سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :28

 

551 .  سجدي جي ڀلائي

حديث چئي، نه جي نازل ٿئي آسمان مان باهه ،

ته مسجدن ۾ ويهڻ ڌارا ڇوٽڪارو ناهه .

جو پنهنجي ربّ کي سجدو ڪري ٿو، ٿئي ان وقت،

وڌيڪ ربّ کي ويجهو، انهيءَ مان تون شڪ لاهه.

 

552 .  موافقت ۽ مخالفت ڪهڙي چڱي؟

موافقت تون خدا سان ”قليچ“ ! ڪر پيدا،

مخالفت تون فقط پنهنجي نفس سان پيو ڪر؟

ته راس تنهنجا رهن هنِ ۽ هُن جهان ۾ ڪم.

۽ خلق خوش رهي تو مان ۽ تن کان تون خوشتر.

 

553 .  توبهه، گناهه جي دوا

گناهه، داءُ[1] ۽ توبهه دوا چئي ٿي حديٿ،

تون ڀڄ گناهه کان، ٿيو اُو مرض ۽ بيماري.

اصل صحت آهي تقوا، ضروري ٿيو پرهيز،

علاج ان جو ٿِي توبهه ، دوا ۾ گهرجي ڪرِي

 

554 .  سڪون ۽ حرڪت

سڪون عجز ۾، حرڪت اچي ٿي منجهه طاقت،

سڪون علم ۾  ۽ حڪم ۾ اچي حرڪت.

ڏيکاري حرڪت هستي، ۽ نيستي ٿي سڪون،

تون ڇڏ هوا ۽ هوس، طبع خلق ۽ عادت.

 

555 .  بلائون، رب جا ابابيل

مصيبتون ۽ بلائون وڻن ولين کي،

تا صبر پهرين جڏهن ڪن، مشاهدو ماڻين.

بلائون رب جا ابابيل نت سڏڻ ۾ اچن ،

نھ ايذا جيسين اچي ، خير ڪو نھ سي ليکين ِ .

 

556 . نمازون ۽ روزا ، مرچ مصالح

نمازون، روزا ، وظيفا، نمڪ، مصالح، مرچ ،

پون ٿا ديگ عبادت جي ۾سي لذّت لاءِ .

جي گوشت اُن ۾ نھ هوندو ، تھ ڪهڙي ڪم جا سي ؟

نھ ٻوڙ چئبو سو ، کائي نھ ڪو ، کڻي اُ ڇلاءِ .

۽ گوشت تَرڪ ٿيو دنيا جو ، سو مصالح ساڻ ،

ٿئي ٿي قُوت ُ ۽ قو ّت ڏئي، وڻي هر جاءِ .

 

557 .صدقي يا خيرات جا شرط

ٿيا پنج شرط، جي ڏين يار صدقو يا خيرات ،

ٻھ اڳ ڏيڻ کان، ٻھ وچ ۾ ۽ هڪ ڏيڻ کان پوءِ .

ٻھ پهريان - هڪ تي هجي سو حلال وجه ۽ مال،

۽ ٻيو نيت چڱي، جنهن کي ڏجي سو صالح هوءِ .

وچان ٻھ - هڪ تھ  نياز ۽ خوشيءَ سان دل جي ڏجي،

۽ ٻيو لڪائي ڏجي، جيئن نھ ٻئي سماءُ ڪو پوءِ.

۽ پوريون هڪ ، جو ڏيڻ بعد آهي شرط ضرور ،

سو هيءُ تھ جيڪي ڏئي ، سو نھ ٻئي ڪنهين کي چوءِ .

 

558 .بلا ، دعا ۽ رضا

بلا مٿان ۽ دعا هيٺان، پاڻ ۾ اَٽڪن ،

هي زور پئي تھ هو موٽي ، نھ پئي تھ ٻيئي ڪِر َن .

بلا مٿان ۽ رضا هيٺان ، پاڻ ۾ پرچن،

دعا انهيءَ سان مِلِي، ٿيون بلا جو زور ڀڃن .

 

559 .گنهگار جون صفتون

 گناهه وقت . گنهگار جون ٿيون صفتون ٽي ،

ٿي هڪڙي هيءَ تھ ٿو ڄاڻِي  تھ ڪم غلط ٿو ڪري .

ٻي هيءَ تھ پوري خبر ٿس، ٿو ڄاڻي رب ۽ ڏسي ،

ٽي هي ءَ تھ رب ّ کان بخشش جي ٿو اميد رکي .

عقيدا ٽيئي اهي ، ڪم ٿيو منّطيعن آهي سو .

اگرچه آهي گنهگار، مون آهي سو.

 

560 . ڏسڻ ۽ نهارڻ ۾ فرق

اکين سان خلق نهاري ٿِي پر ڏسي ٿي ڪين،
ڏسن ٿا جي ، سي نهارڻ سن ٻيو ڏسن ڪي ڪين .
ڏسڻ جي هڪڙي ٿي اک ۽ ٻھ ٿيون نهارڻ جون ،
تون دل سان ڏس  ۽ اکين سان سڄڻ نهار ڀِي ڪين .

 

561 .گهوڙو، گاڏي ڪيئن هلائجي

هلائين گهوڙو يا گاڏي جي شهر بازار ۾،
تھ رک سنڀال، ڍرو هل ۽ ماڻهو ڪر پاسي.
ٻين سڀن کي تون انڌو ۽ ٻوڙو ڄاڻ ادا!
تون پاسو پاڻ ڪر ۽ پاسي ڪر نھ ڪنهن ٻئي کي.
وڄاءِ گهنٽي  ڀلي، پوش پوش پڻ پيو ڪر،
لغام ۽ زين ڇڪي جهل تھ و ِ هٽ ترسِي هلي.
ڪشادو رستو هجي جي ۽ خالي هو ئي ميدان،
تھ مر تکو تون هڪل، جو نھ خوف آهي اُتي.

 

562 .ڪبوترن جا قسم

ڪبوترن جا ٻڌايان ٿو تو کي قسم گهڻا،
ڪي جهنگلي ۽ ڪا پاليل، ڪي بازيگر ، ڪي ٻيا.
جي جهنگلي، سي ٿيا پاريل يا تھ پاريهر،
هڻن جي بازيون، سي سڏجن ٿا هت سدائين تکا.
اَڏامندي سي هوا ۾ تُنبِي هڻن بازيون،
زمين تي جي هڻن ليٽِي سڀ، سي ليٽڻ ٿيا.
اصيل تن ۾ ڪي ۽ ڪي منجهن ٿين گاڊ ُڙ
چون ٿا خار انهن کي، ڪُڪڙ ٿيا جيئن ٽرڙا.
ڪي ديسي تن ۾ ڪبوتر، ڪي تن ۾ چينائي،
ڪي ڪلڪتائي، ڪي بوشهري ۽ ڪي ٻاهر جا.
تکن جي چهنب سنهي ۽ ننڊي ٿئي اڪثر،
۽ ٻاهرين جي تکي ۽ ڊگهي ٿئي ٿي سدا.
اگهاڙيون ڪن جون ٽنگون ، پير، کنڀ نھ ٿئي تن تي،
ڪي موز پر ٿيا، کنڀن جن جون  ٽنگّون، پير ڍڪيا.
ڪني جا ڪنڌ وريل پُٺ تي پڇ سندن ٽيڙيل،
پکي يا مور جي پڇ جان، چون ٿا تن کي لُڪا.
ڪي اَهو ُ ، جن کي ڳچيءَ تي وڏا ٿين ٿا کنڀ،
ڀرين ِ دم سي وڏو ۽ چون سي ”ياهُو“ ٿا.
ڪي نامھ بر جي اڏامن مٿي، ٿين قاصد،
۽ خط نين ۽ اچن موٽي، ڪوٺجن سي ر َٺا.
اِهي ٿيا سنڌ ۾ موجود، پر ولايت ۾،
ٻيا بھ قسم سندن ٿيا، اسان نھ سي پاليا.

 

563.کاڌي، پيتي جو چڱو ۽ خراب اثر

پئي جو پاڻي فقط ، کائي ماني جو سادي،

نھ پيٽ ۾ پوي وَٽ ُ اُن کي، ڪانھ ٿئي بادي.

 پگهر ۽ ٽوري ۽ پيشاب ۾ نھ ان جي باس،

جو واءُ جو پيٽ مان نڪري ، ڪري نھ نَڪ کي ناس .

جو پاڻي نڪري ، کٿوريءَ  جي ان ۾ آهي بوءِ ،

جو ڦوڳ نڪري ، نھ ڇيڻي کان گهٽ انهيءَ جِي روءِ .

شڪم پرست ، جي کائن ، ٻين گهڻو ۽ اُچو ،

سي واءُ ، پاڻي ۽ ماني  ڪڍڻ ڪِنو۽ ڪچو .

ڏسو تھ گاهه ۽ پَن ، ٻو ُٽو جي چَرَن حيوان ،

انهن جي ڇيڻي ۽ لِڏ ، ڦولڙين ۾ باس ٿي ڪانھ .

کڻن هٿن سان سي ماڻهو ۽ پنهنجي ڪم آڻين  ِ،

۽ پنهنجو گند ڪنو، دور نيئي اُڇلائين .

وڃي اندر ۾ ٿو جيڪي ، ٻهر بھ سو نڪري ،

طعام، ڪنهن ۾ وجهي نور، ڪنهن ۾ ٿولهه ڪري .

پگهر نبيءَ جو لکيو ٿن هو سرهو کان سرهاڻ ،

جي گلبدن ٿيا ، خوشبوءَ جِي اُهي ٿيا کاڻ.

ڏسون ٿا ٻڪريون ۽ ڳئون ، مينهون  جيڪو کائن گاهه ،

اثر ۽ بوءِ انهيءَ جِي رکي ٿو کير ۽ ماهه .

چَرن ڪماند جي مينهون ، ڏين سي کيرمٺو،

چرن ڌنار کٿوري تھ کير ٿئي سرهو .

سکو انهيءَ مان سبق، کائو ۽پيو سوچي ،

مفيد جو هجي هر طرح،  سو لهو لوچي.

 

564 .ٻيڙي ۽ ان سان تعلق اسباب

هلن سمنڊ ۾ ٻيڙا ، جهاز يا غوراب ،

۽ مَڇُئا، ڪوٽيا، د ُنگيون، اَڳو ُٺ ۽ غرقاب .

هلن درياهه ۾ ٻيڙيون ، بتيلا ۽ ڊوُنڊيون ،

۽ ناو َ، ڪئونتلُون، ۽ وَهڻ، زورقون، مڪڙيون .

اڳيان انهن جي ٿِي اَڳيل ۽ پٺيان پاڇيل،

 ۽ وچ ۾ پيٽ ٿيو ، لڪ ان ۾ ۽ پسون هرويل .

چون ڪناري کي ٻيڙيءَ جي ڳڙهه ۽ تَر کي اَڏ ،

۽ شيخلو ٿيو ڊگهو ڪاٺ جو ، رسن جِي ماڏ .

هلائي ونجهه ۽ ڳن سان جهلي، مُٺيو ۽سڪان ،

ڦتيءَ تي ويهي هلائن، سندن اهو ٿيو مڪان .

ٻَڌن مُنن ۾ رسا ، پڻ ٻڌن مناڙي ۾ ،

رکن لنگر ٿا يا ناتاري نت مهاڙي ۾ .

رسن جا نالو تون ٻڌ، ٿي وڏي سڀن ۾ رَس ،

ڇڪي انهيءَ سان ٿا چاڙهين ِ سڙهه ۽ ڪَلمِي بس .

۽ پوٺي ، ڇاٻاهون، تاليها ، چوٽ ، ڏانداريل،

۽ ماهو پڻ و ِڻيا ڊور، لاڄو ُسک تون سويل .

منجو ٿو لڙڪي ڪناري سان ، جا ضرور اهو ،

۽ بانئٽيءَ تي ٿي بيرق ، ٻَري ٿو لٺ تي ڏيو .

ڪنڍيون ۽ ڄار ۽ ڀَن َ اُت ۽ ر َڇ، ڦتيُون ۽ ڏٻيُون ،

مڇيءَ جي تيل سان تختن جون بند ڪن ٿا سنڌيُون .

 ڪڏهن وڃن ٿا سي اوڀارا، ڪڏهين لهورا ،

هوا جي واٽ ڏسن ٿا مهاڻا ويچارا .

سنڀاري ڍينگ۽ ڪچريون، ڪپيون، کڻن ڦرها ،

سُجهي ٿي ٻاري يا ڪُنُ ، ڏين اَت ٿا ساندارا .

ڪي آرڪاٽِي ، ڪي معلم ، ڪي ناکئوا ۽ جوان ،

ڪي اولي تي ، ڪي پڳهه تي ، ڪي مُهري تي مردان .

ڪي مير بحر ٻيڙياتا، ڪي ٽوٻا ، ميءَ ڍانڍي ،

ڪي ساٽي ۽ ڪي مڇي مار ، پاتڻي، ٻانڊي .

ٻڌن مياڻيون ڍنڍن تي ، ڪَپَر درياهه تي جي ،

پکين ، مڇين  جو شڪار آڻي ڪن ٿا گڏ سي اتي .

ٻڌايان نانو َ پکين ڍنڍ جي جا بي انداز ،

بدڪ ۽ هنج ، هنجهر ۽ منگهه ، هنس ۽ قاز .

ٻَگهو ۽ آڙي يا مرغابي، ڪانئرو ، بگلو،

۽ پيڻ ، ڪنگري، کنڀو، ٽٽيهر ۽ ٽِيٽُو.

۽ لاکي ڄاڃي ۽ رتبو ۽ نيرڳي ۽ چَڪَئَي ،

چٽوڙو ، ڪهنگ ۽ ٻوئڙ، ڊگوش، ، پر هائي .

ٻر هارڙو ، سانهن ۽ ڪانيرو ۽ رونهارو ڀي ،

۽ کو کڙاٽ ۽ ٻيا ڪيترا هزارين پکي .

مڇين جا نانو َ ٻڌو هاڻ، ڏنڀرو ۽پلو،

هَڪَم يا گانگهٽ، دوٿر، گندڻ، کڳو، ڄرڪو .

۽ ڪُرڙو ، ڪرڙي ، سُڻي ، پوپري ۽ سينگاري ،

۽ گوج ۽ ڇَلِي  ۽ ٿيلهي، ڦآڳڻ ۽ ڏاهي .

 

565 .صوفي ، صاف ۽ گنجا

چَيُم ٻڌاءِ اي صوفي!  مٿو ڇو ڪوڙائين ؟

چيئين : ڏيَن ٿا اِهو امتحان اهل، صفا .

ڪٿان ڇڏيندو ڀلا دعوا پنهنجي سر جي سو؟

ڇڏي نھ جو سگهي وارن جي، سر جي ٿو دعوا .

 

566 .علم ۽ عمل جي ڀيٽ

عمل کي، علم کان ڄاڻن ٿا اعلى ۽ افضل،

۽ علم کي ٿا سي  جاهل چون حجاب الله ،

نه علم آهي اِهو، جو پڙهي، پروڙين تون،

پڙهڻ سان وڌ جي ٿين نادانُ، سو سچو علم آهه.

عمل جي وڌ ڪرين، پڻ ٿين قصور وارو وڌ،

سو علم بحر عميق آهه،علم اِيءُ نت چاهه.

 

567 .صوفين جي صفت

جماعتي جي طريقت جا، سي مجرد ٿيا،

طريقو جيڪو رکين تون، سو هُو ڪڏهن نه رکن.

 گداٿي، ڪر نه تون هر جا تواضع ۽ تعظيم،

جو اهل صفُي جا، خلوت ۾ خلق کي نه ڏسن.

 

568 . سون ۽ چاندي ، امانت

نه ڀانءِ، سونُ ۽ چاندي ڏنو اٿن توکي،

امانت آهي سو تو وٽ ڪنِي ڏهاڙن لاءِ.

پرائي مال تي ڪر فخر ڪين اي نادان!

ڪو ئوُ تون پرَ۾، ۽ واڻئي جو هٽَ ٿي تنهنجي جاءِ.


 

 

(15) بحر تقارب سالم

فعولن  فعولن  فعولن  فعولن

 

569 . ٻارن لاءِ صُبح جي دُعا

ڌڻي! تنهنجي ڏسجي ٿي جت ڪٿ خدائي،
ڪرم ساڻ ڪر تون اسان سان ڀلائي.
پڙهڻ ۽ لکڻ جو تون ڏي شوق اسان کي،
اسان ۾ تون وجهه علم جي روشنائي.
ته اسرار قدرت ۽ حڪمت جا تنُهنجي،
ڏسي سڀ اسين، ڳايون تنهنجي وڏائي.
پڙهي عمديون ڳالهيون ۽قصا عجائب،
ڪڍ ون عقل جي وات مان پنهنجي وائي.
۽ ورزش سان قائم رکون تندرستي،
ڪريون پنهنجي عادت، صفائي، سٺائي.
پڙهون حال پنهنجن بزرگن جو دل سان،
سکون پيرويءَ مان اُنهن جي چڳائي.
ڪريون سير گهر ويٺي ملڪن جو هردم،
جني جي هئي سُون اڳي سُڌ نه ڪائي.
جبل ۽ سمنڊ ۽ نديون، ٻيٽ، راسيون،
انهن جي خبر پئي اسان کي سڀائي.
ڳڻيون وقت پنهنجو سدا قيمتي پڻ،
حياتي نه هرگز وڃايون اجائي.
ننڍي هوندي علم ۽ هنر سڀ پرائي،
وڏي هوندي عمدي ڪريون ڪا ڪمائي.
ڪريون دولت ۽ آبرو نيٺ حاصل،
اسان جي ٿئي نيٺ محنت سجائي.
ڪري پاسو ڪوڙ ۽ ڪپت کان اسين پڻ،
سکون ساڻ سعيي سُپت ۽ سچائي.
گناهن، صوابن ۾ پئي سمجهه اسان کي،
پروڙيون ۽ پرکيون ڀلائي، برائي.
ته دنيا ۾ حاصل ٿئي نيڪبختي،
۽ پڻ آخرت ۾ مِلي آجر، جائي.

 

570 . قسمت پنهنجي وس

هجي رات ڪهڙي به ڪاري، اونداهي،
ڪريان شڪر، جو روح آڻ ٽرَ رکان ٿو.
هجي ڪهڙي حالت، هجي ڪهڙي قسمت،
نه هِن کان رئان ٿو، نه هنُن لاءِ جهڪان ٿو.
هجي تنگ مَرُ دَرُ، سزا سخت مرُ هوئي،
قضا ۽ قدر، پنهنجي هٿِ آءُ جهليان ٿو.

 

571 . سهڻن جي منهن تي نظر

نظر مُنهن تي سهڻن جي جڳ لاءِ گناهه آهه،
نظر منهنجي موجب شريعت مباح آهه.
نظر جڳ جي صورت تي، معنى تي منهنجي،
هنن لاءِ فساد آهه، مون لاءِ صلاح آهه.

 

572 . زبان جي مٺائي ۽ ڪڙائي

ٿئي ڪين ڪنهنجي سخن ڌارا ڪڏهين،
فضيلت ٿِي ظاهر، ڀلائي، برائي.
زبان آهي سڀ کي، مگر تون نه ان ۾،
ڏسين ڪا سخن جي مٺائي، ڪڙائي.

 

573 . صنعت مدح والذم

رُليو هڪ مُلو شهر جرجانَ ۾ پئي،
قضا لاءِ ، پر رئيس ٿيو پي نه راضي.
گڏه ڏيئ رشوت، ٿيو قاضي آخر،
هجي ها گڏهه جي نه، ٿئي ها نه قاضي.

 

574، دعا، دوست کي

رهي چنڊ جيسين ٿلهو پڻ ۽ ڏٻرو،
هلي سج کان پاسيرو يا سامهون ان جي،
هجن دوست تنهنجا ٿلها، تنهنجي سامهون،
هجن تنهنجا دشمن ، سدا تو کان پاسي.

 

575، ڏهاڙي مران ٿو، ڏهاڙي جيان ٿو

(1) ٻڌو ڳالهه جا آءُ اوهان کي چوان ٿو،
ٿي عادت اِها منهنجي، جنهن تي هلان ٿو.
وڃِي هنڌ تي پنهنجي جڏهين سمهان ٿو،
چوان دل ۾ پنهنجي ته هاڻي مران ٿو،
صبح جو سويرو جڏهن آءُ اُٿان ٿو،
تڏهن ڄاڻان دل ۾ ته جيئرو ٿيان ٿو.
سدا موت کي ياد اِن پَرَ، ڪريان ٿو،
ڏهاڙي مران ٿو، ڏهاڙي جيان ٿو.
(2) پيل لاش پنهنجي  اکين سان ڏسان آءُ،
رڙيون ٻارڙن جون ڪنن سان ٻڌان آءُ،
ڏسي زال کي پنهنجي رئندو، رئان آءُ،
ڏکارو ڏسي تن کي، غمگين ٿيان آءُ،
وڃي روح سان تن جي ويجهو وِهان آءُ،
ڪري پيار تن کي، دلاسا ڏيان آءُ،
سدا موت کي ياد اِن پَرَ، ڪريان ٿو،
ڏهاڙي مران ٿو، ڏهاڙي جيان ٿو.
(3) ڏسان پوءِ غاسل کي آءُ غسل ڏيندو،
جنازو ڏسان پوءِ ڪانڌين کي نيندو،
پٽن کي ڏسان پنهنجي سر، منهن پٽِيندو،
نمازين کي اُت پڻ جنازي ڏي ايندو،
قبر ۾ ڏسان پاڻ کي دفن ٿيندو،
لٽي لوڙهه، سڀني کي پوءِ موٽي ويندو،
سدا موت کي ياد اِن پَرَ، ڪريان ٿو،
ڏهاڙي مران ٿو، ڏهاڙي جيان ٿو.
(4) وڃان آءُ  جمعي ڏينهن پنهنجيءَ قبر تي،
پيل ڄاڻان اَن ۾ آءُ پنهنجي بدن کي،
ڏڪان ڊپ کان، منڪر ، نڪير اُت آءُ ڏسندي،
بهشت اُت ۽ دوزخ به پاسي ۾ اُن جي،
ڪينئان ماس کائن ، هڏا پڻ ڳرن جي،
”قليچا“ ! اکين سان ڏسان آءُ سڀئي سي،
سدا موت کي ياد اِن پَرَ، ڪريان ٿو،
ڏهاڙي مران ٿو، ڏهاڙي جيان ٿو.

 

576.  دنيا درياهه ۽ ايمان ٻيڙي

چيو پنهنجي پٽ کي هو لقمان هن پر،

ته دنيا درياهه آهي، ايمان ٻيڙي.

خلاصي انهيءَ جا، عبادت جا ڪم سڀ،

آهي آخرت هو ڪنارو ۽ ڪنڌي.

 

577.  ٻڍيُن جِي دعا، اثر واري

حديثن ۾ آهي ته حضرت پيمبر،

ٿي کڙڪايو هر ڪنهن ٻڍيءَ زال جو در.

چيئين ٿي ته ڪر ياد مون کي اي مائي!

دعائن ۾ پنهنجي، ڪري ڪا ڀلائي.

ڏسين ٿو ته ڪم ڪهڙو مشڪل اهو ٿيو،

ٿئي سج ٿو محتاج، هڪ تروري جو.

تون پڪ ڄاڻ، جيڪي ڪيهر شينهن آهن،

مدد لاءِ سي، ڪيِولين کي ٿا چاهن.

578.  عشق جي اُبتي عبارت

هتي[2] آهي برعڪس سڀڪا عبارت،

فنا ۽ بقا جي ملي اِت بشارت.

شڪست آهي منجهه عشق ڪامل درستي[3]،

جو اول ٿِي ويراني ۽ پوءِ عمارت.


[1]  درد

[2]  اشارو: عشق يا ملوڪ جي راهه ۾

[3]  بقا، صحت

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org