700 . ڳاڙهي ڏارهيءَ بابت ظهير فاريابي
هڪڙي واعظ ٿي وعظ هِن پر ڪيو:
ته جڏهن ٿئي جهان پيدا ٻيو ،
اَڇيون ڏاڙهيون سڀئي ڏڻي بخشي ،
ڪارِين ڏاڙهين سندي صدقي.
ڳاڙهي ڏاڙهيءَ سان هڪڙو حاضر هو،
تنهن هي واعظ جو جڏهين وعظ ٻڌو.
ڏاڙهي هٿ ۾ جهلي چيائين هاءِ !
ڪانهي منهنجي هنن ٻنهي ۾ جاءِ .
سُرخ ريش آهيان آءُ اهو مظلوم ،
هِت به انعام کان رهان مرحوم .
701 . خواجه عصمت مرزا بائسنقر اڳيان بديهه
شاهه دشمن گداز، دوست نواز ،
نِت جهانگير ۽ جهاندار آهه .
ڏنئين بش يوز آلتون[1]
انعام ،
لطف ٻانهن تي اُن جو بسيار آهه .
متان بش يوز اُلتون جِي مُراد ،
فارسيءَ ۾ ٻه سو ُ سا د ِينار اهه .
702 . مرزا خواجه منصور شاعر قاضيءَ جي بر خلاف بديهه
ڪپڙو قاضي نه ٿئين يتيمن جو ،
جُون ۽ منگهڻن جان’ رت ُ انهن جو پِين.
شرع جو سڄ سڏائين پاڻ کي ٿو ،
آهين سڄُ، پر سدا يتيم ڪُهين.
703 . عشق جي تعريف
عشق ري ماڻهو، روح ري ٿيو جسم .
ڀت جو نقش آهي سو، يا وڻ ري ڦر.
دِل، جا مائيل نه آهي دلبر ڏي،
گوشت جو سا ٽڪَر يا آهي پَٿرَ،
عشق ماڻهو جي لاءِ آهي ڪمال ،
عشق ري، نه ته سو جانور ٿو پڌرَ.
بُت، ڀريل، خالي عشق جي غم کان،
رُوح تي بارُ، جيئن کڻي ٿو خر.
704 . شعر سازيءَ جو هنر
ڌيان ڏئي منهنجي شعر سازي ڏس،
سنهڙي ڏاڳي تي تُرڪتازي ڏس .
ڪيئن آءُ ڪور پئڙي وانگي ڊوڙان ٿو ؟
تار تي بيهي راند کيڏان ٿو؟
ساحِرن جِي هي چشم بندي ناهه .
شاعرن جِي هِي سرَ بلندي آهه .
هِيءَ نه بيباڪي جانِ بازن جِي ،
هِي ٿي چالاڪِي شعر سازن جي .
اهڙو ڪو ٿو سُجهيو بازيگر ،
گهوڙو ڊوڙائي وار تي جو پڌر؟
کڻِي هٿ ۾ قلم سندو چوُکان ،
گوءِ معنيٰ جِي نيان منجهان ميَدان .
وارُ پڻ سو رکيل سمنڊ تي آهه ،
پل صراط آهي يا خيالي راهه.
جي ڪڏهن اتفاق سان آءُ ڪرِان ،
ڪڍي موتي اچان غواصن جان .
نظر ۾ پُو ئي سَر بنايان هِڪ ،
سي ٿا ڳڻجن ”اَمل ماڻڪ[2]
“.
ڪڏهن جوڙيان انهن مان ”چندن هار“[3].
جو هري وڪڻي جو ٿو منجهه بازار.
ٻيا لڪائي رکان چڱي دستور.
منهنجي ”موتين جي دٻلي“[4]
ٿي مشهور.
705 . شعر بدلائي، ٻئي جي نالي ڪرڻ
طبع منهنجيءَ جون سڀ ڌيون ڪنواريون ،
ڪري هڪ هڪ چڏيون مون پرڻائي.
جو هو نامرد، مهر تنهن نه ڏنو ،
ڌيءَ کسي اُن کان مَون ڏني ٻئي کي.
706 . صافدل ۽ ڳجهڙي جو فرق
آهي درياهه اُونهو ۽ ڳجهڙو ،
ڳجهه اندر ان جي جو نه ڄاڻي ڪو.
آهي پڌرو سمنڊ ڪيني ۾،
ڏند سڀين جا رکي جو سيني ۾ .
صافدل ٿِي جبَل جي واهي، واهه !
پيٽ ۾ جنهن جي ٿِي نظر جي راهه .
اُن جو اندر به ٻهران ڏسجي ٿو،
جيڪي دل ۾ اٿس، زبان تي سو.
707 . باهه جو اولاد
باهه کي ڄائي، هڪڙي ڌيءَ صالح ،
هڪڙو پٽ پڻ، جو ٿي پيو طالح .
ڌيءَ آڇِي آهي، خاڪ جا سڏجي ،
پُٽ آهي ڪارو، دونهون جي چئجي.
ڌيءَ وٽس نت رهي سندس سرِ هيٺ ،
پُٽ ٿِي پيدا، ڀڄي مٿي سو نيٺ .
708 . مستي، مستيءَ ۾ فرق
عقل ۾ جنهن جي ناهي ڪا پَستي ،
مئي پئي جِي، ٿئيس ڪا مسِتي.
گرچ پوريل اکيون اٿس ڪنهن وار.
دل انهيءَ جي رهي ٿِي نت بيدار .
ان جي مستيءَ کي چوُ تون هُشياري ،
ننڊ اُن جي کي سڏ تون بيداري.
ازدها ۽ ڪتي ۾ آهي فرق ،
ظاهري گرچ ٻئي ٿيا ننڊ ۾ غرق .
ڪتو جاڳي، تڏهن ڏئي پهرو ،
۽ اچي چور، جي سمهي گهِرو ،
آزدها غار ۾ سمهي پنهنجي ،
نه اچي شينهن غار جي در تي .
نه ته سمهڻ سڀ جي لاءِ ٿيو لاچار ،
۽ ستل ٿيو مئل جي نت آچار.
709 . خدا ۽ آدم جي ذاتي طاقت بابت خيال
ڪُلَُّ موجود جو وجود ٿئين،
آهين تون ۽ هيئن تون ۽ هوندين.
ڄاڻي تنهنجي ازل بدايت[5]
ڪين،
ڄاڻي تنهنجي اَبَد نهايت[6]
ڪين.
شمع جاڻ ناهيان آءُ هنجون يا آهه،
آهيان نت باهه ۾ ۽ هيٺ نگاهه.
منهن اسان جو سڄو ئي تو ڏي ٿيو،
۽ اسان ڏي سڄوئي منهن تنهنجو.
چانٺ تنهنجيءَ جو پهڻ ڪعبو آهه،
گهر ڏي تنهنجي ٿيو قبلو هڪڙي راهه.
راهه مقصد جِي، هڪ قدم آهي،
خَضر ٿي، عشق واٽ جي لائي.
نه کڻڻ ساهه جِي ملِي مُهلت.
نه چنڀڻ اک جِي پڻ رهي فرصت.
اها مهلت وڏي تون نعمت ڄاڻ،
اها فرصت به تون غنيمت ڄاڻ.
ڦوٽي پاڻيءَ جان تون اهو لحظو،
پوري اک، غور ڪر پيو دريا جو،
ڳولين حق کي ۽ پاڻ کان غافل،
ٻج بنان ڪيئن تون ڦر ڪرين حاصل؟
ڳولا پنهنجيءَ کان تون اميد نه لاهه،
روشني لاءِ تو کي سج ڏي راهه؟
جيسين پنهنجي ڪمال کي نه رسين،
ڪڏهن حق جو جمال تون نه ڌسين.
تنهنجي مبهم صفات، صاف ٿِي ذات،
نفيِ ڌارا محال ٿِي اثبات.
آهين موجود، جستجو ڪهڙي؟
آهين خاموش، گفتگو ڪهڙي؟
طبع ۾ تون گدا، مگر ٿئين شاهه،
ڇڏين غفلت، ته ٿِي پوين اگاهه.
نوش آهين، جي تون ڇڏي ڌين نيش،
خويش آهين، ڪرين جي ترڪ تون خوبش.
جري ڪڍين تون وجود مان ”آئون“،
ٿي پوين تون سڄوئي تون ئي تون.
ٿو پڙهِي ڄاڻين آڻ لکيل واڻِي،
آڻ ٻڌل ڳالهه ٿو سگهين ڄاڻي.
710 . يار جي عظمت ۽ تعريف
ڪڏهن بُت ڪڏهن خدا ٿو ٿين،
ڇا چوان آءُ وڌيڪ، ڇا ٿو ٿين؟
دل ۾ تو کي رکان، ڄاڻين قدر،
گهر خدا جي، ڌڻيءَ بجا ٿو ٿين.
711 . ماٺ جي تعريف
اي سياڻا! ڦرِي سڄو ٿي گوش،
سوُ ٻڌج ڳالهيون، پر رهج خاموش.
سينو ڀر علم سان تون دريا جان’،
ٻهر خاموش ۽ اندر ۾ جوش.
712 . مرڻ ۽ جيڻ
مر خوشيءَ سان ته جيِن تون ڏينهن ۽ رات ،
موت کي ڄاڻ دوست! عين حيات .
ري مرڻ ٻڌُ، جيڻ اٿئي مشڪل ،
عشق ۾ موت، پهرين ٿئي منزل.
مر مرڻ کان اڳي ته پوءِ ٻيو جين ،
وڃي حق ساڻ پوءِ واصل ٿين.
713 . تونگري ۽ مفلسيءَ جو فرق
اِن سبب آسمان تي ويو، مسيح،
جو نه ڌرتيءَ تي هوس گهر يا زر.
پيو پاتال، اُن ڪري قارون ،
جو ڀريل نت خزاني سان هُس گهر.
714 . دل جي تعريف يا وصف
دل جي تعريف ٻڌ تون مون کان ادا ! ،
ڌيان جي ڏين، ته خوش رهين تون سدا .
جام جمشيد جو ٿي دل تنهنجي ،
اُن ۾ پيدا ٿئي ٿو غم ۽ خوشي.
جڳ ڏسن سارو، جي ڏسڻ ٿا گهرن ،
سڀ شيون ان ۾ ٿيون ڏسِي سگهجن .
ڇا هي جڳ؟ ڏسجي ان ۾ جڳ جو ڌڻي،
جنهن ڪيو پنهنجو گهر ۾ دل ۾ کڻي.
پر اُها دل ، جا نت شڪستي رهي ،
نت نماڻي ۽ دست بستي رهي.
حق، جي بي جا ۽ بي مڪان آهي،
دل شڪستن جو ميهمان آهي ،
ذاڪر اُن جو، زبان بسته هوئي،
عارف اُن جو به دل شڪسته هوئي ،
ڳولي لهه تون، ڪري هدايت هو.
ڪر تون ڪوشش ، ڪري عنايت هو .
ڪر طلب ان جي ۾ تون جهد ۽ جد ،
خواهه بتخانو هو ئي، خواهه مسجد .
ڪيئي ساجد، نمازي لوڌيا اُن ،
۽ ڪيئي بت پرست ڪوٺيا اُن .
ٻه قدم آهي واٽ حق جي فقط ،
آهي اسان، ڪر نه ان ۾ غلط.
715 . زماني جا عقلي سوال ۽ جواب
(عمر خيام جي طرز تي)
رات مون عقل کان پڇيا هي سوال ،
تنهن ڏنا پڻ جواب سان هي مثال .
مون پڇيس: بحث عالمن جو ڪيئن؟
چيائين: آهي اجايو قبل ۽ قال.
مون پڇيس: نفس ڪيئن ٿئي تابع؟
جيئين: جڏهن کائي موچڙن جِي ڏمال.
مون پڇيس آهي ڪيئن حياتي هيءَ؟
چيائين: آهي نسورو خواب، خيال.
مون پڇيس: ڏي مثال دنيا جو؟
چيائين: سينگار سان ڪراڙي زال.
مون پڇيس: ڪيئن انهيءَ جا مڪر، فريب؟
چيائين: ڪڃريءَ جا جيئن ڪي تال پخال.
مون پڇيس؛ ان مان خوش رهن ٿا ڪير؟
چيئين: ڪمينا، لُچا، دَلا، ۽ دلال.
مون پڇيس: آهي ڪيئن عيال، اطفال؟
چيائين: باري وبال ۽ جنجال.
مون پڇيس: ماڻهو ڪيئن رهن مشغول؟
چيائين: ان فڪر ۾ ته ميڙيون مال.
مون پڇيس: خلق ڪيئن خدا جي آهه؟
چيائين: حق جي اُنهن کي ڪانهي سنڀال.
مون پڇيس: ڪهڙي ٿِي سزا تن جي؟
چيئين: پليگ، ڏڪار، جنگ ۽ جدال.
مون پڇيس: ڪيئن هيي ماڻهو دنيائي؟
چيائين: باندر، ڪُتا، گرگ، شغال.
مون پڇيس: ڪيئن گذاري جڳ ۾ ”قليچ؟“
چيائين: خوش خلق، خوشدل ۽ خوشحال.
716 . زال ڪهڙي چڱي؟
زال گهرجي اَنڌي، گنگِي، ٻوڙي،
مَنڊي،ٽنڊي جوان يا پوڙهِي
اَنڌي هن لاءِ ته ٻيو ڏسي ڪِي ڪين ،
پنهنجي حق ڌارا نه ته ڳهيس زمين .
گنگي، تا اُوءَ گهڻو نه ڳالهائي ،
نه گلا، گار، پٽ، قسم کائي.
ٻوڙي هن لاءِ تا ٻڌي نه گِلا،
۽ نه نياپا قصا ڌارين جا.
مَنڊي تا اوءَ رکي نه ٻاهر پير ،
بک مري يا هجيس گهر ۾ ڏڦير.
ٽنڊي تا ٻار کي هڻي نه ڌڪ ،
مڙس کي پڻ نه، مرَ منجهس هوئي شڪُ.
يعني، جا مڙس جيئن ڏسي ۽ ٻڌي ،
اُن جي مرضيءَ تي جا سدائين هلي .
مڙس جهڙا سندس خيال هجن ،
قول ۽ فعل اُن جيها ڏسجن.
ٻه دليون ، هڪ بدن ۾، جيئن بادام،
بلڪ يڪدل ۽ يڪ وجود تمام.
جيئن ٻه اڌ گڏجي، هڪ سڄو ٿي پئي ،
تيئن مثال آهي زال مڙس جو رئي.
زال اهڙي چڱي، ڪنِي، ڪوجهي ،
مر ته مسڪين هوئي ۽ اَڻ ٻوجهي.
مڙس جي لاءِ گهٽ نه حور کان آهه .
گهر انهيءَ جو بهشت کان گهٽ ناهه .
سا سڀاڳي رهي سدائين شاد.
هُئيس دنيا ۽ آخرت آباد.
717 . وڪيل ۽ ڄوُر، مشابهه
ٿيا مشابهه ٻئي، وڪيل ۽ ڄوُر،
چنهٽن ۽ رت پين سي ماڻهن جو
انگريزيءَ ۾ پڻ چوان تو کي
هڪ بليڊر ۽ ٻيو بليِڊر ٿيو.
718 . سلمان ساوُجي شرابيءَ بابت
آءُ شرابي آهيان ۽ بادهه پرست ،
رهان ميخاني ۾ آءُ عاشق مست.
کڻنم ٿا د ِلي جان دوش بدوش ،
ٿا پيالي جان نين دَست بدست .
719 سچي محبت
آدمين ۾ جي ٿِي سچِي محبت ،
ته عجب ڪهڙو ان مان ڪنهن کي لڳي؟ !
ٿي پکن ۾ عجيب وڌ ايءَ ڳالهه .
ساهه هڪڙو انهن مان بئي کي ڏئي.
720 . زال جي تعريف ۽ گلا
زال ڄاڻي ٿي، رنگ ۽ نيرنگ ،
صلح ڄاڻي ڪرڻ، ڪري پڻ جنگ
دوستيءَ ۾ ٿِي جان جِي راحت،
دشمنيءَ ۾، جهان جي آفت،
باوفاٿئي ٿي ته هار جي لائق ،
بيوفا ٿئي ته مار جي لائق.
جي سچِي ٿئي ته تون اکين ۾وِهار ،
ساهه صدقو مٿانس ڪو هر بار.
ڪوڙي جي ٿئي ته ان کي گهرجي ڪڍڻ،
نانگ ڏنگيل اڱر کي گهرجي وڍڻ.
721 . مجذوبي ڪلام
چيو مستيءَ ۾ آهي ان مجذوب ،
سڏجي جو ٿو بدخشِي مُلا شاهه .
چنبو منهنجو، خدا جي چنبي ۾،
مون کي پرواهه مصطفا جِي ناهه .
722 . بي ادبيءَ جي سزا
بُو لهب پيو لَهب ۾ هنِ کان جو ،
پاڻ کان گهٽ ڏٺئين مَحمّد کي .
هوئي آنڌو شال! سو، جو ٿو ڄاڻي،
گهٽ، سڙيل ٽامي کان ، زبر جد کي .
723 . شاعرن جي غلطي
هاءِ افسوس! شاعرن کي نه ٿِي ،
روشني ڪا اکين جِي يا دل جِي .
سرَو سان قد ٿا مشابهه ڪن ،
ٿا ڏين چنڊ مثال منهن جو ڀِي.
چنڊ آهي ٽڪِي سڙيل، کاڻل،
سَرَو آهي ته آڻ چلِيل ڪاٺِي.
724 . مرڻ کان اڳ مرڻ ڪي طاقت
جي کڻي تون مرين اجل کان اڳ،
ڪارگر توتي ٿئي نه تير، ترار.
تو کي ماري سگهي نه ماڻهو، مَلڪ،
جيئن ڪ مارڻ ٿيو پاري کي دشوار.
ٿيو شريعت ۾ آهي جيڪي حلال،
سو طريقت ۾ ٿيو مڙئي مُردار.
پنهنجو عاشق ٿيو آهه پڻ معشوق،
پاڻ پنهنجو طبيب پڻ بيمار.
”قُم بَا ذنِي“ ۽ ”قم باذنِ الله“،
ٻئي هڪ ٻولي ٿِي، جا ٻولي يار.
تون ’اَحد کي اصل کان ’احمد‘ ڄاڻ.
پر فقط ان مان ’ميم‘ کي ڪر ڌار.
”آءُ“ چوڻ پاڻ کي ٿيو نت ڪُفر،
جيئن نبي ”من رانِي“ چيو ڪنهن وار.
725 . شرڪ، خفي ۽ جلي
هڪڙي سالِڪ، جنيد کان هو پڇيو:
ڪنهن کي مُشرڪ ڪجي هميشه شمار؟
هن چيو: مُشرڪ آهي سو، جو وٺي،
آن ڌڻي، نانءَ رب جو ٿو هر بار.
’لااِلاالاّ الله‘ ٿيو شريڪ خفي ،
۽ ’رسول الله‘ ٿيو جلِي نروار.
726 . طاقت آهر ڪم ڪجي
جڏهن دشمن سان تون پڄي نه سگهين ،
جي وڙهين اُن سان، آهي تنهنجو قصور .
باهه سان گڏ ويهي سگهي نه ڪپاهه،
آهي بهتر، رهي سان اُن کان دور.
727 . سوُد ڪيئن روا آهي؟
ڪرِ چئي ٿو ته سوُد آهي حرام؟
سود ۽ لاڀ، وياج آهي ر ِيا.
آهي قرآن ۾ حرام ر ِيا،
يُر بي الصَّد قات‘ پر لکيل ٿيو صفا .
جي مضاعف، اضاف جِي ٿِي منع ،
سُود، سبعين تائين ٿئي ٿو روا.
ڏهه جي دنيا ۾، آخرت ۾ سَترَ ،
سوُد ايءَ ناهي، آهي تڏهن ٻيو ڇا؟
ٿو خدا پاڻ ڏئي اسان کي وياج،
تڏهن اسان کي وٺڻ به آهي بجا.
سوُد سودي جي مان ڏجي ٿي زوڪواته،
خير، خيرات پڻ وٺي ٿو خدا.
فرض جڏهن ڏئي، وٺي ٿو پاڻ ڌڻي،
خلق تڏهن ڏئي، وٺي ڇو سود سوِا.“
728 . باغ جون ڀاڄيون ۽ ٻنيءَ جا اَن
باغ جون ڀاڄيون سڀ ۽ ترڪاريون،
ڪن گلن ساڻ گڏ ٿيون گلزاريون.
نانو تن جا اوهين ٻڌو مون کان،
جي چوان هڪ، نه ٻيءَ آءُ معنيٰ سان.
هڪ دفعي تن ۾ ٿي پيو تڪرار،
چڻڱ مان مچ ٻريو، مَتو آزار.
ڇوڪر ۽ ڇوڪريون اُتي ٿيون رهن،
اُت ٿيون پلجن ۽ پڻ اتي ٿيون وڌن.
خوش رهن باغ جا اِهي ٻالڪ،
ڏک ڏسي ڪين هڪ پلڪ پالڪ.
ٿِي لڏي ۽ لمي اُتي سوئا،
جي وڃان ويجهو، ٿي هڻي سوئا.
سيٺي پڻ آهي هُن مٿي ميٿي،
سائي، سرهي اُها خوشيءَ ۾ ٿي.
چوڪ مان پيو ٽپي اچي چو ُڪو،
ٿو نچي، ڄڻ ٻڙي ۾ ناچو ڪو.
ان سبب کان چِڙي مٿس توري،
سا وڃِي جهٽ ۾ هن سان واتوري.
ڀيڻ اُن جِي جا بيٺي هئي ڀينڊي،
لاٿي هن جي مٿي تان تنهن ڀينڊي.
ڦودني کي ڏمر انهيءَ کان ٿيو،
ڦو ُ ڪري، تنهن ڏنو انهيءَ کي ڌڪو.
پڻ ڏسي ان کي پيا چِڙي ڌاڻا،
تن وڌا اُت سڀن ۾ مانڌاڻا.
سنگتي تن جا پڻ ڪريلا ٿيا،
ڪري لائق سي پنهنجا چڙ مان اَٿيا.
حاضر اَت لوڻڪ ۽ مرِيڙو هو،
گوار کي تن ۾ آڻي شاهد ڪيو.
پاسي تن جي ۾ بيٺي هئي آدرڪ،
تنهن به اُن کي وڃي هنيا ڪي ڌڪ.
اُن سان واڱڻ به ٿيا وڃي شامل،
پڻ پٽاٽا، ٽماٽا، جي عامل.
چوُڪي اُت ڪيو گواهه واڻيو بصر،
ٻه گڏڻ وارا، نالي مرچ، مٽر.
زالون ٻه، مائي ٿوم ۽ موري،
شاهدي تن سڀن کي هئي پُوري.
ويو ڏيڻ دانهن ميهو لحظي ۾،
هيڊ منشي مثل هو ديري ۾،
تنهن انهيءَ هنڌ سڏايون ٻيئي ڌريون،
سنگ هڪ سان هئا ۽ ٻئي سان ڦريون.
سنگ، ڪڻڪ ۽ جوئر ۽ ٻاجهر جا،
ساريون ۽ جو به گڏ انهن سان هئا.
۽ به ٻي ڌر سندي مٿي تي هيون،
ڦريون، چوُنرن، چڻن ۽ مٽرن جون،
آيا شاهد بچاءُ جا اُت ٿِي،
گجرون ۽ بهِهَ ۽ گوگڙو، گوبي.
ٻڌي چو ُڪي جِي سڀ کان اڳ فرياد،
پڇي شاهد سڀئي، ڪرڻ لئه داد.
هيڊ منشي ڏني اِها فتوا،
چو ُڪ، چو ُڪي جي آهي، ٻئي جي نه ڪا.
تنهن تي ڪيو پاڻ ۾ سڀن پرچاءُ،
باغ ۾ گڏ رهڻ جو ايءَ ٿيو اُپاءُ.
729 . ظاهري ۽ باطني حواس
گرچه ظاهر حواس آهن پنج،
دل جا باطن ۾ پنج ٿيا ٻيائي.
روح يا دل جا ٿيا اِهي جاسوس،
سڏ ڏين سڀ ٿا ساڻ چترائي.
روح ۽ دل آهي سچو ماڻهو،
ماڻهو ناهي بدن هي بارائي.
روح ۽ آهي سوار، وهٽ بدن،
ٿو هلائيس سان سچيتائي.
دل، حواسن بنا ڏسي ۽ ٻڌي،
سنگهي کائي، پئِي، هلي جائي.
ڏسِ‘ ڪنن سان پِئي شراب ٿي دل،
مست ٿئي جڏهين راڳ لئون لائي.
دل پڙهي ۽ لکي اکين ڌارا،
رکي خيالِي حواس اهڙائي.
جيئن اکين سان ڪري ٿو سگهجي زنا،
تيئن ڪري دل چڱائي، بڇڙائي،
ظاهري پڻ حواس مٽجن ٿا،
هڪٻين جو ٿا ڪم ڏين ڀائي.
هڪڙو بيڪار ٿئي جڏهن ٿو حواس،
ڪم وٺڻ ٻئي کان سو، ٿِي سو ُ کائي.
ٿو اکين سان ڏسي جهان هميشه،
پر هٿن سان ڏسي ٿو قاصائي.
لٺ ۽ پيرن سان ٿا ڏسن انڌا،
ٿا ڏسن دل سان پنهنجي موُلائي.
تئين ڪنن سان ٻڌي جهان هميشه،
۽ ڏندن سان، رکن جي ٻوڙائي.
ٿا اکين سان ٻڌي سگهن ٻوڙا،
دل سان پڻ اَنبيا خدا جائي.
تئين وري جڳ زبان سان ڳالهائي،
اک سان ٿي عاشقن سندي وائي.
گنگا هر دم هٿن سان ڳالهائين،
ماٺ جهڙي نه ٻولي ٻِي ڪائي.
جان وارن کي سوُکو ٿيو ٻولڻ،
ناهي بيجان کي به اوکائي.
سرمو ڏس، ڪيئن نه اک ۾ ڳالهائي!؟
رنگ منهن جو، اکين جي لالائي.
پڻ چکي ماڻهو ڄڀ سان سڀڪو سواد،
چکي سوُرن جو ساءُ سوُدائي.
ذائقو موت جو چکي هر ڪو،
دل سان چکجي مٺائي، ڪوڙائي.
جڳ هلي ٿو ٽنگن ۽ پيرن سان،
پر هنئين سان هلڻ ٿِي دانائي.
روح سان عرش تائين ٿو هلجي،
اهڙي معراج ۾ هوئي سولائي.
نڪ سان سنگهجي جا بوءِ، بد يا چڱي،
ياد ورهن کان پوءِ اچي سائي.
پر ڪنهين جِي به بوءِ اخلاقي،
دل کي رستي ڪنن جي ڪا آئي.
دل کي هٿ ۾ ٿيا هزار غلام،
ٻاهر، اندر اچن، وڃن ٻيائي.
پاڻ ويٺي لڪِي بدن اندر،
ٿي وڻي ان کي ايءَ اڪيلائي.
730 . خدا جو ذڪر هر دم ضرور
وقت جو نانءَ سيف قطع ٿيو،
سرُت لئه ايءِ دليل قاطيع ٿيو.
صوفي ان لاءِ سڏجي ”اِبن الوقت“،
جو رهي دم تي قابو ٿو ڪُل وقت.
وقت ويو جو لنگهي، وري نه اچي،
ڪم ڪوڙي ۾ ويو يا ڪمَّ سچي.
اچڻو جو آهي، ناهي سو مفهوم،
مر چڱو هوئي، آهي سو موهوم.
باقي هلندڙ جو وقت، ٿيو هڪ دم،
سوئي اي دوست! تو کي ايندو ڪم.
عمر ۾ تنهنجي آهي سوئي حساب،
ڪر نه غفلت ۾ عمر پنهنجي خراب.
ذڪر حق جو انهيءَ ۾ فرض ٿيو عين،
ٿئين جي غافل نه تو تي رهندو دين.
جو دم آهي، ٿيو ذڪر تنهن ۾ فرض،
ڪر ادا! اُن ۾ فرض تون، جيئن قرض.
دم اُهو هڪڙو تون غنيمت ڄاڻ،
ڪم انهيءَ دم جو ٻئي تي ڪين اُماڻ.
دم اُهو ٻيو اچي، اچي نه اچي،
فڪر لاءِ حق جي سو بچي نه بچي.
ماضي مستقبل آهي ڏس معدُوم،
حال جو هڪڙو دم آهي معلوم.
دم اهو آهي ڄڻ ته تنهنجي ڄمار،
سو نه غفلت تون گذار، اي يار!
عمر تنهنجي ٿي هڪڙو دم جڏهين،
آخري ڄاڻ سڀڪو دم تڏهين.
ته اچي اوچتو کڻي جي اَجل،
دم تي حاضر هجين تون ڪنهن به مهل.
دم ڏيئي، دم ۾ تون وڃين اُن دم،
رهي دنيا جو ڪو نه تو کي غم.
هڪڙي عابد جي ڳالهه تو نه ٻڌي؟
جنهن کي بيماري هئي وبا جِي ٿِي.
دل ۾ آيس ته پاڪ تَن ٿِي مران،
نه پليتيءَ ۾ پونيون دم آءُ ڏيان.
پٺيان هر دَستَ جي وضو ٿي ڪيِئين،
پاڻ کي پاڪ هر دفعي ٿي رکيئين.
اِن طرح ڪيئين وضو ستر ڀيرا،
پاڪ حالت ۾ نيٺ ڪيائين قضا.
تون به ان وانگي يار! رهه منجهه سُرت،
ته مرين حق جي ذڪر ڪندي تُرت.
731 . مومن ڪير آهي؟
سڏ انهيءَ کي تون ڪينڪي مومن ،
مَرُ نه محنت ۾ جند انهيءَ جي جهُري.
جو گهري حق ۾ پنهنجي ٿو جيڪِي،
ڀاءُ پنهنجي جي حق ۾ سو نه گهري.
732 . زر، خوشيءَ جو سبب
گُل کان لالا جي ڪنهن پڇيو هڪ ڏينهن:
تنهنجي صورت چڱي ۽ سيرت ڀي.
داغ ڇو تهنجي دل تي آهي ٿيو؟
متان زحمت ڪنهين کان تو کي رسِي؟
چيائين: نه زر نه آهي، مون وٽ زر،
جنهن مان حاصل ٿئي ٿِي جڳ کي خوشي.
ڏِس ته مُکري رکي ٿي زر جو ذرو ،
ته خوشيءَ کان نه کل ۾ ماپي ٿِي.
733 . نيڪ بختي ۽ بد بختي
بخت جڏهين لڳي ٿو ماڻهوءَ کي،
سڀئي بيگانا ٿِي پون ٿا ّخويش.
جڏهن ڇڏي، ٿين خويش بيگانا،
در ۽ ديوار مان لڳن پڻ نيش .
جن مان آيس سدائين ٿي راحت ،
سي ڏيئي رنج کيس، ڪن دلريش.
734 . دلين جو چور
چورَ، جي رات جو گهمن ۽ ڦرن ،
چوري ڪن مال،سوجهري کان ڊڄن،
دليون چورائين تون وڃِي اَڌ رات ،
شمع منهن جي کڻيڻ، رسا ذلفن.
735 . حقيقي مست
جن حقيقت سندي سنڃاتي راهه ،
فقر جي ويس ۾ رهن ٿا شاهه .
ٿا گذارين رات جو سي مست ،
ڏينهن جو ٿا رهن سدا آگاهه .
736 . علم ۽ عقل
عقل ري علم، آبلهي آهي ،
علم ري عقل، گمرهي آهي
.عقل سان جانور ، آهي اِنسان،
عقل ري آدمي، اَهي حيوان.
علم، تحصيل جي ڪري نا اَهل،
ڪري ثابت ٿو پاڻ تي اوجهل.
عقل سڀڪو معاش جو چاهي ،
پر ضروري معاد جو آهي .
علم حاصل ٿئي ٿو سان تعليم ،
عقل ڏئي فضل سان ٿو رب عظيم.
737 . دِق ۽ پيري
پيري ماڻهوءَ کي دِق ڪري ٿِي گهڻو ،
پير کي دِق يا سلِ ڪري نه زيان.
پير، پر واهه دق جِي ڪانه ڪري،
ته بچي دق کان پر ڪڏهن ڪو جوان .
مرض، پيريءَ جو دق کان اَهي وڏو ،
نه وڏي کي ننڍو ڪري نقصان.
عشق ۾ جيئن فراق ڏسندڙ روح ،
رکي دوزخ جو ڪين ڪڏهن ارمان.
يا لنگهائي آهي جنهين مائي ،
سيتلا کان ملِي انهيءَ کي آمان.
|