166.روح ، نفس ۽ ٻيا لطيفا
نفس آهي روح حيواني ادا !
روح انساني اچي ٿو اُن منجها .
واسطو روح ۽ بدن جو نفس ٿيو ،
برزخ آهي تن جي وچ ۾ ڄڻ اهو .
مڙس آهي روح ، آهي نفس زال ،
قلب کي تن مان اُپائي ذوالجلال .
روح کي ٿئي درڪ ُ معقولات[1]
جو ،
نفس کي ٿئي درڪ ُ محسوسات[2]
جو .
قلب کي پَئي تن ٻنهي جي ٿي خبر ،
جي مرڪّب ٿيون ٻنهي مان منجهه اثر .
قلب مان پيدا لطيفو ٻيو ٿئي ،
سِرُّ جنهن کي ٿا چون ، تن کان مٿي .
سرِّ کي ادراڪ ۾ ٿيون سي شيون،
جي نھ معقول ۽ نڪي محسوس ٿيون .
يعني حق جي ذات ۽ حق جي صفات ،
جن جي نسبت قلب کي ٿئي مشڪلات .
سرّ مان پيدا ٿئي موٽي خفي ،
اُن مان اخفى، جي ٿيا اعلى ٻئي .
روح ۾ نور ۽ تجلّي تڏهن پوي ،
نفس پاڪ ۽ قلب صاف ان دم ٿئي .
معرفت جي نور سان ٿئي ڪشف حال ،
پڻ ٻين فيضن جو آهي اجتمال .
167.دنيا هڪ ساعت
ڪن جو قول آهي تھ دنيا يوم آهه،
ان ۾ واجب ٿيو اسان کي صَوم آهه .
ڪي چون ٿا هئن تھ ”دنيا ساعتھءٌ “،
تنهنڪري ئي ”لَيس فيها راحتھ“ .
ورع، تقوى ۾ لڳي ٿو لحظو هڪُ،
نفس ۽ دنيا ڇڏڻ کان تون نھ لڪُ .
ترڪ دنيا جو عمل ٿيو هڪڙو پَلَ ،
معرفت حق جِي ٿيو ابدي عمل .
168.تواضع جي معنى
ٿي چڱي خصلت تواضع ۽ نياز ،
ٻڌ حقيقت اُن جي تون ۽ اُن جو راز .
ايءُ صفت عابد جي آهي اصل کان ،
عزّت اُن جي ٿئي ٿِي خلق ۽ حق اڳيان .
اِن ڪري طاعت انهيءَ جِي ٿئي ڪمال ،
متّقي ٿيو سو ۽ صالح پڻ بحال .
حق اٿَو، معنى تواضع جي ٻُڌڻ ،
جا ٿي نرمي ۽ نماڻائيءَ ڪرڻ .
مرتبو ۽ درجو لائق ُ جو هجي،
تنهن تي بيهڻ، ٿو تواضع ۾ اچي .
ٿئي مٿي اُن کان تڪبّر جو عتاب ،
هيٺ نيچائي ٿِي ان کان منجهه حساب .
۽ تواضع جي علامت آهي هي،
هر ڪنهين کي پاڻان وڌ ڏئي بهتر ِي .
جي ڏسي ڪو ٻار يا پاڻاڻ ننڍو ،
چئي تھ هي بيشڪ مُنکان آهي ڀلو .
آهي هيءُ معصوم آجو کان گناهه ،
۽ گناهن سان ڀريل آءٌ، آهه آهه !
جي ڏسي پاڻان وڏو ڪو ادمي ،
چئي تھ هِن رب جي عبادت وڌ ڪئي .
هو ئي جي عالم، چوي تڏهن شڪ بنان ،
آهي هي علم ۽ عمل ۾وڌ مُنکان .
۽ جي جاهِل هو ّئي تھ چئي بهتر ٿيو هي ،
جو گناهن ۾ پيو نادان ٿي .
۽ ڪيا ڄاڻي ٻجهي پي مون گناهه،
حال ڪهڙو ٿئيم نڪرڻ وقت ساهَه ؟
۽ جي هُو ڪافر هجي تا پڻ چوي ،
شايد آخر هي وڃي مومن ٿئي .
۽ پوان ڪافر ٿي آخر آءٌ خراب،
۽ مرڻ کان پوءِ ملي مون کي عذاب .
اِن طرح پيارو ٿئي او خلق جو ،
عاقبت ٿئي برگزيدو حق سندو .
دين ۽ دنيا ۾ افضل سو ٿئي،
زُهد ۽ تقوى ۾ اڪمل سو ٿئي .
169.انبيا ۽ اوليا معصوم
انبيا، معصوم آهن اصل جيئن،
اَوليائن کي بھ سمجهن صوفِي اِئين .
”واجب العصمتھ“چون پر انبيا ،
”جائز العصمت“ چون سي اوليا .
انبيا، معصوم ليکڻ ۾ اچن ،
اوليا، محفوظ سڀ ٿا ليکجن .
170.اجل، اٽل آهي
شغل دنيا جو رکين ٿو هر مَحل ،
تون ڊگهي اُميّد تي ٺڳجِي نھ هل ُ .
عمر غفلت ۾ وڃائِي تو سڄي ،
هاڻي تو کي آيو ڏس ويجهو اجل .
موت ايندو اوچتو ۽ تنهنجو پَئي ،
قبر جي صندوق ۾ سڀڪو عمل .
هيبتن تي اُن جي هاڻي صبر ڪر ،
جو اجل آهي مقرّر ۽ اَٽَل .
171.ابوالفتح ۽ آبوالياس
لُوڻ پهرين چکبو آهي منجهه طعام ،
اِن ڪري آهي ”اَبو الفَتح“ اُُن جو نام .
تيئن اَبُو اليَاس آهي سڏبو پان کي،
جو انهيءَ کان طعام پوءِ ٿئي ٿي تمام .
چلمچي ڪوءئرو ٻئي ٿيا، جو اُهي ،
ڪن اچي مُنڍ ۽ پڇاڙيءَ ۾ سلام .
172.شاعرن جي وصف
شعر جا، شاعر سَڀئي ڄاڻن ٿا راز َ ،
شعر گو ٿيا، شعر سنج ۽ شعر ساز .
(1) جن لاءِ عصمت جو وجوب لازمي آهي . (2) جن لاءِ عصمت جو هجڻ
ضروري آهي
شاعرن وٽ شعر جا آهين گنج ،
شعر گو ٿيا، شعر ساز ۽ شعر سنج .
نت رهن خُوش خُلق شاعر نيڪ خو ،
شعر ساز ۽ شعر سنج ۽ شعر گو .
173.رحمت جي اُميد
ٿو ڏسان پنهنجا گهڻا حَد کان گناهه ،
پر انهيءَ کان رَب جِي رحمت وئي وڌي .
ڪيئن چڱن عملن تي ٿئي مون کي اُميد ؟
طمع مُون نِت رب جي رحمت ۾ رکي .
منهنجو مولى سو، جو خالق منهنجو آهه ،
منهنجي لائق ٻانهپ آهي، عاجز ِي.
پوّءِ جي بخشي هُو تھ رحمت ٿِي سنديس ،
جي نھ بخشي، منهنجي وَس َ ۾ ناهي ڪِي .
174.آزادي، شڪاريءَ جي
اصمعي، رستو ڏيو ڪٿ ٿي ويو ،
شَهر اُن ۾ هڪ شڪاري تنهِن ڏٺو .
ساري رستي کي ٻهاري ٿي ڏنئين،
خوش ٿي پي ڳايئين اتي ۽ هيئن چيئين :
نفس منهنجا پيارا ! رکُ تون ڌيان ُ ڪو ،
نيچ ڪم کان تو کي مون آزاد ڪيو .
تو کي عزّت آبرو سان ٿو رکان ،
ڪم ڪِنو يا بد نه توکان ٿو وٺان .
هِي ٻُڌِي، حيرُان ٿي ويو اصمعي ،
چيائين اُن کي، ڪهڙي هيءَ ٻولي تو ڪئِي ؟
تون شڪاري، ڪم ڪِنو دائم ڪرين ،
ڪيئن وري تون نفس کي ايئن ٿو چوين ؟
ان کان وڌ، دنيا ۾ ناهي ڪم خسيس ،
ڪنهن کي ايندي ڪين تنهنجي ڪم تي ريس.
هن چيو، آزاد پورهيو منهنجو ٿيو ،
در تي تو جهڙي جي آءٌ بيهان نٿو .
جيڪو ٻئي آڏو ٻَڌي هَٿ ٿو بيهِي ،
منهنجو ڪم ان کان ويو بيشڪ وڌي .
175.ڏينهن فقط اڄ
ڏينهن اڄ آهي، اَي صوفي ! ڪر ڌيان ،
ڪونهي هت ڪالهه ۽ سڀاڻي جو نشان.
حق کان جيڪو ناهي غافل هڪڙو پل ،
ماضي، مستقبل هوّئي حآل ان جو ندان .
176.خدا حاضر ناظر
ڪيئن نھ ڏسندو رب، سڀئي جڳ جون شيون ؟ !
سّج، چنڊ تارا سڀئي ان جون اکيون .
ڪيئن نھ سو ڄاڻي سڀئي دل جون رٿون ؟ !
ساهه ۽ رت سان لنگهي اندر منجهئون .
177.حضرت محمّد صلي الله عليه وآله وسلم جي تعريف
صدر ِ عالم[3]
ٿيو مُحُمّد، شمس دين ،
عرش اعظم ان اڳيان ٿو جيئن زمين .
هڪ پيادو ، ان پٺيان ٿيو عقل ڪل ،
هڪ سوار، ان جي اڳيان روح الامين[4].
کان ازل، مامور ٿيو خير البشر
[5]،
تا آبد. مشهور ختم المرسلين
[6]:
آءٌ چوان ڇا نعت ان جي ؟ جو خدا ،
ڪوٺيو ان کي رحمت العالمين[7]
.
178.قدر واري کي قدر پوي ٿو
باز کي سڪ ڪين ٿئي ٿي گل سندي ،
ڪانگ ڄاڻي ٻولي نا بلبل سندي .
چِٻ نھ ڄاڻي، ڇا هي سيمرغ[8]
۽ هما ؟
سُڌ سڄِي حيدر کي ٿي دلدل سندي .
179.عشق، ازل کان آهي
منجهه وجود آيس جڏهن آءٌ کان عدم،
عشق جو مون ۾ رهيو هر دم ٿي غم .
مون تي پاڇو باهه جو پيو نور جو ،
رنج ، راحت مون مٿان سڀ دور ٿيو .
عشق تنهنجو مون اندر هو کان الست ،
هو تڏهن، جڏهن آءٌ اڃا ٿيو هُس نه هست .
180.ترقيءَ لاءِ مدت ۽ محنت گهرجي
مُشڪ جو ٻيڙو پئي رَتُ سال ڪي ،
مس تڏهن خوشبو منجهس پيدا ٿئي .
شيشو پگهري باهه ۾ ان لاءِ ٿو ،
جام يا مئي جِي صراحي تا ٿئي .
181.چار ٿنڀ، پنج در، ڇهه پاسا، نو تنبو
ترس، تا عالم جا هي پردا ڪِرن ،
۽ نون تنبن[9]
جا رسا سڀ ڇڄن .
هي ڇھ طرفي[10]
پنج دري ماڙي سڄي ،
ٿي پوي ويران، سان چئني ٿنڀن[11].
182.آءٌ ۽ هو جي نسبت
آهيان ڇا آءٌ، دوست سان تا ٿيان آءٌ تُل[12]،
آءٌ هو ناهيان، هو آهي آءٌ ، بلڪ ڪُل ؛
هو ۽ آئون آهي سڀ وائيءَ جو ور ،
کَل ۽ مکري ڇا ڪبي ؟ وٺ مغز گل .
183.مرد ۽ نامرد جو فرق
گهرجي ڪو پُردل، کڻي جو غم جو بار ،
جو ڪِٽيءَ سو ڌي اها مئي پِي وڃي .
زال زر[13]
کان پڇ خبر سيمرغ جي ،
رخش ڪو گهرجي، جو رستم کي کڻي .
184.عشق ۽ عقل جو مقابلو
جنگ جاري آهي عشق ۽ عقل جي ،
جڳ اندر ، پر عقل ڪيئن سگهندو پُڄي ؟
جو ڪري ديوانو پاڻهئي پاڻ کي ،
تنهن کي لذّت عشق جي معلوم ٿئي .
عقل چئي، ڪر فڪر ڪنهن ڪم ڪار جو ،
عشق چئي، ڪر فڪر پنهنجي يار جو .
عقل چئي ، ٿيو وصل دلبر سان محال ،
عشق چئي، هر دم رهي ان سان وصال .
عقل چئي، پنهنجي نگهداري چڱي.
عشق چئي، پنهنجي گرفتاري چڱي .
عقل چئي، تون غم کان نت آزاد رهه ،
عشق چئي، ٻانهو ٿي تون دلشاد رهه .
عقل چئي، دانا ۽ سُو فسطائي ٿي ،
عشق چئي، نادان ۽ سودائي ٿي .
عقل چئي، سک علم حڪمت ۽ فنون ،
عشق چئي، ڪر ترڪ سڀ ۽ وٺ جنون .
عقل چئي، رهه خوش ۽ وٺ دل جو فراغ،
عشق چئي، رک دل تي تازو غم جو داغ .
عقل چئي، حرفت، هنر جي ڏي ثبات ،
عشق چئي، ڪر پاڻ کي تون پاڻ مات .
عقل چئي ، پيادو ڪريان چاڙهي سوار ،
عشق چئي، ٿيو راند هارڻ ۾ نھ عار .
185.معشوق جي خبر عاشق کي
شمع جو احوال، پرواني کان پُڇ ،
گل جو، بلبل مثل ديواني کان پُڇ .
پُڇ نماز ۽ روزي جو، زاهد کان تُون ،
عاشقن جو ڏَس ُ تون ميخاني کان پُڇ .
جوهِريءَ کان قدر جوهر جو پڇج،
چِٻ جو سڀ احوال ويراني کان پُڇ .
186.زمانو پائدار ناهي
اصل کان ناهي زمانو پائدار ،
وڃ ُ ۽ ڇڏ مون کي، پري مون کان گذار .
نيڪ، بد جي لاءِ وٺ تڪليف ڪانھ ،
جو ڀلائيءَ جو نه اُن تي ٿيو مدار .
187.ماٺ جي تعريف
سون َ کي جو ماٺ وارو ٿا چون ،
مان ُ اُن جو هو ّئي وڏو جت ڪٿ تمام .
باهه ۽ پاڻيءَ ۾ جو اُن کي وجهن ،
قدر قيمت وڌ ٿئي اُن جو مدام .
188.بردباريءَ ۽ تحمّل
رهُه جبل وانگي اي دل ! تون بُرد بار ،
جي گهرين تا کاڻ ِ مان لعلون لهين .
تُون تحمّل ۾ سدا رهه استوار ،
صحبتي تا اهل معنى جو تون ٿين .
ڪين پوندئي معرفت جِي ڪا خبر ،
جيسين حيوانن جان طمع ۽ چِڙ رکين .
189.عقل جي اک بينا
عقل جي اک جنهن سندي بينا هجي ،
پردو هر شيءِ تان ڪِري پئي، ٿئي پَڌر .
ڪا ڪَڙائِي يا مٺائي ڏسجي ڪِين ،
فرق ڏُک سک جو نھ نڪري منجهه نظر ؛
واءَ جا سڀ شيءِ کان سو بي طمع هو ئي ،
هوّئي جو پاڻيءَ وانگي سڀ سان سازگر .
190.خاص ۽ عام جي وچ ۾ فرق
’بُو لَهب‘[14]
مَحرم نبيءَ جو ڪيئن ٿئي ؟
موتي، کيسي ۾ گدا جي ڪيئن لڀي ؟
اهڙيون ڳالهيوُن ڪيئن ٻُجهن منجهه خاص عام ؟
اک ۾ ڪنهن انڌي جو توتيو ڪيئن پوي ؟
191.عاشق پاڻ کان بھ لڪل
پاڻ کان عاشق هلي ٿو پڻ لِڪِي ،
پير َ پنهنجي جان ِ تي هوريان رکِي .
پاڻ وانگي جي هلي دنيا اندر ،
ٻانهي ۽ حق جِي نھ پئي ڪنهن کي خبر .
رنگ هُن جو، حق جان بيرنگي هجي ،
عاشق ۽ معشوق جو ڪيئن فرق هوّئي ؟
192.عشق جو راز سڀڪنهن کي نھ معلوم
سر نوشٽ آهي اسان جِي بيسري ،
عشق جي هيءَ واٽ ناهي سرسري .
راز هِن جو ناهي محرم هر حريص ،
ناهي هر احمق جِي لائق افسري .
193.عشق ۾ آرام ڪونهي
عشق ۾ ڪنهن کي ڪڏهن آرام ناهه ،
نفس ڪنهن جو دام هِن ۾ رام ناهه .
ڇڏ مُراد ۽ نامُراديءَ جو خيال ،
ڪو بھ سان تسليم هت ناڪام ناهه .
جيسين ڳالهائين تون، آهين منجهه خودي ،
ڇا هي ٻيو سَودا سنديءِ جي خام ناهه .
194.محبت جو اُڃيو
بَحر دل جي جو ڦُڙو جيحون هوءِ ،
هن ۾ پاڻي آهي، هُنَ ۾ خون هوءِ .
جو محبت جو اُڃيو ، سو رت ُ پئي ،
جو اُڃيو پاڻيءَ جو، اُن کان رد ٿئي .
195.پاڻ کي سڃاڻڻ
مولوي آهين، نھ سُڌ ايءَ ٿو رکين ،
ڪير آهين، ڪٿ رهين، ڪيڏي وڃين ؟
جي نھ ڄاڻي پاڻ کي، ٿين بي شعور ،
علم تي پنهنجي ڪرين ڪيئن ٿو غرور ؟
196.آدميت ڇا آهي؟
آدميّت نا اٿئي اي آدمي !
جو دل آزاريءَ ڪري ٿئي بيغمي .
آدميت، خود رضا ٿِي دوست جي،
ٿي نشاني ڪين، گوشت ۽ پوست جي .
آدميت، زور جو جي هوئي پَهُه .
آدميءَ کان هوءِ ڀلو گهوڙو ، گڏهه .
197.حسن جي بقا
ٿيو ڳُلن جو سبزو ۽ گل جهڙو ڳَل ،
سهڻو پر گم ٿئي، اچي جڏهين اجل .
رنگ ۽ بوءِ گل جي جڏهن جاويد ناهه ،
تڏهن بقا تُنهنجي جي پڻ اميد ناهه .
198.عشق جي باهه
باهه جو مچ عشق، عاشق، ڪک مثال ،
عاشقي ٿيو عام جي لاءِ ڪم محال .
باهه ٻاري عشق جنهن دل ۾ سڄاڻ ،
خاڪ ڪيائين ان کي، پوءِ ٿيو خاڪ پاڻ .
199.خالق ۽ مخلوق جي دوستي
دوستي مخلوق جِي ڪنهن ڪم جِي ناهه ،
دوستي، خالق سان تون پنهنجي نباهه .
حشر ۾ هر ڪنهن تي جڏهن پوندو و بال ،
ڪهڙو تڏهن هوندو اسان سڀني جو حال ؟
200.نرگس جون اکيون عيب نھ ٿيون ڏسن
رات گذري، باغ ۾ هُس آءٌ ستل ،
هڪڙو هو محبوب منجهه منهنجي بغل .
ٻَئِي اڪيلا هئاسين ۽ ٻيو ڪو نھ هو ،
ڌارا نرگس جي، جنهين تي ات ڏٺو .
پڻ اکيون اُپٽيل سندس، بيدار هُئي ،
ڄڻ اسان جي اصل واقفڪار هئي .
ان اڳيان محبوب سان بوس و ڪنار ،
ٿيو ڪرڻ مشڪل منکي کان شرم، عار .
مون چيس، پنهنجون اکيون پورج ذرو ،
تا ڏسين تون ڪين اسان جو عيب ڪو .
تڏهن کلي نرگس چيو : اي بيخبر !
ڏسجين ديوانو ٿو، نااهل نظر .
باغ ۾ آهيون تماشائي اسين،
ناهيون غوغائي، يا هرجائي اسين .
هت سدا مذهب اسان جو ماٺ آهه،
عيب جوئيءَ جو اسان مان شڪ تون لاهه .
ٿا ڏسون هن باغ ۾ سڀ نيڪ بد،
ٿا ڍڪيون اک ۽ ڪريون ڪِي ڪين رد .
عيب جوئي، عجيب گوئي جي ڪريون ،
دشمني، ڪک ۽ ڪنڊي سڀ جي کڻون .
گرچھ آءٌ پنهنجون اکيون نِت ٿِي پٽيان ،
عيب چين آءُ ناهيان، نت پردو رکان .
201.تون ڪِي ڪين آهين
پاڻ کي پاڻهئي ڏٺو ٿَئِي، ڄاڻين تون ،
آهين تون ڪي ڪين، ڪي ڪين آهين تون .
آيو آهين جڏهن هتي، مردانو ٿيءُ ،
شمع تي منهن دوست جي پروانو ٿيءُ .
|