سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 14

صفحو ؛ 20

 

باب چوڏهون

پکي

ٿر ۾ ڪيترن ئي نمونن جا پکي ٿين ٿا جن جا مکيه ٻه قسم آهن:

1- گهرو پکي: جي گهرن ۽ ڳوٺن جي پسگردائيءَ ۾ رهن.

2- جهنگلي پکي: جي جهنگ ۾ رهن.

 

گَهرو پکي

*مور: قداور، رنگين کنڀن سان پيارو ۽ سهڻو پکي ٿيندو آهي. مٿي تي ڪلنگي ٿيندي اٿس، اُن جا کنڀ ڊگها ٿيندا آهن، جن سان ڪڏهن ڪڏهن خوشيءَ ۾ اچڻ وقت سهڻو ڇَترو (ڇَٽ) ڪندو آهي. اهي کنڀ سياري جي شروعات ۾ کُسي ويندا آهن ۽ بعد ۾ نوان ڄمندا آهن. نانگ بلا جو سخت دشمن، ڏسڻ سان ئي ماري ڇڏيندو آهي. برسات وقت گوڙ ٻڌي دانهون ڪندو آهي. رات جو وڻن تي ويهندو آهي. ڳوٺن ۾ ۽ ڀرسات رهندو آهي، جتي وڻن جي گهاٽن ٻُٿن ۾ هيٺ پٽ تي زمين ۾ پاکولي ٺاهي مادي آنا لاهيندي آهي. ڪي ماڻهو مور جا ننڍا ٻچا جهلي پاليندا آهن.

*ڪڪڙ: هي سانتيڪو گهرو پکي آهي. ڪڪڙيون جلد جلد آنا لاهينديون آهن، جي ماڻهو لائيندا به آهن. نر جي مٿي تي ڳاڙهي رنگ جي چوٽي (هلڪي ڪلنگي) ۽ ماديءَ جي مٿي تي ننڍي ٿيندي آهي. ٻليءَ کان ڏاڍو ڊڄندو آهي. اونهاري ۾ رات جو ٻاهر ڊگهي ڪاٺيءَ تي ٺاهيل مارِهي (پيهي) تي ويهاريو آهي ۽ سياري جو کُڏين ۾ بند ڪبو آهي. نانگ هن جو دشمن آهي.

*پاريهر: ان کي ڪبوتر ۽ پاليهر به چون. اُن جو رنگ نيرو سائو ۽ پير ڳاڙهي رنگ جا ٿيندا آهن. هي جهنگ ۾ ڪونه رهن پر ڳوٺن ۾ رهن. هنن کي جي روز داڻا اُڇلائي ڏبا ته پٽ تان واريءَ مان يڪدم چونڊي وٺندا. روزانو مقرر وقت تي وَلر اچي حاضر ٿيندو.

*جهرڪليون: گهرن ۾ رهنديون آهن. آنن لاهڻ وقت گهرن جي ڪکائن ڇتين ۾ آکيرا ٺاهينديون آهن، جن ۾ آنا لاهي ٻچا ڪنديون آهن. ٻچا جيستائين اُڏامڻ جهڙا ٿين تيستائين چوڳو آڻي آکيري ۾ کين کارائنديون آهن. گهرن ۾ پيون ٽپنديون، ڪڏنديون ۽ اُڏامنديون آهن.

*ڪانءُ: هيءَ ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي. ننڍڙن ٻارن جي هٿن مان کاڌي جي شيءَ کسي ويندو آهي ۽ چالاڪ پکي آهي. وڻن جي ٽارين ۾ اهڙن مٿانهن هنڌن تي آکيرو ٺاهيندو آهي ۽ آنا لاهيندو آهي جتي ڪوبه چڙهي پهچي نه سگهي. ڪوبه اُنهيءَ وڻ تي چڙهندو ته مادي اُن کي ٺونگا هڻي، ڪان ڪان ڪري ڏاڍو گوڙ مچائيندي آهي. هن پکيءَ کي ڪانگ به چوندا آهن.

*ڳيرو: ڪي رنگ جا ڳاڙهسرا ۽ قد ۾ لاٺيرا ۽ ڪي رنگ جا اڇيرا ۽ قدم ۾ البت وڏيڙا ٿين. ڳوٺن جي ڀرسان ميدانن ۾، گهرن ۽ گهٽين ۾ پيا ٽلڪندا اهن ۽ چوڳو ڪندا اهن. اڇيري ڳيري کي هولو به چون. وڻن ۾ ٿورا پر گهرن جي لوڙهن ۾ پنهنجا آکيرا ٺاهي آنا لاهيندا آهن. ماڻهو هن جو شڪار ڪندا آهن. هن جي ماديءَ کي ”پٽ ڳيري“ چئبو آهي، اُن جي ڳچيءَ تي چوڌاري ڳاڙهسرو ليڪو ٿيندو آهي.

 

جهنگلي پکي

* تتر: هي جهنگ ۾ رهندا آهن. هڪ تتر ٻولي ڪندو ته ٻيا آسپاس وارا تتر به جواب ۾ ٻولي ڪندا. هي پنهنجو آکيرو جهنگ ۾ ڪنهن ٻُٿ ۾ پٽ تي واريءَ ۾ ٿورا ڪک رکي ٺاهي آنا لاهيندو آهي. آنا ڦوڙڻ سان ٻچا نڪرندا آهن، جي ماديءَ سان گڏ پيا ڊوڙندا ۽ چوڳو ڪندا آهن. اُڏوهي ۽ ننڍا جيت تترن جي خاص کاڌڏو آهي. ماڻهو ننڍا بَچا هٿ ڪري پاليندا آهن. کين پڃري ۾ بند ڪري رکندا آهن جتي داڻو ۽ چوڳو ڏيندا رهندا آهن ۽ سيڪر (سينڍ) تي ٻولڻ سيکاريندا آهن. ٻولي سکڻ بعد هن کي جهنگ ۾ وٺي وڃي دام سان ٻين تترن جو شڪار ڪبو آهي. مالڪ سان اهڙو هِري ويندو آهي، جو پڃري مان ٻاهر ڪڍڻ تي به جهنگ ڏي ڀڄي نه ويندو آهي. تتر جي ٻن قسمن جو ٿئي هڪ ”ڪارو تتر“ ۽ بيو ”ڀاڙو تتر“.

*ڳجهه: هي سڀني پکين کان وڏو پکي ٿيندو آهي. هي تمام مٿي اُڀ ۾ پيئي اُڏامندي آهي. اُن جي نظر ڏاڍي تيز آهي. ڌرتيءَ تي ڪٿي به مئل جانور ڏسندي ته يڪدم لهي ايندي ۽ گوشت کائي باقي هڏا ڇڏيندي. وڏن وڻن تي آکيرا ٺاهيندي آهي. هن جو هڪ ٻيو قسم ٿيندو آهي جنهن جو مٿو ڳارهو ٿيندو آهي، ان کي ”ڳاڙهه ڳلي“ يا ”رَتول“ چئبو آهي. جهنگ ۾ اُتانهن وڻن تي آکيرا ٺاهي آنا لاهيندي آهي.

*سِرَڻ:  ڳجهه کان ننڍي ٿيندي آهي. آسمان ۾ پيئي اُڏامندي آهي. ننڍن ٻارن جي هٿن ۾ لولو، گوشت يا ٻي ڪا کاڌي جي شيءِ ڏسندي، ته اوچتو جهپو هڻي کسي ويندي. اُتانهن وڻن تي آکيرا ٺاهيندي آهي.

*باز: هي پکين جو بادشاهه آهي. ننڍن پکين جو شڪار ڪري کائيندو آهي. سنڌ ۾ ڪي ماڻهو پکين جي شڪار ڪرڻ لاءِ باز پاليندا آهن، مگر ٿر ۾ ڪوبه ڪونه پالي. هي جهنگ ۾ رهندو آهي.

*شڪرو ۽ هورهيو: هي به باز جي قسم جا ننڍيرا پکي آهن ۽ ننڍن پکين جو شڪار ڪندا آهن.

*ٻاڻيهو: هن کي تاڙو به چوندا آهن. برساتي موسم ۾ جڏهن ٻولي ڪندو آهي، تڏهن ماڻهو چوندا آهن ته هاڻي برسات ۾ دير ڪانهي، آئي ڪي آئي.

*ليلِي: ليليون جهنگ جي وڻن ۾ ٽپنديون ڪڏنديون وتنديون آهن. اُنهن جو پڇ بدن جيڏو ڊگهو ٿيندو آهي. هن جا آنا رنگ جا ساوا ٿين، جي ننڍن وڻن ۾ آکيرا ٺاهي لاهينديون آهن. سارو وقت ٽين – ٽين ڪري خوامخواهه گهڻو گوڙ ڪنديون آهن. وسڪاري جو ٻنين ۾ اُن پچڻ وقت گهڻو نقصان رسائينديون آهن.

*هُوڙيو: هن جو مٿو ۽ پڇ ڪارو، باقي بدن ميرانجهڙو اڇو ٿيندو آهي. پُڇ جي هيٺان ڳاڙهو دُٻو ٿيندو آهي. ٻنين ۾ ٻاجهري ڪاڻ نقصانڪار آهي.

*بلبل: هن جو مٿو ويٺل ۽ ميرانجهڙو ڪارو، پُڇ جي هيٺان پيلي رنگ جو گول چڪرو ۽ پاسا اڇا ٿيند آهن. سنڌ ۾ ماڻهو هن کي پاليندا آهن، مگر ٿر ۾ ڪونه پالين. ٿري هن کي به هُڙيو چون.

*ٽِيٽيهَرَ: هن جون ٽنگون ڊگهيون ۽ سنهيون ٿينديون آهن. ٿر ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جون سنهيون ٽنگون هونديون آهن ته چوندا آهن ته ”ٽنگون ته ڏسوس، جهڙيون ٽيٽيهر جون“. هيءَ پلي صبح ۽ شام جي وقت ميدانن ۾ ڏسبو آهي. کيڙيءَ ۾ آڻا لاهي ۽ آرام ڪري. ٿر ۾ هن جو ماڻهو شڪار ڪندا آهن.

*ڍولَرَ: هي ڳوٺن جي پسگردائيءَ ۾ سنئين ۽ سخت زمين تي دوڙندو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. وسڪاري جو پوکن کي گهڻو نقصان رسائيندو آهي.

*مالِهاري: هي پکي صبح ۽ شام جو ٿڌي وقت ۾ وڻن تي ويٺل ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ٿري ماڻهو مسافريءَ تي وڃڻ وقت يا ٻين ڪمن ڪارين تي نڪرڻ وقت هن جي ويهڻ ۽ ٻولڻ مان سَوَڻ ويچاريندا آهن. سنڌ ۾ هن کي مالهالو چوندا آهن.

*چٻرو: هن جو مٿو ويٺل ۽ اکيون وڏيون، ڪن نوڪدار ۽ وڏيرا ٿيندا آهن. پري کان ڏسڻ ۾ ٻلو پيو معلوم ٿيندو ٻيا پکي جي کيس ڏسن ته ڏاڍو ڦانڦوڙيندا آهن، تنهنڪري ڏينهن جو ٻاهر نه نڪرندو آهي ۽ گوشائتن هنڌن تي وڻن ۾ لڪو رهندو آهي. هي ڪم همت آهي. ڪو ماڻهو به جيڪڏهن ڪم همت ۽ ماڻهن کان پري اڪيلائي پسند هوندو ته ٿري چوندا آهن، ”ادا فلاڻو ته چٻري جهڙو آهي“. هيءُ رات جو ٻاهر نڪري پنهنجو گذران ڪندو آهي. هن کي ٿري نڀاڳو پکي سمجهندا آهن. رات جو پاڙي ۾ اچي ٻوليو ته بدسوڻ سمجهن. ڪٿي ٻاهر مسافريءَ تي اُسهڻ وقت به رات جو ساڄي پاسي هن جو ٻولڻ بلڪل بدسوڻ سمجهندا آهن.

*گُگهه: هيءُ ڳاڙهسرو ٿئي ٿو. بدن ۾ باز جيترو ٿئي ٿو. منهن مادي ڪڪڙ جهڙو ٿئيس ٿو. وڏن ۽ گهاٽن وڻن ۾ آنا لاهي ٿو. تمام سياڻو پکي ٿئي ٿو. هلڪا پکي شڪار ڪري کائيندو آهي. اُن جو شڪار اصل نه گُسي. ٿر ۾ چوڻي آهي ”بندوق جو ڌڪ گُسي وڃي پر ساو گُگهه نه گُسي.“

*ڀيرَٻَ: هن کي چِٻ به چون. هي گُگهه جي قسم مان ساڻس مشابهت رکندڙ آهي، پر قد ۾ ننڍيرو، مٿو ويٺل، ڪَن پاسن کان نوڪدار ۽ اُڀا ۽ اکيون وڏيون ٿينديون اٿس. ڏينهن جو گهڻو ٻاهر ڪانه نڪري. جهونن وڻن، خاص ڪري کٻڙن جي ٿُڙن جي پورن (خالي جاين) ۾ رهي، رات جو ٻاهر نِڪرندي آهي. ٿري مسافر هن جو ٻولڻ سَوَڻَ طور ويچاريندا آهن.

*ڪَٻَرَ: هي ڳوٺن ۾ توڙي جهنگ ۾ عام جام ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اُن جي ٻولي چَرڙاٽَ واري آهي.

*ڊوڏو: ڪانءُ کان وڏو ۽ مڪمل ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي. هي ڳوٺن کان پري جهنگ ۾ رهندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺن ۾ به ڏسبو آهي.

*چمڙو: ڏينهن جو ٻاهر ڪونه نڪري. سُڃين جاين ۾ يا وڻن جي اونداهن هنڌن تي اوبتو ٽنگيل ڏسڻ ۾ ايندو آهي يا ڪنهن وڻ جي پور اندر لڪل هوندو آهي. سج لهڻ بعد ڪجهه اونداهي ٿي، ته پوءِ آڏا اُبتا لامارا ڏيندو اُڏامندو رهندو آهي.

*سُٽاڙيو: هن جي بدن تي پَٽا پَٽا، مٿو ڳاڙهسرو ۽ چوٽيءَ تي ڪلنگي ٿيندي آهيس. اُن جي چُهنب ڊگهيري ۽ مضبوط ٿيندي آهي، جنهن سان وڻن جي ٿڙن ۽ ٽارين کي کوٽي ٽنگ ڪندو آهي، هن کي ”ڪاٺ ڪُٽو“ ۽ ”هُدَ هُدَ“ به چئبو آهي.

*تلور: هي ڪڪڙ جيڏو پکي آهي. واهوندا ورن ته اچي پيدا ٿيندو آهي ۽ سياري جو وري هليو ويندو آهي. ڏهرن جي سنئين زمين تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ماڻهو بندوق سان شڪار ڪندا آهن. کائڻ ۾ ڏاڍو لذيذ آهي.

*گوُئڙ: ڪي اڇي رنگ جا ۽ ڪي ڪارسري رنگ جا ٿين. ڳوٺن جي آسپاس پسگردائيءَ ۾ ڪرفتي تي ڏسبا آهن.

سُگرِي: هي پکي پنهنجو آکيرو ڊڀ جي تندن مان اهڙي نموني ٺاهيندو آهي جو وڻ جي ٽاريءَ ۾ پيو لٽڪندو آهي. پاسي کان اندر وڃڻ لاءِ دروازو ٺاهيندو آهي، ان مان لنگهي اندر ويندو آهي، پوءِ آکيرو هوا ۾ پيو جهولندو آهي ڄڻ ته هندورو پيو لُڏي. اُن ۾ آنا ڪندو آهي. ماڻهو اهو آکيرو هٿ ڪري گيهه ۽ کير ڇاڻڻ جي ڪم آڻيندا آهن.

*ٻاٽيٻڙ: هن جون ٽنگون ڊگهيريون ٿينديون آهن. صبح ۽ شام جو ٿڌي وقت ۾ ڳوٺن جي ڀرسان سخت زخمين وارن سنون ميدانن تي گهُمندي ڏسبو آهي. هي اڪيلو نه هوندو آهي، ٻه – چار گڏجي گهُمندا آهن. هن جو شڪار به ڪبو آهي.

*ڪاري چِڙِي: هي ننڍڙي ڪاري رنگ جي ٿيندي آهي. پُڇ ڊگهو ٿيندو اٿس ۽ ٿڌي وقت ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ازان سواءِ پيئر، ٻوڙِي، ٻوگهريو، ڪانئيرو، ڪار ڪڇڻي ۽ بيا قسم به پکين جا ٿيندا آهن.

 

ڪڪڙ پالڻ

هندو ماڻهو ڪڪڙ ڪونه پالين، باقي مسلمان ۽ ڪي اڇوت ڪڪڙ پاليندا آهن. ٻهراڙين ۾ وڪري جو رواج گهٽ، مگر شهرن ۾ آنن ۽ ڪڪڙن جي وڪري جو ڪاروبار آهي. ٻِلو ڪڪڙ جو دشمن آهي، تنهنڪري سياري جي رات جو کُڏين ۾ رکن. اونهاري جو گهر جي اڱڻ ۾ ڊگهي ڪاٺي کوڙي اُن جي چوٽيءَ تي ڪاٺين جو مارهو ٺاهي، اُن تي وهاري ڇڏيندا آهن ۽ ڏينهن جو اڱڻ ۾ گهٽين ۾ پيا چڳندا آهن. هنن تي ڪو گهڻو خرچ ڪرڻو ڪونه پوي. ڪنهن مهل ٿورا داڻا ڏبا آهن. نه ته پنهنجو چوڳو پاڻيهي پيا هيڏانهن هوڏانهن گهمي هٿ ڪندا. خاص ٻِلي کان بچاءُ ڪبو آهي، ڪي ماڻهو ته ٻِلا ماري ڇڏيندا آهن.

 

تتر پالڻ

بهار جي موسم ختم ٿيڻ بعد ۽ برسات پوڻ وقت جون ۽ جولاءِ ۾ تِتريون آنا لاهي ٻڍا ڪنديون آهن. ڌرتيءَ تي هيٺ ڪنهن ٻُٿ ۾ پاکولي ٺاهي، ٿورا ڪک رکي آکيرو ٺاهينديون آهن. آني مان ڦٽڻ بعد ٻچا ماءُ سان گڏ پيا هلندا آهن ۽ چوڳو ڪندا آهن. اُن وقت جهنگ مان ڪو ٻچو هٿ ڪري پڃري ۾ بند ڪبو آهي. جيستائين ننڍڙو هوندو تيستائين ٻاجهريءَ جو ڏارو کارائبو ۽ ڪنهن ڪاٺيءَ يا ڇيڻي مان اُڏوهي ڇاڻي کارائبي آهي. اُڏوهي ڇاڻي کارائبي آهي. اُڏوهي اڪثر هرهنڌ ٿيندي آهي. پڃري ۾ ٻه وٽڪيون رکبيون آهن جن مان هڪ ۾ پاڻي ۽ ٻيءَ ۾ کاڌو ڏبو آهي. ڪنهن ڪنهن وقت بند جاءِ ۾ ٻچي کي پڃري مان ٻاهر ڪڍبو آهي ته گهمي ڦري، پوءِ وري بند ڪري ڇڏبو آهي. ائين ڪرڻ سان هِريو وڃي، پوءِ پڃري مان ٻاهر ڪڍبو ته هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي وري موٽي ايندو. ڪجهه وڏيرو ٿيندو ته جهنگ ڏي وٺي وڃبو. ڪاٺين وغيره مان اُڏوهي ڳولي ٻاهر ڪڍي کارائبي اٿس ۽ آهستي اهستي سيڪر (سينڊ) تي ٻولڻ سيکاربو اٿس. ڪجهه وقت جي تربيت بعد ٻولڻ شروع ڪندو آهي، پوءِ جيئن وڏو ٿيندو ويندو تيئن سکندو ويندو. نيٺ مالڪ پاڻ مالڪي سينڍ تي ٻولڻ سيکاريندو تان جو مالڪ جي سينڍ به سڃاڻي ٻولي ڪرڻ لڳندو، اهڙي طرح تيار ڪرڻ بعد شڪار جي ڪم آڻبو آهي.

ٿر ۾ ڀيل ۽ ڪولهي تتر پاليندا آهن ۽ ڏاڍي سنڀال ڪندا آهن. کين پيرن ۾ چانديءَ جا ڇلا پارائيندا آهن. ڪي ماڻهو شوق ڪري پاليل تتر خريد ڪندا آهن.

 

جيت

ٿر ۾ جيتن جا به ڪيترائي قسم آهن، جيئن ته:

زمين تي سُرندڙ زهري جيت: واسينگ، ڪارو نانگ ڦڻ سان، ڪوُنبڀاريو نانگ، گورهيڙو نانگ، گڊو نانگ، ڀورينگ، پدم، جهوُڙ، جَهمُوڙي، ڪنڪوڙي نانگ، ٽنگ، لُنڊي، کپر، پيئڻ، ٻوگهي، ڪوراڙ گهوڙيل ۽ ٻيا به ڪئين قسم آهن.

پيرن وارا زهري جيت: وڇون، سَؤ پيريون، هڻ کڻ ۽ وڇي وغيره.

اُڏامندڙ زهري جيت: ڏينڀو، ماکيءَ جي مک، مڇر، ڪُت وغيره.

عام جيت ٻن قسمن جا آهن، اهي زهري نه آهن، جيئن ته:

پيرن وارا جيت: چندڻ ڳوهه، عام ڳوهه، گوهيرو، نوريئڙو، نور، سانڍو، ڪاڪينڊو (سائو، ڳاڙهو، اڇو)، ڪُئو، ڪرڙي، چچي، ڄاهو، ڪوريئڙو، گيلڙ، ڏيڏر، ٽنڊڻ، گوُنگهي، (ڪاري ۽ اَڇن ٽڪن واري)، منگهڻ، ماڪوڙا، ماڪوڙي، اُڏوهي، تڏيون، (ڪاريون ۽ اڇيون) ڪاترا، گيئڙ، اوُٿو، اِلي، سُرو، گهُرٽي، ميهه ماما، ڄَوا، لَٽون، گوئِڙ، چِچَڙ ۽ ٻيا به ڪيترن ئي نمونن جا جيت ٿين ٿا.

اُڏامندڙ جيت: عام مکيون، ڀنڀوريون، ڀينگيون (ساون ۽ اڇن ٽٻڪن واريون)، بينگا، گونگها، اڪ مڪڙ، مڪڙ، کڙکٻيتا، ڀمرا، گهريتڙي، ڀمري ۽ ٻيا.

برساتي جيت: وسڪاري جو ته انيڪ قسمن جا جيت پيدا ٿيندا آهن، جن مان ڪيترا باهه يا بتي ٻارڻ تي اچي مڙندا آهن.

مٿين جيتن مان ڪن جو بيان هيٺ ڏجي ٿو.

 

سرندڙ زهري جيت

ڪي اهڙا زهري جيت آهن، جن کي پير ڪونه ٿين ۽ زمين تي سري هلندا آهن ۽ زهري آهن، ٿر جي زمين وارياسي ۽ نرم آهي، جنهن ۾ بِر کوتي رهڻ ۾ تڪليف ڪانهي، تنهنڪري نانگن ۽ بلائن جو گهيرو آهي. ويجهيءَ ڇَڪ ۾ ڪوبه نانگ يا بلا جو قسم اهڙو نه هوندو جو ٿر ۾ نه هجي.

سياري جي موسم ۾ سيءَ جي ڪري اهي گهڻو ٻاهر ڪونه نڪرن ۽ زمين اندر رهن، جنهنڪري ڪو چڊو ماڻهو ڪکجي. اونهاري جو گرميءَ جي ڪري ٻاهر نڪرن. رات جو ماڻهو مال جي سانگي يا ڪمن ڪارن لاءِ پنڌ ڪن. مسافري ڪندي ڪڏهين ڪڏهين رستن تي نانگ يا بلا ويٺل هجي ته ڏنگيو وجهي. پرڀرو هوندي ته ڦُوڦاڙ يعني ڌوڪر ٻڌڻ ۾ ايندي آهي جنهنڪري اوچتو ڇرڪ نڪريو وڃي. گرميءَ ۾ اڇن ريٽن تي هوا جي ڪري اچيو وهن، ۽ وسڪاري بعد گاهه ۾ پيا سُرن. اتفاقاً ڪنهن جو پير مٿان يا ويجهو آيو ته ڏنگ هڻي ڪڍن.

وسڪاري جو گهڻا ڪکجن، ڇاڪاڻ جو ان وقت ساري زمين گاهه سان سٿي پيئي هوندي آهي. رات جو ٻنين ۾ ڀيل جي ڀَو کان مال سان ضرور پَهرڻو پوي، ڇاڪاڻ جو متان صبح جو ڪنهن جي رڙ اچي. ان لاءِ ڌنار پنهنجي بچاءُ لاءِ ڇا ڪن جو رڍ يا ٻڪريءَ جي رکيل کل مان جهاڙولا اهڙا ٿيندا آهن، جن سان جُتي به ڳنڍيل ٿيندي آهي. کل مان نانگ يا بلا جي ڏنگ جو اثر ڪونه ٿئي، شروعاتي بچاءُ جو اهو ئي ٽيوڙ ڪن. نانگ ۽ بلائون زمين تي رهن، کٽن تي ڪونه چڙهن، پر ڪڏهين ڪڏهين وڻن تي چڙهيو وڃن. جاين جي ڪکائن ڇتين ۾ جهرڪيون آکيرا ٺاهنديون آهن، جن جي ٻڍن کي کائڻ لاءِ اتي به چڙهيو وڃن.

*واسينگ نانگ: نانگ سڀيئي زهري آهن، پر ڪارو واسينگ نانگ سڀني کان وڌيڪ زهري آهي. هي ست – اٺ فوٽ، بلڪ وڌيڪ به ڊگهو ٿيندو آهي.

آسڻ جن اَريج ۾، تن جو وِهُه جو وَرَن ٻيو،

تن جو ڪَندو ئي ڪم ڪري، جي مٿن پير پيو،

پرينئان آهــي پڌرو، تــن نانگن جو نِيهو،

ڪلي ويل ڪِهو، جو سامهون ٿئي سپن کي.

نانگ جو ماڳ يا وطن اَريج (جنهن ۾ ريج نه هجي) يعني ٿر آهي. اهي اهرآ زهري آهن جو انهن جو زهر جي رنگ ٻين علائقن جي نانگن جي زهر کان اصل نرالو آهي. ٿري نانگ اهڙا ته زهريلا آهن جو مري وڃڻ بعد جو سندن هڏن جو ڇڄرو بچندو آهي، ان مان ڪنهن ڪنڊي تي جي پير اچي ويو ته اهو ڪنڊو به وڄائي ڇڏيندو. اُن کي ”وِس ڪنڊو“ چوندا آهن. اصل ڄڻ نانگ ڏنگيو هجي. اهڙا اتفاق ٿيا آهن جو پڃري جي ڪنڊي لڳڻ جي ڪري ماڻهوءَ تي زهر چڙهي ويندو آهي ۽ بعضي ماڻهو مريو به وڃن.

نانگن جي پاڻ ۾ پريت ٿيندي آهي. جوڙو جوڙو گڏ رهندو آهي. ٻه نانگ يا نر مادي گڏجي رهندا اهن. ڪي وير وَٺوُ به ٿيندا اهن. جيڪڏهن ڪو هڪ کي ماريندو ته ٻيو واسينگ ان جو وير ٻارهين مهيني به ڪونه ڇڏيندو. وجهه پيو ڳوليندو، جڏهنکيس موقعو مليو تڏهن ڏنگ هڻندو. جنهن وقت نانگ وڙهڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو، ان وقت ڦوڦاڙ سان اهڙيون ڌوڪرون ڪندو آهي جو جهڙو تهڙو ماڻهو هِيانءُ جهلي اُن جي سامهون ئي وڃي ڪونه سگهندو ۽ نڪو ويجهو وڃي ڌڪل هڻڻ جي همت ئي کيس ٿيندي.

کَر کي لپر لاءِ، نانگ مَڻيارو نڪري.

ڪن ڪن نانگن کي مٿي ۾ مَڻ ٿيندي آهي، جا رات جو پيئي چلڪندي آهي. هن کي ”مڻ ڌارِي“ پڻ چئبو آهي، اها مڻ نانگ کي جان برابر پياري اهي. جيستائين ساهه هوندس تيستائين ڪنهن کي مجال آهي جو اُها مڻ وٺي سگهي! رات جو جڏهين نانگ چُوڻ (کاڌي) لاءِ نڪرندو آهي، تڏهين اها مڻ لاهي ڪنهن واريءَ جي ريت تي رکي چوڌاري پيو چُوڻ ڪندو آهي. جيڪو ماڻهو اها مڻ هٿ ڪرڻ چاهي سو لوهه جي گول تغاري ٺهرائي، ان جي پٺيان تکا ڪوڪا اُڀا هڻائي، لڪي وڃي ان مڻ جي مٿان اُبتي ڏيئي پاڻ ڀڄي ويندو آهي. مڻ مٿان تغاري اچڻ ڪري چَلڪو بند ٿيندو، جنهنڪري نانگ يڪدم موٽي ايندو ۽ ڪاوڙ مان تغاريءَ تي ڦَ هڻندو رهندو، تان جو ويچارو ڪوڪن سان ڦٽجي نيٺ مري پوندو، پوءِ ماڻهو اُها مڻ هٿ ڪري سگهندو. رواجي طرح به ماڻهو ائين ڪري نٿو سگهي. اهو ڪم جوڳي ڪندا آهن، جن جو نانگن سان واهپو آهي.

پهرين ڪاري نانگ جي، ڪو ڇرڪيل ڇيڙ ڪري،

جي هڻي ڏنگ ڏسائيو، ته ويجهو تان نه وري،

جيڪي ٺُپ مري، جيڪي سڪي صحت کي.

واسينگ جي ڇيڙ نه ڪبي ته ڪاهي ڪونه ايندو، ماٺ ڪري پنهنجي واٽ وٺي هليو ويندو. پر جي کُٽي کنيل ڇيڙ ڪئي ته اوڏيءَ مهل ئي اهڙو چڪ هڻندس جو ڪليک ماڻهو اُتيئي ٺُپ يا ٿوري وقت اندر مري ويندو. پر جيڪڏهن قسمت سان بچي به ويو ته زهر جي اثر لهي وڃڻ کان پوءِ بُت ۾ خوش نه گذاريندو. ڪارو نانگ جيتوڻيڪ خطرناڪ آهي پر ان سان گڏ ماڍيڻو به آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڦڻ ڪڍي ويهي جهولندو آهي. چون ٿا ته ان حالت ۾ چڪ هڻي نه سگهندو آهي ڇو ته وات پٽجي نه سگهندو اٿس. واڄي تي مست آهي، مرليءَ جي آواز تي موج ۾ اچي ويندو آهي ۽ سڌٻڌ وڃائي ڦڻ ڪڍي ويهي جهولندو آهي. ان مهل جوڳي کيس جهلي پاڻ وٽ ڇاٻڙي ۾ وجهي رکندا آهن ۽ در در تي مرليءَ جي واڄي تي جهولائي پنندا وتندا آهن.

نه رڳو واسينگ پر لُنڊي يا ٻئي سَپ جا کاڌل جيڪي بچي پوندا آهن سي پوءِ به بُت ۾ خوش ڪونه گذاريندا آهن. نانگ بلا کاڌي کڻي پنج – ست سال ٿي وڃن پر جنهن ڏينهن ٿوري گهُٽ (گرمي) ٿيندي تنهن ڏينهن انهيءَ ماڻهو کي مٿي ۾ سخت سور پوندو جنهنڪري سر ۾ چڪر ۽ ڀَماٽِ پيئي ايندس ۽ مٿو پيو ڦرندس، دل ڪچي پئي ٿيندس، اندر ۾ اوهمو (آنڌمانڌ) ٿيندس. جڏهن هوا ڇوت لڳندي يا وڃڻو هڻبس تڏهن وڃي مس سوهمو ٿيندس ۽ جيءَ جاءِ ٿيندس. اهڙا ڪئين مثال آهن، جي اکين سان ڏٺا ويا آهن.

سنها ڀانءِ مَ سَپ، سُڪا جني پيٽ،

تني جي جهَپيٽ، جُنگن کي جوکو ڪري.

اهي سنها ۽ پيٽ سُڪل نانگ پنهنجي نالي سان آهن. ڪهڙي به جنگ جوان کي هڪ چڪ بس آهي ۽ جوکو رسائي سگهن ٿا. ڪکيل ماڻهو جڏهن نانگ کي ڏسندو آهي، تڏهن سندس دل تي خوف جو اثر ويهي ويندو آهي ۽ دل لاهي ڇڏيندو آهي ته هاڻي مري ويندس! انهيءَ ڪري بعضي غش به ٿي ويندو آهي ۽ ڪي ڪي مري به ويندا آهن، تنهنڪري چوندا آهن ته ”سپ نه ماري سراب ماري.“

ڪنهن ڪنهن ڪاريءَ ذات کي مور به مٽائين.

مور پکي نانگ جو دشمن اهي. مور نانگ کي پڇ کان جهلي مٿي اُڏامي ڳڍ اُتاهينءَ تان هيٺ ڦٽو ڪندو آهي. ائين ٻه چار ڀيرا هيٺ سَٽڻ سان مريو وڃي، پوءِ کائي ڇڏيندو آٿس. زهر مٿس ڪوبه اثر ڪونه ڪري. پر ڪي نانگ اهڙا زهريلا ۽ خطرناڪ آهن، جن کي مور پکي به ويجهو ڪونه وڃي.

ٿري ماڻهو مور جا کنڀ پنهنجن گهرن ۾ رکي ڇڏيندا آهن، کين يقين آهي ته انهيءَ ڪري نانگ گهر ۾ ڪونه ايندو.

نانگ جو ٻيو وڏو دشمن ڄاهو آهي. اُن جي بُٽ تي ڪنڊا ٿيندا آهن، هو نانگ جي پڇ ۾ چڪ پائي مُنهن اندر ڪري ڇڏيندو آهي. نانگ ڪاوڙ مان مٿس ڦڻ هڻندو آهي ته ڪنڊن سان زخمي ٿي پوندو آهي. اهڙيءَ طرح ڦڻ هڻي هڻي نيٺ اَرڇَٽ ٿي مري ويندو آهي.

*ڪونڀاريو نانگ: رنگ جو ڳاڙهو ڀورو ۽ ڪنڌ تي وار ٿيندا اٿس. هي اُڇانگ ڏيئي به چڪ پائيندو آهي، جنهن ڪري ڪي چوندا آهن ته اُڏامي چڪ ٿو هڻي.

*گورهيڙو نانگ: هي ڀوري رنگ جو ٿيندو آهي. تمام زهريلو آهي. هلڻ جو وري اهڙو تکو آهي، جو جيڪڏهن مارڻ لاءِ ڪوشش ڪبي ۽ لٺ جو ڌڪ پورو نه لڳو، ته يڪدم ترڪي ويندو جو پوءِ هٿ نه ايندو.

*آڳهه: هي تمام ٿلي ٿيندي آهي. اهي ڳوري آهي جو مشڪلات سان هلي سگهي. چُرڻ وقت زور سان اهڙو ته سوساٽ ڪندي آهي جو ڳچ پنڌ تان ٻڌي سگهبو آهي. هي ڊوڙي يا هلي چڪ پائي ڪانه سگهي. پر جي اوچتو مٿان پير آيو يا ڀرسان ماڻهو لنگهيو ته دير ڪانه ڪندي، چڪ هڻي ڪڍندي.

*ٻوگهي: هن کي ٻه – مُنهين به چوندا آهن. هي رنگ جي ڪاري، ٿلهي، ٽي، چار فوٽ ڊگهي ٿيندي آهي. چون ٿا ته هن کي ٻه منهن ٿيندا آهن، پر ٻيو منهن سدائين کليل نه هوندو آهي، فقط سهاين راتين ۾ کوليندي آهي. هن جو چڪ خوفناڪ آهي. ٿر ۾ ڪنهن کي پارتو ڏيڻ وقت چئبو آهي ته ”توکي سل ٻوگهي کائي.“

*لُنڊِي: هي ڏيڍ – ٻه فوٽ کن ڊگهي پر ٿلهي ٿيندي آهي. هن جو پڇ ڇيڙي وٽ سنهو نه ٿيندو آهي. تنهنڪري اُن کي “ٻانڊوري“ به چون. اُن جي بدن تي اڇا ٽڪا ٿيندا آهن، جن کي ڪوڏيون چئبو آهي ۽ کيس ”ڪوڏياري“ به چون. بلائون، ڪوئا، ڏيڏر، ننڍا پکي، گوُنگهيون، ٽنڊڻ، گهُرٽيون، تڏيون ۽ ٻيا جيت سَڄا ڳڙڪائي ويندي آهي.

ڪي ايهرُو گهڻا زهري ٿين ۽ ڪي گهٽ، ٿري چوندا آهن ته ”ڪارو يا ماري يا کاري“ يعني يا ماڻهو مريو وڃي، پر جي اتفاق سان بچي ويو ته وري جنهن عضوي ۾ چڪ لڳو هوندو اهو عضوو کريو پوي، ان لاءِ ترت علاج ۽ ٻيا علاج به پاڻ ڪندا آهن.

يڪدم ڪپڙي سان يا رسيءَ سان ڏنگيل جاءِ مٿان قابو ٻڌي ڪپ سان چهڪ ڏيئي رت وهائين ۽ مٿان باهه جي ٽانڊي سان ساڙين يا سڱي هڻي رت ڪڍين. يا وات ۾ لوڻ ۽ واري وجهي ڦٽ مان چوسي زهر ڪڍن. ڪکيل کي بصر سنهو ڪُتري کارائين. گيهه پيارين، جيئن زهر جو اثر دل تي قبضو نه ڪري، ان لاءِ اُلٽيون به ڪرائين. ويجهيءَ ڇَڪ ۾ ڪو ڀوچو يا جهاڙو سُجهندو هوندن ته يڪدم ماڻهو موڪلي ان کي گهرائي وٺندا، هو جهاڙون وجهندو. ڏنگ تي مڻ چاڙهين جا زهر چوسي وٺندي آهي. مڻ کير سان ڌوئي ڦٽ تي چاڙهيندا، جا زهر سان ڀرجي پوندي، پوءِ لاهي نپوڙي زهر ڪڍي کير سان ڌوئي وري چاڙهيندا. اهڙيءَ طرح جيستائين زهر پيو نڪرندو، تيستائين پيا چاڙهيندا.

وڏي ڳالهه ته جيڪڏهن ڀوپا يا جهاڙ وجهڻ وارو ملي ويو ۽ انهن مان ڪنهن وٽ مڻ هوندي (ڇو ته مڻ اُهي ئي ماڻهو رکندا آهن) ته پوءِ کين ايتري آٿت ٿيندي ته هاڻي زخميءَ کي جوکو ڪونهي.

ڪجهه وقت ڪکيل کي ڪشادي جاءِ ۾ رکندا آهن، جتي عام جام ماڻهو کي اچڻ نه ڏيندا آهن. بيمار کي کٽ تي ڪونه سمهاريندا پر پٽ تي ٽپڙ وڇائي سمهاريندا آهن. ڪي ته جاءِ جي دروازي جو تاڪ پٿاري ان تي رکيون وجهي سمهاريندا آهن.

جاءِ جي در تي گڏهه جي لڏ ڪنهن ٺڪر جي ٿانءُ ۾ وجهي ٿورو پاڻي گڏي کي ڇڏيندا آهن. جي ڪنهن کي بيمار کي پڇڻ لاءِ اندر وڃڻو هوندو ته ان کي پير جو آڱوٺو پُسائي پوءِ اندر گهڙندو. کين يقين آهي ته ائين ڪرڻ سان پليتائيءَ جو ڪو اثر ڪونه ٿيندو.

ڪاري نانگ کي ”گوگو“ به چوندا آهن. ٿر ۾ ڪي ڀوپا ٿيندا آهن، جن کي ”گوگي جا ڀوپا“ چئبو آهي. اُهي ڪکيل ماڻهن جو علاج ڪندا آهن. هڪڙو ماڻهو دهلڙي ۽ ٻيو ڏاڪ وڄائيندو ۽ ”سائوروُن“ نالي مخصوص راڳ ڳائيندو. جنهن تي ڀوپو ڌوڻندو. پوءِ اُنهي حالت ۾ چڪ جي ڦٽ تي وات رکي زهر چوسي ڪڍندو ويندو ۽ گرڙيون ڪري ٻاهر اڦلائيندو ويندو. ڪي ڀوپا ڇا ڪندا آهن، جو پٽڪو يا چادر ڊگهي ڪري ٿورو وٽ ڏيئي هڪڙو ڇيڙو ڪنهن ماڻهو کي چوندو ته ڏنگ تي جهلي بيهندو. پاڻ پرڀرو وڃي ٻيو ڇيڙو وات تي جهلي چوسيندو ويندو ۽ هرهر گرڙيون اُڇليندو ويندو. هڪ – ٻه ڏينهن ائين ڪن ته فائدو ٿيو پوي. پوءِ ٻئي يا ٽئين ڏينهن بيمار کي مٿي ۾ ميٽ وجهي تَڙ ڪرائيندا آهن، جنهن کي ”کرڪ ڏيڻ“ چئبو آهي. ان جي معنيٰ ته هاڻي بيمار جي وڌيڪ علاج جي ضرورت نه رهي آهي ۽ چڱو ڀلو ٿي چُڪو.

 

پيئڻ

هي هڪ بلا جو قسم آهي، جا ٿر کان سواءِ ٻئي ڪنهن به هنڌ نه ٿئي. قد ۾ ڇهه فوٽ کن ڊگهي ٿئي. منهن ۽ پڇ سنها پر وچ تي ٿلهيري. اُن جي پٺيءَ تي اٽڪل ڏيڍ انچ وڇوٽيءَ تي ڪارا پٽا، پيٽ اڇو ۽ لسو ٿئي. ٻيون بلائون هلن وَرن وڪڙن سان، ته هي هلي سنئين سڌي. اُن جي ليڪي مان ئي ٿري سهي ڪري وٺندا آهن، ڇاڪاڻ جو هن جي پڇ جو ڇيڙو سنهو ٿيندو آهي ۽ وري هلي جو سنئين سڌي، تنهنڪري پيٽ سان ٿيل ٿلهي ليڪي جي وچ ۾ وري سنهو ليڪو به ظاهر بيٺو هوندو آهي، جنهنڪري جهٽ پٽ سڃاڻي وٺبو آهي.

اُن جون تجليدار اکيون روشني برداشت ڪري ڪونه سگهن، جنهنڪري ڏينهن جو گهڻو ڪري ٻاهر ڪانه نڪري، پر رات جو چوڌاري چڱا چڪر ڏئي هلڻ جي وري اهڙي تڪڙِ آهي جو ڊوڙ پائي اُن کي پڄڻ ئي مشڪل. رولو وري اهڙي آهي جو ڪوهن جا ڪوهه پنڌ ڪري ويندي آهي.

اُن جون تجليدار اکيون روشني برداشت ڪري ڪونه سگهن، جنهنڪري ڏينهن جو گهڻو ڪري ٻاهر ڪانه نڪري، پر رات جو چوڌاري چڱا چڪر ڏئي هلڻ جي وري اهڙي آهي جو ڪوهن جا ڪوهه پنڌ ڪري ويندي آهي.

ماڻهوءَ کي چڪ ڪونه پائي، پر ننڊ ۾ ستل ماڻهوءَ جي ساهه کڻڻ سان اُن جي دم ۾ پنهنجو دم ڦوڪيندي آهي. هي هميشه ننڊ ۾ ستل ماڻهوءَ تي حملو ڪندي آهي. اڪثر کونگهري جي آواز تي ڌوڪي ايندي آهي ۽ پري کان ئي آواز ٻڌندي سهي ڪندي ته ماڻهو اگهور ننڊ ۾ آهي ۽ تڪڙي اچي پهچندي ۽ آهستي آهستي ستل ماڻهوءَ جي سيني تي چڙهي يا ڀرسان ويهي سندس وات مان نڪرندڙ هوا پاڻ جهٽيندي ۽ پنهنجي زهري هوا ستل جي وات ۾ ڦوڪيندي آهي. ڪي چون ٿا ته زهر هاريندي آهي ۽ وڃڻ مهل پنهنجي پڇ سان ستل کي اهڙو ته چهبڪ وانگر ڌڪ هڻندي جو هو هڪدم سجاڳ ٿي پوندو آهي، ۽ پاڻ ڀڄي ويندي آهي. ان حالت ۾ ماڻهو چوندا آهن ته فلاڻي کي پيئڻ پي ويئي، يا ڦٽائي ويئي يا ڦوڪي ويئي، وغيره هروڀرو ڪنهن تي ڪاهي ڪانه اچي ۽ اهڙا اتفاق سال ۾ ڪي ورلي ٿيندا آهن.

پيتل ماڻهوءَ جي نڙيءَ ۾ ڳوڙهو ٿي پوندو آهي. پيئڻ جي زهر ۾ اهڙو ڪو اثر آهي، جو جيڪڏهن سج جي يا بتيءَ جي روشنائي پيتل ماڻهو ڏٺي ته هڪدم انڌو ٿي پوندو ۽ نڙي واري ڳوڙهي وڌندي ويندي، تان جو ٻوساٽجي، وڌ ۾ وڌ ٻارهن ڪلاڪن اندر مري ويندو. نانگ يا بلا جو ڏنگيل بچي پوي، پر پيئڻ جو پيتل ڪو مشڪل بچي. البت هاڻي موٿر ديسي علاج ماڻهن ڳولي لڌا آهن، جنهنڪري موت گهٽ ٿين ٿا.

جهڙيءَ طرح سياري جو اُٺ مستي ڪندا اهن يا ڪُتن جي ڇِتي ٿيڻ جا به ڪي وقت آهن، اهڙيءَ طرح پيئڻ به سدائين ڏسڻ ۾ ڪانه اچي. سال به فقط چار مهينا وسڪاري جا، تن مان به خاص ٻن مهينن ڀڊي ۽ اَسوءَ ۾ ٻاهر نڪرندي آهي، باقي سڄو سال گم، ڪنهن ڪنهن سال ته اصل ڪانه نڪري، يا ڪڏهين ڪٿي ڪي گهڻيون نڪرن، ڪٿي ٿوريون، ته ڪٿي اصل نه. جتي رهي اُتي چون ٿا ته ست گڏ رهن، تنهنڪري کيس ”ست سهيليون“ به چڇوندا آهن. اُن جي رهڻ جو مکيه هنڌ آهي واريءَ جو ٻر، پر بعضي کٻڙ ۽ ڪنڊي جي وڻن جي ٿڙن جي وچ وارن خالي پورن (خالن) ۾ به گذاري ۽ آنا به اتي لاهي، ڪڏهن ڪا سڏڻ ۾ اچي ته ماڻهو اون کي ماري اُبتو ليڪو کڻي ٻيون جيڪي به لڀن، تن کي به ماري ڇڏين. مارڻ به سٿري ڪانهي، ڌڪ هڻبس ته ٽِپ ڏيندي، گهڻن ڌڪن هڻڻ بعد مس مرندي آهي.

ٿر ۾ عام بلائون جيتوڻيڪ وڻ تي چڙهي وڃن، پر کٽ تي ڪونه چڙهڻ، پر هي نامراد ته کٽ تي به چڙهيو وڃ! ٿر ۾ عام طرح اُن کي ”ڦوڪڻي“، ”بُڇڙي“ ۽ ”ڪاري گڏهه“ چون. ماڻهن ۾ عام عقيدو آهي ته رات جي وقت جيڪڏهن اون جو نالو وٺبو ته ڪاهي ايندي، تنهنڪري رت جو ”پيئڻ“ نالو ڪونه وٺڻ، پر ڪاري گڏهه يا بُڇڙي چون.

شروعاتي بچاءُ لاءِ به عجيب اُپاءَ ڪن. روشنيءَ ۾ ڏسي ڪانه سگهي ۽ بصر جي ڌپ به اُن کي ڪانه وڻي، تنهنڪري هن کان بچڻ لاءِ پهچ وارا شاهوڪار ۽ سَرياندَ ماڻهو رات جو بتيون ٻاري ڇڏين، ۽ غريب وري بصر جو ڇوڏو (پن يا کَل) وات ۾ وجهي ۽ هنڌ تي وهاڻي هيٺان ۽ پاسن کان رکي سمهن ۽ کتن جي چوڌاري به ٽڪر تڪر ڪيو اڇلايو ڇڏين. ڪي وڌيڪ ڊڄڻا ماڻهو پنهنجو وات پٽڪي جي پلاند سان ٻڌي سُمهن، ڪي ته توڪل برخدا غريب ائين ئي ستا پيا هجن. ازان سوا3 مالدار ويچارا، جي مال جي سنڀال لاءِ ڪارين راتين ۾ به وٿاڻن تي، تن وٽ ڪٿان آيو کٽولو، بتيون ۽ بصر، سي بي اونا ٿيو، ڀتن تي يا پوٺن ۾ واريءَ تي سُتا پيا ننڊون ڪندا آهن ته نه لهر نڪو لوڏو. هو چوندا آهن ته ان تي ڌڻيءَ جا هٿ آهن. جن جو اصجل هوندو آهي سي پڪين جاين ۾ کتن تي ستل، بتي جي روشنائي هوندي به بچي نه سگهندا اهن. ڪيئن به کڻي هجي ته به حيلو ڪرڻ ضروري آهي. ”حيلي روز بهاني موت.“

پيتل ماڻهو علاج ڪرڻ سان بچي به پوندا آهن. ان لاءِ پهريون علاج آهي کيس روشنيءَ کان پري رکڻ، يعني اکيون ٻڌي ڇڏڻ ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ کيس زمين ۾ کوٽيل ننڍي کوهي يا تَڙَ ۾ واري تري ۾ اونو ڪري ڏندڻ سان نڙيءَ ۾ ڪتڪتائي ڪرڻ، جيئن زهر جو ڳوڙهو ڦسي پوي. ڳوڙهو ڦٿو ۽ زهر ٻاهر نڪتو ته پوءِ جوکو ڪونهي.

ٻيو علاج اهي گوُئڙ پکي (جو ٿر ۾ عام ٿيندو آهي) جو آنو. اُهو جي بروقت ملي وڃي ته ان جو پاڻي پيارجي ته هڪدم فائدو ڪندو. پر اها شيءَ ملڻ مشڪل، هڪي تڪي حاضر ٿي نٿي سگهي. ان لاءِ ماڻهو ڇا ڪندا اهن جو اونهاري ۾ جڏهن گوئڙ پکي آنا لاهي، تڏهين ڳولا ڪري انو هٿ ڪري، ڀڃي، پاڻيءَ ۾ ڪپهه پسائي، سُڪائي، شيشي ۾ وجهي رکي ڇڏيندا آهن. پوءِ جو اهڙو ڪو اتفاق ٿيو ته اها ڪپهه پاڻيءَ ۾ پسائي مريضن کي پيارين ته فائدو ٿيو پوي.

پيتل ماڻهوءَ جون اکيون يڪدم پٽيءَ سان ٻڌي ڇڏيندا آهن. پوءِ ڦٽڪي اُٽهه ڦٽهه کارائيندا اٿس. هونءَ ته ڦٽڪي ڪساري آهي، جنهنڪري کائي ڪانه سگهجي. پر ڦوڪيل کي ڦٽڪي ڪساري نه لڳندي. پيتل ويندو ٻَرڙ ٻَرڙ ڪندو کائيندو. پنجن – ستن تولن بعد کير پيارجي ته اُلٽي ٿيندي. اهڙيءَ طرح ڦٽڪي کارائي کير پياري اُلٽيون ڪرائيندو وڃجيس. جيستائين زهر جو اثر هوندو، تيستائين ڦٽڪي ڪساري يا خراب نه لڳندو. جڏهن اثر گهٽيو، تڏهن ڪساري لڳندي، اُن وقت کارائڻ بند ڪجي. اهڙيءَ طرح پاءُ کن يا وڌيڪ ٽڪي بهلائي ويندا آهن، فائدو ٿيندو آهي.

ڦٽڪي هَڪي نه هجي ۽ جيستائين موجود ٿئي تيستائين اڪ (جو جتي ڪٿي عام آهي) جا مٿيان گؤچ ڪڇي کارائبا آهن، جيئن اُلٽي اچيس. شروعاتي ترت علاج اهو به چڱو آهي.

هي بلا نه رڳو ماڻهو کي ڦوڪيندي آهي، پر اُٺ، گهوڙا، گانيون، گڏهه، رڍون ۽ ٻڪريون به هن جي وار کان نه بچنديون آهن. ماڻهو ويچارا پنهنجي وسان ڪونه ٿا گهٽائين، پر هن مصيبت کان شال مالڪ بچائي.

 

پيرن وارا زهري جيت

*هڻ کڻ: هي تمام ننڍي ي انچ کن ٿيندي آهي. هن جو چڪ اهڙو ته خوفناڪ ٿيندو آهي جو ڪلاڪ – ٻن اندر ماڻهو مريو وڃي. هڻ کڻ جي معنيٰ ئي آهي ”ڏنگ لڳو ته ڄڻ لاشو کنيو.“ هن جو اثرائتو علاج اڄ تائين معلوم ٿي نه سگهيو آهي.

*وڇون: ٿر ۾ وڇون جام ٿين. اهي جاين جي چاچوڙن، پراڻن ڇيڻن ۽ ٻين ڪِن ڪڍري وارن هنڌن تي رهندا اهن، جي رنگ جا ڀورا ٿين. ڏنگ تي گاسليٽ مکين، انجڻي گهوٽي ڏين، جهار وجهائين، بصر جو پاڻي مهٽين ۽ ٻيا ڪيترا ديسي علاج ڪن. پارڪر ڏي جبل ۾ خوفناڪ زهري ڪاري رنگ جا وڇون ٿين، جن جو ڏنگ موتمار آهي. وڇونءَ جو ڏنگ گهڻي ۾ گهڻو چوويهه ڪلاڪ سور ڪندو آهي.

*سؤپيريون: هن کي گهڻا پير ٿيندا آهن، جنهنڪري اُن کي سَوپيري چون. هن جو چڪ ڪجهه وقت سور ڪندو آهي، ٿري ماڻهو ۾ وهم آهي ته سُوپيريءَ جو ڏنگ سَو ڏينهن پيو سور ڪندو آهي.

*وِڇي: هي ڪارسري رنگ جي ڪيرڙي وانگر ٿيندي آهي. جاين جي ڦوٽن ۽ چاپوڙن ۾ رهندي آهي. ڪنهن ڪنهن مهل ڀتين تي گهمندي ڏسبو آهي. ماني يا ٻي کاڌي جي شيءِ ۽ پاڻي جي کليل هوندا ته بعضي ڦوڪاري ويندي آهي. اهي شيون ورتائڻ سان ماڻهوءَ کي تڪليف ٿيو پوي.

 

اُڏامندڙ زهري جيت

*ماکيءَ جي مک: بهار جي موسم ۾ جڏهن وڻ ڦوٽ ٿيندي آهي ۽ گل نڪرندا آهن، تڏهن ماکيءَ جون مکيون اچيو پيد اٿين ۽ مانارا ٺاهينديون آهن. ماڻهو مانارا ڇاڻي ماکي لاهيندا آهن، تڏهن ڏنگ هڻنديون آهن، جنهنڪري اهو هنڌ سُٺي پوندو آهي ۽ ڪجهه وقت چٽڪندو آهي.

*ڏينڀو: هن کي ککر به چوندا آهن. ڪٿي هن کي چيلاٽا به چون. هي پراڻين سڃين جاين، بعضي ڪن وڻن ۾ به مانارا ٺاهيندا آهن. ماڻهو ماناري کي ويجهو ويو ته ڪاهي ايندا، ننڍا ٻار هاسيڪار مانارو ڏسندا ته ان کي ڀتر هڻندا آهن جنهنڪري ڪاهيو اچن ۽ ڏنگ هڻن. هن جي ڏنگ سان اهو هنڌ سوڄ ڪندو آهي. جنهنڪري ڪافي سور به ٿئي. مٽي پسائي مٿان رکجي ته فائدو ٿي پوندو.

*مڇر: ٿر ۾ گهڻا نه ٿيندا آهن، فقط برساتي موسم ۾ تلائن جي پاڻي ڪري ٿيندا، پر عام نه آهن.

*ڪُت: هي مڇر کان به ننڍو جيت آهي. وسڪاري جو گهاٽي گاهه جي ڪري ٿيندو آهي. هن جو چقڪ ڪجهه وقت معمولي سور ڪندو آهي.

 

پيرن وارا جيت

پيرن وارن جيتن مان ڪي ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي رهن، ڪي ٻرن ۾ رهن ۽ ڪي جهنگ ۾ رهن. ڪي گهرن ۾ ۽ ڪي سڀڪنهن هنڌ رهن. ڪي ته خاص موسمن ۾ پيدا ٿين ۽ پوءِ ترت مريو وڃن. انهن مان ڪي عام آهن، پر ڪي اهڙا آهن جن بابت واقفيت ڏيڻ ضروري آهي.

*گوهيرو: هي ٻه – ٽي فوٽ کن ڊگهو ميرانجهڙو ڀُورو ٿيندو آهي. کيس ار پير مضبوط چنڀن سان ۽ ٿلهيرو ٻانڊرو پڇ ٿيندو آهي. اُن جي کل ڇِلرن واري ۽ سخت ٿئي. هروڀرو تڪڙو ڊوڙي ڪونه سگهي. ٻرن ۾ رهي جي وڏا ٿين، تنهنڪري انهن کي ڏَرَ به چئجي، جو تمام نرم زمين ۾ ڪندو آهي. اهي ٻر ڀٽن، ڏرڙن ۽ دڙن جي اُڀ ڪپرن پاسن ۾ هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن کاڌي جي ڳولا ۾ ٻاهر نڪري ڪوئا، گونگهيون، گهُرٽيون، ڏيڏر ۽ ٻيا ننڍا جيت کايو وڃي. کاڌي جو بلڪل هٻڇي آهي، ايترو گهڻو کائيندو آهي جو ڀرجي پوندو آهي ۽ چُري به نه سگهندو آهي. ڪو ماڻهو گهڻو کائي ڀربو آهي ته چوندا اهن ته ”گوهيري وانگر ڀريو پيو آهي.“

اُٺ کي ڦيٽڙي جي بيماري ٿيندي آهي، جنهنڪري هو واري _ڌوُڙ) کائيندو رهندو آهي. تڏهن گوهيرو ماري رَڌي جُن ڏبو آهي. ويجهي وڃڻ سان سوسات اهڙو ڪندو جو ماڻهو ڊڄيو وڃي. جوڳي فقير، ڀيل ۽ ڪولهي اُن کي ماري کائيندا آهن. ٻاهر پوٺي تي هٿ نه اچي ته پير کڻي ڏر کوٽي مارندا آهن. پيرن ۾ سخت ننهن ٿيندا اٿس. ڏر ۾ پوڻ بعد پڇ کان وٺي ٻاهر چڪبو ته ٻاهر ڪڍڻ مشڪل. هن جي کل وڪري لاءِ ٻاهر ويندي آهي.

*چَندڻ ڳوهه: هي ڊيگهه ۾ ڏيڍ فوٽ کن ٿئي. ننڍڙن دڙن جي اُڀ ڪپرن پاسن، بُٿن جي پاڙن وٽ ڪنئري زمين ۾ ٻر کوٽي رهي. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر نڪري لٻرڪا ڪندي ته مٿان بجلي ڪرندي، تنهنڪري هن جو لوڙهن ۾ يا ڀرسان رهڻ نقصانڪار سمجهندا آهن ۽ ڪٿي ڏسن ته ڪوشش ڪري ماري ڇڏين. هي به ڏيڏر، گونگهيون، گهرٽيون ۽ ننڍا جيت کائيندي آهي. پيرن جي چنبن ۾ سخت ننهن ٿيندا اٿس، جنهنڪري ڀتين تي به چڙهيو وڇي ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهرن جي ڇتين ۾ چڙهيو جهرڪين جا آنا ۽ ٻچا ڱايو وڃي. جوڳي، ڀيل ۽ ڪولهي کائيندا آهن ۽ کلون ٻاهر وڪري لاءِ وينديون آهن. ٻي عام ڳوهه به ٿئي جا چندڻ ڳوهه کان ڪجهه ننڍيري ٿيندي آهي. ٻار جي ڏسن ته اُن کي ڊوڙائي ڊوڙائي ماري ڇڏيندا آهن.

*نور: هي ڊيگهه ۾ ڏيڍ فوٽ کن ڀوري رنگ جي ٿئي. بدن تي نرم وار ٿيندا اهنس. جهنگ ۾عام پي اگهمندا آهن. ننڍا جيت کايو وڃي ۽ ٻرن ۾ رهي. ماڻهو مسافري تي وڃي، جي اڳيان نور واٽ ٻوٽي وڃي ته بدسوڻ سمجهن. جيڪڏهن ڄڃ هجي ۽ اها ڪار ٿئي ته يڪدم لهي پوندا، ۽ ڪٿان به ڇيلو هٿ ڪري، ڪُهي، اُن جي گوشت جا ٽڪر ٻنهي طرفن اڇلائي پوءِ وچ مان لنگهي ويندا، خاص ڪري اڇوت قومون ائين ڪنديون آهن. هي نانگ جو دشمن آهي. ڪڏهن ڪڏهن جهنگ ۾ نور ۽ نانگ جي ويڙهه ٿيندي آهي جا ڏسڻ وٽان اهي. بعضي نانگ کي به ماريو وجهي. اُن جي کل وڪري لاءِ ٻاهر ويندي آهي.

*سانڊو: هي ڊيگهه ۾ فوٽ سوا، ڀوري ميرانجهڙي رنگ جو ٿئي. هي پڇنهنجا ٻر ڏهرن جي ڏاڍيري زمين ۾ کوٽي ۽ ننڍن جيتن تي گذر ڪري. جوڳي ڪوڏر سان ٻر کوٽي ڪڍي ماري کائيندا آهن ۽ کل وڪري لاءِ ٻاهر ويندي آهي.

*ڪاڪينڊو: هن کي ڪِرڙو به چون. ڪي ڀوري رنگ جا ٿين، ڪن جو مٿو ڳاڙهو ٿئي. هي ڌرتي تي پيو ڊوڙندو آهي، وڻن تي به چڙهيو وڃي، ٻار اُن کي ڏسي پڇندا آهن ته ”ڪاڪينڊا، ميهه اُونچو يا نينچو؟“ (يعني برسات مٿي يا هيٺ) هي مٿو هيٺ مٿي ڪندو آهي، ٻارن لاءِ اها وندر آهي.

*ڪوئو: هي ٿر ۾ جام ٿين. ٿري اُن کي ”اوُنڏَرَ“ چون. عورتون ان کي ”گهرڌڻي“ چون. گهر، لوڙها، سڄو جهنگ، ٻنيون ۽ مَڙها ڪوئن جي ٻرن سان ڀريا پيا آهن. برن کي ٿري ”ٻِلَ“ چون. هرهڪ ٻر ۾ اٺ – ڏهه سوراخ ٿين، هڪڙي پاسي ٻر بند ڪبا ته ٻين هنڌان ڪوئو نڪري ويندو. ذري ٻاهر ذري اندر، اُن کي هڪ هنڌ آرام ڪونه اچي. هن جي ٻارن جي ڪري زمين اندران ايتريقدر پوري ٿي پوندي آهي، جو بعضي مٿان وهٽ لنگهڻ ڪري پير هيٺ هليو وڃي، جنهنڪري ٽنگ ڀڄيو پوي يا ضربجيو پوي ۽ وهٽ منڊو ٿيو پوي، تڏهن چون ته ”وهَٽ ٻِلاڻو آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org