سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 20

صفحو ؛ 32

 

ڪَنگي: ننڍو ٻار ستل هجي ۽ مٿان ڪنجهي جو ٿانءُ ڦيرائبو، يا ٻئي کي ٿانءُ ڏيڻ لاءِ ٻار مٿان لنگهائبو، يا ڪنجهي جي ٿانءُ ۾ ٻار کي ڪجهه کارائبو يا پيربو، يا ٻار کٽولي تي ستل هجي ۽ هيٺان ڪنجهي جو ٿانءُ پيل هوندو ته ”ڪَنگي“ ٿي پوندي، چئبو آهي ته ٻار جي روبرو ان مرض جو نالو وبو ته به اهو مرض ٿي پوندو.

ان ۾ ٻار کي سنهو بخار ٿيندو، روزبروز بدن ۾ اڀرو ٿيندو ويندو، پيٽ ۽ مٿو وڌندا رهندا، تان جو ڳري وڃي هڏن جو پڃرو بچندو ۽ نيٺ مري ويندو. ڊاڪٽر هن کي ”ٻارن جي سلهه“ به چوندا آهن، ان لاءِ هيٺيان ٽوٽڪا ڪبا آهن:

(1) سُهائي آچر (چانڊوڪين راتين ۾ جيڪو آچر اچي. جي ڏينهن، مينهن جو آلو ڇيڻو آڻي ٻار کي ان سان ٿوري، پينگهي جي سامهون اهو ڇيڻُ ڀت سان ٿڦي، اُبتي ماڻهو جي شڪل/بوتو ٺاهي ڇڏجي، جيئن هر وقت ٻار جي نظر مٿس پوندي رهي. جيئن ڇيڻو سُڪندو ويندو، تيئن ٻار چڱو ڀلو ٿيندو ويندو.

(2) سهائي آچر تي ٻار کي چانديءَ سان تورجي. سڀ ڪنهن جي گهر ۾ ايتري چاندي ڪانه هوندي آهي، ان لاءِ پاڙي وارن کان في الحال چانديءَ جا زيور گهري وٺي اچي ڪم ٽپائبو آهي. بعضي ڪَنجهي جا ٿانءُ گڏ ڪري ان سان به ٻار کي توربو آهي. اهو علاج ٻه ٽي مهينا يا جيستائين فائدو ٿئي تيستائين چالو رکندا آهن.

(3) ڳوٺ جي ترائي (تلاءُ) جيڪا ٻار ڏٺي نه هجي، سهائي آچر رات جي اَسر جو جهرڪين سُتي مهل ماڻهو وڃي، اٻولو ٿي، چيڪي مٽيءَ جا ڀتر کڻي اچي، ان سان ٻار کي تورجي، ۽ پوءِ مٽي ڳوهي، پينگهي جي سامهون ڀت تي، مانهو جي اونڌي شڪل (ٽنگون مٿي، مٿو هيٺ) وانگر ٿڦي ڇڏجي. جيئن مٽي سُڪندي ويندي، تيئن ٻار کي فائدو ٿيندو ويندو.

(4) ٻار جي تور جيڏو ٻلو جهلي، اُن سان ٻارکي توربو آهي.

(5) هڪ ٻلي جهلي، اُن کي ٻار جو چولو پارائي، مٿان بار کي ويهاري، وهنجارجي، پوءِ پُسيل چولو لاهي، ويڙهي زمين ۾ کڏ کڻي پوري ڇڏجن.

(6) مئل ڪتي جي کوپڙي آڻي، ان تي ٻار کي ويهاري، وهنجاربو آهي. اهو عمل ايستائين ڪبو، جيستائين فائدو ٿئي.

(7) سهائي آچر جو، ٻه اڪ جون تَڙيون (ڪاٺيون) آڻي ٻار کي ماپي، ان جيڏا ٽڪر ڪري ڇانوَ ۾ سڪڻ لاءِ رَکبا آهن. جيئن ڪاٺيون سڪنديون وينديون، تيئن ٻار چڱو ڀلو ٿيندو ويندو.

(8)سهائي آچر تي، ماوي رنگ جي شيشي جا مڻيا وٺي، انهن جا پنج ڪَنڍلا (هار) ٺاهي، هڪ مريض جي ڳچيءَ ۾، ٻه ٻانهن ۾ ۽ ٻه ڄنگهن ۾ ٻڌبا آهن.

(9) سهائي آچر جي ڏينهن، بازار مان يا ڪنهن گهر مان ڪجهه ڪڻڪ چورائي آڻي پسائي رکجي. (اها اهڙيءَ طرح کڻجي جيئن مالڪ کي خبر نه پوي.) رات جو سُئيءَ ۾ سڳو وجهي، ڪڻڪ جا داڻا پوئي، پنج هار ٺاهي، ڳچي، ڄنگهن ۽ ٻانهن ۾ ٻڌجن.

(10) سهائي آچر تي، ٻار کي ڪپڙِ ۾ قابو ٻڌي، کوه جي منهن تي ٿورو هيٺ ڪجي، وري مٿي ڪجي. اهو عمل ست دفعا ڪجي.

(11) زمين ۾ کڏ (قبر) کوٽي، ٻار کي ان ۾ پنج منٽ کن سمهاري، پوءِ ٻاهر ڪڍجي.

(12) مريض ٻار جي مامي جي جاءِ جي ڀت ۾ ٽُنگ ڪري، يا ڪکائين جاءِ هجي ته ڪک لاهي، ايتري وٿي ڪجي، جنهن مان ٻار لنگهي سگهي. پوءِ ٻار کي ست دفعا انهيءَ مان لنگهائبو آهي.

ڇِڪِي: اُن جا ٻه قسم آهن:

(الف) اُبت ڇِڪي: هي بادي شين جي کائڻ جي ڪري ٿيندي آهي ۽ پوءِ ڪن ڪن ماڻهن ۾ اهو اثر ٿي پوندو آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن باديءَ جي ڪري اهو اثر وڌندو آهي ته ماڻهو بيهوش ٿي ڪري پوندو آهي. بروقت علاج نه ٿيو ته بعضي موت به ٿيو پوي. هن حالت ۾ يڪدم مريض کي سمهاري، پنين، سٿرن، چيلهه ۽ پُٺن تي ماڻهو چاڙهي، خوب اُبتو سبتو لتاڙجي، ۽ پوءِ اُٺ جا ڦڳولهڙا يا ايڏا پٿر يا سڪل مٽيءَ جا ڳنڍا کڻي، پنين جي وچ تي رکي، ڪپڙي جي پٽيءَ سان ڇڪي ٻڌي ڇڏجن. پيرن کان وٺي سٿرن تائين ڄنگهون ڪپڙي سان ڇڪي پٽيءَ وانگر ٻڌجن. چيلهه کي مضبوط ڪپڙي جا ور ڏيئي ٻڌجي. بروقت ڪپڙو نه هجي ته پٽڪو ڪم آڻجي، ٻائوري (جهنگلي وڻ) جا پن گهوٽي، رس ڪڍي ان ۾ گيهه وجهي پيارجي. هٿن ۽ پيرن جي ترين کي خوب تيل جي مالش ڪجي، مريض کي هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪجي.

(ب) دُن ڇِڪِي: جنهن ماڻهوءَ جي طبيعت ۾ بادي جو اثر هوندو آهي، ان کي هي مرض ٿي پوندو آهي، گهڻو بار کڻبو يا هلندي ٿاٻو آيو ته به ڇڪي پئجي ويندي آهي.

هن حالت ۾ بعضي دست به ٿي پوندا آهن. کاڌو نه وڻندو آهي، جيڪو کائبو سو هضم ڪونه ٿيندو. ماڻهو ضعيف ۽ بي آرام ٿي پوندو. نستائي ٿيندي، اٿڻ به لاچار ٿي پوندو. شاهه شريان، جا دُن جي هيٺان هوندي آهي، سا ٿِڙهي پاسي ٿي ويندي آهي، ۽ هٿ لائڻ سان دُن جي پاسي تي يا مٿان ڳوڙهو معلوم ٿيندو آهي. ان لاءِ ڪي ڪي ماڻهو (مرد يا عورت) آڍي سگهندا آهن. انهن کان وڃي آڍائبو آهي، جنهن کي ”هٿ هڻائڻ“ چئبو آهي. ڪن کي انهيءَ آڍڻ جي اٽڪل ٿيندي آهي.

(1) پَٽ تي ڪپڙو يا رلي وڇائي، مٿان مريض کي سنئون سمهاري، پيٽ تي ٿورو ڪڙو تيل (بنازڪ بدن هجي ته مٺو تيل) لائي، پاڻيءَ مان هٿ ٻوڙي، مٿان کان هيٺ، پاسيرو اُڀتو سبتو هٿ سان آڍيندا آهن ۽ پيٽ ۾ ڳنڍو، جو ڌُن کان ٿڙيل هوندو آهي، تنهن کي هٿ جي ٽَلَ سان دُن جي هيٺان بيهاريندا اهن. پوءِ تيل سان پنين ۽ ٻانهن کي آڍيندا آهن، پوءِ مٽيءَ جو ٿورو ڀتر گرم ڪري، ڪپڙِ ۾ ويڙهي، دُن تي رکي، ڪپڙي جو مضبوط ور ڏيئي ٻڌي ڇڏبو آهي. ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ ڇوڙ ڇڏجي.

(2) مريض کي سنئون سمهاري، پاڻيءَ جي ڀريل دلي (پندرهن يا ويهه سير کن) دن تي رکبي آهي. ٻن ٽن ڪلاڪن بعد لاهي رکجي.

(3) مريض کي ابتو سمهاري، پنين، سٿرن ۽ چيلهه تي ننڍي ڇوڪر (جنهن جو بار سهي سگهجي) کي چاڙهي لتاڙائبو آهي.

(4) ماڻهو جا ڊگها وار هٿ ڪري، وٽي، سڳا ٺاهي، مريض جي پيرن جي آڱوٺن ۾ ٻڌبا آهن. جن کي ڇڪيءَ جو عادتي اثر هوندو آهي، سي چاندي يا ٽامي جا ڇلا ٺهرائي، پيرن جي آڱوٺن ۾ وجهي ڇڏيندا آهن.

(5) ڦوڳ جي وڻ جا پن، جن کي لاسئون چئبو آهي، اهي جهاروٽي، يعني باهه تي سيڪي، ٿورو گرم ڪري، ڪپڙي ۾ وجهي، دُن تي ٻڌي ڇڏجن، ٻن ٽن ڪلاڪن بعد ڇوڙجن.

(6) آڍائڻ بعد مريض کي پنج تولا کن گيهه ۾، اڌ تولو ڳاڙها مرچ ڪٽيل گڏي پيارجن. ڪي اڌ تولو کن ڪارا مرچ گيهه ۾ وجهي پياريندا آهن. ڪي تولو کن ڪٽيل جاڻ گيهه ۾ وجهي پياريندا اهن. وڏف ۽ جوهر جون ٽڪيون پڻ کارائجن.

(7) مريض کي اوڌو سمهاري، چيلهه ٿي پير رکي، ساڄي هٿ سان ساڄو هٿ ۽ کاٻي هٿ سان کاٻو پير جهلي مٿي ڇِڪَ ڏجي. وري ان جي اُبتڙ کاٻو پير ۽ ساڄو هٿ مٿي جهلي ڇِڪَ ڏجي.

(8) مريض جي هٿ جي آڱپٺي ۽ ڏسڻي آڱر جي وچ وارين نبضن کي زور سان مهٽجي.

(9) ساڄي پير جي مُريي واري هڏي کان ٻاهرين پاسي، چار آڱر ڀري، مٿي اڳڙي جي پوپي سان ڏنڀ ڏيندا اهن.

خالي پيٽ يعني نيراني اهو هٿ هڻائبو آهي. هٿ هڻائڻ بعد نرم کاڌو کائجي.

ڪوئِلِي: اُن جا ٻه قسم آهن:

(الف) – نڙيءَ جي ڪوئلي: هي کاري کٽي يا مٺي ۽ کٽي شيءَ گڏ کائڻ ڪري ٿيندي آهي. بعضي کنڊ ۽ کٽي لکسي ۽ انب ۽ کٽي لسي کائڻ سان بڀه ٿيندي آهي. ان ۾ نڙيءَ اندر ڳوڙهو ٿيندو آهي، جو وڌندو ويندو آهي. علاج نه ڪرڻ جي حالت ۾ بعضي مريض گهُٽجي مري به ويندو آهي. ان لاءِ هيٺيان سوڻ ڪيا ويندا آهن:

(1) وات ۾ آڱر وجهي نڙيءَ ۾ لنگهائي، ڪوئلي وارو ڳنڍيو ڦاڙبو آهي. ڳنڍي ڦاٽڻ سان رت ۽ پوُنءَ وات مان نڪرندي آهي ۽ فائدو ٿي پوندو آهي.

(2) ڪاٺ جي ڏوئيءَ جو ڏنڊو چُلهه جي ڪيڙ ۾ وجهي رکبو. ڪوسو ٿيندو ته ڪڍي، زناني پراڻي ڪَنِجري ۾ ويڙهي، نڙيءَ تي سيڪ ڪبو آهي. ائين اڌ ڪلاڪ کن سيڪ ڪجي، جيستائين فائدو ٿئي.

(3) ڪَڻڇيءَ ۾ اُٺ جي سيهريءَ ۾ ٿورو لوڻ وجهي، گرم ڪري، نڙيءَ تي رکي مٿانڪپڙي جي پٽيءَ سان ٻڌجي.

(4) بصر کارائجي، ٻاجهريءَ جي رَٻ رڌصي ڪوسي ڪري پيارجي، جيئن نڙيءَ کي سيڪ اچي.

(ب) ڦَرَ جي ڪوئلي: هيءَ پُٺي ۽ ڦر ۾ پوندي آهي. وت کان وڌيڪ بار کڻڻ ڪلري يا سمهيل ماڻهو ڏکيءَ طرح پاسو ورائيندو. ته ڪن حالتن ۾ ٿي پوندي. بعضي زالن کي جنڊ پيهڻ يا پاڻيءَ جي دلن کڻڻ ڪري به ٿي پوندي آهي. هن کي ”ڦَرَ پوڻ“ به چئبو آهي. بعضي هڪ پاسي، بعضي ٻنهي پاسن به پوندي آهي.

هن حالت ۾ ڦر ۽ ڇاتيءَ ۾ آمهون سامهون سُور پوندو آهي ۽ ٻانهن چورڻ سان به سور ٿيندو. ان تڪليف ۾ ڪم ڪري نه سگهبو. ان لاءِ هيٺيان علاج ڪبا آهن.

(1) ڦر جي پاسي کان نبض ٿيندي آهي، جا ڪجهه ٻاهر نڪري ايندي آهي. هٿ جي چپٽي سان اها نبض جهلي ست دفعا زور ڏبو آهي.

(2) هٿ سان آڍي، پوءِ زناني جُتيءَ جي پادر سان آهستي آهستي ست دفعا ڌڪ هڻجن، پوءِ هٿ سان آهستي مُڪون هڻجن.

(3) ٺڪر جي لوٽي ۾ ڪوسي ڪِر وجهي، ڦر ۽ ڇاتيءَ تي ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا سيڪ ڪجي.

(4) ڦر تي هڪ نبض ٿيندي آهي. هٿ جي آڱر سان ڦر تي ٿورو ٿورو زور ڏيندو وڃجي. جڏهن نبض تي آڱر آئي، تڏهن سُور ٿيندو. ان هنڌ تي آهستي آهستي سُهائيندو زور ڏيندو وڃجي. اهڙيءَ طرح اڳيان ڇاتيءَ ۾ اُرهه جي ڀرسان ڪوئلي واري پاسي نبض ٿيندي آهي. اها به مٿئين وانگر ڳولي زور سان کٽڪائجي.

(5) ڪلهي واريون نبضون مهٽجن.

(6) اڪ جي پيلي پن تي ڳڙ رکي گرم ڪري، ڦر تي چنبڙائجي، تيل نه لائجي.

(7) جنهن پاسي ڪوئلي هجي، ان هٿ جي آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر جي وچ ۾ نبض کي سهائيندي زور سان کٽڪائجي.

ٻاراڻو: هي نمونيا جو قسم آهي. ننڍي ٻار کي ٿئي ته چئبو ٻاراڻو، ۽ وڏي کي ٿئي ته چئبو نمونيا. سڻڀ کائي مٿان ٿڌو پاڻي پيئڻ، ٻاهر ولهه ۾ ٻار کي سمهارڻ، گرم بدن واري کي ٿڌو پاڻي پيارڻ، سيءَ لڳڻ، اسر جي ٿڌي هوا (ڪَرِڙ) لڳڻ، ماءُ جنڊ پيهي يا مانيون پچائي يا پورهيو ڪرڻ بعد يڪدم پگهر واري بدن سان ٻار کي ٿڃ ڌارائيندي ته ٻاراڻو ٿي پوندو. تنهنڪري ٿورو وقت ترسي، بدن ٺاري، ٿڻ ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئي پوءِ ڌارائجي. پهرئين ٻار کي ٻاراڻو ٿيو ته پوءِ نمبروار ٻارن کي ٿيندو ايندو.

هن حالت ۾ ڇاتيءَ ۾ سُور ۽ پکڙاٽين ۾ کڏون پونديون، جي ذري هيٺ ذري مٿي پيئون ٿينديون. ٻار کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف رهندي ۽ ساهه ڌچڪي ساهه کڻندو. بدن تي بخار، اکين ۾ گَڏانت (ڳهر) هوندي، يعني بي هوشيءَ واري حالت، ٿڻ نه ڌائينديو، اَن ڪونه کائيندو. هر هڪ کنگهه ٿيندي ۽ اُلٽيون اينديون، ۽ ساهه کڻڻ سان سُر سُر جو آواز پيو ٻڌڻ ۾ ايندو. اُن لاءِ هيٺيان علاج ڪبا آهن:

(1) ڪيوڙي جا آلا پن لسيءَ ۾ ٻاڦي (اوٻاري) گرم گرم ڇاتيءَ ۽ پاسن تي ٻڌجن.

(2) سيڙڪي ڄار (جنهن ڄار ۾ پيلي رنگ جي پيرون ٿيندا اهن، ان کي ”سيڙڪي ڄار“ چئبو آهي، ۽ جنهن ۾ ڳاڙهي رنگ جا پيرون ٿين ان کي ”راتڪي ڄار“ چئبو آهي) جا پڻ ڪُٽي، ٻاجهريءَ جو اٽو ملائي، ماني ٺاهي، هڪ پڙ دانگي ۾ پچائي، ٻيو ڪَچو لاهي ان تي تيل مکي، سنهي هيڊ جو ڪُٽيل ٻورو ٻُرڪائي رات جو ڇاتي ۽ پاسن تي ٻڌجي، صبح جو ڇوڙي ڇڏجي.

(3) گيدوڙيءَ جا پن لسيءَ ۾ اوٻاري، سُهائيندا گرم گرم ٻڌجن.

(4) ڪي ماڻهو جهاڙون وجهي سگهندا آهن. اَسر جو سوير چئين وڳي جهرڪين سُتي مهل ۽ شام جو سج لٿي ٿوري اونداهيءَ وقت جهاڙ وجهائبي آهي. جهاڙ وجهڻ وارو ٽانڊو رکي ان تي گُگر جو ڌوپ ڪندو اهي، ته دونهون نڪرندو. ڀرسان ٻار کي جهلي جهاڙ وجهندو ويندو ۽ انگوڇي يا پٽڪي جو پلاند يا مور جي کنڀن جي ٻُهاري ٻار تان گهمائيندو ويندو.

(5) ست سچيون ڪوڏيون (جن ڪوڏين تي ڳنڍا ڳنڍا ٿيندا آهن) هٿ ڪري جهاڙ وجهڻ واري کي ڏبيون، هُو ڌوپ ڪري جهاڙ پڙهي ڏيندو. اهي ڪوڏيون، ڌاڳي ۾ پوئي (_هر هڪ ڪوٽيءَ جي وچ ۾ هڪ ٿوم جي صفا ٿيل سِري به پوتل هوندي) اهي ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻڌجن. ڪوڏيون نه ملڻ ته فقط ڌاڳو پڙهي ست ڳنڍيون ڏيئي ٻار جيڳچيءَ ۾ ٻڌبو آهي. ٻار جو چولو (قميص) پڙهائي کيس پارائبو آهي.

(6) لُوڪڙ (جو ٿر ۾ هڪ جهنگلي جانور آهي) جي بُڪي، تازي يا سُڪل، ٻار جي زبان تي لائي، ڌاڳي ۾ پوئي، ڪنڌ ۾ ٻڌجي.

(7) تلور پکيءَ جي گُجي، تازي يا سڪل، ٿوري پاڻي ۾ وجهي، ان ۾ ٿورو ڳڙ وجهي، ڪاڙهي ٺاري، سُتيءَ سان ٻار کي پيارجي.

(8) خالص ماکي چٽائجي يا ٿورو شراب پيارجي.

(9) مڇيءَ جو ٽڪر (تازو يا سڪل)، سيڙڪي ڄار جا اڍائي پن، سوئا اجمو (جاڻ)، ڇڄ جي چم جي ڪَشي جي ڳنڍ، اُرڙوسو ۽ ڳڙ گڏ ڪري اُڪارجن. پوءِ لاهي ٺاري، اهو پاڻي ڇاڻي، صبح شام سُتي ڏجي. ان کي ”ست ڊڀي“ سُتي به چئبو آهي.

(10) صبح جو اڪ جي پيلي پن تي ماڪ جا ڦڙا ٿيندا آهن، سي ٻار کي پيارجن. چڱي ڀلي ٻار کي اهو پياربو ته ٻاراڻو نه ٿيندو.

(11) اُبت ڪنڊيءَ (ٿر جو هڪ ٻوٽو) جو ڪاڙهو ٺاهي سُتي ڏجي.

(12) ٻار ٿڃ ڌائيندڙ هجي، ته سندس ماءُ ٿڌا چانور، گيهه، کٽي لسي، ڳاڙها مرچ کائڻ کان پرهيز ڪري.

(13) سَهي جي رت جي ٻار کي سُتي ڏجي.

(14) سهائي آچر جي ڏينهن، ڪنجهي جي وٽيءَ ۾ ڪڙو تيل وجهي، ان ۾ ٽامي جو پئسو وجهي، وٽو ٻار جي دُنَ تي رکي، مٿان عاج جي ڳن سان، ڪپ يا ڪاتيءَ جي ڳن سان پئسي کي وٽي ۾ گهمائجي ۽ ڪي مقرر اکر پڙهبا اهن، جي ڪي زالون سکيل هونديون آهن، ٻن ٽن منٽن بعد پئسو اها زال کڻي ويندي آهي ۽ تيل ڪنهن ائٽ کي لائي ڏين. ان کي ”ٻاراڻي جو هٿ“ ئبو آهي. ڪي ”لاڳيڻي“ جو هٿ به چوندا آهن. (لاڳڻو معنيٰ ٻاراڻو).

(15) سهائي آچر جي شام جو ڪنجهي جي وٽي ۾ ٿورو ڪڙو تيل وجهي، ٻار جي پينگهي يا منجيءَ جي هيٺان رکي ڇڏجي. صبح جو کڻي وڃي ڪنهن سائي اڪ جي ٽاريءَ تيهاري ڇڏجي. اَڪُ سُڪي ويندو ۽ ٻار چڱو ڀلو ٿيندو.

سَٽَ: ان جا ٽي قسم آهن:

(الف) ٻاراڻي سَٽَ: هن جا ٽي قسم آهن.

[1] ٻار جيڪڏهن پينگهي مان کٽولي تان بلاٽي کائي ڪريو ته پُٺيءَ جي ڪنڊي ۾ سَٽ پئجي ويندي. هن کي ”سُڪ سَٽَ“ چئبو آهي. ان ۾ ٻار ڳرندو ويندو، کاڌو گهٽ کائيندو، وار بي نورا ٿي پوندا ۽ هر وقت ڪنجهڪار پيو ڪندو. هن حالت ۾:

(1) ٻار جي بدن تي مٺپ تيل لائي، آڍي، او سمهاري، رِڙهه جي هڏي جيپڃاڙيءَ تي پير جو اڱوٺو ڏيئي، پوءِ پٽين سان سڄي ڪنڊي جي هڌڏين کي ڪنڌ تائين هيٺيان کان مٿي، ٿورو ٿورو ڇڪ ڏبي آهي. هرهڪ ڇپٽيءَ سان ڪڙڪا پيا ٿيندا، اهڙيءَ طرح ست دفعا ائين ڪبو آهي.

(2) ٻانهن جا بُڪ، سٿرن ۽ پنين جي وچ تي اڳڙيءَ جون پٽيون ٿوريءَ ڇڪ سان ٻڌجن.

(3) سال کن عمر يا ان کان وڏيرو ٻار هجي، ته مٿين هنڌن تي اُن جو ُلهڙو رکي پٽيءَ سان ٻڌجن.

(4) ڦودنو ۽ ڦوٽا ڪٽي، اهو سفوف مکڻ ۾ وجهي ڇٽائجي، ۽ اهو سفوف وات ۾ وجهي، ڪن ۽ نڪ ۾ ڃوڪ سان وجهجي.

[2] جيڪڏهن ٻار ڊوڙندي يا هلندي هيٺ ڪريو ته ريڙهه جي هيٺئين هڏي ڏنگي ٿي پوندي. ان حالت ۾ ٻار کي دست ٿي پوندا، جي تمام پٿرا ۽ بدبودار هوندا ۽ ٻار بدن ۾ ڳرندو ويندو. هن حالت ۾:

(1) ٻار کي تيل سان آڍي، اونڌو سمهاري، هيٺئين هڏي آڱر سان مٿي کڻجي. ائين ست دفعا ڪبو آهي. جڏهن هڏڙي مٿي کڄي رهندي، تڏهن دست جي سيڙهه نڪرندي، ان وقت سمجهبو ته سَٽ ۾ فائدو ٿيو آهي.

[3] ٻار کي ابتي ڪرڻ ڪري، يا گرميءَ جي اثر ڪري ڪاڪڙو لهي پوندو آهي، جنهن کي ”ڪاڪڙي جي سٽ“ چئبو آهي، جنهن ڪري ٻار ڳرندو ويندو آهي. هن حالت ۾:

(1) آڱر وات ۾ وجهي ڪاڪڙو مٿي کڻبو، ائين روزانو ٻه ٽي دفعا ڪبو، جيستائينف ائدو ٿئي.

(2) ڪاپار تي پاڪيءَ سان وار صفا ڪري، مکڻ جي پِني چاڙهجي. ڦودني جي سُتي ڏجي.

(ب) ڪنڌ جي سٽ: هيءَ سٽ وڏن کي به پوندي آهي. رات جو سمهڻ ڪري، ننڊ ۾ وٽ سان ڪنڌ ڦيرائڻ ڪري، يا وهاڻي ننڍي وڏي هئڻ ڪري، يا پاسي اُٿلائڻ ڪري اوچتو سٽ پئجي ويندي آهي. هن حالت ۾ ڪنڌ ورائي نه سگهبو آهي، ۽ سخت تڪيلف ٿيندي آهي، ۽ ڪم ڪري ڪونه سگهبو. ان حالت ۾:

(1) ڪنڌ وارين نبضن کي تيل سان آڍبو آهي.

(2) بيمار کي سنئون سمهاري، مٿو ڇڄ ۾ وجهي، جيئن اَن سوهبو آهي، تيئن ڪبو. پڇاڙيءَ جو اوچتو ڇڄ کي لوڏو ڏبو، جيئن مٿي کي جهٽڪو اچي.

(3) مٿي کي هٿ سان جهلي، آهستي آهستي ٻه ٽي دفعا هيڏانهن هوڏانهن ڦيرائي پڇاڙيءَ جو ٿورو زور سان ڦيرو ڏبو. ائين ٻه ٽي دفعا ڪبو ته سور لهي ويندو.

(4) ڪوسي ڪِر، ٺِڪر جي لوٽِ ۾ وجهي، ان جي تري سان سيڪ ڪجي.

(ج) لِچڪَ: ان جي ”چيلهه جي چُڪ“ ۽ ”چيلهه جي سٽ“ به چئبو آهي، جا وڏن کي پوندي آهي. وت کان وڌيڪ بار کڻڻ ڪري، يا هلندي ٿاٻي اچڻ ڪري يا اوچتو ڪرڻ ڪري چيلهه ۾ سٽ پئجي ويندي، جنهنڪري ماڻهو هلي نه سگهندو. چيلهه ۾ سور ٿي پوندس. هيڏي هوڏي بدن موڙي نه سگهبو. ان لاءِ:

(1) اُڀين پيرين ڄاول (چمڻ وقت پهريائين ٻار جو مٿو نڪرندو آهي پر تمام ٿورين حالتن ۾ ٻار جاپير پهريئين نڪرندا آهن، جنهن کي اُڀئين پيرئين ڄاول ٻار چئبو آهي) مرد هجي يا عورت، انکي هيءُ ٽوٽڪو ڪرائبو آهي:

ست ٺِڪريون ۽ ست کٻڙ جا پن آڻي، شام جو سج لهڻ بعد بيمار کي پٽ تي اونڌو سمهاري سندس چيلهه جي وچ تي کٻڙ جا پن ۽ مٿان ٺڪري رکي، اُڀئين پيرن ڄاول هڪ هٿ ۾ مهريءَ جو مٿيون ڇيڙو جهلي ٻيو ڇيڙو زمين تي کوڙي، مريض جو کاٻو پير مٿي ڪرائي، ان جي آڱوٺي کي کاٻي هٿ سان جهلي، ٺڪريءَ تي پنهنجي کاٻي پير جي کڙي رکي مهريءَ جي آڌار تي مريض مٿان ٽپو ڏيئي، ٻئي پاسي ويندي، ۽ چوندو ”لچڪ ڀڄي“، ته مريض جواب ڏيندو ”ڀلي ڀڄي“. پوءِ چيلهه تي رکيل ٺري ۽ پن اڇلي ڇڏبا، وري ٻيا رکبا، ۽ وري ساڄي هٿ سان مريض جي ساڄي پير جي آڱوٺي کي جهلي، ساڄي پير جي کُڙي ٺڪريءَ تي ڏيئي مُهريءَ جي آڌار تي مريض مٿان ٽپي ٻئي پاسي وڃبو ۽ چئبو ”لچڪل ڀڄي“، ته مريض جواب ڏيندو ته ”ڀلي ڀڄي“. اهڙيءَ طرح سَت دفعا ڪبو ته فائدو ٿي پوندو، نه ته لاچار صبح جو سوير، جهرڪين ستل مهل، مٿئين وانگر ست دفعا ڪبو آهي ۽ فائدو ٿي پوندو.

(2) هڪ پيءَ جون ڌيئرون، جي ٻن سڳن ڀائرن کي پرڻايل هجن، يعني هڪ سهري جون نونهون هجن، اهي به ساٺ ڪنديون آهن. ڇا ڪبو آهي جو مريض کي پٽ تي اونڌو سمهاري، ٻيئي عورتون پاسن کان آمهون سامهون بيهي، مٿئين وانگر کٻڙ جو پن ۽ ٺڪري چيلهه تي رکي، هڪڙي عورت پنهنجي کڙيءَ مٿان رکي، مريض جي پير جو آڱوٺو جهلي، مُهريءَ جي آڌار تي ٽپي هن پاسي ويندي ۽ چوندي ”لچڪ ڀڄي“ ته مريض چوندو ”ڀلي ڀڄي“. وري ٻي عورت مٿئين وانگر ٽپي ٻئي پاسي ويندي ۽ چوندي ”لچڪ ڀڄي“ ته مريض چوندو ”ڀلي ڀڄي“. اهڙيءَ طرح ٻئي عورتون آمهون سامهون بيهي، ٽپنديون اينديون. ائين ست دفعا ڪبو ته فائدو ٿي پوندو.

ڇالهي: کٽي لسي ۽ کنڊ گڏ کائڻ، کٽي ۽ مٽي شيءَ گڏ کائڻ، هرڻ جو رڌل گوشت، پلو ي اپاروٿي مچي کائڻ، ريڍي گوشت کائڻ ڪري، يا ٺيڪلو ۽ لسي گڏ کائڻ ڪري ”ڇالهي“ ٿيندي آهي.

ان حالت ۾ ڳرهال سُڄي پوندا. نڙيءَ ۾ ڳوڙهي ٿيندي آهي، تنهنڪري سُور ٿيندو آهي، ۽ ڪابه شيءَ کائبي ته بلڪل تڪليف ٿيندي آهي. ان لاءِ هيٺيان ٽوٽڪا ڪبا آهن:

(1) ٽوهه کي ڪوسي ڪري ۾ ٻاڦي، ڳر ڪڍي، ڪڻڇيءَ ۾ وجهي، ٻاجهريءَ جو اٽو ۽ لوڻ گڏي، لپري ٺاهي، ٻڌبي آهي. ٽوهه جي ول گهوٽي لپري ٺاهي ٻڌجي.

(2) ٽوٽڪائن کان صبح ۽ شام جهاڙ وجهرائبي آهي، يا اهي ڌوپ ڪري، ڪاريءَ اُن جو سڳو پڙهي، ست ڳنڍيون ڏيئي ڏيندا آهن، اهو ٻڌبو آهي.

مَلو: هيءَ بيماري کٽين مٺين شين گڏ کائڻ، ريڍي گوشت يا پاروٿي گوشت کائڻ ڪري ٿيندي آهي، جنهنڪري سڄي بدن يا مٿي ۾ ڦرڙيون ۽ ڦوڪڻا ٿي پوندا. هڪڙا پيا ڦسندا، ته ٻيا پيا ٿيندا. هن کي ”ڦيسڙ مَلو“ به چئبو آهي، ۽ سور ڏاڍو ٿيندو آهي، ان لاءِ:

(1) ٽوٽڪائي جهاڙ وجهندا اهن، يا سڳو وٽي پڙهي ڏيندا آهن، جو ٻڌبو آهي.

(2) حقي جي پاڻيءَ ۾ ميندي گهوٽي ليپ ڪبو آهي.

(3) سنامڪي ۽ انجڻيون گهوٽي، سفوف ٺاهي، ڦرڙين تي تُڪ لائي مٿان سفوف ٻُرڪائبو آهي.

(4) ٻڪريءَ جي کير جا ڇنڊا هڻجن. ميٽ ڳاري، گهٽو ڪري، ان ۾ ٿورو مور – ٿوٿو (ترتيو) وجهي، لائيندا آهن. ڀنگريءَ جو ٻوٽو تيل ۾ ساڙي لائبو آهي. نمورين جا ٻج ڪڍي، تيل ۾ ساڙي گهوٽِ لائجن. موراڙي (ٻوٽو) جا پن ڪڙي تيل ۾ ساڙي مکجن. ڪڪڙين جي پيرن کي ڪڙي تيل ۾ ساڙي مکجن. ڪانڪهه وڻ جا پن ڪڙي تيل ۾ ساڙي، گهوٽي، مٿان ڏجي.

(5) پراڻيون مُرٽون ساڙي، ان جي رک ڪپڙي ۾ ڇاڻي، .............. جي پاڻيءَ سان ڌوئي، مٿان اهو سفوف ٻرڪائبو آهي.

اولِڙو: ٻار پاڻيءَ ۾ پنهنجو پاڇو ڏسندو ته اولڙو ٿي پوندو، جنهنڪري ٻار کي بخار، دست ۽ اُلٽيون ٿي پونديون. پيٽ ۾ کاڌو ڇڏيندو. ٻار بدن ۾ ڳرندو ويندو، ان لاءِ:

(1) ٻار کي ڪنهن ڏاهيءَ مائيءَ وٽ وٺي وڃبو، جا اولڙي جو هٿ هڻي سگهندي هجي. اها مائي ست اڱر کڻي، اَن ڀرڻ جي چوٿائيءَ جي تري تي يا زناني جي پادر جي تري تي هڪ آڱر سان (+) منڌيئڙي جو نشان ڪري، اُهو نشان ٿيل پاسو مريض جي سڄي ڳل ۽ نراڙ تي لڳائيندي ۽ هر هر ڀيري چوندي ته ”اولڙو ڀڄي“ ته مريض چوندو ته: ”ڀلي ڀڄي“. پر جي ٻار ننڍو هوندو ته سندس ماءُ، جا ٻار ٻار کي هنج ۾ جهلي ويٺي هوندي، اها چوندي ته: ”ڀلي ڀڄي“. پوءِ ٻيو اڱر کڻي ساڳيو نشان ڪري، مريض جي ٻانهن، ٺونٺين، ڪراين، آڱرين تي لائيندي، ٽئين اڱر سان نشآن ڪري ڪنڌ جا ٻيئي پاسا، پٺن ۽ چيلکهه تي لائيندي. چوٿين اڱر سان نشان ڪري، سيني، هنئين ۽ پيٽ تي، پنجين سان نشان ڪري، ساڄي پاسي سٿر، پني ۽ پير جي تري تي لائيندي، ڇهين ان کاٻي پاسي جي سٿر، پتي ۽ پير جي تري تي لائيندي ۽ ستين سان نشان ڪري ڪُکن ۽ بغلن تي لائيندي. اهڙيءَ طرح هي سوڻ، صبح، منجهند ۽ شام ٽي ٽي دفعا يا صبح شام ٻه دفعا ڪبو آهي. ائين ڪرڻ سان فائدو ٿي ويندو.

مِريِئو: آر سي سج ڏانهن ڪرڻ سان جو عڪس پوندو آهي، اهو ٻار ڏٺو، يا هڪ چٽڪمرو جيت (جنهن کي به مريئو چئبو آهي) ٻار ڏٺو ته مريئو ٿي پوندو.

هن ۾ ٻار بيهوش ٿي ويندو ۽ ڏندڻ پئجي ويندا، جنهن کي ”ڏنت سُوڪ“ چئبو آهي. مِريئي جي علاج لاءِ هن طرح سوڻ ڪبا آهن.

(1) سرميداڻيءَ جي سرائي ڏندن جي وچ ۾ وجهي، زور ڏيئي، ٻيئي ڄاڙيون هڪٻئي کان جدا ڪجن. هن کي ”ڏندڻ ڀڃڻ“ چئبو آهي.

(2) ڪپڙي جي نيري رنگ جي اڳڙي گول وٽي، لٺ وانگر ٺاهي، هڪ ڇيڙوپ دکائي، ڦوڪ ڏيئي، چڱيءَ طرح ساڙي، مريض جي نراڙ جي وچ تي ڏنڀ ڏجي، ڪياڙيءَ تي به ڏنڀ ڏجي. بيمار جي هٿن پيرن ۽ ترين تي ڪڙي تيل سان مالش ڪجي.

سائِي: بخار جي ڪري يا بدن ۾ ضعيفائي سبب سائي (ساوڪ) ٿيندي آهي. اُن ۾ بيمار ڳرندو ويندو، اکيون نيريون ٿي وينديون. پيشاب جو رنگ پيلو ٿي ويندو، ان لاءِ:

(1) جوئر جي اٽي جو سيرو يا ماني پچائي، صبح شام کارائجي، يا جوئر جي اٽي جو ٿلهو روٽلو، جنهن کي ”ڪيرو“ چون، چلهه ۾ يا ٽانڊڻ جي وچ تي رکي مٿان به ٽانڊا ڏيئي ڇڏبا. ٿوري دير بعد پچي پوندو. ڪڍي، ڇنڊي صفا ڪري کارائجي.

(2) صبح ضام جهاڙ وجهائبي آهي. ڀڳڙن تي ڦيڻو هڻي کارائبا اهن. پائڻ واري سٿڻ، چولي يا گندي تي ڦيڻو وجهرائي پارائبو آهي.

(3) مريض جو پيشاب ٺڪر جي لوٽيءَ ۾ وجهي، ٻڪريءَ جي ڦولهڙين جو ڍڳ ڪري جلائي ان تي رکي ڇڏجي ته گرم پيو ٿئي. ڦولهڙيون سڙي وڃن ته ٻيون وجهجن، مريض هر وقت ان ۾ پيشاب ڪندو رهي. پنج ست ڏينهن، يا جيستائين فائدو ٿئي، تيستائين ائين ڪجي.

ڊِڄَڻَ: ٻهراڙيءَ ۾ زالون ٻارن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ ڊپ وجهنديون آهن. مثلاً ٻار روئندو ته چونديون، ”ماٺ ڪر ٻاگهڙ ٿي اچي، ٻائو ٿو اچي، يا فلاڻو ٻار رنو تنهن کي ٻاگهڙ کڻي ويئي وغيره، ته ٻار ڊپ جي ڪري ماٺ ڪندو آهي. يا ڪي مائٽ ڪن خاص جاين بابت گهر ۾ ڳالهيون ڪندا اهن ته: ”فلاڻي هنڌ جاءِ يا وڻ ۾ جن آهي“. ٻار اهي ڳالهيون ٻڌندا اهن ۽ انهن جي دل تي اثر ٿي ويندو آهي. پوءِ اتفاق سان انهيءَ جاءِ وٽان لنگهندا ته ازخود دل ۾ ڊپ پيدا ٿيندو ۽ بعضي ان جي اثر جي ڪري بيمار ٿي پوندا اهن، ي رات جو اوچتو ڪا ڪاري شيءَ ڏٺائون ته ڊڄي ويندا. ڪي مائٽ ٻار کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ بلا وانگر ڦوڦاڙ ڪندا آهن يا ڪي لڪي لڪي ٻلي يا ڪتي وانگر آواز ڪندا اهن. ۽ پوءِ اهو ڊپ ٻار جي دل ۾ پڪو ٿي ويندو آهي ۽ اهو اثر دل تي هوندو آهي، تنهنڪري بعضي ننڊ ۾ ستل ٻار اوچتو رڙيون ڪري اُٿندو آهي ۽ بيم،ار ٿي پوندو آهي. يا اوچتو ڪنهن شيءِ جي ڏسڻ سان ڊپ ٿئي، جنهن ڪري ڇرڪ نڪري ويندو آهي. ان لاءِ زالون هڪ سوڻ ڪنديون آهن. جنهن کي ”گهڙلو“ چون. ]جنهن جو بيان اڳ ۾ ”ڀرم ۽ وهم“ ۾ ڪيو ويو آهي.[

ڪن ٻارن جي عادت ٿيندي آهي، يا ٻار جي سيرانديءَ کان رکي ڇڏيندا آهن، يا جُتيءَ جو پادر رات جو سمهڻ وقت سيرانديءَ کي ابتو ڪري رکبو آهي. گگهه پکي (چٻرو) جي کنڀ جو ٽڪر تعويذ ۾ وجهي ڳچڍيءَ ۾ ٻڌبو آهي. لوهه جو ڇلو ٺهرائي چيچ ۾ ٻڌجي.

نَظَر: هيءُ هڪ اهڙو اثر آهي، جنهن جو ڳوٺاڻن کي بلڪل گهڻو ڊپ رهندو آهي. ڪي ڪي اهڙا ماڻهو ٿيندا آهن، جن جي بدنظر جو اثر ٿيندو آهي. يا ڪن ۾ موروثي اثر هوندو آهي. ماڻهن جو عقيدو آهي ته جنهن ننڍپڻ ۾ ڪرفتي کاڌي هوندي، ان جي نظر لڳندي آهي. نظر جو اثر يڪدم ٿيندو آهي. ماڻهو ۽ جانور ته ڇڏيو، پر بيجان شين تي به اثر ٿيندو آهي. چوندا آهن ته: ”بد نظر پٿر به ڦوڙي وجهي“، ڪا عمدي شيءَ هوندي، ڀلو ۽ تکو وهٽ هوندو. ماڻهو ڪپڙي لٽي ٺهيل هوندو يا سٺو طعام يا سٺي شيءَ پيو کائيندو ته ان حالت ۾ بدنظر جو اثر ٿي پوندو آهي، جنهنڪري شيءِ ۾ ڪو عيب ٿي پوندو، يا ڀڄي پوندي، وهٽ يا ماڻهو هوندو ته بيمار ٿي پوندو، بعضي مري به ويندو. ان لاءِ ڳوٺاڻن وٽ ڪئين ٽوٽڪا آهن، جن مان چند هيٺ ڏجن ٿا:

(1) جي خبر پئجي وڃي ته فلاڻي جي نظر لڳي آهي (نظر هڻڻ وارن کي ڳوٺاڻا سڃاڻي وٺندا آهن. ڪن کي موروثي اثر ڪري، ۽ ڪن کي حالتن جي اهڃاڻن مان) ته ان کان ڌاڳو وٽائي ٻڌجي. يا هن جون اکيون پاڻيءَ سان ڌوئي ان مان ٿورو ڍُڪ مريض کي پيارجي يا ڇنڊو هڻجي.

(2) ٻارن کي بدنظر کان بچائڻ لاءِ زالون ڇا ڪنديون آهن جو وهنجاري سهنجاري، نوان ڪپڙا پارائي، ٻاهر روانو ڪنديون آهن، ته انهن کي ڊپ هوندو ته مٿان ڪنهن جي نظر لڳيس ان لاءِ ٻار جي نراڙ تي ٿورو ڪارو داغ هڻي ڇڏينديون آهن. ائين ڪرڻ ڪري ٻار تي بدنظر جو اثر نه ٿيندو.

(3) جيڪڏهن ڪو ماڻهو، ڪنهن شيءِ يا ساهواري ڏي گهڻو نهاريندو ته سهي ڪندا ته هن جي متان نظر لڳي. ان حالت ۾ نظر هڻڻ واري ماڻهوءَ جي اٿڻ بعد، هن جي ڏائي پير جي هيٺان واري مٽي کڻي، شيءِ جي مٿان گهوري اڇلائي ڇڏيندا.

(4) اهڙا ڦيڻا وجهندڙ ٿيندا آهن، جن کان ڦيڻو وجهائيندا يا پاڻيءَ تي ڦيڻو وجهرائي ان مان ڍُڪ پياريندا ۽ ڇنڊا هڻندا، يا اڳواٽ ڪاري رنگ جي ڌاڳي تي ڦيڻو وجهرائي ٻار جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيندا.

(5) ٻار جي مٿان اڍائي ڳاڙها مرچ ست دفعا گهوري، باهه ۾ وجهندا. سڙڻ سان مرچن مان ڌپ نه ٿي ته چوندا ته ”نظر“ آهي، جنهن جو اثر بعد ۾ ازخود لهي ويندو.

(6) ڪچي سُٽ جو ڌاٻو ٻار جي قد جيڌڏو ڪڇي، اٽو ڳوهي، ان مان ماڻهوءَ جو بوتو ٺاهي، ان تي اهو ڌاڳو ويڙهي، چُلهه جي ڪِر ۾ پوري ڇڏبو. جي ڌاڳو سڙي ويو ته سمجهندا ته نظر جو اثر نه آهي، پر جي ڌاڳو نه سڙيو ته سمجهبو ته بدنظر آهي، جا هاڻ لهي ويئي.

(7)ڦٽڪيءَ جو ٽڪر مريض تان گهوري رات جو چلهه ۾ وجهبو آهي. پوءِ صبح جو ڪڍي ڏسندا ته جنهن جي نظر هوندي ته ڦٽڪي اهڙي ئي شڪل وٺندي. ماڻهو يا ڪتي ٻلي وغيره جي، اهڙي شڪل ڦٽڪيءَ مان ٺهي پوندي. پوءِ اها ڦٽڪي ڀڃي ٻاهر اُڇلائي ڇڏبي آهي.

(8) چَوواٽي تان مٽي آڻي، ست اڱر، ست لوڻ جون ڪڻيون، ان ۾ وجهي، مريض مٿان گهوري، چُلهه م وجهبي آهي.

(9) ڪنهن عمدي وڻ، پوک يا ٻي ڪنهن شيءِ کي بدنظر کان بچائڻ لاءِ، ڀرسانپراڻي دانگي اونڌي رکي ڇڏيندا، يا ڪاٺي کوڙي ان ۾ پراڻو ڪُنو اونڌو وجهي ڇڏيندا.

لُوءَ لڳڻ: اونهاري جو گرم هوا (لُڪ) لڳندي اهي. اُس ۾ پنڌ ڪرڻ ڪري يا منجهند جو ننڊ مان اٿي گرم پاڻي پيئڻ ڪري يا پنڌ ڪري اچڻ بعد يڪدم پاڻي پيئڻ سان اها ڪسر ٿي پوندي آهي، اُن لاءِ:

(1) ميٽ ۽ بصر ڪٽي، ڪٽوري ۾ ٿورو پاڻي وجهي، ملي، ٻاهر اُس ۾ رکي ڇڏجي، جيئن سج جي تپت ۽ ڪوسي هوا لڳي. صبح جو سوير بدن کي چڱيءَ طرح ملي، پوءِ سنان ڪجي. پهرئين دفعي فئدو ٿيندو نه ته ٻيو دفعو ڪجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org