باب ڇهون
گــاهه
سياري ۽ اونهاري جو ڏسبو ته سواءِ وڻن ۽ ٻوٽن جي ڪو به سائو
سَلو ڪونه هوندو. زمين وارياسي، سُڪي ٺوٺ ٿي پيئي
هوندي آهي. پاڻيءَ جي بلڪل اڻاٺ آهي. پيئڻ جو پاڻي
به کوهن مان وڏيءَ تڪليف بعد ڪڍبو آهي. نئون ماڻهو
ٿر ۾ اچڻ سان سمجهندو آهي ته ههڙي خشڪ وارياسي ملڪ
۾ ڇا اڀرندو هوندو ۽ ماڻهو هتي ڪيئن ٿا گذارين!
مگر ڌڻيءَ جي قدرت اُپار آهي، جنهن کي انسان جو
عقل سمجهي نٿو سگهي. اونهاري جو وري اهڙي تپت
ٿيندي آهي جو جاين ۾ ويٺل ماڻهن جي بدن مان پگهر
ريلا ڪري پيو وهندو آهي. بعضي وري تيز گرم هوائون
(لُڪون) لڳنديون آهن ۽ واري ڌُوڙيا ڪري پيئي
اُڏامندي آهي جو ٻاهر نڪري نه سگهبو آهي، پر
جڏهين برسات پوندي آهي تڏهين انهيءَ خشڪ واريءَ
۾سوين قسمن جي گاهه جو ٻج، جو اتي واريءَ سان گڏيو
پيو هوندو آهي، سو ٻن – ٽن ڏينهن اندر ائين ڦٽي
نڪرندو آهي، جيئن مٿي تي وار، ۽ وڌندو ايندو ۽
هفتي کن بعد سڄي زمين، ڀٽون، دڙا، مڙها، پوٺا، پٽ
۽ ڏهر ساوڪ جي پوش سان ڍڪجي ويندا آهن، فقط ڪي
واٽون ۽ رستا اڇن ليڪن وانگر ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
مهيني کن اندر ٻي برسات پيئي ته پوءِ گاهه هڪدم
وڌي ايندو ۽ ان بعد جي ٽئين برسات پيئي ته پوءِ
گاهه جي ڳالهه ئي نه پڇو. پر جي ٻي ڪا برسات نه
پيئي ته اُڀريل گاهه ٿوري ئي وقت ۾ سڪي ويندو ۽
مال لاءِ ڏولائو اچي ويندو آهي.
سال بسال ٿر ۾ پوريون برساتون نٿيون پون. پر جنهن سال پوريون
برساتون پونديون آهن، تڏهين جهرجهنگ گاهه سان اهڙو
ته ڀرجي ويندو آهي، جو ان وقت گس کانسواءِ جهنگ
مان هلي ڪو نه سگهبو آهي. مال ويچارو، جو اونهاري
جو ڏٻرو ٿيل هوندو آهي، سو گاهه کائي ٿوري ئي وقت
اندر متارو ٿي پوندو آهي. ان وقت ڪيترو ئي مال ڀل
پيو چري ته به گاهه کٽڻ جو ئي نه هوندو آهي.
ٿر ۾ ڪڏهين برسات پوي، ڪڏهين ڪانه پوي. جڏهين برسات نه پوندي
آهي، تڏهين ملڪ ۾ اناج ڪو نه ٿئي ۽ ماڻهو ناري طرف
لاباري ۽ پورهئي لاءِ ويندا آهن. ان وقت انهن جي
اُتي جي ڪن زميندارن سان واقفيت ٿي پوندي آهي.
پوءِ جڏهين ٿر ۾ برسات پوي ۽ گاهه جام ٿئي تڏهين
اهي ماڻهو پنهنجو مال، ڍڳيون ۽ مينهون ڪاهي
واقفڪارن کي چارائيءَ تي ڏيو وڃن. يا ڪي ٿري وڃي
اهو مال ڪاهي به ايندا آهن جو کين چارائي ملندي
آهي. چارائيءَ جو نرخ هرهڪ جانور تي اٺ – ڏهه آنا
يا گهڻي ۾ گهڻو ته رپيو ننگ جي حساب سان هوندو
آهي. ٿر ۾ مال جي چوري ڪا نه ٿئي ۽ نڪي ڪي اهڙا
خوفناڪ جانور آهن، جي مال کي نقصان رسائين. ٿري
ماڻهو ڏاڍا ايماندار آهن. جي ڇڏيل مال کي چارين،
پيارين ۽ پنهنجي مال جي سنئين سنڀال ڪن. کير پاڻ
ڪم آڻين پر ڪر ڦر وغيره ڄمي ته اهو مالڪن کي
سلامتيءَ سان موٽائي ڏين.
ڪو جانور ڪهڙا گاهه پسند ڪري ۽ ڪو ڪهڙا. اهي جانور گاهه کان
سواءِ ڪي ٻوٽا به کائيندا آهن، سي وري تڏهن، جڏهن
گاهه جي اڻاٺ هئڻ ڪري بک هوندي اٿن، نه ته انهن جي
جياپي جو مدار گاهه تي آهي. جڏهين گاهه
سائوهوندوآهي، تڏهين ٿري ماڻهو مال جو چارو ڪن، ڪي
گاهه ڏٿ طور ڪم آڻين، سڪڻ بعد ڪٺو ڪري دَنون ٺاهي
رکن. جي وري اونهاري جو يا ڏڪار جي وقت – جڏهن
گاهه جي ڪاٻٽ هوندي اٿن، نه ته انهن جي جياپي جو
مدار گاهه تي آهي. جڏهين گاهه سائو هوندو آهي،
تڏهين ٿري ماڻهو مال جو چارو ڪن، ڪي گاهه ڏٿر طور
ڪم آڻين، سڪڻ بعد ڪٺو ڪري دَنون ٺاهي رکن، جي وري
اونهاري جو يا ڏڪارجي وقت – جڏهين گاهه جي ڪاٻٽ
هوندي آهي، مال کي چارين.
ٿر ۾ گاهن جا گهڻي ئي قسم ٿيندا آهن، جن مان ڪن مکيه گاهن جو
مختصر بيان ڪجي ٿو:
* ڀُرٽ: هي ڀٽن، دڙن، مڙهن ۽ خاص ڪري ڏهرن جي سنيئن وارياسي
زمين ۾ جام ۽ سخت زمين ۾ ٿورو ٿئي. ٻه فوٽ کن ڊگهو
ٿئي. اُن جا پن سنها ڊگها ٿين. ان جون تيليون
تيليون ٿين. هرهڪ تيليءَ جي ڇيڙي تي ننڍو سنگ ٿئي،
جنهن ۾ پردن اندر داڻا بند ٿيل هوندا آهن ۽ مٿان
سنها سنها نوڪدار ڪنڊا ٿيندا آهن. ٻج غريب ماڻهو
کائيندا آهن.
هي بلڪل ڪمائتو گاهه آهي. ڍڳيون، مينهون، گهوڙا ۽ گڏهه جام
کائيندا آهن. سائو هوندو آهي، تڏهين ڪي ڪي اُٺ به
کائيندا آهن، سڪڻ بعد ماڻهوگڏ ڪري دَنون ٺاهي
رکندا آهن، جي پوءِ مال کي کارائيندا آهن.
* سيڻ: هي گاهه به مُرٽ وانگر ٿُٻَ ٿُٻَ ٿُٻَ بيٺل هوندو آهي،
جنهن ۾ تيليون ٿينديون آهن. تفاوت رڳو اهو آهي جو
مُرٽ جون تيليون سائي رنگ جون ۽ سڪڻ بعد سڄو مُچو
اڇو ميرانجهڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر سيڻ جون تيليون
اڇيون ۽ سڪڻ بعد به سڄو ٻوٽو اڇو ڏسبو آهي. ان جا
سڱ به اڇا ۽ ڳتيل، چار انچ کن ٿيندا آهن.
ٿر ۾ گهوڙي لاءِ سيڻ جهڙو ٻيو ڪو به گاهه ڪونه آهي. چوندا آهن
ته سيڻ گهوڙي لاءِ آمڻ آهي. گڏهه به کائين. ڪي
ڍڳيون ته اصل ڪو نه کائين. مُرٽن جي بنسبت هي وڌيڪ
قيمتي آهي. ماڻهو وڍي گڏ ڪري رکندا آهن، جو بعضي
اڍائي، ٽي رپيا يا وڌيڪ اگهه سان في مڻ جي حساب
سان وڪرو ڪندا آهن. هن کي سنهو ڪُتري ڪري گُوارٽِي
سان گڏي اُٺن کي کارائيندا آهن.
* لَنپ: هي گاهه مٺي نَهَور زمين ۽ خاص ڪري سنون پوٺن تي جام ۽
گهاٽو ٿيندو آهي. پارڪر ۾ ته جام ٿئي. هن کي لنب
به چون.
منجهان لنب ”لطيف“ چئي، چانور ڪيو چاڙهين.
ڊيگهه ۾ فوٽ ڏيڍ کن ٿيندوآهي. اُن جي تيلي سنهي ٿيندي آهي.
گهاٽي اُڀرڻ ڪري ان جو مٿاڇرو لسو پيو معلوم ٿيندو
آهي. هوا تي جهُولڻ ڪري وڻندڙ پيو لڳندو آهي. هن
جا پن سنها ۽ چوٽي وٽ تکا ٿيندا آهن. هن جي کائڻ
ڪري مال ۾کير جام ۽ گهاٽو ٿيندو آهي، جنهن ڪري مکڻ
ججهو لهندو آهي، ان ڪري چوندا آهن ته ”لنب مکڻ
چنب“، يعني لنب جي کائڻ ڪري هرهڪ ڍڳيءَ مان چنبي
جيترو مکڻ لهندو آهي. هنجي پاڙ زمين اندر ٿوري ٿئي
ٿي. ڍڳين جي ته خاص خوراڪ آهي، پر مينهون، گهوڙ ۽
گڏهه به جام کائيندا آهن. سڪڻ بعد پيلو ٿي پوندو
آهي ۽ پري کان سج جي روشنائيءَ ۾ پيو چلڪندو آهي.
هن جي تيلي ڏاڍيري، پر ٻَڙڪِڻي، يعني زور ڏيڻ سان
ڪڙڪو ڪري ٽڪر ٿيو پوي، جنهن ڪري سڪڻ بعد مَال جي
لَتاڙ ڪري ڀڄي ڀُري زمين تي سٿا ٿيو پيو هوندو
آهي. هي اهڙو ته گهاٽو اُڀرندو آهي جو سڪڻ بعد جي
اتفاق سان باهه لڳي ته پوءِ اها وڌندي ويندي ۽
ائين بعضي ڏهرن جا ڏهر ناس ٿيو وڃن. لَنب ته سڙي
پر وچ ۾ بيٺل وڻ، ٻوٽا ۽ گاهه به ناس ٿيو وڃن.
انهيءَ حالت کي ”ڏؤ“ لڳڻ چئبو آهي، پوءِ ڳوٺن جا
ماڻهو اچيو مڙن ۽ گڏجي ڪوشش ڪري اُجهائيندا آهن.
هن ۾ سنهڙو ان ٿيندو آهي، جو غريب ماڻهو ڏڪار وقت
کاڌي لاءِ ڪم آڻيندا آهن.
* ڳَنڍير: هي ڏاڍي زمين ۾ ٿئي، جنهن ڪري ڏهرن ۾ جام هوندو آهي.
ڀٽن، دڙن ۽ وارياسي زمين ۾ ڪونه اُڀري.
بقول لطيف:
جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تيئن مون من ماروئڙن سين.
هن گاهه جي تندن جي هيٺئين ڀاڱي ۾ ڳنڍين ڳنڍيون ٿينديون آهن، جي
زمين تي لڳي اُڀرنديون آهن ۽ مٿان سنگ ڪڍنديون
آهن، جو ڦاڪن سان جهيرڻي جهڙو ٿيندو آهي. اهڙيءَ
طرح تندون ٿي چوڌاري زمين تي اُڀرندو پکڙجندو
ويندو آهي. تندون سنهيون، مضبوط ۽ سائي رنگ جون
ٿينديون آهن. سڪڻ بعد پيلو ڏسبو آهي. هي گاهه
ڍڳيون ۽ مينهون خوب کائينديون آهن. ٿر ۾ هن کي
”گَنٺِيو“ چوندا آهن. هي گاهه پوک لاءِ نقصانڪار
آهي. ڏهر جي ٻنيءَ ۾ جي گنٺيو هوندو ته آبادي نه
ٿيندي. جي هڪ دفعو هن جو ٻوٽولڳي ويو ته وري جلدي
ناس به نه ٿيندو آهي. هاري ڇا ڪندا آهن جو اونهاري
جو جڏهين سڪي ويندو آهي، تڏهين پهريائين باهه ڏيئي
مٿيون حصو ساڙيندا آهن، پوءِ ڪوڏر سان کوٽي پاڙان
ڪڍبو آهي ۽ وري ٻني پوکڻ مهل ٻه - ٽي دفعا هر ڏيئي
بنياد ئي پٽي پوءِ آبادي ڪندا آهن.
* ڊَڀ: هي گاهه سخت زمين يعني ڏهرين ۾ ٿيندو آهي. ان جي پاڙ هيٺ
اونهي ويندي آهي، تنهنڪري هڪ دفعو ڪٿي اُڀريو ته
پوءِ اتي چوڌاري پکڙبو ويندو. هي هيٺان ٿٻ وانگر
ٿيندو آهي ۽ پن چڀڙا ڊگها ٽي – چار فوٽ کن ٿيندا
آهن.وچ وچ ۾ سنهيون سنهيون ڏانڊيون ٿينديون آهن،
جن جي ڇيڙن ۾ننڍا سنگ ٿيندا آهن. پوک لاءِ
نقصانڪار آهي.هڪ دفعو ڪنهن ٻنيءَ ۾ اُڀريو ته پوءِ
اُها ٻني آباديءَ کان ڇُٽي. هن جا ٿُٻ سدائين ساوا
بيٺا هوندا آهن، جي برسات پوڻ سان وڌي ايندا آهن.
هن کي ناس ڪرڻ لاءِ هاري ويچارا ڏاڍا حيلا ڪندا
آهن: اونهاري جي ڪوڏر سان کوٽي سڄا ٿُٻ ڪڍندا آهن
ته پوءِ برسات پوڻ وقت ٻه – ٽي هر ڏيئي پوءِ آبادي
ڪندا آهن. ائين ڪرڻ سان هي ٻوٽو بعضي ناس ٿي ويندو
آهي، نه ته به گهٽبو ضرور آهي. هي بلڪل ڪمائتو
گاهه آهي. جڏهين وڏو ٿيندو آهي، تڏهين ماڻهو ڏاٽي
سان وڍي ان مان ڪيترا ڪم وٺندا آهن، جيئن ته پاکڙي
جي ٿَڙَهَن جي اندر وجهي ڀرتي ڪندا آهن. اُن مان
نوڙين وٽي غريب ماڻهو کٽولا واڻيندا آهن، ان جي
سنهي ڪُتر ڪري مٽيءَ جي گاري سان گڏي جاين کي راڳو
ڏيندا آهن ته نه ڪو ڦٽندو ۽ نه ڪو برسات جي ڪري
ترت لهندو ۽ گهڻو وقت جٽاءُ ڪندو آهي. سائو هوندو
آهي، تڏهين ڍڳيون، مينهون ۽ گڏهه کائيندا آهن.
ڪمائتي هئڻ ڪري غريب ماڻهو ڊڀن جون ڀريون ڪري شرن
۾ وڪڻي روزگار ڪندا آهن.
* ڊامَڻ: هي گاهه ڏهرن واري سخت زمين ۽ ڀٽن جي لاهن تي ڏرڙن جي
ڪناري واري سخت زمين تي ٿيندو آهي.
اُن جي ڊيگهه ٻه فوٽ کن ٿئي ۽ پن ڊگها ۽ نوڪدار ٿين. ڏانڊيءَ
مان تيليون نڪرن، هرهڪ تيليءَ جي ڇيڙي تي ننڍو ٽي
انچ سنهون سنگ ٿيندو آهي، جنهن ۾ بند ٿيل پوشن
اندر داڻا داڻا هوندا آهن. هي گاهه ڍڳيون، مينهون،
گهوڙا ۽ گڏهه کائيندا آهن. گانيون ڊامڻ کائڻ ڪري
ججهو ۽ گهاٽو کير ڏينديون آهن، جنهن مان مکڻ گهڻو
حاصل ڪبو آهي.
* چِيهو: هي گاهه سخت زمين ۾ خاص ڪي اهڙي هنڌ، جتي ڪجهه وقت
برساتي پاڻي بيهندو آهي، جيئن ڏهريون، تليون،
ترايون، ٽوڀا ۽ هيٺاهان پوٺن وارا هنڌ – جام ٿيندو
آهي.
منهنجو تُورو تلين ۾، ”چيها“ ٿو چاري.
ان جا پن چپٿرا، مني فوٽ تائين ڊگها ٿيندا آهن. وچ ۾ ڏانڊي
ٿيندي آهي، جنهن جي چوٽيءَ تي ڦاڪدار سنگ ٿيندو
آهي. هي سخت زمين ۾ اُڀرندو آهي، جنهن ڪري هٿ سان
ڇڪڻ ڪري پٽجي نه سگهندو آهي. رڍون، ٻڪريون ۽ گڏهه
هي گاهه جام کائيندا آهن.
* وينجهَل: هن گاهه جون سنهيون تندون وڌي وري ٻئي هنڌ زمين تي
پاڙ هڻي وڌنديون وينديون آهن، ۽ جلد ئي چوڌاري
پکڙجي ويندو آهي ۽ گهڻو وقت سائو رهندو آهي. هن جي
پاڙ هڪ دفعي لڳڻ بعد اهڙي هيٺ اونهي ويندي آهي، جو
ناس نه ٿيندو آهي ۽ ڪافي وقت سائو رهندو آهي.
برسات پوڻ وقت سائي ٿيندي ويرم ئي نه ڪندو آهي.
پوک لاءِ نقصانڪار آهي. جي هڪ دفعو ڪنهن ٻنيءَ
۾ٻوٽو لڳي ويو ته وڌي ميدان ڀري ڇڏيندو ۽ پوءِ اها
ٻني آباديءَ کان ڇُٽي! نحس وري اهڙو آهي جو هنجي
پاڙ اونهي هئڻ ڪري وڍڻ سان به جلد ناس نٿي ٿئي.
ٻيا جانور ڪو نه کائين، اُٺ البت کائيندوآهي. هن
کي ڪي ”موٿو“ يا ”موٿ“ به چون.
* ويڪَر: هي گاهه ڏهرن واري ڏاڍي ۽ سخت زمين ۾ جام اُڀرندو آهي
۽ بلڪل گهاٽو ٿيندو آهي. ڏهرن جا ڏهر ڀريا پيا
هوندا آهن، وچ مان لنگهڻ به مشڪل هوندو آهي. ڊيگهه
۾ فوٽ ڏيڍ کن ٿئي. اُٺ جو ته خاص کاڌو آهي. ڍڳيون،
ٻڪريون، رڍون به عام کائين. سڪڻ بعد زمين تي سٿيو
پيو هوندو آهي، جو ڪيترو وقت مال پيو کائيندو آهي.
* سائون: هي گاهه سخت زمين تي ڊيگهه ۾ ٽي – چار فوٽ کن ٿيندو جي
داڻي جيڏو اَنُ ٻاهران ڀورو، اندران اڇو ٿيندو
آهي.
سَٿا ڪيو ”سيد“ چئي، سائون سُڪائين.
ٿري ماڻهو اُن جي ماني پچائين ۽ بعضي ڇَڙهي ڀت رڌي کائيندا آهن.
هندو ماڻهو وڏن ڏينهن تي سائون خاص هٿ ڪري چاهه
سان کائيندا آهن. ان گاهه کي ڍڳيون، مينهون، گڏهه،
گهوڙا ۽ گابا کائيندا آهن.
* ڪِرنگهه: هي گاهه چار فوٽ کن ڊگهو مٽيءَ واري زمين ۾ٿيندو
آهي. هن کي پاڻي جام کپي، هن جا پن ڊگها ٿيندا
آهن، اُن جي ڏانڊي ڪارسري رنگ جي ٿيندي آهي.
چوٽيءَ تي سنگ ڪڍندو آهي، جو ڪڻڪ جي سنگ سان
مشابهت رکندڙ ٿيندو آهي، جنهن ۾ تکا سُوئا ٿيندا
آهن، جي اُن کي پکين کان بچائيندا آهن. اندر ٻج
سنهون ٿيندو آهي. داڻو پيلي رنگ جو ننڍو، پر سخت
ٿيندو آهي، جنهن کي پاڻيءَ ۾ پُسائي اُکريءَ ۾
چَڙهي وسِنِاڻَ ڪبو آهي ته ڏاڍو لذيذ ٿيندو آهي.
ٻئي اَن سان ملائي پيهي ماني پچائي کائبي آهي. هن
کي ڍڳيون، مينهون، گهوڙا ۽ گڏهه کائيندا آهن.
* ٻَرو: گاهه جو هي قسم چار فوٽ کن ڊگهو، نرم وارياسي ڀِٽن جي
لاهه واري زمين تي ٿيندو آهي. چوٽيءَ تي سندس سنگ
۾ ڦاڪون ڦاڪون ٿينديون آهن، جي ٽڙي بيهنديون آهن ۽
انهن ۾ داڻا ٿيندا آهن. پن ٻاجهريءَ جهڙا، پر
سنها، اُن جي وچئين ڏانڊي ڳاڙهيري رنگ جي ٿيندي
آهي. اُن جا داڻا جوئر جي داڻي جيڏا، چپڙا ڳاڙهيري
رنگ جا ٿيندا آهن، جي پيهي مارو ماڻهو ماني پچائي
کائيندا آهن. مانيءَ جو رنگ ڳاڙهن چانورن جي
مانيءَ جهڙو ٿيندو آهي. هي گاهه ڍڳيون، مينهون،
گهوڙا ۽ گڏهه کائيندا آهن.
*برينڇ: هي گاهه ڀٽن جي لاهين ۽ ڏرڙن جي ڪپن تي ٿيندو آهي. ان
جي پاڙ مان ڪيتريون تيليون ٿي جڳهٽي وانگر بيهندو
آهي. اُن جون پاڙون اهڙيون مضبوط نه هونديون آهن،
جنهن ڪري ٿوري زور سان اُکڙي ايندو آهي. سائو
هوندو آهي، تڏهين ڍڳيون ۽ ٻڪريون کائينديون آهن.
پڪي ٿيڻ تي تيلين جو رنگ پيلو ٿيندو آهي. اُن جون
تيليون البت سخت ٿينديون آهن. ٿري ماڻهو اهو گاهه
پٽي رکي ڇڏيندا آهن، جنهن مان گهر ۾ ڪچري ميڙڻ
لاءِ ٻُهارين ٺاهيندا آهن، جي مضبوط ٿينديون آهن ۽
گهڻو وقت جٽاءُ ڪنديون آهن. ٻهراڙيءَ جا ماڻهو
کجيءَ جي ٻهاري اصل ڪم ڪونه آڻين، سڀ ڪنهن گهر ۾
برينڇ جي ٻهاري هوندي آهي.
* کوائِي: هي گاهه سخت زمين ۾ ٿئي ۽ گهاٽو اُڀرندو آهي. هن جي
پاڙ مان تيليون نڪرنديون آهن جي ٻه اڍائي فوٽ ٿين.
هرهڪ تيليءَ جي ڇيڙي ۾ نرم ٻُر ٻُر وارو ننڍو سنگ
ٿيندو آهي. سائو هجي تڏهين ڍڳيون ۽ ٻڪريون کائين،
سڪڻ بعد رنگ پيلو ٿي ويندو آهي. ٿري ماڻهو کِوائي
گڏ ڪري رکندا آهن، جنهن مان ٻُهاريون ٺاهيندا آهن.
مگر اُن جي تيلي برينڇ جهڙي مضبوط نه آهي، پر نرم
هوندي آهي، ان ڪري ٻهاري ٿورو وقت جٽاءُ ڪندي آهي.
* سيارڇ: هي گاهه وسڪاري جو پوٺن تي اُڀرندو آهي، منجهس ڳاڙها
گل ٿيندا آهن. ڪچي جي ڀاڄي ڪبي آهي ۽ پچڻ بعد مال
کائيندو آهي. غريب ماڻهو ٻجن کي ٻاجهريءَ سان
ملائي پيهي اٽي جي ماني پچائي کائيندا آهن.
* گهِينٽِيا: هي گاهه سخت زمين ۽ پاڻيءَ وارن هنڌن، تراين، ٽوڀن
۽ پاڻيءَ جي دُٻن وارن هنڌن تي ٿيندو آهي. هي
چيِهي جي دفعي مان آهي، پر اُن جا پن چيهي کان
سنها ٿيندا آهن. هن جي پاڙ ۾ ٿورو زمين اندر ننڍي
ناسي رنگ جي کوپي سان ڳنڍ ٿيندي آهي، جنهن جي اندر
اڇي رنگ جي ڳڀ جو ڳوڙهو ٿيندو آهي، جو ننڍا ٻار
کائيندا آهن، برسات پوڻ بعد هفتي اندر هي گاهه ٿي
پوندو آهي. ننڍا ٻار پاڙون کوٽي اهي ڳنڍيون ڪڍي
مزي سان کائيندا آهن. ان کي رڍون، ٻڪريون ۽ ڇيلا
جام کائيندا آهن.
* کيلَهو: هي هوبهو بصر جهڙو ٿئي. زمين اندر اڇي ڳنڍ ٿئي ۽ مٿان
پن ٿيندا آهن، جنهن ڪري اُن کي جهنگلي بصر به چون.
ڳنڍ کائڻ ۾ ڪساري بيسوادي ٿيندي آهي، تنهنڪري
ڪنهن به ڪم ڪو نه اچي. مٿان ساوا پن ٿين. جي
ٻڪريون، رڍون ۽ ڇيلا کائيندا آهن.
* چِل: هي گاهه چِيهي جهڙو، پر ڊگهو لامن سان، خاص ڪري سخت
پوٺيواري زمين ۾، جتي پاڻيءَ جي مار گهڻي هجي:
چيهو ”چل“ چڱو ٿيو، سائون ڳنڍير ڳم،
ٻڪريون، رڍون، ڍڳيون، گهوڙا ۽ گڏهه کائيندا آهن.
* کِهه: هي گاهه جو قسم فوٽ کن ڊگهو ٿيندو آهي.
”کِهه“، ”مانڌاڻو“، مکڻي، ڍوئين پاسي ڍٽ.
هي سخت زمين ۾ گهاٽو اُڀرندو آهي. ڍڳيون، مينهون، گابا، گهوڙا ۽
گڏهه کائيندا آهن. ان جي تيلي سنهڙي ٿيندي آهي.
سڪڻ بعد رنگ پيلو ٿيندو آهي، جو پوءِ مال جي لتاڙ
ڪري ڀڄي ڀُري زمين تي ڪري پوندو آهي، جو نيٺ ائين
ختم ٿيو وڃي.
* مانڌاڻو: هي گاهه ڏاڍي زمين ۾ اُڀرندو آهي، جنهن ڪري ڏهرن ۾
جام ٿيندو آهي، پاسن کان سنها ڊگهيرا پن ٿيندا
آهن. وچ ۾ ڏانڊي ٿيندي آهي، جنهن جي چوٽيءَ تي چئن
– پنجن بعضي ڇهن ڦاڪن سان سنگ ٿيندو آهي، جو هوبهو
مانڌاڻي وانگر ڏسبو آهي. اڃا به ڦاڪون وڌيڪ کليل
هونديون آهن، جنهن ڪري اُن کي ”جهيرڻو“ به چون. هي
گاهه رڍون، ٻڪريون، ڇيلا، ڍڳيون، گابا، مينهون ۽
گڏهه جام کائيندا آهن. هن ۾ اڇي رنگ جو سنهڙو اَن
ٿيندو آهي، جو ڏوٿيئڙا ڏڪار وقت ٻاجهريءَ سان
ملائي پيهي ماني پچائي کائيندا آهن.
* مکڻِي: هي گاهه مانڌاڻي جهڙو، پر ڊيگهه ۾ البت وڏيرو، چوٽيءَ
وٽ چئن ڦاڪن سان ٿيندو آهي. هي ڏاڍيري زمين ۾ جام
ٿئي. وارياسي ڊَسَڙَ ۽ ڀٽن تي گهٽ ٿئي. هن جو اَن
ڳاڙهسري ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي، جو غريب ماڻهو
ٻاجهريءَ سان ملائي، ڏڪار وقت مانيون پچائي
کائيندا آهن. هن جي اٽي ۾ چيڙهه ٿيندو آهي ۽ سواد
۾ ڪي قدر چانورن جهڙو ۽ طاقت وارو آهي. جڏهن سائو
هوندو آهي، تڏهين ڍڳيون، مينهون، گهوڙا، گڏهه ۽
گابا کائيندا آهن.
* ڏِنوهي: هي گاهه ڀِٽن جي پاسن تي فٽ کن ڊگهو ٿيندو آهي. پاڙ
وٽ جهڳٽي وانگر مٿي سوئا ٿي وڌندو آهي. رڍون،
ٻڪريون، ڍڳيون ۽ گڏهه وغيره کائيندا آهن.
انهيءَ کان سواءِ ڌاڃوڙ، کوماڻ ۽ ٻيا به انيڪ قسمن جا گاهه
ٿيندا آهن. |