باب سورهون
ڌنڌو ۽ گذران جا وسيلا
ٿر جي ملڪي حالتن جي انهن کي ئي پوري خبر، جن اکين سان ديدار
ڪيو هوندو. ٻاهريان ماڻهو ڄاڻي ڪونه سگهن. نئين
آيل ماڻهوءَ کي عجب پيو لڳندو ته هتي ڪيئن ٿا رهن
۽ ڇا ٿا کائين؟ پر مارو ماڻهو پنهنجي ئي حال ۾
خوش. ڪفايت سان هلڻ ۽ ٿوري تي قناعت ڪرڻ ته ڪو
کانئن سکي. ڪارخانا ۽ وڏا ڌنڌا ڪونه آهن ته به
چوندا آهن ته ”جنهن چُهنچ ڏني آهي سو چوُڻو به
ڏيندو.“ ڌڻي ڪارساز آهي، ”ڪِيڙيءَ کي ڪڻ ۽ هاٿيءَ
کي مڻ“، پيو سڀ ڪنهن جي پورت ڪري. ڪنهن جتي ڌيائي
آهي، ان جي اُتي ئي پورت پيئي ٿئي.
ٻارهوئي ڌنڌي ۾ لڳَا رهن، ڇو ته ”ٻڌو شينهن بک مري“. هٿ پير
چورڻ کان سواءِ مٿان ڪجهه ڪونه ڪرندو. ماڻهن جو
مکيه ڌنڌو آهي کيتي ڪرڻ ۽ مال چارڻ، پر ٻيا به ڪي
وسيلا آهن.
شهري ماڻهو واپار ڪن، ڪي نوڪريون ڪن. غريبن جو گذر آهي مزدوريءَ
تي. مٽيءَ مان جايون ٺاهين، جهنگ مان ڪاٺيون ۽
گاهه آڻي شهرن ۾ وڪڻن، ڪي ڀاڳيا اُٺن تي چاڙهيڪي ۽
بار برداريءَ جو ڀاڙو کڻن، ٻهراڙين جا ماڻهو
وسڪاري جو پوک جو ڪم ڪن، وغيره.
سياري اونهاري مال چارين. سال ۾ ٻه دفعا رڍون ۽ هڪ دفعو ٻڪريون
ڪَترين. اُٺ جي ملس به ڪَتِرين. اُن ۾ ڏاس چڱي
اگهه وڪڻن. اڇي اُن کان ڪاري اُن وڏي اگهه وڪامي
جنهن مان چڱو اُپراسو ٿئي. ٻڪر ۽ گهيٽا ٽانڪارون
سوداگرن کي وڪڻن، جنهن لاءِ گبول ۽ راڄڙ واپاري
سدائين پيا گهمن، جي مال خريد ڪري ميرپورخاص،
حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ڏي ڪاهي وڃن. بعضي ٿريا پاڻ به
مال سودي وڏن شهرن ۾ وڪڻيو اچن. مکڻ ۽ کير وڪڻڻ کي
عيب سمجهن، البت سهرن ۾ رواج آهي.
ٿر ۾ ڍڳيون ڪافي آهن، جنهنڪري گيهه جام ٿئي. ٿر جو گيهه مشهور
آهي، جو چڱي انداز ۾ ٻاهر وڃي. اڳي ٿر جا ڪيترا
هندو ۽ مسلمان ڍڳا ڪاهي گجرات ڏي ويندا هئا، جتي
ڪجهه روڪڙ ۽ ڪجهه اوڌر تي وڌيڪ اگهه سان مال ڏيئي
ايندا هئا. پوءِ سال بسال نئون مال ڪاهي ويندا
هئا، جو ڏيئي اڳيان رهيل پئسا اُڳاڙي ايندا هئا.
مگر هاڻي ڍڳا سنڌ ڏي وڪري لاءِ ڪاهي ويندا آهن.
ڍڳين جو چمڙو ۽ رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون ٿر ۾ به ڪم
اچن، پر ڪافي مال ۽ هڏا ٻاهر وڃن.
شهري مهيشورين جا ٻهراڙين ۾ دڪان آهن ۽ وياج تي ڏوڪڙ ا_ڌارا
ڏين. هڪ دفعي ڪنهن وٽانئن چار ڏوڪڙ اُڌارا ورتا ته
ڄڻ ااَڙيو. ٻيڻا چوڻا ڪريو غريب جو رت ست چوسيو
وٺن! هاڻي مڪاني ماڻهن به دڪان وڌا آهن. مسلمان
ڇيلن، ڍڳن ۽ اُٺن جو واپار ڪن ۽ پئسي وارا
ڀائيواري ۽ ٽهائي نفعي تي پيسا ڏين. مينگهواڙ چمڙو
رڱي اُن مان جُتيون، پخالون، سانداريون ۽ نتون
ٺاهين. سانداريون هرڻ ۽ ٻڪري جي کل مان نٿون رڍ جي
کل مان ٺاهين. هرڻ جون کلون مصالحي سان رڱين، جن
تي وار قائم هوندا آهن ۽ ڏاڍيون نرم ٿينديون آهن.
اُنهن کي ”مرگهه ڇال، سڏين، ۽ اُن مان نتون، نماز
پرهڻ لاءِ مصلا، کٽن تي وڇائڻ لاءِ چادرون ۽
گاديون وغيره ٺاهين.
رڍن جي اُن مان کٿا، ڪمريا، ڪمرون، لويون جوڙين، ٿري ڪمرون
مسهور آهن، جي وڪري لاءِ ٻاهر وڃن ۽ وڏي قيمت تي
وڪامن، ڪپهه مان به ڪپڙو تيار ڪن.
ڀيل ٻڪرين جي ڏاس مان ٻوريون، ٻورا، کرڙ ۽ خرزينون تيار ڪن. کلن
۽ هڏن جو واپار ڪن، سنڌ مان ڪانيون آڻي اُن مان
ڇَڄَ، ٽٻڪا ۽ کاريون ٺاهين. سوٽهڙ اُٺن جا پاکڙا ۽
گهوڙن جا هَنا ٺاهين، جن تي لوهه ۽ پتل جو عمدو ڪم
ڪن. ٿري پاکڙا ۽ هَنا سٺا ٿين، سنڌ جا زميندار شوق
سان ٺهرائين. کتون ۽ ٻيو ڪاٺ جو ڪم به ڪن. روهيڙي
جون کتون وڌيڪ سٺين ٿين. کَٽي پپڙي رڱڻ جو ڪم ڪن.
ڪنڀر مٽيءَ مان ٿانءُ ٺاهين، حجام ۽ نائي حجامت جو
ڌنڌو ڪن، سونارا سون ۽ چانديءَ جا زيور ٺاهين.
ٿري عورتون گهرو ڪم، پاڻي ڀرڻ، رڌڻ پچائڻ، ڪپڙو لٽو سبڻ ۽ ڀرت
ڀرڻ جو ڪم ڪن. مردن جون به مددگر آهن. مال کي پاڻي
پيارڻ ۽ کيتيءَ جي ڪم ۾ مدد ڪن. شهري ٿري عورتون
گهرن ۾ ڀرت جو ڪم (ريشم ۽ سُت سان) ڪن ۽ اُن مان
گرم مفلر ۽ سوئيٽر ٺاهين. آر تي وهاڻن جون ڇَهون،
بسترن جون چادرون، گنجيون، ٿالهه پوش، ميز پوش
وغيره ۽ ڪپڙي مان اُٺن ۽ گهوڙن جون جهُلون ٺاهين.
مسلمان عورتون رنگارنگي پٽين ۽ چُٽڪين سان رَليون
ٺاهين. ٻهراڙيءَ جون عورتون ائٽ تي اُن ڪَتين،
جنهن مان اونهي ڪپڙا ٺهن. برهمڻ اڪثر اُٺ پلاڻين،
واپارين جو مال شهرن ڏي کنيو وڃن ۽ اُتان وري
واپاري سامان آڻين. غريب ماڻهو جهنگ مان کنؤر،
گُگَر، سڱريون، ٻير ۽ پيرون چونڊي آڻي شهرن ۾ وڪرو
ڪن.
ٿر ۾ سڀني کي پوک لاءِ گهڻو ڪري پنهنجي زمين آهي. جي ڪنهن وٽ نه
هوندي، ته ٻئي کان ٻني پَتيءَ تي وٺي آباد ڪندو
آهي. ٿر ۾ پيدائش جا ذريعا گهٽ آهن، جنهنڪري ماڻهن
جون گهرجون به گهٽ آهن. سادگي ۽ صرفي سان وقت
ڪاٽين. ڏڪار وقت غريب ماڻهو ٻارين ٻچين ۽ ڪي ڇڙها
ناري ڏي نڪريو وڃن، جتي وڃي مزدوري ۽ لابارو ڪري
پيٽ پالين. ڀيل ۽ ڪولهي گهڻو ڪري سدائين. ڏڪار هجي
يا سُڪار، هولي ملهائي، ناري ڏي نڪري وڃن. وري
مينهن جي موسم ۾ ڇنڊ چوڻ تي موٽي ماڳ اچن ۽ اچي
ٻني ڪن.
ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جن کي ڪو خاص ڌنڌو ڪونهي. اُهي وري ٻين وٽ
مهيني تي ڪمائين، يا ڇوُٽڪ مزدوري ڪن. ڪنهن کان
اُٺ وٺي اڌ تي ڪمائين، پتيءَ تي ٻني ڪن، ڪن وٽ
هاري ٿي بيهن، جهنگ مان گاهه ۽ ڪاٺين جون ڀريون ۽
ڪنڊن جا اوپاڙا کڻيو اچيو وڪڻن. مريئي سڀڪنهن جي
ڌڻي پيو لڄ رکي.
ڪاريگريون ۽ هنر
ٿر ۾ ڪوبه وڏو ڪارخانو ڪونهي، فقط ننڍي پيماني تي مٺي، ڇاڇري ۽
ننگر پارڪر ۾ آڏاڻا آهن، جتي مود، نِوار،
چاندنيون، انگوڇا، ٽوال، ديسي هلڪا کيس، ڪمرون،
فراسيون، لويون، کٿا، جهاجهم، ٿلهيون ڌوتيون ۽
شالون ٺهن ٿيون. مٺي ۽ ننگرپارڪر ۾ غاليچا به عمدا
ٺهندا آهن.
ڪاٺ مان پاکڙا ۽ هَنا، جن تي پتل ۽ لوهه جو ڪم ٿيل هوندو آهي
(ڪن تي چانديءَ جون ڦلڙيون به ٿين)، لوهه ۽ پتل جو
سامان ۽ ٻيو ڪاٺ جو سامان، هيرار، چيلهار، مٺي،
ڇاڇري، مالڻهور ۽ گوڌريا ۾ ٺهي. اهو ڪم سوٽهڙ ڪندا
آهن.
سٺيون ڪمرون، ڪمريا، کٿا، ڪوٽن لاءِ چوڦيرو اونهي گرم ڪپڙو، اُن
جون ڪاريون ۽ اَڇيون لويون، دادئي جي تڙ، تُڳوسر،
آمِرئي، لوڻهيار، ڏاترني جي تڙ، ڀاڏا سنڌا، جوڙوئي
۽ بين هنڌن تي تيار ٿين.
”سرتيون دعا ڪجاهه، ڀرم ڀاروڙي رهي.“
-(شاهه)
ڪن رڍن جي اُن تمام نرم، نفيس ۽ اڇي ٿيندي آهي، تنهن مان ٺهيل
لوئيءَ کي ڀاروڙي چوندا آهن، اهو ڪم مينگهواڙ ڪندا
آهن.
چمڙي جا بُوٽ، سليپر ۽ چمپل، مٺي، اسلام ڪوٽ، چيلهار، ڇاڇري،
ڏيپلي ۽ عمر ڪوٽ ۾ ٺهن ٿا. ديسي جُتيون، پخالون،
سانداريون، نتون، هرڻ جون کلون (مرگهه ڇال) ۽ اُن
مان نتون، مصلا وغيره سڄي ٿر ۾ مينگهواڙ ٺاهيندا
آهن.
ڇاڇري، مٺي ۽ ڏيپلي ۾ کٽي ڪپڙي تي رڱاوت جو ڪم به ڪندا آهن.
اُن مان کٿا، ڪمرون، لويون، ڪپههمان سوٽي ڪپڙو سڄي ٿر ۾
مينگهواڙ ۽ ڏاس مان ٻورا، ٻوريون (کاهيون)، کرڙ
(جيرويون)، کَڙيا ۽ ڪانن مان ڇَڄَ ٽُٻڪا ۽ کاريون
سڄي ٿر ۾ ڀيل ٺاهيندا آهن.
وڏن شهرن جهڙوڪ مٺي، ڇاڇري، عمر ڪوٽ، اسلام ڪوٽ، ننگر پارڪر،
چيلهار ۽ ڏيپلي ۾ عورتون هٿ تي اوني سُئيٽر،
گلابند، مفلر، ٽوپيون، آر تي سوٽي گنجيون، هنڌن
جون ڍادرون ۽ وهاڻن جون ڇهون ٺاهينديون آهن. ڪپڙي
تي ڀرت جو هنر سڄي ٿر ۾ آهي، جيڪو يورپ ۽ آمريڪا
تائين مقبول آهي.
لوهار (ڪاريا) ٿر جا رهاڪو ڪونه آهن، اُهي گهومو آهن. ڪڏهن ڪڏهن
خاص ڪري برساتي موسم ۾ ٿر ۾ ايندا آهن ۽ لوهه جو
ڪم ڪندا آهن.
وڏن ڳوٺن، مٺي، چيلهار، ڇاڇري، اسلام ڪوٽ، ڏيپلي ۽ عمرڪوٽ ۾ پن
جون ٻيڙيون ٺهنديون آهن، جن تي وڏي تعداد ۾ ماڻهن
جو گذران هلي ٿو. اهي ٻاهر وڪري لاءِ به وينديون
آهن. ڇاڇري، ڇيلهار، مٺي ۽ عمرڪوٽ ۾ سونارا رهن
ٿا، جي سون ۽ چانديءَ جا زيور ٺاهيندا آهن، سونارن
جو مٺيءَ ۾ ججهو تعداد آهي.
پاڻَ
جڏهن ڪوري ڪپڙا اُڻڻ لاءِ تاڃي تيار ڪندا آهن، تڏهن پهريائين
”پاڻَ“ ڏيندا آهن، جنهن کي شاهه صاحب ”پيڻ“ ڪوٺيو
آهي.
”کائُڙ کٿيون خاصيون، اُچيون اُت اڄن،
ڪڍيو پيڻ ڪَهن، ملير گهرجي مارئي.“
ڪُني ۾ پاڻي وجهي ان ۾ ٿورڙو ٻاجهريءَ جو اَٽو
وجهي رڌي هيٺ لاهين، ته تمام ڇڊڙي پيڄي تيار ٿيو
پوي. جنهن کي ”پاڻ“ چون. اها مٽيءَ جي وڏي ڪونڊيءَ
۾ وجهي، اُن ۾ تاڃي چڱيءَ طرح ٻوڙي پوءِ سڪائين ته
تندون کهريون ۽ مضبوط ٿيو پون ۽ اُڻڻ مهل سهوليت
به ٿئي ۽ ڇڄڻ جي حالت ۾ سولائيءَ سان ڳنڍجي سگهن.
اوني ڪمرين، کٿين، لوين ۽ سوٽي ڪپڙي تيار ڪرڻ لاءِ پاڻ ڏيندا
آهن، هر هڪ قسم جو ڪَلفَ آهي جنهن ڪري ڪپڙو تيار
ٿيڻ بعد سخت ٿي بيهندو آهي. ڪپڙو تيار ٿيڻ بعد هٿ
سان مهٽي يا پاڻيءَ ۾ پُسائي نپوڙي سُڪائي پوءِ ڪم
آڻبو آهي ته نرم ٿئي ۽ پاڻَ جي ڌپ ڪري ڪُئا يا ٻيا
جيت ڪُتري يا ٽُڪي نه وڃن.
اَڪوارو
ٿر ۾ اَڪ جو ٻوٽو جام ٿيندو آهي، خاص ڪري وسڪاري جو وڌندي ويرم
ئي ڪونه ڪندو آهي. اَڪ جون گهڻيون ٽاريون ڪپي
سُڪائي يا اونهاري جو جڏهن اڪثر اَڪن جون ٽاريون
ازخود سُڪي وينديون آهن تڏهن گڏ ڪري، ڪٽي، ڪاٺين
جا سنها ٽڪر ۽ ڇوڏن جي ڀور جدا ڪري اُڇلائبي آهي ۽
ٽارين جي مٿان اڇا ڌاڳي جهڙا تاندورا ٿيندا اهن،
سي گڏ ڪبا آهن. پوءِ اُهي ڍيريءَ تي وٽي گيڙها ڪبا
آهن. ان بعد ٻه – ٽي ڏينهن پاڻيءَ ۾ پُسائي وري به
ڪُٽبو آهي ته اڃا به گند رهيل هجي ته نڪري ويندو ۽
باقي صاف تاندورا بچندا، جن کي وري نئين سر ڍيريءَ
تي وٽبو وڃبو ۽ پُسيل ڪپڙي سان زور سان تند کي
نپوڙيو وڃبو ته تند بلڪل صاف ۽ نرم ٿيندي ويندي،
ان کي ”اڪوارو“ چون. اهو بلڪل مضبوط ٿيندو آهي،
جنهنڪري اُن مان رَسا ۽ وَرِيون ٺاهبيون آهن ۽
کٽون واڻبيون آهن، جي ويهڻ ۾ نرم به ٿينديون اهن ۽
مُڃ جي واڻ کان گهڻو وقت وڌيڪ جٽاءُ به ڪنديون
آهن. ڪي ماڻهو اَڪواري کي ڳاڙهو، پيلو، سائو رنگي
پوءِ تون ۽ پينگها مختلف ڊزائينن سان واڻيندا آهن
ته ڏاڍا سٺا پيا لڳندا آهن.
ڪولهي ماڻهو اهو ڌنڌو ڪندا آهن. جو اَڪوارو ڪڍي وڪرو ڪندا آهن.
ڪڏهن پُرهن جي حساب سان ۽ ڪڏهن تور جي حساب سان
اٽڪل ٻه رپيا سير تائين وڪامندو آهي. اهو نه رڳو
ٿر ۾ ڪم اچي پر ٻاهر وڪري لاءِ به جام ويندو آهي.
معدنيات
ٿر ۾ لوڻ کان سواءِ ٻي ڪابه معدني پيدائش ڪانهي، جنهن مان ڪا
خاص اُپت ٿئي، يا ٻاهر وڃي يا ماڻهن لاءِ ڪارائتي
هجي. البت ڪي ننڍي پيماني تي شيون لڀن ٿيون، جن
طرف اگر باقاعده نموني ڌيان ڏنو وڃي ته جيڪر هن
بدنصيب علائقي جي خوسحاليءَ جو نئون دور شروع ٿي
سگهي ٿو.
گڍڙي جي ڀرسان ۽ ڇاڇري جي الهندي پاسي ٻن ميلن جي پنڌ تي ڳوٺ
سوکروَ وٽ ساڪُو جي ڏهر ۾ زمين مان عمارتي ڏانو جو
پٿر نڪري ٿو، جو گهڙي عمارتن جي ڪم آندو وڃي ٿو.
هن پٿر مان عمارتن لاءِ ڪامون، کوهن لاءِ ڪوٺيون ۽
منهن جا چونڪ ٺهن ۽ کوهه ٻڌڻ لاءِ ڪمائتو آهي. مٺي
۽ ڏيپلي تعلقن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪچو پٿر ۽ چُن جو پٿر پڻ
لڀي ٿو.
ٿر جي پارڪر واري حصي ۾ ڪارونجهر ٽڪري معدنيات جو ڀنڊار آهي.
هيءَ پهاڙي ملڪ جي ٻين پهاڙين وانگر معدنيات جي
عجب اسرارن سان ڀري پيئي آهي. جاگرافيءَ ۽ معدنيات
جي ماهرن جي لاءِ ڪارونجهر ٽڪري ڪشش جو مرڪز رهندي
اچي ٿي، جيڪڏهن هن ٽڪريءَ جي سروي ۽ کوجنا ڪئي وڃي
ته گمان غالب آهي ته ڪيئي قيمتي معدني شيون هٿ اچي
سگهن ٿيون.
ڪارونجهر ٽڪريءَ مان سخت پٿر نڪري ٿو. جو اڏاوت جي ڪم اچي ٿو.
چوُڙئي ڳوٺ وٽ هڪ ننڍي پهاڙيءَ مان ڳاڙهو پٿر لڀي
ٿو، جو عمارتن جي ڪم اچي ٿو. ننگرپارڪر تعلقي ۾ هڪ
قسم جو پٿر لڀي ٿو، جنهن کي ”ڀوڪَر“ جو پٿر چوندا
آهن. ريتيءَ جا تهه پاڻ ۾ ڄمي ميٽ وانگر ٿي ويا
آهن جن کي زمين مان کوٽ ڪڍندا آهن، اهي جاين ٺاهڻ
جي ڪم ايندا اهن. هن پٿر جي خصوصيت هيءُ آهي جو
جيئن ان تي برسات جو پاڻي پوندو تيئن اهو سيمينٽ
وانگر پڪو ۽ مضبوط ٿيندو ويندو. روهج تعلقي
ننگرپارڪر وٽ ۽ ميهلاڻي کان اُڀرندي ڏهر ۾ پٿر
نڪري ٿو، جو کوهن ٻڌڻ لاءِ ڪم اچي ٿو.
ان طرح سڄي ريگستان علائقي ۾ پئٽرول جي ذخيرن جي امڪانن جي
جائزي وٺڻ لاءِ ماضيءَ ۾ پاڪستان سرڪار طرفان
امريڪا ۽ روس جي ٽيمن، سالن کان وٺي سروي ۽ کوجنا
پئي ڪئي آهي، مگر ڪاميابي حاصل نه ٿي آهي. ٿر جي
صحرائي علائقي ۾ تيل ملڻ جا امڪان ٿي سگهن ٿا.
اميد آهي ته پاڪستان سرڪار ان ڏس ۾ ڌيان ڏيندي. ان
طرح سان هي بدنصيب ريگستاني علائقو، تيل جي دولت
جي پيش نطر، خوشحال ۽ سرسبز علائقو ٿي سگهي ٿو.
ٿر ۾ ڪٿي ڪٿي اڇي مٽي لڀي ٿي. جا جيتوڻيڪ چُن جهڙي ڪانه آهي ته
به چڱي آهي. ماڻهو پنهنجين جاين کي اُن مٽيءَ جو
پوٿو ڏيندا آهن. اها مٽي مٺي چيلهار، کينئسر،
ڇاڇري ۽ بين هنڌن تي تراين مان ملي ٿي. ڪٿي ڪٿي
ڪاري مٽي لڀي ٿي جا صفا ڪاري ڪانه آهي، پر ڪجهه
ٻيءَ مٽيءَ کان ڪارسري وڌيڪ آهي، جا ميٽ وانگر ملي
مٿي ۾ وجهي وهنجندا آهن. صابڻ ۽ کار جي بدران
پاڻيءَ ۾ ڳاري ان سان ڪپڙا ڌوئيندا آهن، اها مٽي
مٺيءَ جي تراين مان ملي ٿي. ڪيترائي ويجهيءَ چَڪ
جا ماڻهو اها متي کڻي ويندا آهن. اها نه رڳو مٿين
ڪمن لاءِ ڪارائتي آهي، پر جاين کي راڳو ڏيڻ لاءِ
به بلڪل جٽاءُ ڌار آهي.
ٻي چيڪي مٽي چيلهار جي راڻا سر ترائيءَ مان ملي ٿي. ان ۾ ايترو
ته ليس آهي، جو جڌڏهن اڌو اڌ واري گڏبي آهي تڏهين
راڳي ۽ سِرن وجهڻ جي ڪم آڻي سگهبي آهي.
گهرٽياري ۽ سوراچند ڳوٺن وٽ هڪ قسم جي ميٽ جهڙي اَڇي مٽي نڪري
ٿي، جا مٿي ڌوئڻ جي ڪم اچي ٿي، ۽ ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ
به صابڻ جو ڪم ڏئي ٿي. ڪٿي ڪٿي لوڻ جي سَنَن جي
ڀرسان چيرولي لڀي ٿي، جا جاين جي ڪم ۾ آڻبي آهي.
ٿر مان ٿورو گهڻو معدني سامان لڀي ٿو پر ان جي کوٽائي ۽ سڌاري
لاءِ ڪي انتظام ڪونه آهن. ڄاڻن جو رايو آهي ته ٿر
۾ جيڪڏهن کوجنا ڪئي وڃي ته ڪافي پيدائش واري
معدنيات لڀجڻ جا روشن امڪان آهن.
لوڻ جا سن
ڇاڇري تعلقي ۾ ڪوبه سَن ڪونه آهي، باقي ٽنهي تعلقن مٺي، ڏيپلي ۽
ننگرپارڪر ۾ سن آهن، جن مان ڪن ۾ وڏي انداز ۾ لوڻ
لڀي ٿو. اهي سن ڪڇ جي رڻ سان ويجهڙائيءَ ۾ مٺي،
ڏيپلي ۽ ننگرپارڪر تعلقن جي ڏاکڻي ”وٽ“ واري ڀاڱي
۾ آهن.
تعلقو ڏيپلو: سڀني کان وڏو سن ”سارڻ جو سن“ آهي. هن تي گورنمينٽ
جو ضابطو آهي. باقي سن ائين پيا آهن، مگر انهن تان
لوڻ کڻڻ جي بندش آهي، جهڙوڪ چکُنڊارو سن، رَتو ۽
ڊگهڙو سن، گوڏان گهڙي جو سن، پُبُوپَل جو سن، گڏهه
ڪَرنگهو سن، هٿڙائي جو سن، هٿڻي سن، ڪنڙسن، الياري
سن، چِيهالو سن، ڪَنئورليو سن، لاڏي سن ۽ ڇڇيءَ جو
سن، وغيره،.
تعلقو مٺي: راگهاريل سن، سُجاڙي سن، ڀوتاڙو سن، گرياڇو سن ۽
ڏاڌوڙ سن وغيره.
تعلقو ننگرپارڪر: گوهيو سن، ڪيرليو سن، ڳاڙهي ترائي سن، ارنيارو
سن، موکئي جو سن، جهامري سن ۽ رڙيارو سن. موکئي جي
سن مان رنگين قسم جو لوڻ لڀي ٿو، جو چوڪنڊو آهي ۽
وچ ۾ گول ليڪا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
ڪارخانن لاءِ سهوليتون
ٿر ۾ ڪچو مال گهڻوئي موجود آهي، جو هتي ڪم نه اچڻ ڪري ٻاهر
موڪليو وڃي ٿو. ڇو ته هتي ڪو اهڙو ڪارخانو ڪونه
آهي، جنهن ۾ انهيءَ ڪچي مال مان ڪجهه پيدا ڪري
سگهجي. ٿر ۾ اڪيچار سفيد ۽ ڪارآمد واري موجود آهي،
جيڪڏهن شيشي ٺاهڻ جو ڪارخانو کوليو وڃي ته تمام
ٿوري تڪليف ۽ سستائي سان واريءَ مان ڪيترو ئي شيشو
جو سامان تيار ٿي سگهي ٿو. رڍن جي اُن، ٻڪرين جو
ڏاس ۽ اُٺن جي ملس سال بسال هزارين مڻ ٻاهر وڃي
ٿي، جيڪڏهن هتي ڪي اهڙا ڪارخانا کوليا وڃن، جتي
اُن صاف ڪجي، نرم ڪجي، رڱجي، ڪتجي، ڪپڙو ٺاهجي،
بلئڪيٽ، مفلر، ٽوپلا ۽ ٻيو سامان تيار ڪجي، ته
هوند ٿر جو واپار چوٽ تي چڙهي وڃي.
ٿر مان سال بسال هزارين مڻ هڏا ٻاهر وڃن ٿا، انهن لاءِ ڪو
ڪارخانو کولجي ته ڪافي مال تيار ٿي سگهي ٿو. برسات
جي موسم ۾ ڪيترن ئي نمونن جون ٻوٽيون اُڀرن ٿيون،
جن مان بلڪل مفيد دوائون تيار ٿي سگهن ٿيون، پر ڪو
بندوبست نه هئڻ ڪري اهي سڙيو ناس ٿيو وڃي. ٿر،
نموريون ٽوهه جو ٻج، پيرن جا ٻج ۽ هيرڻ جام ٿين
ٿا، انهن کي پيڙي تيل ڪڍڻ لاءِ بندوبست ڪيو وڃي ته
ڪافي نمونن جا تيل تيار ٿي سگهن ٿا.
مٿين قسمن کان سواءِ ٻيا به ننڍا ننڍا ڪارخانا کوليا وڃن ته نه
رڳو ڪافي مال پيدا ٿئي جو بلڪل سستو ٿي پوي، پر
ڪيترا ٿري ويچارا. جي بيروزگار هئڻ سبب ناري ڏي
ويندا آهن، تن جي روزگار جو وسيلو ٿي پوي.
ٻهراڙيءَ جو دڪان
ٿر جي ٻهراڙين ۾ جتي 15-20 يا وڌيڪ گهر هوندا آهن، اتي ڪونه ڪو
دڪان هوندو آهي. اڳي رڳو شهري واڻين جا دڪان هوندا
هئا، جي اتي پوک جو ڪم ۽ ڏيتي ليتيءَ جو به ڌنڌو
ڪندا هئا، پر هاڻي ڪٿي ڪٿي ڳوٺن جا مسلمان ۽ ٿورا
مينگهواڙ به دڪان جو ڌنڌو ڪن ٿا.
شهري دڪاندار پنهنجو مال حيدراباد، ڪراچي ۽ بين شهرن مان
گهرائين، ٻهراڙيءَ جا دڪاندار وري انهن کان خريد
ڪري اچن. دڪان تي صرف معمولي شيون، جي روزمرهه ڪم
ايندڙ آهن، سي رکن، جيئن ته رواجي سادو ڪپڙو، لوڻ،
مرچ، تيل، تماڪ ٻيڙيون، ماچيس، ڳڙ، کنڊ ۽ ٻيو اهڙو
سادو وکر جو ٻهراڙين ۾ غريب طبقي جي ڪم اچڻ جهڙو
هجي. ماڻهن کي وڌيڪ شين جي ضرورت پوي ته ويجهي شهر
مان وٺيو اچن. ڪو ماڻهو شهر ڏي سنڀرندو ته پاڙي
وارا به پسئو ڏوڪڙ يا داڻو ڦڪ ڏيندا ته اسان جو
وکر به وٺيو اچج.
ٻهراڙين ۾ بروقت پئسو مَٺو هوندو آهي تنهنڪري روڪڙ تي واپار
نالي ماتر ٿئي. غريب ماڻهو، ٿوري گهڻي سئي کپندي
ته پاڻ يا ٻارن کي ٻاجهري، گوار، تر، مڱ، وغيره
پلاند ۾ ٻڌي ڏيندا، جو دڪان تي ڏيئي ان جي عيوض
سئي وٺي ايندا. اڳي چوٿائي يا پاٽيءَ سان اَن ڀربو
هو، پر هاڻي ٿور جو رواج آهي. اوڌڏر تي وٺندا،
واپاري کنڌو لکي ڇڏيندو، جو ٻني لهڻ تي ٻاجهري،
گوار، تر، مڱ ڏيئي کنڌو لائيندا آهن.
مالدار ماڻهو هر ڪنهن سومر تي مکڻ پگهاري گيهه ڪندا آهن.
دڪاندار هر ڪنهن گهر وڃي گيهه وٺي ايندو آهي. تور
جو رواج ڪونهي، پر ٽِپِيرين سان ڀربو آهي. هن
سرشتي ۾ واپاريءَ کي فائدو ٿيندو آهي.
ڌنار ۽ مزور طبقي وارا جهنگ مان کنؤر ۽ گُگر چونڊي آڻي دڪان تي
ڏيئي وکر وٺندا آهن. دڪاندار اناج، گيهه، گگر،
کنؤر وغيره گڏ ڪري، ڪافي انداز ٿيڻ تي شهرن ۾ وڃي
مال ڏيئي وري وکر وٺي ايندو آهي.
آهت
جيئن سنڌ ۾ رواج آهي ته ٿوري گهڻي ڪم لاءِ ڏوڪڙ ڏيئي ڪم ڪرائبو
آهي، تيئن ٿر ۾ ڪونه آهي. اتي ڪيترا ڪاسبي آهن،
جيئن مينگهواڙ چمڙي جو ڪم ڪندڙ، ڪنڀر مٽيءَ جا
ٿانءُ ٺاهيندڙ، سوٽهڙ ڪاٺيءَ جو ڪم ڪندڙ حجم
سنوارت ڪرڻ وارا، وغيره ٻيون قومون پنهنجو گهرو
ٿورو ڪم انهن کان ڪرائينديون آهن، جنهن لاءِ بروقت
روڪڙ پئسو ڪونه ڏين، پر ڪي نيم مقرر ٿيل آهن، جن
موجب انهن کي پنهنجي ڪم جو عيوضو ڏيڻ جو ڪڏهن گهڻو
ڪڏهن ٿورو، مڙيئي حساب مليو وڃين. ڪاسبين کي چون
”آهِتوُ“ ۽ ڪم ڪرائڻ وارن کي چون ”هَٽار“. مثلاً
جي گهر ۾ ڪنهن ڀاتيءَ جي جُتي ٽُٽي پوندي، يا ڇڄ
کي چم چاڙهائڻو هوندو، يا سانداريءَ کي ٽوپو
ڏيارڻو هوندو، ته موچيءَ وٽ کڻي ويندا ۽ ڪم ڪرائي
ايندا. ٿورو ڪاٺيءَ جو ڪم هوندو ته سوٽهڙ کان
ڪرائي ايندا. جي مٽيءَ جو ٺڪر، دلو، ڪنو، تس،
طباڪ، دانگي کپندو ته ڪنڀر کان وٺندا. سنوارت
ڪرائڻي هوندي ته حجام کان ڪرائي ايندا. پوءِ ڪنهن
وڏي ڏينهن ڏياري، هولي، ٿڌڙي، عيد وغيره تي آهِتوُ
کڱي سير ڳڙ، پاٽي ٻه اَن هاري هوندو ته ٻني لٿي مڻ
اڌ اَن، شادي ٿي ته سڄي گهر جي ماني ۽ چُني وغيره
ڪپڙو ۽ ٻيا ڪي مقرر لاڳ آهتوُ کي ڏيندا چوپايو مال
هوندو ۽ ڪو مُئو ته اُن جو چم موچيءَ کي مفت
ڏيندا. شادي ٿي ته مالهي، سوٽهڙ، موچي، حجام، ڪنڀر
وغيره کي مقرر لاڳ ڏيندا. اهڙيءَ طرح حساب ٺهيل
آهي جو ڏيندا رهندا ۽ سنهو ٿلهو ڪم پيا سدائين
ڪرائيندا.
ڪنهن هَٽار جي گهر سڪ جو پٽ ڄائو يا شادي ٿي ته اهڙن موقعن تي
موچي ٻار لاءِ ”ڇِتري“ يا گهوٽ لاءِ جُتي تيار رڪي
ايندو. سوٽهڙ ٻار لاءِ ”منهن رکي“، کتولي يا
پينگهو تيار ڪري ايندو. ڪنڀر مٽ، دلا، گهگهروُن
وغيره تيار ڪري ايندو. انهن شين تي رواجي شين کان
محنت وڌيڪ ٿيل هوندي. انهن جا روڪڙا پئسا ڪونه
وٺندا، پر چوندا ته اسان ”ڍوڻو“ ڪري آندو آهي.
پوءِ هٽار پنهنجي حيثيت سارو انهن کي ڍڳي وهڙي،
رڍ، ٻڪري، چُني وغيره ڏيندو. ان مهل ڏنل شيءَ جي
قيمت جو حساب دل ۾ ڪونه رکندا، پر ڍوڻي جو خيال
ڪندا. ڪي ڪي ته بلڪل گهڻو ڏيندا آهن، اهڙيءَ طرح
آهتوُ کي سڄي سال ۾ سندس ڪيل ڪم جو عيوضو محنت کان
وڌيڪ مليو وڃي.
آمدني روانگي
ٿر ۾ واپاري مال جي آمدرفت لاءِ ڪنري، نبيسر روڊ ۽ نئون ڪوٽ
ويجهيون ۽ سهوليت واريون ريلوي اسٽيشنون آهن، جتان
سڄي ٿر جو مال اچي وڃي ٿو. اڳي اتان سمورو مال
اُٺن جي رستي ٿر ۾ نيو ويندو هو، پر هاڻي ٿورو وقت
ٿيو آهي ته ٿر ۾ ٽرڪون چالو ٿيون آهن، جي ٿر جي
وڏن ڳوٺن، ڏيپلي، مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر،
چيلهار، ڪانٽيي ۽ ڇاڇري تائين وڃن ٿيون، جنهنڪري
مال جو گهڻو حصو انهن جي وسيلي نيو وڃي ٿو، باقي
اُٺن ستي بلڪل ٿورو واپار هلي ٿو.
سڄي ڇاڇري تعلقي جو واپار (سواءِ چيلهار ۽ ان جي آسپاس جي)
ڪُنري اسٽيشن تان ۽ ننگرپارڪر، مٺي، ڏيپلي ۽
چيلهار جو واپار نئون ڪوٽ اسٽيسن تان هلي ٿو.
نبيسر روڊ تان بلڪل ٿورو واپار هلي ٿو.
روانگي: اُن، ڏاس، گيهه، چمڙو، کلون، هڏا، ٻاجهري، گوار، تِر،
مڱ، ڪورڙ، چونرا، کٿا، ڪمريا، ڪمرون، لويون، ٻورا
ٻوريون، کڙيا، جيريون، اُٺن ڍڳا، ڇيلا، کنؤر،
گُگر، اوني سُٽ، ڏاس جو سُٽ، هَنا پاکڙا، پيتلي،
حقا، پيتي حقي جون ناريون، ڀرت جو ڪپڙو، ڀرتل
چُنيون، جهُلون، هيرڻ ۽ هيرڻ جو تيل ۽ چم جون نتون
وغيره.
آمدني: ريشمي، اوني، سوٽي ۽ سڻيءَ جو ڪپڙو، کنڊ، ڳڙ، تيل (ڄانڀي
جو ڪڙو، سرهه جو سَرسِيو، گاسليٽ)، کوپرو، تلو،
بناسپتي، ڊالڊا، ڀڳڙا، مرچ ڳاڙها ۽ ڪارا، ڦوٽا،
اڻا، دالچيني، وڏف، ڪمال پٽ ۽ ٻيو مصالحو، ڪڻڪ،
چانور، ڪپهه، مڃيارڪو سامان، واڻ، تڏا، پن، تماڪ،
سُٽ، ڌاڳا پشم، ريسم، پسارڪو سامان، ڪتاب، پنا
پينسلون، سليٽون ۽ ٻيون اسٽيشنري جو سامان، گرڊر،
ٽيئر، جائسٽ ڪارو ۽ اڇو چُن، پڙڇ، لوهه ۽ رُڪ جو
سامان، ڪرا، ڪُنڊا، پتل سامي، ڪَنجهي ۽ ڪوپر جا
باسڻ، دوائون ۽ ٻيو سامان وغيره.
دولت
ٿر ۾ ڪو صنعتي مرڪز ڪونه آهي ۽ نڪي پيدائش جا ڪي اهڙا وسيع
وسيلا آهن، جو ماڻهو هڪدم گهڻو ڪمائي سگهن. ”ڦڙي
ڦڙي تلاءُ“ واري ڪار آهي. شهرن ۾ ماڻهو واپار ڪن.
ٻهراڙين ۾ ڪي وڏا زميندار آهن، جن وٽ زمين سرس آهي
جا هاري رکي پوکائين. جي برسات پوري پوي ته چڱو
اُپراسو ٿي پوي. ڪي مالدار آهن، جي ڏاس، اُن،
ڇيلا، گهيٽا، ڍڳا ۽ گيهه وغيره وڪڻي پئسو ڪمائين.
هنر ايتو ڪونه اٿن، جنهن مان ججهي پيدائش ٿي سگهي.
تعليم ڏي هاڻي ماڻهن جو لاڙو وڌندو وڃي ٿو،
تنهنڪري شهري ماڻهو گهڻا ۽ ٻهراڙين جا ٿورا نوڪرين
۾ آهن. ماڻهن جون گهرجون گهٽ آهن. ٿوري گهڻي شيءِ
کپندي ته ڪٿان گُهري پورائو ڪندا ۽ ائين هڪٻئي کي
ڏيندا به آهن. معمولي شيءَ لاءِ هروڀرو پئسو خرچ
ڪونه ڪن.
ماڻهو سادا، کاڏو ۽ ڪپڙو لٽو سادو، شاهوڪار ۽ غريب کي ڏسڻ سان
تفاوت معلوم ڪري ڪونه سگهبو. ٻهرارين ۾ ڪي اهڙا
مالدار آهن، جن وٽ پنهنجو سڀڪجهه آهي ته به رعت
غريبن جهڙي سادي. چوندا آهن ”جنهن وٽ ان جي پلي،
تنهن جي ذات ڀلي“، سو ٻهراڙين ۾ جنهن وٽ اَن جي
گُندي ڀريل هجي، لسيءَ لاءِ پنهنجو ڏيڻو هجي، اُٺ
مُهار ۾ هجي، واپاري وغيره هٽ تي شئي شڪل جي نانهه
نه ڪري ۽ پنهنجيءَ وارو هجي، چار ڏوڪڙ ڪارپت تي
ملي وڃن ته ان کي ”ڀاڳيو“ چون.
شهرن ۾ مهيشوري ۽ لُهاڻا شاهوڪار آهن. واپار تي سندن قبضو آهي.
وياج تي ڏيتي ليتي ڪندا اهن. ماڻهوءَ کي ڪارپت جي
لحاظ تي، زبان تي يا گروي تي پئسا ڏيندا آهن.
”مُنهن ڏسي ٽيلو ٿا ڪڍن.“ ڪي وياج بنهه ڳرو وٺن،
ڪي ته سائينءَ جا سنواريا اهڙا به آهن جو هڪ دفعو
وٽن ڪو ڦاٿو يعني چار ڏوڪڙ ورتائين ته وياج تي
وياج چاڙهيندا ويندا، اصل جند نه ڇڏيندا، قرضدار
پاڻ ته عمر پوري ڪري مري ويندو، پر اولاد به پيو
ڀوڳيندو.
ٿر ۾ ماڻهو مرڻ بعد اوسر ڪرڻ ۽ شاديءَ تي اجايو خرچ ڪندا آهن،
جو لاچار قرض کڻي پورو ڪن. اهو رواج غريب طبقي ۾
عام آهي. واڻيا انهن جو رت ست چوسي سڀ ٽپڙ ڪفايتي
قيمت تي کنيو وڃن. آڌيءَ مانجهيءَ، تتيءَ ٿڌيءَ
ويارا غريب مسلمان ۽ اڇوت پنهنجو پگهر وهائي
پورهيو ڪن، پر ايترو به نصيب ڪونه ٿئين جو سانجهي
صبح ٻه ويلا ٻچا کائي ڍؤ ڪن، ڪمائين غريب کائين
سيٺيون.
واڻيا سُڪار ۾ ٻاجهري، گوار، تر، مڱ، چونرا، ڪورڙ، ڪک ڪانو
وغيره قرض ۾ سستي اگههس ان وٺن، جو وري مينهن جي
موسم جي اڳ ۾ يا ڏڪار وقت هو چئوڻي پنهنجوڻي قيمت
تي وڪرو ڪن، جنهن مان جام ڪمائين. ائين وڏي ملڪيت
جا مالڪ ٿيو وڃن.
شهرن ۾ لهاڻا شاهوڪار آهن. هو ڪمائي به ڄاڻن ته هنڊائي به ڄاڻن.
سندن رهائش جو نمونو، جاءِ جڳهه، چاڌو پيتو، ڪپڙو
لٽو، وهانءُ وڌاڻو وغيره شانائتو ۽ پروقار انداز
سان ٿئي. مهيشوري به شاهوڪار اهن، ڪمائي ڄاڻن،
عورتن کي زيور ۽ ڪپڙو لٽو اُچو پيل هوندو اٿن، اصل
سون سان سٿيل، پر پاڻ بلڪل سادا، رواجي ڪپڙا، ڏسڻ
سان ڪوبه نه سمجهندو ته هن وٽ ڪا ملڪيت هوندي!
رهائش ۽ جاءِ جڳهه به سادي. ڪمائي ڄاڻن، هنڊائي
گهٽ ڄاڻن. خرچڻ جا ڪنجوس ۽ ڪمائڻ جا حد چالاڪ.
قرض
ڪي شاهوڪار ماڻهو وياج تي پئسا اُڌار ڏيندا آهن. ڪي مسلمان وياج
ڪونه وٺن، پر پئسا ڪنهن واپار جي لاءِ اوڌر تي
ڏيندا آهن ته ان جي نفعي مان ٽِهائي وٺندا آهن.
خاص ڪري مهيشوري ۽ لهاڻا وياج تي قرض ڏيندا آهن.
انهن جو اهو ڌنڌو آهي. ڪي رواجي وياج هڪ سوَ تي هڪ
مهيني ۾ ڏيڍ، ٻه، اڍائي رپيا وٺن، ته ڪي وڌيڪ وٺن.
اهو سڀ قرضدار جي ڪارپت تي منحصر آهي. يواج ماهوار
سارين. ڪي شاهوڪار، واپار ڌنڌي لاءِ ڪنهن کان قرض
وٺندا آهن ته اهي به وياج ڏين پر ٿورو، يعني في
سيڪڙو ماهوار اٺ آنا يا هڪ رپيو. ڪي ڏنل قرض جي
رسيد لکائي وٺن ۽ ڪي بندي تي لکي صحيح وٺن، بعضي
ٽڪلي تي صحيح وٺي شآهدن کان به صحيحون وٺن. جن تي
اعتبار نه هوندو ته ان لاءِ ڪنهن اعتبار جوڳي
ماڻهو کي ضامن وٺن.
ڪنهن کي پنهنجي پٽ يا ڌيءَ جي شاديءَ لاءِ قرض کڻڻو هوندو ته
واڻيا هيٺئين نموني قرض ڏيندا آهن: رقم ۽ وياج کان
سواءِ هڪ اوني ڪمر وٺندا اهن، جنهن کي ”اوڍاڻي“
چوندا آهن. يا ڪي مثلاً 400 رپيا ڏيندا ته اُن جي
بدران 450 يا 500 رپيا قرضدار کان لکائي وٺندا.
انهيءَ وڌيڪ رقم کي ڪاٽو چوندا آهن. ڪي 19 رپيا
ڏيندا ۽ حساب ۾ 20 رپيا ليکيندا يعني 5 سيڪڙو
اڳواٽ ڪاٽ ڪندا. ان کي ”اُگِڻِيسابيسي“ چوندا آهن،
پوءِ هلندو رقم تي وياج! غريب ماڻهن جون پيدائشون
ايتريون ڪونه آهن، جو رقم ترت ڀرجي وڃي. تنهنڪري
اهو قرض ڪيترا سال پيو هلندو آهي. بعضي ته پُٽ
پوٽا به پيا ڀريندا. سيٺ جنهن کي قرض ڏيندا اهن
اُن کي ”ڌُر“ چوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ٻه واڻيا پاڻ ۾
وڙهندا ته هڪٻئي کي پاراتو ڏيندا ته ”تنهنجي ڌُر
مري“. انهيءَ ۾ مقصد اهو آهي ته قرض ورتل ماڻهو
مري وڃي ته پئسا موٽي نه ملن ۽ کيس نقصان پوي.
ڪي سال بسال ليکو ڪري ڪجهه وٺي باقي رقم تي وياج ليکيندا آهن،
يعني گڏيل وياج ۽ ڪي ٽن سالن ۾ رقم ٻيڻي ڪري پوءِ
وڌيڪ وياج نه وٺندا آهن. طريقو سڀڪنهن جو پنهنجو
آهي. نئين ماڻهو کي قرض ڏيڻ کان البت ڪيٻائيندا
آهن ۽ جنهن سان اڳيئي وهنوار هوندو اٿن تنهن کي
ڏيڻ پسند ڪندا آهن، ڇو ته جنهن کي نئون قرض کڻڻو
هوندو سو اڳئين جهوني قرض مان رقم ضرور ڏيندو جا
هُونءَ جيڪر هن وقت نه ملي ها سا هينئر ملندي. رقم
روڪ ڪٿان آئي؟ پر اُن جي عيوض ڍور ڍڳا، وهٽ وانو،
کٿو ڪمر، ٻوري جيروئي وغيره، جيڪي هوندو سو ڏيندا.
اهو وٺي پوءِ نئون قرض ڏيندا. اهڙيءَ طرح سيٺين کي
پنهنجون ڌُرون هونديون آهن ۽ ماڻهو وري اويل سويل
پئسو پنجڙ وٺڻ لاءِ سيٺ رکندا آهن. اهڙيءَ طرح
جڏهن پئسو کپنن تڏهن سڀڪو پنهنجي سيٺ وٽ ويندو.
انهن کي هڪٻئي جا ”مُهاڙِيا“ چئبو آهي.
سيٺ جو ڪنهن ڏي اڳيئي قرض رهيل هوندو ۽ هن کي جي وري نئين قرض
جي ضرورت ٿي ته سيٺ اڳئين قرض مان ڪجهه وٺي وري
نئون قرض ضرور ڏيندو ڇو ته هو ڏسندو ته هي مون قرض
نه ڏنو ته هُو وڃي ٻئي کان قرض کڻندو ۽ هن جي
مُهاڙ وري نئين سيٺ ڏانهن ٿيندي، جنهنڪري منهنجو
اڳيون قرض نه ملندو ۽ رقم ٻڏي ويندي، تنهنڪري
پنهنجيءَ ڌُر کي خالي نه موٽائيندو.
جيتوڻيڪ قرض وڏو مرض آهي ۽ چوندا آهن ”قرض آهي ڪوڙهه جو ٽِڪو،“
پر لاچار کي آچار ڪونهي. ضرورت وقت قرض نه کڻجي ته
ڪٿان پورت ٿئي. ٿر ۾ مرڻي تي اوسر ڪرڻ ۽ شاديءَ تي
اجايو خرچ ڪرڻ جو رواج آهي، تنهنڪري قرض ضرور کڻڻو
پوي. اوسر تي رواجي طرح سان چار هزار خرچ اچي پر
ڪي ته اڃا به وڌيڪ خرچ ڪندا آهن. ايترا پئس سڀني
وٽ موجود ڪونه هوندا اهن، تنهنڪري لاچار قرض کڻن.
اڳيان سيٺ به اُستاد آهن. پهريائين اڳئين قرض ۾
ٽپڙ ٽاڙي، ٻني ٻارو وغيره سڀ وٺن، بلڪ ڪن کي پاڻ
وٽ هاري ڪري بيهاري ڇڏين، جي سدائين پيا سندن گهر
جو ڪم ڪار ڪن. اهڙا مثال به آهن جو ڏاڏي ۽ پڙڏاڏي
جي کنيل قرض ۾ پوٽا ۽ پڙپوٽا پيا ڳهن!
عام ٿري ماڻهو جيتوڻيڪ غريب آهن پر ڪُپتيا ڪونه آهن. پنهنجو
کنيل قرض ته ڀري ڏين، پر مائٽن جو کنيل قرض به ڀري
ڏيندا آهن. انهيءَ ۾ پنهنجي ڪارپت ۽ شان سمجهن.
چوندا آهن ته قرض ڏني کان سواءِ عاقبت نه رهندي،
هوند ۾ جيڪو نه ڏئي سو ڪُپتيو ۽ سماج جي نظر ۾
ڪِريل. ڪي اهڙا به آهن، جي کنيل قرض نه ڏين ته
واڻيا ڇا ڪندا آهن جو انهيءَ گهر ۾ جڏهن ڪو ڪاڄ
(اوسر يا وهانءُ) هوندو ۽ جڏهن مٽ مائٽ، عزيز،
گنات ۽ نيات وارا اچي گڏ ٿيندا، تڏهن اچي قرض
گهرندا، تنهنڪري ڪيترا انهيءَ خواري کان بچڻ لاءِ
انڪار ڪري ڪونه سگهن، پر اڃا به جي ڪنهن انهيءَ
نموني ۾ نه ڏنو ته واڻيا پنهنجي بَنديءَ مان
انهيءَ حساب وارو پنو ڦاڙي سندس گهر اڇلائي ويندا،
۽ وري قرض نه گهرندا. جنهن جي گهر اهڙيءَ طرح پنو
ڦاٽو. سو برادريءَ، ڳوٺ پنهنجي سڄي قوم، بلڪه
ويجهي پسگردائيءَ جي رهاڪن ۾ گهٽ عزت وارو سمجهبو.
اهو نه رڳو سندس لاءِ پر پوين لاءِ به داغ آهي ۽
ماڻهو يڪدم مهڻو ڏيندي ويرم نه ڪندا ته: ”اهڙو چڱو
مڙس هُجين هاته پنو ڪونه ڦاڙائين ها.“ بلڪه پوين
کي به مهڻا ڏيندا رهدنا. تنهن جي ڪري هرڪو پنهنجي
ڪارپت رکڻ لاءِ وسان ڪونه گهٽائيندو آهي.
گروي تي قرض
ڪي ماڻهو، جن کي بعضي ڪارپت تي اوڌر نه ملندي آهي، ته زيور گروي
رکي قرض کڻندا آهن. جهڙو زيور، رُپي، چاندي يا سون
جو هوندو، سو کڻي وڇي گروي رکندا. زيور جي اُن وقت
جيڪا بزاري قيمت هوندي، ان جي اڌ جيترا پئسا قرض ۾
ڏيندا ۽ وياج في سيڪرو ماهوار رپيو، ڏيڍ رپيو، يا
ٻه رپيا وٺندا. زيور گروي ٻن نمونن ۾ رکندا اهن:
هڪڙو مُدي وارو، جنهن ۾ مُدو مقرر ڪندا، اوتري
عرصي اندر پئسا ڏيئي زيور وٺي وڃي، مدو گذريو ته
زيور واپس نه ملندا. ٻيو نمونو، جنهن ۾ ڪو مدو
مقرر نه هوندو آهي. جڏهن پئسا ٿين تڏهن گروي رکيل
زيور وٺي وڃي. بعضي هينئن به ٿيندو آهي، جو مدي
گذرڻ ڪري، يا پئسن نه ٿيڻ جي حالت ۾، يا گهڻي وقت
گذرڻ ڪري مور ۽ وياج جي رقم زيور جي قيمت کان وڌي
وڃڻ ڪري مالڪ اُهي وٺي نه سگهندو آهي ته زيور
واڻئي کي ڦٻي ويندا آهن.
ڌرتيءَ ۾ ڌڻ پورڻ
اڄڪلهه پئسن ۽ زيورن رکڻ لاءِ هر هنڌ بئنڪون آهن. ٻهراڙي ۾
شاهوڪارن وٽ ٽجوڙيون آهن. پر ٿر ۾ فقط شهرن ۾
شاهوڪارن وٽ ٽجوڙيون هونديون آهن. ٻهراڙين ۾ جايون
ڪچيون ۽ ڪکايون، ڪن حالتن ۾ دروازا نالي ماتر يا
اَڀرا، يا وري ڪن وٽ ڪلف ئي ڪونه آهن، ماڻهن وٽ
زيور ۽ پئسو به هوند سارو آهي. اڳي رپيا چانديءَ
جا هوندا هئا تنهنڪري رپيا ۽ زيور ڪنهن ٺِڪر جي
دکي يا ڪُني ۾ وجهي مٿان ٺِڪر جو ڍڪڻ ڏيئي لنبي،
جاءِ اندر يا ٻاهر اوٽي جي اڱڻ ۾ بعضي هيٺ ويڙهي ۾
کڏ کوٽي پوري ڇڏيندا هئا. لوهه جي پيتي جي زمين ۾
پوربي ته ڪٽجي خراب ٿي ڀڄي ڀري ويندي، پر ٺڪر ۾
انهيءَ ڪري رکندا آهن جو برسات وقت گهم جو اثر
ڪونه ٿيندو ۽ نڪا ڪَٽَ چڙهندي يا اُڏوهي نقصان
رسائي سگهندي. واريءَ ۾ کڏ کڻڻ جي سهوليت آهي.
گهرن ۾ به پڪين سرن يا سيمينٽ جا فرض ڪونه آهن،
جنهن ڪري کڏ کڻي پورڻ ۾ تڪليف ڪانهي. ڪي ماڻهو
جايون تيار ڪرڻ وقت به اهو خيال ڪري ڀتين ۾ جارا
رکائين ۽ ڪي پوءِ ڀتيون کوٽي جارا ٺاهي ان ۾ رکي
مٿان اهڙيءَ طرح لنبي ڇڏين، جيئن ڌارين کي ته ڪابه
خبر نه پوي پر گهر جي ڀاتين مان به ڪنهن کي ڪل نه
پوي. ڪي ماڻهو. جي پنهنجي ملڪيت پوريندا آهن، سي
اوچتي وفات جي امڪان جي پيش نظر پنهنجين بندين ۾
هنڌ ۽ پورو پتو لکي ڇڏيندا آهن.
ڌن پورڻ جو رواج واڻين ۾ آهي، جي سڀيئي اڪثر پڙهيل آهن. ڪن
حالتن ۾ ائين به ٿيندو آهي، ته پورڻ واري جي مري
وڃڻ بعد ڌن اُتي ئي رهجي ويندو آهي. پوءِ سندس
اولاد کي ڪڏهين ڪڏهين جهونيون جايون ڊهرائي نين
ٺهرائڻ وقت، اوچتو زمين کوٽائيندي لڀي پوندو آهي.
اهڙا اتفاق گهڻا ٿيا آهن. بعضي کوٽيندي ڪن مزدورن
کي به لڀي پوندو آهي، ۽ ڪو رهجي به ويندو آهي، جو
ايامن بعد ڪن کي هٿ ايندو آهي، يا زمين جو پور ٿيو
پيو هوندو آهي.
چونـــدا آهــن تــه ”ڌن هجي ڌُوڙ ۾ ته چمڪو ڏئــي نور ۾“. ڌن
واري ماڻهوءَ جو هيانءُ ڀريل هوندو تنهنڪري دل ۾
خوشي هونديس جا سندس منهن جي سرهائي مان پيئي
بکندي ۽ سهي ڪبو ته هن وٽ چار ڏوڪڙ آهن. پر واڻين
جي حالت ۾ سهي ڪري نه سگهبو آهي، جي لکا نه ڏيندا
آهن.
ٿري چوندا آهن ته اوچتو اوکيءَ ۾ جتي پنهنجو پيءُ ڀاءُ، مٽ
مائٽ، عزيز دوست وغيره ڪم جا نه ٿيندا آهن، اتي
پنهنجو پئسو ڪم جو ٿئي ٿو. ”ناڻي سان جا نه ماسي،
سا به ماسي.“ پئسو به اُهو جو هڙ ۾ هجي، تنهنڪري
چوندا آهن ته ”کــڏ، چــي، جيءُ سڏ“. هٿ ۾ هوندو
تــه گهرج مهل ڪم جــو ٿيندو. اُڌارو ڪيترو به ڏنل
هجي پر اهو مهل ته ڪنهن به ڪم جو نه آهي، تنهنڪري
ٿري ڪفايت ڪري ڪجهه بچت ضرور رکڻ جي ڪوشش ڪندا
آهن.
پوريل ڌن بابت اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته گهڻي وقت بعد جاءِ ۾
تفاوت ٿئي ٿو ۽ ساڳئي هنڌ کوٽڻ سان هٿ نٿو اچي، يا
ڪي چوندا آهن ته فلاڻي هنڌ ديڳ ڌن جي آهي پر مٿان
نانگ ويٺو آهي جو کڻڻ نٿو ڏيئي. جاهليت جي ڪري اهو
اثر ماڻهن جي دل تي پڪو ٿي ويو آهي. چوندا آهن ته
”پراڻي اماڻ ڌرڻي به نه ڊوهي“ۡ. يعني ڌرتي به
امانت ۾ خيانت نٿي ڪري. سون ۽ چاندي جا زيور اڃا
به ماڻهو ڌرتيءَ ۾ پوريندا آهن. |