سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 13

صفحو ؛ 18

 

باب تيرهون

جانور

ٿر ۾ مکيه ٻن قسمن جا جانور ٿين، گهرو جانور ۽ جهنگلي جانور.

*گهروجانور: مينهون، ڳئون، ٻڪريون، رڍون ۽ سانڍيون (ڏاچيون) کير ڏيندڙ جانور آهن.

اُٺ، گهوڙا ۽ گڏهه سُواري ۽ باربرداري لاءِ آهن.

ڪُتا پاليل ۽ رولو هوندا آهن، ٻلا ڳوٺن ۾ رهندا آهن.

جهنگلي جانور: هرڻ، سهو، گدڙ، لوڪَڙ، جَرک (چراخ)، جهنگلي ٻلو وغيره. هرڻ ۽ سَهي جو شڪار ڪبو آهي. سِهڙ ٿر ۾ عام نه آهي.

ٿر ۾ ٻيلا يا گهاٽو جهنگ ڪونه آهي، جنهنڪري اتي چوپائي مال کي نقصان رسائيندڙ يا خوفناڪ جانور ڪونه ٿين.

مينهون: ٿر ۾ ٿوريون آهن، سي به ڪن شاهوڪارن وٽ، ڇو ته مينهن کي کپي ججهو کاڌو ۽ پاڻيءَ جون سهوليتون، سي ٿر ۾ گهٽ آهن.

ڍڳيون: ٿر ۾ چڱي تعداد ۾ آهن. مالدارن جي گذران جو خاص مدار ڍڳين تي آهي. ڪن وٽ گهڻيون، ڪن وٽ هڪ ٻه هونديون آهن. جنهن گهر ۾ ڍڳي هوندي ته ڄڻ اُها آڪهه اولَڻَ (ڳُنڌڻ) لاءِ آسودي، ۽ خرچ به رواجي طرح گهٽ، البت ڏڪار وقت تڪيلف ٿيو پوي.

ٻڪريون: غريب ماڻهن لاءِ ٻڪريون چڱيون آهن. ڪي سياري جي شروعات ۾ ويامن ته ڪي فوري اونهاري جي پڇاڙي ۽ برسات کان اڳ پيرُن وارن ڏينهن ۾ ويامن، جنهنڪري ٻڪرار جي گهر لَسيءَ جي لَپ سدائين هجي. ڏڪار وقت به ٻڪرين تي گهڻو خرچ ڪرڻو ڪونه پوي. ڇيلن ۽ ڏاس جي وڪري مان ججهو اُپراسو ٿئي.

رڍون: ٿر ۾ ٿوريون آهن. پارڪر ۾ رَٻارين وٽ رڍن جا ولر هوندا آهن. هي به ٿور خرچو ڌڻ آهي. گهيٽن ۽ اُن جي وڪري مان چڱو اُپراسو ٿئي. خاص ڪري ڪارين رڍن جي اُن وڏي اگهه سان وڪامندي آهي.

اُٺ: ٿر ۾ غريب ماڻهوءَ جي آڪهه جي گذر لاءِ اُٺ جهڙو ڪوبه ڪمائتو جانور ڪونه آهي. هن کي ”سُڪيءَ جو ٻيڙو“ چوندا آهن. سواريءَ لاءِ ڪم اچي، ڪوس ڇڪڻ، بار کڻڻ ۽ وسڪاري جو هر ڪاهڻ جي ڪم اچي. غريب ماڻهو ڀاڙا کڻي، ڪاٺين جا لَڏا کڻي وڪرو ڪري ڪٽنب جو گذران ڪندا آهن.

گهوڙا: ٿر ۾ گهٽ آهن ڇو ته گاهه ۽ داڻي جو خرچ غريب ماڻهو برداشت ڪري ڪونه سگهن. چوندا آهن ته ”گهوڙا گهر ٿا کائين.“ هڪ گهوڙي جو خرچ چئن پنجن ماڻهن جي آڪهه جي خرچ جي برابر آهي. گهوڙا يا ته ڪي شاهوڪار ماڻهو رکن يا وري ٻانڀڻ گُرڙا ۽ مڱڻهار فقير وغيره رکن. ڇو ته انهن جا راڄ ٻڌل آهن، تنهنڪري چڙهيءَ لاءِ ڪم اچن ۽ ٻاهر رهڻ ڪري گهوڙي جو گاهه ۽ داڻو مفت ۾ ملي.

گڏهه: هي ٿورَ خرچو پر ڪمائتو وهٽ آهي. غريب ماڻهو گڏهه ڌاريندا آهن. شهرن ۾ مِٽي ۽ سِرن ڍوئڻ، وسڪاري جو هر ڪاهڻ، گهر لاءِ پاڻي جا جَنڊا ڀرڻ ۽ ڪوس ۾ واهڻ جي ڪم اچي. ڪم لٿي ڇوڙي ڇڏبو آهي ته ويچارو پاڻيهي پيو جهنگ مان پنهنجي کاڌي جي پورت ڪندو آهي.

ڪُتا: ڪي مالدار ماڻهو ڪُتا پاليندا آهن، جيئن ڪو مال چوري ٿي نه وڃي. جيتوڻيڪ ٿر ۾ چوري گهٽ آهي ته به انديشو ضرور رهي ٿو، نه ته ڳوٺن ۾ گهڻو ڪري سڀ رولو ڪتا رهندا آهن.

ٻلا: گهرن ۾ رهندا آهن، اهي پاليل ڪونه هوندا آهن، رولو آهن. ڪي ٻِلا جهنگ ۾ رهندا آهن، جن کي ”جهنگ ٻِلا چوندا آهن.

هِرڻ: اڳي سڄي ٿر ۾ هرڻ گهڻا هئا مگر هاڻي فقط ڪڇ جي رڻ جي ڀرسان ۽ اوڀر طرف ڀارت جي حد ڀرسان ٿورا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. باقي وچ ٿر ۾ ڪونه آهن. انهن جو شڪار ڪبو آهي.

سَهو: هي بلڪل ڇِڊا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڪولهي ۽ ڀيل شڪار ڪندا آهن.

لُوڪَڙ: ڀيل ۽ ڪولهي هن جهنگلي جانور جو شڪار ڪندا آهن. جرک ۽ گدڙ: هي ڪارونجهر ٽڪريءَ ۾ رهندا آهن، باقي ٿر ۾ ڪونه آهن.

 

مالدار

ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ته مال ڌارين، پر شهري ماڻهن جي به مال کان سواءِ نه سَري، اهو ڪو گهر ورلي هوندو، جنهن وٽ گانيون يا ٻڪريون نه هجن. هوند سارُو ڪن وٽ گهڻيون، ڪن وٽ ٿوريون، پر هونديون ضرور. ڍڳي نه هوندي ته مَن ٻڪري هجي. اهڙو ڪو گهر ڪونتر هوندو، جنهن وٽ ڪجهه به نه هجي. شهري ماڻهو، ڍڳيون جيستائين مڙنديون، تيستائين پاڻ وٽ رکندا، بِسوڪَڻ (وِهڪڻ) بعد ٻهراريءَ جي مالدارن وٽ، جي مُهاڙيا هوندا آهن ۽ ساڻن ڏيتي ليتي يا سنگت ساٿ جي ننگ ڪري يا چارائي تي ڇڏيندا آهن. ٻهراريءَ جي ماڻهن جي ته ملڪيت آهي ئي اهو چوپايو مال، جنهن لاءِ چوندا آهن ته ”سون جي رتيءَ کان رت جي رتي وڌيڪ آهي.“

چوپائي مال کي چون ”ڌڻ“، کير مکڻ جهڻ کي چون ”ڌِيڻو“، مالدار کي چون ”ڌَڻودي“ ۽ چاريندڙ کي چون ”ڌنار“. جنهن مالدار جي پنهنجي مال تي دل هوندي ته ان ۾ برڪت پوندي، يعني واڌارو ٿيندو ويندو. ”ڌڻ ڌار ته لٺ کڻي چار“، تنهنڪري مال پَهرائڻ، چارڻ، ڏُهڻ، پسارڻ وغيره جو ڪم پنهنجي سِر ڪن. لاچاري حالت ۾ ماڻهو رکڻو پوي، باقي جنهن مال تان دل کنئي ته پوءِ ڪڻو ڪڻو ٿي ويندو. ”ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي“، ڌڻ آهي ڌڻيءَ سان، ٻيا ڪهڙو چاريندا پياريندا.

جنهن وٽ مال ججهو سو ٿيو ڀاڳ وارو، تنهنڪري اُن کي ڀاڳيو چون. مالدارن جي ملڪيت جي ڪَٿ به ائين ڪندا آهن، ته فلاڻي وٽ هيتريون رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون، مينهون، اُٺ وغيره آهن. چوپائي مال کان سواءِ ڪنهن کي ڪونه سَري. پنهنجي ڌيڻي جهڙو ڪجهه ڪونهي. جنهن وٽ ڏيڻو نه آهي سو سدائين سورن ۾، ۽ ماڻهن جي نظر ۾ به ڪِريل، ڇو جو پرائيءَ جو ڪهڙو آسرو. اويل سويل مزمان آيو ته ڪنهن جي در تي وڃڻو ڪونه پوندو. گيهه پنهنجو، کير ڌونرو ۽ لَسي جي لَپ سان ماني ڏيندا. مهل آڪوبت (عاقبت) سان گذري ويندي، ڪنهن جي اوسياري (محتاج) ٿيڻ جو ضرور ئي ڪونه ٿيندو.

پيٽ پارين پهنواريون ڪن چوڙيليون چوئِي.

ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جن وٽ مال ٿورو هوندو آهي يا ڪي رنڙ زالون اهڙيون آهن، جن وٽ هڪ ڍڳي يا ٻڪري هوندي آهي ۽ گذران جو ٻيو ڪو وسيلو نه هوندو آهي ته اُن جو کير ولوڙي، لسيءَ سان گهر جو اولڻ ڪن ۽ اهو ٿورو ٿورو مکڻ گڏ ڪري اهو گيهه وڪڻي پنهنجي پيٽ جي پورت ڪن. انهيءَ نموني ڪفايت سان گيهه گڏ ڪرڻ کي ”چوئِي“ چون.

ٿري مالدارن کي پنهنجي مال سان ڏاڍو پيار ٿيندو آهي، خاص ڪري عورتن کي، هو وس پُٺندي ٽيئا مال (مادي مال) وڪڻڻ پسند نه ڪندا آهن.

ڪانڌ مَ وِڪڻ ڪُنڍيون، ڌُڻ سَڀوئي ڌارَ،

اُڀريون سَڀريون پنهنجون سِسِيُون سڀ سَنڀارَ،

ٻَن ڇڏي ڇَن پئي، وڃي وَلهارَن وارَ،

اچيئي اڱڻيان بهار، سَرلا ڪندي سَڏڙا.

ڏکئي وقت ۾ اَڀري مال کي گهر جا ٽپڙ ۽ آخر زيور وڪڻي به چارو وٺي کارائي ورهيه ڀيڙو ڪندا. چوندا آهن ته مال بچيو ته ٽپڙ ۽ زيور وري به ٿي پوندا. باقي نَروٽيو مال ڍڳا، ڇيلا ۽ گهيٽا وغيره وقت بوقت وڪڻندا رهندا آهن، جنهن مان چڱو اُپراسو ٿيندو آهي. مالدارن جي آمدنيءَ جو اهو ئي ذريعو آهي، جنهنڪري ڪيترا ويچارا سکيا سهنجا ۽ پنهنجيءَ وارا آهن.

 

ڌڻ ڌارڻ

ٿر جو گهڻو عوام ٻهراڙين ۾ رهي، جتي وسڪاري جوچار مهينا پوک جو ڪم ڪن. باقي اَٺ مهينا ٻيو ڪو خاص ڌنڌو ڪونهي تنهنڪري ماڻهو مال، ڳئون، مينهون، ٻڪريون، رڍون ۽ اُٺ وغيره ڌارين. انهيءَ ڪري مال ۽ اُن مان پيدا ٿيندڙ شين، کير، مکڻ، گيهه اُن ۽ ڏاس وغيره مان ججهي پيدائش ٿئي.

وسڪاري جا چار مهينا مال سان ماڻهو پَهري، باقي اٺ مهينا ڇُڙيون پيون جهنگ ۾ چَري. وسڪاري جو ڍڳيون صبح ۽ شام ٻه دفعا ڏُهن، رات جو وٿاڻ ۾ رهن. باقي اٺ مهينا صبح جو ڏُهي پاڻي پياري جهنگ ڏي روانيون ڪري ڇڏين. سارو ڏينهن ۽ رات چَري چَي ٻئي ڏينهن صبح جو پاڻيهي موٽي اچن. ننڍڙا گابا ۽ گابيون جدا جهنگ ڏي روانا ڪن جي موٽي اچڻ تي ٻڌيو ڇڏين.

ٿري ڳئون ڀليون ٿينديون آهن، ويلي تي ڪافي کير ڏينديون آهن. ڍڳي سانتيڪو جانور آهي، ڪي ڍڳيون کَٽر ٿينديون آهن ۽ ڏُهڻ مهل لَتون هڻنديون آهن ۽ ڪي ته ڦڙن کي به ڌائڻ نه ڏينديون آهن تڏهن چئبو آهي ته ”ڪُبِيار“ آهن ۽ هيج کان سواءِ پراسِندي به نه آهي. آهستي آهستي انهن کي ٺاهڻو آهي. گانءَ ڦر کان سواءِ نه مڙندي آهي. اتفاق سان جي ڪنهن جو ننڍو ڦر مري ويندو آهي، ته ميڙڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي، تنهنڪري هيج ڪرائڻ لاءِ اُپاءَ ڪندا آهن.

ڍڳين کي ڏُهڻ لاءِ رسي ٽڪر کڻي هڪ ڇيڙي سان وراڪو ڏيئي پويان پير اٽڪائي، ٻئي ڇيهه سان ڍڳيءَ جي اڳئين ڄنگهه کي وراڪو ڏيئي ڦر جو ڪنڌ ٻڌي ڇڏين. انهيءَ کي ”ڍنگ وجهڻ“ يا ”نينجَڻَ ڏيڻ چون، ۽ رسيءَ کي ”نينجِڻيو“ چون. ڏهڻ بعد جڏهن ٿورو کير بچي تڏهن ڦر ڇوڙين ته ڌائي وٺندو آهي. جيستائين ڦر ننڍو هوندو آهي تيستائين پاسو (ٻه ٿڻ) ڌارائين. ويهن – پنجويهن ڏينهن تي جڏهن چرهو ٿيندو آهي، تڏهن آهستي آهستي کير گهٽائي هڪ ٿڻ ڌارائين. ننڍي ڦر کي گهڻو کير نه ڏبو ته سڌرندو ڪونه، تنهنڪري وڌيڪ کير ڏيندا آهن.

گانيون (ڳئون) جهنگ مان چري اينديون ته سياري، اونهاري سوئائن کي گُوار جو ڏارو اٽڪل سير – ڏيڍ يا وڌيڪ به ڏيندا آهن، ان کي ”سوس“ چون. ڪي ڏارو پاڻيءَ ۾ پُسائي اڌ ڪلاڪ کن رکي پوءِ ڏين، ڪي وري گوار کي پاڻيءَ ۾ ٻاڦي ٺاري پوءِ ڏين، ڪي وري گوار سان گڏ ٻاجهريءَ جي سنگن جي ٻُري ٻاڦي ٺاري ڏين. ائين کير وڌيڪ ڏينديون آهن ۽ بدن ۾ به متاريون ٿينديون آهن، چوندا آهن ته ”رت راڻو آهي.“ کير جو مدار به انهيءَ تي آهي، ٿڪل ۾ کير ڪٿان آيو. وسڪاري جو سوس ڪونه ڏين، ڇاڪاڻ جو سائو گاهه کائڻ لاءِ جام هوندو آهي.

هڪ گانءِ (ڳئون) به ڪٽنب لاءِ آسودو گذر آهي. ڪي ٿورو ڪِي گهڻو، پر سراسر هرهڪ گانءِ اٺ – ڏهه مهينا بلڪ وڌيڪ وقت کير ڏئي جنهن مان ڌؤنرو، مکڻ، گيهه ۽ جهَڻ ٿئي. گهر جي گهرج لاءِ غريب ۽ وچولا ماڻهو ٻيو گيهه ڪونه وٺن، انهي مان پورت ڪن، بلڪه ڪجهه بچائي وڪرو به ڪن. پنهنجي جهَڻ جي ڪري ڀاڄيءَ جي به ضرورت گهٽ ٿئي، ۽ اناج به گهٽ کپي. گانءِ جي لسي پيئڻ سان ڳُهر اچيو وڃي ۽ ماڻهو بود ۾ هجي. گابا ۽ گابيون ٿين، مرڻ بعد چمڪ ۽ هڏا به ڪم اچن.

جي ڏڪار پيو ته پوءِ ڍڳين جي کاڌي ۾ چاريءَ لاءِ خرچ کپي نه ته بک وگهي مريو وڃن. ڪڏهن ڪڏهن ته مالدار ويچارا گهر جا ٽپڙ،. زيور وغيره گروي رکي يا وڪڻي به مال کي کارائين، انهيءَ هوندي به گهڻو مال مريو وڃي ۽ ڪي مس وڃي ورهيه ڀيڙيون ٿين. ڍڳا هر ڪاهڻ جي ڪم اچن، پر گهٽ. ان کان وڌيڪ ڪوس ڇڪڻ ۽ پخالن ڀرڻ لاءِ ڪم اچن.

ٻڪريون صبح جو ڏهي ٻهرار جهنگ ڏي ڪاهي وڃي، شام جو موٽائي آڻي. سياري جي موسم ۾ رات جو واڙ ۾ هجن، اونهاري جو کلئي ميدان تي ويٺيون رهن. ڪي وري جاٽوليون ڪن، يعني صبح جو ڏهي روانيون ڪن. رات جهنگ ۾ رهن وري ٻئي ڏينهن صبح جو موٽي اچن. ننڍڙا ڦر (پيلا ۽ ڇيليون) پهريائين کير تي گذارين، پندرهن – ويهن ڏينهن بعد ننڍا ٻوٽا ۽ وڻن جا ڪچڙا پن کائين تڏهن چون ته هاڻي چَرها ٿيا آهن. ان بعد کير گهٽ ڌارائين، پوءِ جدا جهنگ ڏي روانا ڪن، جن جي بعضي ننڍا ٻار نهار ڪندا رهندا آهن. اهي واڙ جي ڀرسان ڳوڍر ۾ چرن، ٻڪرين جي موٽي اچڻ کان ٿورو اڳ قابو ڪبا آهن، جيئن ڌائي نه وڃن.

ٻڪريون نومبر، ڊسمبر ۽ جنوري ۾ گهڻيون ويامن، نه ته سڄو سال ايڪڙ ٻيڪڙ پيئون ويامن. سياري جو ڦرن کي ”ڪوڏ“ ۾ ۽ اونهاري جو ”بُڙِٿي“ ۾ وجهن. ٻڪرين تي ڏڪار ۾ به خرچ ڪرڻو ڪونه پوي يا بلڪل معمولي، گوار جي لَپ تي پيئون هلن جنهن وٽ ڏهه – ٻارهن ٻڪريون هونديون ته سڀيئي ساڳئي وقت وهڪي ڪونه وينديون. ڪي نه ڪي پيئون مِڙَنديون، تنهنڪري چوندا آهن ته ”ٻڪرار جو جهيرڻو ڪڏهن ڪونه سُڪي“، يعني سدائين ولوڻو هليو اچي. ٻڪري جيڪڏهن ساڄي پاسي ڏُهبي ته ان کي ”سَڏوهو“ پاسو چون ۽ ڏائي کي ”آڏوهو“ پاسو چون. ٻڪري رواجي طرح اڌ سير کان سير تائين ٽاڻي تي کير ڏيندي آهي، ڪي ڀليون ٻڪريون وڌيڪ کير به ڏينديون آهن. ٻڪري جي کل ۽ گوشت ڪم اچي، ڇيلن ۽ ڏس جي وڪري مان پيدائش ٿئي.

رڍ سڀاءَ جي سياڻي آهي. پارڪر ۾ رٻاري قوم وٽ رڍن جا خاص ڌڻ هوندا آهن. باقي ٿر ۾ رڍون ۽ ٻڪريون گڏ چرنديون آهن. هلڻ مهل ڪنڌ هيٺ ڪري هلن. ٻڪرين کان گهٽ کير ڏين. مگر رڍ جو کير گهاٽو آهي، جنهنڪري مکڻ ججهو لهي. رڍ کي پٺئين پاسي کان پوين ٽنگن جي وچان ڏهبو آهي. رڍون موڏيون ٿين مگر ڪن ڪن گهيٽن کي وريل سڱ ٿيندا آهن. ڪي موڏا به ٿين. گوشت، کل ۽ اُن ڪم اچي. اُن مان کٿا، لويون ۽ ڪمريون ٺهن. اها قيمتي شئي آهي، تنهنڪري ٻاهر وڪري لاءِ وڃي. ڏڪار جي حالت ۾ به رڍن جو گهڻو خرچ ڪونهي.

رڍون ۽ ٻڪريون جن وٽ گهڻيون هونديون آهن سي پاڻ چارين يا مهنيدار رکن. پر جن وٽ هڪ ٻه هونديون آهن، سي ڪن ولرن سان گڏي ڇڏين ۽ چارائي تي ڏين، يا ان جي ڇانٽِي ڪڍن. ڪي وري اَڌياريون يا پاڳويون يعني پيرائتيون ڏين، پيئون ويامن ۽ وڌن، پوءِ حساب ڪن.

ماڻهو مادي اُٺين جا ولر ڌاريندا آهن، جنهن کي گَلو وڳ چئبو آهي.

جهوڪون نه هُهڻڪَن، وڳ نه پسان وٽ ۾.

صبح جو اوٺاڙي جهنگ ڏي وٺي ويندو، سارو ڏينهن چاري، رات جو ڪنهن مقرر هنڌ تي ڀٽ يا مَٿاريءَ تي ويهاري ڇڏيندو، جنهن کي ”جهوڪ“ چئبو آهي.

چاريو لنب لطيف چئي، وڳئين وهارين.

اسر جو اُٿاري چاريندو چاريندو پاڻي پيارڻ لاءِ کوهه تي آڻيندو. ڪي ته ٻئي ڏينهن به آڻيندا آهن. ٻئي ڏينهن کي ”تَسو“ ۽ ٽئين ڏينهن کي ”ٽيئاس“ چوندا آهن. ڪو مال چوٿين ڏينهن به اچي پاڻي پيئندو آهي، ان کي ”چوئاس“ چون. ايستائين جهنگ ۾ رهنديون آهن. اوهاري جو گهڻو ڪري روزانو، لاچار ته ٻئي ڏينهن ۽ سياري جو ٻئي يا ٽئين ڏينهن پاڻي پيئاربو آهي. اتفاق سان ڪو وهٽ رُلي وڃي ته پوءِ اُهو چوٿين ڏينهن اچي پاڻي پيئندو آهي.

سڀڪو اوٺاڙي پاڻ وٽ هڪ پتل جو ”ڏابورو“ (داٻلو) رکندو آهي، جو ڏاس جي ٺهيل ڄاريندار ڇِڪي ۾ پيل هوندو آهي. اهو چڪو سدائين ڪُلهي ۾ لٽڪيل رهندو آهي، جو پاڻ ڳُتي ٺاهيندا آهن. اُٺِي ڏهڻ مهل ڏابورو کير سان ڀري وٺندا آهن، جو پو3 ماني سان کائين ۽ ڪي ته ائين ئي پي وڃن. ڪي ته ٻه – ٽي ميهنا لاڳيتو کير تي گذران ڪن، اناج کي ويجها به ڪونه وڃن. تازي ويائل سانڍ جو کير مِٺو ٿيندو آهي، ڇهن – ستن مهينن بعد البت پِرڪو ٿي ويندو آهي. اُٺ جي ننڍي نَر  ڦر کي ”توڏيو“ ۽ ماديءَ کي ”توڏڪي“ چون. اهي ڦر گڏ هوندا آهن، تنهنڪري کير جو بچاءُ ڪبو آهي جيئن ڌائي نه وڃن.

ڏاس يا مِلَس مان ڄاريندار ڇڪو ٺاهي اوُسَ (اوهه) تي ڏيئي. پاسن کان رسيون اَٽڪائي اُهي مٿان ورائي پُٺيءَ تي ٻڌل قابو ڪري ڇڏڀيون آهن، اُن کي ”واڻاهه“ چئبو آهي. ميڙڻ (ڏهڻ) مهل واڻاهه هڪ پاسي کان ڍرو ڪري لاهي، سانڍَ ڏُهي، باقي ڦر کي ڌارائي، وري قابو ٻڌي ڇڏيندا آهن.

اوٺاڙي وڳ چاريندي، ”هَم هو... همَ“ هو لفظ وارڻ ۽ هڪلڻ لاءِ پيو ڪم آڻيندو آهي. ڏاچيءَ جو کير ولوڙڻ جي ڪم ڪونه اچي. نَر اُٺ سواري، بار کڻڻ ۽ هر ڪاهڻ جي ڪم اچي. لاچاري حالت ۾ مٿئين مقصد لاءِ ڏاچيون به ڪم آڻين.

مينهون ٿر ۾ گهٽ آهن، ڪافي کير ڏينديون آهن جو گانءِ جي کير کان گهاٽو ۽ طاقتور آهي، ان ڪري مڻ ججهو لهندو آهي. اڪثر چاري جي ڪونڊي ڏيڻ کان سواءِ مينهن نه مِڙندي آهي. مينهن کي کپي ججهو پاڻي جنهن ۾ پيئي تڙڳي، سو ٿر ۾ ڪونه آهي. اها سڪ ويچاريون وسڪاري جو لاهينديون آهن جڏهن تراين ۾ پاڻي ٿيندو آهي. مينهون مهانگيون آهن ۽ چاڪري گهرن، جنهن ڪري غريبن جو پُڄڻ ڪونهي. ڪي شاهوڪار ڌاريندا آهن، پاڏا کوهن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪوس ڇڪڻ واسطي ڪونه اچن.

غريب ماڻهو گڏهه ڌارين. وسڪاري جو ٻنيءَ تي پاڻيءَ جو جنڊو ڀري کڻي وڃن. سياري اونهاري شهرن ۾ مِٽي ۽ سرن کڻڻ جي ڪم اچن. مالڪ سڄو ڏينهن ڪم وٺي شام جو جهنگ ڏي روانا ڪن، جتي گاهه وغيره کائين، صبح جو ڳولي هٿ ڪري ڪم ۾ لڳائيندا آهن، خرچ ٿورو ڪمائي ججهي. ڏڪار پوي ته به گڏهه ويچارو پيو هلندو آهي، برسات پيئي، ٿورو گاهه نڪتو ته کائي ڍؤ ڪندو. ڪجهه ساهي آيس ته هينگون ڪندو ۽ ڊوڙون پائيندو. تڏهين ته چوندا آهن ته ”گڏهه ڍؤ جهلي نه سگهي.“

ڪُنڀارن جو خاص وهٽ گڏهه آهي ڇو ته انهن جو ڌنڌو مِٽيءَ مان ٿانءُ ٺاهڻ جو آهي، جنهنڪري مٽي ڍوئڻ ۽ نهائينءَ لاءِ ڀاڻ آڻڻ واسطي ڪم اچي. عام ماڻهو سواريءَ لاءِ گڏهه ڪم ڪونه آڻين، ڇو ته گڏهه تي چڙهڻ عزت کان گهٽ سمجهن، مگر ڪنڀار مٿس چڙهن، بلڪ ڄڃ ۾ به سواريءَ لاءِ گڏهه ڪم آڻين.

ڪي ڳئون اهڙيون ٿينديون آهن جي وسڪاري جو رات جو اُٿي ماڻهن جي ٻنين ۾ وڃي ڀيل ڪنديون آهن. ڌنار جيتوڻيڪ وٿاڻ تي سُتل هوندو آهي ته به ڪنهن مهل جاڳ نه به ٿيندي آهي، ته اهڙين ڍوڳين جي ڳچيءَ ۾ ڇيرون، چَڙا، گهنڊيا، گهنڊڻيون ٻڌندا آهن، جيئن اُٿي وڃڻ جي حالت ۾ ڌنار سجاڳ ٿي سگهي. اڳئين جي گوهر ۾ ٻن ٽن ڍڳين ۾، ٻڪرين جي ولر ۾ به ٻن چئن ٻڪرين ۾ گهنڊڻيون ٻڌندا آهن. جَتَ اُٺن ۾ ننڍا مٽر ٻڌندا آهن. جهنگ ۾ مال هوندو آهي ته ڌنار کي واڄي تي جهٽ پتو پئجي ويندو آهي، هن کي ”سانڀار“ به چون.

ڪڏهن ڪڏهن ڪي ماڻهو گهنڊڻيون ڇوڙي ويندا آهن. ان لاءِ ڇا ڪندا آهن، جو لوهه جي سنهي سنگهر ۾ گهنڊڻي وجهي مال جي ڳچيءَ ۾ قابو ڪري ننڍڙا ڪلف ڏيئي ڇڏيندا آهن، يا لوهه جي مضبوط ڪڙيءَ سان قابو ڪندا آهن.

 

چراگاهه

ٿر جي ماڻهن جي گذران جو مکيه وسيلو نه رڳو کيتي، پر چوپائي مال تي، مدار رکي ٿو. ”ٿر آهي ٿڻ تي نه ڪڻ تي،“ جنهن لاءِ کپن چراگاهه. جهڙيءَ طرح تعلقن، تپن ۽ مڪانن جون حدون مقرر ٿيل اهن، اهڙيءَ طرح ٿر جي سڀني ڳوٺن جون چوڌاري حدون مقرر ٿيل آهن. انهن حدن جي اندرئين زمين کي انهيءَ ڳوٺ جي ”سيمَ“ چئبو آهي. ان ۾ آباد زمين کان سواءِ جيڪا زمين ڇُٽل هوندي آهي تنهن کي ”گئوچر“ زمين چئبو آهي، يعني مال جي چاري لاءِ ڇڏيل. ڪي زمين ٽڪر اهڙا هوندا آهن جتي سرڪاري طرح آباديءَ کان بندش پيل هوندي آهي ۽ مال جي چاري لاءِ هوندا آهن. برسات پوڻ وقت انهيءَ زمين ۾ ڪافي گاهه ٻوٽا اُڀرندا آهن.

ٿيو پَون پيدا پِپُون ڪونڍيِرَ جام،

ٿيو پون مارن تي مالڪ جا انعام،

مَئو مَريڙو ۽ کُنڀيون هر جاءِ عام،

ڀُرٽ، لنبَ، مانڌاڻي مَکڻِي جا گُدام،

مُرٽ ويڪرَ ڳاڱو ڳَم ٻَگرو لُلَر،

شاد باد اي خطــئه صحـــراءِ ٿــر.

- (فدا)

ڏهرن ۾ ويڪر اهڙو گهاٽو اُڀرندو آهي، جهڙو سنڌ ۾ ڪنهن نمبر ۾ پوکيل لوسڻ. نرم زمين ۾ ڀُرٽ جام ٿيندو آهي. ٻيو به هر ڪنهن قسم جو گاهه ۽ ٻوٽا اُڀرندا آهن، جو مال کائي ڍؤ ڪندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اونهاري جو چاري جي ڪَميءَ سبب ڍڳيون نِستيون ٿي پونديون آهن ۽ اُٿي به نه سگهنديون آهن، تڏهن مالڪ روز پنج – ست ماڻهو گڏ ڪري اٿاريندا آهن چارو وغيره ڏيندا آهن. گيهه، ڪوپرا، ڪڻڪ جو ڌارو گڏي ڏيندا، ان کي ”لويو“ چئبو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ چئبو آهي ته ڍڳي ”ڍوري“ ويٺي آهي. بعضي اهڙيون اَڀريون ڍڳيون جهنگ ۾ ويهي رهنديون آهن ته ڏهه – ٻارهن مڙس گڏجي کٽولي تي رکي ڪُلهن تي کڻي گهر ايندا آهن جتي سنڀال چڱي ٿئي. اهڙيون ڍڳيون به وسڪاري جو سائو گاهه کائي رنڀاڙون پيئون ڪنديون آهن. خاص ڪري وسڪاري جي شام جو جهنگ مان موٽڻ مهل نارون ڏسڻ وٽان هوندو آهي.

ڀَڄنديون ڀَٽاريون، وري وٿاڻين آئيون.

سندن کرن جي کِهه سان آسمان غبار سان ڀرجي ويندو آهي، چڙڻ جي چينگار پيئي پوندي، ڪي ڦرن لاءِ رنڀاڙون ڪنديون ڊوڙنديون آينديون آهن. ڳنوار جون هڪلون پيئون پونديون آهن.

ڪي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو پنهنجي سِيمَ ۾ ڌارئي مال جي اچڻ جي منع ڪندا آهن، نه ته ڪنهن کي به جهل پل ڪانهي. اهو به انهيءَ ڪري جو ڌاريو مال آيو ته گاهه کائي ويندو ۽ پوءِ سندن مال تڪيلف ۾ ايندو. پوريون برساتون پون ته مال لاءِ ٻارهن مهينا گاهه جام ۽ پڻ جيڪڏهن گڏ ڪري رکجي ته به کٽڻ جو نه آهي.

ڏهرن، پوٺن، ڀٽ،. دڙن ۽ مڙهن ۾ مال ولر ڪيو يا ٽڙيو ڇکڙيو پيو چَرندو آهي ۽ چَڙڻ جون چينگارون پيئون پونديون آهن.

جنهن مَڙهي ڏس مال جون چَڙيون وڄن،

ناز سان ڳونيوُن پَهُون مينهون ٽِلَنَ،

ڏس ته ڦر ڦوڳن اڳيان ڪِيئن پيا نَچن،

چاهه سان ڪهڙي نــه چرهـــو ٿــا چرن.

- (فدا)

ننڍا گابا، ڇيلا، جن کي ڦروٽ چئبو آهي، تن جي چاري لاءِ ڳوٺ جي ويجهڙائيءَ ۾ سِيم ڇٽل هوندي آهي، جنهن کي ”گوچر“ چئبو آهي، جو لفظ اصل ”گئوچر“ يعني گانين جي چرڻ جي جاءِ آهي. مال سڄو ڏينهن پنهنجي منهن جهنگ ۾ چري شام جو وٿاڻ تي موٽي ايندو آهي. فقط وسڪاري جو، جڏهن آبادي هوندي آهي تڏهن مال سان گڏ ماڻهو پهربو آهي، نه ته سياري، اونهاري ضرورت ڪانهي.

 

وٿاڻ

وٿاڻ ڳوٺ جي ڀرسان هوندا آهن. ڍڳيون صبح جو ڏُهي جهنگ ڏي روانيون ڪري ڇڏبيون اهن. ڳنوار جو ضرور ڪوٺهي، پاڻيهي رات جهنگ ۾ چري صبح جو موٽي اينديون آهن. ڇو ته کوهن کان سواءِ ٻيو پاڻي ڪونهي، تنهنڪري از خود موٽيو اچن. پاڻي پياري ڏُهي وري روانيون ڪن. وسڪاري جو ڍڳين ۾ ڳنوار هوندو آهي ڇو ته آباديءَ ۾ ڀيل نه ڪن ۽ شام جو واپس آڻيندو آهي ۽ رات وٿاڻ ۾ رهنديون آهن. وسڪاري جو صبح شام ٻئي ويلا ڏُهن ۽ سياري اونهاري فقط هڪ ويلو صبح جو ڏهن.

ٻڪريون صبح جو سوير ڏهي ٻڪرار جهنگ ڏي وٺي ويندو، جو شام جو واپس آڻيندو آهي. سدائين ٻئي ويلا _هوندا آهن. اونهاري جو ٻاهر ميدان تي ويٺيون هونديون آهن. سياري جو ڪنهن اوٽ ۾ واڙو ٺاهيندا آهن، جنهن کي سيءَ جي بچاءُ لاءِ چوڌاري ڪُنئرا ٻُوهه ڏيندا آهن. ٻوهه تَپلا (گرم) آهن، جنهنڪري سيءَ جو بچاءُ ٿيندو آهي. ٻڪريون نومبر – ڊسمبر ۾ ويامنديون آهن، جڏهن سيءُ گهڻو هوندو آهي تنهنڪري جن وٽ هڪ، ٻه، ٽي ڇيلا هوندا آهن، سي گهر کڻي اچي جاين ۾ قابو ڪندا آهن ۽ جن وٽ گهڻا هوندا آهن، جي واڙ جي ڀرسان زمين ۾ کڏ کڻي ڪوٺي وانگر ٺاهي ان ۾ وجهي مٿان ڍڪي ڇڏيندا آهن جنهن کي ”ڪوڏَ“ چون. صبح جو ٻاهر ڪڍندا آهن. جڏهن چرها ٿين يعني ڪجهه وڏيرا ٿي ٻوٽا وغيره چَرن، تڏهن انهن جي لاءِ واڙ جي ڀرسان ننڍو واڙوٽو ٺاهيندا آهن جنهن ۾ پورين، ان کي ”بُڙٿو“ چون. دروازي کي مضبوط ڍنگهر ڏيندا آهن، جنهن کي ”کَڙاهه“ چون. جهنگلي جانور ڪونه آهن تنهنڪري ٻڪرار واڙ تي ڪونه سُمهن. بعضي ڳوٺن جا ڪي ڪُتا هِري پوندا آهن ته ٻڪريون ۽ رڍون ماري ويندا آهن، تڏهن ٻڪرار واڙ تي سمهندو آهي، ۽ ڪوشش ڪري ڪُتن کي ماري ڇڏيندا آهن. رڍون ۽ ٻڪريون گڏ هونديون آهن.

اُٺين (ڏاڍين) جي وڳ جي جهوڪ ڳوٺ کان پري جهنگ ۾ ڪندا آهن. اُٺين جو کير ولوڙين ڪونه، پر ڏُوهي ڏابورا ڀري جَت پاڻ پِي ڇڏي. ٻيو ڪو ماڻهو جهوڪ تي آيو ته جام کير ڏيندا. ڪي ڪي جت ته ٻه – ٽي مهينا ساندهه کير تي گذارو ڪندا آهن ۽ ماني اصل ڪونه لائين. هيءُ ڳالهه جيتوڻيڪ ڪن کي مڃڻ ڏکي لڳندي، پر اها حقيقت آهي. سانڍين (اُٺين) جا ڦڙ گڏ هوندا آهن، تنهنڪري کير جي باءُ لاءِ اوهه تي واڻاهه چاڙهي ڇڏين، جو ڏُهڻ مهل لاهبو آهي. مادي اُٺ جي ڏُهڻ کي ”ميڙڻ“ چئبو آهي.

 

مال ڏُهڻ

جن وٽ هڪ ٻه ڍڳي يا مينهن هوندي آهي، سي جهنگ مان موٽڻ تي پنهنجي مالڪ جي گهر هليون وينديون آهن، جتي کين ڏُهي وٺبو آهي. باقي جن وٽ ججهيون هونديون آهن، سي وٿاڻ تي اينديون آهن جو گهرن جي ڀرسان هوندو آهي. ڦرونٽ اڳ ۾ ننڍي واڙي ۾ قابو ڪري ڇڏبا آهن. مال جي اچڻ تي عورتون ۽ وڏيون ڇوڪريون چَروُڙا، لوٽيون ۽ موريا کڻي وڃي ڏُهائيءَ جو ڪم ڪنديون آهن. واري واري تي هڪ هڪ ڦر واڙ مان ڪڍي مال ميري، اهو کير آندل ٿانون ۾ وجهنديون وينديون ڦر لاءِ ڪجهه کير ڇڏبو جو هو ڌائي وٺندو. ڏُهڻ جو ڪم گهڻو ڪري عورتون ڪنديون آهن، پر جي مال ججهو هوندو ته مرد به ڏُهائي ڪندا آهن. ننڍي گابي کي ”لُوارو چون. ڪي گابا ننڍا هوندا آهن تڏهين ڌوُڙ (واري) کائيندا آهن، ان لاءِ ”ٻوٿاري“ ٺاهي منهن تي چاڙهي ڇڏيندا آهن. ڏُهڻ مهل اها ٻوٿاڙي لاهي ڇڏبي آهي. گابا جڏهين وڏا ٿيندا آهن، تڏهين انهن کي ”ٻاکڙ“ چئبو آهي. ڪي ٻاکڙ گابا هري پوندا آهن، جي لڪي وڃي جهنگ ۾ ڍڳين سان گڏبا آهن ۽ ڌائي ويندا آهن. ان جي بچاءُ لاءِ گابن کي ”ڇِينڀِڙو“ چاڙهي ڇڏيندا آهن، پوءِ ڍڳي ڌائڻ نه ڏيندي آهي.

رڍون ۽ ٻڪريون صبح شام ڏُهبيون آهن. هو سياري جو ويامنديون آهن. ننڍا ڦر منجهند جو بُڙ ٿي ۾ وجهي ڇڏبا آهن. ٻڪرين اچڻ تي سڀ ڏهي ٿورو ٿورو کير ٿڻن ۾ ڇڏبو آهي. جڏهن سڀ ڏهي رهندا تڏهن ڇيلڙا ۽ گهيٽيا ٻاهر ڪڍبا ته سڀڪو پنهنجي ماءُ جي هيٺان وڃي ڌائيندو آهي. ڪي ڪُنيار هونديون آهن جي ڦرن کي نه ڌاريندائينديون آهن ته انهن کي جهلي ڌارائبو آهي. ڌائي رهڻ بعد سڀيئي ٽاري جدا ڪري وري بُڙٿيءَ ۾ وجهبا، ۽ ٻڪريون واڙ ۾، صبح جو به اهڙيءَ طرح ڏهائي ڪبي. اونهاري تائين ڇيلا وڏا ٿي ويندا آهن، جي ڌائڻ ڇڏي ڏيندا آهن، ۽ ٻڪريون به کير گهٽائي وينديون آهن، پوءِ جيڪو ٿورو هوندو سو ڏهي وٺبو آهي. ڪي ڇيلا لڪي يا وجهه ملڻ تي پنهنجن مائرن کي ڌائي ويندا آهن. ان لاءِ ڇا ڪندا آهن جو جي ڇيلا ننڍا هوندا، ته ٻڪريءَ جي ٿڻن کي ”گهاڻَ“ ڏبو، جي وڏا هوندا ته ڦرن کي ”ٻِلڻي“ چارهي ڇڏبي آهي.

اُٺين جو وڳ شام جو جهوڪ تي ايندو آهي تڏهن ڦر ميڙي اوٺاري کير ڏهي وٺندا آهن جو پاڻ پيئڻ ۽ اوچتو ڪو ماڻهو آيو ته ان کي به ڏين ۽ باقي ڦرن کي ڌارائي ڇڏين.

 

ٻوٿاڙي

جڏهن گابا ننڍا هوندا آهن، تڏهن ڪي ڪي گابا ڌوڙ (واري) کائيندا آهن، جا انهن کي نقصان ڪندي اهي. اها عادت گابن ۾ اهڙي پڪي ٿي ويندي اهي جو جهڙيان تهڙيان نه ڇڏيندا آهن، تڏهن ڇا ڪبو آهي جو لاچار گابي کي منهن تي ٻوٿاري چاڙهبي آهي.

مُڃ جي نوڙيءَ سان گول کوپو ٽوپيءَ وانگر اهڙيءَ طرح ڳُتيندا آهن، جيئن اُن ۾ ٽنگ ٽنگ بيٺا هوندا آهن، جيئن گابي کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف نه ٿئي، ان کي ”ٻوٿاڙِي“ چون. گابي کي کير ڌارائي پوءِ منهن تي چارهي ٻنهي پاسن کان نوڙي وجهي ڪنن تان لاهي ڪِياڙيءَ تي ورائي ڇڏبي آهي، انهي ڪري ڌور وغيره کائي نه سگهندو. ڪجهه وقت ائين سنڀال ڪرڻ سان جيئن وڏيرو ٿيندو ۽ گاهه وغيره کائيندو يعني چرهو ٿيندو ويندو تيئن اها عادت از خود ڇڏي ڏيندو، پوءِ ٻوٿاڙي جو ڪوبه ضرور ڪونه آهي. ڪي ان کي ”مُڇي“ به چوندا آهن.

 

ڇينڀِڙو

هن جا ٻه قسم ٿين:

ٻه ڪاٺيون مُني مُني فوٽ جيڏيون، جن مان هرهڪ جو هڪ ڇپيڙو ڇهنبيارو هوندو آهي. هڪ ٻئي مٿان کُليل ڪئنچي وانگر کي، وچ ۾ڌاڳي سان قابو ڪري، ڪاٺيون نڪ تي اهڙيءَ طرح رکندا جيئن ٻئي چُهنبون سامهون بيهن. پوءِ ٻنهي ڪاٺين جي پوئين ڇيڙي ۾ ڌاڳا ٻڌي ورائي ڪِياڙيءَ تي قابو ڪبا، ۽ هڪ ڌاڳي جو وراڪو ڄاڙيءَ جي هيٺان ڏيئي ڇڏيندا.

ٻيو نمونو ڪاٺي چپڙي تيار ڪري، بُولي وانگر ٺاهي نڪ ۾ اٽڪائي ڇڏين.

اهي ٻئي نمونا اهڙيءَ طرح ٺهيل هوندا آهن، جو ڦر کي گاهه چرڻ ۾ ڪابه تڪليف ڪانه ٿئي. پر جي ڳڍيءَ کي ڌائيندو، ته پهرئين حالت ۾ ڪاٺيءَ جون چُهنبون ۽ ٻيءَ حالت ۾ ڪاٺي ٽڪر اوهه ۾ لڳندا جنهنڪري ڍڳي ڌائڻ ڪانه ڏينديس.

 

گهاڻَ ۽ ٻِلَڻِي

ڪي ڇيلا ۽ ننڍا گهيٽيا بعضي لڪي يا وجهه ملڻ تي پنهنجون مائرون ڌائي ويندا آهن. اُنهن جي بچاءُ لاءِ ڇا ڪن جو رڍن يا ٻڪرين جون ڦولهڙيون پاڻيءَ ۾ ڳوهي ٿڻن کي مکي ڇڏيندا آهن، انهن جي ڌپ جي ڪري ڦر ڌائي ڪونه سگهندا آهن. انهيءَ کي ”گهاڻ“ چئبو آهي. ڏُهڻ مهل هٿ سان مهٽي گهاڻ لاهي پوءِ ڏهبو آهي.

ڪي ڦر اهڙا هوندا اهن جو گهاڻ هوندي به ڌائي وڃن ته ان حالت ۾ ڪپڙي جون سنهيون لِيرون وٺي ٿڻن جي چوٽين کي قابو ٻڌي ڇڏبيون آهن ته ڦر ڌائي ڪونه سگهندو آهي. ڏهڻ مهل اهي لِيرون ڇوڙي، ڏهي، وري ٻڌي ڇڏبيون آهن. نعضي روز روز ٻڌڻ ڪرڻ ٿڻن ۾ وڍ ٿي پوندا آهن ۽ تڪليف ٿي پوندي آهي، اهو نمونو ڏکيو اهي.

ڪي وڏا ٻاکڙ ڇيلا گهاڻ هوندي يا ليرن کي لاهي به ليهيو (ڌائي) وڃن. ان لاءِ ڇا ڪن، جو ٽي انچ کن (ڦر جي وات جيترو) ڪاٺي لسي ڪري، ڇيڙن وٽان ٿورا وَڍ ڏيئي ڪناريون ٺاهي، مضبوط ڌاڳا ٻڌي، ڇڏبا آهن، جيئن گهوڙي کي لغام ڏبو آهي. ڪاٺي وات ۾ هوندي آهي اُن حالت ۾ ڦر ٿڻ ۾ وات وجهندو ته ڪاٺي ٿڻ کي لڳندي ۽ ماءُ ڌائڻ ڪانه ڏيندي. ان کي ”ٻيلڻِي“ چئبو آهي. ان ڪري ڦر کي چرڻ ۾ ڪابه تڪيلف ڪانه ٿيندي آهي.

 

ڍڳيءَ کي هيجَ ڪرائڻ

ڪن ڍڳين جو ويامڻ مهل يا پوءِ ڪنهن سبب ڦر مري ويندو آهي ته پوءِ نه مِڙنديون آهن، ۽ جي اهڙيءَ طرح پنج – ست ڏينهن بنا ڏُهڻ جي رهيون ته کير سڪائي وينديون آهن. اهڙين ڍڳين کي ڏهڻ لاءِ ڪي اُپاءَ ڪندا آهن، جيئن ته:

ڳُڙپاڻيءَ ۾ ڳاري ان ۾ ٿورو ٻاجهريءَ جو اَٽو وجهي پُسايل گوار جي ڏاري سان ٿورو ٿورو گڏي ڪونڊيءَ ۾ وجهي ڍڳي اڳيان رکندا، جا چَٽيندي ويندي ۽ ڪي ڪي ڍڳيون ائين پيراسي پونديون آهن، پوءِ ڏهي وٺندا آهن. ائين پنج – ست ڏينهن ڪبو ته ٺهي وينديون آهن، انهيءَ کي چَٽي تي هيرائڻ چئبو آهي.

مئل ڦر جي کل لاهي ڌوئي صفا ڪري ان جي اندران سنها ڪک وجهي ڀرتي ڪري ٽنگن ۾ ڪاٺيون وجهي سڪائيندا ته هوبهو گابي جو بوتو ٺهي پوندو. ڏهڻ مهل اهو بوتو ڳڍيءَ جي اڳيان رکبو ته پيئي چٽيندي ۽ پراسي پوندي، تڏهن ڏهي وٺبو آهي.

ڪي ماڻهو ٻئي ڪنهن گابي، يا گابو نه ملڻ تي ننڍو رڍ جو ڦر گهيٽو يا گهيٽي وٺي ان تي هيج ڪرائيندا آهن. پر اڳيان چڏي ڍڳيءَ جي سارَ ۾ ٿورو سنهو ڪٽيل لوڻ هٿ سان وجهي وات سان هوا ڀريندا آهن، هن کي ”ءُل ڏيڻ“ يا ”ٻُلَڻَ“ چوندا اهن، ته ٿورو کير اُوس (اوهه) ۾ لاهيندي. لوڻ اندر ڳرندو ته پاڻيٺ ٿي پوندو. ٿوريءَ دير بعد سار ۾ هٿ وجهي اها پاڻيٺ ڪڍي گابي يا گهيٽي جي بدن تي مکيندا آهن ته ڍڳي ڦر کي چَٽڻ لڳندي آهي، تڏهن چوندا ته هاڻي ”وَري“ آهي. ڪي ڍڳيون تڪڙو نه ورنديون آهن ته وري کپ جي ٻوٽي کي پٽي مروڙي موڙي ٺاهي سار ۾ وجهي اندر رکندا، ۽ ڪو ننڍو ڪتو جهلي ڳڍيءَ ۾ رَنڍو (رسو) وجهي ڍڳي اڳيان گهلي ڪُوڪاٽڪرائيندا ته ڦر کي چَٽڻ لڳندي. پندرهن – ويهن منٽن بعد اها موڙهي ڪڍي وٺندا، ائين ٻه چار دفعا ڪبو ته ڍڳي ڦر تي هيج ڪري وجهندي ۽ پيئي چٽيندي ۽ پِراسي پوندي. پوءِ گابو ٿڻن هيٺان ڇڏبو ته ڌائڻ لڳندو. ائين ٻن – ٽن ڏينهن اندر ٺهي ويندي، پوءِ هميشه انهيءَ ڦر تي پيئي مڙندي. اهو هنر ڪي مالدار ڏها ڄاڻندا آهن جن کي وٺي اچبو آهي، ان لاءِ کين پورهيو ڏبو آهي، ٻن چئن ڏينهن اندر ڍڳي ٺاهي ڏيندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org