِ عيد،
شڪر ائين حق جو ڪريو ۽ ذڪر پڻ بي انتها .
۽ پڙهو تسبيحون ۽ تڪبيرون استغفارون پڻ ،
۽ دعائون پڻ گهرو ۽ فرض سڀ آڻيو بجا .
حق، اڄوڪي ڏينهن ورتي آزمائش. کان خليل،
تا ڪري پُٽ پنهنجي اسماعيل کي حق تي فدا .
حضرت ابراهيم پهرين خواب ۾ هو هيئن ڏٺو ،
تا ڪري ٿو ذبح پٽ کي هو، مقام ۽ رڪن اڳيا .
پوءِ جاڳيو ۽ ڊنو، پٽ کي ٻُڌايائين سو خواب،
۽ چيئين، حق تي ڪئي مون تنهنجي قرباني ابا !
تڏهين اسماعيل چيو پيءُ کي، مون کي آهي قبول ،
آءٌ تيار آهيان ڪسڻ لاءِ، حڪم حق جو ڪر ادا .
لاهيو ڪپڙا منهنجا پهرين، تا نھ ڀرجن رت ۾ سي ،
۽ ڏسي اَمّان نھ، منهنجي غم کان ماندي ٿئي نھ سا .
ائين ڏجو منهنجا سلام ان کي ۽ پڻ منهنجا پيار،
چئجو، مون دل جان سان سر تي مڃي رب جي رضا .
پوءِ خليل ان کي ٻَڌي ليٽايو ڌرتيء تي کڻي،
۽ رکيئين ڪاتي نڙيءَ تي، ذبح ان جو مدعا .
پيءُ ۽ پٽ جي صبر تي رحم آيو حيوانن کي پڻ،
مضطرب جن ۽ مَلڪ ٿيا ۽ ڏ َڪيو ارض و سما .
غيب مان اَئي ندا، تو خواب پنهنجو ڪيو سچو،
آفرين تو کي اي ابراهيم! جَڳُ چيسين پيا !
آزمائش پوري ٿي ، فديو ڏنو ان جو اسان،
ذبع آهي هيءَ عظيم، اي پيءَ ۽ پٽ ! ٻئي مرحبا!
اُن گهڙيءَ جبرئيل ڪاتيءَ هيٺ گهيٽو هڪ رکيو،
۽ ڪُٺو ات ان کي ابراهيم، اسماعيل بجا .
ان کان پوءِ سنّت ٿي حج جي ڏينهن قرباني ڪرڻ،
عيد ٿي ايءَ، ان تي قربانيون ٿا ڪن مومن سچا .
71. دستر خاني لاءِ بيت
رزق رازق ٿو رسائي هر ڪنهين انسان کي ،
سو خوشيءَ سان کاءُ ۽ کاراءِ پڻ مهمان کي .
پنهنجي روزي آڻي تو وٽ کائي ٿو مهمان پاڻ،
ڏس وڃي تون منجهه حديث، ۽ پڙهه وڃي قرآن کي .
ڪر سدا ان تي عمل تون، ٿي ادا! مهمان نواز ،
ڪر تون ڪامل دين پنهنجو ، تازو رک ايمان کي .
شڪر واجب آهي نعمت جو، عطا ڪئي جي خدا،
هر گهڙيءَ ڪر ياد ان جي لطف ۽ احسان کي .
72. خدا جي قَهر ۽ مِهر جو اثر
قهر جو جهولو لڳي تنهنجو جنهين دم، ٿي پون،
باهه دوزخ جي مثل، جي طبع ۾ ڪافور هئا.
هِير، مهر ۽ لطف تنهنجي جي لڳِي جنهن دم ڪٿي،
مُنهن ڪڍن ساوڪ جان، قبرن مان اٿي بيهن مُئا.
73. اکين جا اصطلاح، سنڌي ٻوليءَ ۾
اک لڳي ويم[38]،
خواب ۾ هڪ حور سان تڏهن اک لڳي[39]،
اک ڀڳيم[40]
ان کي تھ اک چورائي[41]
اوءَ مون کان ڀڳي .
اک پٽيم[42]
ڄائس جڏهن، کاڌيم سزا تڏهن اک پٽيم[43]،
جڏهن مران، اک ٻوٽيان[44]،
اک ٻوٽيم[45]
غفلت ڪيم.
دوست! اک ڏيکار[46]
تون، دشمن کي اک ڏيکاري مون[47]،
جو اکيون توتي ڪڍي[48]،
تنهن جون تون ڀلي تون ڪڍ اکيون[49].
اک ۾ هو سرمو وجهي ويو[50]
منهنجي، مون سان ڪيئن ٺڳي،
رت رنو[51]
منهنجي اکين، ميريون[52]
بُريون هن جون ڏسي .
ڏس! اکيون اٻريون[53]
اٿيون[54]
پڻ ۽ ڏار ڏيئي ويون[55]،
ٿئي وڏو[56]
هر ڪو اکين کان ، جي گهڻو اهڙيون رهيون .
ڦاڙين[57]
ڦوٽارين[58]
۽ ڦِرڙائين[59]
اکيون ڪرتون سي جاءِ[60]،
ڪر نھ ڪُرڙيون[61]
سي تون اک ڇنڀ[62]
۾ ، نھ تون ماڻهو کلاءِ .
حڪم ٿيو تنهنجو اکين[63]
تي، آءٌ اکين ۾ ويهه[64]
يار!
ٿو گهران تو کي اکين وانگي[65]
مٺا! ڪر اعتبار .
مهٽ اکيون[66]
ننڊ ڇڏ ، ٻَڌ تن تي ڇوڏو[67]
يا پٽي ،
ٿيئي اکين آڏو انڌارو[68]
، تن تي پردو[69]
جو چڙهيئي .
ڇو وجهين[70]
مون ۾ اکيون؟ منهنجي ٻُڏي[71]
تو ۾ نھ اک،
ٿو رکان نت اک[72]
۾ تو کي، پئيم تا اک ۾[73]
نھ مک .
ڇو اکيون[74]
سڙنئي ٿيون حاسد! هيٺ ڪرسي[75]،
ٿي لڄي ،
ڍوء ڪري[76]
وٺ تون اکين جو، شئي ملئي يا نا ملئي .
74.سج، چنڊ ۽ ڌرتي
چنڊ جو پيءُ سج ۽ ڌرتي ماءُ، آهي اصل کان،
مائيتي ڪارنهن ٿي ان جي ، ۽ پئيتو سوجهرو .
گِرهجي سج، ماءُ پيءَ جي وچ ۾ ويهي پٽ جڏهن ،
گِرهجي چنڊ، گڏ ويهن جڏهن ماءُ پيءُ، پٽ ٿئي ڇڙهو .
گرد ماءُ جي ٿو ڦري پٽ، مڙس جي چوُگرد زال،
گرهه، غم، غصّو، ٿيو گردش اشارو پيار جو.
ٿي خوشيءَ کان ماءُ پنهنجو پاڻ تي ڦيريون ڏئي،
وچ ۾ ويٺو پيءُ ڏسي پيو ماءُ ۽ پٽ جو مزو.
75. خُلق چڱو ۽ بڇڙو
خُلق وارو دوست، دشمن سان رهي ٿو نت خليق ،
جيڪو بدخُو آهي سو بدخوُ[77]
رهي سڀ سان سدا.
گل ڏيئي خوشبو، ڪري خوش ۽ ٿو ايذائي ڪنڊو،
دوست دشمن، مومن ۽ ڪافر سان ان جو آهي ڇا؟
شمغ ڏئي ٿي سوجهرو مسجد اندر يا منجهه مڙهيءَ،
فيض بخشيءَ ۾ سندس، سڀ ماڻهو هڪ جهڙا ٿيا.
ڏنگ هر شئي کي هڻي هلندي وڇون ڪيني کان ڪين،
ٿِي طبيعت ان جي اهڙي، اُن کي ايئن خلقيو خدا.
76. چئن عناصرن جون صفتون
چار صفتون ڪن ٿيون پيدا، چار صفتون عنصري ،
هر ڪنهين انسان ۾ تن جو اثر ظاهر ٿئي.
باهه مان هٺ ٿئي ٿو پيدا، ٿئي ٿِي شهوت واءَ مان،
بخُل پيدا ٿئي مٽيءَ مان، حرص پاڻيءَ مان اچي.
چار آهن سي پکي ڄڻ، جي ڪُهي اڇلائي ڇڏ،
جيئن ڪ ابراهيم ڪيو، قرآن ۾ حق جيئن لکي.
سي دليل ۽ عقل ، شرع، ايمان سان موٽي جيار،
تاحياتي تنهنجي هن دنيا ۾ دائم خوش رهي .
77. عاشقن جون منهن ۽ اکيون ڳجهه ظاهر ڪن
راز تهنجي عشق جو جيڪو پڇي، مون کان پُڇي !
آءُ ڪڇان ڪي ڪين، مُنهن منهنجو ٻڌائي ٿو اهو.
ٿو لڪايان باهه پنهنجي خلق کان ڪوشش ڪري،
پر هنجون ڪن خوار مون کي، دل کي گهائي ٿو اهو.
78. عشق جي تجليءَ جو زور
جي اٿي طوفان ڪنهن دم اوچتو مان ان تنور ،
ڪين هن واديءَ اندر موسيٰ بچي يا ڪوه طور[78].
عشق جي دفتر منجهان آيت جي ڪا نازل ٿئي،
هڪ اکر اُن جي ۾ ٿئي نت مَحو انجيل ۽ زبور.
نور مان سج جي ٿي ڏس ! ذرّي جي قسمت کان ازل،
هر طرح سرگشتگي، پوءِ ڇا هو ويجهو، ڇا هو ڏور؟
79. عاشق ۽ معشوق، هڪٻئي جا عاشق
گرچه عاشق حسن تي معشوق جي مشتاق آهه،
ان کان وڌ معشوق ٿو عاشق تي پڻ عاشق رهي.
عشق وچڙي حسن سان ۽ حسن وچڙي عشق سان،
ٻئي ٿيا هڪٻئي جا عاشق، عقل پڻ ايئن ٿو چوي.
80. چِٻَ جي زباني
گنج جي سڪ کان رهان نت ٿي آءُ ويراني اندر ،
مست وانگي دل ٿي ويران، ناهي ان ۾ خواب خوءر.
ٿي رهان جيئري انهيءَ اُميد ۾ آءَ ڏينهن رات ،
تا ڪڏهن محبوب پنهنجي کي من آڻيان پنهنجي گهر.
81. شريعت جي بندش ضروري آهي
شرع جو رسّو نه جنهن ٽنَگ ۾ ٻڌو، آزاد ناهه ،
مُلڪُ، جو خطبو پڙهي ان جو نه، سو آباد ناهه.
حڪم اُن جي مُهر ري ناهي حقيقت جي سَندَ ،
گهر کي وحدت ري انهي جي مهِر ري بنياد ناهه.
82. مادي ٿي يا نر ٿي
آي ادا ! سڀ کان وڏو عيب آهي تو ۾ هيءَ هنر ،
جو رهين اڌ سال مادي ۽ ٻيو اڌ سال نر.
يا تون زالن جان سدا رک رنگ ۽ بُو ڌيان ۾،
يا تون مردن جان هلي تلوار هڻ ميدان ۾ .
83. اسان جي بيوقوفي، خدا جي نسبت ۾
حڪم اسان کي ڪيو ڌڻيءَ تا اُن سندي طاعت ڪريون.
پر اسين دشمن انهيءَ جي ڏي سدا رغبت ڪريون
بي وقوفي ۽ به ڪم فهمي اسان جي هيءَ ڏسو !
دور ڪنهن کان ٿا رهون ۽ ڪنهن ڏي ٿا قربت ڪريون.
84. دنيا ۽ آخرت ترڪ ڪرڻ
آخرت جو ڳولي، گهرجي اُن کي نت دنيا جو ترڪ ،
آخرت جو ترڪ گهرجي اُن کي، جو ڳولي ٿو رب .
آخرت جي هٿ اچڻ جو ٿيو سبب دنيا ڇڏڻ ،
وصل رب جي جو ڇڏڻ ٿيوآخرت جو تيئن سبب .
اکين جو ڏڌارا ڏيڻ، اکيون
ڏارا ڏئي ويون
اکين تي ڇوڏو ٻڌڻ، پٽي ٻڌڻ
منهنجي تو ۾ اک ئي نه ٿي
ٻُڏي، اک جو نه ٻڏڻ
اک ۾ رکڻ، هن کي اک ۾
رکجانءِ
طورسينا جو جبل، جتي موسيٰ
عليه السلام، ڪلام الاهيءَ کان مشرف ٿيندو هو.
|