سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 12

صفحو ؛ 17

 

ڍڳا هوندا ته پاڃاريءَ ۾ جوٽي، هَلَ پاڃاريءَ جي وچ ۾ مٿينءَ ڪاٺي سان ٻڌندا آهن، جنهن کي ”ڪَنڌهوٽ“ چون. نَڪَن ۾ نٿ هڻي رسي وجهندا آهن، جا ورائڻ ۽ ضابطي ۾ هلائڻ لاءِ ڪم ايندي آهي. گڏهن جي حالت ۾ رَسي نه وجهندا آهن، رڳو ”کَڙَڻِي“ جي اشاري سان ورائيندا آهن. وهٽ هڪلڻ لاءِ هٿ ۾ ڪام کڻندا آهن، جنهن کي ”کَڙڻِي“ چون. ڪٿي ڪٿي وڻن جون پاڙون يا تُڙ زمين ۾ هوندا آهن يا شڪ هوندو آهي، اهڙا هنڌ واريءَ جي گڏ ٿيڻ ڪري ٻيءَ زمين کان ڪجهه مٿڀرو هوندا آهن، جن کي ”مُوڙ“ چوندا آهن. اُهي جيتوڻيڪ اڳ ۾ ڪوڌر سان کوٽي سريکا ڪبا آهن، پر تڏهن به صفا سَريکا نه ٿيندا آهن. اهڙن هنڌن تي وهٽ کي آهستي هڪلبو آهي، جيئن تڪڙي هلڻ ڪري متان اتفاقاً هَر اٽڪي پوي ۽ ڀڄي پوي. اهڙي هنڌ تي يا ٻئي ڪنهن هنڌ پاڙن ۾ هَر اٽڪي پيو ته ڇڪي مٿي کڻي وري به ٿورو اڳتي رکي هلائيندا آهن.

ٻج جهوليءَ ۾ وڌل هوندو آهي، جنهن کي ”کورو“ چوندا آهن. هٿ جي چپٽيءَ سان داڻو داڻو ڪري ٻج واڻيءَ مان ڪيرائيندا ويندا. هو هَر جي پويان زمين ۾ ڪِرندو ويندو، ۽ مٿان هَر جي پاسن کان اورن ۾ واري ايندي ويندي. جنهنڪري ازخود پيو ڏٽبو، نه ته جيڪر پکي کائي وڃن يا زمين جي سطح تي ڪِرڻ ڪري اُڀري به نه سگهي.

ٻج ڦُٽڻ وقت جڏهن اڃا سَلو ڪچڙو هوندو آهي، تڏهن هڪڙو جيت ”ڪَرَهو“ نالي پيدا ٿيندو آهي جو نقصان پهچائيندو آهي. اُن کان بچڻ لاءِ نِم جي وڻ جا پن ٿورو پاڻي وجهي ڪُٽي ڇاڻي ان پاڻيءَ سان ٻاجهري پُسائي، سڪائي پوءِ پوکيندا آهن ته کاڌ نه کائيندي ۽ سَلن جو بچاءُ ٿيندو آهي. ٻج جي چونڊ ڪري پوکبو آهي. ٻاجهريءَ جو هڪڙو قسم ٿيندو آهي، جنهن جي سنڱ تي سوئا سوئا ٿيندا آهن، جنهنڪري پکي کائي نه سگهندا آهن ۽ سنگ تي اڇي ٻُرٻر ٿيندي آهي، جو داڻن کي ڍڪي بيهندي آهي، ان کي ”پَنبِي“ چون. ڪوشش ڪري اهڙو ٻج هٿ ڪري پوکبو آهي.

ٻني پوکيندي لوڙهي وٽ جڏهن وهٽ ويندو تڏهن هاري هَر مٿي کڻي کيس پوئتي واريندو، جنهنڪري ڪجهه زمين ٽڪر رهجي ويندو، جتان پوءِ آڏيون اوڙون ڪڍي لوڙهي سان لڳائي ڇڏبيون آهن، جنهن کي ”جبوتِرا ڏيڻ“ چئبو آهي.

 

پوک جي سنڀال

ٻنيءَ جي صفائي ڪرڻ وقت وڻن جي ڍنگهرن سان چوڌاري ٻنيءَ کي لوڙهو ڏيئي ڇڏيندا آهن. پورت نه ٿي ته ٻاهران ويجها وڻ وڍي لوڙهو پورو ڪندا، جيئن چوپائي مال کان بچاءُ ٿئي. پوکڻ بعد ٽئين ڏينهن ٻج اڀرندو آهي. ۽ ننڍا ننڍا سَلا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ڏهين – ٻارهين ڏينهن چڱي ساوڪ هڻي بيهندو آهي. پوءِ نظرداري ڪندا ايندا، جيئن چوپايو مال اندر پئي نقصان نه ڪري. جڏهن فصل گوڏي جيڏو ٿيندو آهي تڏهن گهر جا ڀاتي – مڙس زال ۽ وڏيڙا ٻار – گڏجي ان مان جهنگلي اُڀريل گاهه ڪڍندا آهن، جنهن کي ”ليڏاڻ“ چئبو آهي. چوندا آهن ته ”کيڙيو کيتر ۽ ليڏاڻيو ڌانَ.“ رڳو ٻني پوکي ڇڏبي ۽ ليڏاڻ نه ڪڍبو ته فصل ڪونه ٿيندو. ليڏاڻ کي سنڌ ۾ ”گُڏ ڪرڻ، چئبو آهي. ليڏاڻ ڪڍڻ جو به طريقو آهي. جيڪي ڀاتي هوندا سي قطار ۾ ٿيندا ويندا، پوءِ هرڪو ڀاتي ٻه يا ٽي اوڙون پنهنجي حوالي ڪندو. اِن طرح گڏجي ڪوڏرن سان سڀڪو پنهنجن اوڙن وارو گاهه ڪڍندو اڳتي وڌندو ويندو ۽ چاليهه – پنجاهه کن وکون هلي اتي بند ڪندا. چاليهن وکن جيترو پنڌ کي چون ”گاڏهو اوجاڻ“ ۽ سٺ وکن جيتري مفاصلي کي ”اوٺو اوجاڻ“ چون. هڪ دفعو اوجاڻ تائين گاهه ڪڍي ويندا تنهن کي ”پِرانچ“ چوندا. پوءِ وري اُتان ساڳئي نموني واپس گاهه ڪڍندا ايندا. شام جو گهر اچڻ وقت ڪنهن پڇيو ته ڪيترو ليڏاڻ ڪڍيو آهي ته چوندا ته هيتريون پرانچون ڪڍيون اٿم. اهڙيءَ طرح جڏهن سڄي ٻنيءَ مان گاهه ڪڍي ڇڏيندا، تڏهن چوندا اڄ ٻني ”اوهِري“ ڇڏيسين، يعني گاهه ڪڍي ڇڏيوسين. ليڏاڻ لاءِ ڪوڏر ٽڪنڊي شڪل جي هوندي آهي، جنهن ۾ ڇهه فوٽ کن ڊگهي ڪاٺيءَ جو ڳن وڌل هوندو، هن کي ”ڪَسِي ڪوڏار“ چئبو آهي.

انهيءَ موقعي تي سوٻٽ جهڙا جيت ٻه – ٽي انچ ڊگها پيدا ٿيندا آهن، جن کي ”ڪاتيرا“ چوندا آهن. اهي جيت چونرا، تِر، مڱ، گوار ۽ وَلين جا پن ۽ تَسروُن (ڪَڇا) ٻوٽيندا ۽ لائي ويندا آهن، جنهنڪري وليون ۽ ٻوٽا سڪي ويندا آهن. هاري انهن کي جتي ڏسندا آهن، اتي ماري ڇڏيندا آهن. ٻن – ٽن هفتن بعد اُهي ازخود مري ويندا آهن.

پوءِ سنڀال ڪندا ايندا، تان جو سنگ نڪرندا. ڪجهه وقت بعد داڻا ٿيندا. پهريئين ڪچا هوندا، ڀڃا ته اڇو کير پيو نڪرندو، تڏهن چوندا ته  ”ڏوڌو کيرو“ ٿيو آهي. انهيءَ وقت پکي کائڻ شروع ڪندا، جي ڍولر، ڳيرا، پيئر، جهرڪيون، ليليون ۽ هُڙيا وغيره هوندا آهن. ڪن ڪن سنگن تي مٿان چوڌاري اڇو ٻورو هوندو آهي، جنهن کي پَنبي چئبو آهي، ڪن تي سوئا ٿيندا آهن، جي پکين جي کائڻ کان بچاءُ لاءِ قدرتي وسيلا آهن، پر انهيءَ هوندي به پکي ڍؤ ڪندا آهن. ڪوچڱو ڏينهن ڏسي پکي هڪلڻ شروع ڪندا آهن، جنهن کي ”هڪل ڪرڻ“ چئبو آهي. هاري سڄو ڏينهن ٻنيءَ ۾ ڦيرا ڏيندو، تاڙيون وڄائيندو، بعضي گاسليٽ جي ٽين جو خالي بيڪار دٻو هڪ هٿ ۾ کنيل ڪاٺيءَ سان وڄائيندو ويندو يا کانڀاڻيءَ سان پکين کي ڳوڙها هڻندو. ڪي وري ٻنيءَ ۾ موزون هنڌن تي يا ڪي وڻن تي پيها ٺاهي ان تي چڙهي کانڀاڻيءَ سان ۽ هَڪلن ڪرڻ سان پکي هڪليندا آهن. سڄو ڏينهن هڪل پيئي پوندي. ڪن جو ته ايئن ڪندي آواز به گهِگهو ٿي ويندو آهي، تڏهن چوندا آهن ته سَڏَ رهجي ويو.

هڪل ڪرڻ جا به نمونا آهن: ڪي پيا چوندا، ’هولو ري هولو‘، ته ڪي ’هڙيو ليلي‘، ڪي ’ٻوڙي ٻوڙي‘ وغيره پيا چوندا. صبح جو ٿڌي پهر ۾ جهار گهڻي هوندي آهي، ڇو ته ساري رات پکي وڻن ۾ آرامي هوندا آهن. صبح جو وقت به ٿڌڪار وارو هوندو آهي ۽ بک به هوندي اٿن، انڪري کائڻ جا وارا ڪندا آهن. هاري ان وقت تڪڙا تڪڙا ڦيرا ڏيئي جهار هلڪيندا آهن. ڪٿي ڪٿي وڏن ڏهرن ۾، جتي گهڻيون ٻنيون هونديون آهن، اتي چوڌاري صبح جو رَڙ مچي ويندي آهي.

ڪي ماڻهو ٽاٽ سان ٺڪاءَ ڪرائيندا آهن. ڪي بِينڀيو وڄائين ته پکي ڀڄيو وڃن، ۽ ”اوڙا“ ڪندا آهن. رات جو گوار يا ٻيو فصل هنداڻا، گدرا، وغيره هرڻ ۽ لُوڪڙ کائي ويندا آهن. اُنهن کان بچاءُ لاءِ ڇا ڪندا آهن جو ٻٺيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪاٺيون کوڙي ان ۾ ڦاٽل ڪپڙي جو ٽڪر ٻڌي ڇڏيندا يا مٿان ڪاٺيءَ ۾ ڪنو اوڌو ڪري وجهندا، جنهن کي ”اوڙو“ چون، جو رات جو پريان ماڻهوءَ وانگر پيو ڏسڻ ۾ ايندو. اِهو ڏسي رات جو جهنگلي جانور به ڀڄيو وڃن ۽ ڏينهن جو پکي ڀڄيو وڃن. ڪجهه وقت بعد جڏهن ڪجهه داڻو ڏاڍيرو ٿيندو آهي، تڏهن چوندا آهن ته هاڻي ”آبوُ“ ٿي آهن.

ٻني ويجهي هوندي ته هاري سڄو ڏينهن ڪم ڪري شام جو موٽي گهر ايندا آهن، پر جي ڪجهه پنڌ هوندو يا ڀيلَ جو ڊپ هوندو ته رات جو ٻنيءَ تي ٽڪي پوندا آهن. ’هڪل ڪرڻ‘ بعد سڄو گهر ٻار وٺي ٻنيءَ تي رهندا آهن ۽ رات جو به ٻه ٽي دفعا ٻنيءَ کي ڦيرو ڏيئي ايندا آهن ته مٿان ڪو وهٽ وغيره ڀيل نه ڪري وڃي.

 

ڀيل کان بچاءُ

چوپائي مال کان بچاءُ لاءِ ٻنيءَ جي چوڌاري لوڙهو ڏبو آهي. وچ جي ٻني هوندي ته ڀيل نه ٿيندي يا گهٽ ٿيندي. ٻاهران ڳوٺ جي ويجهي پنڌ، يعني، گوچر جي ٻني هوندي ته ڀيل گهڻي ٿيندي. تنهنڪري لوڙهي جي ٻاهران چَري (کاهي) کوٽيو ڇڏين. چَريءَ جي ڪري جانور ڪونه ايندو. ڀيل جي حالت ۾ جتي جتي شهرن ۾ ڍَڪ آهن، اُتي جانور ڍَڪ ۾ ڏبا آهن، پر هراڙين ۾ ڍَڪ ڪونه آهن، ازان سواءِ ڪي ماڻهو چئن چڱن جي چوڻ تي ڀيل ورتل به واپس موٽايو ڏين. جي ”گڏ ويٺا آهيون، هي چار پئسا ڪيترو وقت کائبا. وات کائي، اکيون لڄائين. هن مان ڪو ورهيه ڪونه ڪاٽي سگهبو. وقت گذري ويندو، ڳالهيون وڃي رهنديون.“ مطلب ته ٿر جي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي اکين جي ديدوندي آهي، هروڀرو بي مُحابا ڪونه ٿين.

 

کانڀاڻي

وسڪاري جو جهار هڪلڻ لاءِ هاري ماڻهو کانڀاڻي ٺاهيندا آهن، جنهن کي ٿري ”گوڦَڻَ“ چون، جا چمڙي مان يا اڪَواري يا سُٽ جي ڌاڳن مان ڳُتي ٺاهيندا آهن. ٻنهي ڇيڙن ۾ ٻانهن جيڏيون رسيون وجهندا آهن. هڪ پاسي رسيءَ جا ڇيڙا وراڪو ڏيئي اهڙيءَ طرح ٺاهيندا آهن، جيئن هٿ جي ٻن آڱرين ۾ قابو ٿين. رَسيءَ جو فوٽ کن ڊگهو ٻيو پاسو، سڌو ڇڏي ڏيندا آهن، جيئن ڌڪ هڻڻ مهل هٿ جي اڱرين مان کسڪي نڪري سگهي. کانڀاڻي هٿ ۾ جهلي، ڳوڙهو وجهي، پُٺن تي چاڙهي اهڙو ته زور سان هڻندا آهن، جو ڳوڙهو زوُڪاٽ ڪندو پيو ويندو. ڌڪ به اهڙو زور سان لڳندو، جو پکيءَ کي لڳو ته اُٽ ماري وجهندو ۽ ٺڪاءُ تي اوسي پاسي وارا پکي به اڏامي ويندا، انهن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويندي.

کانڀاڻي هڻڻ جا ٻه نمونا آهن: هڪڙو ته کانڀاڻيءَ ۾ ڳوڙهو وجهي گول ڦيرائي پوءِ اڇلائيندا آهن، ٻيو وري ڳوڙهو وجهي پُٺن تي چاڙهي پوءِ اُڇلائيندا آهن. پويون نمونو وڌيڪ اثرائتو آهي. کانڀاڻيءَ جو ڳوڙهو اٽڪل ٻه سئو فوٽن تائين ويندو آهي. ڪي ڪي چُٽير اهڙا تجربيڪار آهن جو مجال آهي جو ڳوڙهو نشان تان گُسي وڃي!

بعضي ڪي اُٺ، ڍڳا يا پاڏا ٻنين ۾ هِرندا آهن، جي اهڙا خوفناڪ هوندا آهن جو ماڻهوءَ سان وڙهي به پوندا آهن، جنهن ڪري سڀڪو ماڻهو ڊپ ڪندو آهي ۽ ويجهو وڃي هڪلي ڪڍڻ جي همت نه ٿيندي اٿن. انهيءَ حالت ۾ پري کان بيهي کانڀاڻيءَ جي ڳوڙهن سان ڌڪ هڻي ڀڄائي ڪڍندا آهن. ماڻهو چيڪي مٽي ڳوهي ڳوڙها ٺاهي سُڪائي رکندا آهن، جي گهرج مهل ڪم آڻيندا آهن، نه ته صرورت وقت ڪوبه ٺڪر ڀتر کانڀاڻيءَ ۾ ڳوڙهي وانگر ڪم آڻبو آهي. ٿري ڳوڙهي کي ”گِلولِي“ چون.

 

ٽاٽ

ڪي جهنگلي جانور رات جو ٻنين ۾ نقصان ڪندا آهن، جيئن ته هرڻ ۽ سَها گوار ۽ مڱ کائي ويندا آهن، لُوڪڙ وري هنداڻا ۽ گدرا کائي چَڪ هڻي ڦٽائي ويندا آهن. ان لاءِ هاري رات جو ٻنيءَ ۾ ڦيرا به ڏيندا آهن، پر اونداهيءَ سبب بعضي ڏسي نه سگهندا آهن. انهيءَ حالت ۾ ڇا ڪندا آهن جو ٻه – اڍائي پُرهه مضبوط رَسِي تيار ڪري، ان جي هڪ ڇيڙي ۾ ڏيڍ فوٽ کن سنهو اَڪَواري جي رسي ٽڪر جو پوڇنڊو وجهي تيار ڪندا آهن، ان کي ”ٽاٽ“ چون. اُن کي هڪ پاسي کان هٿ ۾ جهلي چوڌاري ڦيرائي اوچتو پوئتي وراڪو ڏيندا آهن ته زبردست ٺڪاءُ ٿيندو آهي، جيڪو ٻُڌي جانور ڀڄي ويندا آهن. ڏينهن جو به جهار هڪلڻ لاءِ اهڙيءَ طرح ٽاٽ ڪم آڻيندا آهن. ٽاٽ ٻنيءَ مان جانور ۽ پکي هڪلڻ جو موثر ترين ذريعو آهي.

 

بِينڀِيو

اَڪَ يا کٻڙ جي ڪلاٺيءَ کي چِپٿري گهڙي فوٽ کن ڊگهي ۽ انچ سوا کن ويڪري تيار ڪري، اُن جي هڪ ڇيڙي ۾ ٽُنگ ڪندا آهن. ڏيڍ فوٽ کن سنهي رسي وٽي تيار ڪير ان جو هڪ ڇيڙو ٽنگ ۾ وجهي ٻڌي قابو ڪندا آهن ۽ ٻيو ڇيڙو هٿ ۾ جهلي، پنهنجي چوڌاري زور سان گول دائري ۾ ڦيرائيندا آهن، تن ان مان ڀُونءَ، ڀُونءَ ڀُونَ سان زوردار آواز ٿيندو آهي، جو ٻُڌي جانور ۽ پکي ڀڄي ويندا آهن. اُن کي ”بيسنڀيو“ چون. ننڍا ٻار ته اڪثر بينڀيا ٺاهي راند روند به پيا ڪندا آهن.

 

ڀَڃ وجهڻ

جڏهن ٻنيءَ ۾ سنگ نڪرندا آهن ۽ منجهن اَن جا داڻا ٿيندا ويندا آهن، تڏهن ڪو سڳورو ڏينهن ڏسي پکي هڪلڻ شروع ڪندا آهن، جنهن کي ’هڪل ڪرڻ‘ چئبو آهي. ڪجهه داڻا سخت ٿيندا ته اُن کي ‘آبوُ“ چون. پوءِ ڪو چڱو ڏينهن ڏسي پهريائين پنج سنگ ڪاني جي سَنڌ وٽان ڀڃي داڻا ڪڍي ڪنهن اولياءَ، پير، فقير کي ڀيٽ ڏيئي، يعني انهيءَ جي نالي ڪنهن مقرر جاءِ تي رکي، پوءِ سنگ هٿن سان مهٽي ڦوڪ سان داڻا صفا ڪري آڀوُ کائيندا آهن. انهيءَ کي ”ڀڃ وجهڻ“ چوندا آهن. ان بعد وقت بوقت آڀُو پٽي پيا کائيندا آهن.

 

لابارو

جڏهن ٻاجهريءَ جو فصل پچي تيار ٿيندو آهي، تڏهن هاري ڏاڍا خوش ٿيندا آهن.

ٻاجهر پَڪِي ٻاجهه ٿي، لٿو ڏولائو.

عورتون ۽ مرد جهوليون ٻڌي ڏاٽي سان سنگ لُڻي جهوليءَ ۾ وجهندا ويندا، جنهن کي ’ڪانڀو‘ به چون.

اَڌ لوئي جو انگ تي، ڪانڀا ڪيائون

-(ساوڻ فقير)

عورتون ڪپڙي جو مٿيون پاسو مٿي تي رکي، هيٺان ڪپڙو ورائي، ٻيئي پلاند چيلهه ۾ اڳيان ڪري ڳنڍ ڏين، ته جهولي (ڪانڀو) ٺهيو پوي. ڏاٽو اصل سنسڪرت لفظ ”داتر“ آهي. ٿري ان کي ڏاتيرو“ چون.

جڏهن جهول ڀرجي تڏهن ٻنيءَ ۾ ڪنهن سخت زمين ٽڪر کي ٻُهاري صفا ڪري سنگ اُتي گڏ ڪندا ويندا. جنهن کي ”ڍڳلو“ چوندا آهن. اهڙي طرح سڄي ٻني لُڻي ڍڳلا ڍڳلا ڪندا ويندا. پکين جي بچاءُ کان مٿان سِڻ، مُرٽون، گهاما يا ٻيو گاهه ڏيئي ڍڪي ڇڏبا آهن. ڪنهن وڻ جي اوٽ ۾ يا ميدان ۾ ڪاٺيءَ جون چار ٿوڻيون کوڙي، انهن تي آڏوريون رکي اندران کونٽا (ڪايا) پکيڙي وچ ۾ سِڻَ ۽ گهاما ڏيئي ڪَرهِي تيار ڪري، ان ۾ لُڻيل سنگن جون ڀريون ٻڌي وجهندا ويندا. ڀَريءَ ۾ ڪافي سنگ هوندا آهن، جو همت وارو مڙس کڻي سگهندو آهي. ڀريءَ مان اٽڪل هڪ مڻ ته گهٽ ۾ گهٽ اَنُ ٿيندو آهي، ڪن ۾ وڌيڪ به ٿيندو آهي. ڀرين جي انداز مان اَنَ جو تخمينو به ٻڌائي سگهندا آهن.

ٻنيءَ ۾ زمين جو سخت ٽڪر نهاري ٻُهاري صفا ڪندا آهن، جنهن کي ”کرو“ چوندا آهن. پنهنجي کائڻ لاءِ ڪجهه سنگ کَرَي ۾ سڪائي ڌُڪن سان ڪُٽي ڇڄ سان وائوري (اوُنڌڻي) اَن صفا ڪندا آهن. باقي سنگ ڪَرهِيءَ ۾ وجهندا. پهرئين دفعي لُڻڻ بعد ڪچا سنگ رهجي ويندا آهن، اهي پچڻ بعد ٻئي دفعي لڻندا آهن. اهڙيءَ طرح ڪي ٽئين دفعي به لُڻندا آهن. پوءِ به اڃا ڪو نالي ماتر سنگ بچيل هوندو ته اهو پڇاڙيءَ جو دفعو لڻي وٺندا جنهن کي ”چونڊو ڪرڻ“ چوندا آهن. ڪَرهِي ڀري مٿان سِڻ ۽ ٻيو گاهه ڏيئي پاسن کان مضبوط ڍنگهرن سان ڍڪي ڇڏيندا. ٻه چار، ڇهه مهينا سنگ پيا هوندا آهن. چوريءَ جو ڪوبه ڊپ ڪونهي، فقط ڪئا نقصان ڪندا آهن. اُنهن کان بچاءُ لاءِ ٻيرڙيءَ جا ڪنڊا وڍي ڪَرهِيءَ جي تري ۾ رکبا آهن ته پوءِ ڪُئن کي وجهه نه لڳندو.

 

چونڊو ڪرڻ

جڏهن ٻنيءَ ۾ فصل پچندو آهي، تڏهن مالڪ لڻي وٺندا آهن. اهڙيءَ طرح ٻه – ٽي ڀيرا لُنپ ٿيندي آهي. ان بعد به جي ڪي ٿورا ننڍا سنگ رهجي ويندا آهن، ته پوءِ اهو آخري دفعو يا ته مالڪ پاڻ لڻي وٺندو آهي يا ڪڏهن ڪا بيواهه يا رَن زال، جا بلڪل غريب هوندي آهي، سا مالڪن کان موڪلائي، اُهي ننڍڙا سنگ ساري سنڀالي هڪ هڪ ڪري لڻي وٺندي آهي، جنهن کي ”چونڊو ڪرڻ“ چوندا آهن. هن بعد ٻنيءَ مان ڪانا وڍي وٺندا آهن يا ڀيلائي ڇڏيندا آهن، جو پوءِ ڪانا مال کائي ويندو آهي.

 

لاس يا آٻٿ

سڀڪو هاري پنهنجي ٻنيءَ جو ڪم گهر جي ڀاتين سميت ڪندو آهي. پر جي ڏسندو ته ڪم گهڻو آهي يا ترت ڪرائڻو آهي ۽ خرچ جي وصالت آهي ته پوءِ ڳوٺ مان ڏهه – پندرهن – ويهه يا وڌيڪ ماڻهو گڏ ڪري ڪم پورو ڪرائيندو آهي، جنهن کي ”لاس“ يا آٻٿ“ چئبو آهي. هن حالت ۾ مزدوري ڪانه ڏيڻي پوندي آهي، پر پهچ سارو ماني ٻاجهري جي، ماني گيهه سان، چانورن جو ڀت، پُلاهه يا سِيرو کارائڻو پوندو آهي. لاس، سوُڙ ڪرڻ، ليڏاڻ ڪڍڻ يا لاباري وقت ڪبي آهي. سڀيئي ماڻهو لاس ڪونه ڪن، هُو پاڻ ڪم ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته لاس تي خرچ ٿيندو آهي، تنهنڪري ڪي ڪي پڄنديءَ وارا لاس ڪندا آهن.

لاسيا جڏهن گجي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندا آهن تڏهن عجيب نظارو هوندو آهي. اُهي وندر لاءِ وري ڪونه ڪو لوڪ گيت ڳائڻ شروع ڪندا آهن. پوءِ سُر سان ڳائيندا ويندا ۽ ڪم ڪندا ويندا. ڳائڻ سان ٿڪ محسوس نه ٿيندو آهي. وندر جي وندر ۽ ڪم جو ڪم. گهڻو ڪري ”همرچوڙي لا“ لوڪ گيت ڳائيندا آهن. پر ڪي ٻيا ٿري لوڪ گيت مثلاً ڀئيو، لِکيئو وغيره به ڳائيندا آهن. لاباري جي مهل گهڻو ڪري عورتون لاس ڪنديون آهن، ڇو ته اهو ڪم اهڙو سخت نه آهي. لاس ڪرڻ ڪري ڪم ۾ هڪ قسم جي هَٿي اچي ٿي ۽ هونئن جيڪر هاري کان ڪم نه ٿئي يا دير سان ٿئي سو يڪدم ٿيو پوي.

 

کَرو ڪُٽڻ

جڏهن ضرورت پوندي آهي تڏهن سنگ کري ۾ وجهي پکيڙي سُڪائي گڏهن يا اُٺن جي هَلر ڦيري ڳاهي گڏ ڪري ڍڳي ڪندا آهن، جنهن کي ”ماڏَ“ چوندا آهن. پوءِ اها ماڏ ڇڄ سان وائوري اَن صفا ڪندا آهن، ان کي ”اوڌاڻ“ چون. جي هوا گهٽ هوندي ته ڪاٺيءَ جو ٽڪنڊو ٽڪر ڪجهه تختي وانگر گهڙي، ان جي ٽنهي ڇيڙن ۾ پينگهي جي گهوڙين وانگر چار – پنج فوٽ ڊگهيون ڪاٺيون وجهي تيار ڪندا، جنهن کي ”ٽيئا“ چوند آهن. ان تي چڙهي پوءِ وائوريندا آهن، جيئن مٿي بيهڻ ڪري هوا وڌيڪ لڳي ۽ اَن چڱيءَ طرح وائورجي سگهي. اهڙيءَ طرح اَن صفا ڪري ڍڳي ڪندا آهن. انهيءَ پهرئين دفعي ڳاهيل ماڏ مان نڪتل اَن کي ”راهَ“ چوندا آهن، انهيءَ اَن جو داڻو وڏيرو هوندو. راهه جي ڍڳ چوڌاري ڦُلهيار ليڪي وانگر ٻُرڪائيندا آهن، جنهن کي ”ڪارَ“ چون. سندن عقيدو آهي ته ائين ڪرڻ سان اَن ۾ برڪت پوندي. پوءِ ڍڳ مان هڪ ڇڄ ڀري جدا رکي ڇڏيندا. ان کي ”سِيئاٿَر“ چون، جو پوءِ پنهنجي نياڻيءَ کي ڏيئي ڇڏيندا. اُن بعد اَن جون جهوليون ڀري ٻوريون (کاهين) ۾ وجهندا، جنهن کي ”ڀَرپَ“ چون. پهرين جهولي وجهڻ سان ”هڪ“ ڪونه چوندا پر ”برڪت“ لفظ چوندا. کائين ۾ اَن وجهڻ وقت ڳالهائڻ بند ڪندا آهن، ڇو ته ان کي اهو خيال ويٺل آهي ته ڳالهائڻ ڪري اَن بي برڪتو ٿيندو.

باقي جيڪي تُهه بچندا آهن، جن ۾ اَن رهجي ويندو آهي، ان کي ”ڏانٺر“ چون. اُنهن کي وري ڌُڪين سان ڪَٽي، گهڻا هوندا ته هلر سان ڳاهي، وائوري اَن صفا ڪندا آهن. اهو جدا ٻورين ۾ وجهندا آهن ڇو ته ”راهه“ جي ٻاجهريءَ جي داڻي جي ڀيٽ ۾ ”ڏانٺرن“ جو داڻو ننڍو ٿيندو آهي. قرض ۾ ڏيڻ يا وڪڻڻ لاءِ اها ٻاجهري ڪم آڻيندا آهن.

اڃا ٻُري بچندي آهي، جنهن ۾ ڪو ڪو داڻو هوندو آهي. انهيءَ ٻُريءَ کي وائوري داڻن واري ٻُريءَ کان جدا ڪري ڪُٽي اُن مان به ٿورو گهڻو اَن ڪڍندا آهن، جنهن کي ”ڪُنڊي“ چوندا آهن. اهڙيءَ طرح اَن صفا ڪرڻ لاءِ ”کرو ڪُٽڻ“ چوندا آهن. پڇاڙيءَ وقت ڪي غريب عورتون يا ٻار ايندا آهن، جنهن کي ”کَراڪيا“ چون. انهن کي هوند سارو خيرات طور اَن ڏيندا آهن، جنهن کي ”کَراڪيا“ چون. ڪنهن کي به خالي نه موٽائيندا آهن. کَري تان خالي موٽائڻ پاڻ لاءِ عيب سمجهندا آهن. کَري جو ڪم ختم ڪندا ته چوندا ”کرو اُپِڙِيو“ يعني ڪم پورو ٿيو.

 

ان رکڻ

اَن کي ٿري ”ڌانَ“ چون، جو اصل سنسڪرت لفظ ”ڌانيه“ مان نڪتو آهي. کري ۾ ان صفا ڪرڻ بعد ٻورين (کاهين) ۾ وجهي اُٺ تي رکي گهر کڻي ايندا. ٻوري وچ تي ڳنڍيل هوندي آهي. انهيءَ ڳانڍاپي کي ”بِٿَ“ چون، جنهن جي ڪري ٻوريءَ جا ٻئي پاس هڪ جيڏا ۽ جدا ٿي پون، جنهن مان هرهڪ کي ”ڪُٿو“ چون. اَن ڪُٿن ۾ وجهي منهن سبي قابو ڪندا. اُٺن تي کڻي اچڻ مهل جي ڪنهن پاسي ٿورو آَهِلِي يعني لوڙو ٿيو ته چوندا ”اوهارو“ يا ”اَنيرو“ ٿيو آهي، متان ڪِري نه پوي، تنهنڪري هيٺئين پاسي کي ٿورو مٿڀرو ڪري سَرکو ڪندا. گَهر اچي اَن مٽيءَ جي ٺهيل ڪوٺين (گندين) ۾ وجهي رکندا آهن. مٿان منهن تان ڍڪ ڏيئي لِنبي ڇڏيندا آهن. ڪي گُنديون ننڍيون ۽ ڪي وڏيون ٿينديون آهن، جن ۾ ويهه – پنجويهه مڻ يا وڌيڪ اناج ماپي سگهندو آهي. ڪي ننڍيون چونڪيون ٺاهيندا آهن، جن کي ”ڪَڙِسارا“ چون، انهن ۾ اَن وڌيڪ پئجي سگهندو آهي.

ڪوٺيءَ يا گُنديءَ جي بچاءُ لاءِ ڪکن جي جهوپڙي ٺاهيندا آهن، جنهن کي ”جهانپو“ چون، جيئن برسات وغيره ۾ خراب نه ٿئي. اها جهوپڙي ٽوپي وانگر هوندي آهي جا ضرورت وقت لاهي، وري مٿان رکي ڇڏيندا آهن. اَن ڪڍڻ لاءِ ڪوٺي ۾ هيٺئين پاسي ٿورو کول ٽنگ رکندا آهن، جنهن کي ”سوُهڻ“ چون. اُن ۾ ٿڳڙ وجهي لنبي ڇڏيندا آهن، ضرورت وقت اهو کولي اَن ڪڍندا آهن.

ڪوٺي اندر ڪڏهن ڪڏهن هڪ قسم جو ڳاڙهو جيت اَن ۾ پيدا ٿيندو آهي، جو نقصان ڪندو آهي، اُن کي ”اِلِي“ چوندا آهن. بعضي اڇيون لَٽون (گَڏروُن) به پونديون آهن. جيتن کان بچاءُ لاءِ ڇا ڪن، جو شروعات ۾ ڪوٺيءَ جي تري ۾ چُلهه جي رک (بانِي) ڇاڻي ڇٽيندا آهن ۽ ٿوري ٿوري رک، سڄي ٻاجهريءَ سان ڀيڙ ڪري پوءِ وجهندا آهن. ڪي نيم جا پن اَن ۾ گڏيندا آهن. ائين ڪرڻ سان اِلي ۽ ٻين جيتن کان بچاءُ ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح ٽي – چار سال بلڪ وڌيڪ وقت تائين اَن رکيو هوندو آهي.

ٻاجهريءَ جي ٻُري به ڪمائتي آهي. ڪي ماڻهو کَري تان ٻورا ڀري گهر اچي رکندا آهن، جو اونهاري جو گوار سان گڏي رڌي ڍڳين ۽ مينهن کي کارائيندا آهن، ۽ جاين لنبڻ لاءِ بُري گاري ۾ به وجهندا آهن. ان جي ملائڻ ڪري مٽي ميڙ کائيندي آهي ۽ راڳو ڦوٽون نه کائيندو، جنهنڪري برسات وقت جاءِ جو موثر بچاءُ ٿيندو آهي.

 

گُوار وڍڻ

گوار جڏهن پچي تيار ٿيندي آهي، تڏهن جي سخت زمين وارو قد جو وڏو ۽ گهاٽو هوندو ته ڏاٽي سان وڍبو. پر جي نرم زمين هوندي ته هن سان اُکوڙي ننڍا ننڍا ”پاٿرا“ ٺاهيندا ويندا. گوار پٽڻ لاءِ صبح جو وقت، خاص ڪري جڏهن ماڪ پوندي آهي، نهايت سٺو آهي، ڇو ته اُن وقت نڪي ڦريون ڇڻنديون ۽ نڪو ڦرين مان داڻا ٽِڙڪي نڪري زيان ٿيندا. پاٿرن سوڪڻ بعد ٿڌ جي پهر ۾ ڪپي يا رسيءَ ۾ ڀريون ٻڌي هڪ هنڌ ڍڳ ڪري ڪنڊن جي ڍنگهرن سان ڍڪي ڇڏيندا. ضرورت هوندي ته بروقت، نه ته گهرج وقت کري ۾ وجهي ڌڪن سان ڪُٽي وائوري صفا ڪندا آهن. هن جو داڻو ڳاڙهسري رنگ جو ٿيندو آهي، جنهن کي ”مٺو گوار“ چوندا آهن. گوار ٿرين لاءِ وڏي نعمت آهي. اُن کي ڏري، ڪي ماڻهو ٻُريءَ سان رڌي ۽ ڪي پاڻيءَ ۾ پُسائي مال کي کارائيندا آهن.

 

فصل گڏ ڪرڻ

مڱ ۽ چونرا: مڱن ۽ چونرن ۾ جيئن ڦريون پچنديون وينديون، تيئن چونڊيندا گڏ ڪندا ويندا. پوءِ سڪائي ڪُٽي اَن ڪڍيو وٺن. مڱن مان دال ۽ پاپڙ ٺهن. ويشنو ماڻهو چانورن ۾ مڱن جي دال وجهي کچڻي تيار ڪن، جا کائڻ ۾ ڦَرِڪي ۽ وڻندڙ ٿيندي آهي. ڪيترائي مڱ ٻاهر وڪري لاءِ ويندا آهن. مڱن جي ڦرين جا ڇلر گڏ ڪري رکندا اهن جي اُٺ، ٻڪريون ۽ ڍڳويون کائينديون اهن. چونرن کي ڏري اڌ ڪري چانورن سان به رڌبا آهن ۽ دال وانگر به ڪم ايندا آهن. غريب ماڻهو چوُنر ٻاڦي گُگهِريون ڪري کائيندا آهن، وڪڻي پئسا به ڪمائيندا آهن.

تر: ترن کي تِلَ چون، جو نج سنسڪرت لفظ آهي ۽ پنهنجي اصلوڪي صورت قائم رکيو اچي، تر جڏهن پچن تڏهن ڏاٽي سان وڍي ننڍا ننڍا کَڏا (پوريون) ٻڏي، اُڀا ڪري هڪٻئي جي ڀرسان رکي ڇڏين. سڪڻ تي ترن جون سونگيون مٿان ڦٽي پونديون آهن. پوءِ گڏا هٿ سان اونڌا جهلي ڪاٺيءَ سان کڙڪائيندا آهن ته تِر پٽ تي ڇڻي پوندا آهن، جن کي ٻهاري گڏ ڪري صفا ڪندا آهن. سونگيون ۽ ٻوٽي جا ڏنڊا ڪُٽي سنها ڪري رکندا آهن جو اُٺن لاءِ چَرهو (چارو) ٿيندو آهي. ترن مان ڪيتريون ئي سيون ٺهنديون آهن. ترن ۾ کنڊ وجهي ڪَچا کائبا آهن. بعضي تئي ۾ سيڪي ڳڙ جو گهاٽو پاڻي تانءُ ۾ ٺاهي، سيڪيل تر اُن ۾ وجهي مُٺيا ٺاهيندا آهن. تر وڏي مقدار ۾ وڪري لاءِ موڪلبا آهن.

ڪورڙ: هي فصل پچي تيار ٿئي ان وقت گهوڙي جو دلپسند کاڌو آهي. اُٺ به چاهه سان لائيندا آهن. پچڻ تي ٻوٽن کي پٽي کري ۾ پنن کي جدا ڪن، جنهن کي پَنِي چون، جا مال جي کاڌي لاءِ ڪم اچي ۽ ان وڪرو ڪن.

ضرورت کان وڌيڪ گوار، تر، مڱ، چونرا ۽ ڪورڙ وڪرو ڪري پيا ڪمائين. ڪنٺي ۾ ته اهو فصل اهڙو ڀلو ٿيندو آهي، جو ڪي ڪي ماڻهو نهايت سکيا ستابا ڏسبا آهن.

ٻنين ۾ ڪارينگ (ڇانهه)، چِڀڙيون (گدريون)، گدرا، چڀر، متيرا ۽ ميها وغيره جام ٿيندا آهن. جيئن پچندا ويندا تيئن هاري کائڻ وقت انهن جا ٻج گڏ ڪندا ويندا. پڇاڙيءَ جو ٻني ڇڏڻ وقت گِدريون ته اڳ ۾ ئي ختم ٿي وينديون آهن، باقي ڇانهه بچندا آهن، سي هاري کڻي اچي گهر ڀري ڇڏيندا آهن، جو سٺو سيارو پيا کائيندا آهن. باقي ننڍا وڏا ڇانهه گڏ ڪري ڀڃي ڪُريون (ٻج) ڪڍي وٺندا آهن. ڇانهن جا کُفَر سڪائي رکندا آهن، جي اونهاري جو مال کي کارائيندا آهن.

ڏياري جي رات ٿانءُ ۾ سنگهه مصري گهاٽي ڳاري ان ۾ ٿورو سِندر گَڏي نجهس هنداڻن جون ڪُريون (ٻج) وجهي رکندا آهن. ٻارهن ڪلاڪن بعد ڪڍي ڇانو ۾ سڪائيندا آهن، ان کي ”پايل ٻج“ چوندا آهن. هن جي پوکڻ سان ڇانهه مٺا ۽ واڙهي رنگ جا ٿيندا آهن.

اَنب جو رَس ڪڍي کنڊ ۽ ٿورو پاڻي وجهي ان ۾ ڇڀڙين (گدرين) ۽ گدرن جو ٻج رکي ڇڏين. ٻارهن ڪلاڪن بعد ڪڍي ڇانو ۾ سڪائي رکن. انهيءَ ٻج مان پيدا ٿيل گدريون ۽ گدرا کائڻ ۾ لذيذ، ٿورا کٽمٺا ۽ وڻندڙ ٿيندا آهن.

 

سيڪڙ ڪرڻ

ٿر ۾ سڀني هنڌن تي هڪجهڙي برسات نه پوندي آهي، ڪٿي گهٽ، ڪٿي وڌ، ته ڪٿي پويئي ڪانه. جتي برسات نه پوندي آهي اُتي آبادي نه ٿيندي آهي. اُتي جا ڪي غريب ماڻهو، جتي برسات پيل هوندي ۽ ملڪ ڀلو هوندو، اُتي جي ڪو مِٽ مائٽ، گنات يا دوست وغيره هوندو، ته ان وٽ لنگهي ويندا. ڪجهه وقت رهي انهن کي ٻنيءَ جي ڪم ۾ مدد ڪرائيندا ته اُهي وري ان جي عيوض سنگن جي ڀري ڀري ڏيندا، ۽ جنهن وٽ وڃبو اُهو وري پنهنجي برادري ۽ سنگت ساٿ کي چوندو ته اُهي به حال سارو سنگ ڏيندا. اهڙيءَ طرح ڪٿي وڃي سنگ گڏ ڪرڻ کي ”سيڪڙ ڪرڻ“ چئبو آهي. سڀيئي ائين ڪونه ڪن، ڇو ته ائين وڃڻ ڪو سولو ڪم ڪونه آهي. چوندا آهن ته ”ڏيڻ سولو آهي، گهُرڻ ڏکيو آهي.“ پر ڪي تمام غريب ماڻهو ائين ڪندا آهن بعضي ڪي ويچاريون رنڙ عورتون پنهنجن مائٽن ۾، آباديءَ جي زماني ۾ وڃي سيڪڙ ڪنديون آهن.

 

پلو وڍڻ

ٿر جي ڏهر جي ٻنين ۾ جهنگلي ٻيريون گهڻيون ٿينديون آهن. ڏهر ڪَنٺي واري ڀاڱي ۾ گهڻا آهن. تنهنڪري اُتي ته بنهه گهڻيون ٿينديون آهن، باقي ٿر ۾ چڱين ٿينديون آهن. انهن کي ليڏاڻ وقت نه وڍبو آهي. ٻنين ڇُٽڻ وقت نومبر جي پڇاڙي ۽ ڊسمبر ڌاري اُهي وڍي پيئي (ٻياني) سان هلڪا هلڪا ڍڳ ڪندا ويندا، جنهن کي ”پاهي“ يا ”ڀِينَٽَ“ چوندا آهن. ڇچوٿين ڏينهن ٻيانيءَ سان کڻي هڪ سخت زمين جي صفا ڪيل ٽڪر تي رکي مٿان هلڪا هلڪا ڌڪ هڻندا آهن ته پن سڀ ڇڻي پوندا ۽ باقي ڍنگهر (ڪَنڊا) بچندا، جي جدا پري رکندا. اهڙيءَ طرح سڀ پن ڇاڻي ڍڳو ڪندا آهن، جنهن کي ”پلو“ چوندا اهن. پوءِ جالنگ ٻورا ڀري اُٺن تي کڻي گهر اچي رکندا. جاءِ هوندي ته واه، نه ته ڪاٺين جي ڪَرهِي ٺاهي اُن ۾ رکندا اهن. سياري جو اهو چارو ُٺن لاءِ فائدي وارو آهي، ڇو ته چوندا آهن ته پلو تَپَلو يعني گرم آهي، جنهنڪري وهٽ تي سيءَ جو اثر نه ٿيندو آهي. اُٺن کان سواءِ ٻڪرين کي به پلو کارائبو آهي ته کير وڌيڪ ڏينديون آهن. جي ڪنهن وٽ ضرورت کان وڌيڪ پلو هوندو ته وڪڻي ڇڏيندو. جالنگ ٻوري جي قيمت رواجي طرح ڇهه – ست رپيا، پر ڪڏهن ڪڏهن ڏهين – ٻارهين رپئين تائين به وڪامندو آهي.

هوليءَ کان پو3 گرم موسم ايندي آهي، اُن بعد پلو ڏيڻ بند ڪندا اهن. پن ڇاڻڻ بعد جي ڪنڊا بچندا اهن، سي پنج – ست ڀينٽ گڏ ڪري ٻيانيءَ جي وسيلي مُرسارو مٿي تي کڻي ايندا آهن، جنهن کي ”اوپاڙو“ چون. بعضي اهي ڪنڊا اُٺن تي به کني ايندا آهن. اُٺ جي پُور کي ”ڀينسارو“ چون. هنن مان گهر جا لوڙها ٺاهيندا آهن، جي ڪم خرچ ۽ مضبوط ٿيندا آهن.

 

دَن يا ڪالَر

ٿر جي ماڻهن وٽ چوپايو مال ججهو آهي. چراگاهه به آهن، جتي برسات پوڻ وقت گاهه جام ٿيندو آهي جو گڏ ڪري رکجي ته ڏکئي وقت ڪم اچي، ڇو ته برسات سڀ ڪنهن سال ضرورت جيتري ڪانه ٿي پوي. ڪڏهن ڪڏهن ڏڪار پوندو آهي تڏهن جيڪر ڪمائتو ٿئي. پر ٿري ماڻهو ان جو فائدو ڪونه وٺندن، البت پارڪر جا ماڻهو گاهه گڏ ڪري رکندا اهن. ٻاجهري ۽ جوئر (جا بلڪل ٿوري ٿيندي آهي) جا ڪانا ڪيترا هاري ته وڍيندا ئي ڪونه آهن. پر ڪنهن سال ڏسندا ته گاهه گهٽ آهي ته پوءِ ڪجهه وڍيندا آهن.

صبح جو ٿڌ ۾، اڃا به جي ڪنهن ڏينهن ماڪ پوي ته اهو وقت ڪانن وڍڻ لاءِ سٺو آهي. ڇو ته ماڪ سبب گهم هوندي، جنهنڪري پن ڪونه ڇڻندا آهن. سخت زمين ۾ وڏا ۽ مضبوط ڪانا هوندا آهن. پر جي زمين نرم ۽ ڪانا ننڍا ۽ ڪَچا هوندا (جنهن کي چاٻ چوندا آهن) ته هٿ سان اُکوڙيندا آهن. ٿورا ٿورا گڏ ڪندا رکندا ويندا، جنهن کي پاٿرا چوندا آهن. سُڪڻ بعد ڀريون ٻڌي هڪ هنڌ ڌن يا ڪالَر ٺاهي رکندا آهن. مينهن ۽ مال کان بچاءُ لاءِ مٿان سِڻ ۽ مُرٽُون ڏيئي نوڙين سان قابو ڪري چوڌاري ڍنگهر ڏيئي ڇڏيندا آهن. اڃا به مال جو ڊپ ساريندا ته ٻاهران گول کاهي کڻي ڇڏيندا. اهڙيءَ طرح ٻه – چار سال رکڻ سان به خراب نه ٿيندا آهن. اهي ڏپ کائي اهڙا مضبوط ٿي ويندا آهن، جو برسات جو پاڻي اندر وڃي نه سگهندو آهي. ضرورت وقت کولي مال کي کارائيندا ۽ وڪرو ڪندا آهن. ڏڪار وقت اٺن – ڏهن رپين مڻ تائين به وڪرو ٿيندو آهي.

پارڪر ۽ ڪنٺي جا ماڻهو ڪالر جي وچ ۾ خال ڇڏيندا آهن، جنهن ۾ اَن يا کوارٽِي رکي ڇڏيندا آهن ته حفاظت سان پيئي هوندي آهي. ڪي ماڻهو ڪانا ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري مال کي ڏيندا آهن. ائين ڪرڻ ڪري اٽڪل چوٿون حصو لتاڙ ۾ خراب ٿيو وڃي، تنهنڪري ڪيترا ماڻهو ڪفايت جي خيال کان ڪانن جي ڪُتر ڪري ڍڳين ۽ مينهن کي ڏيندا آهن، ائين ڪرڻ سان زيان نه ٿيندو آهي.

فصل کڻڻ ۽ ڪانن وڍڻ بعد ٻني ڇڏي ڏيندا آهن، چوندا ته ٻني ڀيلائي ڇڏيسين. پوءِ مال پيو چرندو ته چوندا مال ڀيرلاڙَ ٿو چَري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org