سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 13

صفحو ؛ 19

 

دونهِي ڪرڻ

وسڪاري جو ٿر ۾ ننڍيون مکيون تمام گهڻيون ٿينديون آهن، جيئن سنڌ جي ڪن ڀاڱن ۾ مڇر ٿيندا آهن، انهيءَ کي ”مک“ چئبو آهي. هن مان ماڻهن کي ڪا تڪليف ڪانهي باقي مال تي سَٿا ٿي ويهندي آهي ۽ چڪ هڻندي آهي. مال ويچارو ذري ذري ڪنڌ جي ڌوڻ، ڪنن جي ڦَڙڦڙَاهٽ ۽ پڇ جي لوڏ سان پيو اُڏائيندو آهي. ٿورو اُڏري وري ويهو رهي، خاص ڪري اُٺن تي گهڻي مار ڪندي آهي. ان جي بچاءُ لاءِ، جن وٽ هڪ – ٻه اُٺ هوندا آهن، سي ڳوٺين يا پراڻين ٻورين (کاهين) جا پردا ٺاهي، ٿوهي وٽان ٽنگ ڪري اُٺن جي پُٺيءَ تي وجهي ڇڏيندا آهن. ڳچيءَ کان هيٺان رسين سان ٻڌي قابو ڪندا آهن، جيئن ڪٿي ڪِري نه پوي، هن کي ”گَندو“ چون. گهوڙن جي بدن تي جهُلو وانگر ڪپڙو يا ڳوٺ جو پردو وجهندا آهن. باقي جن وٽ گهڻو مال هوندو آهي، يا ڍڳين، گڏهن، رڍن ۽ ٻڪرين لاءِ گندا ٺاهي نه سگهبا آهن، ته مالدار ماڻهو مال لاءِ صبح شام دونهي ڪندا آهن.

ڳوٺن ۾ پرڻا ڊٺل ڇونرا هوندا آهن، جن جي مٿان سڪل مُرٽن ۽ سڻن جو ڪچرو ٿيندو آهي يا جهنگ مان آڻي، هيٺان رکي، مٿان آلا سانتورا، ٻُوهه يا اَڪ جون ٿڙيون وڍي رکي باهه ڏيندا آهن ته جام دونهون ٿيندو آهي. ان جي ڀرسان هوا جي سامهون وهٽن کي ويهاريندا ۽ بيهاريندا آهن، ۽ ڪپڙي سان دونهي کي جهَپيندا آهن ته دونهي جا گونٽاڙ وهٽن تي ڦهلبا ويندا آهن ۽ مک اُڏاميو ڀڄيو وڃي ۽ اڃا به جي ٿوري وهٽن تي ويٺل هوندي ته ڪڇڙي جو انگوڇو کڻي وهٽ جي بدن تي هڻندا ويندا ته اُڏاميو وڃي، جنهن کي ”پَلو هڻڻ“ چون.

اڪثر ننڍا ٻار مال جي دونهي لاءِ سڪل ڪک ۽ ساوا ٻوٽا گڏ ڪري شام جو وهٽن اچڻ کان اڳ دونهي ٺاهي تيار ڪري ڇڏيندا آهن. مک وري جهنگ ۾ وڃڻ ڪري اچيو وهٽن تي گڏ ٿئي. پر ٿوري، ته به بچاءُ ضرور ٿيندو آهي، ڪجهه وقت ۽ رات جو ويچارا وهٽ ساهي کڻندا آهن. ڪن ڪن وهٽن جي بدن تي مک کايو رت ڪريو چُٽا ڪريو ڇڏين. جنهن کي ”ڏوئو“ چون. کاڌل هنڌ تي مک جي ڪاهه گهڻي ٿيندي آهي. مالدار ماڻهو ان جي بچاءُ لاءِ ڇا ڪن، جو رنڌڻي جو دوسو (جاءِ جي اندران دونهي سان ٿيل ڪاراڻ) لاهي ان ۾ ڪَڙو تيل وجهي آڱر سان لَساڙي (مَلي) ملم وانگر ٺاهي ”ڏوئو“ واري هنڌ ڏيئي ڇڏين، ته اتي وري مک ڪونه وهي ۽ ڪجهه وقت بعد اهو ڦٽ به ڇُٽيو وڃي. دونهو وهٽ جو وڏو بچاءُ آهي. صبح جو ڏسبو ته چوڌاري ڳوٺن ۾ جهنگ ۾ دونهان پيا نڪرندا، جيڪو جتي هوندي اتي وهٽن لاءِ دونهي ڪندو آهي.

 

مال جون حالتون

گانءِ جي ننڍي ڦر کي ”لوارو“ يا ”لُواري“، ان بعد ”وڇَڙو“، ”وڇِڙي“ يا ”وهڙي، چون. وهڙي وڏي ٿيڻ بعد ڍڳو ڦرندو ته چوندا ”ڌيڻاجي“ ٿي، يا ڏُڌ“ ٿي پوي، يا ”ڦَراجي“ ٿي. ڦي ته چوندا ”ڌيڻاني“ آهي، ”ڏڌ“ پيئي آهي يا ”ڦراڻي“ آهي. ويامڻ بعد جڏهنکير ڏيندي اهي تڏهين ”سوئا“ چون. چئن – پنجن مهينن تائين کيس ”آلوڙي سوئا“، ۽ اٺن – نون مهينن بعد جڏهن کير ڪجهه گهٽ ٿيندو آهي، تڏهن چون هاڻي ”ٻاکَڙَ“ ٿي آهي ۽ ڦر کي به ”ٻاکڙ ڦر“ چون.

جڏهن کير ڏيڻ بند ڪري تڏهن چون ”بِسُوڪي“ ويئي، ۽ پوءِ ان کي ”بِسُوڪيلَ“ (وهڪيل) چون. ڪي ڪي ڍڳيون نه ڦرجن ته ان کي ”ڦَنڊي“ چون. جي سڱ ڇوٽا هوندا ته ”موڏي“، ڊگهن سکن واري کي ”سينڱراٽ“. ڪي ڍڳيون ڏهڻ مهل لَتون هڻنديون آهن انهن کي ”کَٽَرَ“، جي ڦر تي هيج هوندو ته ”هيجوُئار“، جي هيج نه هوندو ته ”ڪُبِيار“ چون. رنگ ڪارو هوندو ته ”تيلِي“، اڇو ته ”ڌونري“، ڪجهه ميرانجهڙو ته ”سائي“، ڳاڙهو ته ”گورِي“، ٿورو ڳاڙهو رنگ هوندو ته ”مٽي“ چون. مالڪ انهيءَ نالي سان نول ڪن ته ڍڳيون به روز روز اُهي نالا ٻڌي سمجهي وينديون آهن ۽ يڪدم ڪَنائينديون مالڪ وٽ هليون اينديون.

مال ۾ ”سانُ“ هميشه چونڊي مضبوط، قداور ۽ سهارو ڇڏبو آهي، جيئن ڦر چڱا ٿين. ڍڳين ۾ جو ڍڳو ڇڏبو آهي، ان کي هندو ”اَلَهايو“ ۽ مسلمان ”سانُ ڍڳو“ چون. ڪنهن ماڻهوءَ وٽ ڪو سٺو، مضبوط، قداور ۽ وڙائتو ڍڳو هوندو ته اُهو يا ته پنهنجي خوشيءَ سان ڍڳين ۾ سانُ ڇڏي ڏيندو ۽ پنهنجي مالڪيءَ تان هٿ کڻندو، يا وري ڳوٺ جا ماڻهو گڏجي ڪو اهڙو ڍڳو خريد ڪري سانُ ڇڏي ڏيندا آهن. ان تي مالڪيءَ جو حق ڪنهن جو به ڪونه هوندو، ۽ ان کي ”الهايو ڍڳو“ چون، يعني الله جو، يعني جنهن جو مالڪ ڪوبه نه هجي، ۽ اُهو راڄ جي گڏيل ملڪيت هجي. ائين اڪثر شهرن ۾ جتي هندن جي گهڻائي آهي اتي ڪندا آهن. ٻهراڙين ۾ مالدارن وٽ پنهنجا سانَ ڍڳا هوندا آهن. هندو ماڻهو الهائي ڍڳي جي پينڊي تي گول ڪرڻن سان سج جي شڪل جو داغ ڏيندا آهن، جنهن کي ”سورجيو داغ“ چون ۽ ڍڳي کي ”سُورجيو ڍڳو“ چون.

وقتي ڏڪار جي مهل راڄ مهاڄڻ جي پاران ان ڍڳي کي گاهه ۽ گوار جو ڏارو ڏنو ويندو آهي.

مينهن جا سڱ وڌا ۽ وريل هوندا آهن ته ”ڪُنڍي“ چون، ننڍا هوندا ته ”روڏِي“. مينهن ڦَرِي ته چوندا ”ساکاڻي“ آهي، ٻن سالن جي پاڏِڪِي“ چون. ڪجهه وڏي ٿئي ته ”توڏ“ چون، ٻن اسلن جي ٿئي ته ”ٻِهاڻ“، ٽنس الن جي ٿئي ته ”ٽهاڻ“ چون. توڏ جيستائين ڦري نه آهي تيستائين ”ٺَلهي“ چون، جڏهن ڦرجي تڏهن چون ”بيتِرو“، ”ڍُڪي“، ”سُڀَرَ“ يا ”گڀڻي“، يعني ڳڀ سان يا پيٽ سان. اُن وقت ماڻهو ويجهو ويندو ته يڪدم پڇ مٿي ڪندي. اها هن جي ڦرجڻ جي ثابتي اهي. توڏَ کي ويامڻ بعد ”سانڍ“ چون، ۽ سنڌيءَ ۾ ڏاڍي. جي ڪنهن توڏ کي پيٽ نه ٿئي ته ان کي ”ٺانٺِي“ چون. مادي اُٺين جي وڳ ۾ اُٺ ڇڏبو آهي ان کي ”بگائِي اُٺ“ چون.

ٻڪري ۽ رڍ ڦري ته چوندا ”ٻوڪاڻي“ آهي. جيڪڏهن ڪا ٻڪري نه ڦري ۽ نه ويامي، ته ان کي ”ٽانڪارَ“ چون. وڏيڙي ڇيلي کي ”پَٺَڙَ“ ۽ ڇيليءَ کي ”پَٺَ“ چون.

گهوڙيءَ گڏهه کي پيٽ ٿيو ته چوندا ”ٺانَسير“ ٿي آهي. ويامڻ مهل چوندا ته ”ٺاڻَ“ ڏنو اٿس. گڏهه جي ننڍي ڦر کي ”کوديِو“، ”کوديسو“، ”کودو“، مادي ڦر کي ”کودڪي“ يا ”کودي“ چون. گهوڙي جي ننڍي نر ڦر کي ”پڇيرو“ ۽ ماديءَ کي ”وڇيري“ چون.

ٻڪري، ڍڳي، مينهن ۽ سانڍَ جيستائين ڦربا آهن، تيستائين اُنهن کي ”اَهِيڻي“ چون. جڏهن پهريون دفعو ويامن تڏهن ”پهريات“ چون.

جي ڪنهن ٻڪري، رڍ وغيره جو ڦر مُدي کان اڳ ڪَچو ڪِريو پوي ته چون ”ٽُئِي“ (ٽڀي) آهي. ان حالت ۾ ڦر مريو وڃي ۽ کير به بلڪل گهٽ ڏين، خاص ڪري ٻڪريون ڪَچا ڦر ڏينديون آهن. ڍڳيون ۽ انڍيون ورلي ڪَچا ڦر ڇڏينديون آهن. مدي تي ويامن ته چون ڦر ”پورو پاٺو“ آهي.

مينهن، گهوڙي ۽ ڍڳي هڪڙو ڦر ڏين. ڪي ڪي ٻڪريون ٻه ڦر ڏين، جنهن کي ”ٻيلو“ چون. ورلي ڪي ٽي ڦر ڏين، جنهن کي ”ٽيلو“ چون.

هرڻ جي ننڍي ٻچي کي ”ٻَٺڙيو“ ۽ وڏي ٿيڻ تي ٻَٺر چون. وڏي هرڻ کي ”ڇيڪارو“ چون. جنهن ماديءَ کي ننڍو ڦر هوندو آهي تڏهن کيس ”سَلوئار“ چون.

 

مال کي قابو ڪرڻ جا نمونا

اڳ ذڪر ڪري ايو آهيان ته ٿر جا ماڻهو مالدار آهن. ملڪ جي آباديءَ جو مدار برسات تي، سو وسڪاري جو چار مهينا پوک ڪن. ان وقت مال سان روزانو ماڻهو پَهري، باقي اٺ مهينا اُڙيو ٿڙيو فقط ٻڪرين ۽ اُٺين جي وڳ سان ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پهرن نه ته ٿوري گهڻي نِهار ڪن. جهنگ ۾ رهيل مال کي صبح جو سوير وڃي ڳولي وٺي اچن.

”اُٿيو ڏين اَر جو، ڀٽن ڀر ڀيرا.“

-(شاهه)

باقي ڍڳين سان ڪوبه ماڻهو ڪونه پهرجي. نر اُٺن کي صبح جو جهنگ ڏي روانا ڪري ڇڏين يا ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو وٺي وڃي ڇوڙي اچن. شام جو ڪي چاري جي سوس تي موٽيو اچن ۽ ڪن کي مالڪ جهنگ مان ڳولي وٺيو اچن. گڏهه ته ائين به ڇُوٽ پيا چرن ۽ ازخود اُڃ جي ڪري پاڻي پيئڻ لاءِ موٽيو اچن. ڪڏهن ڪڏهن مال تي ضابطي رکڻ ۽ ڪم جي مهل تي يڪدم ڳولي لهڻ، ۽ رُلي نه وڃي يا چور ڪاهي نه وڃن، انهيءَ جي بچاءُ لاءِ هيٺيان نمونا ڪم آڻيندا آهن:

سَنگهر: هي لوهه جي مضبوط ڪڙين جي ٺهيل هوندي آهي. ڪي اُٺ اهڙا ٿيندا آهن جي شام جو واپس نه ايندا آهن، ڪي وڌيڪ رولو ٿيندا اهن، ڪي ڀاڄوڪڙ ٿيندا اهن. ڪي سياري جو کِجي (مَستي) ڪندا آهن ۽ گوڙ جي ٻَروڙ پيئي پوندي آهي، تڏهن جهنگ ۾ مادي ڏاڍين يعني سانڍين جي پٺيان ڪاهي پوندا آهن. بعضي ماڻهوءَ جي پٺيان به مَستي جي ڪري ڪاهي پوندا آهن. ڪي ته مالڪن جي به ساڃهه ڪونه ڪن ۽ وڙهيو پون. بعضي مسافريءَ تي وڃڻ وقت وچ ۾ ڊاٻو ڪرڻ جي حالت ۾ يا ڌارئين ڳوٺ ۾ رهڻ جي حالت ۾ اُٺ جي اڳين پيرن ۾ سنگهر ڏيئي هڪ پاسي ڪَڙي ورائي قابو ڪري ان کي مضبوط ڪلف لڳائي ڇڏيندا آهن. سنگهر جي ڪري اُٺ ڊوڙي ڪونه سگهندو، باقي آهستي آهستي هلي چَري پيو سگهندو. ان حالت ۾ جيڪڏهن شام جو نه لڀي ۽ جهنگ ۾ رهجي وڃي ته چوريءَ جو امڪان گهٽ رهندو آهي ۽ گهڻو پري نڪري وڃي نه سگهندو، جنهنڪري ٻئي ڏينهن ڳولڻ ۾ سهوليت ٿيندي. رات جو سڀڪو مالڪ اُٺ ڳولي وٺي ايندو آهي. پوءِ ڪي سياري ۾ گهڻو ڪري گهر جي اوٽي يا لوڙهي جي پرويٽ ۾ ۽ اونهاري جو گهرن جي ڀرسان ٻاهر ڪنهن کلئي هوادار ميدان تي جهيڪي (وِهاري) ڇڏيندا آهن، جنهن کي جهوڪ چون.

”جهِڄان پَسِي جهوڪَ آيل سنگهارن جي“.

-(شاهه)

اتي آسپاس گهرن جا پنج – ست يا وڌيڪ اُٺ گڏجي ويهاريندا آهن. ان وقت اُٺن کي سَنگهر ڏيئي ڇڏيندا آهن، جيئن بعضي ڪو چور ڪاهي نه وڃي.

نور: هي به لوهه جو ٿيندو آهي. هن ۾ فقط ٻنهي پيرن کي قابو ڪرڻ لاءِ لوهه جو چِپٿرو وريل پتو ٿيندو آهي، ۽ وچ ۾ ڪَڙيون هونديون آهن، جي پيرن ۾ وجهي هڪ پاسي ڪلف ڏيئي ڇڏيندا آهن. ڪُنجي پاڻ وٽ قابو رکندا آهن. ڀَلن گهوڙن کي چوريءَ جي ڊپ جي ڪري سنگهر ڏيندا آهن جنهن کي ”نور“ چوندا آهن.

ڏاڻ: ڪي ماڻهو رواجي حالتن ۾ ۽ سياڻن اُٺن کي سنگهر جي بدران ڏاڻ ڏيئي ڇڏيندا آهن. هي رڱيل کل جي ڪَشن، ناريل جي تاندورن واري رسِي، يا کُهري مُڃ يا اَڪَواري مان وَٽي ٺاهيندا آهن. چم جو ڏاڻ وڌيڪ جٽاءُ ڪندو آهي.

”ڏاڻ وجهي ڏاگهن کي، وَنگُيءَ نه تنهن ويرا“

هڪ پاسي ڪڙو ٺاهي ٻئي پاسي ڇيهه ۾ ڪاٺيءَ جو ٽڪر گهڙي وجهندا آهن، جنهن کي ”اُڙِلِي“ چون. وچ ۾ وراڪا ڏيئي، ٻنهي پيرن کي قابو ڪري اَڙلي ڪَڙيءَ ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. سنگهر جي ڪري پيرن ۾ گاٺا پئجي ويندا آهن، بعضي رت به نڪري پوندو آهي. مگر ڏاڻ جي ڪري اها تڪيلف ڪانه ٿيندي آهي. ڪي ماڻهو جهنگ ۾ هلندي کِپَ يا سِڻ پٽي ان مان نوڙي وٽي ان جو ڏاڻ ڏيئي ڇڏيندا اهن. اهو جٽاءُ ٿورا ڏينهن ڪندو آهي ته به بنا خرچ آهي. فقط وَٽڻ جي هلاکي ڪرڻي پوندي آهي. ٽُٽڻ تي ٻيو تار ڪري وٺبو آهي.

رواجي حالتن ۾ اُٺن کي سنگهر، نورَ ۽ ڏاڻ ڪونه ڏين ۽ ائين ئي ڇوڙي ڇڏين. ان کي ”اوڙائون“ چون ۽ اڻ ڏنل کي ”ڏانيل“، سگنهر ڏنل کي ”سگنهريل“ چون.

پَڪِرانسَ: هي چم جي ڪشن، ناريل جي نوڙين، اَڪَواري، کِپَ يا سِڻَ جي نورين مان وٽي ٺاهيندا آهن. هي گڏهن کي ڏيندا آهن. نوڙين جي ٻنهي ڇيڙن ۾ ناڪا ٺاهي، وراڪو ڏيئي سرڪڻا ڦندڻ جي نموني ڪندا آهن، جن کي ٿورو کولي، ان ۾ پير وجهي زور ڏبو ته ڦَندڻ سُسي پوندو ۽ پير قابو پيو هوندو. ڦندڻ جو هڪ ڇيڙو اڳيئن پير ۾، ۽ ٻيو ڇيڙو پوئين پير ۾ قابو ڪندا آهن.

ٿر ۾ سياري، اونهاري غريب ماڻهو مزدوريءَ تي سِرون ۽ مٽي ڍوئڻ جو ڌنڌو، کوهن مان پاڻي ڀرڻ لاءِ جنترا (جنڊا) کڻڻ، جهنگ مان ڪاٺين جا جنڊا آڻڻ لاءِ گڏهه ڪم آڻيندا اهن. کوهن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ گڏهن کي پاڃاريءَ ۾ جوٽي انهن سان ڪوس ڇِڪي ڪڍندا اهن، تنهنڪري انهن کي هٿ وَسو رکڻ لاءِ وسڪاري جو ڏينهن جو هر ۾ وهائي، رات جو ڇوڙي اچڻ وقت، ٻنين ۾ آبادي ٿيڻ بعد ڀيل جي بچاءُ لاءِ گڏهن کي پڪرانس ڏيئي ڇڏيندا آهن، جيئن مهل سر ڪم جي وقت ترت ڳولي هٿ ڪري سگهجي، ۽ جهلڻ ۾ به سهوليت ٿئي. ڇو ته ڇوٽ ڇڏيل گڏهه يڪدم جهلڻ نه ڏيندو آهي، خاص ڪري وسڪاري جو، جڏهن سائو گاهه کائي متارو ٿيندو آهي.

جنهن ماڻهوءَ وٽ ٿورا گڏهه هوندا آهن ته هرهڪ کي جدا پڪرانس ڏيندو آهي. پر جي ڪنهن وٽ گهڻا گڏهه هوندا اهن ته پڪرانس جو هڪڙو ڇيڙو هڪڙي گڏهه جي اڳئين پيرن ۾ ۽ ٻيو ڇيڙو ٻئي گڏهه جي اڳئين پير ۾ وجهي ڇڏبو آهي. انهي کي ”سلهاڙَ“ چئبو آهي. ان حالت ۾ چئبو آهي ته گڏهه ”سَلهاڙيل“ آهن.

وسڪاري جو بعضي گهوڙن کي به پڪرانس ڏيئي جهنگ ۾ ڇڏي ڏيندا آهن، جيئن پنهنجي منهن گاهه چَري ڍؤ ڪن.

کهري پڪرانس سان اڪثر پير وڍجي پوندا آهن تنهنڪري ان جي ڇيڙن ۾ چم جون پوڙيون وجهرائيندا آهن. چمڙو نرم آهي جنهنڪري پيرن جو بچاءُ ٿيندو آهي. گهڻو ڪري گهوڙن لاءِ اهڙي قسم جو پڪرانس ڪم آڻبو آهي.

ڊُٻِڪِي: بعضي گڏهن کي اڳين ٻنهي پيرن ۾ سوڙهو رسيءَ سان ٻڌبو آهي، جنهن کي ”ڊُٻڪي“ چئبو آهي. ائين ڪرڻ سان وهٽ تڪڙو هلي نه سگهندو آهي ۽ تمام آهستي هلي پيو چَرندو آهي، جنهنڪري ڳولي لهڻ ۾ وڌيڪ سهوليت ٿيندي آهي. ڇو ته جتي جهنگ ۾ ڇڏي اچبو، اتان گهڻو پنڌ هلي ڪونه سگهندو ۽ ڀرپاسي ويجهڙائيءَ ۾ لڀي پوندو آهي.

جُوڙ: اُٺ کي اڳين پيرن ۾ سوڙهو ٻڌبو آهي ته اُن کي ”جُوڙَ“ چوندا آهن. ائين ڪرڻ سان اُٺ تڪڙو هلي ڪونه سگهندو ۽ آهستي آهستي هلي چَري سگهندو آهي. اُن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۾ تڪليف ڪانه ٿيندي آهي.

پِينگهي: سانڍَ جڏهن ويامندي آهي تڏهن ننڍڙي ڦر کي جهنگ ۾ جتي جهوڪ هوندي آهي، اُتي ٻڌي ڇڏبو آهي ۽ ڏاڍي ان جي آسپاس پيئي چرندي آهي. صفا آزاد ڦر هوندو ته ماءُ سان گڏ جهنگ ۾ پري نڪري ويندو، تنهنڪري ڦر جي پير ۾ رسيءَ جو هڪ ڇيڙو ٻڌي ٻئي ڇيڙي ۾ فوٽ کن مضبوط ڪاٺيءَ جو ٽڪر وچ ۾ اٽڪائي ڏيڍ فوٽ کن زمين ۾ سوڙهو ڏرو (کڏ) کڻي اُن ۾ ڪاٺي اٽڪائي پوري ڇڏبي آهي جيئن ڇڪڻ سان ٻاهر نڪري نه سگهي. ان کي ”پينگهِي“ چئبو آهي.

 

مال جو بچاءُ

هونئن ته ٿر ۾ چوريءَ جو ڊپ گهٽ آهي پر ڪا مهل نه ڪهڙي، ان حالت ۾ رات جو اُٺ کي سنگهر ڏيئي جهوڪ ۾ ويهاري مالڪ کٽولو کڻي وڃي ڀر ۾ سمهندا آهن. جي ڪو ڌاريو ماڻهو آيو ته اُٺ يڪدم مالڪ کي سجاڳ ڪندا.

رڍن ۽ ٻڪرين جي واڙ کي به مضبوط کڙاهه ڏيئي ٻڪرار رات جو ويجهڙ ۾ سمهندا اهن ۽ بعضي پاليل ڪتاب به رکندا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن سنڌ کان بگهڙ به ايندا آهن، پر اهڙا موقعا ورلي ٿيندا آهن. بگهڙ آهي رڍن ۽ ٻڪرين جو دشمن، دو وجهه لڳڻ تي واڙ مان يا جهنگ مان ڪنهن رڍ يا ٻڪريءَ کي ماري ڇڏيندو آهي، تنهنڪري ڏينهن جو جهنگ ۾ بگهڙ يا اُن جي پير ڏسڻ ۾ آيو ته يڪدم ڳوٺ مان پنج – ست ڄڻا گڏجي ڪُتا ساڻ ڪري، ڪهاڙيون ۽ گهوٻاٽا کڻي پيرو کڻي پٺيان لڳندا. جتي به هٿ اچي ويو ته ختم ڪري ڇڏيندا. نه ته به اهائي ڪوشش هلي ايندي، تان جو يا ته بگهڙ ٻئي پاسي ڀڄي وڃي يا اُن کي ماري ختم ڪن.

ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڪتو به رڍ يا ٻڪري ماري وجهندو آهي. ان کي ”گوڏوُ“ ڪُتو چئبو آهي، تنهنڪري اُن کي ڳولي جهلي ڳچيءَ ۾ ”گِٽَ“ ٻڌي ڇڏين. جيئن مال کي ماري نه سگهي يا کيس ماري پورو ڪن.

 

ڪُتن ۾ گِٽ ٻڌڻ

ڪي ڪتا ڪڏهن ڪڏهن رڍون ۽ ٻڪريون ماريندا آهن. جي جهنگ ۾ وجهه لڳو ته اُتي ماريندا يا رات جو واڙ ۾ ٽپي پوندا ۽ پهرُو ماري وجهندا آهن. ائين جي ڪو ڪتو هري ويو ته پوءِ وقت بوقت نقصان ڪندو رهندو. تڏهن چوندا آهن ته هن ڪتي رت چکيو آهي سو ڪونه رهندو. اهڙي ڪتي کي بعضي بندوق سان به ماري ڇڏيندا آهن. يا ٻه – ٽي ٻڪرار ۽ ڌنار گڏجي. گهوٻاٽا، ڌُڪا ۽ ڪهاڙين کڻي ڪتي جي ڇٺيان ڪاهي پوندا، جتي وجهه لڳو اُتي ڌڪ هڻي ماري ڇڏيندا آهن. ڪي ماڻهو وري ماريندا ڪونه آهي، پر اهڙِ ڪتي کي جهلي، ڪاٺ جو ٿلهو بُنڊ اٽڪل ڏيڍ – ٻه فوٽ کن ڊگهو ۽ ٿلهو، جنهن جو وزن ڏهه – پندرهن کن سير هجي، ان جي هڪ ڇيڙي ۾ ٽنگ ڪري رسو يا لوهه جي سنهي شيخ وجهي ڪُتي جي ڳچيءَ ۾ مضبوط ٻڌي ڇڏيندا آهن. انهيءَ بار جي ڪري ڪتو ڊوڙ پائي ڪنهن پهرُو کي ماري ڪونه سگهندو. آهستي آهستي هلي سگهندو ۽ پاڻ به نه مرندو، انهيءَ کي ”گِٽ“ چوندا آهن.

 

ڌنار جو ڏينهن

جيڪو ٻڪريون چاري تنهن کي ٻڪرار، ٻڪرين کي پَهُون به چون تنهنڪري ان کي پنهوار به چون. ڳئون چاري تنهن کي ڳنوار، اُٺيون چاري تنهن کي اوٺار، رڍون چاري تنهن کي ريڍار، مينهون چاري تنهن کي ميهار چئبو آهي. مگر عام طرح کير ڏيندڙ انهيءَ سڄي مال کي ڌڻ چئبو آهي. تنهنڪري ان جي چاريندڙ کڱي ڌنار چئبو آهي.

برساتي موسم ۾ ڍڳيون ۽ مينهون اسر جو پهرائين، وري ٿورو ڏينهن چضٽِڪو چڙهي (اٽڪل اٺين بجي ڌاري) ته واپس وٿاڻ تي آڻين. ڏهائي ٿيڻ بعد پاڻي پياري جهنگ ڏي پهرائين، وري شام جو آڻين ۽ ڏهائي ڪن. سيارو اونهارو صبح جو هڪ ويلو ڏُهي جهنگ ڏي روانيون ڪن. ماڻهو ڪونه وڃي، ٻئي صبح جو پاڻهي موٽيو اچن. مينهون ٿر ۾ بلڪل ٿوريون آهن.

ڌنار صبح جو ماني کائي، باقي ٽُڪر پلاند سان ٻڌي، سانداري پاڻيءَ سان ڀري ڪُلهي ۾ وجهي لٺ يا ڪهاڙي کڻي مال سان روانا ٿين. جتي بک يا اُڃ لڳي، اتي ٽُڪر کائي، سانداريءَ جو منهن ڇوڙي ڏٻي (ٻُڪ) يا چِروُن (هڪ هٿ) سان پاڻي پي، سانداريءَ جو منهن ٻڌي ڇڏين.

جهنگ ۾ مال اوسي پاسي پيو چرندو آهي. پاڻ وري (جي ٻه – ٽي چڻا هوندا ته) هڪ هنڌ گڏجي ڪانه ڪا وندر ڪندا اهن. سانداري ڪنهن وٽ جي کُت (اِنگهه) ۾ تنگي ڇڏيندا. جي صبح يا شام ٿڌ جو پَهر هوندو ته ڏڙو راند، مَلهه وڙهڻ، چيڪلو يا پينگهه ۾ لُڏندا. (نوڙيون وٽي ڪنهن وڻ ۾ پينگهه ٻڌندا آهن) جي ڏينهن تتل هوندو ته ڪنهن وڻ هيٺان ويهي پاوا، بنسري ي اچنگ وڄائيندا يا چَلَهَر، نوکُڻي، يا شينهن – ٻڪري راند ڪندا. جي تماڪ جا ٻنڌاڻي هوندا ته سُلڦي چاڙهيندا، جي باڪس وسري ويو هوندو يا ختم ٿي ويو هوندو ته ٻه ڪاٺيون وٺي آگيو ڪندا، جنهن مان باهه پيدا ڪري سُلڦي دکائيندا. مڙيئي ڏينهن ٿيو کُٽائڻو. ڪي وري تترن جا ننڍا ٻڍا واليندا آهن، سي پڃرو پاڻ سان کڻي ويندا. اُڏوهي ڳولي ٻچن کي کارائيندا. وڏو تتر هوندو ته دام به کڻي ويندا ۽ بيا تتر ڦاسائيندا

ڌار ڌار موسمن ۾ جهنگ ۾ ڏُٿ ٿيندو آهي، سياري جو ٻير چونڊيندا، بهار ۾ کنؤر ۽ گُگر گڏ ڪندا، ڦوڳيسي پٽي آڻيندا، آڙهر ۾ سِڱر لاهيندا، پيرون چونڊيدا. نه رڳو پاڻ کائين پر شام جو گهر کڻي ايندا. وَسڪاري جي شروعات ۾ گانگهيٽا، پِپُون، کنڀيون ۽ ڪُونڍير کڻي ايندا، جي گهر جي ننڍن ٻارن ڀيرن ۽ ڀائرن کي ڏيندا آهن، جي ڏاڍا خوش ٿيندا آهن. پوءِ ٿوري وقت بعد ويجهين ٻنين مان چڀڙ، گدرا، ڪارينگ (هنداڻا) ۽ چِڀڙيون پاڻ به کائيندا ۽ شام جو گهر به کني ايندا. ائين نه رڳو وندر آهي، پر مال جو چارو، ٻارن جو ڌُتو، ۽ وڏن جي چَهر ۽ ڪجهه اُپراسو به ٿيو پوي. ”ايڪ پَنٿ دو ڪاج.“

ڏينهن جو جهنگ ۾ گهمندي ڪٿان ڪُهاڙي يا ڪوڏر جي بانسي (ڳن) جهڙي، گهر ۾ ڪتي ٻلي هڪلڻ جهڙي يا هٿ ۾ کڻڻ جهڙي، جاءِ جي پَٽي جهڙي، چونري جي ڪائيي يا مَنڏهيڙي جي آڏوري جهڙي، نيهَڙي يا لوڙهي جي دروازي تي کوڻ جهڙي يا ٿوڻي جهڙي ڪاٺي، مطلب ته ڪانه ڪا گهر ۾ ڪم اچڻ جهڙي ڪاٺي آڻيندا. نه ته به ٻارڻ لاءِ ڪاٺين جي ڀَري مٿي تي کنيو ايندا. مطلب ته جو ماڻهو گهر لاڳو هوندو هو هٿين خالي ڪونه موٽندو.

 

مال جي سڃاڻپ

ٿر جي ماڻهو وٽ چوپايو مال ججهو آهي. ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جي گذران جو وڏو وسيلو چوپائي مال تي آهي. مال ڪڏهن رُلي وڃي، يا ورائجي وڃي ته ان حالت ۾ سولائيءَ سان سڃاڻپ ۾ اچي، يا ڳولا ڪرڻ جي حالت ۾ وَڙول ڏيڻ ۾ سهولت ٿئي، انڪري مال تي داغ لڳائي ڇڏيندا آهن. داغ لاءِ لوهه جا نشان ٺهيل آهن، جي باهه ۾ گرم ڪري مال جي پِينڊَن، پاسن، دَم، ڳچي، ٻاهُو ۽ ڳلن تي هڻي ڇڏيندا آهن. ٻنجن – ستن ڏينهن کان پوءِ مٿان سريل کل لهي ويندي آهي ۽ بدن تي ڪارو نشان ظاهر ٿي بيهندو آهي، جو مرڻ تائين قائم هوندو آهي. داغ سڀ ڪنهن ذات يا فرقي کي پنهنجو مقرر ٿيل هوندو آهي. مالدار ماڻهو هڪٻئي جا داغ سڃاڻندا آهن. پو3 جي مال رُلي ويو يا چوري ٿي ويو ته انهيءَ داغ جي آڌار تي مال ڳولڻ ۾ سهولت ٿيندي آهي. پار پَتا ٻڌائي وڙول ڏيڻ تي ڪٿي نه ڪٿي ڏس ملي پوندو آهي.

بعضي ته مال رُلي وڃي ته ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ ۾ کوهه تي پاڻي پيئڻ لاءِ ضرور ويندو، ڇو ته ٿر ۾ کوهن کان سواءِ ٻيو ڪٿي پاڻي ڪونه آهي. اُتي مالدار داغن جي نشانن ڏسڻ سان سڌروکا ماڻهو سهي ڪري وٺندا آهن ته هي مال فلاڻي ڳوٺ يا فلاڻي ذات وارن يا فلاڻي ڏس (طرف) جو آهي. ڪن حالتن ۾ ته ڪي ماڻگهو اهڙو مال ڳوٺ جي پٽيل، يونين ڪائونسل جي چيئرمن يا پوليس کي ڄاڻ ڪري پاڻ وٽ روڪي رکندا اهن، ۽ مالڪ اچڻ تي موٽائي ڏيندا آهن.

داغن جا ڪئين نمونا آهن، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:

        1- هميراڻو داغ، ان جا چار قسم آهن:

        1- گول جي چوڌاري ٽي ڦنگڙيُون.

        2- گول جي چوڌاري چار ڦنگڙيون.

        3- گول جي چوڌاري پنج ڦنگڙيون.

        4- ٻٽو هميراڻو داغ.

اهي داغ سوڍا راجپوت پنهنجين ڍڳين ۽ اوٺي مال کي ڏيندا آهن.

        2- ڪُنَرَ، هي گول داغ آهي، هن جا ٻه قسم آهن

        1- ننڍو ڪُنر.

        2- وڏو ڪُنر.

        3- آٽيرڻ داغ، انگريزي ”آءِ“ حرف وانگر، هي گيهيلڙا ٺڪرن جو داغ آهي.

        4- ڪٺاري داغ، انگريزي A حرف وانگر پر ڇپڙيون ٻئي وريل.، هي برهمڻ جو داغ آهي.

        5- مَنچي داغ، کت وانگر، هي ڪيهلڻ ٺڪرن جو داغ آهي.

        6- ترشُول داغ، هي وَرَن ۽ جاگا ٺڪرن جو داغ آهي.

        7- گيڏيو داغ، وريل لڪڻ وانگر (لٺ کي ڍاٽڪيءَ ۾ گيڏي ۽ لڪڻ کي گيڏيو چئبو آهي،) هي سيلوت ٺڪرن جو داغ آهي.

        8- اَرلَ داغ، سنئين ليڪ وانگر، هي ڏوهٽ ٺڪرن جو داغ آهي.

        9- پَرڙوٽيو داغ، بلا وانگر ورن وڪڙن وارو (بلاکي ڍاٽڪيءَ ۾ پرڙ ۽ ٻچي کي پرڙوٽيو چئبو آهي). هي کاوڙيا ٺڪرن جو داغ آهي.

        10- پنچاري داغ، پاڃاريءَ وانگر، هي مالهين جو داغ آهي.

        11- رائڪو داغ، هي ڀاٽي راجپوتن جو داغ آهي.

        12- پاگوڙو داغ، دُئال وانگر، هي ڏوهٽ ٺڪرن جو داغ آهي.

        13- رندڪو داغ، ابتي اِي وانگر، هي رند بلوچن جو داغ آهي.

        14- گنو داغ، هي سيدن، جوڻيجن ۽ نهڙين جو داغ آهي.

        15- ڪَرو داغ، هي داغ اڪثر مسلمان پنهنجي مال کي هڻندا آهن.

        16- کنبو ڪُنري وارو داغ، هي درس مسلمانن جو داغ آهي.

        17- ڪئنچي داغ، هي داغ به ڪيترا ماڻهو پنهنجي مال کي هڻندا آهن.

مال جي سڃاڻپ لاءِ نه رڳو داغ آهن، پر ڪَنن ۾ به گهڻن نمونن جا نشان ڪندا آهن، جيئن ته ڪَنَ ۾ چَهَڪَ ڏيندا ته ان کي ”جهير“ چون. ٿورو پاسي کان ٽڪر ڪپي ڇڏيندا ته ان کي ”کڏو“ چوندا. ڪن جن چُهنب ڪپيندا ته ان کي ”ٽِسِي وڍيل“ (ڇيڙو ڪپيل) چوندا. اهي به سڃاڻپ لاءِ نشان آهن. ازان سواءِ رنگ، سڱ ۽ پُڇ به سڃاڻپ ۾ مدد ڪندا آهن، جيئن ته ڪن جا سڱ وڏا، ڪن جا ننڍا، ڪي نوڪدار، ڪي سڌا، ڪي وَريل، اهڙِءَ طرح پڇ به ڪن جو وڏو، ڪن جو ننڍو، ڪن جو ڇُڳي سان، ڪن جو کٽٿَل، ڪن جو بنا ڇڳي، جنهن کي ”ٻانڍو“ چون.

مال جا پار هينئن ڏيندا آهن:

هڪ ڍڳي رنگ جي سائي، ساڱ وريل، ڪنڌ تي ڪُنر، پاسي تي پِتي جو ڏنڀ، پڇ ٻانڊورو، يعني ڇوٽو ۽ کٿل وغيره.

ٻي وَهڙي ٽن سالن جي، مُٺ مُٺ سڱ، رنگ جي تيِلي (ڪاري)، کاٻي پينڊي تي ڇاڃاري داغ ۽ ساڄي ڪَن ۾ کُڏو وغيره.

ڳائيءَ، اوٺي مال ۽ گڏهن کي داغ هڻن، پر رڍن ۽ ٻڪرين کي داغ ڪونه هڻن. انهن جي ڪَنن جي بناوت ۽ انهن ۾ ڪيل نشآنن ۽ رنگ تي سڃاڻپ ٿئي، جيئن ته ڪَنن ۾ جِهيرون وجهن، کُڏا ڪَنَ ۽ ڪنن جو ٽِسِيُون وڍين، پوءِ مال تي رنگن ۽ مٿئين نشانن موجب پارپتا مقرر ڪن.

ٻڪري جا ڪن ڊگها هوندا ته ”لَپِڙي“ چون، جي ڊگها ۽ ٿورا وريل ته ”گيڏيا ڪَنِي“ (يعني وريل لڪڻ وانگر) چون. جي ننڍا ڪن ته ”ٻُسِي“ يا ”ٻُسِڪي“ چون. جي کڙا ڪن ته ”هرڻي“، ٿورا وَڍيِلَ ڪن ته ”ٻُٽِڪِي“، سنهڙا ڪن ته ”چِيڙي“، ننڍڙو سنهڙو ٻُوٿ ته ”چُسِڪِي“ ۽ رنگن موجب جي صفا ڪاري ته ”ڀِرَنگ ڪاري“ چون، مٿي ۽ ڳلن تي اڇا ٽِڪا ته ”ٻولهائي“ چون، مٿي ۾ ٽِڪو ته ”ٽِڪِرِي“، بدن تي اَڇا پَٽا ته ”جَهِري“، بدن تي اَڇا اَڇا ٽِڪا ته ”ڪَٻِري“ چون، ٻُوٿ ڪارسرو ۽ ڳاڙهاڻ مائل ته ”چائوري“، بدن تي اَڇا پَٽا ته ”پَٽوِري“ وغيره چون.

ازان سواءِ مال جو پير به سڃاڻن، جنهنڪري مال جي رُلي وڃڻ يا چوري ٿيڻ جي حالت ۾ پيرو کڻي مٿئين موجب پارپَتا ڏيئي هٿ ڪيو وٺن. مال جي ڳولا ۾ جيڪو ماڻهو نڪري ان کي ”ناسيٽُو“ چون.

 

مال جي چوري

ٿر ۾ مال ڇُڙيو پيو گهمي، ڌنار ساڻ ڪونه هجي. جيتوڻيڪ سنڌ جهڙي چوري جي مصيبت ڪانهي، تڏهن به کُٽڪو ضرور. اُٺ صبح جو جهنگ ڏي ڇوڙي ڇڏين، شام جو وڃي ڳولي وٺي اچن يا اتفاقاً نه لڀڻ جي حالت ۾ ٻئي ڏينهن صبح جو وڃي ڳولي هٿ ڪن. رات جو پنهنجي گهر ۾ يا ڀرسان، اڳين پيرن ۾ سنگهر ڏيئي، ڪلف لڳائي، اڪيلو يا پاڙي وارن جي اُٺنس ان گڏ وهاري ڇڏين. ڪي مالڪ پنهنجو کٽولو کڻي وڃي جهوڪ تي سمهن.

چور ڪڏهن جهنگ مان، بعضي رات جو گهرن يا جهوڪ مان اُٺ اٿاري ويندا آهن. ڪنجين جا ڇڳا ساڻ هوندا اٿن جن مان ڪلف کولي، يا ڏاڻ ڏنل هوندو ته اُهو لاهي، ڪاهي ويندا. سنهگر يا ڏاڻ اتيئي ڦٽو ڪندا، اهو ساڻ کڻي وڃڻ نڀاڳو سمجهن. سياري جو چوري گهٽ ٿئي ڇو ته ٿر ۾ پير ظاهر پيو هوندو جنهنڪري مٿان ڀاڳيا پهچي نه وڃن. چوري اڪثر اونهاري جو ٿيندي آهي، ڇو ته ان وقت هوائون لڳنديون آهن، جنهنڪري پيرو ڊهي ويندو آهي. اهو وڏو بچاءُ اهي. ٿري پيري کڻڻ جا ماهر آهن، سي اڳيان يا اوسي پاسي اوهاڙون ڏيئي ڪٿان نه ڪٿان پيرو هٿ ڪندا اهن. ڪن حالتن ۾ نه به لڀندو آهي، پوءِ ڳوٺ جا ماڻهو گڏجي تَهَ تَههَ وُهراڙو ڪن. ڪنهن سکر کي به ساڻ کڻن، پنهنجي وسان ڪونه گهٽائين. ڳولا سان هٿ اچيو وڃي يا کُري (ڀُنگ) ڏيئي ورائين، بعضي هٿ نه به اچي.

ڍڳين جي چوري مَٺي ٿئي. خاص ڪري جڏهن برسات پوندي آهي، تڏهن يڪي سڄي ٿر ۾ ڪانه پوي. ڪٿي گهٽ، ڪٿي وڍ، ته ڪٿي اصل ڪانه پوي. ان وقت جتي اڳ ۾ برسات پوي. اتي سائي گاهه جي ”لُونکاڙ“ ٿئي، پوءِ اوسي پاسي وارا اُتي پنهنجو مال ڪاهي اچن ۽ ڪيترو مال ازخود انهي لونکاڙ تي ڀڄيو اچي. چوندا آهن ته مال کي لونکاڙ جي خوشبوءِ ٿي اچي. پوءِ ڏسندا آهن ته رولُو مال پيو گهمي، ٻه چار ڏينهن مالڪ ڪونهي ته وجهه وٺي اوسي پاسي ڪنهن پنهنجي سينڌ واري وٽ پاسيرو ڪري ڇڏيندا، ته متان ڪو مالڪ جاڳي پوي، ۽ اهڙي ”ڏُکڻي ڌُر“ هجي جنهن کان پوءِ به ڇُٽي نه سگهجي، ۽ ”لوٽي کان اُٻنگ ھرو ٿي پوي“ يا ڪنهن ڏاڍي جو مال هجي، انهيءَ ڪري مهينو اڌ ترسندا آهن، ان بعد ڪنهن پاسي روانو ڪري ڇڏيندا آهن. چورن جون پاڻ ۾ ٺيٽُون ٺهيون پيون آهن، وقتي ڪن تَر جي ماڻهن جو به ڀيڙ هوندو آهي.

رڍن، ٻڪرين ۽ گڏهن جي چوري به اهڙيءَ طرح ٿئي، پر گهٽ بعضي ڪٿي ڪٿي ٻه – چار سنگتي گڏجي ڪنهن جو ڇيلو يا گهيٽو کڻي راتو ڌو کائي کپائي ڇڏين. اهڙيءَ طرح کائڻ کي ”نِڪَٽ“ چون.

 

ڪتا پالڻ

ٿر جا مالدار ماڻهو ٻهراڙين ۾ رهن ٿا، جتي سندن گذران کيتي ۽ چوپائي مال تي آهي. چوپائي مال جي چوري به ٿيندي آهي. بعضي جهنگلي جانورن بگهڙ (ڪڏهن ڪڏهن ٻين هنڌان ايندا آهن) يا ڪتن جو ڊپ به رهندو آهي، انهن جي بچاءُ لاءِ ماڻهو ڪتا پاليندا آهن، جي گهر ۽ مال جا پهريدار آهن. ڪو چور آيو ته باهوڙ سان ڪتا مالڪ کي سجاڳ ڪندا بلڪ چور سان به وڙهندا. جتي ڪتو هوندو اُتي هروڀرو چور جي به دل ڪانه ٿيندي جو ڪاهي وڃي، جنهنڪري ڪتن جي ڊپ ڪري چوري جو گهٽ امڪان آهي. ڪي ته اهڙا خطرناڪ ڪتا آهن جو چور يا ڌارئي ماڻهوءَ جي اوڏاهون وڃڻ تي دل ئي ڪانه ٿيندي.

ماڻهو ڪَچن گهرن ۾ ڀونگن ۾ بنا ڪلف جي آرم سان رهندا آهن، ڪتو نگهبان ٿيو ويٺو هوندو آهي. ڪي ڪتا اهڙا خوفناڪ هوندا آهن جن کي مالڪ رات جو سنگهر ڳچيءَ ۾ وجهي ٻڌي ڇڏيندا آهن، ڇو ته متان ڪو مسافر اچي ۽ کيس ڦٽي نه وجهن. ڌارئي جي اچڻ تي انهن جي باهوڙ مالڪ کي سجاڳ ڪندي آهي. ڪيترا مالدار رات جو مال وٽ سمهندا آهن ته پاڻ وٽ ڪتو به رکندا آهن. اوڍاري اُٺن وٽ سمهندا آهن ته ڪتو ڀرسان جهوڪ تي ويٺو هوندو. ڪي ماڻهو وري شڪار لاءِ ڪتا پاليندا آهن. ڀيل ۽ ڪولهي ڪُتن سان سَهي ۽ لوڪڙ جو شڪار ڪندا آهن. گهايڙ هرڻ جي پٺيان ڪتو ڇڏبو ته يڪدم جهلي وٺندو.

 

پاگِي يا پيري

اڳ ۾ عرض ڪري آيو آهيان ته ٿر ۾ چوري بلڪل گهٽ آهي، ان جو وڏو سبب هي آهي جو هتي جي زمين وارياسي آهي، جنهنڪري جانور خواهه ماڻهوءَ جي پير جو نشان چٽو پيو هوندو آهي. اهو نشان جيستائين هوا نه ڊاهي تيستائين چٽو بيٺو رهي. البت اونهاري جو جڏهن هوا زور سان لڳندي آهي تڏهن نشان ترت ڊهيو وڃي. باقي سياري جو ڪا اهڙي هوا نه هوندي آهي، تڏهن نشان مهينو – ٻه به بيٺو هوندو آهي.

ٿر ۾ ٻيلا يا گهاٽو جهنگ ڪونه آهي جتي چورن کي پنهنجو سِر يا مال لڪائڻ جو وجهه ملي. جيڪا وري ڪن، سا راتو ڌو ڍورو اُڪارين. جي ڏينهن ٿي ويو ته پڪڙجڻ جو وڏو خطرو آهي، ڇو ته ٿري ماڻهن جي اها عادت آهي ته ڪوبه ڌاريو ماڻهو ڳوٺ ۾ آيو يا گس پن هلندي گڏيو ته ان کان بلڪل گهڻي پُڇ پُڇ ڪندا. ڪير آهين؟... ڪٿي جو آهين؟... ڪيڏانهن ٿو وڃين؟... ڪهڙي ڪم ٿو وڃين؟ رات ڪٿي هئين؟.... ڪٿان هليو آهين؟... وغيره ڪي ته اهڙا چوڪسي آهن جو ڌارئي ماڻهوءَ جي هلت چلت مان سهي ڪيو وٺن ته هي ماڻهو ”سينَرتُو“ نه آهي، تنهنڪري ڪيترا ائين شڪ ۾ جهلجيو پون.

ازان سواءِ ٿر ۾ اهڙا ته قابل پيري آهن، جي ماڻهو ۽ مال ته ڇڏيو پر پکين جا پير به سڃاڻي وٺن. هڪ دفعو ڪنهن ماڻهو، اُٺ، ڍڳي، گهوڙي، ڪتي وغيره جو پير ڏٺو ته سالن تائين اهو ياد رهندو. ماڻهو مالدار آهن، ڪڏهن مال رُلي يا اوٽِرجي ويندو آهي ته پير کڻي وڃي جتي هوندو آهي، اتان هٿ ڪندا اهن، سڀڪو مالدار ماڻهو پنهنجي مال جو پير سڃاڻندو آهي. ڪي ته اهڙا قابل آهن جو اُٺ جو پير ڏسڻ سان اهو به ٻڌائي سگهندا آهن ته اهو ڪهڙي پَٽ (ملڪ) جو اُٺ آهي. وهٽ جو رنگ به چئي ڏيندا آهن. ڪٿي ڪٿي واري بلڪل نرم هوندي آهي، جتي وهٽ پير رکندو ته اندر هليو ويندو ۽ جڏهن پير ٻاهر ڪڍندو ته پاسن واري واري ڍرڪِي ايندي، جنهنڪري چَٽي نشآن جي بدران فقط کڏ ڏسڻ ۾ ايندي اُن مان ائين ڪونه سمجهبو ته هي پير فلاڻي جانور جو آهي، پر پيري اهو يڪدم سڃاڻي وٺندا آهن.

اونهاري ۾ مال جو پير ڀٽن ۽ ميدانن تي هوا ڊاهيو ڇڏي. تڏهن ڇا ڪندا آهن جو پري پري کان پٽن جي اوٽ ۾ اهڙا هنڌ جتي واءُ جو اثر گهٽ هوندو آهي، اتان اوهاڙ ڏيئي پير سڃاڻندا آهن ۽ پوءِ اتان مال جي هلڻ جي رخ جي اوٽ تي اڳتي به ڀٽن جي اوٽ ۾ اوهاڙون ڏيندا مال جي وڃڻ جو طرف معلوم ڪندا. اهڙيءَ طرح پير کڻندا، ڏَس پڇائيندا، نيٺ وڃي هٿ ڪندا. ٿوري گَپ چِڪ هوندي ته ان مان به پير سهي ڪري وٺندا آهن. اُٺ، ماڻهو، ڍڳي، مينهن جو پير ته هرڪو مالدار سڃاڻي، پر ڪي پنهنجين رڍن، ٻڪرين، ڇيلن، گڏهن وغيره جو به پير سڃاڻن.

ماڻهوءَ جو پير هڪ دفعو ڏٺل هوندو، پوءِ جي اهو ماڻهو ڌار ڌار جُتيون پائي ڪيترن به ماڻهن سان گڏ هلي ته به ان جو پير سڃاڻي وٺندا. ڪيترا دفعا چوريءَ جي حالت ۾ پوليس ڀاڳين کان اهڙي ڀيٽ ڪرائيندي آهي، مگر پيري ڪڏهن به ڀُليا نه آهن.

ٿر ۾ گدڙ، بگهڙ وغيره ڪونه آهن، مگر ڪڏهن ڪڏهن سنڌ مان ڪو ايڪڙ بيڪڙ اچي نڪرندو آهي ۽ رڍن ٻڪرين جو نقصان ڪندو آهي، ته يڪدم ٻه – چار چڻا سنڀري ڪهاڙيون، گهوٻاٽا ۽ روڙها کڻي روانا ٿيندا. پير کڻي اُن کي هٿ ڪري ماري نه ايندا، ٿيستائين اصل جند نه ڇڏيندا.

شڪار ڪرڻ وقت تلُور، سهي، تتر ۽ هرڻ جو پير کڻي وڃي هٿ ڪندا، يا گهايڙ ٿيڻ جي حالت ۾ ڀڄي وڃي ڪٿي وڻن ۾ لڪندا آهن ته پير کڻي ڳولي هٿ ڪري وٺندا آهن.

وسڪاري جو سڄي زمين گاهه سان سَٿي پيئي هوندي آهي ۽ وهٽ جو پير زمين تي ڪٿي به ظاهر نه هوندو آهي، اتي به پير سهي ڪري وٺندا آهن، جو وهٽ جي هلڻ جي ڪري گاهه مُڙيل ۽ آڏو ابتو ٿيل هوندو. پوءِ انهيءَ اوٽ ۽ سمجهه تي هليا هلندا. اڳيان ڪٿي صفا زمين ٽڪر آيو ته اتي وري نشان ظاهر هوندا ته وڌيڪ خاطري ٿيندي. اهڙيءَ طرح گاهه مان به پيرو کڻي وڃي وهٽ هٿ ڪندا. مطلب ته ٿريا پير کڻن جا ماهر آهن.

 

مال جو سودو

ٿري ماڻهو پنهنجي مال جو ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ۾ سودو به ڪندا آهن، خاص ڪري اٺن جي سودي ڪرڻ جي گهڻي عادت اٿن. اهي سودو ڇو ڪندا آهن، ان جا به ڪارڻ آهن. جيئن ته ڪنهن وهٽ ۾ ڪو ٿورو گهڻو عيب ٿي پيو، يا اَڀرو وهٽ هوندو ته پوءِ ڪجهه پئسا وڌيڪ ڏيئي سڀرو وٺن، يا ڪو غريب هوندو ۽ سڀرو وهٽ هوندو، ته ڀائيندو ته ان جي عيوض ڪو اَڀرو وٺان، ته چار ڏوڪڙ اُتر به ملندا، جنهن مان ٻچن جو گذر به ٿيندو ۽ وهٽ به ملي ويندو جنهن مان به ڪم پيو نڪرندو. يا ڪي ڪنهن وهٽ مان ڪڪ ٿي پوندا آهن ته ڀائيندا آهن ته اهو بدلائي ٻيو ڪو وٺان. ڪي اُٺ ويڙهو ٿيندا اهن، تنهنڪري مالڪ ڊپ جي ڪري به اهڙن اٺن جو سودو ڪندا آهن. يا ڪي اٺ پوڙها ٿي ويندا آهن ته سودو ڪري وري ننڍو ڪنواٽ وٺندا. پر ان جي عيوض ڪجهه ڏوڪڙ ڏيڻا پوندن. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي سبب ٿيندا آهن، جنهنڪري سودو ڪندا اهن. ڪن ماڻهن جي ته عادل ٿيندي آهي جو سدائين سودا ڪدنا وتند آهن. ڪوبه وهٽ چار ينهن رهيو ته وري مٽائي ٻيو وٺندا. پوءِ ڪڏهن چار ڏوڪڙ اتر وٺن ۽ ڪڏهن چار ڏوڪڙ ڏيڻا پون. انهن لاءِ چئبو آهي ته ”کُونٽي کي اُڏوهي لڳڻ ڏين ئي ڪونه.“

سودي مان ڪن کي فائدو ٿئي ته ڪن کي نقصان. چوندا آهن ته سودي جو ڪم آهي، جو ”ڪي رنج ڪي گنج“. ڪڏهن وهٽ جي بدران وهٽ ڏين ۽ وٺن، وڌيڪ ڪنهن کي به ڪجهه ڏيڻو وٺڻو ڪونه پوي، ان کي چون ”ڪَنو سٽ ڪَن“ يا اَٽي سامهون اٽو کارو نڪو کتو.“ ڪڏهن ڪي چار ڏوڪڙ وڌيڪ ڏين، انهن وڌيڪ ڏوڪڙن کي ”اُتر“ چون. تڏهن چوندا آهن ته ادا، وهٽ به ڏنم ۽ مٿان.... رپيا اتر ڏن. اُٺن جي سودي ۾ ڪڏهن اتر ۾ روڪڙا پئسا ڏين. بعضي بروقت روڪڙا پئسا نه هجن ته جيترا هجن اوتراڏين، باقي رکال (اوڌر) ڪن، اُن لاءِ مدو مقرر ڪن. پوءِ اعتبار وارو ماڻهو هوندو ته ان تي اعتبار به ڪندا نه ته ڪنهن معتبر کي ضامن وٺن. ان لاءِ چون ته فلاڻي وچان زبان ڪئي آهي وغيره. يا اُتر پئسن جي عيوض اوتري قيمت جو گابو، گڏهه، ٻڪريون وغيره ڏين. اهڙن موقعن تي ٻيا به ڪي اچيو گڏ ٿين. پوءِ ڪي هڪڙي پاسي، ۽ ڪي ٻئي پاسي پيا ڳالهائيندا ۽ ٻنهي کي ارڙ مُرڙ ڪري سودو ڪرائي ڏيندا. سودي بعد سڀڪو مالڪ پنهنجي مال مثلاً اُٺ هوندو ته مُهار، گهوڙو هوندو ته واڳ هٿ ۾ جهلي، ٻئي کي ڏيندو، جو وري پلاند جهليندو جنهن ۾ هو وجهندو، ۽ چوندو ادا، ”هاڻي خدا برڪت وجهندو.“ ته سامهون جواب ڏيندو ”الله آمين.“

اُٺن جا سودا عام طرح ٿيندا رهندا آهن، ڇو ته ٿر ۾ اٺ گهڻا آهن. گهوڙن جا سودا ڇڊا ٿيندا آهن، ڇو ته ٿر ۾ گهوڙا گهٽ آهن. ڪن هنڌن شهرن ۾ گهوڙن جي سودن لاءِ ڪي مڱڻهار دلال هوندا آهن، جي پنهنجي دلالي وٺي سودو ڪرائي ڏيندا آهن. باقي ٻئي مال جو سودو ڪو ورلي ٿيندو آهي.

سودي ڪرڻ بعد ٻيئي ڌريون ڏاڍي پڪائي ڪنديون آهن ته ادا، هن کان پوءِ ڪوبه ڦِري نه، جي ڦرندو ته اجايو ڏٺو ٿيندو، باقي سودو ڪونه واربو، پر انهيءَ هوندي به ڪڏهن ڪي ڏسندا آهن ته نقصان ۾ ويا آهيون ته ان حالت ۾ ڪي ته کڻي صبر ڪندا آهن، پر ڪي وري سودي وارن لاءِ ميڙ منٿ ڪندا آهن. پوءِ بعضي ته پاڻ ۾ ٺهيو وڃن، نه ته وري ڪنهن مٽ مائت، يا دوست، ڪنهن سکر مَٺي کان به چورائيندا ۽ ميڙ منٿ ڪرائيندا. پوءِ ڪي ماڻهو انهن کي عزت ڏيڻ خاطر سودو واري ڏين ۽ ڪي نه به واري ڏين. پر سودو ڪري وري وري جيڪو وارڻ لاءِ ڪوشش ڪري، ان جي وري چئن دوستن ۾ عزت ڪانه رهي ۽ وري مٿس اعتبار ڪونه ڪن.

 

ٻڪريون ۽ رڍون ڪترڻ

ٻڪريون سال ۾ هڪ دفعو سياري لهڻ بعد، جڏهن سيءُ گهٽجي ويندا آهن، تڏهن بهار جي موسم ۾ ڪتربيون آهن. ٻڪري جا وار کهرا آهن، جنهنڪري اُنهن جي ڀُرٽ يا ٻيو گند ڪونه هوندو آهي. ٻڪريءَ کي جهلي ڳچيءَ ۾ رسي وجهي کونٽي سان ٻڌي، يا فقط اڳيان ٻئي پير پاڻ ۾ ٻَڌي ڇڏبا ته بيٺي هوندي، پوءِ ڪتر سان ڪتري وٺبي. وار هيٺ ڪِرندا ويندا، جي ڪترڻ بعد گڏ ڪري وٺبا. ٻڪريءَ جي وارن کي ”ڏاس“ چون، پر ٿري ”ڊَٽ“ چوندا آهن.

رڍون سال ۾ ٻه دفعا، ٻنين ڇُٽڻ مهل ۽ وسڪاري جي اڳ ۾ ڪتربيون آهن. رڍن جي اُنَ گهاٽي ٿيندي آهي، جنهنڪري جهنگ ۾ چرندي ڀُرٽ تمام گهڻا چنبڙي پوندا اٿن، اُهي لاهي صفا ڪري پوءِ ڪتربيون آهن. رڍ جا اڳيان پير ٻڌي قابو ڪري پهريائين هڪ مضبوط ڪام، جا ڪجهه ڇپٿرو گهڙيل هوندي آهي (جنهن کي ڪاترو چوندا آهن)، ان سان سٽي ڀرٽ ۽ ٻيو گند ڪڍبو آهي. پوءِ پاڻيءَ سان پُٺي ڌوئبي ته مَر وغيره ان مان لهي وڃي. ٻئي ڏينهن سُڪڻ تي رڍ کي پاسيرو ليٽائي هڪ پاسو ڪتري، وري اٿلائي ٻيو پاسو ڪتري وٺندا آهن، پوءِ اها اُن وِرهي ڳوڙهو ڪندا، جنهن کي ”لُگٽي“ چون.

ڪترون ٻن قسمن جون هونديون آهن، جي لوهه جون ٺهيل هونديون آهن. هڪڙي رواجي قئنچيءَ وانگر، ٻي وري يڪي لوهه جي پَٽ جي ٺهيل. پَٽ جون ٻئي چُهنبون قئنچيءَ وانگر ٺاهي ورائي بيهاربو ته قئنچي ٺهي پوندي. هن ۾ آڱوٺي ۽ آڱرين وجهڻ لاءِ خانا نه ٿيندا آهن، مگر مُٺ جي زور سان هلندي آهي. هن کي ”هيڪل هَٿِي“ چوندا آهن. اهي نمونا لوهار ٺاهيندا آهن. ٿري ماڻهو ڪتر کي ”لابي“ به چون.

 

آنڪوڙو

هي ٻائوريءَ جي ڊگهي تَڙي (ڪاٺي) مان ٺاهيندا آهن. تڙيون اٽڪل ڏهه ٻارهن فوٽ يا وڌيڪ ڊگهيون ٿينديون آهن. جهنگ مان ڳولا ڪري ٻائوريءَ جي ڪا اهڙِ ڊگهي تڙي، جا هيٺيان ٻيڙهانگي هجي، سا هٿ ڪري ٿورو زمين کوٽي ٻيڙهانگي جي هيٺان ڪپيندا آهن. پوءِ ننڍي پاسي کي ٻيڙهانگي کان نَو – ڏهه انچ ڪاٺي ٽڪر گهَڙي اهيءَ طرح قابو ڪندا، جو ڊگهي ڪاٺيءَ سان سوڙهي ڪنڊ تي هجي. پوءِ انهيءَ هنڌ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ لوهه جا پَٽ هڻائيندا آهن ۽ مٿان وري بنا رڱيل (آري) چمڙي جي ڪشي سان وراڪا ڏيئي مضبوطا آهن. اهو چمڙو بلڪل سخت ۽ مضبوط ٿيندو آهي. انهيءَ کي ”آنڪورو“ چون.

مالدارن لاءِ آنڪورو ڏاڍو ڪارائتو آهي. اهي پاڻ گڏ جهنگ ۾ کڻي ويندا آهن. جيڪڏهن ڪنڊيءَ ۾ سڱر ٽارين جي ڇيڙن ۾ هوندا ۽ چڙهي لاهڻ کان پري هوندا ته آنڪوڙو وجهي ٽاري نمائي اُٺ کي ڏيندا، جو چري ڍؤ ڪندو. بعضي ڌونڌوڻ ڏيئي ڇاڻي وٺندا. پڪل کوکا هوندا ته يڪدم ڇڻي پوندا. ڪونڀٽ جا چپڙا لاهڻ لاءِ انڪوڙو وجهي ڌنڌوڻ ڏبي ته چپڙا اچي پٽ تي پوندا، جي چونڊي جهولي ڀري وٺبي. مڪڙ مارڻ وقت وڻن جي هيٺان جهال جهلي آنڪوڙي سان ڌونڌوڻ ڏين ته مڪڙ ڇڻي اچي جهال ۾ پوندا، جي پوءِ ٻورين ۽ ڳوڻين ۾ وجهن.

ڪي ماڻهو وري اُنهيءَ ڊگهي ڪاٺيءَ جي ڇيڙي تي ننڍو ڏانٽو (ڏاتري) ڪوڪا هڻي مٿان چم جي سَڙهِي سان ٻڌي قابو ڪدنا اهن. پوءِ وڻ جي هيٺان بيهي مٿان سڱر ۾ چپڙا وغيره ڏاتر سان ڪپي ڪيرائي جهولي ڀري وٺندا آهن. مطلب ته مالدار لاءِ هي ٻيئي شيون ڪمائتيون آهن.

 

مال مان پيدائش

ٻڪرين جي ڏاس ڪَتي اُن مان جيرويون (کرڙيون) ٻوريون، (کاهيون)، چوڪ ٻوريا، جالنگ ٻورا، کڙيا، رَنُدو (رسا) وغيره ٺاهين ۽ بچت ڏاس مان ڪي ڪَتي سُٽ ڪري وڪڻن ۽ ڪي ڏاس وڪڻن.

رڍن جي اُنَ ڪتي اُن مان کٿا، ڪمريا، ڪمرون، لويون وغيره ٺاهين. باقي ڪي اُن ڪتي سُٽ ڪري وڪڻن، ۽ ڪي اُن وڪڻن.

کير وڪڻڻ جو رواج ٿر جي ٻهراڙين ۾ ڪونه آهي، مگر شهرن ۾ کير جو وڪرو ٿيندو آهي. مال مان گيهه ججهو ٿئي. ٻهرارين ۾ گهڻو ڪري سومر جي ڏينهن مکڻ تپائي وِسناڻ ڪري پاڻ کائين ۽ گيهه جو وڪرو ڪن. گيهه تور جي بدران ٽِپرين سان ڀري ڏين، جي ڇهه تولا سوا ڇهه تولا تور جون هونديون آهن. هن کي ”ڀرِپ“ جو رواج چون. ٻهراڙيءَ جا دڪاندار سڄي ڳوٺ جو گيهه ڀري وٺندا آهن. ڪي گهر گيهه جو ريزڪي وڪرو ڪونه ڪن، پاڻ گڏ ڪدنا رهن، گهڻي ٿيڻ تي شهر ۾ ٻڌي اگهه سان وڪڻي اچن.

ڇيلا، گهيٽا، ڍڳا وقت بوقت سوداگرن کي وڪڻندا آهن. ڪڏهن ٻاهريان سوداگر اڇن، نه ته تر جا ڪيترا ماڻهو اهو واپار ڪندا آهن. مال وٺي سنڌ ۾ ڪاهي وڃي وڪرو ڪري ايندا آهن.

نراٺ، سوئائون ڍڳيون، ٻڪريون ۽ رڍون وڪرو ڪبيون آهن. مال جو چمڙو ۽ للون ڪي هتي ڪم اچن، جو رڱي ان مان جُتيون، پخالون، ساندارا، ڪوس، موڏِريا (ننڍا ساندارڙا) وغيره ٺاهين، ۽ باقي مال ٻاهر وڪرو لاءِ وڃي. هڏا به ٻاهر وڪري لاءِ جام ويندا آهن. مال ڀٽاري مان ڪافي پيدائش ٿيندي آهي.

 

ڍڳا چاڙهيا ڪرڻ

جن ماڻهن وٽ ڳائو مال ججهو هوندو آهي، سي پنهنجا ڍڳا وڳڻي ڇڏيندا آهن. اُهي سنڌ ۾ هَر ڪاهڻ، گاڏين ڇڪڻ ۽ نار ۾ وهائڻ جي ڪم ايندا آهن. اهڙن وڪري وارن ڍڳن کي خصي ڪبو آهي، جنهن کي چون ”چاڙهِيو ڪرڻ“. ڳوٺن ۾ ڪي ماڻهو خاص ڪري حجام ٿيندا اهن جي اهو ڪم ڪندا اهن. جڏهن وهڙا ننڍا هوندا آهن، تڏهن اهي ڏاها ماڻهو انهن جا خَصيا اهڙيءَ اٽڪل سان ڪڇي ڇڏيندا آهن، جو وهڙي کي ڪوبه خطرو ڪونه ٿيندو آهي. هاڻي ته جانورن جا ڊاڪٽر اوزارن جي رستي خصين جي طاقت واري نبض کي داٻ ڏيئي بيڪار ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙا ڍڳا پوءِ سانَ ٿي نه سگهندا آهن ۽ بدن ۾ مضبوط ۽ طاقت وارا ٿيندا آهن، جي وڏي اگهه ساڻ وڪامندا آهن. ڪي ماڻهو گڏهن کي به خصي ڪندا آهن، جيئن ڪم ۾ ڪارائتا ٿي سگهن.

 

هرڻ پالڻ

هرڻيون جولاءِ ۽ آگسٽ ڌاري ويامنديون آهن. ٻچي ۾ هفتو کن تکي ڊوڙڻ جي طاقت نه هوندي آهي. ان وقت کيس اون کي گهر ۾ ٻڌي ڇڏبو آهي. روز صبح شام ٻڪري ڌارائبي اٿس. پهريائين چار – پنج ڏينهن ڌارائڻ بعد هِري ويندو، پوءِ پاڻيهي پيو ڌائيندو. گهر ۾ ڇوڙي به ڇڏبو آهي. ڪجهه وڏيرو ٿئي ته اَنَ جي داڻن ۽ مانيءَ جي ٽُڪرن تي هيرائبو. سائو گاهه به آڻي ڏبو اٿس، ۽ ڪنهن مهل ڇڏبو ته ٻاهر وڃي گاهه وغيره کائي گهمي ڦري موٽي ايندو آهي. گهرن ۾ ٻارن لاءِ اها هڪڙي وندر آهي. ڪيترا ماڻهو هرڻ جا ٻچا پاليندا آهن، انهن جي ڳچيءَ ۾ سهڻا پٽا ۽ گنگهرو ٻڌندا آهن.

مادي هرڻيءَ کي ننڍيون ۽ سنهيون سِڱيون ٿينديون آهن. ٿر جي هرڻ کي وڏا ٿلهيرا سڱ ٿيندا آهن، جن تي سخت وڪڙ ڇلن وانگر ٿيندا اهن. اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته هرڻ جي ڄمار سڱن مان سهي ڪبي آهي، يعني جيترا سڱ ۾ وڪڙ اوترا سال ڄمار. سڱن جا ڇيڙا تکا ۽ چهنبدار ٿيندا آهن. مئل هرڻ جي سڱن جا ڇيڙا ڪپي، اُهي ڪپ سان گهڙي، نڪ جون ڦلڙيون (ڦلهيون) ٺاهبيون آهن، جن تي چِٽ ڪري انهن ۾ پارو وجهبو آهي ته ان جي چلڪي جي ڪري ڏاڍيون سهڻيون لڳنديون آهن. ٿري عورتون خاص ڪري ڪنواريون جوان ڇوڪريون اُهي ڦليون ڏاڍي چاهه سان پائينديون آهن.

سنڌ جا ڪيترا زميندار ۽ ڪامورا ٿر مان هرڻ جا ٻچا وٺي وڃي پاليندا آهن.

 

چوپائي مال جون بيماريون ۽ علاج

”ٿر آهي ٿڻ تي نه ڪڻ تي“، يعني ٿري ماڻهن جو گذران اَن تي ايترو نه آهي جيترو مال تي اهي. جيڪڏهن اَن نه ٿئي ته ناري مان آڻي به پيا گذران پيا ڪندا، پر جي برسات نه پوڻ ڪي گاهه نه ٿئي ته چوپايو مال مريو وڃي ۽ پوءِ ويچارا ڏولائي ۾ اچيو وڃن. مال لاءِ گاهه جام ٿيو ته پنهنجي پيٽ جي چنتا ڪونه ڪن. مال ۾ ڄڻ ته سندن ساهه آهي. ڀلجي به اُن کي پٽڻو يعني پاراتو ڪونه ڏين، هميشه ”مال ڀٽارو“ چڇوندا. ٿر ۾ جانورن جون اسپتالون آهن پر شهرن ۾، مال گهڻو اهي ٻهراڙين ۾، ماڻهو پنهنجي علاج لاءِ به ڊاڪٽرن وٽ مَٺا وڃن، سو مال کي ڪٿي ٿا اوڏانهن وٺي وڃن. ڪيترا مالدار مال جي رواجي طرح روزمره ٿيندڙ بيمارين جا ڄاڻو هوندا آهن. اهڙيءَ ماڻهوءَ کي ”ڏاهو“ چوندا آهن. ڪٿي ڪٿي ڳوٺن ۾ ڏاها ماڻهو آهن. جي معمولي ٽوٽڪن سان مال جو علاج ڪندا آهن.

ٿڪل ٻڪري ۽ اَڀرن گابن کي اڪثر جُونءَ پوندي آهي، ته تماڪ کي پاڻيءَ ۾ گهوٽي بدن تي مالش ڪن چُلهي مان رک ڪڍي ڇاڻي صفا ڪري، پاڻيءَ ۾ پسائي بدن تي ليپ ڪن، ته جُون مريو وڃي.

جي ڪنهن جانور جي پيٽ ڦر مريو وڃي ته ڳڙ ۽ جاڻ گڏي پيارين ته مئل ڦر نڪريو اچي. ڇا ڪن جو هٿ ڌوئي ، گيهه مکي، سنهو ڪپ هٿ ۾ جهلي، سار ۾ لنگهائي، ڦر کي ٽُڪر ٽُڪر ڪري ٻاهر ڪڍن. پر جي ڦر جيئرو هجي ۽ ابتو هجي ته ان کي ”اَمهاڙو) چون. ان کي هٿ سان سيري سمهاڙو ڪري جيئرو ڪڍي وٺن. ڦر نڪرڻ بعد ڄَر ازخود نڪري ايندي آهي، پر جي نه نڪري ته جانور مريو وڃي، تنهنڪري جهَڻ ۽ کير گڏي ٿورو ڪوسو ڪري پيارين، اُن کي ”پلال“ چون. نِير جي اڳڙي پُسائي، نپوڙي اُهو پاڻي پيارين، ٿورو جڄر جو ڀاڱو نڪتل هجي ته ٿورو اَڪ جو کير اُڻ نڪتل ڀاڱي کي لائي ڇڏين ته يڪدم نڪريو اچي.

ٻڪرين کي ليس يا زڪام ٿيندو آهي، جنهنڪري ناسن مان گند پيو وهندو آهي ۽ انڪري ساهه به چڱيءَ طرح کڻي نه سگهنديون آهن ۽ سُوساٽ پيئون ڪنديون آهن، اُن کي ”سَرگِل“ چون. ان لاءِ ڪارو تماڪ تيل سان ملائي نڪ ۾ وجهن. بعضي ننڍن ڦرن جو منهن پچي پوندو آهي جنهن کي ”مُنهن ساڙو“ چون. ان لاءِ لوڻ پاڻيءَ ۾ ڳاري ٿورو ڪَڙو تيل وجهي، گڏي مکين ۽ جنهن اَهاؤ (اَواڙي) مان پاڻي پيارين اُن ۾ اَڪ جون آليون ٽاريون وڍي اڇلين. جي ڪو عضوو ڀڄي پوي ته ڪنهن ڏاهي کان ڀڳل هڏو پوري جاءِ تي ٺهرائي مٿان ڪانَنَ جي ڪَترينَ جو پوش ورائي چِڪي ٻڌي ڇڏين. هن کي ”چَکِڙيِ“ چون ۽ کُنڀيَنِ جي سُڪل اٽي (او اتو وسڪاري جو ماڻهو گڏ ڪري رکندا آهن) ۾ گيهه ۽ سنهي ڪُٽيل مَڃَٺَ گڏي چٽائين. پنجن – ستن ڏينهن ۾ هڏو لڳيو وڃي.

ٻڪرين کي هڪ اهڙو مرض ٿيندو آهي، جنهن کي ”ڦڦڙيون“ چون. هي نمونيا جو قسم آهي، جنهن جي ڪري ڦڦڙن ۾ رت ڄمي پوندو آهي، جنهنڪري ڦڦڙ پاسرين سان چنبڙي پوندا آهن. هن وچڙندڙ مرض اهي ۽ جنهن وٿاڻ ۾ پيو ته اهو وٿاڻ ڇُٽو. ولرن جا ولر پهرن ۾ ختم ڪيو ڇڏي. ان لاءِ ڇا ڪن، جو ٻڪري جو ڪَنَ وڍي ڪُني ۾ وجهي واڙجي مُنهن تي زمين ۾ پورين وٿاڻ تي ڪنهن به عورت کي اچڻ ڪونه ڏين. انهيءَ مرض واري مال جو کير ڪونه ولوڙين.

ٻيو هڪ مرض ٿيندو آهي، جنهن ۾ ٻڪري ڪومائجي پوندي آهي ۽ اوچتو ٻرَڪَ ڪري ڪري پوندي آهي ۽ مري ويندي آهي. هن کي ”ٻَڙِڪِيءَ“ جو مرض چوندا اهن. اُن لاءِ واڙو مٽائين، مال وڪڻن. يا داريو مال پنهنجي مال سان گڏين، وغيره.

ڍڳين جا کُر پچي پوندا آهن، ان حالت ۾ ڄانڀي جو تيل مکين، مُنهن ساڙو ٿئي ته اجمو، ڳڙ ۽ ڪڙي تيل ۾ سيرو رڌي کارائين، تِلي يا پستو وڌي پوي ته اُن لاءِ پاسي تي پاسرين مٿان لوهه جي تپيل شيخ جو ڏنڀ ڏين. پڇ جي وارن جي ڇڳي جي چوٽي، ڪڙو تيل گرم ڪري اُن ۾ ٻوڙين، پير ۾ مُرڙ پوي ته ”ڪُپَڙَ“ (ٻڪرين جو جهونو ڀاڻ) ڀوري سنهو ڪري، ٿورو پاڻي وجهي گرم ڪري ٻڌن.

اُٺ کي ڇاتيءَ ۾ هڪ مرض ٿيندو آهي، جنهن کي ”ڳوهَه“ جو مرض چوندا آهن. اهو تمام خوفناڪ آهي، مهل تي گهربل علاج نه ٿيو ته جانور مريو وڃي. ان لاءِ لوهه جي شيخ سان ڇاتيءَ تي گول ڏنڀ ڏين، نڙگهٽ وٽ لِڇُون (ڏنڀ سان ليڪا) ڪڍن، وغيره.

اُٺ کي پانءِ جي بيماري ٿيندي آهي، جنهن کي کاڄي به چون. هن ۾ اُٺ جا وار کُسي ويندا آهن، سدائين پيو کنهندو آهي ۽ بدن ۾ ڳرندو ويندو. هيءَ وچڙندڙ بيماري آهي، علاج نه ڪبو ته وچڙندي ويرم نه ڪندي. چوندا آهن ته ”وڳ ۾ هڪ گري (پانيل) ته وڳ گرو.“ (يعني سڄي وڳ مان هڪ جانور کي ٿي ته وچڙندڙي گهڻن کي ٿي پوندي.) ان لاءِ اُٺ کي نُوري، مٿان ڪڙو ٿيل مکي، اُڀو کونٽو کوڙي، مهار اُن جي چوٽيءَ سان ٻڌي ڇڏين، جيئن ويهي نه سگهي، ڇو ته ويهڻ ڪري بدن سڻڀي هئڻ سبب واري لڳندي جا تيل وارو سنء چُهي ويندي. انهيءَ حالت ۾ ڀلي اُٺ جا پير به سُڍي پون، ٻن ڏينهن بعد اُن کي ويهاريندا. ائين ڪرڻ سان پانءِ ڇڏي ويندي آهي.

اُن کي ليلڙ جي بيماري ٿيندي آهي، جنهن ۾ هاضمو ڪونه ٿيندو اٿس. ان لاءِ ڌؤنرو، ڪڙو تيل، ڪڻڪ جو ڏارو پسايل ڏيندا آهن. اُٺ پَهَر پسايل لوڻ به ڏيندا آهن.

ازان سواءِ ٻيو به ڪيترن ئي نمونن جون بيماريون ٿينديون آهن، جن جا علاج معمولي ٽوٽڪن سان پاڻ ئي ڪندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org