165.سدائين ڪوشش ڪندا رهو
(1) ڪري بند ڌنڌو جو ويهي رهيو،
تنهين پنهنجو سرمايو[1]
ٻوڙي ڇڏيو!
ڇڏي ڪار ڪم ڇو اوهين ٿا ڀڄو،
خدا ۾ رکو نت اُميد آسرو،
سدا يارو ڪوشش ڪندا ائين رهو.
(2) پوري پهڻ تي پاڻ جي پيو سدا،
ته بيشڪ گسائي ڪري سو صفا؛
اوهين پڻ جي رهندوُ ڪشالو ڪندا،
ته ڏسندوُ نتيجا چڱا تنهن سدا،
سدا يارو ڪوشش ڪنڊا ائين رهو،
(3) برابر، سبق آهي پهرين ڏکيو،
مگر ڇو جڳائي ڪرڻ وسوسو[2]،
ورائي ورائي اهو پيا پڙهو،
پڙهڻ جو ڪريو شغل جيسين جيو،
سدا يارو ڪوشش ڪندا ائين رهو.
(4) وساري اوهان پڻ جي پنهنجو ڪتاب،
سڀان ڏيندوُ ڪهڙو پڇڻ تي جواب،
ڪري سخت محنت پڙهي پوُ شتاب[3]،
ته هڪ ڏينهن ٿيو پڻ اوهين ڪامياب؛
سدا يارو ڪوشش ڪندا ائين رهو.
(5) نٽايو، نڪي ائين ڀڄو يا ٽهو،
اٿو جيسين طاقت وهيو پيا وهو[4]،
مشقّت کڻو ۽ مصيبت سهو،
جيو جي مرو ته به طلب ۾ رهو،
سدا يارو ڪوشش ڪندا ائين رهو.
(6) آهيو شير دل، جي ڪريو تا شڪار،
بهادر جنگين ۾ رهن برقرار؛
اچي جي مشقّت، ٿيو بردبارم
جي همت ڪيو تا ٿيو ٻيڙو پار؛
سدا يارو ڪوشش ڪندا ائين رهو.
(7) ڊڄو ڪين، جي ڪا اچي مشڪلات،
خوشيءَ سان جهليو ائين ڪهاڙا ۽ ڪات؛
ڀڄڻ جي نه وائي ڪڏهن آڻيو وات،
ٿئي نيٺ حاصل اوهان کي نجات[5]،
سدا يارو ڪوشش ڪندا ائين رهو.
(8) کڻي راند ڪنهن ۾ جي هارايو ائين رهو.
خبردار هرگز نه گهٻرايو ائين،
نه ڪرُ ڪو نه جهرڪو نه پڇتايو ائين،
ڪري صبر نت ڪم ۾ دل لايو ائين؛
سدا يارو ڪوشش ڪندا ائين رهو.
(9) آهي زيان ۾ فائدو ڪجهه نه ڪجهه،
ٿئي نيٺ اوهان کي نفعو ڪجهه نه ڪجهه
علاج آهي هر درد جو ڪجهه نه ڪجهه
ڪڏهن لڳندو تا ڪو پتو ڪجهه نه ڪجهه،
سدا يارو ڪوشش ڪندا ائين رهو.
(10) ٿيو ڇو ٿا ڳڻتيءَ ۾ ناحق نراس[6]،
اجايو ڪريو ڇوٿا خوف ۽ هراس[7]،
رکو ائين قوي دل، ۽ قائم حواس،
ڪڏهين فتحيابيءَ جي لاهيو نه آس؛
سدا يارو ڪوشش ڪندا ائين رهو.
(11) ڪريو يارو همّت جو جهنڊو بلند،
ڪڏايو به مردانگيءَ جو سمند[8]؛
جي تڪليف سهندوُ، ته قبو ليندوء بند،
ته هڪ ڏينهن ٿيندو اوهين فتحمند،
سدا يارو ڪوشش ڪندا ائين رهو.
(15) بحر تقارب (مقبوض اثلم )
فعول فعلن فعول فعلن فعول فعلن فعول فعلن
166. زمانو ڪڏهن ڪيئن ڪڏهن ڪيئن
نه آهي يڪسان سدا زمانو، گهڙي ۾ ڇاهي گهڙي ۾ ڇا هي!
عجب هي دنيا جو ڪارخانو، گهڙي ۾ ڇاهي گهڙي ۾ ڇا
هي!
ڪٿي ويّو دارا ڪٿي سڪندر، ڪٿي ويّو سلطان هفت ڪشور[9]؛
ٿيّو هر ڪو هت موت جو نشانو[10]
گهڙي ۾ ڇاهي گهڙي ۾ ڇا هي!
هميشه هئي جن کي شادماني، ڪئي سدا جن ٿي ڪامراني؛
مليو انهن کي نه آب دانو، گهڙي ۾ ڇاهي گهڙي ۾ ڇا
هي!
خيال جن جا هئا هوائي، دماغ ۾ جن جي هٺ ۽ وڏائي؛
ويئن سڀئي ملڪ ۽ خزانو گهڙي ۾ ڇاهي گهڙي ۾ ڇا هي!
نه ڀروسوآهي هڪڙي دم جو، ٿيّو جاري رستو سدا عدم[11]
جو؛
”قليچ“ آهي هي سڀ فسانو[12]،
گهڙي ۾ ڇاهي گهڙي ۾ ڇا هي.
(16) بحر رجز (سالم )
مستفعلن مستفعلن مستفعلن مستفعلن
167 . موت مٿي چڙهڻ جو ڏاڪو
جڏهن غرق ٿين درياهه ۾ دريا مٿي تو کي کڻي،
يوسف تو آهين کوهه ۾ ، وڃ چاهه[13]
مان ڏانهن جاهه[14]
ڀي.
ماڻهو اصل آهي مٽي، پڻ ٿئي چون آخر مٽي،
ڪيئن ٿئي مٽي سو، جو مٽي ٿيو آهي هن درگاهه[15]
جي،
ڏس راند ۾ شطرنج جي، پيادو وڃي ٿو ٿئي وزير،
هن عشق جي شطرنج ۾ پيادو وڃي ٿو شاهه ٿي.
(17) بحر خفيف (محذوف مقصور )
فاعلاتن مفاعلن فعلات
168 . وحدت ۽ ڪثرت
ڪل[16]
اندر نور تنهنجي ڪيو اظهار،
توري ناهي اچي جو منجهه ديدار،
روشني سج جي هڪ، هزارين گهر ،
ٿيو ڪري اختلاف در ديوار،
ٿيو عدد اصل هڪ ڳڻڻ ۾ فقط
پر ٿئي ٿو شمار ۾ سو[17]
هزار ؛
بحر هڪ آهي مختلف موجون،
سمجهي سوئي لنگهي جو لهريون پار ؛
هڪ شراب آهي جو ڪري ٿو مست ،
نشو هڪ، مختلف ٿيا آثآر ؛
هڪڙو نانگو ۽ مست لايعقل[18]،
ٻئي جو سينگار جبّو ۽ دستار ؛
هڪڙو مسجد ۾ پڙهي ٿو تسبيح ،
ٻيو مڙهيءَ ۾ وهي ڍڪي زّنار[19]؛
مختلف صورتون جڏهن ڏسجن،
تڏهن نظر ۾ اچن سڀئي اغيار ؛
پر حقيقت جي، جي ڪندين تون نظر،
ته ٿيو ٻيو نه غير ڪو ري يار ؛
جاءِ گفتار جي نه آهي ” قليچ“،
آهي حڪمت جو هي عجب اسرار
.
169 . ڇا تي تعلق رکو
پنهنجو سڀ ڪم اوهين مهل تي رکو،
لاهي پاهي نه سڀ ازل[20]
تي رکو،
بيشڪ آهي قوي قضا ۽ قدر ،
ٽيڪ ائين علم ۽ عمل تي رکو ؛
پاڻ پاڻهئي ٿيو ٿا نحس سڀئي ،
ڇو ٿا تهمت سڄي زحل[21]
تي رکو ؛
حرص سڀ کي ڪهي ٿو تيغ بنا،
ڏوهه سڀ پوءِ ڇواجل تي رکو،
ڪم بڇڙا ڪريو ٿا پنهنجي هٿين ،
بار شيطان جي خلل[22]
تي رکو ،
ڪري دهلاري ڏونڪي سان آواز،
عذر پوءِ کوڙ جو دهل تي رکو،
وڃي ولاريو نوح جان ٻيڙي،
نه پٽس[23]
جان وٿون جبل تي رکو،
ڪري ڪوشش رهو توڪّل سان،
ڀروسو لطف لم يزل[24]
تي رکو،
رکو امّيّد رب تي چئي ٿو ” قليچ“ ،
نه عقل ۽ ڊگهي امل[25]
تي رکو،
170 . فتحيابيءَ جو رستو
ري طلب رهما ڪو ملندو ڪڏهن ،
عشق ري آشنا ڪو ملندو ڪڏهن ،
ڇو تڪبّر ڪرين ٿو اي عابد،
ڪبِر[26]
مان ڪبريا[27]
ڪو ملندو ڪڏهن ؛
پاڻ جهڙو نه سمجهين ٿو ٻئي کي،
ڏس خوديءَ مان خدا ڪو ملندو ڪڏهن؛
جيسين ڪوڙي ڇڏين ته تون دعوا،
مدعي[28]
مدعا ڪو ملندو ڪڏهن ؛
جيسين پاڻون ڇڏين نه ڪجهه باقي،
تيسين تو کي بقا ڪو ملندو ڪڏهن ؛
جيسين تئين دل فدا ڪرين نه ”قليچ“،
تيسين تئين دلربا ڪو ملندو ڪڏهن.
171 . خدا جي صفت
تون عيان[29]
۾ نهان، نهان[30]
۾ عيان
بي مثل، بي نشان، تون سڀ جو نشان؛
جڏّهن نهاريان نهان ، عيا آهين،
جڏهن ڳوليان عيان، تون آهين نهان؛
تون سڀن ۾ ۽ سڀ آهن تو ۾
تو کان خالي نڪي زمين نه زمان ؛
آهين هر جا تون حاضر ۽ ناظر،
هوّئين اڳي، آهين هاڻ، هوندين اڃان؛
ذڪر ۾ مشڪل ” قليچ“ ، ڪر تون فڪر[31]،
ڪيترو تون ڪندين عيان کي بيان.
172 . اڄوڪا عالم
هڪڙي عارف کي ڪٿ مليو شيطان،
ملڪ سڀ آس پاس هو ويران ؛
ماٺ ڪيو ويٺو هو، نه ڪم نه ڪار،
هوس ڪنهن جو نه غم،نه ڪنهن جي پچار؛
پڇيو عارف انهيءَ کان ” اي شيطان،
چپ رهي ڇوڪرين ٿو حرڪت ڪانه؛
مسجدن ۽ مڙهين ۾ تنهنجو ڪم،
وجهين ماڻهن ۾ وسوسو ۽ غم؛
تنهنجو ڪم ٿيو فريب مڪر فساد،
دين دنيا ٻئي ڪرڻ برباد،
اصل کان خلق کي ڪرين گمراهه،
ڪيئن هي سڃ تو اچي وسائي واهه“ !
چيو شيطان ” هاڻ ظاهر ٿيا ؛
اڄ زماني ۾ چوءطرف عُلما؛
تن جي برڪت کان فارغ آهيان آءُ،
۽ انهن هوندي ڪيڏي ڪاهيان آءُ،
منهنجو سڀ ڪّم ڪارهو پيا ڪن،
مون کي محنت کان پڻ ڇڏايو تن ؛
آهي هڪڙو ڄڻو انهن مان بس،
ڪري گمراهه جڳ کي ۽ بي وس .“
173 . زر جي اثر جو مثال
ناهي لالا کي سون جي پيلاڻ،
بي زريءَ کان تڏهن ٿي ڌاري داغ؛
زر رکڻ کان ٽڙي گلاب[32]
جو گل،
۽ خوشيءَ کان کُلي[33]
کِلائي باغ.
174 . عقلي سوال ۽ جواب
رات موت عقل کان پڇيا هي سوال،
تنهن ڏنا سڀ جواب ۾ هي مثال،
مون پڇيس نفس ڪيئن ٿئي تابع ؟
چيئين جڏهن کائي موچڙن جي ڌمال[34]؛
مون پڇيس آهي ڪيئن حياتي هيءَ ؟
چيائين آهي نسورو خواب ۽ خيال ؛
مون پڇيس ڏي مثال دنيا جو،
چيائين سينگهار سان ڪراڙي زال ؛
مون پڇيس خلق ڪيئن رهي مشغول ؟
چيائين ان فڪر ۾ ته ميڙيون مال ؛
مون پچيس ڇا هي پرڻو اهل عيال ؟
چيائين باري وبال ۽ جنجال ؛
مون پچيس ڇا هي بحث پڙهيلن جو؟
چيائين آهي اجايو قيل ۽ قال.
175 . موقوف ۽ مشغول ڪامورا
جڏهن ڪامورا ٿا ٿين موقوف،
سڀئي شبلي[35]
۽ با يزيد ٿين ؛
پر جڏهن موٽي سي ٿين مشغول،
تڏهن سڀ شمر[36]
۽ يزيد ٿين.
176 . خدا سنڀالڻ وارو
مون ڏٺو ٻار هڪڙو کير پياڪ،
کوهه جي ڪپ تي، مون ڪئي هيءَ آهه ؛
” هن جي حاضر نه آهي دائي نه ماءُ،
جا سنڀاليس ، ڏس وڃيس ٿو ساهه؛ “
غيب مان آيو اوچتو آواز،
” ناهين تون پنهنجي حال کان آگاهه؛
ٻار تي ٿو اُهو نگاهه رکي،
پيٽ ۾ تو تي جنهن رکي ٿي نگاهه. “
177 . ٻار ماءُ جي پٺيان
ٻار ظاهر ڪري ٿو ماءُ جو عيب،
رکي پيءَ جي[37]
ڪري نه خلقُ نه خوُ؛
شاهدي ٿا ڏين خچر جا ڪن،
ته گڏهه پيءَ رکي، نه گهوڙا او.
178 . عشق جو شان
هڪ عجب سُور عشق ٿيو جنهن جي،
چار مصحف[38]
به هڪڙي آيت آهه،
بو حنيفه[39]
ڏنو نه ان جو سبق ؛
شافعي[40]
جي ڪا اُ ت روايت ناهه.
179 . ڪثرت ۾ وحدت
ڇاهي ماڻهن جي جڳ ۾ آمد رفت،
اچي شڪليون مٽائي هت ٿو يار[41]؛
هي تناسخ[42]
نه آهي، وحدت آهه،
آهي ڪافر ، ڪري ٿو جو انڪار.
180 . وڏو مشرڪ
ڪنهن پڇيو هو جنيد[43]
کان هڪ ڏينهن،
ڪيو مشرڪ[44]
آهي، چيئين بابا ؛
مشرڪ آهي وڏو اهو جيڪو،
نانئن رب جو وٺي ڏسڻ ڌارا.
181 . عشق عجيب ۽ نرالي شي
عشق جي ڳالهه ري اشارت[45]
ناهه،
ان جو مضمون ري بشارت[46]
ناهه؛
عشق سيکارجي نھ مڪتب ۾،
عشق جي لاءِ ڪا عبارت ناهه؛
پاڻ وڪڻي بھ سودو عشق جو ڪر؛
وڌ انهيءَ کان ڪا ٻي تجارت[47]
ناهه .
182 . اصل هڪڙو ۽ فرع علحدا
اصل[48]
۽ نسل تي ڪو ناهي مدار،
فرع[49]
هرهڪ جو ڌار ٿئي ٿو نشان؛
نار ۽ نور اصل ۾ ٿيا هڪ،
پر سندن فرق ٻڌ، ڪريان ٿو بيان؛
هڪڙو ڄڻ گلخن[50]
آهي ٻيو گلشن[51]؛
هڪڙو ڪفران[52]
۽ ٻيو غفران[53].
183 . ڪتاب سڀ کان چڱو سنگتي
سنگتي ٻيو نھ رک ڪتاب بنا،
همنشين جو رهي ٿو گاهه بيگاهه؛
نھ ٿئي رنج نھ ئي رنجائي؛
اهڙو همدم ٿو ڪٿ لڀي دلخواهه .
184 . آدميت
آدمي عقل جو آهي وارث،
آهي بي عقل آدمي حيوان؛
بيحيائي نشان ڪفر جو آهه؛
شرم جنهن کي نھ ٿيو، نھ ٿيو ايمان .
185 . هستي ۽ نيستي
گهرجي عاشق کي نيستي پهرين،
تا لهي هستِي اُو ڪنا درگاهه؛
ڏس شهادت جو ڪلمو تون جانچي،
پهرين لا[54]
آهي پوءِ الا ّالله[55]؛
زير بالا تي ناهي ڪنهن جوشَر َف،
ذات کي نت ملي ٿو عّز ۽ جاهه[56]؛
قل هو الله[57]
خدا جي وصف ٿي هيٺ،
مٿي تبّت يدا ابي لهب[58]
آهه .
186 .قناعت جي ڪيميا
ڪيميا جي آءٌ تو کي ڏيان تعليم،
بهتر اڪسير ۽ صناعت کان؛
وٺ قناعت وڃي ، جو عالم ۾،
ڪيميا ڪانهي وڌ قناعت کان .
187 .طعام سڀ کان مقد م
پهرين آهي طعام پوءِ ڪلام،
اَن ُ تھ ايمان، پيٽ ۾ جي هوءِ؛
سورون قرآن جون نهاري ڏس،
ٿيو لا ِ يلاف[59]
مائده[60]
کان پوءِ .
188 .فقط ڏنو تنهنجو
جيڪي کاڌ ئي اُهو ڪِنيَن جو مال،
جيڪي نيئي، مال ٿيو قبر جو سو؛
جو رکيئي، ٿيو سو وارثن جو مال،
جو ڏنئي، سو ئي مال تنهنجو[61]
ٿيو .
189 .سڀ ماڻهو هڪ جسم
ماڻهو عضوا سڀئي ٿيا هڪ ٻئي جا،
جو سڀ اولاد آهي آدم جو؛
هڪڙي عضوي ۾ ٿئي جڏهن ٿو سور،
وڃي آرام پڻ ٻين جو ٿو؛
جي ٻين[62]
جو ٿيو نھ تو کي درد ،
تھ ڪٿان توکي آدمي سڏبو .
190 .علم جي تعريف
علم مايو آهي شرافت جو،
علم پايو آهي جلالت[63]
جو؛
علم انسان جي آهي عزت،
علم دنيا ۽ دين جي دولت؛
آهي علم جو علم ساڻ نظام[64]،
آخرت ۾ بھ ٿئي چڱو انجام[65]؛
علم حڪمت جو جيڪو طالب آهه،
سو هميشھ سڀن تي غالب آهه؛
علم جي جيڪو ٿو ڪري تحصيل،
اشرف النّاس[66]
ٿئي هوئي جي ذليل[67]؛
علم انسانيت جو زيور آهه ،
علم تاج شرف[68]
جو گوهر آهه؛
علم عالم جو زَيب زينت آهه ،
علم آدم جو فخر حرمت اهه ؛
علم مان دل کي روشنائي آهه،
علم مان ربّ وٽ رسائي آهه؛
دولت علم کي زوال نھ آهه،
اِن کان بهتر ڪوئي ڪمال نھ آهه؛
سون جان علم نت نئون چمڪي،
جيئن زياده گسي پراڻو ٿئي؛
عُود[69]
جان جيئن سڙي کپي واڌو،
تِيان زياده چڱي ڪري خوشبو .
191 .سچائي
سڻ سچائي وڏي عبادت آهه ،
اُن مان دارين جي سعادت آهه ؛
جو سچائيءَ جو پايء بند رهي،
دين دنيا ۾ ارجمند[70]
رهي .
192 .ماٺ جي تعريف
ماٺ کي پنهنجو جو ڪري پيشو[71]،
تنهن کي ڪونهي ڪڏهن ڪو انديشو؛
جي گهرين تون سلامتي اي يار،
ماٺ ڪر ماٺ، ڪنهن جي ڪر نھ پچار؛
193 .برد باري
بردباريءَ جي تو کي ڏيان ٿو خبر،
جو ڏئي زهر تنهن گي ڏي تون شڪر؛
جيڪو کوٽي پٽي جگر تنهنجو،
کاڻ وانگي تون بخش تنهن کي زر؛
سِپّ کان تون سبق سکي ڪر ياد،
پيٽ جو ڦاڙي تنهن کي ڏئي ٿي گُهَر؛
پٽ اکيون ، ڏس درخت ميوي جو،
جو هڻي پهڻ تنهن کي ڏئي ٿو ڦر .
194 .ماٺ ڪرڻ ۽ ڳالهائڻ جو وقت
وقت تي چُپ رهڻ ۽ ڳالهائڻ ،
آهي واجب سدا اوهان کي ڏسڻ؛
جي چوڻ ري اوهان جي ڪو ڪم ٿئي،
تھ اجايو اتي ٿيو ڪي بھ چوڻ؛
پر جي ڏسجي انڌو ۽ کوهه ُ اڳيان،
تھ اتي ٿيو گناه ماٺ ڪرڻ.
195 .انسان کي ڪوشش ضرور
سڀ کي روزي ملي ٿي پاڻهئي، سچ ،
پر ضرور آهي هتِ ۽ هُت ڳولڻ ؛
ڪو نه مرندو اجل بنا بيشڪ ،
نه کپي پنهنجي لئي کڏون کوئڻ.
|