سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :13

 

(2) بحر رمل مخبون مثمن

وزن- فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلات

 

85.  عشق ۽ حسن جو جهيڙو (مسدّس)

(1) عشق چيو حسن کي هڪ ڏينهن ته اي حسن ادا !

تنهنجي تعريف، سبب ڪهڙي ڪري جڳ ٿو سدا ؟

توتي پئي موهجي هر ملڪ ۾ ٿو شاهه گدا،

ڪو چوي حسن، خداداد، ڪو چئي شان خدا !

پر ٿيس تنهنجو خريدار آءُ ، رک منهنجو ادب،

تنهنجي تعريف ۽ عزت ٿي مڙئي منهنجي سبب.

(2) تو کان وڌ تو کان اڳي ملڪ ۾ آءُ  هُس مشهور،

ساري خلقت جو سبب مون کي چوڻ گهرجي ضرور،

عشق نالو آهي منهنجو، رهان آءُ حق  جي حضور ،

حڪم منهنجو ٿو هلي جڳ مٿي، نزديڪ ۽ دور،

نه هجان آءُ ته هجي ڪنهن ۾ نه ڪو هوش حواس،

سارو عالم ٿي وڃي مون بنا هڪ لحظي ۾ ناس.

(3) مڙس کي زال جي مسند تي وهاريان ٿو آءُ ،

پيءَ کي منهن پٽ جو گهڻي  سڪ مان ڏيکاريان ٿو آءُ

ماءُ جي هنج ۾ ٻچا ٻار سمهاريان ٿو آءُ ،

ڀاءُ کي ڀاءُ سان ملڻ لاءِ اٿاريان ٿو آءَ ،

نه هجي جڳ ۾ وڌِل منهنجو پيار ۽ الفت ،

ته زماني جي عجب  جهڙي هجي هُند حالت.

(4) وصف منهنجي آهي قرآن ۾ حبَّا للهّٰ ،

قول ٿيا منهنجي ڀلائيءَ تي حڪيمن جا گواهه .

حق کي پهچايان وڃي، جيڪو وٺي منهنجي پناهه ،

منهنجا طالب ٿيا سڀئي شيخ، حقيقت آگاهه ،

پيروي منهنجي جي ڪن، رهن سدائين مقبول ،

جي ڀڄن مون کان، رهن غم ۾ گرفتار۽ ملول .

(5) منهنجي واپار ۾ نقصان به ڄڻ  آهي سود

منهنجو غم جنهن کي رهي، سو رهي خوش ۽ آسود ،

نل دمن، وامق و عذرا جا مثل ٿيا موجود ،

ليليٰ ۽ مجنون به آهن ۽ اياز ۽ محمود ،

عشق جي واٽ ۾ نت موت عذاب آهي عيد ،

ڇو ته ” من مات منِ َ العشق فقد مات شهيد“.

(6) منهنجا جڳ ساري ٻڏا هوندا عجب قصّا هزار ،

هيڏي سسئي پنهون ٿيا، هوڏي ٿيا سهڻي ميهار ،

هير رانجهوءَ کي ڪريان مومل  راڻي سان شمار ،

يا عمر ماروئي، يوسف ۽ زليخا جي پڇار ،

عشق آَلله سان واصل ڪري ‘ ايئن حق ٿو ڇئي ،

ٿئي شروع پهرين مجازيءَ  مان حقيقي ٿيو پئي.

(7) گرچه اي حسن ! وڻي تنهنجو ٿو سڀني کي جمال ،

بي بقا آهين تون جلدي ٿو اچي تو تي زوال ،

سڀڪو چئي: ’حسن جوانيءَ آهي فاني‘ جي مثال،

غيرفاني آهيان آءُ ، باقي رهي منهنجو ڪمال ،

چار ڏينهن چنڊ جان چٽڪو آهي تنهنجو مشهور،

ٿو رهي منهنجو ازل کان به آبد تائين ظهور.

(8) هيءَ ٻڌي عشق جي گفتار، چيو حسن ته واهه !

پاڻ کي ڇو ٿو پڏائين، ڇو ٻين مان ڪڍين لاهه ؟

وصف منهنجي جي ٻڌين، سڀ ڪرين قصا ڪوتاهه ،

عشق انڌو آهي مشهور، لَکين ڪيئين گمراهه ،

حسن حيرت ۾ وجهي، عشق ڪري خانا خراب .

تنهنجو اسباب شراب آهي، ڪباب آهي رباب .

(9) منهنجي دعويٰ جي گهرين جي تون ڪا حجت ۽ دليل ،

ڏس ! تون قرآن ۾ ، فرمائي ٿو ڇا رّب جليل ؟

چئي”وَلَو اَعجَبَڪَ حُسن[1] “ ، اشارو سو اصيل،

”اَحسَن َ الله صُوَر[2] “ جهڙي ٻي حجّت ٿي قليل،

منهنجي تعريف ۾ ناطق آهي جت ڪٿ قرآن،

قَال َ فَي اَحسَن تَقو ِيم خَلَقناالاِ نسَان“[3].

(10) ۽ حديثن ۾ بھ حضرت آهي ڪئي وصف سدا،

اُت لِکيل ”اَنظُز اِلى وَجه ِ جَمِيل“[4] آهي صفا،

”حبُّک الشّي سان يَعمي ويُصمُ“[5] بڙهه تون ادا !

قُرَّته العَين[6] صفت حسن جي پڻ آهي جدا،

آهي الله جَميل[7] ۽ بھ يُحب ّ آهي جمال،

ان سوا نڪتا هزارين ٿيا منجهه قيل ۽ قال .

(11) سارو جڳ ڄاڻي ٿو، محمود جو ٻانهو هو اياز،

بادشاهن ۾ بھ محمود هو سڀ کان ممتاز،

ٻانهي کي چاڙهي مٿي، شاهه جو مون ڪيو دمساز،

شاهه کي لاهي ، تو ٻانهي جو اچي ڪيو همراز،

ڪن کي مظلوم‎ ۽محتاج ڪيئي ديوانو ،

ڪن کي مقتول۽ بدنام ڪيئي بيگانو .

(12) تو تھ ليليٰ جي لاءِ مجنونءَ کي رلائي ڪيو خراب،

تو تھ فرهاد کي شيرين جي لاءِ ڪيو بيتاب ،

تو تھ يوسف جي ڪري لاٿو زليخا جو حجاب،

تو تھ ڪيو قيد زليخا جي ۾ يوسف کي شتاب،

هوڏي يعقوب کي يوسف جي ڪيئي غم ۾ ڪور،

واهه ڙي عشق! عجب تنهنجي زبردستيءَ ۽ زو!

(13) مَر مجازي تون هجين، يا هوئين حقيقي تون ڀلي!

تنهنجي چنبي ۾ گرفتار ٿيا غوث ولي،

شيخ صنعان[8] کي ڏيکاريئي مصيبت جي ڳلي،

شيخ منصور کي سوريءَ تي چڙهايو تو هلي ،

ظلم تنهنجي کان نھ انسان، نھ حيوان ڇُٽا،

‎‎‎‎‎‎گل تي بلبل ڪيئي ۽ شمع تي پروانو فدا .

(14) حب َّ، اُلفت ۽ محبت آهي نت چيز چڱي،

پر وڌي جڏهن وڃي حد کان، تڏهن بد چئبي،

نانءُ افراط محبت جو ٿيو عشق اچي،

آهي اِفراط[9] ۽ تفريط[10] وڏو عيب سچي ،

عشق کي مرض ۽بيماري چون سڀ ٿا طبيب،

حسن صحّت جي نشاني، آهي نعمت سا عجيب .

(15) عشق وارن کي ڌ ِڪي هرڪو ،مَٿِن پئي لعنت ،

حسن وارن کي گهري هرڪو، ملي تن عزت،

انبيا، اوليا ڪن عشق کان هردم نفرت،

رند، شاعر ۽ شرابيءَ کي انهيءَ جي اُلفت،

  حسن ري عشق ڪڏهن ڪين ٿئي ها پيدا،

ڪنهين بدشڪل تي ڪو ڪڏهن ٿئي ٿو شيدا؟

(16) حسن يوسف جي بنا، عشق زليخا جو ڪٿي؟

حسن بلقيس جو موهيو هو سليمان ئي کي،

حسن صنعت ۾ بھ خالق جي ٿو هر هنڌ ڏسجي،

حُورون پريون ٿيون مشهور بھ سڀ حسن ڪري،

حسن ڪشمير جو ۽ چين چَڱَل جو مشهور ،

حسن صورت جو ۽ سيرت جو ٻئي ٿيا منظور .

(17) عشق جڏهين ٻڌي هيءَ حسن سندي سڀ تقرير،

لاجوابيءَ کان رهيو ماٺ ۽ غم ۾ دلگير،

حسن جي جوش کان بيهوش ٿيو حيران حقير،

نھ سگهيو تاب جهلي حسن جو، ٿيو بي تدبير،

اوچتو آيو ”قليچ“ اُت، ڏٺئين تن کي غمگين،

تن بھ تڪرار ۾ پنهنجي ڪيو کڻي تنهن کي امين .

(18) عشق ۽ حسن ٻنهي ، ان کي ڏنو سڀ احوال،

حجّتون پنهنجون ٻڌايون ٻنهي تنهن کي في الحال،

اُن بھ پرچايو ٻنهي کي، چيئين ڇڏيو قيل مقال،

ٻئي آهيو لازم ملزوم ۽ هڪٻئي جو ڪمال،

ٻئي چڱا آهيو، سڃاڻو جي اوهين پنهنجو مقام،

صلح ۾ گڏجي گذاريو تھ رهو خوش آئين مدام.

 

86.خدا سڀ جو ساٿي

دوستي، دشمني ماڻهن جي آهي مطلب لاءِ،

جنهن جو ڪو ڪو نه ٻيو آهي، آهي ان جو خدا.

ري خدا ناهي ڪو  ئي ساٿي مصيبت جي وقت ،

پنهنجو پاڇو به اونداهيءَ ۾ ڏسو ٿئي ٿو جدا !

 

87.  ايمان جي استقامت

تير، تلوار، تبر، نيزا ۽ خنجر ڪڙڪن ،

زهر خون، باهه، مصيبت ڀلي هر هر ڪڙڪن ،

اُڀ مان وڄ ڪڙڪي ۽ ڏونگر مان جي پٿر ڪڙڪن ،

ساري دنيا جون بلائون کڻي بَرسَر ڪڙڪن،

جيڪا پوڻي هجي پئي، رنج مصيبت مون تي ،

پر جي ايمان چُري منهنجو، ته لعنت مون تي !

 

88.  دل جو درد

درد دل جي کان نه فرياد جي طاقت مون کي ،

پيو جلان هاءِ، آهي صبر نهايت مون کي ،

رحم ڪر رحم ! متان نڪري وڃي منهنجو ساهه ،

هجر ۾ تنهنجي اچي پهتي قيامت مون کي ،

 

89.  بادشاهه کي دعا

تنهنجي اقبال جو اڄ نور ته گهر گهر چمڪي !

تاج شاهي به سدا تو کي هي برسر چمڪي !

شل هجين روز قيامت تائين  خورسند و حيات !

عدل انصاف تنهنجو ملڪ جي اندر چمڪي !

 

90.  دل جي وصف

سينو هيءُ آهي اُهو جو ڪ وفا جو گهر آهه ،

ڪعبو هيءَ آهي، جو نت صدق صفا جو گهر آهه .

ناهي شيشو ۽ نه پٿر ۽ نه تصوير ڪا هيءَ ،

دل نه ڀڃ منهنجي، اي ظالم ! هي خدا جو گهر آهه !

 

91.  سچن مريدن جا نشان

هڪڙي ڏينهن پنهنجي مريدن سان يسوع ڪيو هي بيان :

منهنجي پونيان جو اچڻ جو هجي ماڻهو خواهان ،

تنهن کي گهرجي ته اول نفس کي پنهنجي ماري ،

خيال دنيا جا سڀئي دل منجهان پنهنجي ٽاري ،

رکي خاوند سان محبت ، ڇڏي ڪوڙي دنيا ،

پاڻ سان پنهنجو صليب[11] آڻي، ڪري پاڻ فدا .

ڏاکڙا ڏک سهي سو، پنهنجو ڪري سر قربان ،

سڀ ڇڏي وهم، ڏئي منهنجي نصيحت تي ڌيان.

فڪر پونين جو ڪري ڪو نه، ڇڏي جي مائٽ ،

ڪم ڌڻي ايندو انهيءَ کي ۽ نه ايندا سي مِٽ،

ڇڏي گهر گهاٽ اچي مون ڏي، جو مون کي گهر ناهه ،

۽ لڪائڻ به مٿي جي نه منکي جاءِ ڪا آهه ،

لومڙيون ٻِرَ ٿيون رکن ۽ به پکي آکيرا ،

خوش رهن سڀ سي اُتي، پر نه منکي منزل ڪا.

منهنجي پونيان جو اچي، ڌيان ڇڏي سو پُٺ جو ،

دفن مردن کي ڪندا مُردا، ڪري فڪر نه ڪو،

جيڪو واجهائيندو پُٺ تي، سو نه مون سان شامل ،

بادشاهت ۾ نه خاوند جي ٿيندو داخل .

 

92.  چار عجيب شيون (نظام الملڪ)

چار آهن ڪي شيون، پهڻ ۾ جي جمع ٿين ،

لعل ياقوت ٿئي پهڻ سو، مر سخت هجي .

طبع هوئي پاڪ چڱي، ۽ چڱو هوئي اصل ۽ نسل ،

ذهن لائق هجي، تعليم چڱي ان کي ملي .

هي سڀئي وصفون ڪيون مون ۾ خدا آڻي گڏ ،

تربيت پر ۽ مدد تنهنجي فقط ٿي گهرجي .

 

93.  سچا سالڪ

سج جان سالڪ ٿا ڏين نور سڄو ڏينهن نروار ،

چنڊ ۽ تارن جان سڄي رات رهن ٿا بيدار .

ڪيميا گر جان، مٽيءَ جي کڻي لَپَ ڪن سي سونُ ،

رات جو پوکي، لڻن ڪڻڪ صبح جو انبار.

جي ٿيڻ ماڻهو گهرو، تن جي ڪريو خدمت ائين ،

آدمي سي ٿيا، آهن ٻيا سڀئي آدمخوار .

 

94. سلمان جو بديهه قطعو شمع جي ٿالهيءَ بابت

آءٌ ۽ شمع ٻئي آهيون سدا سوختھ دل،

رات جو هوءُ جلي ۽ ڏينهن جو نت آءُ جلان.

شمع ويچاري وئي رات سڄي ساري سڙي،

جي وئي ٿالهي، تھ اڄ آءُ بھ سڙان ان جي پٺيان .

 

95.نيڪي بدي پنهنجي اختيار

مسئلي جبر[12] ۽ اختيار جي ۾ ٿي مجبور،

پاڻ کي نيڪي بديءَ ۾ ڪيو مختار اسان .

آهي بخشش جي طلبگار سدائين رحمت ،

پاڻ کي ڪيو انهيءَ خواهش ۾ گنهگار اسان .

 

96. ڏکئي کي اصل خوشي ڪانهي

صبح جو هير ٿڌيءَ کان ٿو ڦٽيل ٿئي بيزار،

ڪپڙو ريشم جو سنهو پڻ آهي بيمار تي بار .

ڊپ ۽ ڳڻتيءَ ۾ آهي راڳ مٺو چِٻَ جي پڪار،

درد ۽ غم ۾ بھ  مصري ٿي اچي زهر شمار .

جو بکيو آهي ڏکيو، موتي، ڀتر ان کي نِڪار،

جو ڀُليو آهي رُليو، گل لڳي ان کي، جيئن خار .

 

97. توبهه

جان جي جامي جو صابڻ آهي عمدو توبهه ،

ڏ ِئي ايمان جي لاءِ تيل عجب ٿيو توبهه .

جان ۽ تَن تان سدا آهي گنهگارن جي،

پاڻي ڪارنهن جي گناهن جي لهڻ جو توبهه .

 

98.عشق جي غلط فهمي (صنعت تجاهل العارف)

چنڊ تي مُشڪ پکيڙي، ٿو سڏين تنهن کي شب،

گل جي پن َ تي وجهي شڪّر، ٿو سڏين تنهن کي لب .

چَپ چٻاڙين ٿو ڏندن سان ، سڏين چپ کي ٿو کجور ،

ڏند منهنجا نھ چٻڻ لاءِ وٺين ڪهڙي سبب؟

مُنهن کي پنهنجي ٿو سڏين سج، مگر ائين ناهي درست،

ايئن چوڻ سان تون ڏيکارين ٿو سڄڻ ! حسن ادب .

 

99.ايضا

 مُشڪ ۾ چنڊ ڍڪي، چئين ٿو انهيءَ کي رخسار ،

مصري، پستن مان ڪڍي چئين ٿو انهيءَ کي گفتار .

پهڻ سيني ۾ لڪائي، ٿو سڏين ان کي دل ،

سَرو َ کي چوري اڳي، چئين ٿو انهيءَ کي رفتار .

 

100. آءٌ تون، ۽ تون آءٌ ٿيڻ جو اثر

مون چيو مانس تھ ڇا ٿئي، جي پوين تون، آءٌ ٿي؟

چيائين: آءٌ، تون ٿي  پوان،جي تون سگهين ٿي، آءٌ ڀي؟

آءٌ ٿيان تون جي کڻي ، تون ٿي وڃين خود نابود،

پر جي تون ٿي پوين آءٌ، تھ وڃي ڪين مري .

 

101.عشق جي وادي

 عشق جي وادي، جتي ڌارا  اڃين ٻيو ناياب[13]،

رت  سان هوئي تشنھ لبن جي جنهجي واري سيراب .

جي اچين، لاهي سسي رک، يا هليو وڃ، جو اَتي ،

مغز ڏاهن جي ڪڍن ڪانگ، جگر تن جو عقاب .

 

102. ظلم تي ظلم

دل ۾ منهنجي هنيئي خنجر چِڙي، غم ناهي مگر ،

ناز مان ٻئي ڏي نهارڻ ٿيو هڻڻ ٻيو خنجر .

ڪُهي مون کي ۽ هٿان ٻئي جي پيڻ پيالو آهه ،

ڪري عاشق کي شهيد، اُن جو پيڻ خون جگر .

 

103.شِرڪ جا قسم

شرڪ جا قسم ٿيا ٽي، جي ٻڌايان تو کي،

تا نھ مُشرڪ[14] ٿين ۽ پَئين يار! مُوحّد[15] بنجي .

لاشريڪ آهي خدا، تنهن سان ڪرڻ ٻئي کي شريڪ ،

امر[16] ۽ خلق ۾ عالم جي، ٿيو شرڪ[17] جلي .

ان سوا غير تي ، يعني مٿي مخلوق رکڻ ،

ڪشش ۽رزق جي لاءِ ڀروسو، ٿيو شرڪ[18] خفي .

ڪسب[19] ۽ حيلي تي ۽ قوت پنهنجي تي رکڻ  ،

شرڪ[20] اخفي ٿيو ڪامل، ڪي وڃن ان کان بچي.

ٿا رکن حق تي توڪّل ۽ نه ڪن ٻئي کي سوال ،

بک ۾ ۽ ڏک ۾ ڪرڻ صبر، رياضت ٿي وڏي.

معرفت آهي، سڀئي نعمتون حق کان ڄاڻڻ ،

شڪر آهي اهو، هو صبر، جي ڪن حق جا ولي.

 

104. رضا ۽ قضا تي ڪيئن راضي ٿجي ؟

راضي رهه حق جي رضا تي ۽ قضا تي تون ايئن،

غسل ڏيندڙ جي هٿن ۾ ٿو رهي ميّت جيئن .

يا ٿو دائيءَ جي هٿن ۾ رهي ڪو کير پياڪ ،

يا ته جئن گوءِ ٿي چوگان اڳيان سوار جي تئين؛

آهي مشهور مثل : مرده[21] بدست زنده .

حڪم مالڪ جي کان، گردن ڪڍي ڪو ٻانهو ڪيئن ؟

 

105. امر ۽ اذن جي وچ ۾ فرق

امر ۽ اذن ۾ ٻڌ فرق، چوان آءٌ تو کي،

امر ٿيو حڪم، ۽ اذن آهي اجازت اي ادا !

امر  ۾ آهي طلب، يعني ڪوئي فرمودو ،

ڪم ڪرڻ، سو ٿيو جواب ان جو، نه ٿيو جي، تھ خطا .

اذن ۾ ناهي طلب، روڪ ٿي لاهڻ پاڻهئي،

پوءِ مباح آهي ڪرڻ، يا نھ ڪرڻ ، ٻئي ٿيا روا .

مرتبو اذن جو ان لاءِ ٿيو امر کان گهٽ،

اذن قوّت ڏئي، ڪم امر ڪرائي جئن قضا .

 

106.اوليائن جا درجا

نفس مارين ۽ هوا حرص ڇڏين ، ٿين تون ولي،

جي ڇڏين فعل ۽ ارادو، پوين ابدال تون ٿي .

جي تصرّف ڪرين ۽ حڪم هلائين، منجهه خلق ،

امر حق جي سان، تھ پوءِ غوث چون تو کي سڀئي .

 

107. هفت آندام جي سنڀال

سُتني عضون جو سنڀالڻ ٿيو طريقت ۾ ضرور ،

کان گناهن، جو ٿيو حِفظ سندو هفت اندام.

اکيون ۽ ڪن ۽ زبان آهي ۽ پڻ هٿ ۽ پير،

پيٽ ۽ فرج سڀن بعد، ستئي ٿيا سي تمام .

جئن چوي جامي تھ ڪر بند اکيون ڪن ۽ چپ،

عجب اسرار ڏسين جي نھ، تھ کِلُ مون تي مدام!

 

108. ماٺ جي تعريف

ماٺ آهي مُنڍ ۽ آهي پڇاڙي نت ڪلام،

ابتدا ٿي بي زباني، انتها نُطق آهي عام .

جي ٿيڻ ڪمال گهرين ۽ معرفت ۾ معتبر،

بند رک پنهنجي زبان ۽ اصل گم ڪر پنهنجو نام .

109.هٺ جي شڪايت

ابتدا تنهنجو ٿيو، نُطفي جو هڪ قطرو پليد،

انتها ٿيو، ڍونڍ ۽ مردار تنهنجو اي ادا !

پوءِ ڪرين دنيا ۾ ڇو هيڏو تڪبر ۽ غرور ؟

ڇڏ هَوَس ۽ حرص، سان نياز ۽ تواضع رهه سدا .

 

110.حياتي ۽ ٻي نعمت اُڌاري مليل

تندرستي ۽ حياتي ۽ سڀئي ٻي نعمت ،

ٿي مليل تو کي اڌاري ۽ امانت وانگي .

رک امانت سا سلامت ۽ سنڀالي ڪم آڻ،

نھ تھ هلت تُنهنجي سهي ڳڻجي خيانت وانگي .

ڪر خدا ياد ۽ ڊڄ ان کان تھ نت جيئرو رهين،

ڪم هلي سڀ تنهنجو دنيا ۾ ديانت وانگي .

 

111.زهد جا مخالف قسم

حضرت عيسى کي جڏهن ايندي هئي ڪا خوشبو ،

بند نڪ پنهنجو ڪندو هو ۽ بھ هيئن چوندو  هو:

تھ هي دنيا جي آهي باس، آءٌ ان جو تارڪ ،

زهد ۽ ترڪ ۾ باريڪ نظر رکندو هو .

تيئن مجرّد[22] رهي، ڪو ڪو نھ رکيئين آل عيال،

ظاهري پڻ نھ نمازون هو ڪڏهن نھ پڙهندو هو .

پر هيون ٽيئي اسان جي تھ نبيءَ کي سي پسند[23] [24]

حڪم حق جو هو، اهو ان تي عمل ڪندو هو .

زهد پهر ئين مان ٿي ظاهر اچي رهبانيّت ،

زهد ٻيو ان جو مخالف ٿي سدا رهندو هو .

 

112.بابخت ۽ بي بخت

بخت تنهنجو جي هجي زور ۽ طالع غالب،

جيڪو مقصود هجي تنهنجو، ميّسر سو ٿئي .

نھ تھ بنا بخت جي تون پاڻ کي ڪر ڪين هلاڪ،

ڇو تھ جي بحر ڏي ويندين تھ سُڪي بَر سو ٿئي .


[1]  آيت ڏانهن اشارو

[2]  الله سهڻين صورتن جو خالق آهي. ان آيت جو مخفف

[3]  آيت تحقيق انسان کي سهڻي نموني ۾ خلقيو ويو آهي شعري ضرورت ڪري آيت جو اڳيون حصو پوءِ بيان ڪيو ويو آهي

[4]  حديث موضوع آهي ڏس سهڻي منهن ڏانهن

[5]  عربي قول ڪنهن شي جي حب، انڌو ۽ ٻوڙو ڪري ٿي

[6]  اکين جو ٺار

[7]  عربي قول- الله سهڻو آهي ۽ سهڻائيءَ کي پسند ڪري ٿو.

[8]  شيخ صنعان، مجازي عشق ۾ مبتلا ٿي، هڪ مسيحي ڇوڪريءَ جي سوئرن کي چاريندو هو.

[9]  وڌاءُ

[10]  گهٽتائي، ڪمي

[11]  مسيحي ماڻهن جو اُهو نشان، جو عيسيٰ عليه السلام جي ڦاسيءَ واري ڪاٺيءَ وانگر آهي، جنهن جي صورت هيءَ آهي

[12]  علم ڪلام جو مسئلو ته انسان عملن ڪندي مجبور آهي يا مختار

[13]  اڻلڀ

[14]  شريڪ ڪندڙ

[15]  توحيد وارو

[16]  علم ٻه آهن، هڪ علم امر جو ٻيو خلق جو

[17]  چٽو شرڪ

[18]  لڪل شرڪ

[19]  هنر

[20]  تمام لڪل شرڪ

[21]  ڄڻ مئو جيئري جي هٿ ۾

[22]  اڪيلو، شاديءَ کان سواءِ

[23]  حديث: حبب الي من دنيا کم ثلث الطيب والنساء و حعلت قُرة عيني في الصلوات

[24]  اوهان جي دنيا مان فقط ٽي شيون پسند آهن عورتون، خوشبوءِ ۽ نماز، جا منهنجي اکين جو ٺار آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org