301.آدميءَ جي دل، خدا جو مظهر
ڄمي لالا مٽيءَ مان هاڻي ۽ گل ،
ڪري دانهون اتي ويچاري بلبل .
اچن معشوق نڪري، لاهي برقعو ،
پوي پوءِ عاشقن جو تن تي غُلغل .
302.هڪڙي کان هزار ۽ لک ٿا نڪرن
رکيائون تو اڳيان تختِي سندي خاڪ ،
ڪرين ڳاڻيٽو هر دم پنهنجو تا پاڪ .
جڏهن هڪڙو بچي تختيءَ تي تنهنجي ،
شمار ان جو هزار ۽ لک ٿو نڪري .
اصل ٿيو ڪافي ’هڪ‘ سڀني مان تو کي ،
نھ ڪافي سڀ ٿين هڪڙي کان تو کي .
303.ٽيڏي جي ڳالهه۽ نصيحت
هو هڪ استاد وٽ شاگرد ٽيڏو ،
انهيءَ کي هن روانو ڪنهن طرف ڪيو .
چينس، هُت هڪڙو شيشو گِهه جو آهي ،
سگهو وڃ ، اَڻ سو جاري مان لاهي .
جڏهن شاگرد ات ويو ، تڏهن ڏٺائين ،
رکيل شيشا ٻھ، آيو موٽي ، چيائين :
تھ سائين ! هت ٻھ شيشا ٿيا، ڪريان ڇا؟
چيس استاد ڪاوڙجي ؛ اي انڌا !
کڻي هڪڙي کي ڀڃ ۽ پيو کڻي اچ،
ويو شاگرد، جنهن سمجهو ٿي سڀ سچ .
ڀڳئين هڪڙو تھ ٻيو پڻ ٿي ويو گم،
هٿين خالي وريو ، ٿِي سچ تي محڪم .
بنا پنهنجي، جي ڪا شئي تون بھ ڏسندين ،
تھ اُن ٽيڏي جان پنهنجو حال پسندين .
تون جيڪا شيءِ ڏسين ٿو ، آهين سا تون ،
مگر ڄاڻين نھ غلطيءَ کان اها تون .
جڏهن غفلت جو پردو تو اڳيان آهه ،
تڏهن هڪ گهٽ ، هزار ۽ لک ڪنان آهه .
جي صورت سان رکين گڏ نيڪ سيرت ،
تھ ٽيڏائي وڃئي ، پائين بصيرت .
وڃي ٿو تير ڏنگو سينڱ مان ڇو ؟
اصل وَرُ ان اندر هو ، ٿِي ٻَهَر پيو .
هجي هاڪين اک تنهنجي جي ٽيڏي،
و ِٿِي آخر ، اول جِي هئي نھ ايڏي .
ڪچو ڪم پنهنجو ٿيو آهي خوديءَ کان،
هو نھ تھ ظاهر ۽ باطن پنهنجو يڪسان .
تون جڳ جو مغز آهين، کَل ڇڏي ڏي ،
نظر کان رک خيالي ليڪ پاسي .
آهي ڇا آءٌ ۽ تون ، هي ۽ هو ڇا؟
سو ا هڪ نور جي ڪي ناهي هر جا .
هجي اک تنهنجي ۾ جي روشنائي ،
تھ آءٌ ، تون جِي هجي ٻولي اجائي .
304.تون ئي هر حال ۾ مقصود
پکي آءٌ سو نھ ، جو ڦاسان آءٌ منجهه دام،
نھ اهڙو بحر، جو ڪَکُ ڏئيم آرام.
نھ آهيان واءُ ، جو هر طرف ڪاهيان،
ڪڪر ناهيان ،جو هر هند مينهن وسايان .
مٽي ناهيان ، پوان جو هيٺ پيرن ،
نه پاڻي آهيان ، ڊوڙان ڏانهن رستن .
وڃان مشرق يا مغرب ، تون ئي مقصود ،
مڙهيءَ ۾ ، توڙي مسجد ۾ تون معبود .
305. عشق جو پابند
جڏهن تون عشق جو پابند آهين ،
هليو وڃ ، ڊڄ نه کان هيٺ ۽ مٿانهين ،
اِئين هل ، جيئن دو جڳ کان ٿين تون عاري ،
گذارين عشق ري جي ، ٿين تون ناري .
306. نادانيءَ کي دانائي ڄاڻڻ
علاقن هيترن سان ٻُڌ تون اي جوان !
لنگهڻ هن واٽ تان آهي نه آسان ،
تون نادانيءَ کي دانائي ٿو ڄاڻين ،
ٿي جاهل ، علم جو ڪيئن مانُ ماڻين ؟
.307جان
، آب ، حيوان واري
وڃي اي جان ، من ! ڪا جان تون ڳول ،
ٿي بيدل ، بيسرو سامان تون ڳول ،
نه ٽُڪ هرڪو ٽَڪَر ، گهرجئي جي ٿِي زر ،
مُنڊي شاهيءَ جِي آهي ديوَ جي هٿ ،
سليماني وڃي سلطان! تون ڳول .
308. محبّت جو ڪمال
خبر ناهي ، ڏٺو ڇا آهي بلبل ؟
جو دانهون پئي ڪري غم ۾ سندي گل ،
ڏسي سڄ ، ڇو سدا خوش ترورا ٿِين ؟
جو ساري عمر سر گشتا گذارين .
309. قطري ۽ بحر جي نسبت
سمنڊ کان ڌار اي قطرا ! گذارين ،
ڪناري تي سدا چمڪين ۽ گهارين ،
سمنڊ جي لهر نئي توکي جي گهلي ،
نشان ۽ نالو تنهنجو ڪو نه ٻڌجي .
310. ذرو ، سج کان روشن
مٽي ، پاڻيءَ جي وچ ۾ واءُ مايو ،
۽ وچ مان رات ڏينهن جي صبح ڄايو ،
اونداهيءَ ، روشنيءَ جي وچ ۾ تون ڏس ،
ته ذرّو ، سج کان وڌ پڻ روشن آيو .
311. پاڻ کي وساري ، ٻين جي سنڀال ڪر
جي مرد آهين ته ڇڏ پنهنجو پيالو ،
نه ڏئي توکي زمانو ڪو نوالو ،
مٿو پيالو ، شڪم ٿيو ديڳ تُنهنجي،
نه رک ان ديڳ ۽ پيالي جي ڳڻتي ،
سوين ، هر لقمي تنهنجي ۾ ٿيا حقدار ،
ٻين جي پڻ ادا ! تون ڪا نظر ڌار.
312. حيرت ، وهم ۽ خيال
رهان ڳڻتين ۾ سر گردان ، چوان ڇا ؟
چوان ڇا ، ڪينڪي ڄاڻان ، چوان ڇا ؟
جڏهن کان ٿيو تِريءَ منهنجيءَ تي هيءُ جام،
رهان حيرت ۾ کان آغاز ، انجام ،
جڏهن ڄڀ منهنجي ناهي ، چپَ سان محرم ،
رهان نت قلب، قالب وچ ۾ ، منجهه غم ،
نه دل جي ٿم خبر تَن تا پري ٿيو ،
ٿيس گم عشق ۾ ، بدحال منهنجو ،
لڳي حيرت مون کي ٿي جستجو ۾ ،
نه ظاهر ٿي سگهي سا گفتگو ۾.
313. ڪي ڪهڙا ، ڪي ڪهڙا ؟
ڏسي هڪڙو ٿو سڄ ۽ ٻيو ڏسي نور ،
ٿيو هِن جو قياس ، هُن جي قياس کان دور،
نظر هر ڪنهن جي پنهنجي جُهد آهر ،
ملن ڳِجهه کي هڏا ، طوطي کي شڪّر .
314. نفس کان پرهيز چڱو
ڇٽايو ويڄ ، منهنجو مرض هيءُ تيز ،
مگر صحبت کان تُنهنجي ڪيائين پرهيز ،
اي بيوس نفس ! ناحق خوار ٿئين تون ،
هٿان پنهنجي ئي ائين بيمار ٿئين تون.
315. شڪسته دلي ۽ ان جو ضد
ڦِري ٿو هر طرف هڪڙو پريشان ،
شڪسته دل ٻيو نت لاءِ جانان ،
گهمي سودائي ٿِي هڪ ساري بازار،
نفعي ، نقصان کان ٻيو نت منجهه آزار.
316. پاڻ کي پاڻهئي سڃاڻ
ڏسين ڇا ؟ پاڻ سان هوئين جيسين مشغول،
لهڻ خود پاڻ کي پاڻان ، ٿيو معقول،
دوئي ڇڏ ، ٿي يگانو ، پاڻان وڃ تون ،
نه جادو هيءُ ، طلسم آهي سو ڀڃ تون.
317. عشق ۽ عقل جو مقابلو
اجهو ! عشق آيو ڪاهي ، عقل ! تون ڀڄ ،
ٿِي ڀڙڪي باهه ، سڙنديئن اي ڪپهه ! اڄ ،
لڳي ٿو واءُ ڏاڍو ، گم مڇر ! ٿي ،
چِپَڪ آئي اڏامي ، لِڪُ اي جهرڪي !
318. ليلٰي جي مشابهت مجنونءَ وٽ
انهيءَ کان ٿو ٿيان مجنون آءُ منجهه باغ ،
جو مُنهن ليليءَ جي سان گل ٿئي مشابهه ،
انهيءَ کان سروَ جو ٻانهو ٿيان آءُ ،
جو قد ليليءَ جي سان تت هوئي مشابهه.
319. پنهنجو پاڻ ڏس
رکين تو بار پنهنجو پاڻ تي تون ،
تون پنهنجو پاڻ ڏس ، پڇ سڀڪي ان کون ،
سدا تون عقل جو پابند آهين ،
تڏهن هر طرح حاجتمند آهين .
320. چِٻَ سان روح جي مشابهت
رهي هڪ چِٻَ ٿي منجهه ويراني تنهنجي ،
اچي ويٺي خزاني جي طمع تي ،
نه ڪر ويرانو ايءُ پنهنجو تون آباد،
جو بنياد آهي هت هر شيءِ جو برباد.
خزانو گرچ هر هنڌ آهي پنهان ،
سدا ويرانو اُن جو آهي نيشان .
تون رهه منجهه حال ويراني تي راضي ،
وساري ڇڏ تون مستقبل ۽ ماضي ،
جڳائي صبر سان توکي کڻڻ رنج ،
اُتي تڏهن نانگ ۽ توکي ملي گنج .
321. خرابات جي صفت
خرابات اصل کان پُوري خراب آهه ،
جو صحرا ان جي ۾ عالم سراب[1]
آهه ،
ڊُڪين جي ان ۾ ۽ ڊوڙين تون سوء سال،
لهين تون پاڻ يا ٻئي کي نه في الحال .
خرابات آهي بيحد ۽ نهايت ،
نه آغاز ان کي آهي ۽ نه غايت[2].
322. چِٻَ جو پاڻ کي خطاب
ڪريان ٿي گفتگو آءُ پاڻ سان پاڻ ،
سگهان ٿي نا ڪري سا ٻئي ڪنهين ساڻ ،
خزاني لاءِ ويرانا وسايان ،
انهيءَ سودا ۾ ديوانِي سڏايان .
پوي ٿو سوجهرو جڏهين دريءَ مان ،
تڏهن سوراغ ڀت جي ۾ گذاريان.
هي گهر ، جنهن کي نه ڇت آهي نه ڪو در ،
گذاريان ڪيسين ڀت جي چِير اندر ؟
323. آدمزاد عجب معجون
عجب معجون ٿيو نفس آدميزاد !
جو اُن مان درد نڪري پڻ ۽ درمان ،
اهو ظاهر به آهي ۽ ڳجهو پڻ ،
اهو دشوار آهي پڻ ۽ آسان ،
انهيءَ مان زهر قاتل پڻ ٺهي ٿو ،
انهيءَ مان پڻ ٺهي ٿو آب حيوان.
324. حرص ۽ طمع جي شڪايت
سدائين حرص مردم خوار آهي ،
اي دل ! ڀڄ ان کان ، تا تون ڪين ٿين خوار،
طمع جي اک ۾ هڻ تون تير جو ڪانُ،
ٽُڪُر ان سان ، ٽَڪَر کان آهي دشوار.
325. توبهه جو اعلٰي نتيجو
جي آدم جان ڪڙهين توبهه جي سانگي ،
هلين پاڻيءَ مٿان تون پيڻ وانگي ،
انهيءَ کان تون رهين مسڪين ۽ غمگين ،
ڏٺئي پڃرو ، ڏٺئي ليڪن پکي ڪين .
326. سخن ۽ طبع جي تعريف
سخن منهنجا وسائن آب هربار ،
ٿيو مينهن طبع منهنجي جو گُهربار،
عجب سو مينهن ! جو آهي بهاري ،
ڪٿي پيدا ڪري گُل ۽ ڪٿي خار ،
زمردّ جان ڏِئي هڪڙي کي فرحت ،
انڌو ٻئي کي ڪري سو نانگ اُچار.
حقيقت سڀ کي جڏهن روشن اها ٿي ،
ڀلي ڪو نور ان کي چئي ۽ ڪو نار.
327. عشق ۾ غيرت يا حسد
جڏهن تو ۾ ادا ! ظاهر ٿيو عشق ،
چپن توڙي ڏندن سان ٿي نه همدم ،
اچِي جڏهن سو ٿيو همسايو تنهنجو ،
تڏهن ڪر منهنجو سايو پڻ نه محرم ،
تون ڄاڻج ظاهري صورت فقط خيال ،
ٿيو آدم ، باطني معنٰي سان آدم.
328. عملن جو بار سر تي
ڳرو بار آهي تنهنجو ، تون گڏهه ڪاهه ،
نه ٿي غافل ، سندئي رستو ڏکيو آهه ،
ٽُٽو نوڙ ، آٿڙيو خر ، ۽ ڪريو بار ،
انهيءَ بار ۽ گڏهه تي ڇو رکين آر ؟
329. هادي يا مرشد ، انسان لاءِ ضرور
نصيحت منهنجي ، پيارا پٽ ! تون ڪر گوش ،
تون وٺ دامن انهيءَ جِي جو رکي هوش ،
ڪري هٿ سِپ نه جيسين قطرو مسڪين،
ٿئي سو چمڪندڙ موتي ڪڏهن ڪين ،
پهڻ ٿئي پرورش سان لعل ياقوت ،
ٿئي اطلس ۽ ريشم نيٺ جئن توت ،
رکي ها ڪين جي صحبت اثر ڪو ،
نه آني مان ڦُٽي ها بال ، پر ڪو ،
نبّين کي به هو درڪار ارشاد ،
ڪيو موسٰي هو پنهنجو خضر استاد ،
سڀن کي رهبريءَ جو هي دليل آهه ،
ته سونهو مصطفٰي جو جبرئيل آهه.
330. عاشق جي نماز
نماز، عالم جي تسبيح ۽ سجود آهه ،
نمازي عاشق ، اصلي بي وجود آهه ،
قيام ۽ قعدو ۽ تڪبير ، نيّت ،
انهيءَ جي محويّت ٿي ۽ معيت،
ڇڏڻ دنيا ۽ دين ان جي علامت ،
انهن جي لاءِ صلواة آهي ۽ قامت ،
قراءت مَن له المولٰي له الکّل[3]،
اذان ٿي ” ڪُلّ شيءِ هالِک“[4]
هل.
331. شريعت ، حقيقت جو دروازو
حقيقت جو شريعت کي تون دَرُ ڄاڻ،
ڪڙو ڪنڊو انهيءَ در جو تون ڪر پاڻ ،
گهرين محمود جو جي راضپو تون ،
ٿي تابعدار اياز ان جي سندو تون.
332. شريعت کَل ۽ حقيقت مغز
ڪچو کَل مان ڪڍين جي ڪوري ان کي ،
اڄايو مغز باداميءَ جو گم ٿئي ،
پَچي جڏهين ، لڳي کَل ري چڱي سا،
اها ڇڏ لاهي ، ڪڍ مغز اُن جو ۽ کا،
ٿيو نقصان ، جي ويو مغز مطلوب،
پڪو جي مغز ، کَلَ ري ٿو لڳي خوب،
شريعت کل ٿي مغز آهي حقيقت،
۽ وچ ۾ تن ٻنهي جي ٿي طريقت.
333.شريعت، طريقت ، حقيقت
اَي غافل ! اُٿ ۽ ڇڏ غفلت جي ننڊ تون ،
وڪوڙي ڏائڻيون هت توکي بيٺيون ،
سند ئي دل لاءِ تن جو هر ڪو گفتو ،
ٿيو ڄڻ زهر سَپَ جو، ڏنگ وڇونءَ جو ،
سڀئي بدعتون ٿيون خار ۽ خس ،
شريعت ٿِي هدايت تنهنجي لاءِ بس .
شريعت کا اڳيان رک پنهنجي ٺاهي،
طريقت کان، حقيقت دور ناهي .
شريعت ۾ رهي ٿو جيڪو سالِم ،
حقيقت جو ٿئي سو نيٺ عالِم.
شريعت جو ٿيو جو اصل[5]
۽ فرع
[6]،
حقيقت جو ٿيو سو مغز منجهه شرع .
محمّد، شرع جو ٿيو باقي منجهه ڪون
[7]،
تون دامن ۽ رڪاب ان جو وٺين ڇو نھ !
334.هستيءَ جو وڃڻ، تندرستي آهي
کسي توکان وٺن جي تنهنجي هستي ،
تھ ڄڻ تو کي ملي وئي تندرستي .
رهئي ڳڻتي قبول ۽ ردّ جِي هت ،
سندئي ٿيو دام ۾ ڦاٿل پکي هت .
جي نيڪ ۽ بد هجي همرنگ تو کي ،
هجي ڪي ڪين نام ۽ ننگ تو کي .
335.دنيا ۾ تڪليف ۽ ڏک ضرور
تون رهه هت اي پکي! بي پر ۽ بيدل ،
هتي تنهنجو اڏامڻ آهي مشڪل .
نھ هِن هنڌ تون چُڱين داڻو ڪڻو ڪو ،
نھ هت ٻي ٻولي ، ٻوليندڙ نھ ٻيو ڪو .
نه هن وادي ۾ ٻئي ڪنهنجو پوي ڪم،
نھ هِن اِ سرار جو ڪو آهي محرم .
336.قلم جي توصيف ۽ تعريف
ڪي ظاهر ڪج تون اي ساحر ! سبڪسار ،
ٻڌائج غم جي ٻولي ڪا اي غمخوار !
تون آهين عشقبازن جو سخن ساز ،
تون ڄاڻين عاشق ۽ معشوق جو راز .
اي قاصد خوشخبر ! مون کي چئج زوُد ،
رکين هن ملڪ ۾ تون ڪهڙو مقصود ؟
ڪمر بستو مٿي سان ڇو هلين ٿو؟
ٿئي حاصل هتي ڇا، ڇا ڏٺو تو ؟
337.فقير ۽ سندس روزي
گدا هو هڪڙو ، جو ڪنهن هنڌ گهميو پي،
ڏنِي ڪنهن شخص هڪڙي ماني ان کي .
لڳو کائڻ سا هڪڙي پاسي ويهي،
سُڪل هئي ۽ ڪَڙي سا ايرئي جيهي .
ذرو کائي، وڌئين زنبيل ۾ سا ،
چوڻ ان کي لڳو : اي رزق منهنجا !
ڪڙو ڇو بخت منهنجي وانگي ٿئين تون ؟
ڪڙو جيئن عيش پنهنجو اڳ ڪيو مون .
چيو مانيءَ: اي غافل ! ڪڍ نھ تون عيب ،
موافق حڪم جي آيس منجهان غيب .
ڪڙي ٿي آهيان ، جو مون کي زماني ،
چماٽون ٿي هنيون نت ڪنهن بهاني .
رضا تي رب جي رهه اي يار ! راضي ،
متان ڏيئي قيد، بک ۽ اڃ جو قاضي .
338.خواب خرگوش
ڪيم هٿ روزي ٿي ڏينهن جو ٿي پينار ،
سمهڻ جِي جاءِ منهنجي، رات جو غار .
بگهڙ وانگي ڪڏهن جهنگل ۾ جاليم ،
هرڻ جان دشت ۾ ڪڏهن ڊوڙون پارتيم .
ڪيم ڪڏهن ملڪ ۾ روباه بازي ،
ڪيم گذران لاءِ ٿي چاره سازي .
رهيم غفلت ۽ سستيءَ کان نڪو هوش ،
نھ ڄاتم ، منهنجو هو هيءُ خواب خرگوش .
339.دل جو استقلال
دل اُن جي گرچھ غم کان هئي ڪومايل ،
مگر پير اُن جا هئا بَرجا ۽ ڄاول .
جبل جو بار هو اُن جي پٺن تي ،
نھ پنهنجيءَ جاءِ تان پرسا چُري ٿي .
340.پاڻيءَ يا نديءَ جي مشابهت ۽ زباني
آءٌ گهڻو سرگشتو رهان اڪثر جبل ۾،
هٿين پيرين اگهاڙو يا جهنگل ۾ .
ڪڏهن ڊوڙان، ڪريان دانهون ۽ فرياد ،
ڪڏهن پَٽ تي ڪِران حيران، ناشاد ،
ڪڏهن ڏَئِي پهڻ کي پاسو ويهان آءٌ ،
ڪڏهن ڪنهن غار اونهي ۾ بيهان آءٌ .
ڪڏهن خستو جگر ۽ خشڪ لب ٿيا،
ڳلن تان ڪڏهن وهن ٿا لُڙڪ منهنجا .
ڪڏهن، کان درد غم، دل منهنجي پُر خون ،
ڏسِي هي حال، ماڻهو ٿين محزون .
341.ايضا
نھ ڏس هي گرم رفتاري جوانمرد !
جو گردش کان فلڪ جي دل اٿم سرد .
ڊڄان ٿو آءٌ نھ تارن جي اثر کان،
وڃِي ڌرتيءَ جي جهوليءَ ۾ سکيو ٿيان .
ٿيان آءٌ غرق دريا جي ڏسڻ ري ،
نھ هن واديءَ ۾ ڪجهه حاصل مون کي ٿئي .
جي هُن عالم ۾ هو موجود آرام ،
ٿيان ها ڇو اچي هِت مفت بدنام !
342. ضعيفن کي مدد ڪرڻ
غريبن کي ملي هِت ڪا نھ عز ّت ،
تون وٺ هٿ ڪنهن ڪِريل جو، ڪر ڪا همّت ،
مدد ڪو لحظو مون مسڪين سان ڪر ،
ڪَنڊا پاسي تون منهنجي واٽ کان ڪر .
343.صورت کان، معنى چڱي
طمع، دنيا۾ دولت جي ڇڏي ڏي ،
تون رهه پاڇي ۾ ، ۽ ماڙي ڇڏي ڏي ،
نظر ميوي تي نت عارف رکن ٿا ،
پنن، ٽارين جِي سي ڳڻتي نھ ڪن ٿا .
تون ڇڏ صورت ، جا پاڇو ۽ خيال آهه ،
ڏي معنى جو ذرو ، جو نهرو مال آهه .
344.نيڪ ۽ بد، ٻئي ضروري
گهڻا پردا ٿا گهرجن ساز جي لاءِ ،
ٿِي هردل حق اڳيان ڪنهن راز جي لاءِ .
ڪنڊا ۽ گل ٿين ان کان ٿا منجهه باغ ،
تھ مور ۽ بلبل اُن ۾ هو ئي ۽ پڻ زاغ .
ڏسين جي، نيڪ بد، ڪي پنهنجو جهَل دم ،
جو هِت ابليس گهرجي پڻ ۽ آدم .
345.واءَ جِي تخت سليماني (ڳالهه)
ٻڌو ٿم، هڪڙي جهرڪي ڪٿ رهي ٿي ،
جا هر صحرا ۽جهنگل ۾ ڦِري ٿي .
نھ سا داڻو چُڳي ، پئي سا نھ منجهه دام ،
اچي ان کي پکين سان ڪو نھ آرام.
ڏسي ڪنهن ڀت اندر سوراخ ڪو جي ،
تھ ان کي چهنب پنهنجيءَ ساڻ کوٽي .
ڏٺو ان کي پکيءَ هڪ ، منجهه انهيءَ حال ،
ڪيئين ميلوم ان جا فعل ۽ خيال .
چيئين ان کي ، پڙهيوٿم، تا سليمان ،
مُنڊيءَ سان ٿي هلايو جڳ تي فرمان .
ڪٿي آهي منڊي سا، آءٌ پڇان تو،
حڪومت جو هَوَس آءٌ پڻ رکان ٿو .
تو آهين سو پکي ، آءٌ ڀت پراڻي،
محال آهي اسان جي هيءَ ڪهاڻي .
جڏهن مون کان لنگهيو هو، چيوم اي دل !
ڪرڻ هن ڪم اجائي مان ڇا حاصل !
346.جهان جو اسرار نا معلوم
تون ڄاڻج پَڪَ تھ گهٽ وڌ مان هتي جي ،
حقيقت پنهنجي ٿئي حاصل نھ ڪنهن کي .
جبل ۽ وڻ ۽ پاڻي، باهه ۽ خاڪ ،
رهن سڀ پنهنجي محبت ۾ ٿا غمناڪ.
زمين ۽ آسمان ۽ عرش ڪرسي،
سڀئي ان جي ٿاڪن احوال پُرسي .
347.دنيا کان پرهيز
چوي دنيا ادا ! تو کي شب و روز ،
تھ ڪر نت منهنجي صحبت کان تون پرهيز .
نھ منهنجي رنگ ۽ بوءِ تي ٺڳج تون،
جو خندو منهنجو ٿيو هي گريھ اَميز[8]
.
کلان آءٌ ٿِي ، ٻين کي آءُ رئاريان،
مٺائي منهنجي نت آهي ڪڙي تيز .
348.حلال ۽ حرام، عارفن جو
ڪئي هڪ شيخ جِي ٿي ڳالهه استاد ،
تھ هڪ ڏينهن ٿي ويو بو حفص حَد ّاد
[9].
مريدن مان هئا ساڻس ڪي اصحاب،
نھ کاڌو تن سان هو، پڻ پاڻي ناياب .
لڪي تڏهن پير کان سڀني صلاح ڪئي ،
تھ بک، اڃ ۾ مَرون هِن هنڌ سڀئي .
ڪڍي دنيا جون سختيون هِت سگهي ڪير؟
پيڻ، کائڻ بنا جيئرو رهي ڪير ؟
مزو ٿئي ، جي هرڻ ڪو ٿئي نمودار ،
وٺي تنهن کي ، ڪُُهي سڀ کائون هڪوار .
اڃا تن ايئن چيو، تا هڪ هرڻ ڀي ،
هوا جان ڊوڙندو ات آيو سهڪي .
اڳيان ان شيخ جي پَٽ تي ڪِري پيو،
ڏسي ان کي، انهن مان هر ڪو خوش ٿيو .
وٺڻ تي ان کي، هئا ، تا ات اٿيو پير ،
ٽَهِي سو ويو، ڀڄي جيئن سينگ مان تير .
ٿيا غمگين سڀ، تن پاڻ ۾ چيو ؛
تھ آيل رزق هيءُ ڪيئن پير رد ڪيو ؟
سهي جڏهن ڪشف[10]
سان ڪيو شيخ هيءُ حال،
چيئين تن کي ڇڏيو هيءُ قيل ۽ قال.
گُهرو جي ظاهري ڪشف ۽ ڪرامت،
رهو محروم اوهين سڀ کان حقيقت .
اسان کي حق بنا ٻيو سسڀ حرام آهه ،
اهو منجهه معرفت اعلى مقام آهه .
349. خوديءَ جي شڪايت
خودي، خود خواهي کان تو کي نئي دُور ،
وٺين ڪعبي يا بتخاني سندي راهه .
ڇڏين هڪڙي گهڙي جي تندرستي ،
فنا في الله ٿي ، ٿين باقي با الله .
350.معرفت، صراط المستقيم آهي
صراط المستقيم اُن هنڌ لڀي ٿو،
جتي ڪو معرفت پنهنجو لهي ٿو .
جي دل کي غير کان هوئي غيب ممڪن ،
تھ پوءِ ڪيئن ڪو ڏسِي ممڪن سگهي ٿو ؟
اُهو ڄاڻِي سگهي هيءَ منطق الطير ،
پکين جي ٻولي جو سمجهي وٺي ٿو .
|