سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 5

صفحو ؛ 7

 

باب پنجون

وليون

برسات وقت جڏهين ٿر ۾ جام اوڀر اُڀرندو آهي، تڏهين وليون به جام اڀرنديون آهن، انهن جا هيٺيان قسم آهن:

پوکيل وليون: اهي وليون ماڻهو ٻنين ۾ ۽ ڪي گهرن ۾ پوکيندا آهن.

جهنگلي وليون: اهي جهنگ ۾ ازخود اڀرنديون آهن.

ڳنڍ واريون جهنگلي وليون: انهن جي هيٺان زمين ۾ ڳنڍ ٿيندي آهي. اهي سموريون وليون اُٺ، ٻڪريون، ڍڳيون، مينهون، رڍون، گهوڙا ۽ گڏهه کائيندا آهن. انهن ۾ ڦل ٿيندو آهي جو ماڻهو، جانور ۽ پکي کائيندا آهن.

سڀيئي وليون برسات پوڻ وقت اُڀرن، ٻن ٽن مهينن بعد سڪيو وڃن.

پوکيل وليون

هي وليون ٻنين ۾ ماڻهو پوکيندا آهن. (ڪي جهنگ ۾ به اُڀرنديون آهن جن کي آڙِڪَ يا آکڙ وليون چئبو آهي ۽ منجهن جو ڦل ٿيندو آهي، ان کي اَکَڙَ يا آڙڪ ڦل جڏهين ڪچو هوندو آهي، تڏهين ڀاڄي رڌڻ جي ڪم اچي ۽ پچڻ بعد ميوي وانگر ڪم اچي. اهي وليون پٽ تي پکڙنديون آهن. فقط توُريون ۽ ڪَدو، جي هاڻي ٿر ۾ماڻهو ٻنين ۾ ڪن وڻن جي اوٽ تي ۽ گهرن ۾ چونرن ۽ ڇَنن جي ڀرسان پوکيندا آهن، جي پوءِ ولين جي صورت ۾ مٿي چڙهنديون آهن.

* هِنداڻا: هيءَ ول ٻنين ۾ پوکبي آهي ۽ پٽ تي پکڙندي آهي. اُن جا ڪَڇا، جن کي ٿري تَسِرُون چون، سي ڏهاڪو فوٽ ڊگهيون به ٿينديون آهن. ول ۾ وڌ ۾ وڌ ويهن تائين هنداڻا ٿيندا آهن. جڏهين ڪچا هوندا آهن، تڏهين ماڻهو ڀاڄي ڪندا آهن ۽ پچڻ بعد ميوو ٿيندو آهي، جو کائيندا آهن. ڪنئري زمين ۾ هنداڻا وڏا ۽ مٺا ٿيندا آهن. ٿري ماڻهو سال به سال چڱن ۽ مِٺن هنداڻن جو ٻج چونڊي رکندا آهن، جو وسڪاري جو پوکيندا آهن. ڪنهن وٽ پنهنجو ٻج نه هوندو ته ٻئي کان گهري وٺي ايندا. هنداڻا ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: هڪڙن جو ڳر رنگ جو اڇو ٿئي، ٻين جو ڳر رنگ جو ڳاڙهو ٿئي، جنهن کي ”گُلالِو“ چون. انهيءَ جو قدر ٻين ڇانهين کان وڌيڪ هوندو آهي، باقي ميٺاج ٻج جي قسم تي مدار رکي ٿو. هنداڻي کي ٿري ماڻهو ”ڪاريِنگ“ چوندا آهن. هي ميوو دير سان پچندو آهي. پچڻ جي پرک ٿري ماڻهو ٻن نمونن سان ڪندا آهن: هڪڙو ته آڱر سان ٽَڪَر هڻي ڏسندا، جي واڄو چٽو ٻڌڻ ۾ آيو ته سمجهندا ته ڪچو آهي. جي واڄو ڪجهه جهڪو ٿيو ته سمجهندا ته پڪل آهي. ٻيو ته هنداڻي جو چُوٽو (ڏانڊي) جتي تسر سان ڳنڍيل هوندو، اتي ڏوئي وانگر هڪ ڊگهو تاندُورو هوندو آهي. جي اهي ٻئي ساوا هوندا ته سمجهندا ته هنداڻو ڪچو آهي، جي ڪارا ٿيل هوندا ته سمجهندا ته هنداڻو پڪل آهي.

جڏهين برساتون پوريون پونديون آهن، تڏهين ته ٻنين ۾ ايترا گهارا ٿيندا آهن، جو ليکي کان ٻاهر. هنداڻي جي تور ست – اٺ سير کن ٿيندي آهي. ٻنيءَ ڏي نهاربو ته ڄڻ مٽيءَ جا کڙها پيا آهن. هنداڻن تي پير ڏيئي پيو هلجي ته سڄي ٻني گهمي سگهجي. هاري پاڻ کائين، يارن دوستن کي ڏين، يا جي ڪنهن جي ٻنيءَ ۾ گهٽ ٿين، يا ڪنهن دوست وغيره، جنهن ڪا ٻني نه ڪئي هجي ته اُهي اُٺ وٺيو اچن ۽ ڀريو وڃن. ڪيترا هاري شهرن ۾ وٺي وڃي وڪرو ڪندا آهن. پڇاڙيءَ جو ٻنين جي ڪم ختم ٿيڻ وقت ڪيترا ماڻهو چُونڊ هنداڻا گڏ ڪري رکندا آهن، جو ٻه - ٽي مهينا پيا کائيندا آهن ۽ باقي گڏ ڪري ڀڃي رس مان ڳڙ ٺاهين ۽ ٻج يعني ڪُرِيون گڏ ڪري سڪائي رکن، جي سياري اونهاري لوڻي سيڪي پاڻ کائين ۽ مال کي به کارائين، ۽ وڪرو ڪري پئسا به ڪمائين.

ڪي وليون بنان پوکڻ جي جهنگ ۾ ازخود اڀرنديون آهن، انهن ۾ هنداڻا ٿين، جن کي آڙڪ هنداڻا چون. اهي کائڻ ۾ مٺا ۽ لذيذ ڪو نه هوندا آهن. ڪي انهن کي ڀوڏ ڪارينگ به چون.

* گِدِريون: اهي ٻنين ۾ پوکبيون آهن. ول پٽ تي پکڙبي آهي. ڪچيون گدريون نڪي ڀاڄيءَ جي ڪم اچن، نڪو ماڻهو کائين، البت ٻار ٿورا کائيندا آهن. جڏهين پچڻ لڳنديون آهن، تڏهين پهريائين ٿوڳريون پيليريون ٿينديون آهن، جن کي ”آنٻوهيل“ چئبو آهي. آنٻوهيل گدريون کائڻ ۾ ڪي ٿورو کٽمٺڙيون ۽ ذائقيدار هونديون آهن، تڏهين چئبو ته هاڻي ”اُگِرِيُون“ آهن، يعني پچي ويون آهن. گدريون ڊيگهه ۾ فوٽ سوا يا ٿورو وڌيڪ ۽ تور ۾ پنج ست سير يا ڪي وڌيڪ به ٿين. پڪل گدريون ماڻهو کائين، شهرن ۾ وڃي وڪرو ڪن، ڀاڄي ڪن ۽ ڦارُون ڪري ٻج جدا سڪائين ۽ ڦارُون وري جدا ڪنهن کٽولي تي يا ڪنهن سِڻ يا گهامن جي گاهه تي سڪائين. ڦار کي ”چِيهاٽ“ چون. سڪڻ بعد گڏ ڪري رکن، جنهن کي ”ڪاچريون“ يا ”لاچريون“ چون، جي سياري اونهاري ڀاڄيءَ لاءِ ڪم آڻين ۽ ڪچيون پڻ کائين. ڪي ماڻهو ٻاهر وڪري لاءِ به موڪليندا آهن. گدريون جڏهين پچڻ لڳنديون آهن تڏهين ٿوري ئي وقت اندر پچي وينديون آهن. جي ڪچيون گدريون ولين ۾ بيٺل هجن ۽ مٿان برسات پوي ته پوءِ انهن ۾ ڪينئان پئجي ويندا آهن، جن کي ”آنِرِيَل“ گدريون چئبو آهي. کائڻ وقت جي ٿورو ڀاڱو خراب هوندو، ته ڪپي ڪڍي ڇڏيندا آهن ۽ جي گهڻو هوندو ته ڪو نه کائين. هي گدريون جيتوڻيڪ سنڌ جي گدرن جهڙيون اهڙيون گهڻيون لذيذ ڪو نه هونديون آهن ته به چڱيون هونديون آهن. ٿرين لاءِ ڄڻ عمدو ميوو آهي ۽ کائي ڍؤ ڪندا آهن. ٿري هنن کي ”چِڀِڙِيُون“ چوندا آهن.

* ميها: ميهن جون وليون ٻنين ۾ ڀاڄيءَ لاءِ پوکبيون آهن، ۽ جهنگ ۾ ازخود به اُڀرينديون آهن. هيءَ ول جلد وڌي ڦل ڪندي آهي، تنهنڪري ٻئي فصل يا ڀاڄين کان اڳ ۾ ميها ٿيندا آهن، جي ڀاڄي جي ڪم اچن.

مون جيڏيون ملير، چونڊين موڪ ميها.

ٿري ماڻهو ميهن کي ”تينڏِسِيُون“ چون. هن جا ٻه قسم ٿيندا آهن: هڪ قسم جا ميها سنڌي صوفن جيڏا، رنگ گهاٽو سائو، البت ٿورو ڪاراڻ تي مائل ٿيندو آهي. ڪچن ميهن جي ڀاڄي مَلُوڪ ٿئي، پر اهي ترت پچي پوندا آهن. پچڻ بعد اُنهن ۾ ڪاري رنگ جو ٻج ٿيندو آهي. ڳر بنهه گهٽ هوندي آهي. ڀاڄي لاءِ ٻج ڪڍي ڇڏبو آهي، باقي رڳي مٿئين کل بچندي آهي، جنهن جي ڀاڄي اهڙي مزيدار نه ٿيندي آهي. ٿري ويچارا ته ٻج جا ڪجهه داڻا ڪڍن ۽ ڪجهه پيا رهن، ڀاڄي رڌي کايو ڇڏين.

ٻئي قسم جا ميها رنگ جا سفيد ۽ وڏڙا ٿيندا آهن، انهن کي ”مالَهَڻَ تِينڏسِيون“ چون. اهي ڳردار هونديون آهن ۽ دير سان پچنديون آهن، انهن جي ڀاڄي وڻندڙ ٿيندي آهي. ميها ٻنين ۾ جام ٿيندا آهن، پاڻ به کائين ۽ غريب ماڻهو چونڊي وڪرو به ڪندا آهن. هنن کي ٻوٽي سڪائي رکندا آهن، جي پوءِ سڄو سال ڀاڄيءَ جي ڪم آڻيندا آهن.

* چِڀَڙ: چڀڙن جون وليون ٻنين ۾ توڙي جهنگ ۾ جام اُڀرينديون آهن. ٿري هنن کي ”کَڙَ چِڀڙيا“ به چون. ڪچا هوندا آهن، تڏهين کارا ٿيندا آهن، پچڻ بعد هنن کي ”کَڙَچِڀڙيا“ به چون. ڪچا هوندا آهن، تڏهين کارا ٿيندا آهن، پچڻ بعد مٺا ٿيو پون. ”ڏياريءَ جو ڏيِو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو!“ چوندا آهن ته ڏياريءَ بعد چڀڙ مٺا ٿيو وڃن، ان بعد ڀاڄيءَ جي ڪم اچن. انهن جو ذائقو ڪجهه کٽيرو آهي، تنهنڪري هنداڻن، گدرين، ڪوٽينٻَڙَن، گوار جي ڦرين ۽ ميهن وغيره جي ڀاڄيءَ ۾ ٿورا چڀڙ وجهبا آهن ته انبچور ۽ ڏاڙهو يا گدامڙيءَ جو ڪم ڏيندا آهن، جنهن ڪري اهي ڀاڄيون لذيذ ٿينديون آهن. ٻار شوق سان کائيندا آهن. ٻنين ۽ جهنگ ۾ ايترا ته ٿيندا آهن، جو ماڻهو چونڊي مڻن جا مڻ آڻي، پاڻ به ڪتب آڻين ۽ وڪرو ڪري پئسا به ڪمائيندا آهن. چڀڙ جلد خراب نه ٿيندا آهن، تنهنڪري ڪافي مهينا رکيا پيا هوندا آهن. جهنگ مان ته مارچ ۽ اپريل تائين پيا هٿ ايندا آهن. ٻڪريون شوق سان کائينديون آهن ۽ جام کير ڪنديون آهن.

چڀڙن کي اَڏا ٻوٽي سڪائيندا آهن، جن کي ”ڪوڪلا“ چون، جن جي سڄو سال ڀاڄي رڌي کائيندا آهن. چڀڙ اُڀا ٻوٽي سنهو لوڻ ڪُٽي مٿان ٻُرڪي سڪائيندا آهن، جن کي ”ڪَچِريون“ چون. اهي گيهه ۾ تري چانورن سان کائبيون آهن. هندو ماڻهو خاص ڪري ڪچريون جام کائيندا آهن. ٿر جا ماڻهو ”ڪچريون“ تيار ڪري مڻن جي تعداد ۾ ٻاهر وڪري لاءِ موڪليندا آهن ۽ ان مان پنهنجو گذران ڪندا آهن. چڀڙن جون مٿيون کلون لاهي، ڌاڳي ۾ مالها وانگي پوئي ڇانو ۾ سڪائي رکي ڇڏبا آهن، جن جي پوءِ سڄو سال چٽڻي ڪبي آهي. ٻه ٽي چڀڙ ڪٽي لوڻ، مرچ، جيرو ڏاڙهون، کٽي جهڻ ۽ گيهه ذرو وجهي باهه تي ٿورو سيڪ ڏبو ته چٽڻي تيار ٿي پوندي، جا کائڻ ۾ ڏاڍي لذيذ ٿيندي آهي ۽ ڀاڄي جي عيوض مانيءَ سان کائبي آهي.

* مِتيرا: هي ٻنين ۾ پوکبا آهن. گدرن کان ننڍا چڀڙن کان وڏا، ٿلهيرا، چوٽو ۽ پُڇڙي وٽ ٿيندي آهي. ڪچا ڪم ڪو نه اچن. پچڻ بعد ماڻهو کائين، ننڍا ٻار شوق ڪري کائين، ڀاڄيءَ جي ڪم اچن. ڪي ماڻهو مٿين کل لاهي، وچان وڍ ڏيئي سنهو لوڻ ٻرڪي کائيندا آهن ته ڏاڍا لذيذ پيا لڳندا آهن. هنن کي آڏا ٻوٽي (ڪپي) سڪائيندا آهن، جنهن کي ”ڏوچلا“ چون، جن جي ڀاڄي به ڪن ۽ ڪچا به کائين.

* مُٺ ڪوٽينٻڙ: هي چڀڙن جو قسم آهي، پر چڀڙن کان وڏا ۽ ڊگها چار انچ کن (مٺ جيڏا) ٿين، تنهنڪري اهو نالو پيو اٿن. وچ ٿلهو، چوٽي ۽ پڇڙيءَ ۾ ڪجهه سنها ٿيندا آهن. هي ٻنين ۾ ٿين. ڪچا کارا هوندا آهن، جنهن ڪري کائڻ جي ڪم ڪو نه اچن، پچڻ بعد ماڻهو کائين، ڀاڄي رڌين، ۽ آڏا ٻوٽي (ڪپي) سڪائين، جن کي ”ڏوچلا“ چون. انهن ڏوچلن جي ڀاڄي به ڪن ۽ ڪچا به کائين.

* گدرا: هي ٻنين ۾ پوکبا آهن، جي مقدار ۾ توڙي سواد ۾ سنڌي گدرن کان گهڻو گهٽ آهن. پچڻ بعد ماڻهو کائين، ڀاڄي ڪن، ۽ ڪچريون ڪري ڪم آڻين.

* ڪريلا:  ٿر ۾ ڪٿي ٿورا ڪريلا به ٿين. اهي وليون خاص پوکبيون ڪونه آهن، پر ڪي ماڻهو پنهنجن گهرن جي ڍنگهرن جي لوڙهڻ ۾ بعضي ٻڄ اُڇليو ڇڏين ته پوءِ سال بسال پيون اتي اڀرنديون آهن، جن ۾ ڪريلا ٿيندا آهن. ٿر جا شهري ماڻهو بعضي ڪريلن جي ڀاڄي ڪندا آهن نه ته ٻهراڙين ۾ نڪو ايتريون وليون پوکين، نڪو ٿين، پر جي اتفاق سان ڪٿي ڪا ول ٿئي ته گهڻن کي ڀاڄي رڌڻ جو ڏانءُ ڪونه اچي.

* تُوريون: هي وليون ڪي ماڻهو ٻنين ۾، ڪي وڻن جي اوٽ تي ۽ ڪي پنهنجن گهرن ۾ پوکيندا آهن، جن کي هٿرادو پاڻي ڏيندا آهن. مڙيئي ڪڏهين ڪڏهين ڀاڄي پيا کائيندا آهن.

* ٿر ڪَدو: ڪَدو جي ول ڪي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ پوکي، هٿرادو پاڻي ڏيندا آهن. پر اها به عام نه آهي، هن جي ڀاڄي ڪندا آهن.

* ٿر جون ڀاڄيون: ٿر ۾ جڏهين برسات پوندي آهي تڏهين ملڪ سائو ۽ آباد ٿيندو آهي پر برسات تي به ڀروسو ڪونهي. ڪڏهين پوي ته ڪڏهين ڪا نه پوي. پر ماڻهو ته سدائين رهيا پيا آهن، انهن کي ته کاڌي لاءِ ٻارهن ئي مهينا ڪجهه کپي. جيئن قدرت اناج جي پورت ڪري پيئي تيئن ان لاءِ ڳنڌڻ به کپي. جيتوڻيڪ ٿر ۾ چوپايو مال ججهو آهي، جنهن ڪري کير ۽ لسي موجود هوندا آهن، پر تڏهين به چهر لاءِ ڪا نه ڪا ڀاڄي به کپي.

وسڪاري جو برسات پوڻ بعد ٽن – چئن ڏينهن اندر کنڀيون نڪريو پون. هفتي کن بعد پِپُون، مريڙو، لُلر، ٻگرو جام ٿين. پندرهن ڏينهن بعد ميها ٿيو پون، ۽ ان بعد هنداڻا، جي سڀ ڀاڄيءَ لاءِ ڪم اچن. پوءِ گدريون، متيرا، چڀڙ، گوار جون ڦريون وغيره ٿين. جن جي ڀاڄي ڪن. اهڙيءَ طرح چار مهينا گذريو وڃن. بهار ۾ ڦوڳن ۾ ڦوگيسي، ان بعد ڪنڊن ۾ سڱريون ۽ ڪرڙن ۾ پُسي ۽ ڏونرا ٿين، گوار جون سُڪل ڦريون، گدرين جون ڪچريون، چڀڙن ۽ متيرن جا ڏوچلا، سڪل ميها وغيره، باقي اٺ مهينا ڀاڄيءَ لاءِ پيا ڪم آڻين.

ٿر جي وڏن شهرن ۾ کوهن تي مالهي واڙيون ڪندا آهن، جتي پالڪ، موريون، ٿوم، بصر، سوئا، ميٿي ۽ ڌاڻا وغيره پوکيندا آهن. پارڪر ۾ واڱڻ، ساوا مرچ، ٽماٽا، موريون ۽ بصر جام ٿيندو آهي. ماڻهو سنڌ مان گجر، پالڪ، ميها، واڱڻ، ساوا مرچ، گدرا، ڀينڊيون، ٽماٽا ۽ گوبيون آڻي شهرن ۾ وڪرو ڪندا آهن، پر اها سهوليت رڳو شهري هوند وارن ماڻهن لاءِ آهي. غريب عوام جو ٻهراڙين ۾ رهي ٿو سو انهن ڀاڄين کان محروم آهي. اهي فقط ٿر جون ئي ڀاڄيون ڪم آڻين.

* ٿر جا ميوا: ٿر جا ميوا آهن، جهنگلي ڇاپرو ٻير، ڪرڙن جا پڪا، ڪنڊن جا سڱر، ڄارين جا پيرون، سنڌي ٻير (ڪي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ سنڌي ٻيريون پوکيندا آهن)، هنداڻا، گدريون، گدرا، متيرا، چڀڙ، گولون ۽ گهانگهيٽا وغيره، جي ننڍا وڏا، ٻار، زالون ۽ مرد شوق سان کائيندا آهن.

سنڌ مان انب، زيتون، ڏاڙهون، صوفي ٻير، سنڌي ٻير، ڪمند، گجر وغيره ڪڏهين ڪڏهين ماڻهو آڻي شهرن ۾ وڪڻندا آهن. لاري سروس ٿيڻ ڪري مٺي، ڏيپلي، ڇاڇري، اسلام ڪوٽ ۽ چيلهار ۾ گهڻو ڪري هر ڪا ڀاڄي ۽ ميوات هر وقت ملي سگهي ٿي. ٻهراڙين ۾ سنڌي ميوات اصل ڪا نه ملي، اُڙيو ٿُڙيو ڪڏهين ڪو انب، ڪمند، گجر وغيره آڻيندو آهي، نه ته ٻيو مڙيو ئي خير.

جهنگلي وليون

برسات پوڻ سان جهنگ ۾ ڪيترين ئي قسمن جون وليون ازخود اڀريو پون، ۽ وڻ تي ويڙهجي وڌنديون وينديون آهن. اُن جو ڦل ڪو ميويدار ڪو نه ٿئي، پر جيڪو ٿئي سو پکي کائين ۽ مال جي ڪم اچي.

* ٽُوهه: هن ول کي ٿري ماڻهو ”ٽُوسَڻَ“ چون. هي پٽ تي پکڙبي آهي. ان جا ڪَڇا ڏهه - ٻارهن فوٽ ڊگها ٿيندا آهن. هي نرم توڙي سخت ميداني زمين تي ٿيندي آهي، جي تمام گهڻي انداز ۾ ٿئي. پارڪر ۾ ته ڄڻ ڪنهن خاص فصل پوکيو آهي. اُن جا پن نداڻي جي ول جهڙا، پر ننڍا ۽ چهچ ساوا نه ٿيندا آهن. ٽُوهه چٽڪمرا سائي رنگ جا ٿيندا آهن. پچڻ بعد پيلا ٿيو پون. ذائقي ۾ بلڪل کارا ٿيندا آهن. هي جلد خراب نه ٿيندا آهن. ٻه – ٽي مهينا رکڻ ڪري به سڙي خراب ڪونه ٿيندا آهن. سلامت پيا هوندا اهن. ٻڪريون ول ۽ ڦل ٻيئي کائيندين آهن، جو انهن جو دلسڇند کاڌو آهي. اُٺ به کائيندا آهن.

هڪ ول ۾ پندرهن – ويهه ٽوهه ٿيندا آهن. پري کان ولين ۾ چنبڙيل ٽوهه ڏسڻ سان عجيب نظارو پيو محسوس ٿيندو آهي. هي تمام ڪمجائتي ول آهي. هن جي پاڙ، پن، ٽوهه سڀيئي طبابت جي ڪم ايندڙ شيون آهن. حڪيم انهن مان جلاب، ڪشتا ۽ انيڪ نمونن جون دوائن تيار ڪندا آهن. ڪيترا سنڌي حڪمي سال بسال ٿر مان پڪل ٽوهه گهرائيندا آهن.

ٿري ماڻهو ٽوهه گڏ ڪري رکندا آهن. جي پوءِ روزانو ٽڪر ٽڪر ڪري، ٻڪرين  اُٺن کي کارائيندا آهن.

ٿري ويچارا ڏڪار وقت پڪل ٽوهه گڏ ڪري، ڪپي، ٽڪر ٽڪر ڪري واريءَ ۾ کڏ کڻي پوري ڇڏيندا اهن. ڪُجهه وقت بعد کل ڳري ويندي آهي ۽ ڳر وارو پاڻي واري چُهي ويندي اهي، باقي ٻج بچندا آهن، جي ڪڍي صفا ڪري، ڪنهن ٺڪر جي ٿانءَ ۾ لوڻ گڏيل پاڻيءَ ۾ پسائي ڇڏيندا آهن. ٻن – ٽن ڏينهن بعد اهو پاڻي ڪڍي وري ٻيو وجهبو آهي. اهڙيءَ طرح ٽي – چار دفعا ڪبو ته ٻج مٺا ٿي پوندا. پوءِ اُهي سُڪا ٻج چنڊ ۾ پيهي اٽو ڪري اڌو اڌ ٻاجهريءَ جي اٽي سان ملائي ماني پچائي کائيندا آهن. ائين اُن جي ڪافي اُٻيل اچيو وڃي.

* گولاڙو: وسڪاري جو برسات پيئي ته گولاڙي جي ول ترت وڌندي آهي ۽ ڪونڀٽن، ڪرڙن، ڪنڊن، ڦڳن ۽ ڄارين تي ڇانئجي ويندي آهي.

گولاڙا ۽ ”گُگَريون، اوڇڻ اباڻن،
ويڙهيا گهمن ولئين، جهانگي منجهن جهنگن
هن جا پن تن ڪُنڊن سان چهچ ساوا ٿيندا آهن. پهريائين فوني جي توتاري جهڙا گل ٿيندا آهن، جن ۾ سائي رنگ جو کارڪ جيڏو ميوو ٿيندو آهي، جنهن کي ”گول“ چوندا آهن.

گولون گولاڙن تان، چونڊينديس چڙهيو.

ٻيا ميوا چوٽيءَ کان پچڻ شروع ڪن، ته گول وري هيٺئين پاسي کان پچڻ شروع ڪري، پکين جا، خاص ڪري بُلبلين ۽ هڙين جا ان تي ميڙ هوندا آهن. گولون ٿورو پچنديون وينديون ته پکي کائيندا ويندا، تان جو نيٺ وڃي نشاني طور چُوٽو بچي. ننڍا ٻار ٽوليون ٺاهي جهنگ مان وڃي گولون چونڊي ايندا آهن. هي ول اُٺ ۽ ٻڪريون جام کائينديون آهن. جت ماڻهو روزانو گولاڙي آهن. هي ول اُٺ ۽ٻڪريون جام کائينديون آهن. جَت ماڻهو روزانو گولاڙي آهن. هي ول اُٺ ۽ ٻڪريون جام کائينديون آهن. جَت ماڻهو روزانو گولاڙي جي ول پٽي ڀريون ٻڌي کڻي ايندا آهن ۽ اٺ جي چاري لاءِ اُٺن کي ڏيندا آهن.

* موگَر: هيءَ ول ڊاڳن واري نرم زمين ۾ گهڻو ٿيندي آهي. اُن کي ”مُونگيل“ به چون. اُن جي ڊيگهه فوٽ کن ٿئي ۽ پاسن کان تَسرون ڪري وڌندي ويندي آهي. اُن جا پن ڪورڙ وانگر پنجن ڦاڪن سان ننڍيرا سائي رنگ جا ٿيندا آهن ۽ گل ننڍا پيلا ٿيندا آهن. اُن ۾ ڦرين ڪورڙ جهڙيون خاڪي رنگ جون ٿينديون آهن. جن ۾ داڻا ٿيندا آهن. هي ول اُٺ ۽ گهوڙا ته خاص چاهه سان کائين، پر رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون ۽ گڏهه به کائيندا آهن.

* ڀُڳڙا وَل: هيءَ ول نرم زمين ۾ وڌيڪ سٺي ٿيندي آهي. اڪثر ٻُوٽن، سِڻ، مُرٽ، کِپ، ٻُوهه وغيره جي ڀرسان اُڀري انهن تي پکڙجي ويندي آهي. بعضي زمين تي به پکڙبي آهي. اُن جا پن ڦاڪن سان، ننڍا پر چهچ سائي رنگ جا ٿيندا آهن. ان ۾ ڀڳڙي جيڏو داڻو ٿيندو آهي، جنهن تان مٿس اهو نالو پيو آهي. اهي ڀڳڙا ٻار شوق سان کائيندا آهن. هيءَ ول خاص طرح اُٺ ۽ ٻڪري جو کاڌو آهي، پر رڍون، گهوڙا، گڏهه ۽ گانيون به کائين.

* آسُوندرو: هيءَ ول ڄارين ۽ ڪنڊن جي ٿڙ وٽ اُڀري، انهن وڻن تي چڙهندي آهي. هنجو ٿڙ ٿلهيرو ٿيندو آهي. ٻيون وليون سياري اونهاري سڙيو وڃن، پر هن جو ٿڙ ۽ ٽاريون هميشه سايون هونديون آهن، جي برسات پوڻ بعد پن ڪڍي وڻڻ کي ڀري ڇڏين، اُن جو ٿڙ ورنوڪڙن سان بلا وانگر ٿيندو آهي، جو وڻن کي ويڙهيو پيو هوندو آهي. اُن جا پن وڏيرا سائي رنگ جا ٿيندا آهن. منجهس ڪو ڪمائتو ڦل ڪو نه ٿئي.هيءَ ول فقط اُٺ ۽ ٻڪريون کائينديون آهن.

* لورو: اُن جو ٿڙ ٿلهو ٿيندو آهي، جو سياري اونهاري به سائو رهندو آهي. هيءَ ول ڪنڊن، ڄارين ۽ ٿوهرن ۾ ٿيندي آهي. برسات پوڻ سائي ٿيو پوي. اُن جا پن ڦوڳ جي لاسُوئن وانگر تيلين جهڙا ٿيندا آهن. منجهس ڪو خاص ڦلڪو نه ٿئي. ان کي اُٺ ۽ ٻڪريون کائيندا آهن.

* بنا پاڙي: هن ولي کي پاڙ ڪا نه ٿئي يعني زمين تي ڪو نه اڀري، پر ڪنهن ٻوٽي، مَريڙن، ڪَنٽي، ساٽوڙي ۽ ڪن وڻن تي اُڀري وڌي ويندو آهي. اُن جون تَسرون پيلي رنگ جون ٿين. منجهس ڪو به پن يا ڦل ڪو نه ٿئي، فقط تندن مان تندون ڪڍي وڌندي ويندي آهي،جنهن به ٻوٽي يا وڻ تي هوندي، اتي گهاٽي ٿيندي ويندي، ۽ نيٺ ان کي سُڪايي ڇڏينديون. اُن کي اُٺ ۽ ٻڪريون ٻوٽن ۽ وڻن سان گڏ کائيندا آهن.

* اَنکرو: هيءَ ول جهنگ ۾ تامگهڻي ٿيندي آهي ۽ مُرٽن، ٻُوهن، ڄارين، ڦوڳن، کِپَن ۽ سِڻن تي ڇانئجي ويندي اهي. اُن جا پن ننڍا ٽڪنڊي شڪل جا ٿين، ۽ اُن جو ڦَل ڀڳڙي جو چٽڪمر سائي رنگ جو ٿيندو آهي. جو پچڻ بعد ڳاڙهو پيلو ٿي پوندو آهي. ڪنهن ڪم ڪونه اچي. هيءَ ول اُٺ ۽ ٻڪريءَ جو خاص کاڌو آهي، رڍون ۽ ڇيلا به کائيندا آهن.

* ڪُتيال: هيءَ ول اَنکرو جهڙي ٿيندي آهي، پر اُن جا پن ڪجهه ننڍا ٿيندا آهن. جهنگ ۾ عام جام اُڀري ننڍن وڻن ۽ ٻوٽن تي پکڙبي آهي. ان ۾ ڦل ٻير جيڏو گول سائي رنگ جو ٿيندو آهي، جو ڪنهن ڪم ڪونه اچي. ٻار ان کي ڪُتِيءَ جا بُبا (ٿڻ) چوندا آهن، جنهنڪري ڪُتيال نالو پيو اٿس. ان کي ٻڪريون، ڇيلا ۽ اُٺ کائيندا آهن.

* سَوهَس گُڻِي: هيءَ وَل ڏهرن ۾ ٿئي ۽ خاص ڪري کيڙاپ ٻنين ۾اُڀرندي آهي. ان کي سج لٿي مهل پٽي ڪپڙي سان ڍڪي آڻي ڇانو ۾ سڪائجي. پر ميل ۽ ٻين ڪن بيمارين ۾ گهوٽي پياربي آهي. هن جا پن ڪنڊي جي پنن جهڙا ٿين، تسرون ڪو نه ٿين، پر پاڙ جي چوڌاري گول دائري وڌندي ويندي آهي. هيءَ ول گهڻو ڪري اونهاري جو به ڪانه سُڪندي آهي ۽ سدائين سائي بيٺي هوندي آهي. هيءَ ول گهڻين ئي بيمارين ۾ ڪم اچي، جنهن ڪري مٿس ”سوهس گُڻي“ يعني ”سَو گُڻن واري“، نالو پئجي ويو آهي.

مٿين ولين کانسواءِ ٻيون به وليون ٿينديون آهن، جن مان ڪن جا نالا، جي معلوم ٿي سگهيا آهن، سي هيٺ ڏجن ٿا، جيئن ته اُٺ ڪونڍير، ڦيسڙ ول، گهوڙا ول، ڪان ڪوڏِي، بکڙو، هزارداني، نور ول، نانگر ول، گُڻ ويل، وغيره اِنهن ولين کي ڍَور ڍڳا کائيندا آهن.

ڳنڍر واريون وليون

ڪي وليون اهڙيون ٿينديون آهن، جي ڪن وڻن اندر، يا سندن اوٽ ۾اڀرنديون آهن. انهن جي پاڙ ۾ زميندار پٽاٽي وانگر ڳڀدار ٿيندي آهي ۽ مٿان ڏانڊي نڪرندي آهي،جنهن م پن ٿيندا آهن. اُهي وڌي وڻن تي چڙهنديون وينديون آهن، جيئن ته

* ڪانڪوڙي: هيءَ ول ڪنهن نه ڪنهن وڻ جي سهاري تي اُڀرندي آهي، خاص ڪري ڪِرڙن، ڄارين، ٻيرڙين ۽ ٿوهرن ۾ ٿيندي آهي. زمين اندر ڳنڍ ٿيندي اٿس ۽ ٻاهر وڏيون تَسرون ڪري وڻن تي چڙهندي ويندي آهي. ان جا پن گولاڙي سان مشابهت رکندڙ ٿين. ڳنڍ زمين اندر وڌندي ويندي آهي ۽ ڪن جو وزن چار – پنج سير به ٿئي. اُن جا پن اُٺ ۽ ٻڪريون کائيندا آهن. منجهنس ٻيو ڪو ڪمائتو ڦل ڪونه ٿئي. اها ڳنڍ پٽي ٻئي هنڌ زمين ۾ پوري پاڻي ڏبو ته اتي لڳي پوندي. ٿر ۾ عام ٿئي، تنهنڪري ننڍا ٻار جهنگ مان ڳولي ڳولي کنيو اچن ۽ پنهنجن گهرن ۾ پوکين. ڳنڍ کي گهوٽي اٽي سان گڏي لپري ٺاهي ڦَٽن تي ٻَڌڻ سان فائدو ٿيندو آهي.

* ڪونڍيِر: اُن جي ڳنڍ (ڪونڍير) پٽاٽي وانگر زمين جي اندر ٿيندي آهي. مٿان ول ٿيندي آهي، جنهن جي ڏانڊيءَ ۾ ڄار جا پن ٿيندا آهن، جن هن جي ڪري پاڙ ڳولي زمين مان ڪونڍير کوٽي ڪڍبو آهي. هيءَ ول مُرٽن، ڄارين، موراڙين، ڦوڳن، ڪرڙن ۽ ۽ ٻين وڻن ۾ اُڀري ۽ وڻ تي چڙهندي ويندي آهي. ڪونڍير مٿان نرم هلڪي ڀوري رنگ جي کل ٿيندي آهي، ۽ هوبهو پٽاٽي جهڙو پيو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اندر اڇي رنگ جو ڳڀ ٿيندو آهي. ٿورو ڪپڙي سان گَهِبو ته کل لهي ويندي ۽ ڳڀ ظاهر ٿي پوندو آهي.

عمر! انهيءَ ڏيهه جا، ڪونڍير قوت ڪريندي.

ٿري ماڻهو، خاص ڪري ٻار، ڪونڍير ۽ ول جا پن شوق سان کائيندا آهن. ڏينهن جو ٻار مال سان پَهري ويندا آهن، شام جو پنج – ست ڪونڍير ضرور آڻيندا آهن، جي پنهنجن ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڏيندا آهن. هنن جي ڀاڄي ڪا نه ڪبي آهي. اُن جا پن اُٺ ٻڪريون ۽ رڍون وغيره به کائيندا آهن. ڪونڍير هڪ هنڌان پٽي ٻئي هنڌ آلي واريءَ ۾ لڳائبو ته اُتي اُڀري پوندو آهي. ڪي ٻار جهنگ مان ڪونڍير آڻي پنهنجن گهرن جي لوڙن جي ڀرسان پوکيندا آهن.

* ڦَڙَ سِير: هن ول جي ڳنڍ ڪونڍير وانگر زمين اندر ٿيندي آهي. مُرٽن، ڄارين، ڦوڳن وغيره جي سهاري اُڀرندي آهي ۽ وڻن تي چڙهندي آهي. هن ول جا پن ڪونڍير کان وڏا، ويڪرا ۽ ڳڀدار ٿيندا آهن. ننڍا ٻار ڳنڍ ۽ پن شوق سان کائيندا آهن. هنن جي ڀاڄي ڪا نه ٿيندي آهي. اُن جا پن اُٺ، ٻڪريون، رڍون وغيره کائيندا آهن.ڳنڍ کي هڪ هنڌان پٽي ٻئي هنڌ آلي واريءَ ۾ هڻبو ته اُتي اُڀري پوندي آهي.

* سُوئِيو: هيءَ به ساڳئي قسم جي ول آهي. ڳنڍ زمين اندر ٿئي، ۽ مٿان ڏانڊي وڻن ۽ ٻوٽن تي چڙهندي ويندي آهي. ان جا پن سنها، ڊگهيرا ۽ نوڪدار ٿيندا آهن. ٻار پن ۽ ڳنڍ کائيندا آهن، پر ڀاڄيءَ جي ڪم ڪونه اچن. ڳنڍ کي هڪ هنڌان پٽي ٻئي هنڌ آلي واريءَ ۾ لڳائبو ته اتي به اُڀري پوندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org