351.خلق جي پسندي ، وڏي شي آهي
ٿئي اقبال کان محڪم سنديئي راهه ،
سگهي مک پڻ وٺِي سيمرغ جي جاءِ ،
ڏسي جو تنهنجو پاڇو ڪا گهڙي هڪ،
سليماني ڪري ماڪوڙي بيشڪ .
مَڪڙ تي عڪس تنهنجو جي کڻي پَئي ،
تھ برڪت سان انهن جي بارُُ ٿِي پئي .
352.معشوق، مستيءَ جو سبب
ڪيم مخمور، ساقيءَ جي مِٺي چَپ َ،
ڪڙي مئي کان ڀڄان آءٌ جيئن ڪ کان سَپَ.
انهيءَ جي بوءِ کان بيخود رهان آءٌ ،
ٿو عقل ۽ هوش، مستيءَ ۾ ڇڏيان آءُ .
پئي جو ماڻهو پيالو ، مست سو ٿئي ،
ڏئي پيالو جو ، تنهن ڪيو مست مون کي .
353.بصر ۽ بصيرت، ٻئي ضروري
وڻي ٿو راڳ سڀ کي را ت جي وقت ،
پيالو ۽ صراحِي مئي سان همرنگ .
رکن پڻ مُنهن تي مُنهن ، عاشق ۽ معشوق ،
ڏئي عڪس آرسي ، جنهن کي نھ هو ئي زنگ .
354.نبيءَ کي بھ دعا جو ضرور
نبيءَ ، پوڙهين جو در کڙڪائي چيو ٿي :
ڪريو مايو ُن ! فجر جو ياد مون کي .
انهيءَ مان سمجهه ، مشڪل ڪم جو بنياد ،
گهُريءَ ڌرتيءَ کان سڄ فرياد جو داد .
تون پڪ ڄاڻج، جي شير آهن شڪاري ،
رکن هِن هنڌ ماڪوڙيءَ سان ياري .
355.لَٺ يا اڙدها
متان ڄاڻين تھ هيءَ لٺ آهي بادام ،
ٿي ڏسجي سا ٻَئِي ، بادانھ[1]
بادام[2]
.
ڇڏ اُڇلائي اها جو اڙدها آهه ،
نھ ڏي تون ٽيڪ اُن تي ، لٺ اُها ناهه .
356.ميوي کي وڻ جو خطاب
چيو ميوي کي پنهنجي هڪڙي وڻ هيئن :
تھ مون ۾ گل ٽڙِيا تو لاءِ ڏس ڪيئن !
تون پختو مون مان، تو مان منهنجو ڪم خام ،
تون تازو تر، ڏڪن منجها ٿا آندام[3]
.
رکين تون بوءِ، ۽ منهنجو ڦِري رنگ،
رکين تون مغز ، ۽ مون تي لڳي سنگ[4]
.
357.عشق جي دولت، ڪنهن کي ملي ؟
جو ماڻهو نيڪ ۽ بد کي هڻي ، لت ،
ملِي ٿي عشق جِي ان کي ئي دولت .
مٿو ۽ پَڳَ ڪري ها معتبر جي ،
تھ مَک ِ شيخن جو شيخ عالَم اندر هوئي .
358.انسان جو ڳجهه ، الستي
هي سِر[5]
سو، جو اسان سان منجهه سرشت آهه ،
هي غم سو، جو اسان سان منجهه نوشت آهه .
ٿيو دل ۾ غم ، خبر ڪا دل سندي ناهه ،
ٿيو ڪَمُ ، سان جان، سُڌ ڪا جان جي ناهه .
ڏسين جيڪي، اهو پاڻان لڪائج ،
رکج من ۾ ، نھ ٻئي ڪنهن کي ٻڌائج .
رهج هشيار، ٿي بيخود قدم کڻ ،
اول مَرُ پاڻ کان ۽ پوءِ دم هڻ .
آهيون اِن پر اسين پيدا ۽ پنهان ،
رهون چپ، ۽ ڪريون فرياد ، افغان .
359.حسن ۽ جواني بي بقا
اي گلرخ ! قدّ تنهنجو سَرو جهڙو،
فلڪ جي ضرب کان ٿي نسترن[6]
ويو .
رکين تون لالا وانگي داغ ڪيسين ،
حو سُنبل جهڙو بت تُنهنجو سمن[7]
ٿيو .
360.نظم ۽ نثر جا دُر
تفڪّر جي دريا مان ٻُڪ َ ڪيم پُر ،
ڪڍيا مون ترت نظم ۽ نثر جا د ُر .
حقيقت جا گهڻا روشن اشارا ،
ڏنم، چمڪن جي ٿا ڄڻ اُ ڀ ۾ تارا .
ڪيم پورو انهيءَ کا ساڻ محبت ،
سجائي شل ! ٿئي سا منهنجِي محنت .
361.دل جي صفت
جي صاحبدل هجين، دل ۾ گذر ڪر،
اکين سان دل جي ، دل ۾ تون نظر ڪر .
سا دل ڏس ! منهن جنهين جو پاڪ آهي ،
نھ سا ، جنهن جو ڀريل سان خاڪ آهي .
اچِي تون دل جي خلوتخاني ۾ ويهه ،
تون ڄاڻج حق تعالى جو اُهو ديهه .
دل آهي آرسي دلبر جي مُنهن جِي ،
ڪٿي اهڙي ڀلا پاڻي ، مٽي ٿي .
362.حياتي، هڪڙو پاڪ بوجو
حياتي آهي هڪڙو پاڪ بوجو،
ڏيڻ ڏک کان، سهڻ بهتر تڏهن ٿيو .
ڏس ان کي ۽ کڻ ان کي، خوف لاهي ،
اُٿي بيهه ۽ کڻي هل، ان کي ڪاهي.
گناهه ۽ غم کان ڊپ وارو متان ٿين ،
هليو هل ، جيسين تون منزل کي پهچين .
نھ سستي ڪر، نھ ٿي عشرت ۾ گمراهه ،
خدا شل! تنهنجو ٿئي حامي ۽ همراهه .
363.ڏک جي پٺيان سک
رئڻ وارا ڏسن ٿا نيٺ آرام،
ڀڄن ٿَڪ َ تن جا پوءِ ، ڪن سي ننڊون جام .
هلڻ وارا ڏسن ٿا نيٺ منزل ،
پون پُٺ تي سمهي فرحت سان خوشدل .
سياري جي نھ سيءَ جو تن کي ڪو ڊپ ،
هوا آرڙهه جِي ڏئي ٿي باغ کي تپ .
سا ڪومائي، ڪري گل کي پريشان ،
مگر تن کي ستائي ڪين طوفان .
364.دل ۽ زبان، مخالف
چپن تي ذڪر ، دل بت ساڻ واصل ،
هنن پنجن نمازن مان ڇا حاصل ؟
ٿيو ڇا، جي رکيل مصحف اڳيان هوئي ؟
۽ دل ٻارن ، ڍڳن، گڏهن پٺيان هو ئي .
365.قصور پنهنجو
ڪري هو جيڪي بد، ان ۾ نھ ڪر وَهم ،
بدي ڇڪ پاڻ ڏي سڀڪا ، تون رک فهم .
مڙئي تقصير تنهنجي هو ئي اي دانا !
ٻڌو آهي نھ تو ”اِنّا ظَلَمنَا “ .
366.دل ڌوئڻ
تو ڌوتا پير ۽ هٿ ، دل نھ ڌو تيَئِي ،
د ِلا، ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ مفت اوتيَئِي .
پليتيءَ کان جي باطن جي ٿِي دل پاڪ ،
بدن ناپاڪ پوءِ ٿِي پيو تھ ڇا باڪ ؟
(9)بحر هزح اخر ب محذوف
مفعول مفاعيل مفاعيل فعولن (مفاعيل )
367.تقدير ۽ تدبير يا قدر ۽ جبر
تقدير تي ويساهه انهيءَ لاءِ چڱو آهه ،
تا سُک ۾ نھ ٿئي فخر ۽ ڏک ۾ نھ ٿئي غم .
”لا َتَاء سوا“ ۽ ” لاتَفرحُوا“ قُرآن ۾ آيو ،
ري صبر ۽ ري شڪر ٻنهي ۾ نھ هڻو دم .
تدبير تي ويساهه انهيءَ لاءِ چڱو آهه ،
ٿِي سست نھ ويهِي رهو ، محنت نھ ڪريو ڪم .
ات ” اِن ّ اِلا ِنسان َ “ تي پڻ ”ماسعى“ آيو ،
گوڏو ٻڌي اُٺ جو، پوءِ توڪّل تي رکو ڪم[8].
368.شيعن جي حجت خلافت بابت
سنّي ٿا چون، ڪيو جڏهن لاڏاڻو نبيءَ ٿي ،
وارث ڪيئين فلاڻِي کي، ڏنئين ان کي وڏو مان ُ .
پيغمبري ، ملڪيّت هڪ آهي خدائي ،
ملڪيّت اهڙي رکي قيصر نھ، نھ خاقان .
ڪو قياس ڪريو يارو ! ٻڌُو ڪو تھ ڪنهين شاهه ،
وارث ڪيو ڌارئين کي، ڪري ايئن نھ ڪو نادان .
ڌيءَ، سوءٽ ۽ ناٺيءَ پنهنجي، ۽ ڏهٽن هوندي ،
بيگاني کي ميراث ڏئي ڪو نھ مسلمان .
369.وزير نظام الملڪ جي مرڻ مهل في البديهه
تُنهنجي وڏي اقبال سان اي شاه جوان بخت !
مون ٽيهه ورهيھ تنهنجِي وزيريءِ ۾ گذاريا .
نيڪيءَ سان ۽ ايمان سان نت تنهنجي اڳيان مون ،
ٿي حق ّ نمڪ جا تھ دل و جان ادا ڪيا .
هڪ ضرب سان ڪاتيءَ جي سفر ۾ ٿو مران هاڻ ،
۽ ورهه ڇهانو ّي ٿيا عمر جا پورا .
خذمت اها جهوني ڇڏيان پٽ لاءِ ٿو هاڻي ،
پارت ٿو آءٌ تو کي ۽ خدا کي ڪريان يڪجا .
370.ٻن شاعرن جي شعر آزمائي بهار بابت
(1) ڪر سيگهه، اُٿي تا پيون مئي، اي منهنجا گُلرو!
چوڌاري گلن جِي ٿي اچي باغ مان خوشبو ُ.
اٿ جلد، جو پيرن ڀي اٿيو پيالو اڳئي اهه،
ويهه هت، جو صراحي بھ آهي ويٺي دوزانو،
ڪڪڙن جي اچي ٻانگ، وٺون پِي ڪو چڪوسرس،
صبح ايندو، وڍيندو اچي هاڻ رات جاگيسو ُ.
(2) منهن تنهنجي جي خوشبو، ٿِي صبا نئي کڻي هر
طرف،
سنبل بھ آهن شرم کان ويڙهي ڇڏيا گيسو ُ.
جادوءَ کان اکين تنهنجي جي حيران ٻئي ٿيا،
نرگس هِتي گلشن ۾، هُتي دشت ۾ اَهو ُ.
گل تي ڪري فرياد چون بلبليون، هئي هئي!
۽ سروتي قمريون بھ پيون ڪن سداڪُو ُ ڪو ُ!
371.پنهنجي وڍيءَ جو نھ ويڄ ، نھ طبيب
هڪ ڏينهن جبل تان اٿي هڪ باز اڏاڻو ،
هڪ تير لڳس اوچتو، جنهن اُت وڌو ڪيري .
جڏهن لوهه ۽ ڪاٺيءَ جو ڏٺئين تير ، ٿيو حيران !
تا ڪيئن هِي هوا ۾ اچي هت مون کي ٿو پهچي ؟
کنڀ تير ۾ پنهنجا ڏسي، افسوس گهڻو ڪيئين ،
چيئين مرندي تھ آفت هي اسان جِي پئي اسان تي .
سچ، پنهنجي وڍيءَ جو نھ طبيب آهه نھ ويڄ آهه ،
”ازماست ۽ برماست“ جو اڄ کان ٿو مثل ٿئي .
372.دل جي همت
همت کان ، جوانيءَ ۾ ڪيم ڪو نھ ڪَچو ڪم ،
نھ تھ وچ ۾ رهيس ٿي آءٌ سدا گلبدنن جي .
ڪمبخت سڪندر هو ، مون ڪيو پاڻ کي ڪمبخت ،
نھ ته چشمي حياتيءَ جي تي ڏينهن رات رهيس ٿي .
373.مستيءَ جو فخر (مسدّس)
قارون جو ڇا آهي خزانو منهنجي آڏو ؟
هٿ ُ هاڻ ٽنگيندو بھ زمانو منهنجي آڏو ،
هاڻ ٿيندو فلاطون بھ ديوانو منهنجي آڏو،
دنيا ٿيندي جنت جو نشانو منهنجي آڏو ،
گُل ايندا نظر باع ۾ سڀ لعل، گُهر جا ،
وسندا بھ هينئر مينهن سدا سيم ۽ زر جا .
374.گفتار ۽ ڪردار ڪهڙِي چڱي ؟
ڪيو سوال منوچهر تھ اي سام نريمان !
شيءِ ڪهڙي ٿِي دنيا ۾ ڀلي سڀ کان ، ڪر اظهار ؟
ورندي ڏني هُن ، جڳ ۾ ڀلي سڀ کان ٿي اي شاهه !
گفتار حڪيمن جِي، ڪريمن سندو ڪردار .
375.جوانيءَ جو ماتم
دنيا ۾ ڏٺم ڏک، ۽ سَٺم سور اي جاني !
سک لاءِ سڄِي عمر رهي دل ٿي ديواني.
آخر آئي پيري ، وئي گناهن ۾ لنگهي عمر ،
ٿم باقي پشيماني، جوانيءَ جي نشاني .
هاڻ غم ۾ جوانيءَ کي پيو ساريان ۽ او ساريان ،
اي واءِ جواني وئي ! اي واءِ جواني !
376.حبيب، بيرحم طبيب
بيرحم طبيب آهي سو ، جو منهنجو حبيب آهه ،
دل زخمي ڏسي ويو ۽ مُڪئين ڪينڪي مرهم .
ڀانيم تھ پر ِين مون کي ڀري پير اچي پڇندو ،
آءٌ مئس، مڪئين ڪو نھ، ڪري منهنجو جو ماتم
377.عصمت ۽ حفظ
معصوم نبي آهه ۽ محفوظ ولِي آهه ،
عصمت ۾ گناهن جي ٿيڻ جو نھ ٿيو امڪان .
پر حفظ ۾ روڪي ٿو گناهن کي خدا وند،
گمراهه ولِي ٿئي نھ ، نھ غافل ۽ نھ نادان .
عصمت ٿِي گناهن کان اڳي ، حفظ ٿيو پوءِ ،
معنى ۾ ٿيا گرچ لغت جي ٻئِي يڪسان .
متولّي آهي ربّ وليءَ جو ۽ سنڀاليس ،
جو غرق رهي قرب ۾ هو ُ رب ّ هي هرآن .
محنت ۽ رياضت ، جا مجاهد ٿِي ڪڍيئين اڳ ،
سا معاف ٿئي ، جڏهن مشاهد ٿئي انسان .
378.سلوڪ جا احوال ۽ مقامات
سالڪ کي اچن پيش مقامات ۽ احوال،
هو ڪسب سان حاصل ٿيا ، هِي وهب الاهي .
دائم هو رهي تن تي ۽ قائم هو انهن ۾ ،
وارد هي ٿين ان تي ڪڏهن ، پڪ نھ انهيءَ جي .
سالڪ جا مقامات ٿيا ڏهه يا زياده ،
توبهه ۽ توّڪل ۽ رضا، صبر ۽ ٻِيا ڀي.
احوال، جي سالڪ تي ٿين و َجد جان وارد ،
هيبت ۽ محبت ۽ حيا ، شوق ٿيو اُنسِي .
احوال ٿيا محدود، منجهن قيد ۽ قبض آهه ،
لازم ٿي حفاظت ۽ سنڀال ان جي ڪرڻ پئي .
بسط آهي مقامات ۽ حد نھ ٻَڌل ڪا،
سالڪ لاءِ ولايت ءِ فنا کان بھ اڳيئي .
379.مومن بخيل ۽ فاسق سخيءَ جو مقابلو
عيسى جي پڇڻ تي چيو شيطان انهيءَ کي :
مون کي وڻي مومن سو، بخيل آهي گهڻو جو .
پر منهنجِي پوي مور ڪڏهن ڪين انهيءَ سان ،
فاسق جو هجي، پر جو طبيعت ۾ سخي ٿيو .
ڇا لاءِ جو مومن ٿئي گنهگار ڪنان بُخل ،
فاسق کي بچاءُ آهي گناهن کان سخا جو .
آءٌ ٿو ڊڄان هن پونئين کان، جنت ملي جنهن کي ،
محبت رکان هن پهرئين سان، دوزخ ۾ جو پئي ٿو .
380.ايمان اڌ شڪر ، اڌ صبر
مومن آهي ٻئي ، صابر و شاڪر، جو حديث آهه ،
ايمان ٻه اڌ آهي ، ٿيو اڌ شڪر ۽ اڌ صبر .
ايمان ۽ صبر اصل کان ٿيا ڌ َڙ ۽ مٿي جان ،
جي وسهندين تون ايءَ نھ حديث ، آهين . وڏو گبر .
381.مجذوب سالڪ، ۽ سالڪ مجذوب ۽ عاشق
مجذوب، عنايت ۽ ڪشش سان ٿئي سالڪ ،
سالڪ ٿئي مجذوب، سان ڪوشش ۽ هدايت .
پَر َ ساڻ اڏامي هُو، ڪري پير سان هيءُ پنڌ ،
هُو پهچي فلڪ تي ۽ هِي ڪي ڪوهه نهايت .
عاشق وِڃي جذبي سان سدا عرش تي هردم ،
محبوب ڏسي پنهنجو ٿو سان حق جي حمايت .
382.اميد ۽ خوف ۽ جهنم جو فائدو
اميد مهار آهي ، ڇڪي تو کي هلائي ،
۽ خوف بھ چهبڪ، جو ڌ ِڪي کي هلائي .
فضل آهي خدا جو بھ بندن لاءِ جهنّم ،
جنّت ڏي اهو موڙي، جِهڪي تو کي هلائي .
(10) بحر هزج اخرب مخبون مسدّس
مفعول مفاعلن فعولن (مفاعيل)
383 . بهار جي موسم (مسمطّ مربع)
(1) آءُ موٽي سڄڻ! جو اڄ بهار آهه،
صحرا سڄو ڏس ته لاله زار آهه.
ڀرپور گلن سان شاخسار آهه،
بلبل جي انهيءَ ڪري پڪار آهه،
(2) آءُ موٽي، هلي وسايون خلوت،
۽ پاڻ ۾ اڄ ڪريون ڪا صحبت،
ڄاڻون هي ٻه چار ڏينهن غنيمت،
جو عمر تي ڪو نه اعتبار آهه،
(3) آءُ موٽي، ڪريون قرار ڪر دم،
ڪي ڏينهن ڇڏيون وساري سڀ غم،
صحبت ري سڄڻ! ڪريون نه ٻيو ڪم
دنيا رڳو خواب ۽ خمار آهه.
384 . خيرات ۽ بندگي لڪِي ڪريو (انجيل مان)
خيرات ڪريو ته ڏيک جي لاءِ ،
خيرات ريا سان آهي بيجاءِ .
خيرات ڪري جو ٿو ٻڌائي،
ماڻهن ۾ خبر اها هلائي .
تا خلق ڪري انهيءَ جي ساراه،
سڀڪو چوي، آفرين ، وه واه.
خيرات ڳجهي ڪريو لِڪائي،
تا آجر اوهان کي رب رسائي.
خيرات جان ظاهري عبادت،
ٿيو ڏيک به ڪوڙو ۽ شرارت .
واجب آهي بندگي اڪيلي،
۽ ڌيان ڏيڻ سان ٿئي سهيلي.
دل تي ٿِي رهي نظر ڌڻيءَ جِي،
ڄڀ سان ڪو بُڪي ڀي گهڻو ئي.
دل سان هي دعا گهرون ڌڻيءَ کان ،
خاوند! ڀلائي ڪر اسان سان.
ڄاڻون تنهنجو نانءُ پاڪ جائي.
تنهنجي اچي جلد بادشاهي.
مرضي تنهنجي آسمان تي جا ،
پوري ٿئي پڻ زمين تي سا .
ڏي اڄ تون اسان کي پنهنجي روزي ،
ڪر معاف، جو تنهنجا ٿياسين ڏوهي.
بخشيون اسين پنهنجا جيئن ڏوهاري،
تيئن بخش خطا اسان جي ساري.
وٺ ڪانه اسان جِي آزمائش،
ڪر رد تون اسان جي بڇڙي خواهش،
قدرت ۽ وڏائي تنهنجي دائم ،
تنهنجي رهي بادشاهي قائم.
385 . دل جمع ۽ پريشان
ٿي وصل ۾ دل سدا رهي جمع،
گويا سا ضمير متصل آهه.
پر هجر ۾ ٿي رهي پريشان.
پوءِ ڄڻ ته ضمير منفصل آهه.
386 . عشق ۾ جسم جي طاقت
منجهه عشق ، ٿي زبان سان هڪ،
تنَ تنَ سان ۽ جان جان سان هڪ .
اک، اک کي ٻڌائي راز پنهنجو،
سيني، کي ڏئي سينو ساز پنهنجو .
387 . قلم جي تعريف
تون يار! قلم جي ڏس نڪِو’ئي ،
گُنگو ٿي، ڪري ٿو گفتگوئي.
ماڻهوءَ کي منجهان سياهه پاڻيءَ ،
نت ڏئي ٿو سفيد سرخروئي.
388 . بي فيض آدمي
ٽاري، جا ڏئي ٿي ڪين ڦر زود،
ٻارڻ جي ٿي ڪاٺي، گرچه هوئي عود.
جي بيد جي وڻ ۾ ڦر نه ٿئي ڪو،
ته به ڇانو، پنن سان سو ڏئي ٿو.
جو ماڻهو پڪو ٿيو تازو ۽ ترَ.
۽ خلق کي ڏئي نه ڇانو يا ڦر.
سو ماڻهو نه آهي، جانور آهه،
فرق ان جي مرڻ، جين ۾ ڪو ناهه،
سو ٽوهه ٿيو، فيض کان سو بي بهر،
ٻاهر ٿيو سهڻو ۽ اندر زهر.
389 . باغ جي همدردي
مون کي رهي تنهنجي عشق جو غم،
جت ڪٿ رهي مون سان سو ٿو هردم.
لالا ڏسي مون کي غم ۾ منجهه باغ،
دل ان جي جلي،تڏهن ٿيس داغ.
نرگس جون اکيون به ٿيون تڏهن تر،
ڏسجن ڦڙا ان تي مثل، گوهر.
ڪاري ڪئي قبا بنفشي سر تي،
سوسن جو ٿو رنگ شاهدي ڏئي.
پن، ٻوٽا رئن ۽ گاهه، سبزي،
ڌوتو آهي منهن هنجن سان روئي.
390 . اهل ۽ نا اهل
نت ناز ڪشي ۽ نياز ڪيشي،
دلدار سڄڻ جي لاءِ سَهل آهه.
نااهلي ٿي زماني جي ٿي آسان.
دنيا ۾ جي ڪوبه يار اَهل آهه .
391 . مروَت ۽ مدارا، صدقو آهي
خيرات پڇين جي سستي، آسان.
ڪم تنهنجا جنهين سان سڀ ٿين راس.
ڪر جڳ سان مروّت ۽ مدارا،
چيو صدقو نبيءَ ”مدارة الناس“.
392 . دنيا ۾ ڪيئن رهو؟ (سُڪائوٽن لاءِ)
استاد جي اَمر ڏي ڏيو ڪن،
اسرار جي نور ڏي نهاريو.
ميدان ۾ جڳ جي مرَ ڪريو جنگ،
پر حڪم ٻڌي سندس سنڀاريو،
ڏوروُن ڏسو آئين اشارو اُن جو،
انبوهه اندر به ڌيان ڌاريو.
ڀڻڪو به سندس ٻڌي وٺو آئين،
سر گوڙ ۽ هُل ۾ پيا گذاريو.
393 . هر ڪو اسڪائوٽ آهي
(1) دنيا ۾ سڀئي آهيو اسڪائوٽ،
پوءِ ڇو نه ٿا ان طرح گذاريو؟
جت ڀي هجو، جيڪو ڪم ڪريو ائين،
ات ان جو سدائين ڌيان ڌاريو.
شيوڪ ٿي، ڪريو سڀن جي شيوا،
خدمت ڪري خلق کي سڌاريو.
هردم رهو آئين تيار هر جا،
واهر ڏيو، جيڪو ستَ آئين ساريو.
هيڻا ۽ ٻڍا ۽ زالون ۽ ٻار،
تن تي اوهين سر ۽ ساهه واريو.
موڙهل ۽ انڌا ڏسو جي گمراهه،
آئين راه تي آڻي تن بيهاريو.
پاهڻ ۽ ڪنڊا هجن جي منجهه واٽ،
ترسي اُتي لحظو سي ٻهاريو.
خشڪي تي نظر اچيو جڏهين،
ڪرِيلَن کي وٺ ائين هٿ اٿاريو.
پاڻيءَ تي جڏهن مليو وجهه ڪو،
ٻانهون وٺي، ٻڏندڙن کي تاريو.
لڳندي ڏسو باهه جي ڪٿي ڪا،
پاڻي وجهي تنهن کي آئين وهاريو.
ڪاهي وڃو، جت بچاءُ گهرجي،
دشمن سان وڙهو، مرو يا ماريو.
ليڪن رکو ياد ڳالهه منهنجي،
پل، پنهنجو ڌڻي متان وساريو.
استاد جي حڪم ڏي ڏيو ڪن،
نت ان جي اشاري ڏي نهاريو.
ڀڻڪو به ٻڌو سندس چين جو،
مر گوڙ ۽ هَل ۾ آئين پيا گهاريو.
|