باب اڻويهون
ٿر جو شعر ۽ لوڪ ادب
ٿر جا ڌنار مال چاريندي، هاري ٻني جو ڪم ڪندي، عام ماڻهو جهنگ
جهر ۾ ڪم ڪندي، ڪجهه نه ڪجهه پيا جهونگاريندا آهن،
جيئن ته شاهه جا بيت ۽ ڪافيون. خاص ڪري ”مارئي“
بابت جدا جدا شاعرن جون چيل ڪافيون، بيت ۽ ٿر جا
لوڪ گيت چوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن مومل راڻو سهڻي
ميهار، سسئي پنهون، ليلان چنيسر، ليليٰ مجنون ۽
سانوڻ فقير جا لوڙائو بيت چاهه سان چوندا آهن.
ٿر ۾ جيتوڻيڪ ڪي ناميارا شاعر گهٽ آهن، پر تڏهن به ڪيترن ئي ٿري
ماڻهن شعر چيو آهي، جن مان گهڻو تعداد اڻ پڙهيلن
جو آهي. ٿر جو نج شعر ڪافي آهي، جو ٿري چاهه سان
چوندا اهن. ڪيترو شعر اهڙو آهي، جنهن بابت پتو نٿو
پوي ته اُهو ڪنهن جوچيل آهي. ٿر جي جدا جدا ٽُڪرن
۾ ڪيترن ئي قسمن جا شعر ٻڌبو آهي. اهو ڪَٺو ڪجي ته
چڱو ذخيرو ٿي پوي. ٿري شعر ۾ ڪيتريون ئي خوبيون
آهن، جنهن ڪري روح کي راحت ڏيندڙ آهي. نموني طور
تي ڪي مثال ڏجن ٿا، جي ”واقعاتي بيتن“ تي ٻڌل آهن.
اسلام ڪوٽ جو ڌارو: اسلام ڪوٽ شهر ۾ سال 1922ع ۾، مير خان کوسي
جي اڳواڻيءَ ۾ ٻاونجاهه ڌاڙيل ڪاهي آيا ۽ ڦُر
ڪيائون. انهن ۾ کوسا، راجپوت، مياڻا ۽ ڪولهي هئا،
جن مان ڪي ڪچ جي ٻيلي شهر جي آسپاس جا هئا. صبح جو
اسلام ڪوٽ ۾ اچي گهڙيا. سندس سردار مير خان کوسو
سهر جي چوسول ۾ کٽ تي ويٺو هو، ٻين پئي شهر ڦُريو
۽ ٽَپڙ کڻي اچي مير خان جي اڳيان گڏ ڪندا ويا. شهر
مان ڪي مڱڻهار عورتون وٺي آيا جن کي حڪم ڪيائون ته
گيت ڳايو. انهن ڊپ وچان گيت ڳائڻ شروع ڪيا. پوليس
سپاهين مان هڪ مريد خان نالي مٺيوال کوسي سوار،
کٻڙ جي وڻ ۾ لڪي فائر ڪيا، جنهنڪري ڌاڙيلن جا ٻه
گهوڙا مري ويا. سارو شهر ڦُري روانا ٿيا. آڌيگام
وٽ هڪ ڪولهي گڏين، جنهن جو نڪ ڪپي وڌائون. انهيءَ
واقعي تي ٿري سگهڙ ”هارون لُنڊ“ هيٺيون بيت چيو
آهي:
ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب رب سبحان،
وڏائي جڳائي واحد کي، ٻئي ڪنهن کي ڪانه،
قادر جي قدرت جي، ڪمي ته آهي ڪانه،
پرور پاڪ پيدا ڪيا، جوڌا سڀ جوان،
سُورهين ويهي صلاح ڪئي، مهندار هو مير خان،
ڪجو غور غريبن تي، آگو ڪري احسان،
چوڪي چئني يارن جي، چوڌاري چوغان،
نر چڙهيو هو نشان، کوسو ڳالهه کري ڪري.
= = = = =
اولا قطب ان سان هئا، پاکڙيا پيرن،
اول گوڙ گجرات ۾، مچايو مردن،
اها خبر اسماعيل کي، ٿي ٻڌائي ٻين،
مل چڙهيا هئا ماريئي کا سورهيه ٿا سجهن،
اچي ڀر ڀيڙا ٿيا، ملي ملوڪن،
ڪولهي ڪوڙين ڪيترا مياڻا منجهن،
ڀوميا تن سان ڀيڙا هئا ڪيون رهاڻيون رجپوتن،
ڌونري ڏينهن جو ڌاڙيلا وٺيو واٽ وڃن،
ڪي پهتا پارڪر تي ڪني ڪيو آڌيگام اکين،
ڏٺو ويٺي ڏينهن جو، ڪُلني ڪامورن،
نه آهي جاءِ جنگ جي، لِڪيو لَڪَ چڙهن،
کنوڻ ڳوٺ ڪنڌي جو کاڌو خواجن،
ڦاڙي پيٽ پيڍي جو لاٿو لاکيڻن،
کنيو مال موذين جو، ڪري پتيون پوشيدن،
پٺيان تن پوليس جون ڇوليون ٿيون ڇُلڪن،
بندوقون تن بهادرن جون ڪڏهن ڪين گسن،
ٻاونجاهه ٻاهر وٽيئا اجهو ٿيا اچن،
سوجهاڪي جو سلام ڪوٽ ۾ ڪيا ٻهڪا ٻيلاين،
ڇڏيون ٿي ڇرڪ مان ننڍيون لهاڻن،
اڳڙي ٽڪي نه انگ تي نه ليو لانگهوٽن،
هڻي سونٽو ساجنکي ٻَڌو ٻيلاين،
ٽپي پيو دُهل ۾ راڌو منجهه گهرن،
پيئي مار ماڻڪي تي ڦاٿو منجهه چنبن،
گهڻي پڇا ڪيائون گوپي جي ٿا پمنداس پڇن،
نه آهي ميار مُکيءَ تي، گوپو ناهه گهرن،
قطباڻين مان ڪين ٿيو، ڀڳا ڏانهن ڀٽن،
ٿاڻيدار به تن جو، صوبدار سندن،
مڙس مريد خان هو مٺيوالا منجهن،
ڀڄندي ڏٺائين ڀيڙ ۾ سامهون ٿيو سُورهن،
گهوڙا ٻئي گُڏي وڌا ناهي جوکو جوانن،
ورندي ڏٺائين واٽ ۾ لوُڪڙ جيئن لڪن،
ڀڄي چڙهيا ڀٽ تي کٻڙ ۾ کسڪن،
ڏيو چُونگون چاهه مان وٺيو اُت اُچن،
هوڪاريو هٽن مان ميڙيو مال ڪڍن،
ڪڍيو طاق اجرڪن جا ڪيائون اڳوڻيون اُٺن،
ڪڍي ڪنگڻ سون جا وڌائون هٿن،
سارو ڏينهن سوڀارن کي ڳايو ڳيتارن،
ڍارو ڪيائون ڍيڪاريئي تي پيتو پاڻي پوشيدن،
مهندان اُٺ ميو مِتُو جو جهليو جوانن،
هڪلي آيا هٽ تي اُتي پنجُو سيٺ پڇن،
گهوڙو ڇوڙي گهر مان اُت گاشيو بيٺا گُهرن،
پنجن پلاڻي ڏنو وجهي هنوساڻ هٿن،
ڏيئي خيراتون خوشي مان گهوٽ چڙهيا گهوڙن،
هيڏو ڪمال خان جو ڪيو اَدب اشرافن،
نهاريائون ڪين ننگر ڏانهن ٿا اڌيگام اُڪرن،
ڀاڻيجو تنهن ڀڳلي جو هو منهن چڙهيو مردن،
نڪ وڍي نشآني لاءِ ڪيو چارو چالاڪن،
پڌرو رهي پارڪر ۾ ٻيا به ڏيهه ڏسن،
هيڏي حالت هيمي سان جوڙي جوانن،
ڪولهي کي ڪنڌي تي ٻڌو ٻاهروٽين،
هليا واڳڙ جي واٽن، هڻي نعرو حيدر جو.
برسات – سنبت 1894 مطابق سال 1927ع ۾ زبردست برسات پيئي هئي،
جنهن ۾ سنڌ ۽ ناري ۾ ڪافي نقصان ٿيو هو. ڪيترا ڳوٺ
ٻڏي ويا. ريلوي رستو ٽٽي پيو، ڪيتريون جايون ڊهي
ويون، ماڻهو دربدر ٿيا ۽ ڪافي نقصان پيو. ڍوري جي
ڀر وارا ڪيترا ماڻهو اچي ٿر جي ڀٽن تي ويٺا. ان تي
”ڪانهيي“ مينگهواڙ سگهڙ هڪ بيت چيو آهي، جو هيٺ
ڏجي ٿو:
1-الله رب راضي ٿيو چَمر پيا ڇُهي،
لاٿائين واءُ واهوندو مٿان ڪيائين رُهي،
کولهڙ ماڻهن جا ڪري پيا خلق ٿي مُئي،
ڀڄي چڙهيا ڀٽن تي سچي ڳالهه سئي،
قدرتي ڳالهه هئي، جو ڪلاڪ ۾ ڪڪ ڪيائين.
2-وسڻ پيو ٿي وائيئي ۾، ڀٽون ڪيائين ڀيڙيون،
پوک ٻڏي ويئي پاڻي ۾، بيحال ٿر جون کيڙيون،
نصير واهه لڳو نهٽي سان، ٻڏڻ لڳيون ٻيڙيون،
گَم ته ڪانه رهي گدام جي، ڀرجي ويئون سيريون،
ڪريان ڳالهيون ڪهڙيون، ساري سنڌ ساڙي هليو.
3-گاڏي بند ٿي گدام جي عمر ڪانه اڙي،
چوڏهين ڏينهن چوراسيئي ۾ ملڪ مينهن ڀري،
مٿيان شهر سنڌ جا ويا گدام جيئن ڳري،
مال دنگ درياَ اُڪريا ويا مرگهه سڀ مري،
مهاڻا آيا ميرپور جا ڪونه پوي ڍوري کي ڍري،
مينهن ڪم ڪري، وڃي ٻڌائين سڃ سنڌ ۾.
4-مئو مٺڙيو ڪيائين، هيڪائو هر پار،
واهرون وڄوٽهه لاتائين، ڪوهڙ سين ڪڪريار،
ڏيئي لاهه لالي تي، گڏيائين کاريو ٻي کَهار،
جوڙي هن جنجهيئر کي چوٿين ڏينهن چيلهار،
يڪو آيو جوڙُوئي، حڪم ٿيو هريار،
ڪوهڙ هن ڪاٺي جي ويئي ٻني کان ٻاهار،
کولهڙ ڪيرايائين کارئي جا وڏي ڏينهن لُوڻهيار،
جهلي سڙڪ سانياسر جي پُڳو مٺي شار (شهر)،
ڪچا ٿانءُ ڪنڀارن جا گڏي ڪيار گار،
ماٽا وڃايائين مينگهواڙن جا موڪل ٿي موکار،
پڌرو ويو پوسر ڪي ڪري، ڪاڪ مٿان هوڪار،
پالوٽون ڪيائين پاٻوهر تي، ٽوڀا ترايون تار،
ڏٺي چنڊ ويو ڏيپلي، ڪانه ڪيائين نهار،
ٽپڙ سڀ ٽلي ويا، پوٿيون تهان ڌار،
لهاڻا پنهنجيءَ لڄ ۾، ڪيئن ڪن ڪراڙ،
ڀيل ڀڳا ويا ڀوُرين وٽ، چي تختين مٿي تار،
ٻُڏي ساري سنڌ ويئي، ملڪ ڪاٺي واڙ،
ڀاڄڙ پيئي ڀنگين ۾، ڇڏي ڀڳا ٻار،
ڪولهي پيا ڪانجهيٽجي، مرن ٿا لوهار،
اها خبر پيئي انگريز کي، وڌائين منشين ۾ مار،
تارُو لڪي ويا لَين ۾، ڪُٽجن پيا ڪوٽار،
نڪتا وڃي نئين ڪوٽ مان، ٿي راهمور ۾ راڙهو راڙ،
ڳاٽ اچي ڪيائون ڳنڍي تي، ڍورو تارو تار،
ڪير اُڪاري پار، ڪڍي ساري سنڌ مان.
5-متيون مينهن مُنجهايون، بند ٿيا اوتارا،
پوکون هن پُراڻ جون، وارث ماڻڪ وا،
ڪاڳر آيا عمر ڪوٽ مان، ڇُٽا در درياءُ،
کاري مٺي جي خبر ڪانه پوي پلر پاڻي ٿيا،
آنڊا رت، عزيز پٽ، ڇڏي ڀڳي، ماءُ،
اُٻيڙوُن پاڻي پوٺن ۾ ڪونه سڃاتو سڳي ڀاءُ،
هٽ سڀ پٽ ٿيا ڪانه رهي اَجها،
پيتيون پئسا پاڻيءَ ۾ سڪي ويو ساهه،
تڏهين هرڪو ڪري الله، اڄ خلق ياد خدا ڪيو.
6-وسي مينهن ملڪ ڀريو، ڍنڍون ڪيئين ڍورا،
حال مال ويو هٿن مان، جيئن گهُٻڻ مان ڳوڙها،
مَٽي مال مارواڙ لنگهيو گهران نڪتا گهوڙا،
گڏ وڃي ٿيا گڍڙي ۾، ٻيا سانگهڙ ۾ سوڙها،
جني کي لکيل هئا ڦوڙا، سي ڀاوي ويا ڀوڳي ڏي.
7-لرِيءَ ۾ لوڪ جون ڀڳيون ٿي ڳئون،
ڀيڙيون رهيون ڀاڻن ۾ ڪيون ٿي رَنڀون،
رهيو ڪُتو ڪڪڙ ڪونه ويئو مري پَهُون،
هيڪو سيءُ، ٻي بُک، جنهن کي ڏينهن لنگهي ويو
ڏهُون،
پوءِ نٿا صاحب سَهون، هاڻي وڃان ڪا ويل وجهه.
8-رکي دٻ درياءُ تي، ڇَرَ به ڪئي ٿي ڇيل،
هن زماني جر ريليائين، ريڙهي ڀريائين ريل،
الله ورتو آزِمتو، بنايائين خلق ۾ کيل،
ڏرڙ ڪيائين ڏونگرن ۾ رنگ به ڏٺاسون هيل،
ڏج الله اُٻيل، ته سورهو ڪو ساهه کڻون.
9-تَليون ٿيون ترايون، کيڙيون ٿيندا کيٽ،
ٿوهر هن ٿر جا، ڍاريائين ناري کي نيٺ،
ڏيئي ٽاٽ ٽالهي کان، ويئي هيڪاندي هيٺ،
وسهڻ کان ڳالهه وڏي ٿي، پنڌرهن پرهه پيٽ،
ريڙهي وڃي ريٽ، سو ڍوري کي ڍاريو.
10-عمر ڄمار اوهان جي ۾ اهڙا وُٺا مينهن ڪڏهين،
پَهُون، اُٺ، ڍڳا، مينهون، ويئون مري گڏهين،
سڄا بند سُنهِي جا، جت لاکو ترين لَڏين،
ڀڄن ڪٿ ڀيڻي ڪانهي، ات کامان ۽ کڏين،
ٻڌائون ڳالهه تڏهن، پر هُئن اُميد اُجهائن ۾.
11-بنگلا ماڙيون، محلاتون، پڻ ڪائي جا ڪوٽ،
رعيت وٽ هئا رَلِڪا، پيئي ٽَڪين وارين ٽوٽ،
گينيون ٽڪا ٽول ويا پڻ لک لک جا تان نوٽ،
ڪُنيون باسيائون ڪارهين لاءِ ڪيائون ري خرچا روٽ،
ڳاري مٿي ڳوٺ، کڻي تري مٿي تارئين.
12-ندي آئي ناري جي پوکون ٿيا پوٺا،
هاري ڇا تي هُرلا ڪن، جن جا تري ويا لوٽا،
هلاکي کان ڇُٽي پيا، جوڙا ڪاهي ڏين جوٽا،
ڀتيئر چونرا ڀُڪا ٿيا، وڃي رهيا اوٽا،
وقت مهل موٽاءِ، سٿيندي مال ڪا ماڙ ٿئي.
13-لڳي دانهن دڙيلي ۾، اَٺَ مٿوڙا اَهري،
هڪڙو پاڻي پوٺن جو، ٻيو شاخ به ٿي سوڙهي،
ڀانيائون ته ڀَو ڪونهي ملڪ وڌائون ٻوڙي،
ٽنگڙي مڙس هئا ٽيهه ڄڻا کنيائون ٽول ٽِجوڙي،
اَنَ جل الاهي هو، خرارين ليکين کَوڙي،
مٿان پيا ٿوري، ويا ٻاهر سڀ ٻُهاري.
14-ڏيئي گهوڪا ڪيائين گهارا وٽان پيا اڱڻ،
ست ئي ڏينهن ساريکو هيڪ ٻئي مٿان مَ هڻ،
والي وار وطن تي تون ڌارايل ڌڻ،
گاهه گلزار ٿيا ويڳر ٿيا وڻ،
چوي ”ڪانهيو“ ڪچهري ۾ تون پورا پيرا کڻ،
ڏي نه ڪو مهڻو مڇڻ، ته نه وٺا مينهن ملير ۾.
ڪَهِه: ٿر ۾ ڪڏهن ڪڏهن مڪڙ ايندا آهن. وارياسي زمين هئڻ سبب آنا
لاهيندا آهن. جن مان ٻچا نڪرندا آهن، جي تمام گهڻي
تعداد ۾ هوندا آهن، جن کي ڦَڪا ۽ ڪَهِه چئبو آهي.
سنبت 1894 برابر سال 1927 عيسوي ۾ مڪڙ آيا هئا. ان
وقت مذڪوره ڪانهيي پٽ سروپي مينگهواڙ ويٺل ڳوٺ
هرپار تعلقو مٺي شعر چيو آهي، جو هيٺ ڏجي ٿو.
ڪَهِه آبادي ۽ جهنگلي وڻ کائي ملڪ سڃو ڪري ڇڏيندي
آهي. سال 1927ع ۾ ڪَهِه تمام گهڻي ٿي هئي. هرپار
ڳوٺ ۾ جوڻيجا مسلمان، مينگهواڙ ۽ ڀيل رهن ٿا.
”ڪانهيي“ مينگهواڙ هارپ تي فقير محمد جوڻيجي جي
ٻني پوکي هئي. ڪَهه ٻنيءَ جي سيڙهي ۾ آئي هئي، ان
وقت پنهنجي ۽ ڪَهِه جي وچ ۾ ٿيل گفتگو بابت جو شعر
چيو اٿس، سو هيٺ ڏجي ٿو:
1-الله! هُو نڪريو نروار ٿي، ٽپڪيون ڏيو وهي،
جهوڙ ٿئي وڃي جهاڙن تي، ٽونريا ڪريو ٽهي،
نيٺ ٻَنو ڏيندي ٻاجهرين کي، ڪانهيو ڪَهي،
هي ڪيئن رهي، جو موسم ويئي آهي مِلي.
2-موسم ويئي آهي ملي، جنهن جو ويساهه ڀڳي ويس،
اَڀرو ڏسي تون آڙ ۾َ ڪر، مٿي ڪندو سانءِ ڪيس،
نڪريو تون ملڪ مان ڏينهان ڇڏ ڏيس،
سا به نه ڏيندس سيس، جو آهين ڪميڻي ڪَهِه تون.
3-ڪميڻي چئين ڪَهِه کي، ڪانهي تنهنجي ڪاڻ،
سڀ کان سوکو آهي، کيري منجهه کاڻ،
ٻولائي تنهنجي ٻني ۾، اڃا ايندس هاڻ،
توکي ريلي ٻني ڀيلي ڪندس رانديون ۽ رهاڻ،
ڪانه هلي ڪاري تنهنجي ڇو ڪرين ٿو ٽاڻ،
پنهنجو پڻ سڃاڻ، ڪهڙو قصو ڪندين ڪَهِه سان.
4-قصو ڪندس ڪَهِه سان مون کي ڏينهين ننڍو مَ ڏِسَ،
پور پتا پوکن ۾، تون ڪيئن مَرين ٿي ٽِسَ،
اَڏ ٻڌيو تون اُڃ جي، ڪرين مينگهواڙ سان مِس،
گَسَ مٿان تون گِس، يا ٿي ٻاهر ٻني کان.
5-ڪيئن ٿيان ٻاهر ٻني کان، تون ريت سا رهاءِ،
سِڌي ايندس گِدي ڪري، تون مون کي ڪندين ڇا،
هُڇِڪندين ڇُڇِڪندين ڇڏي ڏي هي ڇانڀاهه،
ويهي ٽاهه لَئي سين، تون ڏس مشاهدا،
هڪڙي اُڏي ٻي ڪُڏي ڦاٽي ويا هارين جا ٻاڪا،
اهڙائي هاري هُئا، تون ڪو ڏاڍو ڏاهو آهين.
6-آءٌ ڏاڍو ڏاهو آهيان، ويندس کيٽو کٽي،
لاسيئر ڏسي لڙائي نه ڪر، ڇڏيندس ڦوڳن سان ڦٽي،
ويجهي نه اچڻ ڏيندس واڙ کي، چاڙهيندس ڀٽ کي سَٽي،
هڪڙا هڻندس ٻيا کڻندس، پل ۾ پوڙا پٽي،
هاري کايو ڪُڦر ڦڳائن، چڱي طرح ٿي چٽي،
اهڙا ڏينهن عي ڪٽي، سا ڪيئن وري ڪهه ايندي.
7-ٻيهار کڻي ڪين ايندس، پر آهيان هيلوڪي به هِت،
ويندس هلي وطن تي، مون کي رات پيئي جِت،
ڇِتي ٿيان ڇانهين تي، ٽُوهن کان اچي پِت،
منهنجي ليکي ڪت، آءٌ ڪندس لحاظ لاڪُو جو.
8-تون ڪهڙو لحاظ ڪندين لاڪو جو، جنهن کي
ڊگهو ڏسي ڪيو ٿئي ڊپ،
هُنڇي هڻندو هاهِيءَ ۾، مٿان ڏيندو ڏپ،
تون رُهلا ڪندين ريٽن ۾، هُو لوهه ڏيئي ڀريندو لپ،
مٿان ڏيندءِ ڏپ، ته وهندءِ لِينڊي لس ۾.
9-وَهدي لينڊي لس ۾ آءٌ ننڍي ويندس نڪري،
جڏهن مڙسي مون ۾ ٿي تڏهن ايندس ڦري،
لڙهندي آءٌ لري، ساري سَرهه ڦِري،
جيڪو مون سان وڙهي، سو ڪونه ڏسان ٿي ڏيهه ۾.
10-ڪونه ڏسين ٿي ڏيهه ۾ پر نيٺ مَهريو آهي مارو،
جنهن وٽ هُنر گهڻا ٻيو ڪڻ نه ڏيندءِ ڳارو،
نياپو مقهرئي موڪليو، ته پريان اورهين وارو،
هو ته گرڙ گسي ڪين، تو سان ٿيندو کارو،
سڻندو لوڪ سارو، ته اهڙا ڪم ٿيا ڪهه سان.
11-اهڙا ڪم ٿيا ڪهه سان، ڪني ڪيو آهي ڪوڙ،
پڇي پنهنجو پاڙو، مون کي پڪ پيم پروڙ،
ڪين ڇڏيندس ان کي، جهيڙو ڪندس ضرور،
ٽِنڊرَڻ لاءِ ٿي ٽپ ڏيان، جهٽ ڏيئي ڪندس جهوڙ،
اِي سيئا جو سور، مون کي آهي من ۾،
12-اي مهڻو ڪندين من ۾، ته پل نه رهندين پل،
نياءُ نبيرون نبيسر ۾، مِٺي ۾ تون هل،
تعلقي مٺي جي آءٌ، ڀريندڙ آهيان ڍل،
عرض ڪيم انگريز کي، آيو ته اُڏائيندءِ کل،
ڪني تون ”ڪانهيي“ سان، ڪهڙو ڪندين خلل،
ڪهڙو قصو ڪندينءَ ان سان جنهن کي ٽاهڻ جي آهي ٽل،
پهرپائي پل، هونڇي هڻندو هاهِيءَ ۾.
13-هونڇي هڻندو ها هِيءَ ۾، وات جو آهه ويڙهو،
چٻ تنهنجي چئي تي، ڪونه ڇڏيندس سيڙهو،
اچين ٿو آڪڙ مان، پر ڪهڙو ڪندين جهيڙو،
ڪونه پوان ٿي قبولي ۾، ٻاهر ڇڏيو مون ڏير،
جڏهن ڪيم ڦيرو، تڏ ويندس ڪانا ڪيرائي.
14-ويندينءَ ڪانا ڪيرائي، آءٌ ته ڇڏيندس تاري،
تون خوشيون ڪرين ٿي کائڻ لاءِ ڀٽن تي ڀاري،
اڌ آهي جوڻيجو جو، اهو حق وهنواري،
ٻني فقير محمد جي، اءٌ آهيان هاري،
توکي ڇڏيندس ماري، نه ته وڃ سِڌي سنڌ ڏي.
15-وڃان ٿي سِڌي سنڌ ڏي، گونٽا ڪندي گس،
سنڀريو وڃان ٿي سارين تي ليها ڏيندي لس،
پهرين پَٽ اوهان جو کيندس پوءِ وڃي ڪس،
ساري اءٌ ساوڻ ۾ ماڳهين نه ڍاپان مس،
مون کي چاري ڏنو چس، وات نه ڪڍان وڻن مان.
16-وات نه ڪڍندين وڻن مان، ڪرين ٿي موت لاءِ،
هينئر هن هرپار تي، آهن به جوڻيجا،
مارڻ لاءِ ماندا آهن، جي ايندءِ به اوچتا،
گسڻ جهڙا هرگز ناهن، ڪڍندا تنهنجو ساهه،
تون جيسين ڪرائيندين نياءُ، هُو ٻُهاري هڻندا
ٻورين ۾.
17-ٻُهاري هڻدا ٻورين ۾، تون بندا ڇڏ بڪ،
کارين تانکٻڙين جي، آءٌ مڃر کينديس مڪ،
هت نه هاڻ ٽڪان، مون کيسورهان آنا شڪ،
پرور ڏي تون پک، ته اُڏامي چڙهان اُڀ کي.
18-اُڏامي چڙهندين اُڀ کي، چَري مَ وڃ چوري،
ڪُڏين ٿي ڪَتي ۾، مانگهه وجهندءِ موڙي،
سِرڪي تون سنجهي مان، ٿيندين سيءُ ۾ سوڙهي،
ڀيل ڀيڙا ويٺا آهن، ٻيا ڪوٺي ايندس ڪوڙي،
پنڌرهن ڳائو پَهر ۾، ڪانهيا هليو ڏوڙي،
ڌڻي به گڏيا ڌوڙي، ات ڪندا مارو مڪڙن ۾.
علي بخش نهڙيي ويٺل ومڙي تعلقي ڏيپلي جو چيل شعر:
گهڙي گوڏي ساڻ گَڏ گوڏو گڏي گوهر گذار وڃ.
مٺا مسڪين کي موهي، نه ماڻن سان تون ماري وڃ.
1-سدا دل ٿي سڪي منهنجي، سڄڻ سڪ سُرڪ پياري وڃ.
پرت جو ڪو پرين تنهن کي، پيالو پُر پياري وڃ.
2-ڪڏهن واٽان پنڌان ويندي، مٺا منهن مون طرف موڙي،
نوازش جي نطر سان ٻئي، کڻي نئنون نهاري وڃ.
3-مٺا لِک پل کڻي لاهيو، بدن ڀوري مٿان برقعو،
اسين ديدار دم ڪريون، دليون مر پوءِ ڌتاري وڃ.
4-”علي بخش“ سان اهو عهد، ازل ڏينهن جو ڪيئڙءِ،
پرت سان پوءِ پرين پنهنجو پيارل قول پاري وڃ.
ماستر محمد رحيم – ماستر محمد رحيم ذات نهڙي ويٺل ڳوٺ ڀوريلو
تعلقو ڇاڇرو، اسڪول اَڪليُون تعلقي ڇاڇري ۾ ماستر
هو. هتي سميجا مسلمان ۽ مينگهواڙ رهن ٿا. ماستر کي
ڳوٺ مان شام جو ڪجهه کير ملندو هو. ان وقت نالي
همٿو ذات سوٽهڙو ٻه ٽي ڏينهن وٽس اچي مهمان ٿيو.
هو ماني پنهنجي هٿ سان ڪندو هو. اتي هڪ ٻلي اچي
هري، جو هو ٽڪر ڀور اُن کي ڏيندو هو. اُهي ٻه ٽي
ڏينهن ساندهه ماستر جو کير به ٻلي ڦٽائي ويئي،
تنهن تي ماستر هيٺان بيت چيا آهن:
1-ٻلي ڇڏ ٻيائيون، وٺ سچائيءَ جو سير،
اچين سِرڪيو سِري منجهان، اندر وڏي اُڪير،
ٿي سڏائين سهيلين ۾، مُرڪيو مُرڪيو مير،
تون ماستر ”محمد رحيم“ جو کاڻيل پيئين ٿي کير،
کير جي خُمار ۾ تو ڇڏيو ڪِرت ڪير،
پيئين چوري چُڪڙا، وري سَڏائين وير،
سڻي نُهڙيي جو نظير، ڪڍ دغا تون دل مان.
2-چي ناهي دغا دل ۾، سڻ سائين سماچار،
نه هڻ ٻٽاڪ ٻلي سان، تون نهڙيا نامدار،
ڪر نه خوف کير جو، ايڏو انتظار،
ٿي نه موذي مال تي، ڪر پرور جي پچار،
طعنا هڻين ٿو تڪڙا، دوست تون دلدار،
توکي به پنيو پاڙي مان، ملي ٿو منٺار،
آءٌ به ٿيندس اِنهيءَ ۾، ڀاڱي ڀائيوار،
ٻيا مون کي مرڪڻ جا ٿو مهڻا ڏئين موچار،
پر خاص منهنجي خاندان جي، سڻ خاصي خبرچار،
آهيان وڏ گهراڻي واگهن ۾، ٻيو چيتن ۾ چوڌار،
نسل منهنجو نسورو آهي شينهن ۾ شمار،
سڻ سبق سُرت ڪر، سماٽ جا سردار،
هت ساجن آئي سَتون مهينو، توکي ٿيو تيار،
آءٌ نه آيس اڳ ۾، تنهنجي اڱڻ يار،
هينئر حُب هينئين ۾ ٿي، همٿي جي هيڪار،
تڏهن آيس تڪڙي، هردم ٿي هوشار،
نه وڌاءُ من ماڻهن ۾، پرين پسي پگهار،
ٻاڙو نه ٻول ٻليءَ سان متان لاهڻ ٿئين لاچار،
وڏا وهم وسار، نه ته سڌو سميجن ۾.
= = =
حاصل فقير: حاصل فقير وسائي پوٽو، ويٺل ڳوٺ کانکڻهار رحم علي،
تعلقو مٺي، هڪ سٺو سگهڙ ۽ شاعر آهي، سندس ڳچ ڪلام
چيل آهي، ان مان نموني طور هتي فقط سندس سوال ۽
جواب بيتن ۾ ڏجن ٿا.
ڳوٺ کانکڻهار جي اتر طرف هڪ ٽوڀو آهي. ان ٽوڀي جي اُتر طرف
اسلام ڪوٽ ڏي رستو وڃي ٿو. ان رستي تي ٻنين جي دنگ
وٽ هڪ ڪنڊي بيٺل هئي، جا سندس سؤٽ رحم علي وڍائي،
گهڙائي، پنهنجيءَ جاءِ جي اڏو کوڙائي ڇڏي. حاصل
فقير جڏهن اُتان لنگهيو تڏهن ڪنڊيءَ سان هيٺئين
موجب گفتگو ٿي:
فقير-هُئين هن هنڌ تي، ڪنڊي بيٺي ڪالهه،
واڍا توکي وڍي ويا، تنهنجا ههڙا ٿيا حال،
اڄ ڀُنڊي ٿيو بيٺي آهين، جر وهائي جال،
مون کي ٻڌاءِ ڳالهه، معنيٰ انهيءَ مذڪور جي.
ڪنڊي-معنيٰ انهي مذڪور جي، ٻڌج اهو ٻول،
ٻه ڄڻا ڏکڻ طرف کان آيا، رَندا کڻي رول،
ڪپي وڌائون ڪُهاڙن سان، جهڪو ٿي ويو جهول،
فقير! انهن ڳالهين جو، ڦورو تون نه ڦول،
آهي ڪڇڻ تي ڪنٽرول، مون ماڳهين کڻي ماٺ ڪئي.
فقير-ماڳهين ڇو ٿي ماٺ ڪرين، ظاهر ڪر زبان،
لڪل ناهيان لوڪ ۾، ڪنڊيءَ مثل ڪان،
ٻارهن تَڙن جي وچ ۾، نيزي جيئن نيشان،
چور مون کي ثابت ڪري ڏي، هڪڙو آهي لقمان،
ٻيو ٻڌاءِ ٻروچ کي جو مُڇي ٿو مڪان،
دنگ جي ڪنڊي وڍجي ويئي ملڪ ٿيو ميدان،
تپيدار ۽ سپروائيزر وٽ نقشي ۾ نشان،
آءٌ دانهيندس ڊپٽي وٽ، هت آيو پوڙهو پهلوان،
ڏاڙهي ان جي تِري ڪندو، پٽي پاڪستان،
گولو هوندو خان، ته به آءٌ اٿلائي هڻندس جيل ۾.
ڪنڊي-اُٿلائي هڻندين جيل ۾، اهو آهي سو اڻموٽ،
مون کي جو وڍي ويو، سو سڳو تنهنجو سوٽ،
اها خبر حاجن کي، مليل آهي موٽ،
منهنجي دانهن خدا کي، جنهن کي هرڪو ڏئي ٿو ووٽ،
ڪڏهن ٿيندي ڪانه ڪا ان جي خزاني کي کوٽ،
بندو کائي بالوٽ، هو ڪڏهن کائيندو ڪينڪي.
فقير-ڪڏهن کائيندو ڪينڪي هن جي ڳالهه پري،
بجيرن جي سيم مان، توکي ٻروچ ٻان ڪري،
بيرق ڪري بيهاريائون، توکي سو تري،
ماڙيءَ کان مٿي بيٺي آهي جهنڊي جهڙ ڪري،
پر نئون پير ڀري، توکي هرڪو ڏسندو ”حاصل“ چوي.
ڪنڊي-هرڪو ڏسندو حاصل چوي، مون کي ڪيو مضبوط،
ڏينهن جي ڏسڻ لاءِ تڪيو ڪيائون تابوت،
سائو ڦڪو نه گهرجي، مون کي سو ماهُوت،
ان ڏينهن جي ڏوهارڻ ڪيائون، جنهن کان ڀڄي ويندا
ڀُوت،
سندرو جن ثابوت، تُرهو تن جو تار ۾.
فقير-تُرهو تن جو تار ۾، هوندا جي هيڻا،
ٿيندا اُن هنڌ تي ٻُڏيءَ جا ٻيڻا،
وڏا هوندا بُنڊ تي، فقيرن ڦيڻا،
تنهن جا آهن ٽيڻا، انهي هنڌ تي ”حاصل“ چوي.
ڪنڊي-هن هنڌ ”حاصل“ چوي، مون ان واهر ٿيندو پير،
پر نئين سر منهنجي بت ۾، آهن تکا لڳا تير،
وري به منهنجي بت ۾، ڪهڪي هنيا تير،
صفا آءٌ سر جي، اَنٽي ٿيس آخير،
هاڻي فڪر جا فقير، هت ٿي گذاريان.
فقير-فڪر جا فقير چوي، آهن ڏينهن گهڻا،
مڙس اُهي مري ويا، جن جي مٿي ۾ مڻا،
ڪل، نفس ذائقةالموت، ٿو ڳايو ڏينهن ڳڻيان،
سورن جي سنسار ۾، چٻيان ٿو چڻان،
شاهه سمنڊ پوکي ويو، مون پوکيا سي پڻيان،
خدا جي ڏنهن ڏنا، سي خوشي سان کڻان،
آءٌ ڪڏهن نٿو وڻان، جو سچ ٻڌيان ٿو سڀڪنهن کي.
ڪنڊي-سچ ٻڌايان ٿو سڀ ڪنهن کي، پر اڃا سچ کي سوچ،
آءٌ ڪري پوندس پٽ تي، تڏهن ٻاريندا ٻروچ،
جيڪڏهن ڪاٺي نڪري ويئي، چوندا اڃا اڳتي گهوچ،
اوهين اُهي آهيو بلوچ، جن سور ڏنا هئا سسئي کي.
فقير-سور ڏنا هئا سسئي کي، نه ته ننڊ نه ڪري ها،
جلد جاڳي تن جتن کي، وچئون واري ها،
هيڏي شهر ڀنڀور ۾، ٻُوندڙ ٻاري ها،
ٻڏل هوت پنهون کي، وڃي ڇِڪي ڇوڙي ها،
جلدي ڪڍي ها، وڃي هٿڪڙي هوت جي.
ڪنڊي-هٿڪڙي هوت جي، وڃي ڪڍندو ڪير،
نٿو پياري سو پُر ڪري، جنهنکي گهڻيائي گهير،
صبح جو سجاڳ ٿي، پوءِ کنيائين پير،
ڏوهي آهن ڏير، ڪونهي ڏوهه سئئي جو.
فقير-ڪونهي ڏوهه سسئي جو، هُو بلوچ هئا سي بر،
وري به هن لوڙهه تي، اچي ساڳي ڏنائون سر،
ڪچي ڦوڙهي کي ڦيهندين، ته وري ڪندءِ ور،
هُئين نماڻي نڌر، پر هٿ رکي هوت ڪئي.
ڪنڊي-هٿ رکي هوت ڪئي، آري هو اشراف،
مون بلوچاڻو بحثث ڪيو، مون کي ڪجانءِ معاف،
ننڍو ويو نڪري، وڏو آيو ڪاف،
سيني کي رک صاف، هن دنيا جي دار ۾.
فقير-هن دنيا جي دار ۾، ڪئين مانجهي ٿيا مٿير،
لکين لال لڏي ويا، نه پٺيان رهين پير،
آءٌ به انهن جي پُٺ ۾، هليو ويندس هير،
سج لهي سانجهي ٿي، مٿان پئجي وئي مير،
مون کي ٿئي ٿي اوير، گهرو ڪم گهڻا آهن.
ڪنڊي-گهرو ڪم گهڻا آهن، دعا ڪجانءِ درويش،
آءٌ به اوجان جي پاڙي ۾، پيئي آهيان پيش،
هڪڙي نظر خدا جي، ٻيو ڪندو جو قريش،
حاصل تون هميش، پڙهه ڪلمو محمد مير تي.
جديد شعر
*”ناشاد“- ويٺل ڳوٺ چيلهار، تعلقو ڇاڇرو، جديد شاعريءَ ۾ چڱو
نالو ڪڍيو آهي. سنڌي ادب ۾ ايم اي آهي. نظم، آزاد
نظم، غزل، وايون گيت ۽ ٻيو شعر چوندو آهي. سنڌ جي
سمورن ادبي رسالن، خاص ڪري ”مهراڻ“ رسالي ۾ سندس
شعر ڇپيو آهي. نئين ٽهيءَ جي برک شاعرن ۾ سندس
شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس شعر جا ڪي نمونا هيٺ ڏجن
ٿا. جن ۾ ٿر جي ماحول جي عڪاسي آهي.
نظم
مون ته پڙهيو آ:
ڌرتي سڀني جي آ جيجل،
مان ڪڏهن ڀي ٻار نه ماري!
ٿر جي ڌرتي:
لُوءَ ۾ لوساٽيل ماڻهن جو،
رت پيئي پئي ٺاري ٺاري.
اهڙي آيل:
هنج جي هيج ڏيڻ جي بدران،
ماروئڙن کي روز ڌڪاري!
هر هڪ ساعت:
مورن جهڙن معصومن کي،
کير جي بدران اَڪ پياري،
هر ٿر واسي:
جيجل جي هن جاڙ تي هر پل،
ريٽ تي روئي هنجون هاري.
سوچيان ٿو مان:
هن ڌرتيءَ کي ڇا ٿي ويو آ؟
ماءُ جيئي ٿي ٻار کي ماري!
نظم
واريءَ تي هي هڏاوان پڃرا،
منهنجي ساڻيهه جو ڏس صحرا،
ٿَر جي بَر ۾.
رڻ مان رَت جي بوءِ اچي ٿي،
ڳاڙهي ٿي وئي ريٽ جي ريتي،
ڏهر ڏهر ۾.
لوءَ ۾ ڪيئي لاش سڙن پيا،
تن تي ڪيئي ڪنگ مڙن پيا،
پٽ پڌر ۾.
وارياسي جون وستيون ويران،
جندڙيون ساريون حيران حيران،
شهر شهر ۾.
مٺڙا مارو ماڳ ڇڏي ويا،
اَن ڪڻي لئه دور لڏي ويا،
ڪوبه نه گهر ۾.
چمڪي پيئي چيڪي مٽي،
هيل ڪري نا بوند ڦڙي ڀي،
راڻاسر ۾.
ڀِٽ ۾ ڀٽڪي هرڻ هٺيلا،
تڙپي ڦٿڪي مور مري ويا،
ڪارونجهر ۾.
اي ٿرواسي! ٿي نه اداسي،
ڄاڻ اچي پهتي چوماسي،
ڏس ته اُتر ۾.
وائي
مـــــارُو! ٿــــــي مَ مـــلـــــور،
ڄاڻ اچي پهتي چوماسي!ـ
اجهو اُتر کان آگم ايندو، آس مَ لاهج مُور،
وس وري پو بس نه ٿيندي، مينهن پرينءَ جو پُور.
واريءَ تي وسڪارا ٿيندا، ڀِٽ ڀِٽ تي ڀرپور،
تنهنجي دڙن جي ديس جا سارا دُکڙا ٿيندا دُور.
اَنَ ۾ آ ايمان بلاشڪ، مَن ٿيندءِ مسرور،
منهنجو ملڪ ملير ميان، پر آهيان هِت مجبور.
*سروپچندر ”شاد“- جديد سنڌي شاعريءَ ۾ سروپچندر ”شاد“ اهم مقام
جو مالڪ آهي. سندس سادو ۽ سليس، رسيلو ۽ پيارو شعر
سنڌي ادب ۾ بخوبي متعارف آهي. پاڻ 1955ع کان وٺي
شعر لکي ٿو. سنڌي جي سمورن معياري رسالن ۾ سندس
ڪلام ڇپبو آهي. پاڻ سنڌيءَ کان سواءِ ٿر جي ڍاٽڪي
ٻوليءَ ۾ پڻ ڪجهه شعر چيو آهي. اصل مٺيءَ جو آهي ۽
هن وقت تعليم کاتي ۾ پروفيسر آهي. انگريزي ادب ۾
ايم. اي. ڪيل اٿس. سندس ڪلام مان، نموني طور ٻه
وايون هتي ڏجن ٿيون، جن مان ”شاد“ صاحب جي فن جو
ڀرپور تعارف ٿي سگهندو.
(1)
ڀرجي ڀرجي، گرجي گهرجي، برسن ٿا بادل،
ڀلو ڙي، برسن ٿا بادل!
اُڀ ۾ بادل جهومن ٿا، ڄڻ اکڙين منجهه ڪجل.
گاج گجي ٿو، هانءُ ڏري ٿو، ڪُڻڪي قرب ڪُٺل.
کنوڻ کنوي ٿي، ماڙيءَ تي ڄڻ مُرڪي ٿي مومل.
اُتر واءُ ۽ ڦڙ ڦڙ مينهڙا، پڳ پڳ تي پايل.
پلر جي پالوٽ ٿئي ٿي، چوڌاري جل ٿل.
شام ويلي ٿو ساوڻ ڳائي، پيار ڀريو پل پل.
ٿو ڇولائي، دل آ ساٿي، جام ٿيندو اَن، جل.
گاهه گسن تي ڦٽندا، نازڪ نازڪ ۽ نرمل.
ڀٽ ڀٽ ڀڻڪا، وک وک نکري پوندو نينهن اَجهل.
چنگ، چڙا ڏهرن ۾ ٻُرندا، ڇا ڇا هوندا ڇل.
ڍٽ پيار جو پَٽ ٿي پوندو، ڪانه هوندي جهل پل.
ڀلو ڙي، برسن ٿا بادل.
(2)
هي سُر، هي آلاپ، آيل! مون کي گهائن ٿا.
آيل! مون کي گهائن ٿا.
مند مينهوڳي، رم جهم برکا، سُر ساهه جو ميلاپ.
ڪڙ ڪڙ کنوڻ کنوي ائين ٿي چڻ وڇڙيل جا ورلاپ.
پريت جو پيو پڙلاءُ ڪنن ۾، اُڏري ويا سڀ پاپ.
جو دم پريت بنا ٿو گذري، سو دم آهه سراپ.
پريت ڪيوڙي، پريت ڪيو ڙي، ڇا جا جڳ ۽ جاپ.
ان کان سواءِ مسٽر وليرام ”ولڀ“ سنڌي افسانه نويسيءَ ۾ ڪافي
مشهور آهي ۽ مسٽر نند لال پرڀولا ”نندن“ چڱو شعر
چيو آهي، جو اڪثر ڍاٽڪي زبان ۾ آهي.
ڳيچ
ٿر ۾ هندو مسلمان رهن ٿا، جن جون جدا جدا اذاتيون آهن ۽ اهي ٿر
جي جدا جدا ڀاڱن ۾ رهن ٿا. جدا جدا رهائش جي ڪري
جيئن ٻوليءَ ۽ اوڍ ويس ۾ ٿورو گهڻو تفاوت آهي،
تيئن جيڪي گيت (ڳيچ) مڱڻي ۽ شاديءَ وقت ڳايا وڃن
ٿا، تن ۾ به مضمون جي سِٽاءُ، ٻولي ۽ ڳائڻ جي
نموني وغيره ۾ به تفاوت آهي. هندن ۽ مسلمانن جي
گيتن ۾ گهڻو تفاوت آهي. هندن جي يتن ۾ ٿري (ڍاٽڪي)
۽ مارواڙي ٻولي ڪم آندل آهي، ۽ زالون اهي ڊگهي راڳ
واري اُچار سان ڳائينديون آهن، جي نئين ماڻهوءَ
لاءِ سمجهڻ ڏکيا آهن. انهن ۾ به برهمڻن، مهيشورين،
ٺڪرن، مينگهواڙن، ڀيلن ۽ ڪولهين جا گيت جدا جدا
نموني جا آهن، جن مان مينگهواڙن جا گيت وڌيڪ وڻندڙ
آهن.
مسلمانن جي گيتن (ڳيچن) ۾ سنڌي ٻولي ڪم آندل آهي ۽ ڳائڻ جو
نمونو اهڙو آهي، جو هرڪو سولائي سان سمجهي سگهندو
آهي. شاديءَ وقت عورتون گڏجي اهڙي ته مٺي سُر سان
رات جو اُهي ڳائينديون آهن، جو ٻڌندڙن کي ڏاڍا پيا
وڻندا آهن.
ڪي گيت وڏيون زالون گڏجي ڳائينديون آهن. ڪي تازو پرڻيل ڪنوارون،
ڪي ننڍيون نينگريون، ۽ ڪي ڇوڪريون ۽ زالون گڏجي
ڳائينديون آهن. گيت هميشه خوشيءَ جي موقعن تي ڳايا
ويندا آهن، يعني مڱڻي ۽ شاديءَ وقت، گيتن کان
سواءِ وهاءُ ڪهڙو؟ هرهڪ موقعي لاءِ جدا جدا گيت
ڳايا ويندا آهن، يعني مڱڻي ٿيڻ، وناهه ويهارڻ،
نينڍ وٺڻ، ڄڃ جو واپس اچڻ، مطلب ته هرهڪ موقعي
لاءِ جدا جدا گيت آهن.
ڪن گيتن جي مضمونن ۾ گهوٽ جي ساراهه ۾ ’هُلراڻو‘ ڪيل هوندو، ته
ڪن ۾ مائٽن جي ڄڃ ۾ سَنبت ۽ مدد جي خاطري ڏياريل
هوندي. ڪنوار جي ساراهه، سندس زيورن ۽ ڪپڙن جي
جوڙجڪ وغيره جو ذڪر هوندو آهي. لاڏيلو گيت ۾ گهوٽ
جي ساراهه ٿيل هوندي آهي. وَراڻِي گيت ۾ ڪنوار جي
ساراهه، ڦٽاڻو گيت ۾ گناتن يا سيڻن لاءِ مزاحيه
نمونو، جنهن ۾ انهن لاءِ ٽوڪ ۽ طرز هوندي آهي. ڪي
مثال طور هيٺ ڏجن ٿا.
*ڪوئل: هي گيت گهوٽ جي ڄڦ تيار ٿيڻ وقت زالون ڳائينديون آهن. هن
۾ سڀني عزيزن – ڏاڏو، پيءُ چاچو، مامو، ماسڙ پڦڙ،
نانو، ڀائر، ڀائيٽا، سنگتي ساٿي پاڻ پنهنجي سر ۽
انهن جون زالون، جي سڄي ڪم ڪار جي سرانجاميءَ ۾
حصو وٺنديون آهن، تن جو ورنن ٿيل آهي.
وراڻي – لاڏيلي رِي جانِ ۾، ڪوئِل ري ٿي ٻولي،
سارسڙي ٿي ٻولي(گهوٽ جي ڄڃ ۾ ڪوئل ٿي ٻولي. سارس
پکي ٿو ٻولي) اهو چڱو سَوَڻ آهي.
هالي ري موريڙا تاهجي جانَ سَنڀُوڙي ري لال
(اي مور جهڙا سهڻا گهوٽ، تنهنجي ڄڃ سنڀري آهي)
1-چَڙهِتو لاڏو ڏُران ڦران جوئي، پاڇلڙي تو ڦوري،
]چڙهڻ وقت گهوٽ چڱيءَ طرح چوڌاري ۽ پوئتي ڄڃ جو ٺاهه ٺوهه نهاري
ٿو[
هالي ري ساجن لاڏا! تاهِجي جان سنبوڙي ري لال.
]اي ساجن گهوٽ، تنهنجي ڄڃ سنڀري آهي.[
2-لاڏيلي ري جانَ ۾، ڏاڏو جي تا مالهين،
]گهوٽ جي ڄڃ ۾ سندس ڏاڏو پاڻ لائق مدد ڪري ٿو.[
هالي ري پوتِرا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال.
]اي پوٽا، تنهنجي ڄڃ سنڀري آهي.[(1)
3-لاڏيلي ري جانق ۾، ٻاپُوجي تا مالهين،
هالي ري ٻَچيئا، تاهجي جان سَنڀوُڙي ري لال.
4-لاڏيلي ري جانَ ۾، ڪاڪو جِي تا مالهين،
هالي ري ڀاتِريجا، تاهجي جان سَنڀوڙي ري لال.
5-لاڏيلي ري جان ۾ ماموجي تا مالهين،
هالي ري ڀاڻيجا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال.
6-لاڏيلي ري جان ۾ ڦوُئو جي تا مالهين،
هالي ري ڀاتريجا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال.
7-لاڏيلي ري جان ۾ ڀيڻويو جي تا مالهين،
هالي ري سالَئيا، تا هجي جان سنوڙي ري لال.
8-لاڏيلي ري جان ۾ نانو جي تا مالهين،
هالي ري ڏوهيترا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال.
9-لاڏيلي ري جان ۾ ساٿيڙا ٿا مالهين،
هالي ري موريڙا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال،
10-لاڏيليري جان ۾ جِيجَل جِي تِي مالهي،
هالي ري ٻَچِيئا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال.
11-لاڏيلي ري جان ۾ ناني جي تِي مالهي،
هالي ري ڏوهيترا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال.
12-لاڏيلي ري جان ۾ ڏاڏي جي تي مالهي،
هالي ري پوترا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال.
13-لاڏيلي ري جان ۾ ڪاڪي جي تي مالهي،
هالي ري ڀاڻيجا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال.
14-لاڏيلي ري جان ۾، مامي جي تي مالهي،
هالي ري ڀاڻيجا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال.
15-لاڏيلي ري جان ۾ ماسي جي تي مالهي،
هالي ري ڀاڻيجا، تاهجي جان سنڀوڙي ري لال.
*لاڏيلو: هن گيت ۾ زيورن جو ذڪر آهي، جو زالون گهوٽ جي ساراهه ۾
ڳائينديون آهن. ڌار ڌار زيورن جي نالن وٺڻ سان گيت
کي ڪيترو به وڌائي سگهبو آهي.
سائي تَسر جو رومال، ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال،
ڀُورل ڀاءُ جو رومال، ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال،
ڀرتاب ڀاءُ جو رومال، ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال،
وينڊو گهڙائـي لاڏو سون جــو،
وينڊو گهڙائي پرتاب سون جو.
سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال،
بوُلــي گهڙائي لاڏو سون جــي،
بوُلي گهڙائي پرتاب سون جي،
سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال،
ڪُڙڪُون گهڙائـــي لاڏو سون جــون،
ڪُڙڪون گهڙائي پرتاب سون جون،
سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال،
دوهِري گهڙائي لاڏو سون جي،
دوهري گهڙائي پرتان سون جي.
سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال،
ڪَڙيون گهڙائـــي لاڏو چانديءَ جـــون،
ڪڙيون گهڙائي پرتاب چانديءَ جون،
سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال،
نٿ گهڙائي لاڏو سون جي،
نٿ گهڙائي پرتاب سون جو،
سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال،
هــار گهڙائي لاڏو سون جــو،
هار گهڙائي پرتاب سون جو،
سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال،
نسبيون گهڙائـــي لاڏو سون جــون،
نسبيون گهڙائي پرتاب سون جون،
سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال،
جهُومــر گهڙائــي لاڏو سون جا،
جهومر گهڙائي پرتاب سون جا،
سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال،
مُنڊيون گهڙائي لاڏو سون جون،
منڍيون گهڙائي پرتاب سون جون،
سون سان سٺڙو رومال - ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال.
|