سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :34

 

738 . مولوي ۽ مولانا

مولويءَ کي چون ٿا مولانا،

آهي اَوليٰ، مگر ٿيو موليٰ ، نا.

موليٰ الله ٿيو، علي اَعليٰ ،

مولانا تي اچن ٿا جولانا.

 

739 . اڄوڪا يار

اڄ زماني جا يار آهن زور،

منهن ۾ ڏسجن سها، اندر ۾ سور.

پُٽ سي يعقوب جا ٿيا يوسف سان،

گهر ۾ ڀائر ۽ جهنگ ۾ سي چور.

 

740 . هست ڪيئن ٿجي؟

جيسين دم ٿو کڻين، نه ٿين همدم ،

جيسين ڪي آهين، ٿين نه تون محرم.

نيست جيسين نه ٿين، نه ٿين نوان هست،

جيسين هست آهين، آهين نيست پرست.

جي نه ڄاڻين ته ڄان ٻيو هر ان ،

۽ جي ڄاتئي ته پوءِ آهين شيطان.

اَدميّت سچي وٺِي ٿِي مرد ،

پڻ مريد ۽ مراد کان ٿِي فرد .

پاڻ جان، هل ٻين سان ٿِي انسان،

نه ٻڌو ٿئي ”ڪَماَ تدِين تدآن’.“

 

741 . عشق ۽ عقل

عشق جو عقل جڏهن ڏٺو اسباب’،

چيئين تڏهن، الوداع، يا احباب!

مَستَ جي هٿ ڏسِي ترار چيئين،

” احذ روامنه يا اُلو الالباب!“

 

742 . سوال از آسمان، جواب از ريسمان

مون چيس: مثل ماههَ مننهن تنهنجو،

۽ڪمر مثل وار، پاڻ چيئين .

هر ڪنا آسمان منهنجو سوال،

پر ڪنا ريسمان جواب ڏنئين.

 

743 . خود بيني ۽ خود نمائي

ڪيو طوطي کي خوار خودبينيءَ ،

خود نمائيءَ خراب ڪيو طاوُس.

جو ڪري هٺ، وڏائي، پٽ تي ڪري،

گيو کي ڏس! ته قيد ڪيو ڪاُوُس.

ماريو جمشيد کي تڪبّر پڻ،

چوي شاعر ٿو جيئن، جو هو منجهه طوُس.

 

744 . نفس شترمرغ

ٿيو شتر مرغ نفس تنهنجو يار  !

نه اُڏامي سگهي کڻي نه ڪو بار.

جي اُڏامڻ جو چئينس، چئي اُٺ‘ آءُ ،

بار جو چئينس، چئي: ته آءُ بردار.

 

745 . فڪر، عام ۽خاص جو

عام جو ذڪر ٿئي ٿو ڄڀ سان عيان ،

خاص جو ذڪر ٿئي ٿو دل سان نهان .

هر ڪو عضوو ڪري ٿو ذڪر ٻيو ،

مشڪل آهي ڪرڻ انهيءَ جو بيان.

 

746 . هٿ سان ڏيڻ، ٿورو به چڱو

بهتر آهي جي هٿ سان ڏِين هڪ جَوُ ،

جو ڏين تو کانپوءِ مُهرون سوُ.

هڪڙي کارڪ ڪرين جي تون اِيثار،

ان کان وڌ جو کجون پوءِ ڏِيَن هزار.

 

747 . ڪلمه گو ڪافر

اِيءِ عجب اُمت آهي چشم سفيد ،

ايءَ عجب قوم آهي رويءَ سياهه.

هٿ ڀريل ٿن حسين جي رت ۾،

وات ”لاالٰه الا الله!“ .

 

748 . مولويءَ جي نماز جوئا (ريا جو علاج)

مولوي جي نماز آهي ريا ،

جڳ کي ڏيکاري زُهد ۽ تقويٰ .

هو ڪري جو قيام، سجدو، رڪوع،

ٽن پتن واري آهي ڄڻ ته جوئا .

ڄڻ چوي پيو:  نظر ڪري تون نهار،

نقد رک هِن، هٿ کٽين تون نا.

جي ائين ٿيو ته پوءِ نماز اندر ،

خيال ۽ فعل اهڙو ناهي روا.

منجهه رڪوع ئي نماز ويئي وهِي ،

سجدي سان ڄڻ وضو ڀڳو اصلا.

دل مئل پڻ رکي اندر ۾ ٿو ،

ٿئي مڪروه نماز اُن کا ن سوا.

عرض ٻڌ منهنجو مولوي صاحب!

آهين بيمار، گهرجي تو کي شفا.

آءُ ٻڌايان ٿو توکي نسخو عجيب،

جو ڀڃي ريح ۽ ڀڄائي ريا.

پڳ ننڊي ڪر ۽ ڏاڙهي تون ڇانگاءِ ،

جنبو ڇڏ لاهي، ڪر ڦٽي تون عصا.

وجهه تون تسبيح پنهنجي کيسي ۾ ،

مُصلوح کڻ، چوري چپ نه ڏي چاٻا.

رک’ صفا دل، نماز پڙهه گهر ۾،

اِن مرَض جي چڱِي اها ٿئي دوا.

 

749 . اَقارب کاالعقارب

اڄ زماني ۾ ڪوڙ آهي ڪچ،

ٿيا اِقارب ، عقارب آهن سچ.

آهي هڪ ڪن جو اندر ۽ ٻاهر

ڪن جو باطن ٿيو هڪ ۽ ٻيو ظاهر.

ڏيان، انهيءَ جا چڱا آءُ تو کي مثال،

ڏس تون قادر جي قدرت ان ۾ ڪمال.

پهڻ جو گرچه آهي پٽُ شيشو ،

ماري پُٽ کي، ڀڃي ٿو شيشو سو

۽ مٽي آهي ماءُ پاڻيءَ جِي،

کائي پاڻي ٿو، چٽ ڪري به مِٽي ،

ڄمي توڻيڪ مِکُ هڏي مان ٿِي .

نرم آهي، ڪري نٿِي سختِي .

پهڻ جي ڌيءَ اصل کان آهي باهه ،

پهڻ کي ساڙي، چن ڪري ٿي واهه !

دل ٿو جيئري رکي ۽ سادو تن،

پهڻ ٿو شمع کي ڪري روشن.

لعل جو آتشي لباس ٿيو،

پر ڪڏهن ڪين ٿِي سا ٻاري ڏيو.

 

750 . مَن عَرَف ربهَ ڪل لسانه

”من عَرَفَ[1] رب، پوءِ ڪلَّ لِسان،“

ثابتيون اُن جون ڪيتريون ئي ٿيون.

يار جي زلف جِي آهي مـحرم،

تڏهن زبانون ڦڻيءَ جون ٿيون گنگيون.

حق سڃاتائين باغ ۾ بيٺي ،

بند سو سن زبانون تڏهن ڪيون.

رب کي ”عين اليقين” سان نرگس ،

ڏسي حيرت ۾ چپُ ٿِي کوليون اکيون.

ساڻي ٿِي سمجهي حق، گلن جِي زبان،

سُڪِي اُن کان ويون ڪنڊن جون ڄڀون.

 

751 . عشق جو استاد ڪونهي

عشق ۾ گهر جي ڪو نه ٿو اُستاد،

درس جو احتياج ناهي ڪو.

ماڻهو جيئن اَڻ ڏٺي سڃاڻي خدا،

يار کي تئين سڃاڻي عشق ٿو.

 

752 . نعمان ۽ حسان

وڏي خدمت ۾ ماڻهو ٿئي نعمان،

مدح جي شعر ۾ ٿئي حسان.

ڪيئِي نعمان مون کي نعمت سان ،

ڪيئِي حسان مون کي سان احسان.

 

753 . محرم ۽ نامحرم

ناهين محرم، تڏهن ٿئين محروم ،

منجهه حرم ڪيئن وڃي ڪو نامحرم؟

ٿين جي وحدت جي بحر ۾ فاني،

ته ڏسين تون ڪڏهن نه ڪيف ۽ ڪم.

 

754 . دنيا، ضدن جي جاءِ

ڏس، خزانيءَ پٺيان اچي ٿو بهار،
آهي نوَ روز جڳ تي ٿيو نروار.
باغ ويران هئا ۽ صحرا پڻ،
موٽي سرسبز ٿيا سڀئي گلزار.
ڏک پٺيان سک ۽ سک پٺيان ڏک آهه،
تون ”معَ العسُريتسر“ پڙه هر بار.
آهي دنيا سڄي ضدن جي جاءِ،
غم خوشيءَ ساڻ گڏ ۽گل سان خار.
ٿيو طرب سان ڪَرَب ۽ سرد سان گرم،
ٿيو سڄي سان کٻو ۽ نور سان نار.
رئڻ آهي گهڻي کلڻ پونيان،
دارو اُهي شراب، درد خمار.
آهي ڍارن جي هڪ طرف هڪ، ٻه،
ٻي طرف آهن ان جي ڇهه ۽ چار.
جي ضِدن جا لکين لِکان جوڙا،
ته به نه پورو ٿئي انهن جو شمار.
مر هجن ضِدَ جهان ۾ موجود،
وٺ ڀَلي کي، بُري کان ٿِي بيزار.
عقل جو امتحان آهي ايءَ،
اهو انسان ۾ عجب اسرار!
شر کان ڀڄ دوُر، خير کي تون وٺ،
ڪر مٺائيءَ کي زهر کان تون ڌار.
”سلبيل“ اَڻ هٿ حلال جِي تون،
ڇڏ ”حميم“،  آهي جا حرام جي يار.
جام جسَم ڄاڻ شعر منهنجو هيءُ،
پي، ته سڀ راز’ تو تي ٿئي اظهار.

 

پڙه نه ڪوڙا قصا ٻين جا تون،
جي زماني ۾ اڄ ڦِرن چوڌار.
ڏس تون اِبن السّحاب ڏس سپ جان‘،
چِٻ جان ’بنِت‘ العِنَب ڏي ڪيم نهار.
فيض اُڀ جو پيِ، مَنَّ سلويٰ جان‘،
حيض هر گوش جو نه پي زنهار.
آهي دنيا حسين هڪ ڪڃري،
جو رکي گهر ۾، سو ٿئي ٿو خوار.
جفت ٿي ڪين اُن سان رهه تون فرد،
اڄ سِکي، ٿِي سڀاڻي لاءِ تيار
جيڪي آهي سکيو ”قليچ“، اُن مان،
وٺو عبرت ڪا، يا اولولابصار.

 

755 .  خراب صحبت، خراب

ڪري بڇڙن سان جيڪو ٿو صحبت،

پاڪ هوئي ته به پليد ٿئي سارو،

ڪري روشن جهان کي ٿو سڄ،

ڪري سج کي ڪَڪَر ذرو، ڪارو.

 

756 .   وفا ۽ جفا سيکارڻ

توکي نِت ٿو وفا آءُ ڏيکاريان،

تون نه مون کي سڄڻ ! جفا ڏيکار.

يا وفا، يا جفا، ٻنهي مان هڪ ،

يا ته سِکُ، يا ته تون مون کي سيکار!

 

757 .  هنَجُن جو درياهه

وئين تون، مون ايترو رُنو تو لاءِ ،

جو وٺِي پاڻي مون کي ويو چوُ ڦير.

تو پٺيان اِن ڪري نه آيس آءُ ،

جو گَتا پيا هئا منهنجا گَپ ۾ پير.

 

758 .   مڙس ۽ زال جي سونهن ڇا ؟

زال جي لاءِ زينت آهي صواب ،

مرد جي لاءِ زينت آهي خراب .

زالون ۽ ٻار، خوش رنگن تي ٿين ،

مرد، رنگن ڏي مَيل ڪو به نه ڪن.

ڳاڙهو ، پيلو وڻي ٿو زال کي رنگ ،

مڙس کي اهڙو ڪپڙو آهي ننگ .

ڳاڙهو ۽ پيلو رنگ مڙس جي لاءِ ،

رت هنجون، جهَرو زرد اُن کي جڳاءِ .

زال جِي سونهن ، سيرت ۽ صورت،

مڙس جِي سونهن، همّت ۽ محنت .

 

759 .  نيڪ ۽ بد جي وچ ۾ تميز

آءُ چوئين ڪين ٿو ته زور ڪرَي ،

نيڪي مون سان، بدي ٻين سان ڪر.

آءُ چوئين ٿو ته پهرين ڪر تون تميز ،

نيڪ ۽ بد جي وچ ۾ اي دلبر !

 

760 .   اميد ۽ ڊپ

نيڪ، بَد ٿيو اَميد ۽ ڊڄ کان،

رات ۽ ڏينهن ڌرتي ۽ سج کان.

نيڪ يا بد ٿين، ڪارو ٿين يا سفيد،

پاڻ کان ڊپ ۽ پاڻ کان ٿئي اميد.

ڊپ ۽ اميد جو هتي ٿئي کپ‘،

جڏهن وڃين تون، وڃي اميد ۽ ڊپ‘.

 

761 .  خدا، احد ۽ صمد

تون اَحد ۽صَمَد خدا کي چئين ،

نه تون واقف اَحد، ۽ صمد جو ٿين.

اَحد آهي، نه جنهن کي آهي عدد،

صَمَد آهي، نه جِت نياز جِي حدَ.

سو اَحد ٿيو، سڃاڻي جنهن کي نه وَهم،

سو صمد ٿيو، جو ڄاڻي اُن کي نه فهم.

 

762 .  دوست جو ڪتو

جڏهن ڪتو تنهنجو ٿِي سگهان ٿو ڪين،

ته ويهي عرض پنهنجو حال ڪريان.

تڏهن ڪريان پاڻ سان ۽ پاڻ کي پاڻ،

تنهنجو هڪڙو ڪتو خيال ڪريان.

 

763 .  انڌو، منڊو، گنگو ۽ ٻوڙو ٿي

رهه تون انڌو ته توکان ڪونه ڊڄي،

ره تون منڊو ته توکي ڪو نه سڏي.

ٻوڙو رهه، بڇڙي تا نه ٻولي ٻڌين،

گنگو ره، تو کان تا نه ڪو به پڇي.

764 .  سيني جي گرم زمين

هي زماني جو غم جهانگير آهه ،

سينو خالي انهيءَ نه ڪنهن جو ڇڏيو.

منهنجي سيني جِي جڏهن زمين هئي گرم ،

پير اُن تي تڏهن رکي نه سگهيو.

 

765 .  فراق جي تعريف

عشق ۾ يار جي رهيس ٿِي فقير،

منجهه فراق، آءُ  پيس تونگر ٿِي.

طبع سان پنهنجي موتي ٿو پوُيان،

۽ وسايان اکين مان ٿو موتي.

 

766 .  وفا ۽ حسن، ضد

آهين تون هر طرح چڱو جاني !

مگر افسوس تو کي ڪانهي وفا.

عاشقن جو ٿئي ها ڪهڙو حال،

حسن تنهنجي کي جي هجي ها بقا؟

 

767 .  شعر جو قبض ۽ بسَط

ڪڏهن نڪري ٿو شعر دل مان اِئين،

جيئن ٿي نڪتو تنور مان طوفان.

ڪڏهن نڪري نه هڪڙي مصرع پڻ ،

رهي شاعر انهيءَ جي لاءِ حيران.

نه اچي ڪڏهن منٿ، آزيءَ سان،

ٿئي اچِي ڪڏهن اَڻ سڏيو مهمان.

ٿو وسي مينهن وڏڦڙو ڪڏهين،

ٿئي ڪڏهين بوند لاءِ دل بريان.

شعر جو قبض، بسط اهڙو آهه،

جهڙو صوفين جو ڪشف اصلي نهان.

اوليائن جو جيئن عروج، نزول،

شاعرن جو به اِن طرح ٿيو بيان.

 

768 .  مُلڪ خدا تنگ نيست، پاي گدا لنگ نيست

پٽ کان ڇتِ تائين آهي گهر تنهنجو ،

ڇِت کان اُڀ تائين آهي گهر منهنجو .

ماڙي منهنجي ۽هيٺان تنهنجو گهر ،

چوُ طرف منهنجا، هڪڙو در تنهنجو.

 

769 .  با ادب ۽ بي ادب

با ادب جيڪو ٿيو، سو آهي شاهه ،

۽ ادب ٿيو وڏو انهيءَ جو سپاهه .

بي ادب مر رکي هزارين مرد ،

ڄاڻ ته به تون ته اُو اڪيلو آهه .

 

770 .  سخيءَ جي تعريف

ڪيئن مشابهه ڪڪر سان توکي ڪريان؟

تون سخي، ڏاڻ َ ٿو ڏهوڻا ڏين.

هوُ جي ڏئي ٿو ته غم کان روئي ٿو ،

تون جي ڏين ٿو ته پيو خوشيءَ کان کلين!

 

771 .  لوهه ڇا لاءِ پيدا ٿيو؟

سخت مضبوط لوهه کي ڪيو خدا،

قل ۽ قيد جي ڪيئين تدبير؟

شاهه عادل جي هٿ ۾ ٿئي تلوار،

اُن جي دشمن جي پير ۾ زنجير .

 

772 .  قوت جي بنسبت ۾ مخلوقات جا قسم

ساهه واري جا آهي مخلوقات،

هڪ نباتات ٿِي، ٻي حيوانات،

ٿا وٺن گرچه رزق، رب کان ٻئي ،

قوت تن جي ۾ فرق آهي هي:

رزق هڪڙي ڏي پاڻهئِي ٿو اچي،

ٻيو وڃِي پاڻ، رزق ڳولي لهي

ساهه وارن جا ٿيا وري ٻه نشان:

هڪڙا انسان ۽ ٻِيا ٿيا حيوان.

هوُ رڌي پنهنجو قوت ٿا کائن.

هي ڪچو ئي ڪچو ٿا ڳڙڪائن.

موٽي ٿيا تن مان جانور ۽ پکي،

هو چٻاڙين، هي وڃن ٿا ڳهي.

جانور هڪڙا ، موٽِي کائن ماس.

گاهه، ميوو اچي ٻين کي راس ،

تن مان پڻ هڪڙا سي، جي اوڳاڙين،

ٻيا چٻاڙي ڳهن ۽ ترسن ڪين.

آهي خالق جي ايءَ سڀئي خلقت ،

ڏسو قادر جِي ايءَ عجب قدرت!

 

773 .  برف وسڻ جو نظارو

برف پئِي، مُلڪ ٿيو سفيد، صفا،

ڀرجِي وئي ڄڻ اَڇن گلن سان هوا.

ٿا اُڏامن اڇا ڪبوتر ڄڻ،

د ُڙٻي پنهنجي کان ڀلجي سڀ جي ويا.

پئِي ڀڄي آسمان جِي جانڊهه،

۽ اَٽو هارجِي پيو هرجا.

آسمان آهي ڄڻ پڃارو ٿيو ،

۽ ڪپهه ٿو پِڃي هوا ۾ يا.

 

774 .  مدح لاءِ عطا ضرور

بادشاهه تون ۽ تنهنجو آءُ مدَّاح ،

مدح، ڪيئن ري عطا رکين ٿو روا؟

بادشاهي منکي ڏي، پوءِ اچي ،

مدح ڪر منهنجي، تا ڏسين تون عطا!

 

775 .  بادشاهه کي دعا

جيسين نڪرن سمنڊ مان موتي،

جسين چمڪن ٿا اُڀ اندر تارا.

تيسين شل مدح تنهنجي جا موتي!

تيسين شل تارا نانو تنهنجي جا!

پر سمنڊ جان’ قلم ۽ دل کي رکن ،

ڀريل اُڀ جان’ رکن ڪتاب وڏا !

 

776 .  عشق ڄڻيو به ۽ ڪُٺو به

عشق مون کي ڄڻيو ۽ عشق ڪُٺو،

پڻ ڪيو خانو منهنجو عشق خراب .

هاءِ! رستم کي ڪنهن ڏني نه خبر ،

ته ڪُٺل اُن جو آهيان آءُ سهراب.

 

777 .  پيءُ جي بجا پٽ

پوڙهو پيءُ، ماري ٿو زمانو نت ،

پُٽ جوان اُن جي بدران آڻي تا.

جي کڻي ٿو ڏِيو ڪنهين گهر مان ،

ته رکي شمع ٿو انهيءَ جي بجا .

 

778 .  چئن چيزن کان چار چيزون

چئن چيزن مان تنهنجي چيزون چار ،

چئن چيزن کي اصل کان ٿيون عطا .

روشني ورتي عقل تنهنجي کان سڄ ،

۽ ڪڪر پڻ قلم کان تنهنجي سخا.

قصد تنهنجي کان ٿيو جبل قائم،

طبع تنهنجي کان بحر ٿي پيو صفا .

 

779 .  چرخي جي حقيقت

چرخو آئين چرويو سرتيون! ساري ڄمار،
نه ڪتڻ ري ڪريو اوهين بِي ڪار.
اديون! آتڻ ۾ سڀ اَچي ويهو،
تاڪريون گڏجي سڀ پرينءَ جي پچار.
هڪ مسنيون ٿي ويهو ۽ ڌيان ڏيو،
تا ٻڌايانو آرٽ جا اسرار.
آرٽ اندر ۾ آئين رکو پنهنجي،
۽ هلايو اُهو اُتي هربار.
مونا، منجيون رکو محبت جون،
مالهه ۽ مڪڙي ٺاهيو ساڻ پيار.
ٽڪ سنئين ڌاريو، ڏنگ ڏانو ڇڏي.
چڱي آڻيو چموٽي کان چمار.
وئوڻ ٿيا هنِ ڀلا، چڱي مند آهه،
سڀ ڦٽيون چونڊي، گڏ ڪريو انبار.
آرٽڙيءَ ۾ سي ٽاڻي راتو ڏينهن،
ڪڍي ڪڪڙا، ڪپهه ڪريو ائِين ڌار.
سا تنبائي، ڪڍايو ڪک ڪهڄر،
تا اوهان جي ڪپهه پِڃي پڃار.
ويهي ٺاهيو پهيون ۽ پوڻيون اوهين،
۽ رنڊا روڙي سڀ ڪريو هموار.
پوءِ آتڻ ۾ آرٽ آڻي رکو،
ويهو ڪاتاريون! سڀ ٻڌي آئين قطار.
ڪَيوسٽ آئين سنهو، ڪري روُن روُن،
لسي اُن مان ڪڍو اوهين تند تار.
ناڙيون لاهي، ڀريو اوهين ٽٻڻيون،
رکو پڻ لينجهه ۽ پڙيءَ جي سنڀار.
اوبي پوءِ اوبري سان ۽ ويڙهي،
ٻڌو ڦورا، ڪري همت هڪوار.
هلو کاريون کڻي صراف ڏي پوءِ،
جو ڏسي واٽ اوهان جِي منجهه بازار.
توري سئٽ پورو ڏيو اوهين ان کي،
ملهه وٺو نقد، هت هلي نه اُڌار.
يا ته ڪوڙيءَ کي ڏيو هلي توري،
ته ڪري هو اَڻي ڪو ڪپڙو تيار.
تاجي پيٽو ڪڍي، ڦوهارا ڏئي،
ترو توري، نڙو هڻي نروار.
رکي اَڏاڻو، رڇُ ۽ اَڌ لک پڻ،
اُن جو اَهي اصل اهو وهنوار.
ٺاهي سوسيون ۽ لنگيون، کيس عجيب،
کاڌي يا جوڙي يا ڪا ٻِي جنسار.
مڙس ماڻهو ٿين ڍڪي سي خوش،
ٿئي زالن جو ستر ۽ سينگار.
يا ڪمائيءَ مان پنهنجي ڪاپي جي،
پاليون پنهنجا ٻچا ٻار.
ڪريو ڪوشش ۽ چوريو چرخو اديون!
آرٽ پردو اسان جو ۽ آڌار.
هاج هٿ سان ڪريو ۽ دل سان ذڪر،
چيو ائين: ”دل بيار، دست بَڪار“.
رات جاڳي، ڪريو ڪتڻ جو ڪم،
ٿيو نه غافل، ڇڏيو اوهين ويسار.
چانور ۽ ڪڻڪ جي نه کاڌي اوهان،
ڇا ٿيو، کائو ٻاجهري ۽ جوار؟
اڳيان بڇندو جڏهن اوهان کان صراف.
هٿين خالي ٿيو سڀن ۾ خوار.
عيد جي ڏينهن ٻيا آڇا اُجرا،
گدليون هونديون اوهين ۽ ايندو عار.
نتِ ڪتڻ سان سُکيون اوهين ٿينديون،
خوش خدا ٿيندو، راضي ٿيندو ڀتار.
جي گهرو سک ٻنهي جهانن جو،
ته ٻڌو آئِين ”قليچ“ جي گفتار.

 

780 .  ننڊ جا قسم

صبح جي ننڊ آهي عيلُوله،

۽ ٻه پهرن جِي آهي قيلوله ،

آهي حيلوله شام کان اڳ جي،

شام جي وقت آهي غيلوله،

چارئِي آهن خراب حڪمت ۾،

ماڻهو ٿئي ٿو مريض مرغوله

رات جي ننڊ معتدل ٿِي مفيد،

ڇه گهڙيون هُج سُتو پيو د ُ ولهَ !

رات جاڳين ته ڏينهن جو ٻه گهڙيون،

سُمهه تون کائي غذاي ماڪوله ،

آهي تهجد جي لاءِ سنّت ايءَ،

شاهد اَن جِي حديث مرَسُولهَ.

 

781 .  روح ۽ نفس

ابن عبّاس جي روايت آهه ،

۽ حديثن جي هي حڪايت آهي.

اِبن آدام ۾ نفس آهي ۽ رُوح ،

گڏ رهن اُن ۾ ٻئي ٿا شام، صبوح.

نفس جي خاص شئي ٿي عقل ، تميز ،

رُوح جِي ساهه ۽ پساهه ٿِي چيز .

ننڊ جي وقت نفس نڪريو وڃي ،

وقت جاڳڻ جي سو ٿو موٽي اچي.

روح باقي رهي سمهڻ جي وقت،

آهي موجود پڻ اُٿڻ جي وقت .

ماڻهو جيئرو رهي ۽ ساهه کڻي ،

پر نه عقل ۽ تميز اُن ۾ رهي.

موت جي وقت ٻئي وڃن ٿا مري،

نفس ۽ روح گڏ وڃن نڪري.

وڃي ماڻهوءَ جي جيئن ٿو ساهه، پساهه ،

تيئن وڃي عقل ۽ تميز به آهه !

قول ”موليٰ عليٰ“جو آهي هي،

ته وڃي روح ننڊ ۾ نڪري،

اُن جو نور ۽ شعاع باقي رهي ،

جسم، اُن کان سئتي پئِي جيئرو رهي .

جڏهن جاڳي ٿو ۽ اٿي ٿو وري ،

روح اُن ۾ اچي تڏهن موٽِي.

روح ننڊ ۾، مئن ۽ جيئرن جا،

پڻ ملاقات پاڻ ۾ ڪن ٿا.

 

782 .  ٻين سان ڀلائي

ذاتي جوهر ‘ اَپاءُ پاڻ ۾ تون،

پنهنجو تون فائدو ٻين کي ڏي،

پهڻ روهيءِ جو ٿيءَ، تکو ڪر ڪات،

نه پيو ماس ۽ هڏي تي وهي.

ڪر تون بڇڙن کي پاڻ جهڙو چڱو ،

فيض پهچائي ۽ ڀلايون ڪري.

ڏس! ته سج ڪيئن نه چنڊ ڪاري کي،

نور پنهنجو ڏيئي ٿو چمڪائي!

پر پيو پاڻ گس ۽ ٿي نه تکو،

تا ڪنهين شئي کي تون ڇڏين نه وڍي.

 

783 .  سوره ء اخلاص

چئو ته هڪڙوئي هڪڙو آهي خدا ،

آهي بي محتاج، بي پرواهه .

نه ڄڻي ٿو، نه پاڻ ڄائو آهه ،

ناهي ڪو اُن جو همسر ۽ همَتا.

 

784 .  خوشيءَ لاءِ ڇا ضروري آهي؟

هوند، آڻ هوند جو نه آهي فڪر،

جيڪو آهي، سو دل جي حالت جو.

خوش گذارڻ جي لاءِ آهي ضرور.

هڪ توڪّل جو، ٻيو فناعت جو.

۽ رکڻ لاءِ خلق کي خوش، آهه ،

هڪڙو اخلاق، ٻيو طبيعت جو.

 

785 .  دنيا ۽ آخرت جو مقابلو

آخرت کي جي يار! ڳوليندين ،

آخرت ملندي توکي، پڻ دنيا.

پر جي ڳولين فقط تون دنيا کي ،

ملئِي دنيا فقط، نه پر عقبيٰ،

آخرت آهي هڪڙي چڻ سائِڻ،

دنيا ٻانهي انهيءَ جي سمجهه ادا !

کڻي سائڻ سان ٿئي جي تنهنجو نڪاح،

ٻانهي پاڻهئي ملي ٿِي منجهه ڏاجا.

پر جي ٻانهي نڪاح ۾ آڻين،

اُن جي سائڻ سان آهي تنهنجو ڇا؟

ڪي چون ٿا ته ٻئي آهن ڀيڻون،

گڏ ٻنهي جو نڪاح ناهي روا..

چوُنڊي هٿ ڪر ادا! تون هڪڙي ڀيڻ،

پوءِ نهارڻ به ٻيءَ ڏي آهي خطا.

آخرت، سمجهه پينهنجي تون موڙي،

لاڀ ان جو تون سمجهه دنيا تا.

پر جي دنيا کي پنهنجي موُڙي ڪندين ،

فائدو ڪو نه پائيندين اَصلا .

هنِ سان ٿين حق کان دور، کائين عذاب،

هن سان آخر ڏسين تون حق جو لقا.

ٻيو به سڀڪجهه مليئي اُن سان گڏ،

”فَلَه الڪلُّ مَن له‘ الموليٰ“.

اختيار آهي هاڻ ادا ! تو کي ،

اڻ هٿ هيءَ يا هوءَ ، وڻئِي جيڪا.

 

786 .  غيب الغيب ٿيڻ

جسم جو ڇڏ حجاب‘ ظلماني،

روح خالِص ‘ ۽ نوُر ٿِي بي عُيب.

ڪر تون ڪوشش ته ٿين تون سرالسّر ،

خفي اَخفيٰ ٿئين يا غيب الغيب.

 

787 .  دوئي ۽ توئي ڪڍڻ

ڏس‘! تون وحدت سدا  اندر ڪثرت ،

وٺ تون هڪڙائي ۽ ڇڏي ڏي دوئي.

تون نه هو ٿئين مگر ڪرين جي جهد.

ته وڃي نڪري تو منجهان هِي توئي.

 

788 .  صبر جي تعريف

صبر جي ٻڌ مشابهت ۽ صفت ،

جاڪ ’مولاعلي‘ ٿو فرمائي.

صبر، وهِٽ آهي جو نه ٿاٻو کائي ،

نه ڪرِي ۽ نه تو کي ڪيرائي.

يا ترار آهي، جا ٿئي ته مڏي ،

جيئن و ھي تيئن تکي ۽ وڌ گهائي.

يا خوشيءَ جي ڪنجي تون ان کي ڄاڻ ،

يا سڄڻ، جو مدد ٿو پهچائي.

 

789 دوست جي بڇڙي شئي به چڱي

دوست جي هٿ جي شئي ڪڙي به مٺي ،

ڪوٺجي جو قبيح سو به صبيح.

ڏس تون ڏيندڙ، نه ڏس ڌنل شئي تون ،

”ڪُلّ شيءِ منِ َ المليح مليح“.

 

790 .  غم ۽ هم جي وچ ۾ فرق

غمّ ۽ همّ جو ٻڌائيين فرق،

گر چه معنيٰ ٻنهي جي آهي ڏُک.

غمَّ، آرمان آهي گذري تي،

همَّ، آئيندي جو ڦِٽائي سُکُ .

 

791 .  نفس جو حظّ، حلال ۽ حرام

نفس جي حظّ ۽ خوشيءَ جو حال،

چئن قسمن جو آهي، ٻڌ ڏئي خيال:

هڪ ٿيو حڪم، اُن جي طبع پٺيان،

ناهي واقف جو شرع جي حد کان.

آهي مطلق حرام ايءَ  آي اَدا !

نفس جي ايءَ خوشي ٿِي ساري خطا.

ٻيو ٿيو شرع سان خوشيءَ جو حال،

سو مباح آهي ۽ سمورو حلال.

ٽئي ۾ پهچي ٿو حُڪمُ اندر جو،

نفس جو اُن ۾ واسطو نه رهيو.

پر ارادو ۽ خواهش آهي اڃان،

اوليائن جو حال ايءَ ٿيو عيان.

چوٿين ۾ حڪم ربَّ جو آهي،

فضل اُن جو، اچي مٿان ڪاهي.

وڃي خواهش، ارادو ٿئي سڀ گمُ ،

حق جو فعل ۽ ارادو ٿئي مَحڪمّ.

علم جي حالت آهي ايءَ، ته ڪمال.

ڪن ٿا حاصل سا صالح ۽ آبدال.

 

792 .  قبض ۽ بَسط جون حالتون

اوليائن کي ڪڏهن خوشي، ڪڏهن غم،

هڪڙي حالت ۾ ٿئي نه تن جو ڪم.

هڪرو تن جو عروج، ٻيو ٿيو نزول،

باهه جو جيئن  ٻرڻ، اجهامڻ مول.

بسط هڪڙو ٿو سڏجي، قبض ٻيو ،

راضي تن ۾ رهي وَلِي سڀڪو.

پيدا خوف ۽ رِجا مان سي ٿا ٿين،

هيبت ۽ اُنس سي جڏهن ٿا ڏسن.

دل رهي منجهه حجاب نوراني،

قبض ۽ بسط جو اُهو باني.

پر فنا ۽بقا وڃائي حجاب،

قبض ۽ بسط جو نه پوءِ حساب.

قبض ۽ بسط لڳ وجود سان آهه ،

نه فنا ۽ بقا ۾ تن جِي راهه.

قبض ۽ بسط، رات ڏينهن جان“ ٿيو،

اصل کان سو ضرور سمجهيو ويو .

قبض جڏهن رات سان مشابهه آءَ ،

وٺ تون آرام، تا لهين ڪا راهه.

تول ۽ فعل ۽ ارادو ڇڏ،

رات جو جيئن ڪري ٿو ماڻهو هڏ.

بسط جڏهن ڏينهن سان مشابهه ٿيو ،

ڪر اُٿي هاج، جا ڪري بندو،

بندگي، بخشش ۽ ڀلائي ڪر.

شڪر نعمت جو يار! جائي ڪر .

تا ڇٽي تنهنجي بسط جِي حالت ،

۽ لهي تو تان قبض جي اَفت.

قبض جا ٽي سبب سدائين ٿيا،

هڪڙو آهي، نئون گناهه ۽ خطا.

ٻيو، جڏهن ٿي وڃي هٿان دنيا.

ٽيون، جڏهن ڪو ڪري ٿو ظلم، جفا .

آهي علم ۽ عمل انهن جو علاج.

نفس تن جو سدا رهي محتاج.

پهرين، توبهه گناهه جو دارون،

موُر ڪر تون وري نه سي ڪاروُن.

ٻيو، وڃي جڏهين دولت ۽دنيا،

ڪر تون تسليم، ڏي قضا تي رضا.

ٽيو، جي ايذا رسئي ۽ ظلم ڪڏهن،

ڪم تحمَّل ۽ صبر عَفو تڏهن.


[1]  جنهن رب کي سڃاتو، ان جي زبان بند ڪئي ويئي. يعني، اهو راز کي ٻاهر نه ڪڍندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

 

gn="justify"> [1]  جنهن رب کي سڃاتو، ان جي زبان بند ڪئي ويئي. يعني، اهو راز کي ٻاهر نه ڪڍندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org