سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :14

 

3. بحر رمل مسدس

فاعلاتن فاعلاتن فاعلات

 

113. دولت جو خمار اجايو (مسدس)

ڏينهن ٿورا آهي دولت جو خمار،

موت جي ترُشي، نشو لاهيندي يار،

جڏهن جنازو تنهنجو کڻندا دوستدار،

تڏهن مَلي هٿ چوندين پيو تون بار بار ،

ڇا اچي هت ڪيم، وڃان ٿو اڄ لڏي ،

هوم جيڪي، سو وڃان ٿو هت ڇڏي .

 

114.حضرت موسى ۽ ڌڻار جي ڳالهه (مثنويءَ مان)

هڪ دفعي موسى ڏٺو هڪڙو ڌڻار،

جنهن خدا کي ٿي چيو: اي ڪردگار!

تون ڪٿي آهين تھ نوڪر تنهنجو ٿيان،

۽ ڳليون تنهنجي جُتيءَ جون آءٌ سبان .

اي خدا سائين ! ڌڻي منهنجا اجها!

آءٌ ۽ منهنجو آل سڀ تون تان فدا.

 تون ڪٿي آهين ته توکي ڏيان ڦڻي؟

۽ ڪڍان تنهنجي مٿي سان جون کڻي .

تنهنجي ڦاٽل ڪپڙي کي ٽوپو ڏيان،

 ۽ پيئڻ لاءِ کير آڻي تو ڏيان.

جي ڪڏهن تون ٿي پوين بيمار ڀي،

آءُڪريئين دل ساڻ خدمت چاڪري .

۽ چُمان هٿ تنهنجا ۽ پيرين پَوئين،

۽ سمهڻ جي وقت هنڌ ٺاهي ڏ ِيئَين .

پئيم جي سُڌ، ڪٿ ٿئي تنهنجو  رهڻ ،

ڏيان ڏهاڙي تو کي آءٌ  ڏڌ ۽ مکڻ .

پڻ پنير ۽ ڌونرو ۽ عمدا طعام،

۽ بھ اُڦراٽا ڏيئين سڻڀا تمام.

پنهنجون ٻڪريون تو تان آءٌ صدقو ڪريان،

ياد توکي هرگهڙيءَ ويٺو ڪريان .

ان طرح بَڪ ڪئي ٿي ويچاري ڌڻار،

تا اچِي موسى چيس : اي منهنجا يار !

ٿو سڏين جنهن کي، سو خالق سڀ جو ٿيو،

اُڀ ۽ ڌرتيءَ کي انهيءَ پيدا ڪيو .

ههڙي بي عقليءَ ۾ ڪيئن ڪاهي پئين؟

ناهين مومن تون، مگر ڪافر ٿئين .

ڪهڙي بَڪ بيهودي ڪئي تو اختيار ؟

ڪفر ناحق ٿو بڪين، ڪر ڪا سنڀار .

ڇا جُتِي، ڇا ماني؟ لاءِ تنهنجي آهه ،

اهڙي ڪنهن شئي جي خدا کي گُهرج ناهه .

جي اجايو تو کي ٿيو اهڙو گمان ،

باهه نازل ٿئي، سڙي سارو جهان .

باهه جي ڪارَنهن لڳِي ايءَ تو کي آهه ،

دل ٿي گمراهيءَ کان تڏهن تنهنجي سياهه ،

 جي خدا کي تون ڌڻي ڄاڻين ها پڪ،

ڪيئن ڪرين ها اهڙي گستاخي ۽ بڪ .

دوستي نادان جي ٿِي دشمني،

اهڙي خدمت کان خدا آهي غني .

عقل پنهنجي جو وڃي ڪر ڪو علاج ،

ڇا ڌڻيءَ کي هو ئي جسم ۽ احتياج .

کير پيئندو سو، ننڍو ٿِي جو وڌي ،

۽ جُتي سو پائي، جنهن کي پير هوئي .

اهڙيون ڳالهيون ٿيون ٺهن بندن جي لاءِ،

حق جي نسبت ۾ ڪرين سي ڪيئن ٿو هاءِ !

بلڪ ڪامل مرد، جو ٿيو حق ۾ مَحو،

تنهن جي نسبت پڻ چوڻ ايئن آهي سَهو .

دل مري ماڻهوءَ جي اهڙي خيال کان،

بي ادب جو پنهنجي ٿئي خاوند سان .

جي کڻي ڪنهن مڙس کي تون زال چئين،

پئي وڙهي تو سان، هجي مَرُ پاڪ  دين .

پير ۽ هٿ ڪن اسان سان ٿا نباهه،

حق جي نسبت ايئن چوڻ آهي گناهه .

حق ڄڻي ٿو ڪين ۽ ڄائو نھ پاڻ ،

سو ڌڻي، ڄمندڙ ڄڻندڙ جو، سڃاڻ .

ايءَ ولادت، وصف آهي جسم جي،

حق جي نسبت ٿي شڪايت ايءَ وڏي .

هي ٻُڌي، پيو غم ۾ ويچارو شبان[1]،

چيائين؛ موسى! بند ڪيئي منهنجي زبان .

ٿيو پيشمانيءَ کان حال ان جو تباهه،

ڦاڙي ڪپڙا ٿيو روان ۽ ڪيائين آهه .

تڏهن ڏنو ڏوراپو موسى کي خدا،

منهنجو بندو تو ڪيو مون کان جدا .

موڪليو مون تو کي هو هت وصل لاءِ،

ڪين تون آيو هتي هئين فصل[2] لاءِ .

توکي ڪرڻو آهي هر هنڌ اتفاق،

وجهه نھ ڪڏهين تون نفاق آڻي فراق .

سڀ کي سيرت پنهنجي پڻ مون ڪئي مباح ،

سڀ کي پنهنجي ٻولي،پنهنجو اصطلاح .

هڪ جي لاءِ جا مدح، سا ٻئي لاءِ گلا ،

سڀ کي پنهنجي ٻولي، پنهنجو اصطلاح .

هڪ جي لاءِ جا مدح ، سا ٻئي لاءِ گلا،

‎‎‎‎‎‎هڪ جي لاءِ جا ماکي، ٻئي لاءِ زهر سا.

نور هن لاءِ آهي ۽ تو لاءِ نار،

گل ٿيو هن لاءِ ۽ تو لاءِ خار .

هن جي حق ۾ نيڪ، تنهنجي حق ۾ بد،

هن جي حق ۾ مقبول، تنهنجي حق ۾ رد.

آهيان آجو پاڪ ناپاڪائيءَ کان آءُ ،

رنج تڪليف چالاڪيءَ کان آءُ ،

خلق مون پيدا نه ڪئي هئي سود لاءِ ،

بلڪ بندن تي ڪرم ۽ جود لاءِ ،

هند جي ٻولي ٿي هندين لاءِ چڱي ،

سنڌ جي ٻولي ٿي سنڌين لاءِ چڱي .

پاڪ ٿيان آءُ ڪين ڪنهن جي مدح سان ،

پاڪ پڻ سو پاڻ ٿئي ٿو بيگمان .

آءُ نه ٻاهر کي ڏسان يا قال کي ،

آءُ ڏسان اندر کي ٿو ۽ حال کي .

دل تي آهي ماڻهن جي ، رهي منهنجي نظر ،

وات سان پيو چئي ڪِچا الفاظ مر .

دل آهي جوهر ۽ گفتو ٿيو عَرَض ،

ڪم عرَض سان ناهي، جوهر سان غرض ،

لفظ آهي ظاهري ڏيک ۽ مجاز،

مون کي دل جو سوز گهرجي، دل جو ساز .

تون اندر ۾ عشق جي ڪا باهه ٻار ،

ساڙ سڀ فڪر ۽ عبارت کي وسار.

فرق ڏس ! علم ۽ ادب وارا ٻيا ،

۽ اندر جي سوز وارا ٿيا ٻيا.

عشق ۾ عاشق جلي ٿيا خاڪ صاف ،

دهِه جا ٿي ويران، ڍَلَ تنهن تي معاف .

جي خطا سوچئي، نه خاطِي تنهن کي چئو ،

رت وهڻ کان ٿئي شهيدن کي نه ڀوُ .

رت شهيدن جو ٿيو پاڻيءَ کان پاڪ ،

سو صوابن کان خطا، هيءَ فرحناڪ.

ڪعبي اندر گهرجي ڪو قبلو نه ٿو .

آهي ٽوٻي کي جُتيءَ جو غم نه ڪر.

هوش جِي، بيهوش ۾ ڪا ناهي بُو ،

ڪپڙا ڦاٽل تنهنجا ڇا ٿيندا رفو.

عشق جو مذهب سڀن کان ٿيو جدا ،

عاشق جو مذهب آهي نت خدا .

لعل کي پڻ مُهر جو ڪو باڪ ناهه ،

عشق، غم جي بحر ۾ غمناڪ ناهه.

تنهن کان پوءِ موسيٰ جي دل کولي خدا ،

راز اونها تنهن کي سڀ معلوم ٿيا.

ڪڏهن ٿيو بيحود ۽ ڪڏهن آيو بخود ،

۽ اَڏاڻو ڪڏهن آزل کان تا اَبد.

حق کان جڏهين کيس آيو ايءُ عتاب ،

پيو پُٺيءَ ٻڪرار جي تڏهين شتاب،

ويو هليو صحرا ۾ پيرن تي سندس ،

پر نه هو ارمان کان اَو پنهنجي وس.

ڪڏهن سئون ٿي اُو هليو ۽ ڪڏهن ڏنگو ،

ڪڏهن دڙن تي ۽ کڏن ۾ ڪڏهن هليو .

ڪڏهن ٿي پيرن ڀر هليو هيٺ ۽ مٿي ،

ڪڏهن مڇيءَ جان ٿي رِڙهيو اُ پيٽ تي،

ڪڏهين هليو، ڪڏهن بيٺو ٿي حيران ٿي ،

ڪڏهن ٿي کينهوءَ جان ڊُڪيو غلطان ٿي.

نيٺ ان کي هٿ ڪيائين هڪڙي جاءِ ،

۽ ڏنئين خوشخبري، هئي جا ان جي لاءِ ،

چيائين: پيو چوء، جيڪي تنهنجي دل چوي ،

رخ، اَدب اخلاق ڏي تون ڪونه ڏي .

سڀ عمل ۽ قول تنهنجا ٿيامعاف ،

ٿيو به ميرايون مدايون تنهنجو صاف.

ڪفر تنهنجو دين ۽ دين عين جان ،

تون آمن ۾، تو کان جڳ ٿيو منجهه امان .

هن چيو: آي موسيٰ ! آءُ آهيان لنگهيو ،

حد انهيءَ کون، غم کان ٿيو منهنجو ڀلو .

عرش کان پڻ آءُ لنگهي اعليٰ ويس ،

۽ لکن ورهين جو پنڌ هُن ڀَر ٿيس.

تو هنيو چهبڪ، منکي گهوڙي کنيو ،

اُڀ جي گنبنذ کان مٿي نيئي هنيو.

آفرين ‘ ! رحمت خدا جي تو مٿي !

جو نيئي ناسوت کان لاهوت ڏي .

حال منهنجي جو بيان آهي محال ،

۽ چوان ٿو جيڪي ، سو منهنجو نه حال.

آئيني ۾ ٿو ڏسين جو نقش آهه ،

نقش تنهنجو آهه، آئيني جو ناهه .

نڙ وڄائڻ وارو، نڙ ۾ ڏئي جا ڦوڪ ،

آهي ماڻهوءَ جِي سا، نڙجي ناهي ڪوڪ .

شڪر حق جو ڪر  گهڻو ، ليڪن يقين،

تنهنجي لاءِ بهتر، مگر حق لاءِ ڪن .

ٿئي عبادت تنهنجي رحمت کان قبول،

توکي نھ تھ واجب ٿيڻ اُن کي ملول .

تنهنجي سجدي ۾ سچائي ناهي ڪا،

ٿِي کَٽي تنهنجي نماڻائي سدا .

ڏس نماڻائيءَ جو ڌرتيءَ تي اثر ،

گَند ُ پئي اُن ۾، ڏئي ٿي گل ۽ ڦر.

‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎ن پليدي، حق اسان جي ٿو ڍڪي،

۽ عوض ۾ اُن جي، پڪائڏ .

خاڪ کان ناحق مٿي ڪيو مون سفر ،

نھ تھ هجان ها خاڪ جان آءٌ بهره ور .

خاڪ تي رهه، خيال رک پنهنجو مٿي ،

ناهين اُڀ ۾ خيال جي ٿيو خاڪ تي .

خيال ڌرتيءَ جو ٿيو حرص ۽ هَوَس،

خيال اُڀ جو، نياز ۽ صدق آهي بس .

گاهه ڏس، جو عرش ڏي رخ ٿو رکي،

سو خوشيءَ کان پيو جِئي  ۽ پيو وڌي .

پر جي منهن ڌرتيءَ طرف اُن جو هجي،

ضعف کان گهٽجي ، سُڪي، ڪومائجي .

جي مٿي ٿيو هيل تنهنجي روح جو،

تون مٿي پهچين وڃي، چرڪو سگهو .

ميل ُ تنهنجو ٿيو جي ”اسفل سافلين“[3] ،

حق چوي ٿو : ”لااحَبّ الافلين“[4].

 

115.حياتي جو وڻ ۽ چئن ماڻهن جي جهيڙي جي ڳالهه

(مثنويءَ مان)

شيخ هڪڙو قطب هو عالم عظيم،

هڪ امير آيو انهيءَ وٽ ٿي سقيم.

تالهي اُن وٽ وڃِي پنهنجي مُراد ،

نااميديءَ ۾ ٿئي دل ان جي شاد .

شيخ کي روئي اچي اُن هيئن چيو :

حڪم مون کي بادشاهه هي آهي ڪيو .

مون کي ان وڻ جي تون ٽاري آڻي ڏي ،

جو عجب جهڙو ڪٿي پيدا ٿئي .

ان جي ميوي جي ٿي حيرت جهڙي ذات،

آب حيوان جيئن رکي دائم حيات .

ان کي مون ڳوليو گهڻو ئي دربدر،

پر نه ان جي ڪا پَئِي مون کي خبر .

جو انهن جو ذڪر ٿو مون کان ٻڌي ،

سو ڪري ٿو مسخريون ، مون تان کِلي .

شيخ تڏهن مُرڪي چيو تنهن کي: ابا !

وڻ اهو ٿئي علم جو، ٻي شي نھ ڪا.

جو وڏو آهي ڪشادو ۽ عجيب،

بحر کي پاڻيءَ حياتيءَ جي قريب .

ظاهري معنى تي تون آهين ڀُليو،

بي خبر باطن کان تڏهن آهين ٿيو .

ڀُلجي صورت تي ڪيو تو رستو گم ،

تڏهن حقيقت جو نھ ڄاتو تو حُڪم .

وڻ بھ اُن جو نانءُ ۽ ڪڏهين بَحرَ،

ڪڏهن ان جو نانءُ سڄ، ڪڏهين ڪڪر .

ٿيا اثر ان جا عجائب سئو هزار،

سڀ کان گهٽ ان جو اثر اڻ کُٽ ڄمار .

جنس هڪ جا لک اثر ٿيا بيگمان،

هڪڙي شئي جاٿيا گهڻا نالا نشان .

ڏس تھ هڪڙو ماڻهو ڪنهن جو آهي پيءُ،

ٻئي ڪنهين جو پٽ ٿئي سو ساڳيو جيءُ .

سو ئي آهي دوست هڪڙي جو سچو ،

سو ئي ڪنهن ٻئي جو آهي دشمن پڪو .

هڪڙي جو چاچو  يا مامو آهي سو،

رئيس يا نوڪر سڏي ڪنهن کي ٻيو .

شخصُ هڪ ُ ، نالا ٿيا ان جا هزار،

سڀڪو مطلب تي ڪري ان جي پچار.

ملڪ ۾ نالن انهن رولو وڌو،

نالو ان جو هر ڪنهين پنهنجو ڳڌو.

ان ڪري فرقا منجهن ٿيا بيشمار،

تفرقا تنهن کان پيا جڳ ۾ هزار.

تئين نه جي لهندين انهيءَ وڻ جو تون ڀيد ،

نانءَ تي ڀلجي تون رهندين نا اميد.

ظاهري صورت ڇڏي ڏي اي جوان !

ڳول معنيٰ باطني، آي پهلوان !

شڪل صورت ڄاڻ تون کل يا اکر ،

مغز جيئن معنيٰ انهيءَ جو آهي ڦر .

تون ڦٽو ڪر نانءُ قابوڪر صفات،

تا صفاتن مان لهين تون ان جي ذات .

ذات ۾ جڏهن گم ٿي اسودو رهين ،

نيڪ بد جو رنگ تون هڪڙو لهين .

خلق ۾ نالن ڪري پيو اختلاف ،

صلح معنيٰ آڻي، ڪئي دل تن جي صاف .

ان جو تو کي ڏيان ٿو آءُ هڪڙو مثال ،

پوءَ نه نالن مان رسي تو کي وبال.

چئن ماڻهن کي درم هڪ  ڪنهن ڏنو ،

قوم ٻي ۽ شهر ٻئي جو هر ڪو هو.

فارسي ۽ ترڪ ۽ رومي، عرب،

ڳالهه ايءَ ٿي تن جي جهيڙي جو سبب.

فارسيءَ چيو:  دوستو هاڻي هلون ،

شهر مان انگور کائڻ لاءِ وٺون

تڏهن پڙهي لاحول، چيو ان کي عرب :

ڇا ڪريان انگور گهرجي مون عنب[5].

ترڪ اِت تن کي چڙي چيو : اي گوزم !

اُڇليو انگور ۽ عنب، آڻيو اوزم[6] ،

وقت ٿيو روميءَ جي قال ۽ قيل جو ،

چيئين؛ آهيان شائق آءُ استافيل[7] جو .

ڪيو سندن تڪرار ات حد کان گذر ،

تن نه هئي نالن جي معنيٰ جي خبر.

ڌڪ هنيائون، پاڻ ۾ سي پيا وڙهي،

جاهل ۽ نادان هئا پڻ سي سڀئي.

هڪڙي ڏاهي تن جو ايءَ قصّو ٻڌو ،

۽ هو تن سڀنيٰ جون ٻوليون ڄاڻندو.

تنهن چيو، تن کي وڙهو ڇو ٿا اوهين ،

ڏيو اهو پنهنجو درم مون کي کڻي.

آءُ اوهان سڀني کي راضي ٿو ڪريان،

انجي گهُربل شئي سان دامن ٿو ڀريان ،

هڪ درم، چئني جو ٽاريندو نفاق ،

چئن ويرين ۾ سو وجهندو اتفاق.

ڳالهه چئني جي ٿي ڏسجي هيڪڙي ،

پر نتيجي ۽ اثر ۾ ٿئي ٿِي ٻِي .

ان درم جي جڏهن وٺي اُو آيو ڊاک ،

تڏهن سڀن کي قول ان جي تي ٿي ساک .

۽ به سمجهيئون پنهنجي سا بي سود جنگ ،

صلح ڪيائون، ٿيا وري ڪڏهين نه تنگ .

گرمي ٻاهر جي رهي ٿي بي اثر ،

گرمي ذاتي ٿي رکي عمدو هنر.

باهه سان ڪوسو ڪرين سر ڪو کڻي ،

ته به ڪري کائڻ ۾ سو سردي گهڻي .

ڇو ته ايءَ گرمي اُڌاري ٿي اٿس ،

۽ هو سردي اصل کان ذاتي اٿس .

  برف ڪهڙي سرد  ٿي ڏسجي مگر ،

کائين جي ، گرمي وڌائي منجهه جگر .

شيخ جو اخلاص کان وڌ ٿيو ريا ،

جو بصيرت کان اُهو آهي روا.

خلق جو اخلاص قسم آهي ٻيو ،

آهي سو پيدا انڌائيءَ کان ٿيو .

شيخ جو ٿو قول دلجمعي ڏئي ،

قول ٻئي جي مان حسد پيدا ٿئي .

ٿيو سليمان هو هتي حق جو نشان ،

جو پکين سڀني جي سمجهين ٿي زبان.

راڄ اُن جي ۾ گَڏيا شينهن ۽ هرڻ ،

عدل کان اُن جي ويا گڏجي گهمڻ .

۽ ڪبوتر کي نھ ڊپ هوباز کان،

هو بگهڙ شرمندو، رڍ جي ناز کان.

دشمنن جي وچ ۾ سو ٿيو هو امين،

۽ پکين کي نت ٿي پرچايئين يقين .

ڇو ٿو ماڪوڙيءَ جان داڻي لاءِ هڄين؟

ڇو سليمان جي نٿو پونيان ڀڄين؟

 

116.سوداگر ۽ چتونءَ جي ڳالهه (مثنويءَ مان)

نَئي جڏهن درياهه ۾ پئي، بحر ٿئي،

سج اڳيان ڪڪري بھ سج جهڙي ٿِي پئي .

جڏهن پوي داڻو ٻنيءَ ۾، ٿئي ٻني،

آدمي بنجي، اصل جا هئي مَني .

ماني جڏهن کاڄِي ٿِي ماڻهوءَ ۾ پوي ،

هُئِي مئل اڳ، پوءِ وڃي جئري ٿئي .

باهه ۾ جڏهن ميڻ ۽ ڪاٺي  ٿي چُور،

مٽجي  ڪارنهن مان ٿئي ان ۾ ٿو نُور .

پيسجي جڏهن پهڻ سرمو ٿو ٿئي ،

تڏهن اکين ۾ روشنائي ٿو ڪري.

تيئن ڀلو سو مرد جو پاڻئون ويو،

۽ مري، جيئري سان سو شامل ٿيو.

واءِ ! سو جيئرو، جو مُردي سان وهي،

ڏَئِي حياتي پنهنجي مُردو ٿي پوي .

روح تنهنجو ڄڻ پکي پڃري ۾ آهه،

قيد مان تنهن کي ڇٽڻ جي رمز ناهه .

روح جي آهن ڇُٽل پڃري منجهان،

انبيا ۽ اوليا ٿيا اصل کان .

سي ڇُٽڻ جو تو کي رستو ايءُ ڏسِين ِ،

جي مرين بيمار ٿي، ڇٽندين يقين .

خلق ۾ جي هوندين هت مشهور تون،

بند ۾ هوندين سدا رنجور تون .

ٻڌ تھ هڪڙي ڳالهه آءٌ تو کي چوان ،

حَق ٿئي معلوم تو کي ان منجهان :

هڪڙي سوداگر هو پاليو هڪ مِٺُو،

بند پڃري ۾ رکيل دائم هو اَو .

اوچتو درپيش ٿيو ان کي سفر،

ويو ٿي هندستان ڏي سوءدڻ وکر .

گهَرَ جي ڀاتين کان ۽ ٻانهن کان پڇيئين،

ڇا اوهان جي لاءِ آڻيان، چئو اوهين ؟

هر ڪنهين هڪ شئي ٻڌائي دل گهري ،

آڻڻي تاجر ڪئي سا سو کڙي .

پوءِ چتونءَ وٽ آيو، چيائين؛ اي ٻچا !

آڻيان هندستان مان تو لاءِ ڇا؟

چيو چتونءَ: جڏهين ڏسين اُت ٻيا چتون ،

حال منهنجو ساري ڪج تن ساڻ تون .

چئج مُئو منهنجو مِٺوُ ٿي منجهه فراق،

هوس گڏجڻ جو اوهان سان اشتياق .

بند ۾ پڃري جي ڦاٿل هو مدام،

ٿي ڏنئين اَن کي دعائون ۽سلام .

چيئين ٿي : آئين ڪا ڳولجو منهنجي ڳري ،

نھ تھ جدائيءَ ۾ سَند ُوَ  ويندس مري .

ڪيئن جڳائي دل تي منهنجي اهڙو داغ ،

۽ مزي سان آئين گهمو بستان باغ .

نيٺ هندستان ڏي تاجر ويو ،

۽وڃي واپار ۾ مشغول ٿيو .

هڪڙي ڏينهن هڪ هنڌ انهيءَ جو ٿيو گذر ،

۽ مِٺُن جو اُت ڏٺائين هڪ ولر .

ياد تڏهن پنهنجي چتونءَ جي ڳالهه پيس،

ءِ ڏيڻ پيغام جي ڳڻتي به ٿيس .

پوءِ ڏنئين تن کي دعائون ۽سلام،

۽ رسايئين ان جو جيڪو هو پيام .

تڏهن ٻڌڻ سان هڪ مِٺُو پَٽ تي ڪريو،

ڦٿڪي ڦٿڪي، ٿي مئل پئجي رهيو .

چيو ٿي سوداگر، ٿيو ڇا مان هي ڇا!

حڪم ڇو طوطيءَ جو مون آندو بجا !

هي متان ان جو ڪو هو مائٽ قريب !

ٿيو اثر پيغام جو ان تي عجيب !

تن جو هڪٻئي سان متان بيحد هو چاهه !

جسم هئا تن جا ٻھ ، ليڪن هڪڙو ساهه !

ڇو ڪيم ايئن، جو ڏنم ان کي پيام؟

مفت ويچاري جو ڪم مون ڪيو تمام .

باهه ٿي ٻاري هي ماڻهوءَ جي زبان ،

لوهه ۽ پاهڻ جي اُوءَ آهي سمان .

ٿيا ڪپهه جا ڍير چوڌاري رکيل ،

چڻگ هڪڙي ساڙي تن کي هڪڙي پل .

هڪ سخن ، عالَم ۾ ويراني وجهي ،

هڪ اکر ،جڳ ۾ پريشاني وجهي  .

تنهن کان آهي ماٺ بهتر اي پسر !

صبر نت آهي مٺو ، جئين ٿِي شڪر .

ٻار ماڻهوءَ جو رهي گنگو اول ،

ٿو تڏهن ڳالهائي جڏهين پئيس ڪَل .

تون بھ جڏهن سمجهين، تڏهن ڳالهاءِ ڪي ،

ياد نھ تھ رک، ماٺ نت آهي مِٺِي .

نيٺ سوداگر اهو موٽيو وطن،

سو کڙيون تن کي ڏنئين ، چيو هوس جن .

تڏهن پڇيس طوطي : آمنکي چوُ تون شتاب !

ڪو مليئي منهنجن عزيزن کان جواب ؟

چيوس سوداگر تھ پڇتايان ٿو آءٌ،

آڱرين پنهنجين کي چڪ پايان ٿو آءٌ .

تا ڏنو پيغام ناحق تُنهنجو مون ،

حال جي ٻڌندين، تھ پوندين ڏک ۾ تون .

جڏهن مِٺُن کي ات ڏنم تنهنجا سلام ،

هڪڙو تن مان پيو ڪري، ٻڌندي پيام .

مون کي دل ۾ تڏهن گهڻو ارمان ٿيو،

هٿ اچي ڪيئن تير ، جو سيڱوءن ڇُٽو .

جيڪي ٿيڻو هو سو ٿيو، اٿليو ورق،

پر سکيس اڳتي، عمر لاءِ ايءُ سبق .

جڏهن مِٺُوءَ احوال مائٽ جو ٻڌو،

تڏهن منجهس هڪ جوش محبت جو اٿيو.

ڏڪندي ڏڪندي پيو ڪِري ۽ٿي ويو سرد ،

ٿيو گهڻو تاجر کي ان کان دل ۾ درد .

پَٽ ِ هنيئين پڳ ۽ ڪيئين ڪپڙن کي چاڪ ،

۽ رڙي روئي ، وسايئين سر تي خاڪ.

چيائين: واويلا ! چتون ! هيءُ ڇا ڪيُئي ؟

ايئن مرڻ سان، مون کي پڻ ماري وڌئي.

ساهه منهنجو تو ۾ هو منهنجا پکي !

پر وڃي تو موت جي لذّت چکي .

هاڻ توري ٿيو منکي مشڪل جيڻ ،

عمر ساري سور ٿيو مون کي پيڻ .

هئي مِٺي منهنجا مِٺُو ! تنهنجي زبان ،

پر ڪيو هئي هئي انهيءَ ڏاڍو زيان !

باهه آهين، اي زبان ! ۽ آهين ٻار،

باهه ان جي ٻار ِ ۾ هرگز نھ ٻار .

اَي زبان ! آهين عجب تون گنج پڻ ،

اَي زبان ! آهين وڏو تون رنج پڻ .

جڏهن مٺو اڇلائي تاجر ڪيو ڦِٽو ،

تڏهن اُڏاڻو اوچتو ، سڀڪنهن ڏٺو.

ڪيو مِٺوءَ کي ان طرح آزاد موت ،

غم ڇڏائي، پڻ ڪيس دلشاد موت .

پنهنجي مائٽ جي وصيّت تي هليو ،

بند مان پڃري جي تڏهين اُو ڇُٽو .

ڏس اکر، آواز، گفتي ڪيو هي ڇا؟

ڇوٽڪارو اُن مان، اَن مان پڻ بلا .

دم جياري ٿو ۽ دم ماري بھ ٿو ،

دم اُجهائي ٿو ۽ دم ٻاري بھ ٿو .

لفظ ”ما“، عربي لغت ۾ ڏس ڀلي ،

نفّي آهي سو، ۽ سو اثبات ڀي .

پارسيءَ ۾ ”لب“  ٿيو ماڻهوءَ جو چپ،

”لب“ منجهان تون سمجهه پڻ درياجو ڪپ .

”لا“ منجهان پڻ آهي ”الاّ“ جي مراد،

اُن جي لاءِ ، ڪلمي جي معنى ڪر تون ياد .

ٿارهن ميٺاج کان ڪي تُرشرو،

ماٺ ڪن ،جڏهين گهڻي ٿئي گفتگو .

حرف هڪ منهنجي ۾ ماپن سئو سخن ،

راز منهنجو ڪين سڀ سمجهي سگهن .

 

117.چيني ۽ رومي نقاشن جي ڳاهه (مثنويءَ مان)

 لوهه جان تون ڪَٽ ڇڏي ٿي آرسي،

ڪر تون محنت، آئنو، آهِن[8] مان ٿي .

ڇڏ لّوهائِي، لوهه تون بيرنگ ٿي،

منجهه رياضت  آئنو بي زنگ ٿي.

پاڻ کي ڪر صاف وصفن پنهنجي کان ،

ذات تنهنجي پاڪ تڏهن ٿيندي عيان .

علم تڏهن دل ۾ نبيّن جان ڏسين ،

ري مُعَلمّ ۽ ڪتاب ، استاد ٿين .

چيو نبيءَ : منهنجو اُهو ٿيو اُمّتي،

جنهن ۾ جوهر منهنجو، همّت مون سندي .

نور سو ئي، مون اندر پڻ سي ڏسن ،

جو ڏسان ٿو جسم ۾ ظاهر سندن .

شام جي ڪُردي، صبح جو ٿئي عرب ،

جيئن حديثن ۾ لکيل ٿيو ، ايءُ عجب !

علم باطن جو جي وڌ گهرجئي مثال ،

ٻُڌ، ڪريان چينين ۽ رومين جي مقال:

چيو ٿي چينين : نقش ۾ استاد اسين ،

چيو ٿي رومين: وڌ اسين آهيون يقين .

تن ٻنهي کي چيو سڏي تڏهن بادشاهه :

امتحان آنء جو وٺان، ڏيئي پناهه .

بحث چينين جو ۽ رومين جو هليو ،

پنهنجي دعوا ۾ ٻنهي سڀڪجهه چيو .

چينين جو زور هو صنعت، هنر ،

رومين جو علم ۽ حڪمت ڪَثَر .

جاءِ هڪڙيءَ جا ٻھ  ڀاڱا ڪيوءن تيار ،

وچ ۾ پردو پڻ وجهي، ڪيوءن استوار .

هڪڙو چينين جي حوالي تن ڪيو،

۽بھ رومين جي حوالي ڪيوءن ٻيو .

هر ڪنهين ڪئي پنهنجي نقّاشي شُروُع ،

ٿي گهريو هر ڪنهن ، تھ ٿئي او سرخرو .

چينين سئو رنگ پنهنجي لاءِ گهريا،

بادشاهه تن کي گهرائي سڀ ڏنا .

رومين چيو : رنگ جي ڪا گهرج ناهه ،

زنگ لاهڻ جو اسان کي فڪر آهه .

تن سڄو ڏينهن ٿي گهڻي  مالش ڪئي ،

۽ ڀتيون چمڪڻ لڳيون سڀ صاف ٿي .

آهي صدرنگيءَ مان بيرنگيءَ ڏي راهه،

رنگ بادل آهه، بيرنگي ٿي ماهه .

ٿي لڪل جيڪا ڪڪر ۾ روشني ،

سڄ ۽ چنڊ جي، توڙي تارن جي سا ٿي .

جڏهن ڪري ڪم پورو ، چيني سڀ اٿيا ،

۽ خوشيءَ کان تن بھ ماڻيا ٿي مزا .

بادشاهه آيو تڏهن اندر گهڙي ،

چِٽ ڏسي، بيهوش ٿيو حيرت ۾ پئي .

پوءِ رومين جي حصي ۾ آيو اُو ،

۽ کنيائون پردو اُن جي روبرو .

عڪس ُ، تن نقشن ۽ تصويرن سندو ،

آرسيءَ جهڙين ڀِتين تي اُت پيو .

جيڪي هُت هو، سو ٿيو موجود هِت ،

چئو طرف، ڇا فرش ۽ ڇا ڇِت ۽ ڀِت !

ايءُ صفائي، وصف دل جي آهي صاف ،

جنهن ۾ بيصورت جي صورت ڏئي شگاف .

آئي ايءَ بيصورتي، صورت وٺي،

آرسيءَ ۾ دل جي جا موسى ڏٺي .

گرچھ ايءَ صورت نھ ماپي منجهه جهان،

ڪيئن کڻي ان کي زمين ۽ آسمان .

جو اُهي معدود[9] ۽ محدود[10] ٿيا ،

دل جي آئيني کي آهي حد نھ ڪا .

تڏهن اها ماپي ٿي دل ۾ بيمثل ،

جو انهيءَ سان دل ٿي، يا اُو آهي دل [11].

نقش جيڪي ان مان نڪرن تا ابد،

عڪس تن جو پوندو دل تي بيعدد .

صورتون اندر مان جي ٻاهر ٿين،

بي حجابيءَ کان منجهس ظاهر ٿين .

صاف صوفي ٿي، ڇُٽِي سڀ رنگ کان،

۽ ڏس هردم ٿا خوبي، سنگ کان .

نقش ۽ کَلَ علم جي ڄاڻن ٿا ڪين،

 تن جو ٿيو علم ُاليقين[12] عَين اليقين[13].

فڪر ڪونهي تن کي، سڀ ٿي روشني،

بحر ۽ بَر جي خبر تن کي پئي .

موت، جنهن کان ٿا سڀئي ماڻهو ڀڄن،

مردَ هي، هردم انهيءَ تي ٿا کِلن .

تن جي دل جِي پئي نھ ڪنهن کي ٿي خبر،

ٿيا اُهي سِپَ وانگي دائم پُر گهُر .

۽ وساري سڀ ڇڏيو تن فقهّ نَحو ،

ان جي بدران فَقر ورتو تن ۽ مَحو .

نقش جي اٺني بهشتن جا هئا ،

دل جي تختيءَ تي سندن ظاهر ٿيا .

عرش ۽ ڪرسيءَ کان پڻ سي ويا مٿي ،

پهتا در جي تي سي مقعد[14] صدق جي .

مَحو مطلق ٿيا، اَٿن پر سئو نشان ،

عين حق ٿيا، تن نشاني گهرجي ڪانھ .


[1]  ڌڻار

[2]  ڦوڙائو، جدائي

[3]  آيت، ”ثم رد دناه اسفل سافلين“ يعني پوءِ (انسان) هيٺاهين کان هيٺاهين ذليل درجي تي پهچي ويو.

[4]  آيت: ابراهيم سج، چنڊ کي لهندي چيو ته آءٌ لهندڙ سان محبت نه ٿو ڪريان.

[5]  انگور

[6]  انگور

[7]  انگور

[8]  لوهه

[9]  ڳاڻيٽي ۾ اچي سگهندڙ

[10]  حدن ۾ اچي سگهندڙ

[11]  حديث قدسي: لايسعني ارضي ولاسمائي ولڪن يسغني قلب عبدي المومنن يعني آءٌ زمين ۽ آسمان جي وسعت ۾ نٿو ماپي سگهان، پر مومن ٻانهي جي قلب ۾ ماپي سگهان ٿو

[12]  يقيني علم

[13]  اکين ڏٺي حقيقت، يقين جا ٽي قسم آهن: علم اليقين، عين اليقين ۽ حق اليقين.

[14]  آيت ان المتقين في جنات و نهر في مقعد صدق عند مليڪ مقتدر. بيشڪ متقي، بهشت ۾، صدق جي مقام تي، رب ڪريم وٽ فائز رهندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org