گهر جو سامان
شاهوڪارن وٽ نِوار، مُ ۽ اَڪَواري سان واڻيل کتون، ميزون،
ڪرسيون، ٽپايون، پيتيون، گهڙامنجيون، سوڙون،
پٿراڻيون، وهاڻا، چادرون وغيره سڀڪجهه هجن، باقي
غريبن وٽ سادا ٽپڙ ڪنهن گهر ۾ ڪا کٽ هوندي، نه ته
سادا کٽولا، جن کي ”مَنجا“ چون. کٽولن جا پاوا ڄار
اَڪ جي ڪاٺين جا، ايسون ۽ اوپرا ڄار، ڪنڊي، ٻيرڙي
۽ اَڪ جي ڪاٺين جا وجهن. ڪي مڃ سان واڻيل نه ته
گهڻا ڊَڀَ ۽ کِپ جون نوڙيون وٽي ان سان سادو
واڻين، جنهن کي ”گڏهه ڇڪو“ چئجي. ڪي ڪي رات جو پٽي
رَلي وڇائي سمهي پون. سياري جو گهڻو ڪري گهٽ اوڇڻ
هئڻ سبب هيٺ سمهن. مردن جون گَنديون، چادرون،
سُٿڻون، زالن جا اوڍڻ، چُنيون ۽ گهاگهرا پُراڻا
ٿين ته انهن مان ڦاٽل ٽڪر ڪڍي، ساڄوڪ ٽڪر ڳنڍي،
پُڙ تيار ڪري وچ ۾ ڦاٽل ٽٽل اڳڙيون، جنهن کي
”ليهه“ چون، وجهي سبي رَليون تيار ڪن، جي رات جو
اوڍڻ ۽ وڇائڻ جي ڪم اچن. جنهن رَليءَ ۾ زالن جي
پَڙي وارو ڪپڙو ڪم آندل هوندو، اهو مردن کي وڇائي
ڪونه ڏين، اهي رليون زالون پاڻ ڪم آڻين. ننڍين
رَلين کي ”رَلڪا“ چون، جي ٻارن جي ڪم اچن. گهرو
ڪپڙن رکڻ لاءِ پيتيون ڪٿان آيون، ان لاءِ ڪپڙي ٽڪر
مان بُجڪا ٺاهين. ٻهاڙين ۾ ڪٿي ڪٿي سُمهڻ لاءِ
پيها به ٺاهين. ننڍي ٻار لاءِ پينگهي جي بدران
کٽوليءَ کان ڪم وٺن. ٻه ڪاٺين اُڀيون کوڙي، مٿان
آڏي ڪاٺي (آڏوري) ڏيئي، ٻه نوڙيون گڏي، ٿُوڻيءَ جي
ڀرسان آڏوري ۾ هڪ پاسي ٻڌن ۽ ٻئي پاسي به – ائين
پينگهو تيار ڪن جو ٻار جي لُڏڻ لاءِ ڪم اچي.
جهنگ مان اهڙي ڪاٺي، جنهن کي هيٺان يڪو ٿُڙ هجي ۽ مٿان کليل ٽي
ڦاڪون هجن، وڍي آڻي کوڙي، ان ۾ دلو وجهي رکن، يعني
ان مان گهڙا- منجيءَ جو ڪم وٺن.
مٽيءَ مان ننڍو پورو چورس
5X3
فوٽ کن ٺاهي، هيٺان مٿان مٽيءَ
جي تختن سان قابو ڪري، هڪ پاسو ننڍو دروازو
1X1
فوٽ کن ڇڏين. هيٺان فوٽ ڏيڍ، ٻه يا ٽِ يا چار پاوا
مٽيءَ جا ٺاهي ”ڪوٺو“ تيار ڪن. ماني ٽڪر، گيهه
مٺاڻ، ننڍا باسڻ، کير، مکڻ ۽ ٻيو اهڙو سامان، جنهن
لاءِ ڪُتي، ٻلي ۽ ڪوئن جو ڊپ رهي، سو اندر رکي در
ڏيو چڇڏين. چونري يا کُڏ ۾ هڪ پاسي مٽيءَ جي
”ڏينچي“ يا ننڍو پيهو ٺاهين يا ننڍي کٽولي
ٺهرائين، جا گهر جي رلکين رکڻ لاءِ ڪم اچي. گهر ۾
ڀتين تي مٽيءَ مان ڪنارين سان بيلُون ٺاهين، جي
باسڻ برتڻ ۽ ٻي سنهي ٿلهي شيءِ رکڻ لاءِ ڪم اچن.
سڀ ڪنهن گهر ۾ جنڊ پنهنجو هوندو آهي. جنهن تي اٽو
هٿ سان پيهي ڪم آڻين.
باسڻ برتن
شاهوڪارن وٽ ٽامي ۽ پتل جا ديڳڙا، ديڳون، ٿالهه، ٿالهيون، شيشي
جا برتن، پاڻي ڀرڻ لاءِ پتل ۽ ٽامي جا گگر-موريا،
چيني جو سامان وغيره هجن، غريبن وٽ رڌڻ لاءِ مٽيءَ
جو ڪُنو يا لاچار ڪوپر جو ديڳڙو ۽ ڪاٺ جي ڏوئي (جا
ڪنڊي جي ڪاٺيءَ مان ٺاهين) ٿئي، جا ڀاڄي رڌڻ جي ڪم
اچي. ڪڏهن ڇٽي ڇہ ماهي چانور رڌين نه ته گهڻو ڪري
ٻاجهري پُسائي چڙهي ڀت رڌين. ماني پچائڻ لاءِ
مٽيءَ جو طباخ، جنهن کي ڪونڊي چون، سا اٽي ڳوهڻ
لاءِ ڪم اچي. دانگي مٽيءَ جي. کير ڏهڻ لاءِ پتل يا
ڪوپر جي چونري (پروڙي) يا مٽيءَ جون لٽيون ۽
منگهيا، ڪاڙهڻ، ڄمائڻ، ۽ ولوڙڻ لاءِ مٽيءَ جا
ڪُنا ڪم اچن. اٽي رکڻ لاءِ مٽيءَ جا تس ڪم آڻين.
پاڻي ڀرڻ لاءِ مٽيءَ جا دلا، ڪن گهرن ۾ ڪڙسا به
رکن، جن ۾ ٻه ٽي دلا پاڻي پوندو آهي. ننڍين ڇوڪرين
جي کڻڻ لاءِ ننڍيون دليون، جن کي گهگهرون چون، ڪم
اچن.
اُن پڙڻ لاءِ مٽيءَ جون اکُريون، ڪن گهرن ۾ ڪاٺ جون به هونديون
آهن، جي ڪنڊيءَ جي ڪاٺ مان ٺهن. ڪاٺ جون مُهريون،
جن کي ”کانڙا“ چون، ڇنڊڻ لاءِ ڇڄ، جنهن کي مضبوط
ڪرڻ لاءِ کل چاڙهائي ڇڏين، اٽي ڇاڻڻ لاءِ پرڻ،
جنهن کي ”اَٽائو“ چون. کاڌي پيتي جي شين جو ڪُتي،
ٻلي ۽ ڪُئن جي بچاءُ لاءِ ڇا ڪن جو کپ جي نوڙين جا
گول سوٿيا ٺاهي، چئني پاسن کان نوڙيون وجهي،
ساهميءَ جي پڙن وانگر تيار ڪري، ڇت ۾ ٻڌي ڇڏين،
جنهن کي ڇڪو چون، ان ۾ بچيل ماني، ڀت، گيهه جو
ٿانءُ، اَٽي جو تس ۽ ٻيو اهڙو گهرو سامان رکن،
جيئن ماڪوڙين کان به محفوظ رهي. مٺاڻ وغيره ڪُني ۾
وجهي مٿان اڳڙي ڏيئي مضبوط ڌاڳي سان ٻڌي رکبو آهي،
جيئن تڏين ۽ ماڪوڙين کان بچيل رهي. پاڻي پيئڻ لاءِ
پتل جو لوٽي، جنهن کي ”ڪَڙسيو“ چون، سا ڪم آڻين.
ماني رلکڻ لاءِ طباخ، ڀاڄي ۽ لسي رکڻ لاءِ مٽيءَ
جو اڌ گول وانگر پيالي جهڙو ٿانءُ ڪم آڻين، جنهن
کي ”ڍومڻ“ چون.
مٽي ڳوهي، مٽ اونڌو ڪري، مٿان اڌ تائين مٽي پٿاري، اڌ گول وانگر
ٺاهي، آڱرين سان ٽنگ ڪري رکن. چوٽيءَ تي کڻڻ لاءِ
هٿيو ٺاهين. سڪڻ بعد لاهي رکن، ان کي ”ڍاڪو“ چون.
کير ماني وغيره رکي، مٿان ڍاڪو ڏيئي ڇڏين، ته
ڪُتي، ٻلي ۽ ڪُئن کان بچاءُ ٿئي. اونهاري جو کير
ڄمائي ٻاهر رکي ڍاڪو ڏيئي ڇڏين ته هوا تي ٿڌو پيو
هجي.
پراڻا ڪاغذ پاڻيءَ ۾ پُسائي، مٽِ ۽ ميٽ ملائي، ڪتي، ورين ۽
ننڍين لوٽين جا لُٺ تي ٿڦي، سڪائي لاهي رکن، پوءِ
انهن کي رنگ وغيره ڏيئي تيار ڪن، انهن کي ”ڍاڪيا“
چون، جي ڀرت رکڻ ۽ گهرو شين رکڻ جي ڪم اچن.
گهرو انتظام
گهر ۾ پيءَ جو درجو سڀني کان وڌيڪ آهي. سڄي گهر جو ڪاروبار کيس
سنڀالڻو پوندو آهي. زال، پٽ، ننهن، ٻار سندس چئي ۾
هوندا آهن. جنهن گهر ۾ ڪُلفت آهي، اهو گهر نه آهي
پر جنسي آزار آهي. چوندا آهن ته ”سنپت آهي برڪت.“
ڪم جو پورائو سڀيئي ڀاتي گڏجي ڪندا آهن. ڏيتي
ليتي، گهرو گهرجن لاءِ شيءِ شڪل جي پورت ڪرڻ، مٽ
عزيز کي ڪم ڪار ۾ مُنهن ڏيڻ وغيره، اهو بار پيءُ
تي هوندو آهي. ننڍا انهيءَ ڳڻتيءَ کان ڇُٽا پيا
هوندا آهن. چوندا آهن ته ننڍن کي ڇا آهي، وڏا ويٺا
آهن، هو ڄاڻن هنن جو ڪم ڄاڻي، وڏن ويٺي ننڍن تي
ميار ڪانهي. پيءُ جيستائين جيئرو هوندو آهي،
تيستائين بار سندس ڪُلهن تي هوندو آهي. پوڙهو
جُهور ٿي وڦڻ يا مري وڃڻ جي حالت ۾ وڏو پٽ ڪاروبار
هلائيندو آهي. سَپُوت پٽ پنهنجي پيءَ ماءُ ڀاءُ ۽
ڀيڻ کي سُکي رکندا آهن، ننڍا وڏي ڀاءَ جي عزت ڪندا
آهن.
ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پُٽ گهرن جي سونهن،
ويٺا ڪن ورونهن، ڏُجن ڏوران ئي ڏري.
ڪن حالتن ۾ پيءَ جي مري وڃڻ جي حالت ۾ ٻار ننڍا هوندا آهن ته
ماءُ تي اهو بوجو پوندو آهي، جا ويچاري ڪٽنب جي
وڏن جي مدد سان پيئي گهر جو ڪاروبار هلائيندي آهي،
جيستائين ٻار وڏا ٿين. انهيءَ حالت ۾ عورت جا مائٽ
به مدد ڪندا آهن. شاهوڪارن کي ته ڪا تڪليف ڪانهي،
باقي غريب ويچاريون پاڻ پورهيو (ڀرت ڀرڻ، مزدوري
تي اڱڻ وجهڻ، اُنَ ڪتڻ، داڻا پيهڻ يا هوند وارن جو
گهرو ڪم ڪار ڪرڻ) ڪري وقت ڪاٽينديون آهن.
ڪي ڪي زالون ته بلڪل سَپاتريون ٿينديون آهن. گهر جو چرخو اهڙيءَ
طرح هلائين، جو لوڪ لکائي ڪونه وجهن جنهن جنهن
لاءِ چون ته فلاڻي زال مرداني آهي.
گهرن تي نشان
ڪي ماڻهو جڏهن ڏڪار وقت پورهئي لاءِ سنڌ ڏي ويندا آهن يا اڳ ۾
ڪٿي برسات پوڻ ڪري مال کي وَس تي وٺي ويندا آهن.
يا وسڪاري جو ٻنيءَ تي لڏي وڃي ويهندا آهن يا ٻئي
ڪنهن ڪم سبب ٻاهر وڃڻو پوندو اٿن، تڏهن ڪا گهرو
قيمتي شيءِ يا ٽپڙ ٻئي وٽ رکن، باقي گهر کي ڪلف
ڏيئي، ڇيڻي ۽ مٽيءَ جي گڏيل گچ سان لنبي، مٿان ڪو
نشان ڪري ڇڏيندا آهن. ڇاڪاڻ جو ڪلف ڪي اهڙا مضبوط
ڪونه هوندا آهن، اهي لوهارن جا ٺهيل چورس سڪل جا
هوندا آهن. ڀرپاسي ۾ رهندڙ ڪنهن عزيز يا پاڙي واري
کي چئي ويندا آهن ته گهر جي پارت هجئي. گهوئي
گهمرو ڪندو رهج. چور ٻيءَ ڪُنجيءَ سان ڪلف کولي
وري بند ڪري سگهي ٿو، مگر ليپ لهڻ جي حالت ۾ يڪدم
پتو پئجي ويندو ته چوري ٿي آهي، اهو نشان ڄڻ ته
سيل مُهر جو ڪم ڏيندو آهي.
گهرو جيوت
زالون صبح سوير اَسر جو اٿي گهر جو ورتڻ کي لڳنديون آهن. دير
سان اُٿڻ واريءَ کي اُونگهه جي اَلٿ چون. صبح جي
ننڊ نڀاڳ جي نشاني سمجهن. اول اُٿي، هٿ منهن ڌوئي،
پوءِ ڪم کي لڳن. ٻين ڀاتين، خاص ڪري ننڍن ٻارن کي
به سج اُڀرئي کان اڳ اُٿارين.
ويرون ولوڙڻ جون، ساريان گهڻيون صبح.
اڱڻ ۽ ويڙهو ٻُهاري، جنڊ پيهي، پاڻي ڀري، ولوڻو ڪري، ماني پچائي
سڀني کي کارائين. راتو ڪو بچيل کاڌو به ڪم اچي.
ٽڪر بچيل هوندو ته باهه تي سيڪي پاڻ ۽ ٻارن کي
کارائين. پاروٿي مانيءَ تي مکڻ به مزو ڪندو آهي ۽
ڌونري سان به ٺهندي آهي. صبح جي مانيءَ کي عام طرح
”صبوحڙي“، ”سيراڻ“، ”جانکر“ پر ڪنٺي ۾ ”جهارو“ ۽
منجهند جي مانيءَ کي ”ٻيپارو“ ۽ شام جي مانيءَ کي
”بِيارُو“ چون.
سياري جي صبح جو شاهوڪار ۽ سندن بار اُٿڻ سان چانهه پيئن، اوني
سئيٽر ۽ گرم ٽوپلا ۽ جوراب پائين، مفلر ۽ گلابند
ڍڪين، پير بوٽ مان ٻاهر ڪونه ڪڍن. پر غريبن جا ٻار
مٿي ۽ پيرين اگهاڙا، هڪ ڦاٽل صدري يا ليڙون ليڙ
ڪپڙي ٽڪر ۾ پيا ڪم ڪار ڪندا ۽ هلندا. سيءَ جي مجال
آهي جو ويجهو اچين! ”هوند تي آهي هونگار“، ”ناهي
گندي، ناهي سيءُ!“
زالون چوپايو مال ڏهي کير چلهي تي چاڙهين ۽ ڇيلا گابا ڌارائي
رهن ته مرد مال روانو ڪن. کير ڪڙهجڻ بعد ٺاري
ڱَٽِينگَڻ وجهي ڄمائين. ڪي ڪَچو به ڄمائين، پر ان
جي لَسي اهڙي مزيدار نه ٿيندي آهي.
زالون مٿي تي دلا رکي پاڻي ڀري اچن، پر ڪن ڪن هنڌن تي کوهه پري
هوندا آهن، اُتي زالون دلا ڀري ٽولا ٺاهي کڻي اڌ
پنڌ تي رکي ساهي پٽي (ڦوڪارو کائي) کنيو اچن نه ته
گڏهن تي جنڊا ڀري اچن يا هوند وارا اُٺ تي ساندارن
جي لَڏَ ڀري اچن.
ماءُ کي ڇوڪريون ڪم ۾ مدد ڪرائينديون آهن. خاص ڪري سياري ۾
ٻڪرين جا واڙا پري هوندا آهن. اُتان وڃي کير ڏهي
اينديون آهن. گهر ۾ ننڍن ٻارن ڀائرن ۽ ڀينرن کي
لوڏينديون ۽ راند ڪرائينديون آهن.
زالون ٻارن کي وهنجارڻ، ڪپڙن ڌئڻ يا ٻئي ڪم ڪار کان وانديون
ٿينديون آهن ته ڏينهن به چڙهي ايندو آهي. پوءِ
ڪجهه وقت ساهي پٽي ڀرت ڀرڻ، ائٽ ڪتڻ، رلين ٺاهڻ،
ڦاٽو ٽُٽو سبڻ، اَن صفا ڪرڻ وغيره ۾ ڪم ڪنديون
آهن. شام جو به سويري ماني تيار ڪري آڪهه کي
کارائينديون آهن.
غريبن ۾ وياءُ وڌيڪ. ڪٿي لک پيا لٽجن ته ڪٿي ڪک لاءِ سِڪن.
شاهوڪارن وٽ ڌڻيءَ جو ڏنو سڀڪجهه، پر سير مٽيءَ
لاءِ سڪن! غريب ويچارا، جن وٽ گرميءَ سرديءَ جي
بچاءُ لاءِ نه اجهو، نه پهرڻ لاءِ اوچڻ، نه کاڌي
لاءِ ٽڪر، اُتي وري ڌڻيءَ جو ڏنو سڀڪجهه، پر سير
مٽيءَ لاءِ سڪن! غريب ويچارا، جن وٽ گرميءَ سرديءَ
جي بچاءُ لاءِ نه اجهو، نه پهرڻ لاءِ اوڇڻ، نه
کاڌي لاءِ ٽڪر، اُتي وري ڌڻيءَ جي اها مهرباني جو
گهر ۾ بار نه ماپن. سياري جو ڏسبو ته رَلي ڪونه
هوندن جو اوڍي سيءَ جو بچاءُ ڪن. پوءِ مائرون ڇا
ڪنديون جو سڀني کي پَٽ تي سمهاري، مٿان ڦاٽل ٽٽل
رَليون، ڳوڻين جا ٽڪر، کرڙيون يا ٻورا وغيره، جيڪي
گهر ۾ اَڀرا ٽپڙ هوندا سي وجهي وقت ڪاٽي ڇڏين.
اونهاري جو وري اڱڻ ۾ بعضي اوڇڻ کان سواءِ به وقت
گذريو وڃي.
اهڙيءَ طرح سڄي ڏينهن جي پَٽ کوهه بعد سڀني کي کارائي پياري،
سمهاري پوءِ زالون ويچاريون پاڻ وڃي سمهنديون آهن.
ٿرين جي مشغولي
زالون اَسر جو اٿي جنڊ تي اٽو پيهي، اڱڻ ۽ لوڙهي اندر پرويٽ مان
ڪچرو ڪڍي، گهر صاف ڪري گند ٻاهر اڇلي اچن. پوءِ
پاڻي ڀري ڦڙو ولوڙي، ماني پچائين، جا مڙسارو کائي
جهنگ ڏي ويندا آهن. پوءِ ٻارن کي کارائي پاڻ به
ٽڪر ڀور هينئين کي آڏو ڏيئي، ٿانءُ ٿپا ڌوئي،
ٿانئيڪا ڪري پوءِ ٻئي ڪم کي لڳنديون آهن. مال
هوندن ته سوير وڃي وٿاڻ تان ٻڪريون ڏهي اينديون.
سرتين ڏت سبيل، ڪيو اڱڻ ڍوئي ڍير.
ننڍا ٻار ڦرن کي جهنگ ۾ وٺي وڃي ڦوڳن ۾ چاريندا آهن. ڦوڳ اڪثر
ڳوٺن جي ويجهڙائيءَ ۾ ٿيندا آهن، جن ۾ واهوندن تي
ڦوڳيسي ٿيندي آهي. ڦر اُها چاهه سان کائيندا آهن.
ڦَر چاري موٽندي ڪاٺين جي ڀَري يا ڏُٿ، جيڪو به
هوندو، سو آڻيندا.
عمر اُن اگوندرِي، پاسي ڪانڌ ڪَتن.
مڙس ڪم تان موٽي اچي گهر ۾ ڪجهه وسِرام ڪندا آهن ۽ پاڻ ائٽ تي
اُن ڪتينديون آهن. ڪي ڪپهه به ڪتينديون آهن.
ڀَرم ڀاروڙي رهي، جنهن ۾ اڇي اُن،
ته پڻ ويٺي ونڌيان، توڙي پَونس تُن.
اُن جون لويون ۽ کٿا ٿرين جي خاص پوشاڪ آهن. انهن ۾ جي ڪوٽنگ ٿي
پوي ته ”تُن“ ڀري ڇڏينديون آهن.
سِبي سيبا ڏي، ڀوري، نيهه نه ڪچوئي،
کَٿيءَ وَٽِيُون کُٿيون، سَتي سيڻي سي،
مڇڻ چونم ڪي، ته لڄايءِ ٿر ڄائيون.
گهر ۾ پنهنجو، مڙسارن ۽ ٻارن جو، ڪپڙو گندي، رلي، رَلڪو، ٿورو
ڦاٽي ٽُٽي ويو هوندو ته ان کي ڪاريُون (چَتيون)
ڏيئي سبنديون. کٿي جي پيڙن ۾ تاندرا هوندا آهن، جي
وَٽي پاڻ ۾ ڳُتي ڇڏينديون آهن، جنهن کي ”نِرهه“
چئبو آهي. يا ڪي وري ڪور (ڪناري) ورائي اوٽِي ڏيئي
ڇڏينديون آهن، جيئن اُتان ڦاٽي نه وڃي، ڇو ته اهو
ٿاريلين جو مرڪ آهي.
اُٺڙا مينهن ملير ۾ ڌاڳا ڌُٻڙ ڌُئيندي.
جڏهن برسات وقت تراين ۾ پاڻي ٿيندو آهي، تڏهن رَليون، رَلڪا ۽
ٻيا ٽپڙ وغيره، جي سڄو سال پيا ميرا ٿيندا اهن، سي
اُتي وڃي گڏجي ڌوئنديون آهن.
وسڪاري جي صبح جو گهرو ڪم لاهي مڙس لاءِ ڀتو کڻي ٻنيءَ تي
وينديون. سڄو ڏينهن ڪم ڪري شام جو واپس ورنديون.
موٽڻ وقت جهنگ مان ڪاٺيون ڪري کاري تي رکيو کنيو
اينديون. ڏينهن جو واندي وقت ۾ ڀرت جو ڪم پاڻ به
ڪنديون ۽ ڇوڪرين کي به سيکارينديون.
مائٽ منهنجا سومرا! مارُو نه ميرا،
اُٿيو ڏين اَسُور جو، ڀٽن ڀر ڀيرا،
پنهوارن پيرا، وڙهه مَ ويڙهيچن سين.
ٿر جو مال رات جو جهنگ ۾ رهندو آهي، جو پيو ساري رات چرندو آهي
۽ صبح جو ازخود موٽيو اچي. مگر ٻڪرين ۽ رڍن جي
البت نهار ڪبي آهي، جنهنڪري مُڙسارو سوير ڀنڀرڪي
جو اُٿي جهنگ ڏي نڪريو وڃن ۽ مال ڳولي هٿ ڪري
ڪاهيو اچن.
مينهون پاڻ مُراديون ٿڌا چرن ٿر،
وڏي اوهه آئيون، پُٺيءَ لائي ڦر.
مينهون ۽ ڳئون سڄيءَ رات جهنگ مان چري صبح جو پاڻيهي پاڻي پيئڻ
۽ سوس تي موٽيو اچن ڇو ته ميڙانگن کي ڌُتي جي
ڪونڊي ڏيندا آهن جيئن کير به وڌيڪ ٿئي ۽ ٽاڻي تي
موٽيو به اچن. جنهن کي پاڻي پياري، ڏُهي، ٿوري
ساهي پٽائي وري جهنگ ڏي روانو ڪن ۽ پاڻ به پهريو
وڃن. پوءِ مال پيو جهنگ ۾ چرندو ۽ پاڻ ڏت چونڊي
موٽي ايندا.
پاسا پولِڙين ۾، ٻانهون سر ٻيئي.
اونهاري جو جڏهن ڏينهن وڏا ٿيندا آهن ۽ ڪاڙهو ٿيندو آهي تڏهن
ڪنهن وڻ جي ڇانَو هيٺ، پٽ تي پير سان واري ساريکي
ڪري، پاٿاري ٺاهي مٿي جي هيٺان ٻانهن ڏيئي، سمهي
پوندا آهن. پاسي ۾ ٻڪرين جون ڦولهڙيون ۽ ڪن ڪچرو
پيو هوندو آهي ته ان جو خيال نه ڪندا آهن، ڇو ته
سدائين ائين هريل آهن. ان وقت مال به آسپاس وڻن
هيٺ ساهي پٽيندو آهي ۽ پاڻ به اک جو وِسَ ڪڍندا
آهن. مڙيئي ڪنهن مهل جهُوتو ڪنهن مهل جاڳ، ڪجهه
آرام ڪري وٺندا آهن.
بير کنيائون بَر ۾، پيارين پَهُون.
بير معنيٰ ننڍي کُوهِي يا ويري. جي ڪنهن وٽ مال گهڻو (اوٺ،
گانيون، ٻڪريون، رڍون) هوندن ته تڙ تان پاڻي
پياريندا، پر جي ٿورو مال هوندو ته ويرين تان
پياري وٺندا آهن. ڪٿي ڪٿي ننڍيون ويريون هونديون
آهن، جي مڙس ۽ زالون گڏجي کوٽيندا آهن. مال جي اچڻ
کان اڳ مڙسارو بعضي زالون ننڍي چَڙسيءَ سان پاڻي
ڪڍي، ڪَپوريو يا ننڍو اَواڙو ڀري ڇڏيندا آهن، مال
پيو ايندو ۽ پيو پيئندو ۽ پاڻ پيا پاڻي ڪڍندا،
جيسين سڄو مال پاڻي پي وڃي. اهڙيءَ طرح سڄو ڏينهن
ڪم ۾ گذاري، رات جو مال جو اوتو لاهي، گهر موٽي
ايندا.
ڪيئن لهندم ڪَر، مارُو پاڻ اَپاريا.
سڄو ڏينهن ۽ رات ڪم جي هڻ کڻ ۽ پٽ کوهه هوندي اٿن، تنهنڪري
چوندا آهن ته ڏاڍا اَپوئاريا (اپاريا) آهيون.
اونهاري جو زالون گهرو ڪم کان وانديون ٿي، ٻه چار ڄڻيون گڏجي
اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪري پاڻ وندرائينديون.
ڪي ٻارن کي وارتائو ٻُڌائي وندرائينديون. ننڍا
ڇوڪرا ڀرسان ريل ۾ وڃي ديسي رانديون ڪن. مرد ويٺا
اهو تماشو ڏسن. سياري جو ڪنهن اوتاري ۾ باهه ٻاري
رهاڻ ڪن. اهڙيءَ طرح پاڻ وندرائي وڃي آرامي ٿين.
ٿري عورتون
ٿر جي عورتن کي سڄو ڏينهن ۽ رات جو ڪافي وقت ڪم ڪرڻو پوندو آهي.
وڏي اَسر جو اُٿي جنڊ پيهڻ شروع ڪن. عام ماڻهو
چانور ڪونه واپرائين، تنهنڪري گهر جي ٻنهي ويلن
لاءِ اٽو پيهن. ڪي پاڻي ڀرڻ لاءِ کوهه تي وڃن ۽ ڪي
گهر جي صفائي ڪري ڪچرو ٻاهر اُڪِرڙي تي اُڇلي اچن.
پوءِ ولوڻو ڪري، راتوڪو کاڌو بچيل هوندو ته واهه،
نه ته ماني ٽڪر پچائي مڙسارن ۽ ٻارن کي نيرن
ڪرائين ته هو وڃي ڪم کي لڳن. پاڻ هنڌ ٽپڙ گڏ ڪري،
کٽولا وغيره ٿائينڪا رکي، مال ڏُهي، ڦر ٻڌي، کير
چلهه تي ڪوسي ٿيڻ لاءِ رکن. مال وغيره پَهري وڃي
ته وري ڦرن کي جدا جهنگ ڏي روانو ڪن ۽ گهر جو رهيو
کهيو ڪم ڪار ڪري، مانيءَ جي تياري ڪن. ڀاتين کي
کارائي پياري پوءِ گهرو ڪم تي ويهن. ڪپڙو گندي
ڦاٽل ٽٽل هوندو، ته ان جو سيبو وغيره ڪن. ائٽ گهر
۾ هوندو ته اُن ڪتينديون.
کَڻي پٽ سُئي، ڪي ڀَرَن ڀَرَت گوِريُون.
ڀرت سڀيئي ڪن، ڇو ته ٿر ۾ ڀرت جو گهڻو رواج آهي. نينگريون
پنهنجن چولن تي ۽ زالون ڪنجرين تي ڀرت ڪنديون آهن،
جي اهي ڀرتل ڪپڙا پائينديون آهن ۽ ڪيترو ڪپڙو ٻاهر
وڪري لاءِ به ويندو آهي. ڪي آر تي سئيٽر، گنجيون
وغيره ٺاهين. پراڻا ڪپڙا ڪاريون ڏيئي ڳنڍي اندر
ٽڪر ٽڪر وجهي رليون ٺاهين. ميرا ڪپڙا پائن، پيئڻ
لاءِ ان صفا ڪري رکن.
ڪُراڙيونپ اڻ ويهي، جھُڳن جا رازکولينديون
نڪن تي آڱريون نيئي، نرالا ٻول ٻولينديون،
قطارن ۾ ويهي جيڏيون، جُوئان هڪ ٻئي جون ڳولينديون.
(گدائي)
اونهاري جو جڏهن ڏينهن وڏا ٿيندا آهن، تڏهن بعضي ٻن – چئن ويجهن
گهرن جون ننڍيون وڏيون گڏ ٿي ويهي ڪم به پيئون
ڪنديون ۽ گذريل وقت جون ڳالهيون به هڪٻئي کي پيئون
ٻڌائينديون. ڪا اهڙي عجب جهڙي ڳالهه هوندي ته نڪ
تي آڱر ڏيئي پوءِ ڪنديون ۽ ٻڌنديون ۽ پڻ هڪٻئي جي
مٿي مان جوئون به ڪڍنديون وينديون. ائين پاڻ ۾
انيڪ قسمن جون وندر ورونهن ۽ کل ڀوڳ جون ڳالهيون
ڪري دل وندرائينديون آهن. سياري جو وري رات جو
باهه ٻاري، ڪجهه وقت گڏجي ويهي، اُن مان گند ڪڍي،
ٻُڙا ڪنديون آهن، جيئن ڏينهن جو ڪَتڻ ۾ سهوليت
ٿئي.
جي وسڪارو هوندو ته صبح جو سويل گهرو ڪم – هاج لاهي ڀتو کڻي
ٻنيءَ تي وينديون. ننڍا ٻار هوندا ته کارو مٿي تي،
ٻار هنج تي، سڄو ڏينهن مڙسن سان گڏ ٻنيءَ جو ڪم
ڪنديون. سوڙهه ڪرڻ، ڀاڄيءَ لاءِ گوار جون ڦريون
چونڊڻ، مڱن ۽ چونرن جون پڪل ڦريون چونڊڻ، مطلب ته
ٻنيءَ جو سمورو ڪم مرد سنئون ڪنديون. ڏينهن لَڙندو
ته گهر ڏي موٽنديون. اوسي پاسي جي ٻنين مان به
عورتون اينديون ۽ چڱو به تولو ٿي پوندو. گهر اچي
شام جي سانجڻ (رڌپچاءُ) کي لڳنديون. ماني تيار
ٿيندي ته مرد ماڻهو اچي ويندا، سڀني کي کارائي هنڌ
ٽپڙ وڇائي ڏينديون. ٻار وغيره کي سمهاري پاڻ به
آڏو پاسو ڪنديون. ڏينهن جي ٿڪ سبب فرحتي ننڊ اچيو
وڃين.
ڪپڙا ڌوئڻ
ٿر جي وڏن سهرن مان فقط مٺي ۽ ڏيپلي ۾ ڌوٻي آهن، جو اُتي
شاهوڪار، ڪامورا ۽ واپاري رهن ٿا. ٻين هنڌن جا
ڪامورا ۽ شوقين، جتي ڌوٻي آهن، اُتان پنهنجا ڪپڙا
سَٺي سان ڌئارائيندا آهن.
باقي سڄي ٿر ۾ ڪپڙا گهرن ۾ عورتون ڌوئينديون آهن. غريب ماڻهو،
جن وٽ ڪپڙا گهٽ ۽ سادا هوندا آهن، سي ڪڏهن ڪڏهن
گهر ۾ ڌئاريندا آهن. ڪي قميص، صدري، پٽڪو، چادر
وغيره تڙ تي واري ڪڍڻ مهل ڪَپُورئي ۾ رکي ڇڏيندا
آهن. مٿان ڪوس مان واريءَ جو پاڻي پيو هاربو آهي.
جڏهن وارو ڇوڙين يا ڏهه – پندرنهن ڪوس ڍارين، ته
پوءِ ڪپڙو نپوڙي سُڪائي ڇڏين. هر هر پاڻي ڍَرڻ ڪري
گند نڪريو وڃي ۽ صفا ٿيو پوي.
غريب عورتون گهر ۾ مٽيءَ جي ڪونڊيءَ ۾ پاڻي وجهي ڪپڙا پُسائي
رکن. پوءِ ڪاٺ جي ٿلهي ٽڪر (جنهن کي ڌوپ چون) تي
رکي، مٿان ڪاٺ جي ڌُڪيءَ سان سٽينديون وينديون ۽
ٿورو ٿورو پاڻي به ڏينديون وينديون، اهڙيءَ طرح
سُٽي، هٿن سان وَٽ ڏيئي نپوڙي، هيٺ زمين تي يا
ڪنهن وڻ يا ڀت تي يا گهر جي ڍنگهرن واري لوڙهي تي
سڪائي ڇڏين.
مٺيءَ جي شهر جي تراين مان مِٽي نڪري ٿي، سو ڪيترا ماڻهو اها
پاڻيءَ ۾ ڳاري، ان ۾ ٿورو وقت ڪپڙو پُسائي، پوءِ
سَٽي ڪُٽي سڪائيندا آهن ته صاف ٿيو پوي، اها مٽي
ٻين ڳوٺن وارا به کڻي ويندا آهن، جو مفت ۾ ميسر
آهي. صابڻ ۽ کار تي ورلي پئسو خرچين.
ڪي سَرنديءَ وارا گاسليٽ جي خالي ٽين (جنهن جو مٿيون پاسو لاهي
ڏيندا آهن) ۾ پاڻي وجهي، ان ۾ سوڍا کار ڳاري، باهه
تي ڪوسو ڪري، ان ۾ ڪپڙا وجهي، ٿورو وقت ٽهڪائي،
هيٺ لاهي، ڪپڙا ڌوپ تي رکي، ڌُڪيءَ سان سَٽي صفا
ڪن. ڪي صابڻ سان به ڪپڙا ڌوئين. سوٽي ڪپڙا اهڙيءَ
طرح ڌوئين.
ٿر ۾ ماڻهو اوني ڪپڙا، کٿا، ڪمريون، ڪمريا ۽ لويون وغيره تڙن تي
واري هيٺ رکن يا گهرن ۾ ڌوئين. اڪثر ڳرا اوني ڪپڙا
برسات وقت ڌوئين. هلڪا ڪپڙا ڌُڪيِءَ سان سٽين، پر
ڳرا ڪپڙا ڪمريون وغيره پيرن سان لتاڙي، پوءِ نپوڙي
صفا ڪن ۽ سُڪڻ لاءِ واريءَ تي پٿاري ڇڏين، ريشمي
ڪپڙي جو واهپو گهٽ آهي، فقط ڪن شاهوڪارن وٽ آهي.
اهو ڌوئڻ لاءِ پاڻي ۾ آريٺا ڳاري، ان ۾ وجهي هٿ
سان ٿاپون هڻي ڌوئين، ڇو ته ڌُڪي هڻڻ سان ڦاٽي پوڻ
جو انديشو آهي.
ڌنار، ٻڪرار ۽ غريب مزدور طبقو کوهه تي وڃي، اُتيئي ڪنهن ٿلهي
ڪاٺي يا کوهه مان نڪتل سخت پٿر تي رکي هن سان
ٿاپون هڻي ڪپڙا ڌوئي ڇڏيندا آهن. برسات پوڻ وقت
نيسارن جي هيٺ ڳرا ڪپڙا، جهاجهم، ڪمريون، رليون
وغيره رکي ڇڏيندا آهن، ته مٿان ڪرندڙ پاڻيءَ جي
زور ڪري گند نڪريو وڃي، يا برسات پوڻ وقت ترين ۾
پاڻي ٿيندو آهي، تڏهن ڪنهن تلاءُ تي وڃي ڳورا
ڪپڙا، رَليون ۽ رَلڪا عورتون گڏجي وڃي ڌوئينديون
آهن. ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي خاص تلاءُ يا ٽوڀا
هوندا آهن، جتي جو پاڻي پيئڻ جي ڪم نه آڻيندا آهن،
ان کي ”گَڀا ڌوڻي“ (ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ ترائي) چوندا
آهن. پر ائين بلڪل ڪن ٿورن هنڌن تي اهي نه ته اڪثر
پاڻي پيئڻ، ڪپڙن ڌوئڻ، وهنجڻ، وهٽ پيارڻ لاءِ
ساڳيو تلاءُ يعني ترائي ڪم اچي.
ٿري عورت جي مڙس سان وفاداري
ٿري عورتون غريبي حال هوندي به پنهنجن مڙسن سان وفادار آهن. هو
گهرو ڪم ڪار کان وانديون ٿي، مڙس سان هر هڪ ڪم ۾
مدد ڪنديون آهن. ٻنيءَ جو ڪم هوندو ته صبح جو ماني
ٺاهي، ڀتو کڻي جهنگ ۾ ٻنيءَ تي وينديون. مڙس
کيماني کارائي، سڄو ڏينهن ٻنيءَ جو ڪم ڪري، شام جو
موٽي اينديون. مڙس سان گڏ ڪم ڪرڻ ڪري کين خوشي پئي
ٿيندي آهي. تڪليف جي وقت مڙس کي دلداري ڏينديون
آهن. پاڻ پوءِ کائينديون آهن، ڪڏهن به مڙس کان اڳ
ماني نه کائينديون آهن. اتفاق سان ڏينهن جو يا شام
جو ٽاڻي تي مڙس نه آيو ۽ ڪنهن ڪم سبب دير ٿي ويئي
ته به ٻارن کي کارائي پاڻ ويٺيون هونديون. جڏهن
مڙس آيو، تڏهن اُن کي کارائي، پوءِ پاڻ کائينديون.
اُٿندي ويهندي هر وقت مڙس لاءِ سندن دل ۾ نيڪ خيال هوندا آهن.
هلندي جي پير ۾ ٿاٻو آيو يا ڪنڊو لڳو ته يڪدم وات
مان هي اکر نڪرندا: ”بچي فلاڻي (سندس پٽ يا ڌيءَ
جو نالو وٺي) جو ابو.“ يا ”جيئي گهر ڌڻي“ وغيره.
گهرو ڪمن ڪارن ۾ ڳالهين ۾ مڙس جي چئي تي هلنديون آهن. ڪڏهن به
سندس حڪم جي انحرافي نه ڪنديون آهن، ۽ ڪنهن به
ڳالهه تي مڙس جي مرضيءَ جي خلاف ضد نه ڪنديون آهن.
سمجهُو زالون هميشه مڙس جي مرضيءَ موجب هلنديون
آهن. ڪوبه اهڙو ڪم نه ڪنديون يا هلت هلنديون جيئن
مڙس کي ڪجهه رنج ٿئي يا چوڻو پوي، بلڪ اهو خيال
رکنديون ته اهڙي هلت هلون، جيئن مڙس خوش رهي. |