سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 12

صفحو ؛ 16

 

باب ٻارهون

روينيو سرشتو

ٿر ۾ ٻنيون ٽن قسمن جون آهن: (1) سروي. (2) بيگوٽي. (3) ڪچا يڪسالا نمبر.

سروي: انگريزن حڪومت هٿ ڪرڻ بعد ترت ئي ان وقت موجود ٻنين جي ماپ ڪري حدن تي دَڙيون (نشان) هڻي، نقشا تيار ڪري، جن جن ماڻهن جي قبضي ۾ هيون، تن جي کاتي ڪري ڇڏيون.

بيگوٽي: سروي ماپ کان پوءِ غيرآباد زمين مان ٽڪرا، يا پنهنجن سروي ٻنين جا سيڙها ماڻهو سهوليت سان آباد ڪندا ويا، جي پوءِ مالڪاڻي ڀرڻ بعد ماپ تي سندن کاتي داخل ٿي ويا.

يڪساله ٽڪر: جي ڪنهن جي ٻنهيءَ جو سيڙهو يا سهوليت سان ڀر ۾ پيل غيرآباد زمين جو ٽڪر، يا ڪن حالتن ۾ جي ڪنهن وٽ آباديءَ لاءِ مائٽاڻو زمين ٽڪر نه هجي ته سندس ڳوٺ جي سيم ۾ ڪٿي به غيرآباد ٽڪرو پيل هجي، جتي ٻئي ڪنهن جو واسطو يا اعتراض نه هجي، ته اهو حد جي مختيارڪار کي درخواست ڪري پوکبو آهي. اُن کي يڪسالو چئبو آهي، جو پوءِ حد جو تپيدار ماپ ڪري ڍل وصول ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح ٽي سال لاڳيتو پوکي مالڪاڻو ڀربو آهي، ان بعد اهو بيگوٽي نمبر شمار ٿيندو آهي، پر جي ڪنهن جو اعتراض هوندو آهي ته پوءِ ان جو فيصلو ڊپٽي ڪليڪٽر ڪندو آهي.

مالڪاڻو اڳي ڍل جي ڏيڍوڻ وصول ٿيندو هو، مگر هاڻي في ايڪڙ پنڌرهن رپيا مقرر ٿيل آهي، ڇو ته اڳي جڏهن مالڪاڻو سستو هو تڏهن يڪسالن ٽڪرن جا تمام گهڻا تڪرار ٿيندا هئا، جي هاڻي گهٽجي ويا آهن.

ڍل جو نرخ سڀ ڪنهن فصل، ٻاجهري، گوار، ٿر، مڱ، ڪورو، چونئرا وغيره- ۽ سڀني قسمن جي ٻنين لاءِ ساڳيو سندن ايراضيءَ موجب هيٺئين ريت آهي: پنجن ايڪڙن تائين ٻه رپيا، ڏهن ايڪڙن تائين ٽي رپيا، ويهن ايڪڙن تائين پنج رپيا، ٽيهن ايڪڙن تائين پنج – ڇهه رپيا. ان کان وڌيڪ ماپ جون يڪيون ٻنيون ڪونه ٿين. جي زمين وڌيڪ هوندي آهي ته اهي مٿينءَ موجب ٽڪرن ۾ شمار ڪبيون آهن.

ٿر ۾ سنڌ وانگر وڏا زميندار ٿورا آهن، جن جي هٿن ۾ تمام گهڻي زمين هجي، باقي گهڻو ڪري سڀ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ ٿوري گهڻي زمين هوندي آهي. ڪي اهڙا به آهن، جن وٽ پنهنجي کاتي زمين نه آهي.

ڍل حد جي تپيدار کي ڏبي آهي، جنهن لاءِ کاتيدار کي رسيد ملندي آهي. تڪراري ٽڪرن جا فيصلا حد جو ڊپٽي ڪليڪٽر ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ ٻني نه هجي يا ڪو کاتيدار به چاهي ته ناڻي سان خريد ڪري سگهي ٿو. زمين تي حق موروثي هلندو اچي. پيءُ جي زمين سندس پٽ يا پٽن جي نالي کاتي بَدل ٿيندي آهي. مکيه کاتو وڏي پٽ جو ۽ پيٽي حصا ننڍن پٽن جي نالي داخل ٿيندا آهن.

 

زمين ۽ پيدائش

ٿر جي زمين جدا جدا قسمن جي آهي. ڪٿي سنئين، ڪٿي هيٺ مٿاهين، ڪٿي نرم، ڪٿي سخت، ڪٿي صفا واري، ڪٿي پٿرن جي ڀور ۽ رائي واري، ڪٿي مٿو ٻڌل، ڪٿي گيسڙ ۽ ريڪر، ڪٿي کاري، ڪٿي مٺي، جنهنڪري پوک جي قسم ۽ پيدائش تي به اثر ٿئي ٿو.

ڪنٺو: هتي ڀٽون ڇڊيون، وڏا ڏهر گهڻا ۽ ڊگها، جتي جي زمين سنئين ۽ ڪجهه ڏاڍيري يعني مٿو ٻڌل، ڀلي ريج جهليندڙ، وارياسي ۽ ڀُوري، ڪٿي سخت ۽ مٽي واري، جنهنڪري فصل ڀلو ٿئي. ٻاجهري، گوار، تر، مڱ، چؤنرا، ڪورڙ، هنداڻا ۽ گدرا سٺيون ٿين. خاص ڪري ترن جو فصل تمام ڀلو ٿيندو آهي. هتي ڪنڊا، وڏيون ڄاريون، ٻوهه، ٻيريون، کپ، ڪونڀٽ ۽ روهيڙو ٿين. ٿوهر ۽ ڦوڳ اصل ڪونه ٿئي.

پارڪر: زمين سنئين، پٿرائين ۽ رائي واري، مٺي، ريج جهليندڙ، ڪٿي ڪٿي نئيون ٻڌي تَليون ٺاهيل، جن ۾ جوار ۽ ڪڻڪ ٿئي. ٻاجهري، گوار، تر، مڱ، چؤنرا، ڪورڙ، هنداڻا ۽ گدرا سٺيون ٿين. خاص ڪري ترن جو فصل تمام ڀلو ٿيندو آهي. هتي ڪنڊا، وڏيون ڄاريون، ٻوهه، ٻيرڙيون، کپ، ڪونڀٽ ۽ روهيڙو ٿين. ٿوهر ۽ ڦوڳ اصل ڪونه ٿئي.

ڍاٽ: هتي ڀٽون البت گهٽ، ڏهر سرسيرا، زمين ڪٿي ڪٿي ٿوري اڍيري، ڪٿي وارياسي ۽ ڪنئري جنهن ڪري هوا ۾ اڏامندڙ، ڪٿي ڪٿي لائي واري، ڪي ڪي تليون اڪثر ڀليون. هتي ٻاجهري، گوار، تر، مڱ، چونرا، ڪوڙ، گدرا ۽ گدريون جام ٿين. ٿوري انداز ۾ جوئر به ٿئي. هتي سڀني قسمن جا وڻ ۽ ٻوٽا ٿين. روهيڙي جو وڻ گهٽ ٿئي.

وٽ: هتي جي زمين سنئين ڏاڍيري، تلين واري ۽ ڀلي، مٺي، پاڻي تانگو، ريج جهليندڙ. ڪن ڪن تلين ۾ کيڙڻ سان سيمو ٿي هيٺيون ريج مٿي اچي، جنهن ڪري ڪڻڪ، جوئر ۽ ٻاجهري جو فصل ڀلو ٿئي. گوار، تر، مڱ ۽ جونرا به ٿين.

ونگو ۽ سامروٽي: زمين مٺي، ڀلي ۽ تلين واري، ڪجهه ڏاڍيري آبادي لائق، جنهنڪري ٻاجهري، جوئر، گوار، تر، مڱ ۽ چونرا جام ٿين. سامروٽيءَ ۾ بصر گهڻو ٿئي، وڏا وڻ گهڻا ٿين.

مهراڻو: هتي ڀٽون گهڻيون ۽ هڪٻئي کي ويجهيون آهن، تنهنڪري وڏا ڏهر ڪونه آهن، ٻنيون ڪنئري زمين واريون، برسات سبب ڀٽن ۾ ڏرڙ وغيره جام، زمين ۾ آباديءَ لائق ٽڪرا گهٽ، سي به ڪُنئري زمين جا ڊاڳا، تليون بلڪل ٿوريون. هتي ٻاجهري، گوار، تر، مڱ ۽ چونرا ٿين. ٻنين ننڍين هئڻ ڪري پيدائش به انهيءَ آهر ٿئي. هتي ڪوُنڀٽ، ڪنڊا، ٿوُهر ۽ ڄاريون جام ٿين. ٻيا به هر قسم جا وڻ ۽ ٻوٽا ٿين.

کائُڙ: هتي وڏيون ڀِٽون ڪونه آهن، ننڍا دڙا ۽ مگرا اهن. زمين نرم ۽ واريسي، هوا ۾ اُڏامندڙ ۽ بي زوري جنهنڪري آبادي سراسري طرح ٿئي. ٻاجهري، گوار، تر، مڱ ۽ چونرا ٿين. وڏا وڻ گهٽ آهن. ڪنئري زمين هئڻ سبب ڃوڳ جام ٿئي، پر ٿوهر ڪونه ٿين.

 

پوک جو قسم ۽ طريقو

ٿر ۾ ٻاجهري ۽ گوار جي پوک جام ٿئي. ٿر، مڱ، ڪورڙ، چونرا ۽ جوئر به ٿين. ٻاجهري ۽ گوار گڏي ڪونه پوکين، پر جدا جدا، ڌار ڌار ٽڪرن ٽڪرن ۾ پوکين. ٿر، مڱ، چونرا ۽ ڪورڙ وغيره جدا ڪونه پوکين، پر ٻاجهريءَ سان گڏ ڇڊا ڇڊا پوکين. سڄي فصل سان گڏ هنداڻا، چڀڙيون، گدرا، چڀڙ، متيرا ۽ ميها به پوکيندا آهن. ڪورڙ، مڱن، چونرن ۽ تِرن جا، ٻنين ۾ جدا، هَرا هَرا پوکيندا آهن (پندرهن – ويهن اوڙن کي گڏي هَرا چئبو آهي)، نه ته ٻاجهريءَ سان گڏ جڊو فصل پوکيندا آهن، جو چوندا آهن ته ڀلو ٿيندو آهي. گهاتو هوندو ته ڦر ڪونه ڪندو، ڇڊو هوندو ته هرهڪ ٻوٽو ٽاريون گهڻيون ڪڍندو ۽ ڦُٽندو ججهو. ٻاجهري بلڪل ڇڊي پوکيندا آهن، هرهڪ داڻو جدا جدا. گهاٽي پوکبي ته سَلو ڀلو به ڪونه ٿيندو ۽ فقط هڪ سَلي مان هڪ سنگ نڪرندو. پر جي ڇڊي هوندي ته هڪ داڻي مان جدا جدا ڪانا پٽندا ويندا. پنج – ست، ڏهه – ويهه، بلڪ وڌيڪ به سنگ نڪرندا آهن. سَلي کي ”جُنڀو“ چون.

ٻاجهري، گوار ۽ ٻيو فصل سڄي ٿر ۾ پارڪر ۾ جام ٿئي. نرم زمين هوندي ته هڪ هر سان پوک ڪندا. پر جي ڏُهَر جي سخت ٻني هوندي، يا ڪن تلين جي وچ واري زمين سخت هوندي آهي ته پوءِ هڪ، ٻه يا ٽي هَر ڏيئي (جنهن کي کيڙ ڏيڻ چوندا آهن ته زمين نرم ٿئي) پوءِ پوک ڪندا آهن. ڳاڙهي جوُئر ٻاجهريءَ سان گڏ ڇڊي ڇڊي پوکين. ڪي وري ڇا ڪن جو ڀلي سخت زمين کي هَر ڏيئي نرم ڪري مٿان سانئور ڏيئي زمين ڍڪي ڇڏين ته ريج چوسجي نه ويندو آهي. پوءِ سياري جي شروعات ۾ جڏهن ٻاجهري ۽ ٻيو فصل لهي، تڏهن جوئر پوکين ته بنا برسات جي پوک تيار ٿيو پوي. سامروٽي، ونگي ۽ وٽ ۾ پاڻي تانگهو آهي، تنهنڪري اتي ويرا (ننڍا کوهه) کڻي، ان جي هٿراڌو پاڻيءَ تي جوئر، جَوَ، ڄانڀو، سرهه، بصر، ڪڻڪ ۽ ڀاڄيون به پوکين.

پارڪر ۾ هيرڻ پوکين. هيرڻ جي ٻوٽي کي سيءَ نقصان پهچائيندو آهي، تنهنڪري ٿر جي ٻئي ڀاڱي ۾ عام ڪونه ٿئي، پر پارڪر ۾ ڪارونجهر جبل جي اوٽ جي ڪري هيرڻ جي پوک جام ٿئي. هيرڻ جا ٻج پارڪر جا ماڻهو ڪڍي ٻاهر موڪلين ۽ هزارين رپيا ڪمائين. کوهن جي پاڻيءَ تي ڪڻڪ، بصر ۽ ڀاڄيون – جهڙوڪ واڱڻ، ٿوريون، ڀينڊيون، پاڪ، مُوري، سوئا، ميٿي ۽ مرچ وغيره ٿين.

ٿر جي ٻين ڳوٺن جهڙوڪ مٺي، اسلام ڪوٽ، چيلهار، ڇاڇري ۽ ڏيپلي ۾، جي وڏا ڳوٺ آهن ۽ جتي ڀاڄي سنڌ کان به ايندي اهي. اُتي کوهن جي پاڻي تي پالڪ، بصر، ڀينڊيون، مُوري، واڱڻ وغيره به پوکيندا آهن. برساتي موسم ۾ ڳوٺن ۾ گهرن جي لوڙهن تي ڪَريلا به ٿيندا آهن. اهي يا ته پوکيندا آهن يا اڳئين سال جي ڪريل ٻج مان ازخود اُڀرندا آهن.

ڪنٺي ۾ ڏهر وڏا آهن. ٻنيون وڏيون ۽ ڪجهه ڏاڍيري زمين آهي، جنهنڪري ڪورڙ، مڱ ۽ تِر جام ٿيندا آهن. پارڪر جي زمين پٿرائين ۽ فصل لاءِ ڀلي آهي. ڍات جي زمين ڪَنٺي کان ڪجهه گهٽ آهي. کائڙ جي زمين وارياسي ۽ نرم آهي، آبادي وچولي درجي جي ٿئي. مُهراڻي سان لاڳو ڀاڱي ۾ ننڍا وڏا دڙا ۽ ڀِٽون گهڻيون آهن ۽ ڏهر ڪونه آهن. ننڍيون ننڍيون تليون آهن ۽ اڪثر زمين جو گهڻو ڀاڱو آباديءَ لائق نه آهي. فقط ٻاجهري ۽ گوار جي پوک ٿئي، ٻيو فصل گهٽ ٿئي.

ڏيپلي تعلقي جي الهندي پاسي ٿوري ڀاڱي ۾ زمين سنئين آهي، جنهنڪري اتي بئريج جي هڪ شاخ نئون ڪوٽ برانچ وهي ٿي، جنهن تي ڪڻڪ ۽ ڪپهه جي موڪي پوک ٿئي. ڪن ڏهرن جي ٻنين جي زمين سخت ٿيندي آهي، جنهن کي ڪاٺِي چوندا آهن. اتي ٻاجهريءَ سان گڏ ڇڊي مَڪائي به پوکبي آهي، جا ڀلِي ٿيندي آهي.

 

هارپي تي ٻنهي ڏيڻ يا ڪرڻ

ٿر ۾ وڏا زميندار بلڪل ٿورا آهن، جن وٽ ڪافي ٻنيون آهن نه ته گهڻو ڪري مسلمان، ٺڪر، برهمڻ، مينگهواڙ، ڀيل، ڪولهي، سوٽهڙ وغيره سڀ ڪنهن وٽ پنهنجي ٿوري گهڻي ٻني هوندي آهي، جي هو پاڻ پوکيندا آهن. ڪيترن مهيشورين ۽ لهاڻن وٽ به ٻنيون آهن. هو پاڻ ورلي پوکيندا آهن، پر هارپ تي ڏيندا آهن. زمين کي ”مُنجيري“ چوندا آهن. جن وٽ وڌيڪ زمين آهي سي به هارپ تي ڏيندا آهن. هارپ جا ڪي هيٺيان نمونا آهن.

1- جي ٻني آباد ٿيندڙ آهي ته ان کي ”پورچ“ چئبو آهي. اها هاريءَ کي ڏبي ته اُن کي جهنگ وغيره وڍي صفا ڪرڻ جي هلاکي نه ٿيندي. هو پنهنجو جوڙو ۽ ٻيا خرچ ڪري آباد ڪندو ته مالڪ کي پيدائش جي پوٿين پتي ۽ ڍل ڏيندو. ڪي ڀليون ٻنيون هونديون آهن ته ٽيون حصو ڏيندو. جنهن کي ”ٽيهائي“ چون. جي جوڙو مُنجهيريءَ کان وٺندو ته اڌ پيدائش ڏيندو.

2- جي ٻني ڪجهه وقت کان آباد ٿيل نه هوندي ته ان کي ”گُڊ“ چوندا آهن. اها هاريءَ کي ڏبي ته هاريءَ کي جهنگ وڍي صفا ڪرڻي پوندي. ان حالت ۾ هاري هڪ سال يا ٻه سال پَتِي نه ڏيندو، اها ٻول شروعات ۾ ڪبي آهي. جوڙو ۽ ٻيا خرچ هاري ڪندو ته پوءِ چوٿين پتي ۽ ڍل ڏيندو. جي جوڙو زميندار کان وٺندو ته اڌ پيدائش ڏيندو. جي زميندار پنهنجي خرچ سان ٻني صفا ڪرائي ڏيندو ته شروعات کان ئي چوٿين پتي زميندار کي ملندي، جنهن کي ”چوٿانگ“ چئبو آهي.

3- جي ڪنهن کي ٻه، ٽي سَو يا گهٽ وڌ پئسا کڻڻا هوندا ته ٻنيءَ جي هارپ تي کڻندو. پوءِ پنهنجي ٻني هوندي يا زميندار جي، ته انهيءَ حالت ۾ پيدائش اڌواڌ، جنهن کي ”اَڌياري“ چون. جي گُڏ هوندي ته ڪڍڻي پوندي، جي پورچ هوندي ته هاري تڪليف کان بچيو. ٻنيءَ تي لاسَ وغيره جو خرچ ڪن حالتن ۾ اڌواڌ، ڪن ۾ هاريءَ تي، ٻج ۽ ڍل اڌواڌ. اڌ پيدائش زميندار کڻندو، باقي هاري پنهنجي اڌ پيدائش اُن وقت جي چالو اگهه موجب قرض ۾ زميندار کي ڏيندو. جي قرض ڀرجي ويو ته واه، نه ته رهيل پئسا هاري ڀري ڏيندو. پر جي ڀري نٿو سگهي ته جيستائين پئسا ڀري ڏئي تيستائين مٿئين نموني ٻني پوکيندو رهندو. ان حالت ۾ ڪي هاري سڄو سال مُنجيريءَ جي گهر جو ڪم ڪار مفت ۾ به پيا ڪندا آهن، ۽ رهيل پئسن جو وياج زميندار نه وٺندو آهي. ڪي هاري فقط ڪڏهن ڪو ڪم هوندو ته ڪري ڏيندا آهن، اهڙيءَ مدد (بيگر) کي ؟چانٽِي“ چئبو آهي.

4- ڪي ماڻهو پئسا کڻندا، ٻني ۽ جوڙو پنهنجو هوندو، ته به پيدائش جو اڌ ڏيندا آهن.

5- ٻني پنهنجي هجي ۽ فقط جوڙو ڪنهن کان وٺندا ته چوٿين پتي، بعضي ٽيون حصو فقط جوڙي جي عيوض ڏيندا.

ڪي وري مٿئين نموني ۾ ٻه حصا زميندار جا، ته ٽي حصا هاريءَ جا ڪندا آهن. هن کي ”پَنچا ڌوُئِي“ ورهاست چوندا آهن. ازان سواءِ ٻيا به گهڻيئي حصيداريءَ جا نمونا اهن، جي حالتن تي منحصر آهن. جنهن کي جتي ٿي سولِي لڳي، سو اُتي ٿو پورت ڪري. چوندا آهن ته اگهه ڪنهن وڌو؟ چي، جنهن جي نه سَرِي، ان وانگر مڙيئي ٿيو وقت ٽپائڻو، سو اهڙي نموني پيا ڏينهن پورا ڪن.

 

پوک

ٿر ۾ وارِي ۽ ڀٽون آهن، جنهن ڪري ڪو درياءَ، ندي، ڦاٽ، واهه، چشمو وغيره ڪونهي. نڪو ڪو ڍنڍ يا تلاءُ آهي، جنهن جي وسيلي آبادي ٿئي. آباديءَ جو مدار آهي برسات تي، جنهن کي ”بارانِي پوک“ چون، جا سڄي ٿر ۾ ٿئي. ٿرين جون اکيون سدائين اُڀ ۾، ته ڪڏهن ٿو موليٰ مهرباني ڪري مينهن وسائي. جڏهن برسات پوندي آهي، تڏهن آسرو الله تي ڪري، هر کڻي وڃي ٻني پوکيندا آهن. پهرئين ڏينهن شروعات ڪرڻ کي ”هروتِرو“ چوندا آهن.

ٿر جي زمين آهي وارياسي، جنهنڪري نرم ٿئي. منجهس ڪي لاهه يا وڻن جي ٿڙن جا بُنڊ ڪونه ٿين. جي ڪٿي ٿورا هوندا آهن ته اهي هاري ڪڍي ڇڏين، جنهنڪري هر ڏيڻ ۾ تڪليف ڪانه ٿئي. گهڻي برسات پيئي ته واه، وڃي هر ڪاهيندا. ٿوري پيئي ته ٻنيءَ ۾ وڃي هڪ ٻن هنڌن هٿ سان گُڏ کڻي ڏسندا ته ريج ڪيترو هيٺ اونهو آهي. چيچ ۽ آڱوٺي کي ويڪرو ڪري ماپي ڏسندا، اوترو ٿيو ته چوندا ”ويهت ريج“ آهي (ٻاڙيءَ کي ويهت چون). جي آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر کي وڌائڻ جيترو ٿيو ته چوندا ”ڪُرِٽيو ريج“ آهي. اها گهٽ ۾ گهٽ ماپ آهي. ايستائين ريج هوندو ته ٻني پوکي ڇڏيندا، پر ان کان گهٽ هوندو ته چوندا ”کُرڙيو ريج“ آهي، ته پوءِ ٻني ڪونه پوکيندا. ريج، مينهن هوندو ته ٻنيون پوکي پوءِ رکندا آسرو الله تي. جيڪڏهن رکي رکي پيا منهن وسندا ته آبادي اُسرندي ويرم ئي ڪانه لائيندي. پوري وقت تي ٽي برساتون پون ته: ”ٻن مهينن بعد جهڙي وائي اهڙي کائي.“ يعني، ٻج پوکڻ کان وٺي سٺ ڏينهن تي ٻاجهري پچي تيار ٿئي، ۽ لُڻي اَن ڪڍي کائين.

پوکڻ بعد جيڪڏهن وري ٻيو مينهن تُرت نه پيو ته فصل وٽجڻ لڳندو ۽ واڌ ۾ ويندو پؤڻو پوندو. هونئن چوندا آهن ته ”ٻاجهري آهي نِسِڏو ٻوٽو) جو جَهِڙيان تَهِڙيان (هروڀرو تڪڙو) ڪونه سڪندو. هڪ دفعو زمين ۾ پاڙ لڳي ته پيو تڳندو. پر انهيءَ کي به حد ٿيندي آهي. مهيني کن تائين اڪثر پيو تڳندو آهي، ايستائين به جي ٻي برسات نه پيئي ته پوءِ سُڪڻ شروع ڪندو.

بعضي ته پوکڻ بعد ڪيترا ڏينهن برسات نه پوندي آهي ۽ ڏکڻ – اولهه جي هوا زور سان شروع ٿيندي آهي، جنهنڪري نرم زمين واريون ٻنهيون، جن کي ڊاڳا چئبو آهي، تن جي واري سڪڻ سبب هوا سان گڏ اڏامي ويندي اهي، انڪري سالن جون پاڙون نڪري پونديون آهن ۽ فصل تباهه ٿي پوندو آهي. ڪن حالتن ۾ پاسي واري نرم زمين اُڏاميو ننڍا سلا ريٽي ڇڏيندي آهي، تڏهن چوندا آهن ته ٻني ريٽجي ويئي. وري گهڻي برسات پوندي آهي ته مٿاهين هنڌان پاڻيءَ جي وهڪرن ڪري ٻنيءَ ۾ واهونگا ۽ ننڍيون ننڍيون نئيون وهي اينديون آهن، جنهنڪري ٻوٽا اُکڙي پوندا آهن ۽ نئيون گهلي وينديون آهن. اهڙي حالتن ۾ اڃا جي موسم هوندي آهي ته وري نئين سر هر ڏيئي ٻج پوکيندا آهن. شروعات ۾ ٻاجهر پوکيندا آهن ۽ ٻئي دفعي برسات پوڻ تي وري گوار پوکندا آهن، ڇو ته چوندا آهن ته گوار جو فصل پاڇاتو ڀلو ٿيندو آهي.

جي ٻنيءَ جي زمين سخت هجي، جنهن کي ڪاٺِي چوندا آهن، ته گهڻي برسات سبب ڪيترا ڏينهن پاڻي بيٺو هوندو آهي، جنهنڪري زمين پوکي نه سگهبي آهي. پاڻي چوسجي وڃڻ بعد اڃا زمين نرم هوندي آهي، يعني مٿان هلڻ سان پير اندر پيا ويندا، تيستائين نه پوکيندا آهن، چوندا آهن ته اڃا ”آهِلِي“ پئي آهي. جڏهن ٻن – ٽن ڏينهن بعد زمين وائکي ٿيندي آهي، ۽ مٿان ماڻهو هلندو ته پير هيٺ نه ويندا، تڏهن چوندا ته هاڻي زمين مٿو ٻڌي ويئي آهي ۽ ”پانس“ آئي آهي، اُن وقت پوکڻ شروع ڪندا.

چڱي پوک لاءِ ٽي برساتون گهرجن، پر پڇاڙيءَ جو ٽئين برسات جي اُميد گهٽ رهندي آهي ۽ موسم چڙهي ايندي آهي، تنهنڪري اَسُوءَ ڌاري ڪٿي ڪٿي ٽڪرن ۾ ٿوري برسات پوندي آهي ۽ ريج ٿورو ٿيندو آهي. بعضي ٻنيءَ جون اوڙون مس ڀربيون آهن تڏهن چوندا آهن ته اوڙيهر ٿيا آهن. پڇاڙيءَ جو آباديءَ لاءِ اها برسات به سُٺي سمجهندا آهن، ڇو ته ريج لاءِ اها به چڱي اُٻيل ڏيندي آهي.

 

پوک جي تياري

ٿر جي ٻنهي مان ڪا زمين ڏاڍيري ته ڪا ڪنئري ٿيندي آهي. ٻن سوڙهين ڀٽن يا درن جي وچ ۾، جتي زمين ڪنئري هوندي آهي، ان کي ڊاڳو چئبو آهي. اهڙي زمين ۾ ڦوڳ گهڻا ٿيندا آهن. ٻُوهه، مرٽون، ٻائوريون، ننڍڙيون کٻڙيون ۽ سيڻ وغيره به ٿيندا آهن. جي ٻني گهڻن سالن کان ڇٽل هوندي، ته اهي ٻوٽا گهڻا، گهاٽا ۽ وڏا هوندا، جي ڪهاڙيءَ سان وڍي ڍنگهر گهلي ٻنيءَ جو لوڙهو (واڙ) ٺاهيندا آهن. وڻ ۽ ٻوٽا بنهه گهڻا هوندا ۽ ڍنگهر لوڙهي کان وڌي پيا ته ٻنيءَ ۾ ئي سهوليت سان ڍڳ ڪري باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيندا، جنهن کي ”اوگهو“ چوندا آهن. سيڻ ۽ مُرتن جا ڪوڏر سان لاهه ڪڍي ڇڏيندا آهن، جنهن کي ”ٻونٺا ڪڍڻ“ چئبو آهي، اهو ڪم بلڪل ڏکيو آهي. پر جي زمين سال بسال آباد ٿيندڙ هوندي ته لاهه اڳي ئي نڪتل هوندا ۽ باقي ڇڊا ۽ ننڍا ٻوٽا هوندا آهن جي وڍي ڇڏبا آهن. وڻن جي گوڍن وٽ قدرتي طرح واري گڏ ٿيندي آهي، جتي ڪجهه زمين، ٻي ڀر واريءَ زمين کان ڪجهه مٿڀري ٿي پوندي آهي، جنهن کي ”مُوڙ“ چوندا آهن، جي ڪوڏر سان ڊاهي ڇڏبا آهن. هن ڪم لاءِ ننڍي ڳن سان چوپاسي ڪوڏر، جنهن جو هيٺيون پاسو البت مٿئين پاسي کان ننڍيرو هوندو آهي، سا ڪم آڻيندا آهن، جنهن کي ”ڇاڄڻ ڪوڏر“ چئبو آهي. اهڙيءَ طرح وڻ ۽ ٻوٽا ڪڍي صفائي ڪبي آهي، تنهن کي ”سُوڙهه ڪرڻ“ چئبو آهي.

پر جي ٻني ڏهر جي هوندي ۽ سال بسال آباد ٿيندڙ هوندي ته اُن جي وڻ ۽ ٻوٽا ٿورا هوندا. ڏهرن ۾ وڻ اڪثر گهٽ ٿيندا آهن. جهنگلي ٻيريون گهڻيون ٿينديون آهن، سي ڪهاڙيءَ سان وڍي ڇڏبيون آهن. ڍنگهر لوڙهي تي ڏيندا يا ساڙي ڇڏيندا آهن، گهڻن سالن جي ڇڏيل هوندي ته چوندا ”گڍ ٻني“ ۽ سال بسال آباد ٿيندڙ هوندي ته چوندا ”پورچ ٻني“ آهي. ڏهر جي ڪن ڪن ٻنين ۾ ڳنڍير، وينجهل ۽ ڊڀ ٿيندا آهن، جي ٽيئي گاهه پوک لاءِ سخت نقصانڪار آهن، تنهنڪري اونهاري جو ڪوڏر سان پاڙون کوٽي ڪڍندا آهن. بعضي کيڙ ڏيئي پوءِ پوکيندا آهن ائين ڪرڻ سان ڳنڍير، جنهن کي ٿر ۾ ”گنٺيو“ چون، سو ناس ٿي ويندو آهي، پر وينجهل ۽ ڊڀ مشڪل ناس ٿيند آهن. اهي سال بسال وڌندا ويندا آهن، يعني زمين تي وڌيڪ پکڙبا ويندا، تنهنڪري ڪي ڪي ٻنيون ته هاري بنهه ڇڏي به ڏيندا آهن. سُڙهه گهڻو هوندو ته اونهاري جو برسات کان ٿورو وقت اڳ صفائي ڪري ڇڏيندا آهن. اهي سال بسال وڌندا ويندا آهن، يعني زمين تي وڌيڪ پکڙبا ويندا، تنهنڪري ڪي ڪي ٻنيون ته هاري بنهه ڇڏي به ڏيندا آهن. سُوڙهه گهڻو هوندو ته اونهاري جو برسات کان ٿورو وقت اڳ صفائي ڪري ڇڏيندا آهن ۽ جي ٿورو هوندو آهي ته پوکڻ وقت سوڙهه ڪندا ويندا ۽ پوکيندا ويندا. هاري پيو پوکيندو ۽ گهر جا ٻيا ڀاتي مرد، عورتون ۽ ٻار پيا سُوڙهه ڪندا ۽ ٽاريون اُڇلي صفائي ڪندا.

ڀاڻ ڏيڻ جو رواج ڪونهي. ٻنهي ۾ ڪنڊا ۽ ڄاريون ٿينديون آهن. اونهاري جو مال انهن جي ڇانو هيٺ ويهندو آهي ۽ ڇيڻا ۽ ڦولهڙيون ڪندو آهي، جي اتي ئي پيون هونديون آهن. ڪي ڪي هاري اهي پکيڙي ڇڏيندا آهن، جي ڀاڻ جو ڪم ڏينديون آهن، نه ته ٻيو هٿراڌو ڀاڻ ڪونه ڏين. چوندا آهن ته ”ڀاڻ سدا جواڻ“. جيڪڏهن هٿراڌو ڀاڻ ڏنو وڃي ته پوک لاءِ ڏاڍو فائدي وارو ثابت ٿئي. ان لاءِ ٿرين کي توجهه ڪرڻ کپي.

ٻنيءَ ۾ وڏا وڻ، ڪنڊا، ڪرڙ، ڪونڀٽ ۽ ڄاريون وغيره هوندا آهن ته ڇانو خاطر برقرار رکندا آهن. جي وڻ نه هوندا يا ٿورا هوندا ته ڪٿي ڪٿي ٻنيءَ ۾ چار ڪاٺيون کوڙي مٿان ورائي کنبذ وانگر ٺاهي گاهه وغيره رکي ڀونگو ٺاهيندا آهن، جنهن کي ”ڇانهولو“ چوندا آهن. ٻنيءَ جي ڪم ڪندي ٿڪ ٿيڻ وقت اُنهيءَ ڇانو هيٺ ويهي آرام ڪندا آهن. هاري گهڻو ڪري ٿڌي پهر ۾ يعني ٻارهين بجي تائين ۽ شام جو ڏيڍ بجي کان پوءِ ڪم ڪندا آهن. وچ ۾ جڏهن ڏينهن جي تپش زور هوندي آهي، تڏهن ڪنهن وڻ هيٺ يا ڇانهولي ۾ ويهي ماني وغيره کائي ساهي پٽيندا آهن، جنهن کي ”ڦُوڪارو کائڻ“ چوندا آهن.

مرد صبح جو سويل، راتوڪي بچيل ماني هوندي ته اُها، نه ته تازو تيار ڪيل ماني کائي يا بعضي نيرانو ٻنيءَ ڏي روانا ٿي ويندا. عورتون گهر جو ڪم حاج لاهي، ماني ڀاڄي تير ڪري، لهي (جهڻ) پنهنجي هوندي ته واهه، نه ته ٻئي ڪنهن جي گهران آڻي، ٻه – چار گڏجي ٻنيءَ ڏي روانيون ٿينديون، انهيءَ کي ”ڀتو“ چئبو آهي ۽ کڻي وڃڻ واريءَ کي ”ڀتوئارڻ“ چئبو آهي. هاري ٻنيءَ جو ڪم پيو ڪندو، پر نظر ڳوٺ واريءَ وات ڏي هوندي ته ڪڏهن ٿي ڀتوئارڻ اچي.

موران ناهه ميههَ نه وسري، منگت نان ڏاتار،

ماهيلِي نان پِيهَر نه وِسري، هاري نان ڀَتوئار.

 

هَر ڏيڻ

ٿر ۾ پُڄندي وارا اُٺ سان هر ڪاهرائيندا آهن، ڍڳا ورلي ڪتب آڻيندا آهن. پر غريب طبقو گهڻو آهي، جي هر گڏهن سان ڪاهيندا آهن. ڇو ته گڏهه سستا ۽ گهٽ خرچ آهن. برسات پوڻ بعد هفتي کن اندر اهڙو گاهه ٿي پوندو آهي، جو گڏهه کائي ڍو ڪندا اهن ۽ پوءِ انهن تي ڪو خرچ ڪرڻو نه پوندو آهي. ۽ هر ۾ چڱيءَ طرح هلندا آهن.

هَرُ ڪوُنڀٽ جي ڪاٺيءَ جو ٺاهيندا آهن، ان جي چهنب ۾ لوهه جو ڦار وجهندا آهن، جيئن زمين ۾ اندر گهڙي وڃي، جو اصل لفظ ”ڦال“ آهي. ’ل‘ مٽي ’ر‘ ٿيو آهي، جيئن جَل مان جَرَ، ٿَلَ مان ٿَرَ وغيره. اوٺي هَرَ لاءِ هل، اڌ کان پوءِ ٻه ڦاڪو ٿيندو آهي. ڍڳن جي يا گاڏهي هَر لاءِ هَلَ لاءِ هڪ ڊگهي ڪاٺي وجهندا آهن. هَلَ جي پُٺ ۾ ٽنگ ڪري ڪاٺي اٽڪائيندا آهن، جيئن ڇڪڻ وقت هَلَ ٻاهر نه نڪري، جنهن کي ”ڪُڪِرِي“ چوندا آهن. هَرَ ۽ هَل جي وچ ۾ هڪ ڪاٺي اَڌَ طور ڏيندا آهن، جيئن هر مضبوط بيهي. اها هڪ پاسي هل ۾ ٿورو کَپَ ڪري ٽڪائيندا اهن ۽ ٻئي پاسي هَرَ جي مُٺئي ۾ هيٺان قابو ڪندا آهن، جنهن کي ”پنڇ“ چوندا آهن. هر جي وچ تي ٽنگ ڪري ان ۾ ڪاٺي ٽڪر وجهندا آهن، جو پُٺئين پاسي ست – اٺ انچ ٻاهر بيهندو آهي. اِهو هر کي مٿي کڻڻ لاءِ ڪم ايندو آهي، ان کي ”مُٺِيو“ چون.

اُٺ ۾ هر ٻڌڻ وقت اُن جي ڪنڌ تي رَلين جا ٽُڪر ۽ ڳوڻ وغيره گَدي وانگر رکي مٿان نوڙين سان ڳتيل خاص نموني جو ٺهيل ٽڪر رکندا آهن، ان کي ”گوڙڻ“ چون. ان جي مٿان نوڙي ورائي، گوڙڻ جي ٻنهي ڇيڙن جي وچان لنگهائي، هَلَ جي ٻنهي پاسن ۾ ٻڌندا آهن. اُٺ جي نڪ ۾ ٻه مهارون وجهي، ٻنهي پاسن کان ورائي، هر جي چوٽيءَ سان ٻڌندا آهن، جي اُٺ کي ورائڻ لاءِ ڪم اينديون آهن، جن کي ”راسُون“ چون. هر جي پويان هڪ پوري ڪاٺي ٻڌندا آهن، جنهن کي ”ٻِج واڻي“ چون. ان جي مٿيون پاسو تيل اوتڻ واري ڪميءَ جهڙو ٿيندو آهي. هر ڪاهڻ وقت اُن مان ٻج ڪيرائيندا ويندا آهن.

پهرئين ڏينهن گهران نڪرڻ وقت ٻاجهريءَ جا ننڍا ٻه چار لولا پچائي، پاڻيءَ ۾ گهاٽو ڳڙڳاري، ان سان مکي، ورهائيندا آهن، اهو چڱو سوڻ سمجهندا آهن. اُٺ کي سڌو هڪليندا آهن. اٽڪل سَٺ کن وکون يڪي اوڙ ڪڍندا آهن، جنهن کي ”اوجاڻَ“، ”وَراڻَ“ يا ”بِيگهه“ چون. اوڙَ جي ڪناري کي ”اوُمِرهو“ چون. پوءِ هر کي مُٺئي مان جهلي مٿي کڻي اُٺ کي پوئتي واريندا آهن. هڪ دفعي اوڙ جي ساي پاسي، ٻئي دفعي کاٻي پاسي اوڙون ڪڍندا ويندا. اهڙيءَ طرح اٽڪل پنجويهه – ٽيهه اوڙن ڪڍڻ بعد، وري نئين سر ڪجهه پنج – ست وکن تي الڳ انهن اوڙن سان پوري وڇوٽيءَ تي اوڙ ڪڍندا، جنهن کي ”هَرا وجهندا، اهڙيءَ طرح پوکيندا ايندا. سراسري طرح هڪ هاري هڪ اُٺ سان چورس اوجاڻ زمين هڪ ڏينهن ۾ پوکي سگهندو آهي. سگهارو اُٺ هوندو ته ڪجهه وڌيڪ به پوکي سگهندو آهي. هڪ سال ٻني اتر – ڏکڻ پوکيندا ته ٻئي سال وري اڀرندي اولهدي پوکيندا. کاڙهي تَپڻ وقت وهٽن کي ٻه ڪلاڪ کن ساهي ڏيندا آهن، ان وقت چارو گوارٽي، ڏريل گوار يا جيڪو به هوندو) ڏيندا آهن. ڪي اُٺ وَهُو هوندا آهن، پر ڪي جَڙَ هوندا آهن جي هَرَ ۾ نه هلندا آهن ته مُهارون تاڻي هلائيندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org