سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 17

صفحو ؛ 25

 

باب سترهون

ڪچهري

ٿرين کي پيٽ پورت لاءِ کاڌو، بُت ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو ۽ رهڻ لاءِ اَجهو کپي، جنهن لاءِ رات ڏينهن مسلسل هڻ وٺ ۽ پٽ کوهه ڪرڻي ٿي پوي ۽ ائين هڄي هڄي نيٺ ڪڪ ٿيو پئجي. اها انساني فطرت آهي ته اهڙي وقت، پوءِ غريب هجي يا غني. اَڀرو هجي يا سڀرو، دنيا جي جنجال کان پوءِ دل خوش ڪرڻ لاءِ ڪانه ڪا وندر ضرور هجي، نه ته انسان هن حياتيءَ مان ڪڪ ٿيو پوي. ڪيترو به ٿڪو ماندو ماڻهو هجي، سوين غمن جا غبار اچي ڪڙڪن، ماڻهو موڳو ۽ ملول هجي، ان مهل ڪانه ڪا دل وڻندڙ وندر هوندي ته اوڏيءَ مهل اهي گوندر سڀ گم ٿي ويندا ۽ انساني دل خوشيءَ سبب بهار ٿي ويندي.

سڌريل دنيا جي ماڻهن پنهنجي وندر لاءِ ڪئين وسيلا موجود ڪيا آهن. شهرن ۾ سئنيمائون، ناٽڪ، ثقافتي نماءَ نمائشون، وندرائيندڙ پروگرام، سرڪس، ريڊيو، ڪلب ۽ ٻيا به ڪئين تفريح طبع لاءِ پروگرام پيدا ڪيا آهن، جن تي ڳاٽي ڀڳو خرچ اچي ٿو. پر مسڪين ٿري، جن وٽ نڪو ايترو پئسو ۽ نڪي ڪي وسيع وسيلا، جو مٿيون مشغوليون ۽ محفلون ميسر ڪري سگهن، انهن لاءِ وندر جو وسيلو آهي سگهڙن جي ڪچهري، جتي پائي پئسو خرچ ڪونه ٿئي، جتي شهرين وانگر گهڙيءَ پل لاءِ نه رڳو دل خوش ڪن پر منجهانئن ڪافي پرائين جو آئيندي حياتيءَ جو به ڪم اچي.

ماڻهو ڏسو ته بلڪل سادا، ڏسڻ ۾ اٻوجهه پيا معلوم ٿيندا. علم کان بي بهره، لڱن تي پورو لٽو به ڪونه هوندن، ڪي ته پُٺيءَ اُگهاڙا، ميرا ۽ گدلا، جن جي ڏسڻ ۽ گڏ ويهڻ سان شهري شوقينن کي ڪراهت پيئي محسوس ٿيندي. پر جڏهن ڪچهريءَ ۾ اچي ڦانگ هڻي ٿا ويهن ۽ مُنهن کولين، تڏهن اُهي ٿا ڍارا ڍارين، جو علم و ادب جا قابل پروفيسر به اهو رنگ ڏسي داد ڏيڻ تي مجبور ٿيو پون.

خاص ڪري شادي غمي وقت يا مهمان جي اچڻ مهل جڏهن ججها ماڻهو اچي گڏ ٿيندا، تڏهن موج لڳيو وڃي. گهڻي وِيهڪ جي ڪري ٿڪ ٿيو پوي، يا بعضي ننڊ به اچيو وڃي، يا هڪ قسم جي وندر هجي ته سڀيئي ان مان خوش ڪونه ٿيندا، ڇو ته انسان جي فطرت آهي ته ڪنهن کي ڪهڙي وندر وڻي ۽ ڪنهن کي ڪهڙي، تنهنڪري ڪچهريءَ جو رخ به ڌار ڌار نموني بدلبو رهي، جيئن سڀيئي وندريا ويٺا هجن ۽ سڀڪو ان رس جو سواد وٺندو رهي.

ٿر ۾ مڱڻهار، ڀاٽ، چارڻ ۽ گُرڙا رهندا آهن. اهڙن موقعن تي ڪي ڪوٺ سان ۽ ڪي اوچتو قسمت سان اچيو گڏ ٿين. انهن قومن ۾ اڪثر ڪيترا سگهڙ ۽ ڪوي هوندا آهن، جن سان وري ڪي ڳوٺاڻا ساپُرس به گڏجن، پوءِ ته سائين کي چوان، ڳالهه ئي نه پڇو. ”سچ لُٽي يا ٻج کُٽي“. هڪ رات ته ڇا، پر ڪئين راتيون گذريو وڃن، پر انهن جو لوڪ ادب کٽڻ جو نه آهي. سڀڪو ملوڪ پنهنجو وارو وٺي.

مڱڻهار پنهنجا ساز، سُرندا ۽ سارنگيون وڄائين، راڳ ڳائين. ڪَڪِري لڪائڻ جو شغل به واهه جي موج ٿو لائي. اهو هينئن ڪندا آهن جو مڱڻهار ڪا شيءَ ڪنهن ملڪ يا شهر يا ڪنهن مشهور مڪان ۾ لڪائيندو آهي، يعني خيالي خطرح اها شئي اُتي رکندو آهي. اها ڳالهه سگهڙ توڙي ڪچهريءَ کان لڪل هوندي آهي. پوءِ مڱڻهار انهيءَ ملڪ، شهر يا هنڌ ڏي جنهن رستي اُتي پهچي سگهجي، اهو ڏس پتو ڏيڻ لاءِ سرندي يا سارنگيءَ تي اهڙا سُر ڪڍندو ويندو ۽ سالڪ يا ڳوليندڙ اُهي سُر سمجهي رستو سهي ڪندو ٻڌائيندو ويندو ته هاڻي فلاڻي هنڌ پهتا آهيون، هاڻي فلاڻو رستو ڏيئي وري فلاڻي هنڌ پهتا آهيون. اهڙيءَ طرح وڌندي وڌندي نيٺ انهيءَ هنڌ اچيو پهچن جتي درحقيقت شئي لڪايل هوندي. جڏهن سگهڙ اهو هنڌ ٻڌائيندو آهي، تڏهن مکڻهار قبول ڪندو ۽ ڪچهريءَ ۾ واهه واهه ٿي ويندي آهي. انهيءَ کي ”ڪڪري لڪائڻ، چئبو آهي. اهو سڀڪنهن جو ڪم نه آهي، پر جو سُرن جي ملوڪ ڄاڻ رکندڙ هوندو سو ڳولي سگهندو.

گرڙا ۽ مڱڻهار فقير دودو سومرو ۽ علاوالدين، هوٿل پري، راءُ لاکو ۽ مهر راڻي، مومل راڻو، سَڏونت ساوڻگا، ڏمڻ سونارو، ڪُ، پيرُون، ليلان چنيسر ۽ ٻيون وارتائون (ڪهاڻيون) ڪندا آهن. آکاڻي چوندا ويندا ۽ ان سان گڏ وري ڳاهون ڏيندا ويندا. ڪي وري بنا ڳاهن جي وارتائو ڪن، تان جو سج اُڀريو وڃي.

ڪي وري شاهه عبداللطيف ۽ ميين شاهه عنايت جون ڪافيون ۽ بيت (جي گهڻو ڪري عمر مارئي بابت هوندا آهن)، سانوڻ فقير جا بيت ۽ ڪن ٿري سگهڙن جا چيل بيت، ڪافيون، ڪهاوتون، چوڻيون، ڳجهارتي ڳالهيون وغيره چوندا آهن، ڪي ملوڪ ڳجهارتون ۽ ڳُوڙها ڏيندا آهن، جي ٻيا سگهڙ ڀڃندا آهن. نوجوانن کي ساوڻ فقير جا لوڙائو بيت وڻندا آهن، جي ڪن تي هٿ رکي چاهه سان چوندا آهن، هتي ڪجهه صنفن مان مثال ڏجن ٿا:

ساوڻ فقير: ذات جو خاصخيلي ڍوري ناري جو ويٺل هو. قد جو چوٽو ۽ بدن ۾ هلڪو هو، سندس شعر جذباتي ۽ جوشيلو آهي. هن کي ميلي ملاکڙي ۽ شادين تي دعوتون ڏيئي ماڻهو گهرائيندا هئا. هو بيتن ۾ ”سڙيو مران ٿو ساوڻ چئي“ يا ”سورن ۾ ساوڻ چئي“ چوندو هو، جنهنڪري بدن ۾ گرمي جي تپت گهڻي ٿيندي هيس، جنهن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ بيت بيت پويان گلاس پاڻي جو پيئندو هو. بعضي مَٽ ڀرائي رکندو هو، جنهن مان گلاس ڀري پيو پيئندو به هو ۽ پاڻ مٿان اوتيندو به هو. سندس شعر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

 

بيت

1-جبل منهنجي جان ۾، ڪڍيا عشق انور،
هڪڙا ڏينا ٻيا اڙهون، ٽيان پن جهليا پاندور،
ڇڻي پيا ڇاتيءَ تي، ڪري اوگهه اَروڙ،
نپوڙيو نانگ جيئن، گهايو وجهن گهوُر،
هلان ته جَلان، وهان ته وَهلوُر،
سُمهان ته سک نه اچي، اُٿيان ته اَنبوُر،
سڙي دل ”ساوڻ“ چئي، چوٽي سندي چوُر،
عقل مَ شعور، ٽيئي گوندر کڻي گم ڪيا.
2-کٿي کفن ڀانئيان، ڏوٿي ڏيج ڏيندا،
مرڻ ويل ملير ۾، عمر اوڍيندا،
ڪانڌي ٿي ڪُلهن تي، جهانگي جهليندا،
سُرهي ڪري سومرا، نَئيَڙ پاس نيندا،
محابي مارو مير جي، هَت نه پوريندا،
پنهنوار جي پيرانديءَ، لاشو لَٽيندا،
سائين لڳ ”ساوڻ“ چئي، بَديون بخشيندا،
اُتي پوريندا، جتي مُلڪ مارو مير جو.
3-ماڙي چڙهي مارئي، ڪري نرت نگاهون،
ڏسان ٿي ڏوٿيئڙن جون، بَر مٿي باهون،
وس وڇڻ جون ويڙهيچا، ڪن سانگي صلاحون،
سنيهڙو سانگين جو، اڄ آيو اتانهون،
اڄ سُڀا ۾ ”ساوڻ“ چئي، ڪاهيندا ڪاهون،
پهنور پرانهون، وٺي ويا هن واٽ تان.
4-ماڙي چڙهي مارئي، ڪري سانگياڻي سٽا،
ڏٺائين گهر ڌوٿين جا، چوڌاري چٽا،
لڏي ويا ڇڏي ويا، وڃي وَسَ ويٺا،
ڇوڙي ڇڏيائون ڇنن ۾، ڪري ڦَر ڦٽا،
آءٌ ڪسان ٿي قيدن ۾، منهنجن مارن مينهن وٺا،
هن سُڃِي کي ”ساوڻ“ چئي، هو وساري ويٺا،
هينئين جي هيٺا، شايد سُڌ نه هئي سومرا.
5-يارهين رات ياد پيا، منهنجي هِينئين تي هُٽڪي،
مارن مُڪي ڪين ڪي، چٺيءَ جي چُٽڪي،
ماڻهو مهراڻي ملڪ جا، ويا لاکيڻا لُٽڪي،
ٻڪر ٻاٻاڻي ڏيهه جا، وي اچڇانگن ۾ ڇُٽڪي،
سڙي دل ”ساوڻ“ چئي، منهنجي ڪمائي ڪٽ ڪِي،
گوندر جيئن گُٽڪِي، ساعت نه ڀڳي سپرين.
شاهه صاحب ون ڪافيون.

 

ڪافيون

سڪي ٿو منهنجو ساهه، عمر آهين منهنجو ڀاءُ،
ڀلو سائين، سڪي ٿو منهنجو ساهه.
1-رات ستي مون خواب ڏٺو، جتي وڄڙين ڪئي برسات
ملڪ وٺو اباڻو، جت ساوا ٿيا گاهه،
ڀلوسائين . . .
2-ڪوٽن مَنڙو ڪونه ٽِڪي، ماڙيون محل مون نه وڻن،
چونڪيون چونرا ڪُڙهون سهڻيون، اندر ڇڄي ارواح-
ڀلو سائين . . .
3-لاکيون لويون لال لکن تي، اسان جي ريت اها،
پٽ پٽولا آءٌ نه پايان، ڏيان کهنبن کي باهه-
ڀلو سائين . . .
4-ڀٽائي گهوٽ ”لطيف“ چئي، مارئي ملڪ اُماڻ،
ڪڍي ڇڏ ڪوٽ مان، تو در منهنجي دانهن-
ڀلو سائين . . .
***

آءٌ بندياڻي بندڪار ۾، منهنجي سِگهڙي لهجو سار،
ڀلو سائين وٺا ته ميگههَ ملار.


1-ڌڻ ڪاهيو ڌڻ واريان، کٿي تي خُمار،
ماندي نه ٿي مارئي، پاڙي وارا پنهنوار-
ڀلو سائين . . .
2-عمر اسان جي ڏيهه ۾، ڏُونرن پڪار ڏار،
مون جيڏيون ملير ۾، سَرتيون ڪن سينگار-
ڀلو سائين . . .
3-کنوڻين خوب خوشيون ڪيا، ڪَڪَر ڪاروُنڀار،
موگهون مينهن ملير ۾، ساوڪ ڪيا گلزار-
ڀلو سائين . . .
4-سرتيون شاهه ”لطيف“ چئي، کنوڻين کيل اَپار،
ڪڍي ڇڏ ڪوٽ مان، واڳ وطن تون وار-
ڀلو سائين . . .

ٻين شاعرن جون به ڪايون چاهه سان چوندا آهن. هيءَ ڪافي پير ”اشرف“ شاهه“ ڪاماري شريف واري جي آهي:

***

 

منهنجي ڪل مـارن ڪانـــه لڌي،

منهنجي سڌ سانگين ڪانه لڏي،

قسمت آندي قابو قيد ڪري.
ادا ڙي عمر فالون ويٺي پايان،

مــانَ اچــن منهنجا ويــڙهه وري،

منهنجي ڪل مارن –
مَرَڪَ مــارن جـو ميٽ مٿي ۾،

تَڙ تي رهي منهنجي خان ڦڻي،

منهنجي ڪل مارن -
لاکِيُون لـــويـون لال لڱــن تــي،

اَبــاڻــن آنــديــون ڪالــهه کــڻــي،

منهنجي ڪل مارن –
هن پرڻي کان مرڻ موچارو،

لنئون وڃي لائيندس ويڙهه وري-

منهنجي ڪل مارن –
”اشرف شاه“ چوي ويندس اوڏانهين،

لاهي ڇڏ دل تان خيال کڻي –

منهنجي ڪل مارن –

 

سينگار جو بيت

(محبوب جي ساراهه – ’شادي‘ سگهڙ جو چيل)

 

ڪيم عرض الله کي، دوست سڻي دلبر،
ڇوڙي وار ڦٽا ڪيا، ڪارا ڪونڌر ڪڪر،
ڀِرون تنهنجا ڀالا جيئن واراڪو وجهن ور،
اکيون تنهنجيون عجيب سهڻيون، نيزا نيڻ ڪڪر،
سونهي نڪ نراڙ تي جيئن جهَرڪي پيو جَهَوَرَ،
سدا ڏند سهڻا اٿيئي، ٻيا ٻيئي لال قمر،
ڏس مُنهن منهنجي محبوب جو، آهي شمع کان سڌر،
مور ڳچي محبوب جي، ڪونجين وانگر ڪر،
عجب سهڻو اُرهه آهي، سينو ساڻ سُچر،
چيلهه تنهنجي چابڪ جهڙي، جا وجهي پيچ اپر،
پير تنهنجا پدمڻا، ڏس هٿن ۾ هنر،
نسبين تنهنجن نخرا ٻڌا، والين وڌا ور،
نميو بيهي نراڙ تي، اَلي ساڻ اَپر،
ٻيا جي ٻيڙا پاسن کان، تنهنجي ڏاوڻي ڪري ڏمر،
نٿ بولو نڪ ۾ ڏس، لعلن سندو لشڪر،
دُهري تنهنجي دل کسي ويئي، هَسي ٻڌا هنر،
تعويذ تنهنجا تيز وڏي سان چوُڙن ٻڌا چڪر،
مينا ڪاري منگليون ڏس ڪنگڻن جا ڪڪر،
ڇلا منڍيون چيچ ۾ ويڙهه وڏا ور،
ڪڙيون توکي ڪوڏ مان، ڏس پازيبن جا پر،
ميندي جا محبوب لاتي، مُلڪن ۾ مَشهر،
هڪ پوشاڪ پرين کي، ٻيا ويس وڳا ويتر،
ڳهه ڳاڻاٽي نه اچن، جي هئا جان مٿي جَهَوَرَ،
ماندو تو معشوق لاءِ ٿيو عاشق جو اندر،
شوق منجهان ”شادي“ چئي، دوست سڻ دلبر،
ڪر ناز منجهان نظر، هن پرديسيءَ پَرئين تي.

گرڙا وري وارتائون ڪندا آهن جي اڪثر گهرن ۾ پيرسن مرد ۽ عورتون ٻارن کي ٻڌائيندا آهن. جن ۾ بادشاهن، وزيرن، جنن، ڀوتن، ديون، پرين، جانورن، پکين وغيره جون آکاڻيون هونديون آهن. ڪي سگهڙ جون نصيحت آميز ڪهاوتون چوندا آهن. جيئن ته:

 

چار ئي نه وسرن

موران نان ميهه نــه وسري، منگت نــان ڏاتار،

ماهيلي نان پيهر نه وسري، هاري نان ڀَتوئار.

 

سگهڙ چوي ٿو ته مور پکي مينهن يعني برسات کي هر وقت ياد ڪندو آهي، تنهنڪري کيس اُها نه وسرندي آهي. منگت يعني پينو فقير کي ڏاتار يعني سخي مرد نه وسرندو. ماهيلي يعني پرڻجي ويل ڪنوار کي پِيهر يعني مائٽاڻو ڳوٺ نه وسرندو ۽ ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙ هاريءَ کي ڀتوئارڻ يعني ڀتو يا کاڌو آڻيندڙ نه وسرندي آهي.

 

پنج ئي ڀاڙي

پاڻ اڇا ڪپڙا ڪري، گهر ۾ جوءِ اگهاڙي،

ڪم پني هڪل ڪجي، تڏهين کَنهي ڪياڙي،

اڻ ڪوٺيو اتي وڃي، هڻي دهـل تــي تاڙي،

عقل جو ايلپهنوار، گهڻي هڻي ڪچهري ۾ ڄاڙي،

ٻـه چوري ويڙهائي ڏي گهر کـي اُماڙي،

 

اهي پنج ئي ڀاڙي:

جو ماڻهو پاڻ سٺا ڪپڙا ڪري ۽ گهر ۾ زال لاءِ سادو ڪپڙو به نه هجي ۽ ڦاٽل ٽُٽل ۾ وقت ڪاٽي. اوچتو ڪم پئجي وڃي ۽ کيس مدد لاءِ سڏ ڪجي تڏهن ڪياڙي کنهي يعني انڪار ڪري يا گس گساءُ ڪري (ڪياڙي کنهڻ گيديپڻي جي نشاني آهي). ڪو کيس سڏ نه ڪري، پر بنا سڏ جي ڪٿي وڃي ٻين جي ڳالهين ۾ ٽپي پوي (دهل تي تاڙي هڻڻ معنيٰ اجايا يٽ – شٽ هڻڻ يا ٻين جي ڳالهين ۾ ٽپي پوڻ) بيوقوف، جو ڪنهن ڳالهه کي سمجهيئي نه، پر ڪچهريءَ ۾ اجائي ڄاڙي هڻي يعني بڪ بڪ ڪري. جو ٻن ماڻهن جي وچ ۾ اجايون سجايون هڪٻئي جون گهٽ وڌ ڳالهيون ٻڌائي. چغليون هڻي، انهن کي ويڙهائي گهر ڦٽائي (گهر کي اُماڙي ڏيڻ معنيٰ ويڙهائڻ). سگهڙ چوي ٿو ته اهڙن پنجن ئي قسمن جا ماڻهو ڀاڙي آهن.

 

پنج ئي نه وسرن

ميهه موران، بن ڪونجهران، آنٻا رس سوئان،

ويڻ سڄڻ، جنم ڀومي، وسرسي موئان.

مور پکي کي مينهن يعني برسات، ڪونجهر يعني هاٿيءَ کي بن يعني جهنگ، سوئان يعني طوطي کي انب جو رس، ۽ مرد کي دوست جو ويڻ يعني ڪڙو ٻول ۽ پنهنجي جنم ڀومي يعني مائٽاڻو ملڪ،. جتي سندس جنم ٿيو اصل نه وسرندو آهي. اهي مرڻک ان پوءِ وسرندا.

 

پنج ئي بدنام

گابو ڪپڙ ڇٻڻو، نر گهوڙو وهي ڊُگام،

ڪَرَهه ڪري ڪامڻي، گهر آئي مزمان،

گانڊو رڻ نه چڙهي، گهر هڻي شوغان،

راجا جوٺ ٻولي، اهي پنج ئي بدنام!

ڪن ڪن گابن جي عادت ٿيندي آهي جو اهي ڪپڙي جا ٽڪر چٻاڙيندا آهن. اهڙو گابو جي گهر ۾ هوندو ته ڪڏهن مالڪ جا ڪپڙا چٻاڙي، ٽُڪي، خراب ڪري اٽلو نقصان ڪندو. نر گهوڙو جو پنڌ هلي نه سگهي ۽ ڊُگام هلي، جنهن ڪري سواريءَ ۾ اُٽلو سُوار کي ڪڪ ڪري يا ڪن حالتن ۾ ڇِڪِي وجهي، يا چيلهه ۾ سور وجهي، يا چيلهه ۾ سور وجهي بيمار ڪري. ڪن عورتن جي عادت ٿيندي آهي ته گهر ۾ جي ڪو مزمان آيو ته خواهه مخواهه پنهنجي منهن يا مڙس سان ڪَرَهه يعني کٽ پٽ يا تڪرار ڪنديون آهن. اهڙي ڪامڻي يعني عورت گهر ۾ هئڻ مصيبت آهي. گيدي ماڻهو، جو بهادري جهڙو ڪم هجي ته منهن نه ڏئي، پر گهر ۾ ويهي زال وٽ پنهنجي بهادريءَ جي ساراهه ڪري ۽ ڊاڙ هڻي (رڻ چڙهڻ يعني لڙائي تي وڃڻ). ۽ راجا، جو ڪوڙ ڳالهائي. سگهڙ چوي ٿو ته اهي پنج ئي بدنام آهن.

 

ست بکيون سنسار

ڌَرتي ميگهه نه رَجيئي، آگ نه رَجيئي ساڙ،

راجا راج نه رجيئي، موت نه رجيئي مار،

عيشون نفس نه رجيئي، پُرس نه رجيئي نار،

دو نئنان نــه رجيئي، ڏٺــي سڄڻ ڪلتار.

ڪيترو به ميگهه يعني مينهن پوي ته به اهو سمورو پاڻي ڌرتي آهستي آهستي چُوسي ويندي ۽ ڍؤ نه ٿيندس. باهه جي سامهون جيڪا به شيءِ آئي تنهن کي ساڙي ويندي ته به ڍؤ نه ٿيندس. بادشاهه وٽ ڪيترو به ملڪ هجي ته به ڀائيندو ته اڃا ٻيا به ملڪ فتح ڪريان. ساهوارن جي مارڻ ڪري، موت کي ڍؤ نه ٿيندو، سدائين اهو رستو هليو ايندو. عيش عشرت مان نفس کي ڪڏهن به ڍؤ نه ٿيندو، پرش يعني مرد جو نار يعني عورت مان ڍؤ نه ٿيندو، ٻنهي اکين کي محبوب جي ڏسڻ مان ڪڏهين به ڍؤ نه ٿيندو. سگهڙ چوي ٿو ته دنيا ۾ اهي ست ئي شيون سدائين بکيون آهن.

ڀاٽ ۽ چارڻ وري هندي ۽ مارواڙي ٻوليءَ ۾ ڇند ۽ ڪهاوتون: بهاري، گنگ ڀٽ، بيربل ۽ ٻين جا گفتا ۽ ڇوڻيون وغيره ٻڌائيندا آهن. چند مثال ڏجن ٿا:

 

مانُ گهٽي ڪُڇهه مُک سين مانگت، پريت گهَٽي نت پَرَ گهرَ جايا،

گيان گهٽي نرمُونڍ ڪي سنگت، ڌڏيان گهٽي چت ڪو ڀرمايا،
تيج گهٽي پرنار ڪي سنگت، ٻُڌ گهٽي بَهُو ڀوجن کايا،
شوڪ گهٽي ڪڇه ساڌ ڪي سنگت، روگ گهٽي ڪڇهه اوکت کايا،

داس ”بهاري“ ڏک ڏارِ دَر گهٽي، گووند گووند گووند گايا.

ڪو کڻي ست پيڙهيو شاهوڪار، عزت آبرو ۽ مان شان وارو هجي، پر جي پنهنجو سومان نه رکي، هر هر پيو ڪنهن نه ڪنهنک ان ڪجهه نه ڪجهه گهرندو ته سندس عزت نه رهندي، پر جي کڻي غريب هجي ۽ پنهنجو سومان رکندو اچي ۽ ڪنهن وقت به خواهه مخواهه هٿ نه ٽنگي ته اهڙي ماڻهوءَ لاءِ سڀڪنهن جي دل ۾ عزت هوندي. کڻي ڪنهن سان ڪيتري به حُجت ۽ محبت هجي، پر جي هر هر پيو هن وٽ ويندو ته عزت نه رهندي ۽ محبت به هلي ويندي، ۽ اڳيون انسان به منجهانئس ڪڪ ٿي پوندو. ”هر هر هلڪائي وڃڻ در دوست جي“. در در ڌڪا کائبا ته عزت نه رهندي، ٿورو وڃڻ وڌيڪ شانائتو آهي. ڪهڙو به عاقل هجي پر جي نرمُونڍ يعني بيوقوف جي سنگت ۾ رهيو ته اڳيون سوجهرو به وڃائيندو، تنهنڪري اهڙي سنگت کان پاسو ڪجي. جيڪي درويش رات ڏينهن ڌڻيءَ جي بندگيءَ ۾ محو آهن، اُهي به جي ڪڏهن ڪنهن لالچ جي اُميد دل ۾ رکندا ته ڌڻيءَ جي يادگيري وسري ويندن. ڪيترا انسان رعبدار هوندا آهن ۽ ماڻهن تي انهن جو ڪافي اثر هوندو آهي، پر جي اُهي ڪنهن پَرَنار يعني پَرائي زال سان رستو رکندا ته ڪيترن جي غرض ڪڍڻي پوندين، جنهن ڪري اهو رعب نه رهندو ۽ گهٽجي ويندو. ٻَهُو يعني گهڻو کائڻ ڪري سمجهه جي طاقت گهٽجي ويندي آهي. دل جو شوق يعني دنيا جون سَڌون ۽ جنجال ڪنهن درويش جي صحبت سان ئي گهٽجي سگهي ٿو ۽ ماڻهوءَ جي دل جو لاڙو دنيا جي لالچ کان کڄي خدا صاحب ڏي ٿيندو. روگ يعني بيماري ڪجهه وقت يعني دوا کائڻ سان لهندي آهي. سگهڙ بهاري چوي ٿو ته ڏک ۽ ڏاردر يعني تڪليفون ۽ نڀ اڳائي فقط خدا جي بندگي ڪرڻ سان ئي گهٽجي سگهن ٿا.

گهَنگهور ٽَڪور سين مور ڇُپي نَهين باگ اُٺايا،
چنچل نار ڪي چال ڇپي نهين، نيڻ ڇپي نهين نينهن لڳايا،
تارُون ڪي اوٽ ۾ چندر ڇپي نهين، سورج ڇپي نهين بادل ڇايا،
رڻ کيتر ۾ رَجپُوت ڇپي نهين ڏاتار ڇپي نهين گهر منگت آيا،
جوگي کا بيک انيڪ ڪري، ڪرم ڇپي نهين بَڀوت لگايا،
”گنگ“ ڪَهي سُڻ شاهه اڪبر، ننگ ڇپي نهين ڇپي ڇپايا.

برسات وقت جڏهن گهنگور ٽڪور يعني اونداهيءَ ۾ گوڙ جو آواز ٿيندو آهي تڏهن مور پکي رڙ ڪندو آهي. سگهڙ چوي ٿو ته گوڙ وقت مور پکي لڪو نه رهندو ڇو ته هن جو سڀاءُ آهي، يڪدم دانهن ڪندو. تُرِي يعني گهوڙي به جڏهن سوار واڳ هٿ ۾ جهليندو، تڏهن ڀلي هجي يا ڍِلي، يڪدم پاڻ کي ظاهر ڪندي، لڪي نه رهندي. اشراف ۽ عزت واري عورت هميسه سومان سان رهندي، پر جيڪا چلولي هوندي سا هيڏانهن هوڏانهن پيئي نهاريندي، ڌارئين مرد کان لڄ نه ڪندي، خواهه مخواه زور ڪري ڳالهائيندي يعني اهڙي هلت هلندي جيئن ٻئي جو ڌيان ڏانهنس ڇڪجي ۽ اها لڪي نه رهندي ۽ ظاهر ٿي پوندي. جي ڪنهن جي ڪٿي نينهن لڳل هوندو ته اهو ڪيتري به لڪائڻ سان نه لڪندو ۽ ان جي اک مان ئي سمجهو ماڻهو سهي ڪري وٺندو. چنڊ جي روشنائي وڌيڪ تيز هئڻ ڪري آسمان ۾ تارا ڪيترا هجن ته به لڪي نه سگهندا ۽ سج بادلن جي اڏو اچڻ ڪري لڪي نه سگهندو. لڙائيءَ جي ميدان ۾ راجپوت يعني بهادر يا سورهيه ماڻهوءَ کي موت جو ڊپ ڪونه ٿيندو ۽ پنهنجي بهادري ڏيکارڻ لاءِ ظاهر ٿي پوندو ۽ اهڙو شخص لڪي نه سگهندو. گهڻائي ماڻهو پنهنيج سخاوت جون ڳالهيون ڪندا آهن پر خبر تڏهن پوندي آهي، جڏهن ڪو منگت يعني خيرات گهرڻ وارو ايندو آهي. ڪنجوس ماڻهو اهڙي وقت لڪي ويندو، پر سخي مرد ظاهرٿي پوندو ۽ خيرات ڏيئي خوش ٿيندو. چوندا اهن ته جيئن تقدير ۾ لکيل هوندو تيئن ٿيندو. هندو چوندا اهن ته ورڌاتا مستڪ تي جيڪي لکي ٿي ائين ٿئي ٿو. سگهڙ چوي ٿو ته ماڻهو کڻي ڪيترا به حيلا وسيلا ڪري، جوڳين جا ويس ڪري، نراڙ تي بڀوت لڳائي، ته به اهو ميٽجي نه سگهندو ۽ جيئن تقدير ۾ لکيل هوندو تيئن ٿيندو. گنگ ڀٽ اڪبر بادشاهه کي چوي ٿو ته ننگ يعني هيرو جو بلڪل قيمتي آهي ۽ اُن جي چمڪ تجليدار آهي، سو لڪائڻ سان به لڪي نه سگهندو.

گيان وڌي گڻوان ڪي سنگت، ڌيان وڌي تپ سنگ ڪينو،
موهه وڌي پروار ڪي سنگت، لوڀ وڌي ڌن ۾ چت ڏينو،
ڪروڌ وڌي نرمنڍ ڪي سنگت، ڪام وڌي تريئا سِنگت ڪينو،

ٻُڌي وويڪ ويچار وڌي، ڌيان سڄڻ سين ست سنگ ڪينو.

گڻوان يعني اوچ اخلاق واري انسان جي صحبت ۾ سمجهه وڌندي ۽ ڌيان يعني خيال کي يڪ جاءِ ڪرڻ يعني محڪم ارادو، تپسيا ڪندڙ (جيڪي پنهنجي دل جي سَڌن کي روڪي ويٺا آهن) جي صحبت سان هاصل ڪبو. موهه يعني دنيا جي لالچ، پروار يعني ڪتنب جي چاهه ۾ وڌندي آهي، ڇو ته عيالدار ماڻهوءَ کي ڪٽنب جي پالنا ڪرڻ لاءِ انيڪ گهاٽ گهڙڻا پون ٿا ۽ ڌن يعني ناڻو ۽ ملڪيت اهڙي سئي آهي، جنهن ۾ چت لڳائبو ته لوڀ وڌندو ويندو. ملڪيت ڪيتري به وڌي، تڏهن به دل ائين ڪڏهن به نه چوندي ته هاڻي ڪافي ملڪيت ٿي آهي ۽ وڌيڪ لاءِ ڪوشش نه ڪريان. ملڪيت جي سَڌ پوري ٿيڻ جي نه آهي. بي عقل ماڻهوءَ جي دوستيءَ جي ڪري شيطان وڌندو اهي، دل ۾ اهڙو حسد ٿيندو آهي، جو ٻين کي چڱي حال ۾ ڏسي اندر ۾ پيو سڙندو ۽ ڪروڌ ڪندو. ڪام يعني شيطاني خواهشون پرائي زال جي صحبت جي ڪري وڌنديون آهن. سمجهه، خيال آدرش ۽ اخلاق سڄڻ جي ڌيان يعني خدا پاڪ جي اندر ۾ يادگيري ڪرڻ سان وڌندا آهن، جي ست سنگت يعني اوچي اخلاق وارن درويشن جي صحبت مان حاصل ٿيندا آهن.

”ڪيسَرَ ڪِيارِي جي ڪَرو اگر چندن مِلاءِ،
گلاب جل سين سِينچيا ڪرو، توئِي پِيازَ بانس نه جاءِ“.

ٻارو ٺاهي ان ۾ ڪيسر ۽ چندن جو ڀاڻ وجهي، گلاب جي پاڻيءَجو ريج ڏيئي ان ۾ پياز يعني بصر پوکيو، جڏهن تيار ٿئي تڏهن سنگهي ڏسو ته ان جي اصلوڪي ڌپ نه ويندي ۽ اها ساڳي رهندي. سگهڙ جو مطلب آهي ته جي ڪنهن ماڻهوءَ ۾ بنيادي گڻ يا اوگڻ هوندو ته اهو نه ويندو ۽ هليو ايندو.

عادت نه مَٽي عادتي، عِلت مور نه جائي،

اُٺ ڇُٽو ڪڻڪ ۾ تو ڀي ڪَنٽا چُڻ چُڻ کائي.

سگهڙ چوي ٿو ته جي ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ڪا عادت پئجي ويئي، ته هو اها علت اصل نه ڇڏيندو. جيئن اُٺ جي عادت آهي ڪنڊن وارا وڻ کائڻ، سو جي اُن کي ڪڻڪ جي پوک ۾ ڇڏي ڏنو ته به هو پنهنجي عادت موجب ڪنڊن وارا ٻوٽا چونڊي چونڊي کائيندو.

ڳُجهارتي ڳالهيون: اڳي سگهڙ ۽ سالڪ هڪٻئي جي سمجهه پرکڻ لاءِ حقيقتون ڳجهارتن، ڳاهن، گوڙهن، شعرن، پرولين ۽ چوڻين ۾ پيش ڪندا هئا، جن ۾ لفظ بلڪل سادا پر خيال بلڪل اونها سمايل آهن ۽ جو سواد ۽ ميٺاج انهن مان ملي ٿو، سو ڪتابن پڙهڻ مان نٿو ملي. اڳيان به اهڙا پارکُو هوندا هئا، جي اهي سمجهي جواب به اهڙي نموني ڏيندا هئا. ڪي اهڙيون حقيقتون هيٺ ڏجن ٿيون:

(1) ڪجهه وقت جي ڳالهه آهي جو ٿر ۽ ڪچ جي وچ ۾ آمدرفت ڪڇ جي رڻ وچان ٿيندي هئي. رڻ جي ڪنڌيءَ تي هڪ ڳوٺ هو جنهن ۾ هڪ شاهوڪار ڌرماتما مهتو (واڻيو) رهندو هو. هن اُتي هڪ ڌرمشالا (مسافرخانو) ٺهرائي هئي، جتي آيو ويو ترسي پگهر ٺاريندو هو. ماني ٽِڪيءَ جو بندوبست سيٺ جي پاران ٿيندو هو ۽ ٻارهوئي پاڻيءَ جا مٽ ڀريا پيا هوندا هئا. جن جي ڀرسان پاڻي پيئڻ لاءِ ٿانءَ لوٽا، گلاس ۽ وٽا رکيل هوندا هئا. آئي وئي جي سار سنڀال لهڻ ۽ کانئن حال احوال وٺڻ سيٺ پنهنجو فرض سمجهندو هو. تنهن کان سواءِ ڪچهريءَ جو به ڪوڏيو هوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ڪي سگهڙ ۽ سالڪ ايندا هئا ته رس رهاڻ ۾ سج اُڀاري اُٿندو هو.

هڪڙي ڏينهن سيٺ ڌرمشالا ۾ ويٺو هو ته هڪڙو قافلو اچي پهتو. مسافر اُڃايل هئا، سي اچي پاڻي پيئڻ لڳا. هڪ مسافر جيئن مٽ جو ڍڪ لاهي پاڻيءَ جو وٽو ٿي ڀريو تيئن اُهو مٿان ڇُٽي مٽ ۾ ڪري پيو، جنهنڪري پاڻيءَ ۾ بُڙڪا ٿيا. سيٺ اهو لقاءُ ويٺي ڏٺو، تنهن خيال ڪيو ته هتي ڪئين ماڻهو پيا اچن جن ۾ ڪيترا سگهڙ ۽ سمجهو به هوندا آهن، تنهنڪري اها ڳجهارت ”پاڻيءَ ۾ بُڙڪاڙي، پاڻيءَ ۾ بُڙڪا“ ٺاهي ڏيان، من ڪو اهڙو مائيءَ جو لال نڪري پوي جو ڀڄي ٻڌائي. ڪيترا قافلا آيا ۽ ويا، ڪيترن کي اها ڳجهارت ڏنائين. مگر اهڙو ڪو سگهڙ يا سالڪ ڪونه مليو جو کيس ڀڃي ٻڌائي. هڪڙي ڏينهن ڪا ڄڃ ڪڇ ڏانهن ٿي ويئي. سا رات پوڻ ڪري هن وٽ ترسي پيئي. ماني ٽڪي کائڻ بعد رات جو ڪچهري لڳي. ڳالهين ڪندي سيٺ چيو ته ڪيتري وقت کان دل ۾ هڪ ڳجهارت آهي، پر ڪو اهڙو سگهڙ نٿو ملي جو ڀڃي ٻڌائي. اوهان جي ڄڦ سان گڏ ڪي سگهڙ به ضرور هوندا، جي ڪو هجي ته ڳجهارت ڏيان. اتي سڀني کي شوق ٿيو. ڄڃ ۾ هڪڙو ساڏوُر ملوڪ سگهڙ هو. هن چيو ته ڀلي ڳجهارت ڏي ته ڳوليان.

مهتي چيو ته:

پاڻيءَ ۾ بُڙڪا ڙي، پاڻيءَ ۾ بُڙڪا.

ساڏور جواب ڏنو ته:

مائي ولوڙيو منڌيءَ کي، جنهن جو ٿيو ڌڪاءُ،

منڌي ڪِري پيئي ڌونري ۾، ڌونري ڪيا بُڙڪا،

تو ڀانيو ڙي مهتا، ته پاڻيءَ ۾ بُڙڪا ڙي، پاڻيءَ ۾ بُڙڪا.

مهتي چيو ته:

نه ڀڳي ڙي ساڏُور، نه ڀڳي.

ساڏور وري چيو ته:

اُٺيون هيون ڏر تنڀِ سان، مٿان پيو ميو،

تو نَير هئي پيرن ۾، ڪَڙي ڀڄي ڪيا ڪڙڪا،

تو ڀانيو ڙي مهتا، ته پاڻيءَ ۾ بڙڪا ڙي، پاڻيءَ ۾ بڙڪا.

مهتي چيو ته:

نه ڀڳي ڙي ساُور، نه ڀڳي.

ساڏُور وري چيو ته:

مينهون هيون ڪُنڍڙيون، ويٺيون هيون ٻانڌي ٻيٽ تي،

شينهن ڪئي رُوڙ، ڀڄندي مينهن جي کرن ڪيا کڙڪا،

تو ڀانيو ڙي مهتا، پاڻيءَ ۾ بڙڪا ڙي، پاڻيءَ ۾ بڙڪا.

مهتي چيو ته:

نه ڀڳي ڙي ساُور، نه ڀڳي.

ساڏُور وري چيو ته:

ورت چڙهي واءُ تي، نه آئي اوڙاڪ جي آڙڪا،

ڀوڻ ڪري پيو تڙ ۾، ته تڙ ڪيا ڪرڪا،

تو ڀانيو ڙي مهتا، پاڻيءَ ۾ بڙڪا ڙي، پاڻيءَ ۾ بڙڪا.

مهتي چيو ته:

نه ڀڳي ڙي ساُور، نه ڀڳي.

ساڏُور وري چيو ته:

ڪنگرو اُڀ آسمان ۾ جهليو ڪنهن مٿانءُ،

ڪنگرو ڪِري پيو ڪُن ۾ ته پاڻي ڪيا بڙڪا،

تو ڀانيو ڙي مهتا، ته پاڻيءَ ۾ بڙڪا ڙي، پاڻيءَ ۾ بڙڪا.

مهتي چيو ته:

نه ڀڳي ڙي ساُور، نه ڀڳي.

ساڏُور وري چيو ته:

سنهي رڌي پتڙي، تڏهن ڏوئي ڪيا ڏڙڪا،

وٽو چڙهيو چَپَ تي تڏهن رَٻَ ڪي ابڙڪا،

تو ڀانيو ڙي مهتا، پاڻيءَ ۾ بڙڪا ڙي، پاڻيءَ ۾ بڙڪا.

مهتي چيو ته:

نه ڀڳي ڙي ساُور، نه ڀڳي.

ساڏُور وري چيو ته:

کنيو ٿانءُ هٿ ۾، ڪريــو جيئن هٿا،

وٽو ڪِريو مٽ ۾، تڏهن پاڻي ڪيا بڙڪا،

تو ڀانيو ڙي مهتا، پاڻيءَ ۾ بڙڪا ڙي، پاڻيءَ ۾ بڙڪا.

تڏهن مهتي چيو ته:

تو ڀڳي ڙي ساُور، تو ڀڳي!

چوڌاري ڪچهري ۾ واهه واهه ٿي ويئي.

(2) هڪڙو بادشاهه هو، جو هڪڙي ڏينهن گهوڙي تي چڙهي گهمڻ ويو. رستي تي اڳيان هڪ وڏن سڱن واري ڍڳي سامهون آئي، جا ڏسي کيس خيال ٿيو ته وڏن سڱن جي ڪري ڍڳي ڪهڙي نه سهڻي پيئي لڳي. اڳتي وڌيو ته هڪ بلڪل حسين عورت ڏٺائين، دل ۾ چيئين ته هيءَ ڪهڙي نه سهڻي پيئي لڳي. اڳتي وڌيو ته وڏڌو پٽڪو ٻڌل هڪ مرد سامهون آيو، دل ۾ چيائين ته وڏي پڳ مرد لاءِ سينگار آهي. اتان اڳتي ويو ته هڪ متاري گهوڙِ ڏٺائين. دل ۾ چيائين ته متو متارو وهٽ ڪهڙو نه سگهڻو لڳي ٿو. اڳتي وڌندو ويو. بادشاهه جي دل تي مٿين حقيقتن جو اثر هو، جنهنڪري سندس وات مان اوچتو هي ڳالهه نڪتي:

گاوڙلي تو سينگ پتي، رُوپ پتي گوري،

پُر کڙو تو پاگ پتو، ڦينچ پتي گهوڙي.

گاوڙلي= ڍڳي، سينگ = سڱ، پتي = واري، روپ = سونهن، گوري = زال، پُرکڙو = مرد، پاگ = پٽڪو، پتو = وارو، ڦينچ = ران.

وڏن سڱن واري ڍڳي، حسين عورت، وڏو پٽڪو ٻڌل مرد ۽ ٿلهين مضبوط رانن واري گهوڙي، ڪهڙا نه سهڻا ٿا لڳن! ڀرسان ٻڪرار پئي ٻڪريون چاريون، جنهن بادشاهه جو اهو گفتو ٻڌي، دل ۾ چيو ته بادشاهه پوري پرک نه ڪئي آهي، سو يڪدم ٻڪريءَ کي هٿ هڻي چيائين ته:

هُش ڇاڙِي، ناهر ماري،

چرئي راجا گهه بگاڙي.

هُش = ٻڪري کي هڪل ڪرڻ جا لفظ. ڇاڙي = ٻڪري، ناهر = سيئاڙ (جهنگلي جانور، جو ٻڪريون ماريندو آهي.) بگاڙي = وڃائي، غلط چئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org