سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :21

 

264. سلوڪ جون درجيوار حالتون

رهي سالڪ ٿو ٽن حالن ۾ مجبور[1]،

سو معهود[2] آهي، مشروع آهي، مقدور[3].

انهن کانپوءِ وري معهود ٿئي سو ،

اهو قائم رهي، پوءِ ان جو درجو.

رهي معهود پهرين عام وانگي،

۽ عادت ۽ طبيعت جي پٺيان پئي.

پيڻ، کائڻ ، ڍڪڻ، شاديءَ ڪرڻ ۾،

اُٿڻ، ويهڻ، سمهڻ، توڙي هلڻ ۾ ،

هلن جيئن عام ماڻهو، جانور ڀي ،

طبيعت جي پٺيان، عادت سندن ٿي.

چڙهِي ان کان اچن شروع ۾ سي ،

سڀئي ڪم ڪن، هلن پر سي شرع تي .

هلن قرآن ۽ سنت تي هردم ،

۽ امر[4] ۽ نَهي[5] تن جي تي سي ڪن ڪم.

رهن بندش ۾ سي محفوظ، محدود ،

نھ آزاد اصل هئا، جيئن پهرين معهود .

چڙهِي اُن کان اچن مقدور ۾ پوءِ ،

قضا ۽ قدرتي تن جو هلڻ هوءِ .

سي ڪم تقدير تي پنهنجا بنا ڪن ،

توڪّل تي هلن ، جيئن اوليا ڪن.

سڀئي ڏک، سک خوشيءَ سان ٿا کڻن سي ،

هلن دنيا ۾، منهن دنيا کان موڙي .

اچن معهود ۾ اُن بعد موٽي ،

مگر مولى ۾ هاڻي ٿيا سي فاني .

سندن ڪم هرڪو  آهي ، ڪم خدا جو ،

فنا في الله[6] جو درجو اهو ٿيو .

پين، کائن، هلن، جيئن دل ٿي چاهين ،

نھ هرگز پهچي ڪو نقصان ٿو کين ،

ٿيا آزاد هر ڪم ۾ اهي هاڻ ،

نھ ٿي آزادي هيءَ، پر نفس جي ڪاڻ .

چڙهِي ات غث[7] ۽ ابدال[8] سي ٿيا ،

مٿي تن کان فقط ات انبيا ويا .

نهايت[9] کان بدايت[10] ڏي رجوع هي ،

پڄاڻيءَ کان ٿئي موٽي شروع هي .

وڏو  درجو اهو ئي منجهه سلوڪ آهه ،

هجئي سالڪ ! جي شڪ ان ۾ تھ تون لاهه .

 

265.دعا ۾ ڇا گهرجي

ٻڌايان توکي گهرجي ڇا دعا ۾ ؟

پڪو رک تون ڀروسو خدا ۾.

تون گهر بخشش گناهن جِي انهيءَ کان،

حفاظت آئيندي جِي، امن و ايمان ،

عبادت جي گهرج توفيق تون پوءِ .

۽ صبر ۽ شڪر، ڏک ۽ سک تڏهن هوءِ .

پڇاڙي خير جي، ايمان جو موت،

۽ گڏجڻ صالحن سان ، ٿين جڏهن فوت .

نھ گُهر دنيا ۽ دولت ، تندرستي ،

نھ ٽارڻ بک ۽ ڏک جو يا ڪا شيءِ ٻي .

نھ چوء تون ، منهنجا مطلب ٿين حاصل ،

نھ گهُر هيءَ شيءِ يا هو ، شيءِ ، ٿي نھ جاهل .

خبر ڪهڙي تھ جيڪي تون گهرين ٿو ،

نفعو ان ۾ يا نقصان آهي تنهنجو ؟

يا جو ڏک ۽ مصيبت توتي آهي،

ڀلو تنهنجو انهيءَ مان رب ٿو چاهي .

تڏهن گُهر خير رب کان ، جي گهرين ڪِي ،

چڱائي تنهنجي ان ۾ سڀ اچي وئي .

رضا هر حال ۾ گهرجي قضا تي ،

۽ شڪوي ڌارا خوش هر وقت رهجي .

 

266.خدا ، گهڻائي ٿي سگهن ٿا

خدا سو آهي، جنهن تي ڀروسو هوئي ،

محبت جنهن سان ، ۽ جنهن مان نفعو هوئي .

نھ سي مومن، سڏائن جي مسلمان ،

جي هڪ الله تي تن جو نھ ايمان .

هوا ۽ حرص ٿيو الله تن جو ،

ائين آهي اصل قرآن پڻ چيو .

خدا ٻيو تن سندو، حاڪم جو خوف آهه ،

خدا ٽيو تن سندو، احسان هر گاهه .

۽ چوٿون زور پنهنجو وڌائي،

رکن ٿا ڀروسو جن تي سدائي .

تڏهن ڪيئن ٿيا اهي مومن مسلمان؟

خدا تن جو، حقيقت آهي شيطان .

 

267. دل جي ڪس ڪيئن لهي ؟

جي ڀانئين دل جي ڪس نڪري وڃي جلد ،

۽ ان ۾ نور ۽ جلوو ٿئي ظاهر.

تھ پڙهه قرآن ۽ ڪر موت کي ياد ،

۽ رهه نت وعظ جي مجلس ۾ حاضر .

حديثن ۾ اهو ئي حڪم آيو ،

تون  ڪر  ان تي عمل ۽ ٿي نھ قاصر .

 

268. مصيبت لڪائجي

 مصيبت جي شڪايت اَ ئين ڪريو ڪانھ ،

لڪايو ان کي تا ٿئي پاڻهي غائب .

ٻُڌي تو ڪين حضرت جي حديث ايءَ ؟

تھ ” ڪَنزُ العرش ڪِتمان ُ المصائب “[11].

 

269.اطاعت، عطا آهي

اطاعت جو ڪري ، ان لاءِ عطا آهه ،

جو نافرمان ٿئي، ان  لاءِ عصا[12] آهه .

ملي نعمت ٿِي صبر ۽ شڪر سان گڏ ،

سوا تن جي، مصيبت ۽ بلا آهه .

 

270.اکين سان زنا

ڍڪيو پنهنجن اکين کي دوستو ! اَئين ،

خدا جو حڪم قرآني ڪريو ڪَن .

”تَغُضّو ا“ آهي مِن اَبصارهِم“[13] اُتِ ،

ڇٽا سي، ڪنڌ جهڪايو واٽ ۾ جن .

زنا ڪن ٿا گهڻو ماڻهو اکين سان ،

نھ عضوي خاص سان ٿا ايترو ڪن .

زنا جي ڪن اکيون، تا شاهه جئن چيو :

”ڪڍي ڪانگن کي ڏيو تارا، منجهان تَن “

271 . نماڻائيءِ جي تعريف

دنيا جي بادشاهي ، رهزني آهه

فقير آهي جو صابر سو غني آهي .

ڌنارن کي ملي اڪثر نبوت،

غلامن ۽ غريبن کي ولايت .

طبيت جنهن بندي جي ٿي نماڻي ،

خدا وٽ ان جي عزّت ٿي شهاڻي .

شرف آدم جو ڏس ! خاڪ ۽ مَنِي ٿي ،

مُٺو ابليس کي جنهن، سا مَنِي[14] ٿي .

تواضع جو ڪري، ماڻي سو عزت ،

کڻي هٺ ۽ وڏائيءَ وارو ذلت .

 

272  .قطب جي وصف

قطب، آهي زماني پنهنجي جو شاهه،

۽ پڻ ابدال نت ان جو وزير آهه .

قطب، نائب رسول الله جو ٿيو ،

خدا جو ۽ نبيءَ جوسو  خليفو .

امام آهي مسلمانن جو سو پڻ ،

سو والي ملڪ جو ۽ پيشرو پڻ .

امام عادل جڏهن پيدا ٿئي ڪوئي ،

قطب آهي زماني جو اهوئي .

ڪتابن ۾  پڙهي ٿم ايءَ روايت ،

انهيءَ مان شل اوهان کي ٿئي هدايت !

 

273  .تقوى جي حقيقت

حقيقت آهي تقوى جي اها ئي ،

تھ جيڪا ڳالهه تنهنجي دل ۾ آئي .

سا هڪ هڪ گڏ ڪري ٿالهيءَ ۾ پائين ،

اُگهاڙيون سڀ مٿي تي تون اُٺائين .

لنگهين بازار مان ۽ ڏين تون هوڪو ،

ڏسي لنگهندڙ انهن سڀني کي هرڪو .

اچي توکي نھ هرگز شرم ان کان ،

نھ ڊپ تو کي رهي ڪنهن جو انهيءَ مان .

 

274  .نماز ، روزو ۽ صدقو

عبادت سان هلين ٿو تون خدا ڏي ،

۽ حق جو قرب حاصل ٿئي ٿو تو کي .

نماز اَڌَ واٽ تو کي طي ڪرائي ،

 ۽ روزو ، تو کي در تائين رسائي .

ڪرائي تو کي داخل گهر ۾ صدقو ،

انهن کي ڇو نھ تڏهين تون وٺين ٿو ؟

 

275 .  ولايت ۽ ولاَيت

ضروري شيخ جي لاءِ ٿي وِلايت ،

ضروري آهي پڻ اُن لاءِ ولاَيت ،

وِلايت آهي ذاتي يا وجودي ،

نه اُلفت خلق ڏانهن ٿئي ڪا وليءَ  جي،

سندس ۽ حق جي وچ ۾ معاملو ٿيو.

محبّت خاص جو سو واسطو ٿيو .

ولاَيت جو مگر ٿيو خلق سان ڪم،

ملي تعليم اَڻ ڄاڻن کي هردم.

طريقت، نت ولي جڳ کي بتائي ،

خدا تائين هوُ ماڻهن کي رسائي.

ولاَيت، مرشديءَ لاءِ ٿي ضروري،

سوا ان جي نه ٿئي پيري، مريدي.

روانو شيخ دنيا مان جڏهن ٿئي،

ولاَيت سو سموري پاڻ سان نئي.

مگر ٻئي کي وڃي ڏيئي وِلاَيت،

ته مسند تي رهي اُن جِي خلافت .

 

276  .مخلوق، ٽن قسمن جا

ڪيا مخلوق ٽن قسمن جا رحمان،

مَلَڪ، شيطان يا جِنِ ۽ ٽيا انسان .

ملائڪ خاص، خير ئي خير آهي،

نسورا شرَ ٿيا، شيطان ۽ جن.

مرڪّب خير ۽ شر مان ٿيو انسان.

ٻنهي جي جنگ جو ان ۾ ٿيو ميدان.

جي غالب خير ٿيو، مَلَڪن سان گهاري،

جي شر غالب، ته شيطانن کي ساري.

ڏکي منزل اتي انسان جي ٿي.

کٽِي ايءَ جنگ، يا هارائي اصلي.

ٻنهي پاسي بهشت ۽ دوزخ ان جي .

رهي ڄڻ باهه ۽ پاڻي جي وچ تي،

صراط المستقيم ان جِي گذر گاهه،

تکي ، سنهڙي، ڏکي آهي اها راهه،

امانت ان ڪري ورتائين حق کان.

ٿيو مخلوق اشرف ان سبب کان.

 

277  .حرڪت جا قسم

سڀئي حرڪتون ٽي قسم آهن،

طبيعي ۽ ارادي  ۽ به قَسري

طبيعي نت ڪشش ثقليءَ پٺيان ٿئي،

۽ قدرت سان ڇڪي هڪ شيءِ ٿي ٻيءَ کي.

چُري جيئن لوهه، چقمق ڏي ٿو پاڻهئي،

ڪرِي يا شيءِ مٿان ، ڌرتيءَ طرف ٿِي.

ارادي نت ٿئي خواهش پٺيان ٿي.

چري ان پاسي، جيڏي مرضي اَن جي،

هلي جيئن ساهه وارو تنهن طرف ٿو.

ارادو جنهن طرف جو هوء رکي ٿو.

۽ قسري سا، چُري جا ٻئي جي هٿ سان.

جو چوري ان کي، مرضيءَ پنهنجي پويان.

مثال ان جو ٿيو اڇلائڻ پهڻ ڪو.

مٿي يا هيٺ، جنهن پاسي وڻي ٿو.

 

278  .توڪّل جا قسم يا مرتبا

توڪّل جا اصل ٽي قسم آهن،

يا ان جا مرتبا پڻ ٽي ڪيا ڪنِ.

اَول، هوئي پاڻ ماڻهو ويٺو هڪ جاءِ،

وڪيل ان جو ڪري سڀ ڪم سندس لاءِ .

سو ان جو دوست ۽ قابل وڏو هو.

انهيءَ کي ڪم ڪرڻ لاءِ هو سدا چوءِ.

انهيءَ جو ڀروسو هن تي ڪمال آهه ،

توڪّل آهي هيءَ ۽ پڻ سوال آهه.

ٻيو سو، جنهن ۾ ماڻهو نا چوي ڪي،

ڪري خواهش ۽ پاڻهي ٿئي سا پوري.

ٻيو ان تي ڪري رحم ۽ شفقت ،

رهي هن نه ڳڻتي ان جي نسبت .

ٿوروئي کير جي لاءِ جيئن ننڍو ٻار،

پياري ماءَ کي کير ان کي ، ڪري پيار.

ٽيو درجو، توڪّل جو اهو اهه ،

ته ماڻهو پاڻ هوئي بي وس ۽ بي واهه.

نه چئي ڪي يا چرُي، هوئي صبر ۾ نت،

تعلق ٿو رکي ٻئي تي، رهي جت.

رهي غاسل[15] اڳيان جيئن مردو يڪجا،

توڪل جو اهو درجو ٿيو اعليٰ.

 

279  .هٺ ۽ وڏائيءَ جي شڪايت

حسن بصريءَ جي آهي هڪ حڪايت،

جنهين کي حق عطا ڪئي هئي ولايت .

شروع ۾ هٺ، وڏائيءَ جو هو خواهان،

چڱو هو پاڻ کي چوندو سڀن کان.

مگر آخر پشيماني ڏٺائين،

سزا پڻ بدگمانيءَ جي سٺائين.

چوي ٿو پاڻ، هڪڙي ڏينهن مون کي ،

نظر هڪ حبشي آيو هڪ نديءَ تي.

رکيل ڀر ۾ سندس هو هڪرو شيشو،

جنهين مان اُن ٿي هر هر پيالو پيتو.

سندس پاسي ۾ هئي هڪ زال ويٺل،

گمان ان ۾ڪيم بد، ساڻ اٽڪل ،

چيم دل ۾، ته نادان آهي هيءَ خر،

آهيان هر حال ۾ آءُ هن کان بهتر،

انهيءَ دم اَت نظر هڪ ٻيڙي آئي،

پئي اونڌي ٿي جهٽ پاڻيءَ ۾ سائي.

هئا ست ماڻهو ان ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ،

ڪريا پاڻيءَ ۾ ، ڪا تن کي نھ پئي ڪل .

ڏسي تن کي گهڙيو پاڻيءَ ۾ حبشي ،

ڪڍيا هڪ هڪ ڪري ڇهه تنهن اتي ئي .

نهاري مون ڏي پوءِ مون کي چيائين :

تھ هن هڪڙي کي گهلي ڪڍ تون سائين !

وهيو پاڻي نديءَ ۾ زور سان ٿي ،

هو ڪُن اُت، ڊپ گهڙڻ کان ٿيو ٿي مون کي .

ڏسي ڊڄندو مون کي ، ڪاهيائين ڪُن ۾،

ڪڍي آيس، وجهي هٿ پنهنجا ان ۾ .

چيائين پوءِ مون کي : اي حسن، واهه !

ڪرين ٿو بدگماني مون ۾ گمراهه !

شراب آهي نھ هن شيشي ۾ منهنجي،

هي پاڻي آهي، پيتو جو ڪ مون ٿي .

هي منهنجي ڀيڻ آهي، منهنجي ڀر ۾،

پرائي جيڪا ڄاتئي ، پنهنجي پَر ۾ .

مون ورتو تنهنجو پر هي امتحان آهه ،

تون ظاهربين، بد تنهنجو گمان آهه .

280  .اسراف جي حد

اجائي خرچ ۽ اِسراف جي حد ،

ٿي نيّت خير جي، حق ري نھ ٻيو غير.

سوا نيّت جي ٿِي هڪ پائي اسراف ،

لُٽائج گنج نيت ڪري سير .

نبيءَ ”لاخير في الاسِراف“[16] چيو گرچ ،

ائين پڻ آيو ”لااسراف في الخير “[17].

 

281  .جهڙو خيال تهڙو حال (انگريزيءَ تان)

جي ڀائيندين تھ آهيان جيتجِي ويو ،

تھ ويندين جيتجي، رک شڪ، نھ شبهو .

جي ڀائيندين تھ تو ۾ ناهي همّت ،

ڪنهين ڪم جي، تھ ڪندين سو نھ البت.

گهرين جي فتح، پر طاقت نھ سارين ،

تھ ڄاڻج پڪ، اها تون جنگ هارين .

جي ڪندين خيال، هارائيندس آئون ،

يقين ايندين ڀڄِي، موٽِي اتاهون .

رهي ٿي منحصر نت فتحمندي ،

مٿي ماڻهوءَ جي مرضي ۽ پسندي .

ٿيون شرطون هارجن اڳ هڪ قدم کان ،

ٿا ڊڄڻا نت بگاڙن ڪم شروع سان .

جي خيال اعلى، تھ تنهنجا ڪم بھ اعلى ،

جي ڪوتهه خيال، ڪوتهه ڪم بھ تنهنجا .

جي وسهين، تا ڪري سگهندين ، تھ ڪندين ،

تعلق، دل جي حالت تي تون رهندين .

جي درجي کان سمجهين پاڻ خارج ،

اڳئي نڪتل انهيءَ کان پاڻ سارج .

مٿي درجي کان ڄاڻين پاڻ جڏهين،

چڙهين درجي بدر جي نيٺ تڏهين .

رکين جڏهن پاڻ ۾ تون ڀروسو جام،

تڏهن سگهندين کٽي تون دوست ! انعام .

حياتيءَ جون کٽيندا سي نھ جنگيون ،

جي ڏاڍا ۽ تکا آهن اصل کئون .

ٿا ليڪن هت سگهو، چرڪو کٽن سي ،

کٽڻ جِي پاڻ ۾ پڪ ٿا رکن جي .

 

282  .واجب شيون

ٿِي توبهه خلق تي جيتوڻي واجب،
گناهن جو ڇڏڻ واجب ٿيو وڌ.
مصيبت ۾ اگرچ صبر سخت آهه،
وڃڻ سخت آهي پر آجران سندو وڌ.
عجب آهي زماني جي هي گردش!
عجب ماڻهن جي غفلت جو گهڻو وڌ!
لکيو قسمت جو بيشڪ آهي ويجهو،
مگر موت ان کان پڻ ويجهو ڏسو وڌ.

 

283.دنيا بابت نصيحت

ڏسين ٿو ڪين، ڪيئن گذرن ٿا ڏينهن  رات!
اسان جي راند ، ڳجهه ۾ ۽ عيان آهه.
نھ رغبت نعمتن دنيا جي تي ڪر،
وطن ناهي اُها، فاني مڪان آهه.
مرڻ کان  اڳ ڪري وٺ تون عمل نيڪ،
غلط ڀائن ۽ يارن جو گمان آهه.

 

284.شريعت، طريقت، حقيقت

حقيقت تان ڪري ٿو جيڪو سالڪ،
مقام ان جو طريقت پوءِ ٿئي ٿو.
شريعت تي اچي کوڙي ٿو سو پير،
طريقت تان وري جيڪو ڪِري ٿو.
مگر جيڪو شريعت تان ڪريل آهه،
اهو گمراهه ٿِي، هر هنڌ ڦِري ٿو.

 

285.استقامت، ڪشف ۽ ڪرامت کان بهتر

عجب، سالڪ جي لاءِ ٿي استقامت،

نھ مَٽ ان سان پوي ڪشف ۽ ڪرامت .

ڪري جو ڪشف پنهنجي جِي ٿو اُپٽار ،

انهيءَ جي ڪشف کي هڻ ڪفش[18] اي يار !

ڪرامت جي هڻي ٿو پنهنجي جو لاف ،

ٿو ڀونڪي، ڄڻ ڪتو آهي آُهو صاف .

ٿئي مشهور جو نيڪيءَ جي سانگي ،

اهو ٿيو سهڻو، ڪوڏ ۽ ٽوهه وانگي .

 

286.عمل ڪسبي، ۽ وهبي جي ڀيٽ

نماز ۽ فرض سڀ ڪسبي[19] عمل ٿيا ،

سماع[20] ۽ وجد[21] ، ٻئي وهبي[22] عمل ٿيا .

نتيجو بعضي ڪسبيءَ جو ٿئي وهبي ،

عنايت خاص بعضي وهبي ٿئي ٿي .

قبوليّت مگر وهبي جي پَڪَ آهه ،

۽ ڪسبيءَ جي قبوليّت جِي پڪ ناهه .

 

287.سيھ روئي، دنيا ۽ آخرت جي

دعا هر ڪو گهري ٿو تا خدا ، شل !

سيھ روئيءَ کان عقبى جا بچائي .

سزا دنيا جِي بهتر، آخرت کان ،

جو جسمي هلڪي، ۽ روحي ڳري ٿئي.

جنهين ڀوڳي گناهن جي سزا هِت ،

سزا کان ڇو نھ سو آزاد هُت هو ئي ؟

سيھ روُٿيا هِتي دنيا ۾ شيدي،

عذابن کان ڇُٽا سي آخرت جي .

288.نفس، عجب معجون

عجب معجون ٿيو نفس آدمي زاد،

جو اُن مان درد نڪري پڻ ۽درمان .

اُهو ظاهر بھ آهي ۽ ڳجهو پڻ،

آهو دشوار آهي پڻ ۽ آسان .

انهيءَ مان زهر قاتل  پڻ ٺهي ٿو،

انهيءَ مان پڻ ٺهي ٿو آب حيوان[23]

 

289. نفس کان نانگ بهتر

نصحٽ پيءُ جي مون کي ياد آهي ،

ڪري شل رب ّ رن جو روح مغفور !

چيئين، مر تون ڪُتي جي حڪم ۾ رهه ،

نھ رهه، پر نفس جي تون حڪم ۾ مور .

گهڻو مون آزمايو آهي ان کي ،

نبيّن ۽ وليّن جو سو دستور .

 

290.خدا جي پاڪائي ۽ وڏائي

مٿي، کان لامڪان ۽ هيٺ ، تاخاڪ ،

چوي هر ڪو ٿو ظاهر ”مَاعَر فَناڪَ“[24].

رُلياسين هر طرف جي، عيب ناهي ،

جو حيرت کان انڌو ٿيو عقل آهي .

رلائي سو اسان کي زير ، بالا ،

ڪڏهن لا[25] ڏي نئي ، ڪڏهن ڏانهن الا ّ[26].

گهڻو دل ڊوڙي ، آخر ان پروڙيو ،

تھ وچ ۾ لا ۽ الا ّ جي ’الف‘ هو .

شمار ان حرف جو جڏهين ڪيائين،

اَلِف[27] کي اَلفَ[28] جان تڏهين ڏٺائين .

ڏسي ڇا دل ڀلا ، جا منجهه حجاب آهه ؟

انڌائي اُن جي ، ان کان بي حساب آهه .

 

291. خدا جا احسان ۽ انهيءَ جي شڪر گذاري

اول توفيق ، ان جي سان مون ٻوليو ،

سخن پڻ ان جي نالي سان مون کوليو .

هزار احسان ڪيا توتي جي مولى ،

تھ حمد ۽ شڪر ٿيو هر وقت اولى .

 

292.ٻهر چور ، اندر ڀاءُ

عجب حال ، ابن يامين جو سراسر ،

ٻهر سو چور ۽ اندر برادر .

رکيئون ان وٽ جڏهن ٿي شاهه جو جام ،

چوڻ چور ان کي ٿيو تڏهن ڪئن برابر .

 

293.عاشق جي غيرت

جي هن جي عشق  ۾ آءٌ ناهيان محرم ،

ڏسان ڪيئن ٻئي کي هن سان گڏ ۽ همدم .

جڏهن ٿي پاڻ کان غيرت مون کي ئي ،

ڏسان ڪيئن وچ ۾ بيگانن جي ان کي .

 

294. مستي ۽ هستي

مرين جي پاڻ کان . ملندئي رهائي ،

ٿئي ميلاپ تنهن جي ايءُ جدائي .

تون جيسين جين، ڏسين ايءَ ظلم ، انڌپر ،

۽ وٺنئي هٿ ، رکين  جي جان تي پير .

اها مستي ۽ سڪ تو لاءِ عذاب آهه ،

اها هستي سند يئي، هن هنڌ حجاب آهه .

 

295. حسد ، خراب آهي

ڪري جيڪو حسد، آهي سو ٽيڏو ،

ڏسي جو اُبتو، رک ان کي تون معذور .

هجي ماکيءَ جِي تو کي آرزو جي ،

مکين جي ڏنگّ کان موڙج نھ منهن مور .

 

296.ملامت جو عشق تي اثر

ملامت کان وڌي ٿو عشق جو غم ،

وڌي پڻ عشق جو غوغا  ٿو هردم .

ملامت  کان رهي عاشق سلامت،

لهي ڪَٽ عشق جي ٿي سان ملامت .

ملامت، شوق جي شربت سندو ڍُڪ ،

ملامت، ڪاهلن جي لاءِ چهبڪ.

هلڻ ۾ جيڪڏهن، گهوڙو نھ ٿئي تيز ،

تکو ان کي ڪري چهبڪ ۽ مهميز .

297.  ُنور پري، سُور ويجهو

ملي هن مان اسان کي روشنائي ،

ٺهي ٿي ڪين ان سان آشنائي  .

پري هوئي نور، ويجهو سور ان مان ،

ٽپِي پئي باهه ۾ ڪيئن ڪو خوشيءَ مان ؟

 

298. محنت ۽ تڪليف دنيا ۾ ضروري آهي

تون هن ميدان ۾ ڄڻ گوءِ آهين ،

چُر ِين پاڻهئي تون ڪيئن، ڊوڙڻ جي چاهين ؟

وڃي چوگان جا ، ڪو وقت ، ڌڪ سهه ،

ڪرين جي ڪين  ايئن ، هڪ هنڌ پيو رهه .

 

299. پنهنجو ڏک، ٻين جو سک گهرجي

ٿيا آزاد جي دنيا ۾ خوشنود ،

وڻيو تن زيان پنهنجو، خلق جو سود .

هنر مند آهي واقف راز جو سو ،

هنر ٻئي جو ڏسي جو ، عيب پنهنجو .

حڪيم آهي ۽ دورانديش سو مرد ،

دوا جو خلق جِي ٿيو ، پانهنجو درد .

سو وڻ مضبوط ٿئي جو بارور ٿئي ،

لهي دولت ڪٿان ، جو بيخبر ٿئي ؟

 

300. ماڻهو خدا جو مظهر

عجب آهيم ايءُ اَي پاڪ جوهر !

تھ دامن خاڪي ڪيئن ٿي تنهنجو مظهر ؟

وڃي تنهنجي مٽي هڪ ڏينهن اڏامي ،

هَڄين تڏهن ڇو نھ اڄ ان لاءِ ۽ کامين ؟


[1]  ٻڌل ۽ سوگهو

[2]  زماني سان موافق

[3]  تقدير ۽ قضا سان مواقف

[4]  اهي ڪم، جن تي عمل ڪرڻ جو حڪم آهي

[5]  اهي ڪم، جن جي ڪرڻ کان منع ڪيل آهي.

[6]  الله جي رضا ۾ فاني

[7]  ولين جو قسم، سڏ ٻڌندڙ

[8]  ولين جو قسم، اهي عام طرح چاليهه چون ٿا ۽ مجذوب ۽ مست هوندا آهن.

[9]  پڇاڙي

[10]  شروعات

[11]  حديث: مصيبتن جو لڪائڻ، عرش جو خزانو آهي

[12]  لٺ

[13]  آيت ۾ اکين کي هيٺ ڪرڻ جو حڪم آهي

[14]  هٺ، وڏائي، تڪبر.

[15]  ميت کي غسل ڏيندڙ

[16]  حديث: اسراف ڪرڻ ۾ ڪو خير ناهي

[17]  حديث: خير جي ڪمن ۾ به اسراف چڱو ناهي.

[18]  موچڙو

[19]  محبت سان حاصل ٿيل

[20]  روحاني راڳ

[21]  حال جو طاري ٿيڻ۽ ڪن رازن جوکلڻ

[22]  بنا ڪسب جي خدا وٽان عطا ٿيل

[23]  زندگيءَ جو پاڻي، جنهن جي ڳولا سڪندر ۽ خضر ڪئي هئي.

[24]  حديث: تنهنجي معرفت جو جيڪو حق آهي اهو مون کان ادا نه ٿيو آهي

[25]  نفي

[26]  اثبات.

[27]  حرف

[28]  هزار

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org