(5). بحر رمل اَ خرب
فاعلاتن فعولن فعولن
202.شراب جي شڪايت (مسمّط)
بند : جيڪو لئُون ٿو شراب سان لائي ،
تنهن کي ماري شراب کپائي .
1. ٻُڌ شراب جي مون کان ڪهاڻي ،
گڏ ٿيا ان ۾ باهه ۽ پاڻي ،
جنهن کي لذّت انهيءَ جي سيباڻي ،
تَنهنجا جيرا اُهو ٿو جلائي، جيڪو لئون ...
2. ٿيو مرڪّب منجهان آب َ ۽ شر َ ،
خَير اُن مان رسي ڪو نھ ڪنهن پر ،
آب ُ هِي ڪري بي آب يَڪسَر ،
آدميءَ مان مرون سو بناڻي، جيڪو لئون ...
3. جو نڀاڳو شرابي ٿئي ٿو،
نھ مَري ٿو نَڪي سو جئي ٿو،
جيڪو ماڻهو شراب پئي ٿو ،
تنهن کي موٽي شراب ٿو کائي، جيڪو لئون ...
4. وجهي شراب اندر ولوڙو ،
وجهي جان ۽ تن ۾ وڇوڙو ،
ڪري انڌو ۽ گُنگو ۽ ٻوڙو ،
عقل، هوش ۽ حَواس وڃائي، جيڪو لئون ...
5. آدميءَ لاءِ شراب ُ ٿي آفت ،
شل نھ ڪنهن کي پوي ان جي عادت ،
نھ ڇٽي تنهن کان ڪو تا قيامت ،
عُمر ساري رَندن ۾ رُلائي، جيڪو لئون ...
6. ڪريو يارو! شراب کان پاسو ،
اِنهيءَ ڦاهيءَ ۾ مور نھ ڦاسو ،
نھ چکو سو، رتِي هوئي يا ماسو ،
زهر جهڙو ضر رسو رسائي، جيڪو لئون ...
7. موت جو ڀاءُ بيشڪ ٿيو سو ،
مُنڍ آهي خرابين سڀن جو ،
مُر شرابِي تونگر هجي ڪو،
نيٺ پنڻن جان اُن کي پنائي، جيڪو لئون ...
8. اِن ندوري گهڻا گهوٽ گهايا ،
ڪيترا ٻيڙا ٻوڙي گنوايا ،
دين دنيا ٻنهي کان وڃايا ،
اِن بلا کان ڌڻي شل بچائي ! جيڪو لئون ...
203.هاريءَ کي صلاح
1. آئي موسم، تُون ڪر پوک جي ڪار،
چڙهيو پاڻي، کُهاڏو ٿيو تيّار ،
ڪر تُون پورهيو ۽ همّت نھ تون هار ،
کڻ تُون ڪوڏر ڪُلهي تي، ٿِي هشيار ،
ادا هاري ! اُٿي چاڙهه تون نار ،
ويهِي ڳاڏيءَ تي ڏاندن کي ڳٽڪار .
2. وڍي جهنگ آئٺو تُون صفا ڪر ،
ساڙ ڪهٻر تھ ڌرتيءَ اچي هَر ،
ٻڌي ٻارا ، ٻَنا رک تون نيسر ،
مالهه ۾ ڪنگرن جي تون رک سار، ادا هاري ...
3. ريج ڏئي، ٻج ڇٽي پوءِ اٿلاءِ،
ڦُٽي آخر ، وڌي ۽ ڀري جاءِ ،
ڪري ٻُوري ۽ پوءِ سَنگ آڻاءِ ،
چڙهي پيهي تي بيهي هڪل جهار، ادا هاري ! ...
4. اَن ُ پچي نيٺ ۽ پئي لابارو ،
اچي ٻاريُڻ رکڻ جو بھ وارو ،
ڳاهي، وائُري ڪڍج اَنّ سارو ،
ڀري گنديون رکج ڪاسا خروار ، ادا هاري ! ...
5. ياد رک تون ”قليچ“ جو گفتو ،
لڻندو سو نيٺ، پوکيندو جيڪو،
ڪرڻيءَ ڀرڻيءَ جو وهنوار ايءُ ٿيو ،
ڪري اُن تي عمل سارو سنسار ، ادا هاري ! ...
(6). بحر رمل مخبون مسدّس
فاعلاتن فاعلاتن فعلات
204.خبردار ۽ سجاڳ رهو (انجيل مان)
ٿي ڪيو وعظ يسوع ڪٿ هڪ وار ،
ڪئي ماڻهن سان انهيءَ هيءَ گفتار .
ڄاڻي سڀڪو ٿو ، آهي جڳ فاني ،
نھ پڇي موت ٿو پيري جواني .
آهي سڀني جي مٿان بيٺو اجل ،
سُڌ نھ ڪنهن کي تھ ڪڏهن چئي . تون هل .
تنهنڪري آهي مناسب اي يار !
رهجي ان لاءِ هميشه تيار .
جو خبردار رهي ۽ سجاڳ ،
ٿئي شامل ٿو انهيءَ ساڻ سڀاڳ .
ڇڏيو غفلت تڏهن آئين اي پيارو !
رهو پهري تي سدا هشيارو .
هڪ ڏيان ان جو اوهان کي آءٌ مثال ،
ٿئي معلوم حقيقت سندي حال .
ڪو سفر تي وڃي، پنهنجو ڇڏي گهر،
چوي دربان کي پنهنجي هن پر :
تون رهج در تي خبردار سدا ،
تھ اچي ڪو نھ لنگهي چور گدا .
حڪم مالڪ جو مڃي سو دربان ،
رهي پهري تي ، لڳائي سڀ ڌيان .
تئين اوهين پڻ رهو هردم بيدار ،
ننڊ ڦٽايو، رهو دائم هشيار .
جاڳي سڀ وقت ، ڌڻيءَ کي ڪريو ياد ،
تا رهو جڳ ۾ سدا خورم شاد .
گهرو هر وقت ڌڻيءَ کان به دعا ،
تھ اوهان جا ڪري مطلب پورا .
205.پنج نعمتون ”عين“ واريون
نعمتون پنج اصل کان آهن ،
جي آهن عين عنايت ۽ ڪمال .
جنهن ڪنهين عبد تي حق کان ٿيون عطا ،
ٿيا اُنهيءَ جا چڱا اخلاق خصال .
پنجني ۾ ٿي اچي ”عين“ اول ،
”عمر ۽ علم، عمل، عيش، عيال. “
206.سچائي ۽ سنوت (جاميءَ مان)
ان کي سڏجي نھ ڪڏهن صاحبدل ،
جو رکي هڪڙي زبان ۽ ٻي دل .
دل جي ڏامر جي ٿي، منهن ڪافوري ،
سچ کان سڀ کي ٿئي حاصل دوري .
ٿي منافق نھ، سچو رهه سڀ سان ،
پنهنجو ڪر ظاهر، باطن يڪسان .
يڪ دل ۽ يڪ طرف ۽ يڪرئو ٿي ،
کان دورنگن، تون سدا يڪسوُ ٿي .
ٿي ڏنگائي بھ ۽ ڪُوڙائي، خطا ،
۽ سچائي ۽ سڌائي ٿي روا .
ڳول سچ، ، ٻول بھ سچ، سار بھ سچ ُ ،
ڏس بھ سچ، ٻُڌ بھ تون سچ ، ڌار بھ سچ ُ.
جي سنئون تِير وڃي، ماري نشان ،
جي ڏنگو هو ّءِ، گُسي ري شڪ ۽ گُمان .
ڏس ُ چتائي تون الف بي جا اکر ،
’الف‘ جو سڀ کان مٿي ٿيو نمبر .
’الف‘ آهي سئون ، ٿيو تڏهن اهڙو ،
تون بھ ٿين اِئين ، جي رهين سنئون ۽ سچو .
ڪيميا آهي سچائي ۽ سَنوت ،
دل جي ٽامي کي ڪري سون ُ ، سُتت .
207.عشق جا عجيب ڪم
عشق اهڙا ٿو ڪري ڪمّ سَدا ،
جي ڪڏهن ٿِي نھ سگهن کان انسان .
بلبل آهي اُها،جا باغ اندر ،
پڙهي هر دم ٿي هَزارين دَستان .
208.قناعت جي تعريف
مُنهن قناعت ڏي ادا ! جي آڻين ،
زندگاني تون خوشيءَ جِي ماڻين .
اصل کان هرڪو اچي اِيئن ٻُڌنڌو ،
”قانِع آزاد ۽ طامِع بندو .“
209.برائي جي بدران ڀلائي ڪر
ڪَر َئِي غمگين جو ، ڪر تنهن کي شاد ،
جو ٻَڌي تو کي، ڪر اُن کي آزاد .
نيڪ نت رهُه تون بدانديشن سان،
ڪر چڱائي تون خطاڪيشن سان .
سمجهه، ظالم سندي تون رنج کي گنج،
داغ کي باغ تون ڄاڻي، کڻ هنج .
بخشش ۽ معافي ڏي تون ساڻ خوشي،
پاسو ڪر دوست ! ڪنا ڪينھ ڪَشِي .
جي ڪڏهن تو ڪئي بي احساني ،
ڍور ٿئين ، شڪل اَٿئي انسانِي .
210.وصال کان فراق چڱو
هڪڙي عاشق کان پڇيو مون، اي يار !
ڪيئن گذارين ٿو تون، چئو ، سان دلدار ؟
چيائين : گڏ اُن سان رهان ساري عمر ،
منهن اُنهيءَ جو پيو ڏسان ساري عمر .
مون پڇيس: تو سان ٿيو يڪدل يڪرو ُ ،
يا جفا، جور ڪري، ٿئي بد خو ُ .
چيائين: خوش گهاريون اسين شام سحر ،
آهيون هڪ ٻئي سان سدا شير شڪر .
مون چيس : اهڙو جڏهن تنهنجو يار ،
وصل ۽ نت اٿئي آرام قرار .
ڏٻرو ۽ زرد تڏهن آهين ڇو؟
درد ُ ، غم مُنهن تان نھ تون لاهين ڇو ؟
چيائين : وڃ وڃ ، تون نھ ڄاڻي ٿو سبب،
تنهنجي بيخبري اي احمق ! ٿي عجب !
عشق ۾ ساز کان ٿيو سوز ضرور ،
قرب کان بُعد ، ۽ نزديڪ کان دور .
قُرب ۾ خوف رهي ٿو کان زوال ،
بُعد ۾ آس رهي لاءِ وصال .
خوف ۾ نت ٿو جگر جان ڳَهي ،
سدا اُميّد ۾ دل خوش ٿي رهي .
ان ڪري، شاهه ڀٽائي ٿو چوي :
” جو فراقان، سو وصالان نھ ٿئي .“
(7). بحر هزج سالم
مفاعلين مفاعلين مفاعلين مفاعلين
211.علم زماني جو نئون دور
ويو دورو حڪومت جو، هلي حڪمت ٿي اڄ ساري،
آهي علم ۽ عمل جي چئو طرف جڳ ۾ عملداري .
آهي دنيا ۾ رهڻو جنهن کي ، تن کي مَر هجي معلوم ،
تھ آهي جِهل ، نادانيءَ جي معنى ذ ِلت ۽ خواري .
هلي اڄ علم ريءَ ٿو ڪين ڪم رازن ۽ واڍن جو ،
ٿي هر فن ۽ هنر ۾ علم ۽ ڏاهپ جي لاچاري .
تجارت جي نھ هوندو علم مان واقف جي سوداگر ،
تھ سودي مان ڪڏهن کٽندو، ڪمائيندو نھ واپاري .
نھ خدمت چاڪري تن نوڪرن جي ڪا پسند ايندي،
ڌڻين کي، جي انهيءَ کي ڏسندا ڪنهن ڀي علم کان عاري .
سَئيسَن، بورچين، درزين کي ڏيڻا امتحان آهن ،
ٿيو اڄ مدرسن توڙي هٽن ۾ فلسفو جاري .
نھ ڌنڌي وارو ڪوئي سمجهجي ٿو معتبر ري علم ،
نھ حجّام ۽ نھ قاصائي، نھ عطار ۽ نھ پاساري .
خدائيءَ جي مٿي، تعليم جي فرمان روائيءَ هيٺ ،
نهاريو جيڏي ، ٿي علم ۽ هنر جِي گرم بازاري .
212.ڇڙهو رهڻ ۽ پرڻجڻ جو مقابلو
ڇڙها هئاسين ، گذاريوسين ٿي نت آزاد ۽ انتها ،
نھ پنهنجي يا پَرائي جي هئي سين دل ۾ ڳڻتي ڪا.
ٿي خرچيوسين ۽ کاڌوسين، ٿي چوڙيوسين ۽ ماڻيوسين ،
ڏنو ڪنهن ٿي نھ ڏوراپو، نھ ڪنهن ٿي ڪئ پڇا ڳاڇا .
خوشيءَ جي نو ڪري هئي ۽ پڙهڻ ڳائڻ جي مشغولي ،
فراغت سان عبادت پڻ، ميّسر دين ۽ دنيا .
صفايون ڏئي رهياسين خوش ٿي ، خوراڪي ۽ پوشاڪي ،
ڪڍي سينڌيون، وجهي سرما، هنياسين تيل ٿي سرها .
ڪئي سين نيٺ پوءِ شادي، خدا ڪئي خانھ آبادي ،
هئاسين جڳ کان اڳ بهتر، ٿياسين پوءِ جڳ جهڙا .
رهياسين خوش ٿي پرڻي بعد پڻ گهَر َ جي محبت ۾ ،
ورهه ٻھ مَحو هئاسين، جيسين هڪڙو ٻار ٿيو پيدا .
لنگهيا جئن سال، ڄاوا ٻار، پئي برڪت ججهي گهر ۾ ،
وڌيا تيئن انتظار ۽ فڪر ، ڏک ۽ خرچ ۽ سودا .
فراغت ۾ پئي حرڪت، عبادت ۾ پيو رخنو ،
نمازن منجهه ٻچن ٻارن جا فڪر ۽ خيال شامل ٿيا .
انهيءَ پر، جڳ کان اڳ بهتر ۽ پوءِ همسر ۽ پوءِ ابتر ،
حياتيءَ جي ترقّيءَ ۽ تنزّل جا اهي درجا .
نڪاح آهي پناهه شيطان کان هن نفس جي بيشڪ ،
۽ بند ُ آهي شريعت جو ، پَوَن مومن انهيءَ ۾ ٿا .
سُکن لاءِ شڪر ڪن ۽ ڪن ڏکن لاءِ صبر دنيا ۾ ،
ٿين جنت ۾ داخل حشر ۾ ، شڪر ۽ صبر وارا .
”قليچ“ آزاد ٿيو ان بند ۾ پڻ، گرچھ چيو حافظ :
”کھ عشق آسان نمود اول ولي افتاد مشکلها “ .
213.ڇوٽڪاري جو رستو (انجيل مان)
ٻين تي جي نھ لايو ڏوهه ، ٻيا اَن تي نھ لائيندا،
مَئي جنهن ماڻ سان ڏيو، ٻيا بھ اَن کي ماڻ سو ڏيندا .
ڪَٽَر تون ڀاءُ پنهنجي جي اکين ۾ ڇو نهارين ٿو ؟
ڏسين ٿو ڇو نھ ايءُ جو ڪاٺ پنهنجي اک ۾ ڌارين ٿو ؟
ڪُتن کي پاڪ شيءِ ڏيو ڪانھ ، اَن کي چڪ نھ پائن ٿا،
ڏيو موتِي نه سُوئرن کي، تھ پيرن ۾ نھ ڪن پُرزا .
ملي اُن کي، گهري ٿو جو، لڀي ان کي، جو ٿو ڳولي ،
جو کُڙڪائي گهِڙڻ لاءِ ٿو، انهيءَ کي دَرُ ڏين کولي .
اوهين ٻارن کي پنهنجي ٿا چڱيون چيزون ڌيو چونڊي،
اوهان کي ڪيئن ڌڻي آن جو نھ ڏئي ، جيڪي اوهان گهرجي ؟
هَلن ماڻهو ڪُشادي دَرَ مان ۽ ميدان مان اڪثر ،
پون ٿا پر منجهي ان ۾، ٿين ٿا ناس پڻ يڪسر .
حياتيءَ ڏي وڃي جا واٽ سا سوڙهي، سنهي آهي،
لهَن ڪي ٿورڙا ان کي، وٺي سو جنهن جو جيءُ چاهي .
سنڀاليو عالمن ڪُوڙن کان، جو اَن کي ٺڳيندا سي،
رڍُن جي ويس ۾ آهن بگهڙ، تن کان ڀڄو پاسي .
نھ ڏيندا ڊاک ڪنّڊا ۽ نھ ڪَن اَنجير ڪانڊيرا،
سڀئي وڻ پنهنجي ميون تي چڱا بڇڙا سڃاپن ٿا .
اچو مون وٽ تھ آءٌ اَن کي سچي تعليم سيکاريان ،
اوهان کي ڇوٽڪاري جو سنئون رستو آءٌ ڏيکاريان .
جو هلندو ان تي سو بچندو، ٽَڪَر تي گهر ُ ٿيو اُن جو ،
جو مُڙندو، نيٺ سو مرندو، جو واريءَ تي سندس گهر ٿيو .
214.پردي جي تعريف (مخمس)
1. جي ابن الوقت آهن تن جي لاءِ آزار ٿيو پردو،
نھ جن کي ننگ ۽ ناموس تن لاءِ عار ٿيو پردو ،
تماشائي جي ميڙن جا، تني تي بار ٿيو پردو ،
جتي شرم ۽ حيا ڪونهي اَتي بيڪار ٿيو پردو ،
اکين ۾ تن انڌن جي ڄڻ چُڀڻ لاءِ خار ٿيو پردو .
2. لکين خوبيون ۽ نيڪيون پاڻ منجهه پردو لڪائي ٿو ،
هزارين فائدا ديني ۽ دنيائي رسائي ٿو .
گناهن کان گهڻن قسمن جي ، مَردن کي هٽائي ٿو ،
بد انديش ۽ بد ڪارن کان زالن کي بچائي ٿو ،
شرارت، شَيطنت ٽارڻ جو ذمّھ دار ٿيو پردو .
3. سڀن جا هن زماني ۾ ڦِري اَخلاق ٻيا ٿيا هاءِ !
ڦيرايا مغربِي تعليم تن جا خيال، تن جي راءِ،
ٿا ڄاڻن، آهي دنيا هر طرح آزادگيءَ جي جاءِ،
چَون نادان سي، پردو رکڻ مشڪل ٿيو جڳ لاءِ ،
حيا ورندي ڏني تن کي تھ ، ڇا دشوار ٿيو پردو !
4. مخالف جي ٿياپردي جا، ان ۾ ڇا ڏسن خوبي ؟
تني وٽ ستر ، اوگهڙ، روشني، اونداهي هڪ شيءِ ٿي ،
حيا، ايمان آهي،ستر، پردو حڪم ٿيو ديني ،
ٿيا جي بي حيا، پرواهه تن کي ناهي پردي جي ،
حيا وارن شريفن لاءِ نِت درڪار ٿيو پردو .
5. جي آهن نيڪ، تن جِي آبرو عزت ٿي پردي ۾،
جِيَن سي ٿا ڀي پردي ۾ ، مرن سي ٿا ڀي پردي ۾ ،
جي عادت ٿي، تھ پوءِ ناهي ڏکيائي ڪائي پردي ۾ ،
خوشيءَ سان ٿا گذارن سي حياتي پنهنجي پردي ۾؛
پڇو جي سچ تھ تن جو مُونس ۽ غمخوار ٿيو پردو ،
”قليچ“! آهي طلسم ايءُ هڪ ، عجب اسرار اُن ۾ ٿيا ،
بچائڻ لاءِ عصمت جي، حيا جِي ڀت ٿِي هيءَ پيدا ،
بلاشڪ سَدّ کان آهي سڪندر جي بھ ڏاڍي سا ،
ڀلي ياجوج ۽ ماجوج ڪوشش رات ڏينهن ڪن پيا ،
چَٽي سگهندا نھ سا، جو لوهه جِي ديوار ٿيو پردو .
215.يار منجهه سڀ ڪجهه موجود
جي مطلب مَئي مان ٿيو مستِي، تھ سا اک يار جي ڌاري ،
جي گل مان رنگ جو مطلب، تھ سو رُخسار ڀِي ڌاري ؛
پريشانِي، ڏنگائيءِ کان ٿيو حي بخت بد منهنجو،
تھ ا ِيءَ دلبر جي زلفن جِي بھ هر هڪ تار ٿِي ڌاري ؛
216.شيعن وٽ غدير، خلافت جي ثابتي
خلافت جي علِيءَ جِي معتبر شاهد، ’غدير‘ آهي ،
نبيءَ هُس مومنن جو جڏهن سڏي مَولى ڪيو اَولى .
وڙهن پوءِ ڇو ٿا معنى تھ مڙئي، مَن ڪُنت مولى جي ؟
علي مَولى، اُنهيءَ معنى سان، جنهن سان ٿيو نبي، مَولى .
217.حق ڪيئن ٿو ڏسجي؟
هڻڻ لوهه ۽ پهڻ سان آتش سوزان ٿئي پيدا ،
ٻَئِي عالَم هڻيِن برهم تھ پوءِ جانان ٿئي پيدا .
نھ ڏسجي شمع جو ٿو نُور هن فانوس خاڪيءَ مان ،
مِٽِي جڏهن جسم جِي ويهي، تڏهن مَس َ جان ٿئي پيدا .
218.پنهنجوپاڻ زميندار
هنجن جا داڻا ساوا ڪن اکين جا، ماڻهو پاڻي ڏئِي ،
ٿيّا هاري پنهنجا، ۽ ٻج ُ نار کوهه پنهنجو ، زميندار آءٌ .
نھ پروا مينهن جي مون کي، نھ دريا جي ڪڍان آءُ ڪاڻ ،
نھ ڳڻتي ڍل ۽ ٻج ڀَت جي، نھ ڪنهن جو ٿيان قرضدار آءٌ .
219.قلندر ۽ زاهد جو فرق
قلندر ُ رند آءٌ زاهد، جهانن ٻنهني کان فراغ ،
رکين تُون دين دنيا ٻئي، نھ مون وٽ هِي نھ مون وٽ هوُ .
ڪريان زاري ۽ نيزاري جو اُن ري ٻيو رکان آءٌ ڪين ،
۽ تو وٽ زور زر ٿيا ٻئي ، نھ مون وٽ هِي نھ مون وٽ هو .
220.سچي سخا
سو درويش آهي سلطان دل، جو سڄ جان فيض پهچائي ،
اگهاڙن کي ڏئي زر بفت، ڏسجي خود اگهاڙو ئِي .
سخا چئجي سچي سا، جا ٻين جي لَئي ، نھ پنهنجي لئي،
اُها مينهن آهي رحمت جو، چڱي بڇڙي تي ئي ليٽي .
سخا بدلي سندي اُميّد تي آهي رياڪاري ،
ڏ َئِي هڪ، ڏهه گهرڻ عيوض خدا کان ، بلڪ ستّر ڀِي .
221.سچي درويشي
سليمانيءَ جِي ڇڏ دعوا، اول هن ديو نفسيءَ کي ،
ڪُهي رک، بند ڪر، يا لوڌي ڪڍ يا اُن تي غالب ٿي .
نھ درويش آهي سو، جنهن کي هَوَس هو ئي تاج شاهيءَ جو ،
سو درويش آهي، هڪُ ٿِي جنهن کي ، سلطاني ۽ درويشي .
222.مسجد ۽ ميخاني جي وچ ۾ واٽ
نھ مسجد ۾ ڇڏينَم ٿا، چو َن، هي شخص رند آهي ،
نھ ميخاني ۾، جو ڄاڻن ڪچو ميخوار تا هِي آهه .
چَون، مسجد ۽ ميخاني جي وچ ۾ واٽ هڪ آهي ،
آهيان عاشق غريب آءٌ، مومنو ! سا آهي هڪڙي راهه ؟
223.صنعت لف نشر
جڏهن دشمن تي هُو ڪاهي يا اُن تي سنگ هُو ساهي ،
پئي مئي جڏهن مجلس ۾، هڻي جڏهن گوءِ منجهه ميدان .
فلڪ اُن جو ٿئي گهوڙو ۽ تير اُن جو پُڇر تارو ،
پيالو سج ٿئي ان جو، نئون چنڊ اُن جو ٿئي چوگان .
224.يوسف جا ٽي پهراڻ
ڪتابن ۾ پڙهيو ٿم، دوستو ! يوسف جي ڏک سک وقت ،
تھ پنهنجي عمر اَندر اُن کان ٽي پهراڻ کسجي ويا .
هو هڪ سو، جو ڀريو رت ۾ دغابازيءَ کان ڀائن جي،
ٻيو ڦاڙيو زليخا، جنهن ڪئي تهمت مٿس برپا .
ٽيو سو، جو کڻي ويا ان جا ڀائر مصر مان ڪنعان ،
جنهين جي بوءِ کان يعقوب ٿيو نابين مان بينا .
مشابهه پهرئين سان مُنهن منهنجو، ۽ ٻئي سان ٿي دل منهنجي،
ٽيو حاصل ٿئي، جڏهن دوست سان واصل ٿيان يڪجا . |