باب ستون
ٿر جو آباد ٿيڻ
ٿر بابت جيتريقدر حقيقتون ملي سگهن ٿيون، تن مان پتو پوي ٿو ته
عمرڪوٽ ۽ پارڪر وارا پاسا تمام جهونا وسايل آهن.
پارڪر واري ڀاڱي ۾ جيڪي هندن جا تيرٿ آستان آهن،
جيئن ته ويرا واهه کان ننگرپارڪر تائين، ڪارونجهر
ٽڪريءَ ۾ سهڻن مندرن ۽ مڙهين جا نشان ۽ ٻيا يادگار
آهن، تن مان ڪن جو ذڪر هندن جي ڌرمي ڪتابن (پراڻن)
۾ آهي. اهي آستان”جينين“ جا ٺهرايل چيا وڃن ٿا.
پاري ننگر جو اتهاس تمام جهونو آهي. پاري ننگر جو ڦٽل شهر ۽
گوڙيءَ جو مندر اُنجي شاهوڪاريءَ ۽ تعميرات جي
ڪمال جي شاهدي ڏين ٿا. ”جين“ وڏا واپاري ۽ شاهوڪار
هئا، جن جو ڪڇ، گجرات ۽ ٻين ملڪن سان واپار هلندو
هو. عمرڪوٽ بابت به ڪيترن اتهاسن ۾ تمام آڳاٽو
احوال ملي ٿو. باقي رٿ جو ڀاڱو به ڪافي آڳاٽو
وسايل سمجهڻ ۾ اچي ٿو. ڇو ته پراڻن کنڊرن، مقامن،
کوهن ۽ ٻين نشانن مان سمجهجي ٿو ته وسندڙ ۽ آباد
هو. ٿر ۾ڪيترن هنڌن تي پراڻا کنڊر آهن، جن مان
ڪيترن هنڌن تي پڪين عمارتن، ڪوٽن ۽ مقامن جا نشان
آهن ۽ گهڻن هنڌن تي ننڍن ڳوٺن جا نشان ملن ٿا،
جتي جايون ڪچيون هيون، جن جا عام نشان ظاهر ڪو نه
آهن، مگر ٺڪرجي پڪل ٿانون جا ٽڪر ۽ جهونا کوهه لڌا
ويا آهن. اڃا به ڪيترن هنڌن تي اصلوڪا پراڻا کوهه
لڀن پيا، جنهن مان سمجهجي ٿو ته اتي اڳي ڪي بستيون
ضرور هيون.
جيتريقدر احوال ملي ٿو، عمرڪوٽ ۽ کائڙ تي پهريائين پرمارن جي
حڪومت هئي، جن کان سومرن حڪومت هٿ ڪئي. سنه 1125ع
۾سوڍو راجپوت آيو، جنهن کي سنڌ جي سومري حاڪم رتو
ڪوٽ ڏنو، جنهن جا نشان کپري تعلقي ۾ ڍوري جي ڪپ تي
آهن. سوڍن پوءِ عمرڪوٽ ۽ ان جي آسپاس وارو ڀاڱو هٿ
ڪيو ۽ اڳتي وڌي پارڪر تائين ويا. يارهين صديءَ ۾
ٿر جي وچ ۾، جنهن کي ڍاٽ چئجي ٿو، اتي مڪواڻن
حڪومت ٺاهي، جن جي گاديءَ جو هنڌ ڪيرٽي (مٺيءَ کان
سورهن ميل اوڀر طرف) هو. ان وقت ڪڇ مان ڪيترا
راجپوت اچي ٿر جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ رهيا. ٿر ۽ ناري جي
دنگ سان به ڪيترائي کنڊر آهن. ڳوٺ نهٽي وٽ پڪين
جاين ۽ ڪوٽ جا نشان ظاهر بيٺا آهن. هتي اڳي مهر
قوم جي راجپوتن جو راڄ هو، جن مان هڪ ڇوڪري مهر
ڪُماريءَ جي شادي ڪڇ جي راجا راءِ لاکي ڦلاڻيءَ
سان ٿي هئي. ٻين به ڪيترن هنڌن تي دڙا ٿيا پيا
آهن، جن کي ”ڀِڙا“ چئبو آهي.
ٿر جو وچ وارو ڀاڱو ڪڏهين آباد ته ڪڏهين غير آباد پئي رهيو آهي.
هڪڙا آيا ٻيا ويا. منجهس چور ۽ ڦورو به اچي پناهه
وٺندا هئا. ڀيل تمام آڳاٽا رهاڪو آهن، جي اصل
گجرات کان آيا ۽ سڄي ٿر ۾ پکڙجي ويا. ان بعد ڪولهي
لوڪ ڪڇ، واڳڙ ۽ ٿراد کان آيا، جي پارڪر ۾ گهڻا رهن
ٿا ۽ باقي اڳتي ٿر ڏي ڪو نه وڌيا. ڀيل ۽ ڪولهي
لڙائيءَ وقت راجپوتن کي گهڻي مدد ڏيندا هئا، گويا
کين جنگي سپاهي چئجي ته به وڌاءُ ڪونهي. انهن کي
مقرر پگهار ڪو نه ملندو هو. پنهنجي گذر لاءِ ڳوٺ
ٻڌي کوهه کوٽي رهيا هئا ۽ ٻنيون ڪندا هئا، ضرورت
مهل مدد ڪندا هئا. ڀيلن جا ڳوٺ ۽ تڙ سندن ئي نالي
تي اڄ تائين آهن. ملڪ ۾ طوائف الموڪي هئڻ ڪري
بلوچ، کوسا، چانڊيا ۽ ڪي ٻيا اچي رهيا، جي جنگجو ۽
بهادر آهن. پوءِ مال جي سانگي ٻيا مسلمان به لاڙ ۽
سنڌ کان آيا.
ڪجهه ملڪ وسڻ بعد مارواڙ مان مهيشوري واپار جي سانگي آيا. برهمڻ
جمجمان ورتيءَ جي ڪري آيا. ڪاسبي قومون مينگهواڙ،
سُوٽهڙ، مالهي، سنارا ۽ نائي اچڻ لڳا. ٿر ۾ مال جي
چاري جي سهوليت، سادي حياتي، ٿوري خرچ سان گذران ۽
ٻيون سهولتن جي ڪري جيڪي ايندا ويا سي ٺهي ٺُڪي
بستيون بڻائي ويهي رهيا.
هندن مان برهمڻ، مهيشروري، سونارا، نائي، چارڻ، ڪنڀار، سوٽهڙ،
مالهي، جاٽ، کٽي، ورتيئا، ڪري اگر، بجير، ڀاٽ،
سامي، درزي مينهگواڙ گرڙا ۽ ڀنگي مارواڙ کان آيل
آهن. سندن رسم رواج، ٻولي، شاديءَ غميءَ جون
ريتيون وغيره مارواڙين سان وڌيڪ ملن جلن ٿيون.
ڪولهي ۽ شرمائي برهمڻ واڳڙ کان آيا، جنهن ڪري اڄ
تائين واڳڙيا سڏجن ٿا.
لهاڻا ۽ سارسوت برهمڻ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي ڏينهن ۾ لاڙ کان واپار
جي سانگي آيا، جي ملڪي سهوليتن جي ڪري ٿر کي وطن
بڻائي ويهي رهيا.
کوسن کان سواءِ ٻيون مسلمان قومون گهڻو ڪري ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي
حڪومت يا ڪجهه وقت کان اڳ آيل آهن. ميمڻ لاڙ ۽ ڪڇ
کان آيا. سادات پيري مريديءَ جي سانگي اچي رهيا.
بلوچ قومون کوسا، لُنڊ، رند، چانڊيا، گرگيز، وغيره
ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وقت ۾ آيا.
سماٽ قوم جون ڪئين ذاتيون ٿر ۾ رهن ٿيون. ڪي ذاتيون تازو هندن
مان مسلمان ٿيل آهن، جهڙوڪ سنگراسي، مڏا، ڏوهٽ،
ڀٽي، ڪيلهڻ، چوهاڻ، نٻا ۽ نرا وغيره، جي راجپوت
قومون هيون ۽ اڃا اصلوڪن نالن سان سڏجن ٿيون.
جيڪي ماڻهو ايندا ويا تن مان گهڻا مارواڙ کان آيا آهن، جو اتي
سخت ڏڪار پوندا هئا، جنهن ڪري گذران جي ارادي سان
آيا ۽ ڪي ٻين سببن جي ڪري آيا، جيڪي آيا سي سکيا
ٿيڻ ڪري ڳوٺ ٻڌي، تڙ کڻي، ٻنيون ڪري، مال ڌاري،
رهاڪو ٿيندا ويا. ٿر جي شهرن ۾ مسلمان، برهمڻ،
مهيشوري، لهاڻا، ڪاسبي ۽ مينگهواڙ گهڻا رهن ٿا. ڇو
ته هڪڙا پئسي وارا جن جو ڌنڌو واپار لاءِ ڏيتي
ليتي تي آهي. جهڙوڪ: مهيشوري ۽ لهاڻا، ٻيا ڪاسبي
جهڙوڪ ڌوٻي، حجام، هندو کٽي، نائي، مالهي، سونارا
۽ مينگهواڙ، اهي شهرن ۾ گهڻا آهن.
راجپوت ۽ مسلمان مالدار آهن ۽ مکيه ڌنڌو کيتي اٿن، سي ٻهراڙين ۾
رهن ٿا. مينگهواڙ سڄي ٿر ۾ پکڙيل آهن. ڀيل مٺي
تعلقي ۾ گهڻا ۽ ٻين پاسن ٿورا آهن. ڪولهي پارڪر
۾گهڻا رهن ٿا.
پاڪستان ٿيڻ بعد لڏ پلاڻ جو اثر ٿر تي بلڪل ٿورو ٿيو آهي. ڪي
برهمڻ ۽ مهيشورين جا گهر لڏي ويا آهن، مگر ٻيا سڀ
ويٺا آهن. اُن وقت ڀارت مان مهاجر ٿر ڏي ڪو نه آيا
پر 1956ع جي پاڪ – ڀارت جنگ وقت ڪيترا مسلمان،
جيڪي جوڌ ور رياست ۾ سرحد کي ويجها هئا، سي ڪافي
لڏي آيا آهن. انهن مان گهڻو تعداد ڇاڇري تعلقي ۾
آهي.
ٿر جا موجوده شهر، جهڙوڪ مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو، چيلهار، اسلام ڪوٽ،
ڪانٽيو، گڍڙو، ڀريلو وغيره تازا وسايل آهن، جن جو
بنياد ٽن – چئن سو سالن جي اندر آهي. امرڪوٽ، پاري
ننگر، ننگر پارڪر، ڀوڏيسر، ويرا واهه، ڪيرٽي،
هنجتل، نهٽو، پارنو وغيره جهونا وسايل معلوم ٿين
ٿا.
ٿر جي ٻولي
ٿر کي ”ڍاٽ“ چوندا آهن، تنهنڪري ٻوليءَ کي ”ڍاٽڪي“ چون. سڀيئي
ٿري ماڻهو ڪو ڍاٽڪي ٻولي ڪونه ڳالهائيندا آهن.
مسلمان ۽ لهاڻا سنڌي ٻولي ڳالهائيندا آهن ته به
ڍاٽڪي ٻولي ڳالهائي ۽ سمجهي سگهندا آهن. ٿر جي
سنڌي ٻولي به نج ڪانهي. ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ بنهه ٿر جي
جدا جدا ڀاڱن جي رهاڪن جي وچ ۾ لفظن جو ڪجهه نه
ڪجهه تفاوت ضرور آهي. چوندا آهن ته ”ٻارهين ڪوهين
ٻولي ٻي“. پارڪر گجرات کي ويجهو آهي، تنهنڪري
پارڪر جي ٻوليءَ تي گجراتي ٻولي جو اثر وڌيڪ آهي.
ڍاٽ جا گهڻا رهاڪو اصل مارواڙ کان آيل آهن،
تنهنڪري اتي مارواڙي ٻوليءَ جو اثرآهي. مهراڻو
ناري کي ويجهو آهي، تنهنڪري اتي سنڌي ٻوليءَ جو
اثر وڌيڪ آهي.
ڍاٽڪي در حقيقت ڪا خاص زبان ڪانهي، پر مارواڙي، گجراتي، ڪڇي ۽
سنڌي ٻولين جي گاڏڙ صورت جي ٺهيل آهي. ملڪ جي جدا
جدا ٽڪرن جي ٻوليءَ ۾ اتي ڦير ڦار آهي، پنهنجي جدا
جدا ذاتين جيئن ٻانڀڻن، واڻين، ٺڪرن، مينگهواڙن،
سوٽهڙن، ڀيلن، چارڻن ۽ جاٽن جي ٻوليءَ ۾ به تفاوت
آهي.
مهيشوري ”ڙ“ کي ”ر“ ۽ ”ر“ کي ”ڙ“ چوندا آهن. جيئن ته گهوڙو،
ڪهاڙو، هٿوڙو، ڪڪڙ، لڪڙ، ڦڦڙ“ بدران چون گهورو،
ڪُهارو، هٿورو، ڪڪر، لڪر، ڦڦر وغيره. ۽ هر، در،
گهر کي چون هڙ، دڙ، گهڙ وغيره. ڳالهائڻ مهل سڀ
ڳالهه جي شروعات ۾ ”جِڪي لگ“ لفظ گهڻو ڪم آڻين،
اهو ڄڻ ته سندن تڪيه ڪلام آهي. مثلاً جِڪي لگ اي
ڪم ڪري آ، پَڇي ٻيٺو کُوپرين ڪر.“ (يعني هي ڪم ڪري
اَچ، پوءِ ويٺو آرام ڪر.) ”پَري“ بدران چون
”اگهو“. اگهو ٿيءُ معنى پري ٿي، پر ٻيا ٿري چون
اگهو ٿيءُ معنى ويجهو ٿيءُ. عام ٿري هائو بدران
هوئي، آهي بدران اَهي، ۽ هو بدرن هَتو چون.
نون غنه جو آواز ڪن لفظن ۾ ڪو نه ڪن.
تنهنجو بدران توهجو، منهنجو بدران مُهجو چون.
عورتون هڪٻئي کي سڏ ڪرڻ مهل اَئِي لفظ ڪم آڻينديون آهن.
مسلمان عورتون چون: آئِي گهَرين اَهِيئين.“
هندو عورتون چون: ”آئِي گهَري اَهين“.
اسم خاص جي پٺيان ”يو“ پڇاڙي گڏي اسم تصغير ڪندا آهن. خاص ماڻهن
جي نالن پٺيان ائين ڪن.
هيرو بدران هيريو، ڪونڀو بدران ڪُونڀيو ۽ رامو بدران راميو چون.
مسلمان نالن پٺيان به ائين ڪندا آهن.
احمد بدران احمديو، سومار بدران سوماريو ۽ نوُرو بدرن نوُريو
چون. مون، آءٌ، پاڻ بدرنا مين، هُون، آپَ چون.
مون ڪتاب پڙهيو هو بدران ”مين ڪتاب پڙهيو هَتو“ چون.
آءٌ ڪونه ويندس بدران ”هُون ڪونهي جائون“ چون.
آءٌ آيو هوس پر تون ڪو نه هُئين، بدران ”هُون آيو هَتو پَڻ تون
هَتوئي ڪونهي“ چون. ڪن لفظن کي بدل سدل ڪم آڻين.
گاسليٽ کي گاستيل، بدليو کي بتليو، جانور کي جنارو ۽ نقصان کي
نُسقان چون.
مارجي ويو، وڍجي ويو، ڦرجي ويو، بدران چون: ماراڻو وڍاڻو،
ڦُراڻو وغيره. ٿر جي ڌار ڌار ڀاڱن جي ٻوليءَ ۾ به
ڪجهه تفاوت آهي، جيئن ته:
سنڌي |
ڍاٽڪي |
مهراڻو |
پارڪر |
سامروٽي |
هُتي
هوس
هيڏانهن
ڪيڏانهن
پوئتي |
اُٿ، اُٿڪڻ
هَتو
ايڻ
ڪيڻ
پَڇو |
هُٿي
هندس
هيڻ
ڪيڻ
پاهُون |
اوُنئان
هتو
آئين
ڪينئان
پاڇو |
هوئي هنڌ
هَنتو
هيئا
ڪيڻ
پاهُون |
ڪن لفظن جي پٺيان ٿوري بدل سدل ڪرڻ سان زور ڀرائيندڙ لفظ ٿيندا
آهن.
پَرهِو= پَرتي. نيڙو=ويجهو. ڇيڪو= تڪڙو. پَرهيڪو = اڃا پَرتي.
نيڙو= اَڃا ويجهو. ڇيڪرو= اڃا تڪڙو. موٽو = وڏو.
موٽيرو اڃا وڏو. اُرهو = اورتي. اُرهيڪو= اڃا
اورتي.
ڪي لفظ جي ڍاٽڪيءَ ۾ گهڻو ڪم اچن ٿا، جيئن ته
آڀارڻ= همتائڻ. آهار = کاڌو. اَنڇر = گهڻو. آجڪو = گذران.اُستار
= گهڻو. اوڀالو = ڏورايو. اوپروُ = ڌاريو. اوجهڙ =
رستي کان سواءِ. ڦضدُولِي = اجائي ڳالهه. آٿاڻو =
آچار. آڙيڪاپ = اڙٻنگ. اُپڻيو = وائريو. ڪُڙڇِي =
ڪڻڇي. جاڪيو = روڪيو. ٿوڙهو = ٿورو.. اورکيو =
سڃاتو. ڦَگايو = اُڇلايو. پگ = پير. ٻائِڙي =
عورت. لُگائي = زال. ڏونگهري= بصر. آبَ گهڙي =
يڪدم. اَپوئاريو = ڪم ۾ رُڌل. هاڏو = ڪانءُ.
آٻوهيو = اڌ پڪل. اُگريل = پڪل. آرساڻو = سُستي،
سورِي = سرڻ. چس = مزو. هاسيڪار = اڳو پوءِ. خالِي
پِيلي = خواهه مخواهه. چِڙِڪِلِي = جهرڪي. سُساڏو
= لذت وارو.
سنسڪرت لفظ
ڪيترا سنسڪرت لفظ ڍاٽڪيءَ ۾ هوبهو ۽ ڪي ٿوري مٽ سٽ سان ڪم اچن
ٿا.
مانس – نج سنسڪرت لفظ آهي، جو گوشت جي بدران هوبهو ڪم اچي ٿو.
هي ڇيلي جو گوشت آهي: ”اي ٻڪري رومانس آهي“.
سگهرو- شادي بعد چون، هاڻي سگهرو ٿيو آهي. اهو لفظ اصل ۾ نج
سنسڪرت سُگهرو، سُ= چڱو، چڱي گهر وارو. (چڱو گهر
زال جي اچڻ بعد ئي ٿيندو آهي.)
ڀَٽارو- سنسڪرت لفظ ڀٽار، ٿري چون ڀٽارو. مال ڀٽارو ٺاهوڪو آهي.
ڌانَ – سنسڪرت لفظ ڌانيه، ڍاٽڪيءَ ۾ اناج کي ڌان چون.
سُڌانَ-سُ= چڱو، ڌان = اناج، ڍڱو اناج. ڪڻڪ ۽ چانورن کي ٿري
سُڌان چون، جو ٻاجهري ۽ جوئر وغيره کان چڱو اناج
آهي. اِهو به نج سنسڪرت لفظ آهي.
ڪوي- شاعر کي ڍاٽڪيءَ ۾ چون ڪوي. اِهو نج سنسڪرت لفظ آهي.
گوئِينتَر- هندو ماڻهو شاديءَ غميءَ جي رسمن ۾ گانءِ جو پيشاب
ڪم آڻيندا آهن، جنهن کي گوئينتر چوندا آهن، جو اصل
سنسڪرت لفظ ”گومُوتر“ يعني گانءِ جو مُٽ آهي. هي
لفظ ٿر ۾ اڃا چالو آهي.
جَم- سنسڪرت ۾ موت جي ديوتا کي ”يم“ چون، جنهن جو اُچار ٿري ڪن
جم. جم معنيٰ طاقت وارو، زوراور. عام طرح چوندا
آهن ته ”آپ سين ڏاڍو جم برابر.
تِلَ- تِرن کي تِلَ چون، جو نج سنسڪرت لفظ آهي. تِر ڀلا ٿيا
آهن، کي چون، تِلَ ڀلا ٿيا اَهين.
تانَ – سنسڪرت لفظ سٿان، سنڌيءَ ۾ آستان، معنيٰ جاءِ. ڍاٽڪيءَ ۾
به آسٿان ۽ ٿانَ چون.
هي سَتين جو آستان آهي: ”اي ستِيان رو آسٿان آهي“.
هي پاٻُو جو ٿان آهي: ”اي پاٻُو رو ٿانَ آهي“.
لِلاڙَ – سنسڪرت لفظ للاٽ، سنڌيءَ ۾ نرڙ، ڍاٽڪيءَ ۾ لِلاڙ چون.
هينئيون – سنسڪرت لفظ هرديه کي ڍاٽڪيءَ ۾ هينئيون چون، جنهن مان
لفظ ”هيچ“ ٺهيو، جنهن جي معنيٰ آهي دل جو پيار،
خوشي. جڏهن ڪا مينهن، ڍڳي، رڍ يا ٻڪري پنهنجي ٻچي
(ڦر) کي ڏسي ڊوڙي اچي ڌارائيندي آهي، تڏهين چوندا
آهن ته هيج گهڻو آهي. جي نه ڌارائيندي آهي ۽ لتون
۽ ٿونا هڻندي آهي تڏهن چون ته هيج ڪونه اٿس.
ماسَ – مهيني کي ماس چون، جو نج سنسڪرت لفظ آهي ۽ هوبهو ڪم اچي
ٿو. مينهن وٺي کي ٻه مهينا ٿيا، ٿري چون ”ميهه
وُٺي نان ٻه ماس ٿيا.“
آگاسِ – آڪاس نج سنسڪرت لفظ آهي، جنهن کي چون آگاس، يعني اُڀ.
آڪاس ۾ ترا پيا ٽمڪن: آگاس ۾ تارا پيا ٽمڪين.“
ڏيوَ – سنسڪرت لفظ ديوتا، ان کي ڍاٽڪيءَ ۾ چون ڏيو، جنهن جي
پوڄا ڪندا آهن.
بَهُو – زال کي بَهُو چون.
کَڦَڻ – ڪَفن کي کڦڻ چون.
اهي ٻئي پراڪرت لفظ آهي ۽ ڍاٽڪيءَ ۾ ڪم اچن ٿا.
سُسرو – سنڌيءَ ۾ سُهرو.
ساسُو – سنڌيءَ ۾ سَس.
ساسِرو – سنڌي ۾ ساهرو.
اِهي هندي ٻوليءَ جا لفظ آهن، جي هوبهو ڪم اچن ٿا.
پاگهڙي، اوونگهه – سنڌيءَ ۾ ’پٽڪو‘، ’ننڊ‘، ديسي لفظ ٿر ۾
ساڳيءَ صورت ۾ ڪم اچن ٿا، هُون جائون تو، گجراتيءَ
۾ چون هُون جائو ڇُون. ڇُون کي ٿري چون ”تو“ ۽
سنڌي ۾ ”ٿو“ چئجي.
ٿري ماڻهو ڳڻڻ مهل هِڪ، ٻه، ٽَنَ، چار، پَنچه، ڇِهه، ست، اَٺ،
نو ۽ ڏَسَ، اِگياري، ٻارهِي، يرهي، چَئوڏي،
پنِرهي، سورهِي، سَترهِي، اَڍارهِي، اگِڻيس ۽
بِيسَ وغيره لفظ ڪم آڻين، جي نج پراڪرت لفظ آهن ۽
هوبهو ڪم اچن. ڪي ٻين ٻولين جا لفظ به هوبهو ڪم
اچن ٿا.
ڏام- يوناني لفظ درم، دام، ڍاٽڪيءَ ۾ چون ڏام، معنيٰ مُلهه يا
قيمت.
ليلام – هي پرچوگيز ٻوليءَ جو لفظ آهي، جو ڍاٽڪيءَ ۾ عام ڪم اچي
ٿو.
ڪارتوس – فرينچ ٻوليءَ جو لفظ آهي، جو ساڳيو ڪم اچي.
اسپتال، اسٽيشن (ٽيشن)، اِسڪروُ، اسڪُول، ٽڪيٽ (ٽيڪس)، پينشن،
جج، فرسٽ ڪلاس (فس ڪلاس)، درجن، رپورٽ (رپوٽ)،
ڪورٽ، گلاس ۽ ٻيا به ڪيترا انگريزي لفظ ڪي ساڳيا ۽
ڪي ٿوري ڦير ڦار سان ڍاٽڪيءَ ۾ عام جام ڪم اچن
پيا.
ٿر جي مسلمانن جي ٻولي
ٿري مسلمان سنڌي ڳالهائيندا آهن، پر ٻهراڙين ۾ نج سنڌي ڪانهي.
ڪي ڪي لفظ ته مزيدار آهن، جيئن ته:
”اهو ۽ اِهي“ لفظ جي بدران ”اِي“ لفظ استعمال ڪندا آهن.
اِهو ڪتاب منهنجو آهي، بدران چون: اِي ڪتاب مُهجو آهي.
اِهي ڪم ڪونه ٿيندا، بدران چون: اِي ڪم ڪونه ٿيندا. ”کان“ جي
عيوض ”ڪنان“ لفظ ڪم آڻين.
اهي پئسا مون کان وٺج، بدارن چون: اِي پئسا مون ڪَنان وٺج.
ڀَلِي جي بدران ڀَلين چون.
ڀلي ٻني وٺو، بدران چون: ڀلين ٻني وَٺو.
ڀلي اِتي ويٺا رهو، بدران چون: ڀلين اِتي ويٺا رهو.
جمع ٺاهڻ لاءِ جن اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ ”ن“ آهي، ان جي اڳيان ”ي“
گڏيندا آهن. جيئن ته:
ڀِٽَنَ بدران ڀٽين چون. ڀٽن ۾ هلڻ مشڪل آهي. بدران چون، ڀٽين ۾
هلڻ مشڪل آهي، گهرن بدران گهرين چون. گهرن ۾ ڪو
ماڻهو ڪونه هو. ڳئن بدران ڳوئين چون. ڳوئين ۾ اچي
ٽاهه پيو. ڍڳن بدران ڍڳين چون، ڍڳن جو واپار چڱو
آهي، ڍڳين جو واپار چڱو آهي.
اوهين بدران اَئين چون. اوهين وڃو ٿا، بدران چون، آئين وڃو ٿا.
هُوءَ بدران اوءَ چون. هُو وڃن ٿا، بدران چون اُوءَ وڃن ٿا.
هُجن بدران هُونِ چون. اتي سدائين ويٺا هجن، بدران چون، اِتي
سدائين ويٺو هُون.
”رِين“ جي اُچار کي ”اِئين“ ۾ بدلائين.
نهارِين بدران نهارئين چون، بهارين بدران بيهارئين چون.
ڏين بدران ڏئين چون، لاهين بدران لاهيئين چون.
”ڇا ۽ ڇو“ جي بدران ”ڪوهه“ لفظ ڪم آڻين.
تڙ تي ڇو وڃان، بدران چون، تڙ تي ڪوهه وڃان.
آءٌ ڇا ڪريان، بدران چون، آءٌ ڪوهه ڪريان.
پنهنجو بدران ”پنڊ“ لفظ ڪم آڻين.
هي ڪتاب پنهنجو آهي، بدران چون، اِي ڪتاب پِنڊ جو آهي، وغيره.
لفظ مٽائڻ
ٿري ماڻهو ڪي ڪي لفظ مٽائيندا آهن، جيئن ته ڌکي ڍ سان مٽائين.
ٿڌ لڳي آهي، بدران چون، نڍ لڳي آهي.
ٿ کي ٺ سان مٽائين. ٿڌو پاڻي بدران چون، ٺڍو پاڻي، ٿڌڪار بدران
ٺڍڪار چون. ٿانءُ بدران ٺانءُ چون. اُٿي بدران
اُٺي چون.
ٽ کي ٺ سان مٽائين، ٽڪاڻو بدان ٺڪاڻو چون.
ت کي ٿ سان مٽائين، اِتي بدران اِٿ چون.
و کي ٻه سان مٽائين، ويٺو بدران ٻيٺو چون.
د کي ت سان مٽائين، ڏند بدران ڏَنت چون.
ڊ کي ڏ سان مٽائين، کنڊ بدران کَنڏ چون.
س کي هه سان مٽائين، ڦاسي بدران ڦاهي چون.
هه کي س سان مٽائين، ماهه بدران ماس چون. ساهه بدران ساسَ چون
ڻ کي ڙ سان مٽائين، ماڻهو بدران ماڙهُو چون.
ڊ کي در سان مٽائين، چنڊ بدران چندر چون.
ڍ کي در سان مٽائين، ڏڍ بدران ڏدَر چون.
ڊي اُچار کي دري سان مٽائين، مُنڊِي بدران مُندِري چون، جَنڊي
بدران جِندِرِي چون.
ڪن لفظن جي پٺيان ”ٽ“ اچي ته ان کي ”تر“ سان مٽائين، جيئن ته:
کيٽ بدران کيتر، وهٽ بدران وهتر، چيٽ بدران چيتر، پُٽ بدران
پُتر، نيٽ بدران نيتر، مائٽ بدران مائيتر، چَٽ
بدران چِتر، مِٽ بدران مِتر، سٽ بدران سُتر چون،
ڪن لفظن جي اڳ ۾ ٽ اچي ته ان کي به تِر سان مٽائين، جيئن ته
ٽيڪم کي تريڪم چون.
ڪن لفظن ۾ ”و“ کي مٽائي الف وجهي پوءِ ”ٽ“ کي ”تر“ سان مٽائيندا
آهن، جيئن ته:
ڪَپُوٽ مان ڪُپاتر ۽ ڪَپُوتر.
سَپُوت مان سُپاتر ۽ سَپُوتر، وغيره لفظ ٺاهين.
ٿري ٻوليءَ جا خاص لفظ
دنيا جي هر ڪنهن ملڪ ۾ اتي جي رهاڪن کي پنهنجيون رسمون، رواج،
ٻولي ۽ اُن ۾ نموني نموني جا لفظ پهاڪا، اصطلاح ۽
چوڻيون وغيره آهن، جي اتي جي حالتن سان ٺهڪي ڪنهن
تي ڪنهن نموني مروج ٿي ويندا آهن، جن مان ڪن جو
بنيادي تاريخي، وگياني متي تي يا ڀرمن جي ڪري
هوندو آهي، ٿر ۾ به ائين آهي.
ٿري ماڻهو مالدار آهن، تنهنڪري ڏينهن ۽ رات جو گهڻو وقت جهنگ ۾
رهڻ ٿيندو اٿن. جڏهن اتان موٽي گهر ايندا آهن،
تڏهن ڪجهه وقت، جيسين ساهي پٽي تازا ٿين، تيسين
گهر وارن سان نه ڳالهائيندا آهن. چوندا آهن ته
”ماڻهو اچي جهنگا، ٻولي بيڍنگا.“ يعني جهنگ مان ڪڪ
ٿي آيل سان ايندي شرط ڳالهائبو ته هو ڪڪ ٿيل هوندو
آهي ته چوندا آهن ته هاڻي ”گهُرڙڪو“ لڳو آهي، ۽
پاءُ پَل جو مهمان آهي، يا چوندا ته ”بچڻ آهي
اَرڳو ۽ مرڻ آهي. نيڙو“ (بچڻ پري رهيو، مرڻ ويجهو
آهي.) انهيءَ حالت مان بچي ويو ته چوندا ته ”اڃا
ڪُپڙي ۾ ڪڻا اٿس.“ ٻه-ٽي ڏينهن سڪرات ۾ رهيو ته
چوندا ته ”هاڻي ته الله ويچاري جو ڪو سورهو ڪري ته
آدابن کان ڇُٽي.“ پير مرد مرندو ته چوندا ته
”ويچارو کائي پي پُٽ پوٽا وغيره ڀريو گهر ڇڏي ويو
آهي، هن جو مرڻ شاديءَ جهڙو آهي.“ لاش لاءِ کڏ کڻڻ
لاءِ ماڻهو موڪليندا ته چوندا ته ”گهر ٺاهي اچو.“
لاش کي ساڙڻ وقت جڏهن پهرين تيلي ڏبي آهي، تڏهن
چوندا ته ”لائپُوئو“ ڏنو آهي. انهيءَ هنڌ تي ٽئين
ڏينهن رواج موجب پاڻي وڃي هاريندا ته چوندا ”آروگي
ٺاري آهي.“
ٻار بيمار ٿيو ته چوندا ”سُکالڙو ٿيو آهي.“ ڪنهن کي ماتا جي
بيماري ٿي ته چوندا ”مائي مهر ڪئي آهي.“ ڪنهن زال
کي گرب ٿيو ته چوندا ”پير ڳرو ٿيو اٿس.“ ٻار ڄمڻ
وقت چوندا ته ”ڇوٽڪو ٿيو اٿس.“ حمل جي حالت ۾
نائين مهيني چوندا ته ”ڏينهن پورا ٿيا آهن.“
هندن ۾ رواج آهي ته شاديءَ بعد ڇوڪريءَ کي مائٽ ڪوٺي ويندا آهن،
جيئن پهريون ويم اتي ٿئي، تنهنڪري حمل ٿيڻ بعد
پنجين يا ستين مهيني مائٽ ڪوٺي ويندا آهن. ڇهين ۽
اٺين مهيني ڪونه ڪوٺي وڃن، اهي مهينا نڀاڳا سمجهن.
چون ته ”ڇٺو ۽ اٺو آهن مَٺو،“ انهيءَ ۾ نقصان
پوندو.
ڪنهن عورت جو مڙس مري ويندو آهي ته چوندا آهن ته ”ويچاريءَ جو
مٿو پٽ سان لڳو آهي.“ بُري عورت کي چون ”ٻاهر
پگي“. ڪنهن مرد کي ڏسندا ته سنئين پير تي ته آهي
ته چوندا ته ”ٿانءُ ۾ ڏُهه“، ”هن جا پير اُپڙيل
آهن،“ تنهنڪري کيس هدايت ڪندا ته ”پڳ جهل“ يا
چوندا ”ڌرتيءَ کان اَڌر نه هل.“ ڪوٽرڙو ماڻهو
وڏائي ڪندو ته چوندا ”هن جا پير ڌرتيءَ تي ڪونه
آهن.“ ڪنهن کي ڪاوڙيل ڏسندا ته چوندا ”هن جا رُون
ڦريل آهن.“
ڪن حالتن ۾ نالا نه وٺبا آهن. ڪُئن کي ”گهر ڌني“ چون. ٿر ۾ پيئڻ
بلا ٿيندي آهي، جنهن کي عام طرح ٿري ”پُڪڻي“ چون.
هو سهري، جيٺ ۽ مڙس جو نالو نه وٺنديون آهن. اهڙن
نالن سان يا انهن سان مشابهت رکندڙ ڪي شيون
هونديون ته انهن جا هو وري ڪي خاص نالا رکنديون
آهن ۽ ضرورت وقت اهي نالا وٺنديون آهن. مثلاً جي
ڪنهن جي سهري، جيٺ يا مڙس جو نالو ”هاسو“ هوندو ته
ڳچيءَ ۾ پائڻ جي زيور ”هَنسِي“ جي بدران ”ڳچي
واري“ چونديون. ڪنهن جو نالو ”مصري“ هوندو ته لائڻ
واري مصريءَ کي ”ساڪر“ چونديون، وغيره. |