سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ --

صفحو ؛ 34

 

باب ايڪيهون

هندو ۽ مسلم اتحاد

سڄي ٿر ۾ هندو مسلمان شهرن توڙي ٻهراڙي ۾ گڏ رهيا پيا آهن. ڪٿي گهڻو راڄ هندن جو ته مسلمانن جا ٻه چار گهر، ۽ ڪٿي وري گهڻو راڄ مسلمانن جو ته هندن جا فقط ٻه چار گهر. شهرن ۾ هندو گهڻائيءَ ۾ آهن پر ٻهراڙين ۾ ڪي ڪي مسلمانن جون بستيون وڏيون آهن ۽ ڳوٺ ئي سندن آهن. اتي هندن جا ڪٿي گهڻيرا ۽ ڪٿي فقط ٿورا گهر آهن، پر پاڻ ۾ اهڙيءَ طرح ٺهيا ويٺا آهن جو ڄڻ ته سڀئي ساڳئي ڪٽنب جا ڀاتي آهن. مِٺ محبت، ساز سلوڪت، ايڪو ۽ اُلفت اهڙو اٿن، جو ڌاريا ڏسن ته حيرت وٺيو وڃين. اوکي سوکي هڪ ٻئي کي سڏ ڏين. شادي غميءَ هڪ ٻئي جي گهر ٻارين ٻچين بنا پردي اچن وڃن، ۽ ڪم ڪار ۾ مدد ڪن ۽ کائين پيئن. ميڙ مجلس، وهانءُ وڌاڻي، شادي غمي، رهاڻ رس، چڱي مٺي، يا اَڀرو سڀرو فيصلو هوندو ته گڏجي ڪن.

ٻهراڙين ۾ اڳي صرف واڻين جا دڪان هئا پر هاڻي گهڻن ڳوٺن ۾ مسلمانن به دڪان کوليا آهن. سڀيئي ڏيتي ليتي ۽ اوڌر پاڌر ذات جي تفاوت کان سواءِ سڀني سان هڪجڙي ڪن. ٿر جي ٻهراڙِن ۾ گهڻو واپار ته آهي ئي اوڌر تي، جا وسڪاري ائي ٻنين ۾ فصل لهڻ تي ڏين. پر جي ڪو ڪپتيو ٿئي ته راڄ جا چڱا مڙس هن کان حساب وٺرائي ڏين. قرضدار مري وڃي ته سندس پويان پٽ، پوٽا يا ويجها عزيز به اهو قرض ڀري ڏين. هڪ ٻئي وٽ مهمان اچڻ جي حالت ۾ ڪچهريءَ تي سڀيئي اچن. جيڪڌڏهن ڪو هندو ڪنهن ڳوٺ ۾ لنگهي ويو ۽ اتي کڻي هندو به هجن ۽ هو ڪنهن مسلمان جي اوتاري ۾ لٿو، ته ان جي آڌر ڀاءُ، ماني ٽڪي، وهٽ لاءِ گاهه داڻي، چاري وعيره جو بندوبست ڪرڻ هو پنهنجو فرض سمجهندو، کيس ڪابه تڪيلف نه ٿيندي.

شاديءَ غميءَ واڻيا مسلمانن کي ۽ ڪي مسلمان شاهوڪار هندن کي هزارين رپيا ڪڍيو ڏين. ڇا جا شاهد، ڇا جون لِکتون؟ فقط زباني اعتبار تي، مگر ڪنهن جو به پئسو ميرو ڪونه ٿئي. پاڙِ جي ڳالهه ۾ ڪوبه ويچو ڪونه سمجهن ۽ پنهنجي راڄ جو ننگ سمجهن. بعضي چوري غيره جي حالت ۾ آڌيءَ مانجهيءَ هڪ ٻئي جي مدد لاءِ تيار ٿيو وڃن. لٺ ڌُڪي تائين نوبت پهچي، ته به هڪ ٻئي لاءِ سِرجي سَٽ ڏيڻ ۾ دير ڪونه ڪن.

 

راڄوڻي فيصلو

چوندا آهن ته جتي ڳوٺ آهن اتي گَليون به آهن، جتي سکر آهن اتي نکر به آهن. سو گهڻو تڻو ته نه، پر ڪڏهن ڪڏهن، ڪٿي ڪٿي اهڙا ماڻهو ڪنهن جو حق ڦٻائڻ، ڪنهن سان ڏاڍائي ڪرڻ، بعضي چوري ڪرڻ، يا ڪنهن سان جهيڙي ڪرڻ جهڙا ڪم به ڪري وجهندا آهن. اهڙين حالتن ۾ فوراً پوليس ٿاڻي تي يا ڪورٽن ۾ ڪونه ويندا. پهريائين پنهنجائيءَ ۾ چوَ چوَاءِ ڪرائيندا. گهڻو ڪري قصو ٺهي ويندو، نه ته راڄ جي چئن چڱن مڙسن جو فيصلو ڪنهن ڌر قبول نه ڪيو، ته پوءِ لاچار پوليس يا ڪورٽ تائين ڳالهه ويندي. ان ۾ به راڄ جي چڱن مڙسن جي همدردي، جيڪو قبول نه ڪندو، ان سان ڪانه هوندي. هروبرو ڪوڙي شاهدي ڪونه ڏين. اهو پنهنجي شان کان گهٽ سمجهن. پر جي چڱا مڙس سمجهندا ته فلاڻو شخص ڪوڙ ٿو ڳالهائي، ته ان جي بدران سندس ڀاءُ مائٽ، عزيز، يا ڳوٺ جي ڪنهن سکر کان ساک تي ڳالهه پڇندا. اهو وري ڏوهيءَ کان پڇي پڪ ڪري، جي اعتبار آيس ته ان جي بدران ساک تي چڱن  کي ويساهه ڏيندو. جي اعتبار نه آيو ته ساک نه کڻندو، جي ساک کنيائين ته ڳالهه پُٽي، پر جي نه کنيائين ته سمجهند اته ڪاڻ انهيءَ پاسي آهي. فيصلي بعد ڏوهاري، يا برادريءَ وارا، يا راڄ وارا يڪدم عيوض ڀري ڏيندا، يا ڪجهه ڏهاڙا مهلت وٺندا، ي معافي وٺندا. اڪثر ڏوهه قبول ڪرڻ بعد معافي ڏيڻ شانائتو ڪم سمجهندا آهن. چوندا اهن ته ”مارِئي کان پڏايو چڱو“. چوريءَ جي حالت ۾ گهڻو ڪري چڱن جي معرفت شيءِ موٽي ملي ويندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ڏواهريءَ کي ظاهر ڪونه ڪن.

چڱن جي فيصلي ۾ پيل ڏنڊ ڏوهاري قبول ڪندو. ان بعد وري ڇوٽ به گهڻي ڪن. هڪ ٻئي جو مُحابو رکن. ڪن حالتن ۾ ته صفا معاف ڪيو ڇڏين. ڪن حالتن ۾ جي ڪو اهڙو پنگتي ڏوهه هوندو اهي، جنهن ۾ ڏنڊ وڌيڪ هوندو آهي ۽ اهو ڏوپهاري ماڻهوءَ لاءِ ڀرڻ ڏکيو هوندو آهي ته ان حالت ۾ برادري يا نيات مان گهر گهر پِني به پئسا پور اڪري ڏيندا. پر اهو پنڻ نه رڳو پنهنجي لاءِ، پر پوين لاءِ به عزت جي گهٽتائي سمجهندا اهن. اهڙي پِن هروڀرو ڪونه ڪن. ڪجهه سري پڄي آئي ته ڪنهن وٽ هٿ ٽنگڻ عيب سمجهن، پر لاچاريءَ ۾ ائين ڪرڻو پوي ٿو. پر اهو به تڏهن، جو اهڙو ڪو ڏوهه هجي جو اتفاق سان ٿي ويو هجي ۽ ڏوهاري ان لاءِ پڇتاءُ ظاهر ڪري، باقي ڄاڻي ٻجهي ريچڪ ڪري ڪيل ڏوهه لاءِ ٻيو ڪو پائي به ڪونه ڏيندو.

جي ڪنهن لڄ ڀريي يا ڪنهن غريب کان بي وسيءَ ۾ هٿا ڪُفير ٿي ويو ته اهو ازخود چڱن وٽ معافي وٺندو. جي ڪو معامو ڏکيو هوندو ته معاري وٺڻ لاءِ نياڻين جو ميڙ وٺي ويندا. پوءِ کڻي ڪهڙو به ڏوهه هوندو ته نياڻين جو ميڙ ڪونه موٽائيندا، ۽ معاف ڪري ڇڏيندا. مطلب ته تڏي تي جي ڪهڙو به دشمن لنگهي آيو ته ان کي معاف ڪري ڇڏيندا.

ڪن به ماڻهن جي سرچاءُ ڪرڻ بعد آفيم ذرو کڻي هڪٻئي جي وات ۾ وجهي ڀاڪر پائي گڏبا. ان بعد ڪهڙو به وير يا ڪنهن جو قصو هوندو ته هڪٻئي کي معاف ڪري ڇڏيندا، ۽ ان بعد ڪو دل ۾ ڪنهن لاءِ مَدي نه رکندو.

ٻهراڙين ۾ هندو مسلمان گڏ رهندا آهن. فيصلي ڪرڻ وقت به هندو مسلمان معتبر گڏجي ويهي فيصلو ڪندا آهن، جنهنڪري ڪورٽن جي خرچن ۽ وڪيلن جي فين کان ڇٽا پيا اهن. فيصلي ۾ به اينگهه ڪانه ٿئي، نڪو ڪنهن جو رياءُ ڪن. پنهنجو مٽ مائٽ يا عزيز هوندو ته به ان جو پاسو نه کڻندا ۽ ڳالهه ”الله لڳي“ ڪندا ۽ حقي حقي فيصلو ڪندا. چوندا آهن ته آخر مري خدا کي جواب ڏيڻو آهي.

 

ادب ۽ حيا

ٿر جا ماڻهو سادا، پر انسانيت وارا آهن، يعني وڏن لاءِ عزت، ادب، حيا، هڪ ٻئي لاءِ يپار ۽ محبت، هندو مسلمانن جو پاڻ ۾ پيار ۽ قرب، ٻار ٻچي ۽ نياڻين لاءِ آڌر ۽ عزت اٿن. ڳوٺ جي وڏيري، مکي يا پٽِل جو راڄ جو هرڪو هندو مسلمان، ننڍو توڙي وڏو ادب رکي ۽ سندن چئي کي مان ڏين. هونئن به ڪنهن کي چار اڇا آهن ته پو3 هُو هندو هجي يا مسلمان، سڀيئي سندس حياءُ ڪن. ميڙ مجلس ۾ وڏن جي ويٺي ننڍا ادب سان اُٿن ويهن، ۽ ڪوبه گُٿو لفظ يا گار وغيره وات مان ڪونه ڪڍن. کيچل مستي يا َجوڳ هلت ڪونه هلن. برادريءَ جي جهيڙي جهڳڙي، سَرچاءُ وغيره ۾ وڏن جي ڪيل فيصلن جي هرڪو عزت ڪري. زالون به وڏن جي ويٺي گهر يا ٻاهر وڏي سڏ يا ڪڙڪي سان ڪونه ڳالهائين. وات هلندي وڏو ماڻهو سامهون آيو ته ٿورو پاسو ڏيئي هلنديون، وڏن جي ويٺي زالون جُتي پائي ڪونه هلن. اڳيان يا ڀرسان لنگهڻو هوندو، ته جُتي لاهي هٿ ۾ کڻي، اڳتي وڃي پوءِ وري پائي هلنديون. جيتوڻيڪ پردي جو رواج ڪونهي ته به اُگهاڙي منهن ڪونه هلن، گهونگهٽ ڪڍي هلن. ڌارين کان منهن ڍڪين. گهر ۾ يا ٻاهر کوهن تان پاڻي ڀرڻ مهل، يا وٿاڻ تي مال ڏهڻ وقت عورتون اهڙيون هلٿ هلن، جا سڀڪنهن کي پيئي سُهائي. اهڙن هنڌن تي يا گهٽين ۾ مرد وهٽ تي چڙهي يا مٿي اُگهاڙو ڪونه لنگهن. عزت وارو ماڻهو از خود خيال ڪندو آهي، ڪو ٽرڙائي ڪري ته ڳوٺ وارا کيس سمجهايو ڇڏين. نياڻيءَ جي هرڪو عزت ڪري. وڏور ڇوڪريون سواءِ ضروري ڪم جي لُوڇ لُوڇ ڪونه ڪن. ڪم سان ڪٿي به وڃڻو هوندو ته به نظر هيٺ ڪري هلنديون.

 

پاڙي جو ننگ

ٿري گهڻي ڀاڱي غريب هميشه گذران جي ڳڻتي ۽ مال جو اوسيڙو، پنهنجيءَ ۾ ئي پورا، نه ڪنهن کي ڏين نه ڏکوئين، ايترو وقت ڪونهين جو ڪنهن کي کُنڌ کُنڌ ڪن. ڍؤ آهي ڪميڻو ۽ غربت آهي اشراف. اڻهوند ۾ ماڻهو پاڻ ئي لاچار هوندو آهي، ان کي پرائي پچار جو خيال ئي ڪونه ٿيندو ۽ سندس دل به نرم هوندي. اوکي سوکيءَ ۾ ڪنهن جو ڪَنٽو ڪڍبو ته اڳلو به انڌو ڪونهي. اکيون لِلاڙ (نراڙ) ۾ آهن. ڪنهن جو ڪيل ٿورو ڪونه وسارين. هي زمانو آهي گڏهه واري کنهه کَنهان جو. ڪنهن سان اوکي سوکيءَ ۾ پير ڀريو ته آئي ويل هرڪو مدد ڪندو. تنهن ڪري هڪ ٻئي کي سڏ تي سڏ ڏين، بلڪ اوکيءَ مهل ري ڪوٺيا به وڃي هڪ ٻئي جي مدد ڪن. سڀيئي ڪي ساريکا ڪونه هوندا، ڪو غريب، ڪو وري ڪجهه سَرياند، ڪي ويچارا ويلي ۾ لاچار، تهڪي پنهنجيءَ وارا. ڪو ڀاءُ برادر اڀرو هوندو، يا پاڙي ۾ ڪو غريب هوندو ته به برادريءَ ۾ سڀني کي سَريکو سمجهن. اوکيءَ ويل ان کي به وڃي ڪُلهو ڏيندا. پاڙي ۾ ڪو بيمار ٿيندو ته زالين مڙسين وڃي پچندا، دلداريون ڏيندا. ان جي گهر جو ڪم ڪار ڪندا، رات ڪَٽائڻ لاءِ آڌيءَ آسر تائين ويٺا هوندا، نازڪ حالت ۾ ڏسندا ته سج به اوڀاريو اٿندا.

آئيءَ ويل پنهنجي حال سارو ڪَڻي داڻي پئسي پنجڙ ۽ ڪم ڪار جي به مدد ڪندا. چوندا آهن ته ”ادا جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان“. وقت سڀ ڪنهن سان ساريکو ڪونه هلندو. ڪڏهن ڀريءَ ۾ ڪڏهن ڀاڪُر ۾. وقت گذري ويندو وڃي ڳالهيون رهنديون. ڏڪار يا مصيبت جي وقت ۾ به هڪ ٻئي جي مدد ڪن. چوندا ته ادا مَهِلون آهن مڙسن تي، جيڪي هوندو سو ونڊي ورڇي کائينداسون.

هڪٻئي جي گهر ٻارين ٻچين اچن وڃن. پاڙي جي نياڻي سا پنهنجي نيڻي، سڀڪو ڄايو ويايو آهي. لڄ وارو ماڻهو پاڙي ۾ بُري اک ڪونه رکي. ڪو ڪميڻو ٿيو ته اُن کي اهڙي سيکت ڏيندا جو عمر ڀر ياد ڪندو. ٻئي جي لڄ رکبي ته ڌڻي پنهنجي به رکندو. پاڙي ۾ ڪنهن جي ڪَچي ڦڪي ڳالهه ٿي، ته ايئن ڪونه سمجهندا ته فلاڻي پاڙي جي ٿي آهي، چوندا ته منهنجي پاڙي ۾ ٿي آهي. انهيءَ کي پنهنجي گهٽتائي سمجهن، جنهنڪري هميشه ائين چاهيندا آهن ته اهڙيءَ طرح هلون جيئن ڪٿي ڪنڌ هيٺ ڪرڻو نه پوي.

پاڙي ۾ڪنهن جو لوڙهو لتاڙڻ مڙس جو ڪم نه آهي، پر ڪميڻن جو ڪم آهي. اهڙو ڪم ڪنهن هڪ دفعو ڪيو ته هرڪو کيس سدائين ڦٽ لعنت پيو ڪندو. پاڙي ۾ نِلائي لاءِ راڄ جو چڱو مڙس ٿي پنهنجي گهٽتائي سمجهندو آهي، تڏهين چوندا آهن ته ”يا مڙس ٿي وهجي يا مڙس جي پاڙي ۾ وهجي.“ پاڙي جي ننگ پٺيان سِر به سهسائين. ڪو ويچارو ڏُلِي اچي پاڙي ۾ پيو، ته اَجهو ڏيندا ۽ حال سارو هر ڪا مدد ڪندا، جيستائين هو پنهنجن پيرن تي بيهڻ جهڙو ٿئي.

 

ايمانداري

ٿرين کي ڪيترين ئي تڪليفن سان منهنڏيڻو پوي ٿو. وقتي لنگهڻ سان ڪاٽڻا پوندا اٿن. اهڙن وقتن تي، ڪنهن به حالت ۾ ايمان کي هٿان ڪونه ڇڏين. تڪليفون سهيو وڃن، مگر بي ايماني ڪونه ڪن. وٽن ڪا شيءَ شڪل يا پئسو پنجڙ رکي وڃو ته ڄڻ پنهنجي گهر پيا آهن. ٿري ماڻهو وسڪاري جو ٻنين تي ۽ ڏڪار وقت پورهئي سانگي ناري طرف ويندا آهن ته پنهنجو ڳهه ڳٺو ۽ گهرو ٽپڙو ٽاڙي ويٺلن وٽ ڇڏي ويندا آهن، جن جي هو اهڙي سنڀال ڪندا آهن جهڙي پنهنجن جي. ڪي ته وقتي وڏور نياڻيون به ڇڏي ويندا آهن ته انهن کي پنهنجين نياڻين سمان سمجهندا آهن. انهيءَ ۾ پنهنجو شان سمجهن.

لچ لفنگ کي نندين، چوري وغيره ملڪ ۾ گهڻي ڪانه ٿئي. ڪوڙ جي عادت گهٽ اٿن. گهڻو ڪري سچي ڳالهه پڌري پٽ چئي ڏيندا. ڪنهن جي ڪا شيءِ وڃائجي ويئي ۽ ڪنهن اتفاق سان لڌي ته پُڇا ڪرڻ تي اَلوئي ڪونه ويندا ۽ ڏيئي ڇڏيندا. ”اصل ڳالهه ڪن سچي، جنهن ۾ کَڙهو نڪو مِٽي“. بعضي وڃايل شيءَ لاءِ مڱڻهار فقير کان پَڙهو ڏياريندا جو دهل وڃائي سڄو ڳوٺ گهمي وڏي سڏ هوڪو ڏيندو ويندو ته فلاڻي ماڻهوءَءَ جي فلاڻي شيءَ وڃائجي ويئي آهي جي ڪنهن لڌي هجي ته مهرباني ڪري ڏيئي وڃي. ڪنهن وٽ هوندي ته پاڻيهي ظاهر ڪندو، پر جي ڪنهن گُڍرڪو کاڌو ۽ پوءِ ڪنهن مهل ظاهر ٿي پيئي ته اهڙي ماڻهو تي آئينده ڪو ويساهه ڪونه ڪندو ۽ ماڻهن ۾ ڪاڻيارو ٿي ڪنڌ کڻي ڪونه سگهندو.

ڪنهن جو مال وڃائجي ويو ته چوڌاري راڄ جي سکرن ۽ مالدارن کي پار پتا ٻڌائي وَڙول ڏيئي ڇڏيندو. اهڙي وڙول پاڻ تي لازم سمجهي جاچ ڪندا رهندا، ڪٿي ڪو ڏس پتو پيو ته ڄاڻ ڪندا. ڪوڙي ساک يا ڪوڙو قسم ڪونه کڻن، چوندا آهن ته ساک تي ٻيڙا ٿا هلن، اهو ماڻهو ئي ڪهڙو جنهن جي پَت نه هجي. هڪ دفعو ڪنهن جو ڪوڙ پڌرو ٿيو يا ڪنهن ڪوڙو ساک کنئي ته عمر ڪارپت ويس. مٿس ته ٺهيو پر پوين تي به ويساهه ڪونه ڪندا. تڪراري ڳالهين جو فيصلو ساک پت تي ڪن. جنهن ڏي پاءُ پاڻي هوندو. ان جي بدران سندس عزيز يا پاڙِ جي ڪنهن سکر جو ويساهه وٺن. اهو ويساهه ڏيئي ويو ته ڳالهه ڇُتي. انهيءَ ڪري ملڪ ۾ گناهه گهٽ ٿين، ۽ ماڻهو ڪورٽن جي رولڙي ۽ وڪيلن جي فين کان ڇٽا پيا آهن. هڪٻئي جي اعتبار تي پيا هلن. چوندا آهن ته اڃا ”ڪاري ڏُڌي اَڇو اچي ٿو.“ پڇا وقت جي گهر ۾ ويٺل هوندا ته چوندا، ”هتي اَڌئي ۾ ويٺا آهيون“، يا ”روزگار وارو هنڌ هوندو ته چوندا: ”هتي روزگار جي هنڌ ويٺا آهيون.“ ڪنهن چڱي مڙس جي ڪچهريءَ ۾ هوندا ته چوندا، ”هي پئنچن يا سکرن جي ڪچهري ۾ يوٺا اهيون. هتي جيڪو ڪوڙ ڪندو تنهن کي شل خدا روز ئي نه ڏئي“، ائين چئي سچي ڳالهه، اصل جهڙي هوندي اها ٻڌائيندا.

گهڻو ڪري راڄ جي پريي مڙس تائين به ڪونه وڃن، پاڻ ۾ فيصلو ڪري ڇڏين. پر جي لاچار اوستائين وڃن ته به نيٺ ڳالهه اَڇري پوءِ، ۽ چڱي مڙس جي پڇا بعد جيڪو فيصلو ٿئي تنهن کي سڀڪو سچو سمجهي ۽ مانُ ڏئي.

 

پٽيل ۽ رسائي

ٿر جي هر ڪنهن ڳوٺ ۾ پٽيل مقرر ٿيل آهن. انهن کي ڪو چونڊيو ڪونه ويندو آهي. پر اهو رواج پُشت به پُشت هليو اچي. پٽيل جو پٽ پٽيل اهڙيءَ طرح جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ٻه ٽي ذاتيون يا پاڙا هوندا ته هرهڪ ذات کي پنهنجو ۽ هرهڪ پاڙي لاءِ جدا جدا پٽيل هوندا آهن. انهيءَ سرشتي جو اصول بلڪل چڱو آهي، جنهن تي جيڪڏهن عمل ٿئي ته پبلڪ خواهه سرڪار کي ڪاروبار هلائڻ ۾ چڱي سهوليت ٿي پوي. ڪي پٽيل عوام جا همدرد، سچار، ايماندار ۽ نيڪ نيت هوندا آهن. انهن جي ڳوٺ ۾ چڱي عزت هوندي آهي. ڳوپٺ م ڪو جهيڙو جهٽو يا اَڀري سڀري ڳالهه ٿي ته پٽيل چئن چڱن سان گڏجي معاملو اُجهائي ڇڏيندو آهي. پٽِل جو فيصلو سڀڪو مڃيندو آهي، پر ڪي اهڙا به خَرَ مغز ٿيندا آهن، جي راڄوڻي فيصلن ڏي ڌيان نه ڏيندا آهن ته ان حالت ۾ پٽيل اهڙيون حقيقتون سرڪاري آفيسرن جي ڌيان تي آڻي انهن کي سبق سيکاريندا آهن. ڪي پٽيل اهڙا به هوندا آهن جي ڪامورن کي خوش ڪرڻ لاءِ انهن جا ڇاڙتا بنبا آهن. انهن اڳيان پاڻ کي سُرخرو ڪرڻ ۽ انهن سان گڏ پنهنجي خرچي ڪڍڻ لاءِ روينيو، پوليس، ٻيلي، ايڪسائيز ۽ ٻين کاتن جي رشوتي ڪامورن سان ملت ٿي غريب کي دٻائي ڦريندا آهن. ڪامورن کي رشوت وٺيو ڏين ۽ ڪجهه پاڻ به خرچي ڪن. انهيءَ ڪري اهڙن پٽيلن جي عوام ۾ عزت ڪانه رهي. باقي اهو ڊپ رهندو آهي ته ڪامورن مان ڪم اسان ٿا ڪڍائي ڏيون.

جڏهين ڪو ڪامورو ٻهراڙيءَ ۾ اچي لهندو آهي ته پٽيل يڪدم ڊوڙي ايندو ۽ پنهنجي اوتاري ۾ لاهيندو. جي اوتارو نه هوندو ته ڪنهن جي گهر جو چونرو خالي ڪرائي اتي لاهيندو، ۽ پوءِ پاڻ ڪٿان کٽ، ڪٿان هنڌ، ڪڪڙ ڇيلو، گاهه، داڻو، چارو، وغيره هٿ ڪري ماني تيار ڪرائي انهن کي کارائيندو ۽ پاڻ به لائيندو. اها رسائيءَ جي چٽي ڳوٺ مان ڦوڙي ڪري پوري ڪندو. ڪامورو ڪنهن ڪم سان آيل هوندو ته ان بابت گفتگو هلندي ۽ مڙيئي ان کي خوش ڪري روانو ڪندا.

 

غمي

گهر ۾ ڪو مرڻو ٿيندو ته مسلمان اڪثر ڪارا ڪپڙا ڪن. هندن مان برهمڻن، مهيشورين، لهاڻن ۽ سونارن مان ويجها عزيز ڏاڙهي مُڇون ڪوڙائين، جنهن کي ”سِرڀدار“ چون. باقي ٻيا هندو ڪونه وٺائين. سڀيئي ٻارهن ڏينهن مٿي تي پٽڪو ڪونه ٻڌن، پر ننڍڙو انگوڇو، چادر يا ڪپڙي جو ٽڪر ٻڌن. زالون ڳهه ڳٽا لاهي ڇڏين. سادا ڪپڙا ڍڪين ۽ وار ڇُڙيا رکن. گهر جون ۽ اوڙي پاڙي جون زالون گڏجي پِٽڪو ڪن، جنهن کي ”منهن تي پلو ڏيڻ، چئجي. خبر ڇوڻ سان ڳوٺ جا مرد ۽ زالون آهستي آهستي پيا ايندا. ڪوبه مرد يا زال آئي ته پِٽڪو شروع ٿيندو. اوطاق يا ڪنهن خلاصي جاءِ ۾ پٿر وچڇايل هوندا، جتي مرد پيا ايندا ۽ ويندا. رات جو به پاڙي جا ماڻهو اچي ڪچهري ڪندا. انهي طريقي کي هندو ”سٿراڙو“ چون، جو ٻارنهن ڏينهن هلي. مسلمان ختمي ۽ هندو بارهئي جو ڏينهن مقرر ڪندا جنهن تي ٻين ڳوٺن مان برادري وارا ايندا. ختمي تي پهرو پائي پلاهه رڌي کارائيندا آهن. ملڪ جي رواج ڪري ڪي سرنديءَ وارا وڏي پيماني تي اوسر ڪندا اهن. جنهن ۾ سيرو، لڏون ۽ مٺايون ڪندا اهن، جن تي ٻه چار هزار يا بعضي وڌيڪ خرچ اچي ويندو آهي. پر ائين ٿورا ڪندا آهن. هندو ۽ اڇوت اوسر يا مارڪو ڪندا آهن.

 

اوسر يا مارڪو

مرڻ کان پوءِ اوسر ڪرڻ جو رواج هندن ۽ اڇوتن ۾ عام آهي. جي ننڍو مرڻو (چاليهه سالن اندر) هوندو ته رواجي ڀت ڪندا، جنهن کي”ٻارس“ چون. پر جي وڏو مرڻو هوندو ته گهڻو ڪري ٻارهين ڏينهن (جنهن کي ٻارهيو چون)، نه ته ڪنهن به وقت اوسر ڪندا آهن. اڇوت ته بعضي مري وڃڻ بعد بروقت اوسر نه ٿيو ته 15 – 20  سالن بعد به ڪن. وقتي ٽي چار اوسر گڏي به ڪن. وڏو مرڻو ٿيندو ته اوڙي پاڙي جا هر وقت پيا کيس اوڀاريندا، ته ادا ڇو ڳڻتين ۾ پيو آهي؟ ”وڏو مرڻو ته وهاءَ جهڙو“. تو وٽ ته اُٺ، ڍڳيون، ٻڪريون، ڪمريون، کاهيون ۽ پروڪي ٻاجهري وغيره سڀ ڪجهه آهي. فلاڻي وٽ ڇا هو؟ تنهن به مائٽن کي سُرهو ڪري ڇڏيو. گهڙيو سو اوۡريو. واڻيو توکي انڪار ڪونه ڪندو. قرض مڙسن تي ٿيندا اهن، ڪي ڏيندي مئا، ڪي وٺندي مئا. فلاڻو ته ويچارو سڀ ڪجهه ڇڏي ويو آهي. هو ڪو ڍَڪڻ جهڙو هو ڇا؟ ”پئسو اهي هٿ جو مَرُ“. قرض لهي ويندو. ناڻو هٿ ايندو پر ٽاڻو هٿ ڪونه ايندو. سڀاڻي ڪو چئي ته ڪونه سگهندو. ائين ڏٽا ڏيئي اوسر ضرور ڪرائيندا، جنهن تي ڪيترو ئي خرچ اچيو وڃي. پوءِ لاچار چوپايو مال، گهرو ٽپڙ، ٻنيون ٻارا، زيور وغيره وڪڻي ۽ وڌيڪ قرض کڻي به پورائو ڪن. نه ته نيات ۾ مهڻا سَهڻا پون.

گهر ۾ وڏي جي موت جي ڪري جڏهين روڄٺ راڙو ۽ پٽڪو هوندو آهي، تڏهين کائُو پُٽ، فوتيءَ جي وارثن کي انيڪ ڏٽا ڏيئي، جائداد گروي رکائي، ٽپڙ ٽاڙي وڪڻائي، قرض کڻائي به اوسر ڪرائين. انهيءَ رواج ڪيترن جا جهڳا جهڻ ڪيا اهن. اوسر تي برهمڻ، مهيشوري، سونارا، لهاڻا، سِيرو، مَگت، لڏون پنجه پڪوان (پنجن قسمن جي مٺائي) چانور وغيره ڪن.

هن سجاڳيءَ جي سمي ۾ به ڪيترا پڙهيل، سمجهو ۽ سڌريل خيالن جا ماڻهو، جيتوڻيڪ سمجهن به ٿا ته اهو ڪُڌو رواج جيترو جلد بند ٿئي اوترو چڱو، پر مهل تي اهي پاڻ انهيءَ وهڪري ۾ گهلجيو وڃن. منجهن همت نه ٿئي جو ارادي تي مضبوط رهي سگهن! هاڻي البت سڌريل جاتين ۾ ڪن سمجهو ماڻهن جي اثر جي ڪري ڪجهه رواج گهٽ ٿيو آهي، پر صفا بند نه ٿيو آهي.

فوتيءَ جا وارث آرڪو ترڪو وڪڻي اوسر ڪري کارائين ته ڄڻ مئل مائٽ سوڳ ۾ ويو! اهو ته ڪو ڏسي ڪونه آيو آهي ته الاجي ڇا ٿو ٿئي، مگر جيترو اولاد قرض ۾ ٻڏي دربدر ٿئي ٿو، يعني نرڳ ڀوڳي ٿو، اهو ته اکين جي اڳيان آهي، جو سڀڪو ڏسي ٿو. اهو ڪٿي جو انصاف آهي؟ افسوس جو پرمن ۽ ڪوڙي لوڪ لڄا جي وس ٿي ماڻهو ڪيئن نه پنهنجو، اولاد جو ۽ قوم جو خانو خراب ڪري رهيا اهن. هن وقت ٻين قومن اوسر جو رواج گهٽ ڪيو آهي. پر اڇوتن، خاص ڪري مينگهواڙن ۾ اهو رواج زور آهي. اڇوتن ۾ اهڙا مثال ٿيا آهن جو اوسرن تي سَت اٺ هزار يا وڌيڪ خرچ به ٿيو آهي، جنهنڪري اها قوم سدائين قرض ۾ ٻڏل، پيٽ قوت لاءِ لاچار ۽ اجهي لاءِ حيران آهي. الاجي ڪڏهن سمت ايندي؟

 

خيرات، دان ۽ پُڃ

ڪو بيمار ٿيندو آهي ته ڪي مسلمان پَهرو پائي ان جو گوشت خيرات ڪندا آهن. صحتياب ٿيڻ تي سرنديءَ وارو هوندو ته ڀُت جي ديڳ رڌي غريبن کي، يا غريب هوندو ته ٿورو رڌي نياڻين ۽ معصومن کي کارائيندو. چنڊ ۽ ٻين خاص ڏينهن تي ڪنهن پير فقير يج نالي تي خيرات ڪندا آهن. ٻهراڙين ۾ ڪي ڇوڪرا مُلن وٽ پڙهندا اهن ته انهن جي کاڌي لاءِ ڳوٺ جو هر ڪو گهر روزانو ٻه ويلا يا هڪ ويلو ماني ڏيندو آهي، جنهن کي ”فَقر“ چوندا آهن.

هندو ۽ اڇوت چنڊ ۽ اُماس وغيره تي ڪڏهن ڪڏهن جاڳو ڪري، ڀڄن ڳارائي، لاپسي، تاهرِي يا ڀت رڌي انهن کي کارائيندا اهن. جنهن کي ”پيئالو“ يا ”ڪُني“ چون. گرڙن ۽ ٻانڀڻ کي کارائيندا آهن، هندو مندر ۾ روزانو پوڄاريءَ کي اتو گيهه ڏيندا آهن، جنهن کي ”رسوئي“ چون. گانين (ڍڳين) کي گاهه ۽ اٽي جا مُٺيا ڏين.

روزانو شام جو ماڪوڙين جي ٻِرن تي ڪي ڪي مرد يا عورتون، اَن جو ڏارو اُڇلي ايندا آهن، جنهن کي ”نَگرو پوڄڻ“ چئبو آهي. وڻن ۾ ڇِڪا ٽنگي اُنهن ۾ ٺِڪر جو ٿاءُ رکي پاڻي وجهندا آهن ته پکي پيئن. ڪي ماڻهو روزانو ماني کائڻ مهل گرهه کن اڳ ۾ ڪڍي جدا رکي ڇڏيند آهن، جو ماني کائڻ بعد ڪنهن ڪُتي يا پکيءَ کي ڏيندا آهن. ڪي ماني کائڻ بعد ڪُتي کي ٽڪر اُڇلائيندا آهن. ڪي ماڻهو روزانو مانين پچائڻ وقت اڳ ۾ هڪ لولو پچائي رکندا اهن جو ڪتي کي ڏيندا آهن.

ڪو فقير يا غريب ايندو آهي ته ان کي خيرات ڏيندا اهن. ڪڏهنڪڏهن ننڍين ڇوڪرين کي کارائيندا آهن، جنهن کي ”نياڻيون جِيمائِڻ چئبو آهي. سهرن ۾ ڌرم شالائون ٺهرائيندا اهن. پکين کي داڻا اُڇليندا آهن. ڪٿي ڪٿي شهرن ۾ خاص اهڙا ٿلها ٺهيل آهن، جتي روزانو پکين لاءِ داڻا اُلائيبا آهن. ڪيترن هندن ۽ مسلمانن خيراتي کوهه کڻايا آهن. برساتي موسم جي شروعات وقت تراين تي ديڳيون رڌي کارائيندا اهن. اُماس جي رات جو ٿلهي رَٻ (گِسَ) رڏي رکي ڇڏين. صبح جو ڪتن کي کارائين.

وڏن ڳوٺن ۾ ٻاوا ۽ وَرِتيا رهندا آهن، جو روزانو گهر گهر دان وٺڻ ويندا آهن، تن کي اتي جو ذرو ڏيندا آهن. ورتين کي ڪڙو تيل، خاص ڪري ڇنڇر جي ڏينهن ضرور ڏيندا آهن. گرڙا ڪڏهن ڪڏهن مينگهواڙن ۾ گهر گهر گهمندا آهن. جنهن به گهر ۾ ويندا آهن تڏهن چوندا: ”وَڌي ڌرم“، هرڪو لَپ داڻن جي ڏيندو آهي. انهيءَ کي ”ڪڻڪ ڪرڻ“ چوندا آهن.

مڱڻهار فقير به جتي هوندا آهن ته سڀني قومن جي گهر گهر ۾ ويندا آهن. وڃڻ وقت چوندا آهن ”شُڀ راج“، اڳيان جواب ڏيندا ”پڌارو“، ۽ پوءِ کيس هرڪو داڻن جي لپ ڏيندو آهي. انهيءَ کي ”ڏارو ڪرڻ“ چئبو آهي.

چنڊ يا سج گرهڻ ٿئي ته ڀنگي گهر گهر دَان وٺڻ ويندو آهي. کيس اَن، پئسا يا ڪپڙا سڀڪو پنهنجيءَ هوند سارو ڏيندو آهي.

اهو رواجي دان جو سرشتو آهي. باقي ڪو ڳچ رقم ڪڍي ڪنهن چڱي ڪم ۾ لڳائي، سو ڪونه آهي.

 

پردو

ٿر جي هندن ۽ اڇوتن ۾ پردي جو رواج ڪونهي. عورتون فقط ڌارئين ماڻهوءَ کان چُني يا اوڍڻ جي پلؤ سان منهن ڍڪينديون آهن، جنهن کي ”گهونگٽ“ چئبو آهي. عورتون پردي کان سواءِ گهر ۾ ڪم ڪار ۽ ٻاهر مال جي ڏُهائي، کوهن ۽ تراين تان پاڻي ڀرڻ، ٻنين تي وڃي ڪم ڪرڻ ۽ جهنگ مان ڏٿ چونڊڻ جو ڪم ڪنديون آهن.

ٺَڪُرن مان ڪي بيٺل گهر ۽ زميندار پردو ڪندا آهن. انهن جون عورتون گهر کان ٻاهر ڪونه نڪرن. سندن گهر ۾ توڙِ ٻاهر جو زنانو ڪم سندن بجيرياڻيون يا گوليون ڪن ۽ ٻيو ڪم انهن جا مڙس يا گولا ڪن، جي وڏن گهرن ۾ آهن. ڪيترن کي شآديءَ وقت گوليون ڏاج ۾ ملنديون آهن ۽ پاڻ به ڌيئن کي شاديءَ وقت گوليون ڏاج ۾ ڏيندا آهن. باقي غريب طبقو پنهنجو ڪم پاڻ ڪري.

مسلمانن ۾ به غريب طبقي ۾ پردو ڪونه آهي، پر زميندار، شاهوڪار، بيٺل گهر، سيد يا ٻيا هلنديءَ وارا ماڻهو پردو ڪن. انهن جون عورتون ٻاهر ڪونه نڪرن، ڪم سان لاچار ڪٿي ٻاهر وڃڻو پوي ته پردي ۾ وڃن.

ڏيپلي جي ميمڻن ۾ پردو آهي. اهي شاهوڪار، واپاري، پڙهيل ۽ گهڻي ڀاڱي وڏين نوڪرين ۾ آهن. هنن ۾ بُرقعي جو رواج آهي.

 

مسجدون

ٿر جي وڏن شهرن ڏيپلي، مٺي، ڇاڇري، اسلام ڪوٽ، چيلهار ۽ ننگرپارڪر ۾ پڪيون مسجدون آهن. ڳوٺن ۾ گهڻن هنڌن تي، جتي مسلمانن جا وڏا پاڙا ۽ گهڻائي آهن، اتي به پڪيون مسجدون آهن، ۽ ننڍن ڳوٺن يا جتي مسلم آبادي گهٽ آهي، اتي به ڪچيون مسجدون آهن، جتي ڪي پنج وقت ۽ ڪي وري ڪنهن ڪنهن وقت نماز پڙهندا آهن. نماز جي ٻانهن ٻڌي نمازي اچي حاضر ٿيندا آهن. پوءِ جماعت ٺاهي فرض ادا ڪندا آهن. هر ڪنهن جمعي تي نماز جماعت سان ادا ڪئي ويندي آهي. ان ڏينهن گهڻو ڪري ڳوٺ جا گهڻي ڀاڱي مسلمان اچي شامل ٿيندا آهن، جن کي خطبي ۽ مذهبي ڳالهين بابت وعظ رستي سمجهاڻيون ڏنيون وينديون آهن.

مسجدون ڳوٺ جا ماڻهو گڏجي تيار ڪندا آهن. ڪن حالتن ۾ چندو ڪري ٺهرائيندا آهن. ڪي ته الله جا نيڪ بندا اهڙا به آهن جي پنهنجي هڙان خرچ ڪري مسجد شريف ٺهرائيندا آهن.

 

مندر

مندر صرف ٿر جي وڏن ڳوٺن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇري، ننگرپارڪر، چيلهار ۽ ڪانٽئي ۾ آهن، جتي پوڄاري مقرر ٿيل آهن. هننکي روزانو ڪجهه سيڌو رسوئيءَ لاءِ ۽ ٻيو ڪجهه نقد ملندو آهي. انهن کي پوڄڪ يا شيوڪ چوندا آهن. مردن ۾ شرڌا گهٽ آهي. اُهي مندر ڏي ورلي وڃن. ڪي ڪي ته اهڙا به آهن جي 10 – 15 يا 20 سالن ۾ مندر ۾ نه ويا هوندا. ڪي پوڙها ڪڏهن ڪڏهن مٿو ٽيڪڻ ويندا آهن. عورتن ۾ البت ڪجهه شرڌا آهي. ڪي روزانو، ڪي ڪڏهن ڪڏهن مندر ۾ وينديون آهن، جتي پوڄاريءَ کي رسوئي لاءِ سيڌو ڏيئي، مٿو يڪي اينديون آهن. جوان عورتون گهٽ وينديون آهن. ڪڏهن ڪا پنڊٽ جي ڪٿا هوندي ته پوڙهيون عورتون ۽ مرد اها ٻُڌڻ ويندا آهن. مندر پئنچات جي پاران ٺهرائبا آهن.

 

ڇيڻا گڏ ڪري رکڻ

گانءِ جو ڇيڻو ٿر ۾ ڏاڍو ڪمائتو آهي. ماڻهو پنهنجين جاين جو اوٽو ڇيڻي جو وجهندا آهن. شهرن ۾ ڪاٺيون مهانگيون آهن، تنهن ڪري سُڪل ڇيڻُ سانجڻ (رڌ پڇاءُ) لاءِ ڪاٺين سان گڏ يا جدا ڪم آڻيندا اهن. زالون کير گرم ڪرڻ لاءِ خاص ڪري ڇيڻو ٻاريندا آهن، ڇو ته ڪاٺيون ذري ذري وجهڻيون ۽ اوتي ڪرڻيون پون ٿيون. ازانسواءِ انهن جي باهه ڀنڀٽ ڪيو ٻري، جنهن ڪري کير اُڀامي هارجيو وڃي، چُلهه ۾ ڇيڻا وجهي ڇڏبا ته آهستي اهستي پيا ٻرندا، جنهن ڪري جهيڻي باهه تي کير چڱو ڪَڙهجي، ۽ اُڀامڻ جو به ڊپ نه رهي.

زالون ۽ ننڍيون ڇوڪريون وٿاڻن ۽ ڳوٺ جي پسگردائيءَ مان روز سڪل ڇيڻا گڏ ڪري کارا ڀري کڻي اي گهر ڪٺا ڪنديون آهن، يا آلو ڇيڻو آڻي ٿڦي ڳوڙها ڪري سڪڻ لاءِ پاسيرو ڪري رکي ڇڏينديون، جن کي ”ٿيپڙيون“ چون. سُڪڻ بعد ٻارين. گهڻيون زالون ڇيڻا گڏ ڪري ڪجهه بارڻ لاءِ رکين ۽ ٻيا ڪنهن ڀِت جي ڀطر ۾ هڪٻئي مٿان رکي چڱو ڍڳ تيار ڪري چوڌاري آلي ڇيڻي سان لنبي ڇڏين، جنهن کي ”پِينڏارو“ چون. ڇيڻي ٻارڻ جو گهڻو رواج برهمڻ ۽ مهيشوري زالن ۾ آهي، جي پينب ڏارا ٺاهي رکن، جي ضرورت وقت ڪم آڻين.

ڳوٺ جي پسگردائيءَ مان غريب زالون سُڪل ڇيڻن جا کارا ڀري اچي وڪڻن. اونهاري جو ڍڳيون کوهن تان پاڻي پِي وڃي اوسي پاسي وارن وڻن هيٺ ويهن، جتان منجهند جو اٿي جهنگ ڏي چرڻ لاءِ وڃن. اتي ڇيڻا جام ٿيندا آهن. ڪيترا ماڻهو اُٺن تي وڏا ٻورا ڀري وڃي وڪڻن ۽ زالون کارا ڀري کنيو اچن. ٻهراڙيءَ جي ماڻهن، مسلمانن ۽ اڇوتن ۾ ڇيڻي ٻارڻ جو رواج گهٽ آهي.

 

گوئينتر

هندو ۽ هريجن ڪن ڌرمي ريتين ۾ گوئينتر يعني گئومُتر ڪم آڻيندا آهن، جو اصل ۾ سنسڪرت لفظ ”گوموتر“ يعني گانءِ جو مُٽ آهي! جنهن کي فارسيءَ ۾ چون گومز (Gomez) اهو رواج قديمي آهي، جو اڃا هليو اچي. هندو ماڻهو ماني پڇائڻ کان اڳ ڳئونءَ جي ڇيڻي جو ليپ ڏيئي، پوءِ انهيءَ هنڌ ماني پچائي کائيندا آهن. ان کي ”چؤنڪو“ چوندا آهن. ٻار ڄمڻ وقت ۽ ماڻهوءَ جي مرڻ وقت گهر جي جيستائين صفائي نه ٿئي، تيستائين اَپوتر آهن، ۽ چوندا اهن ته ”سُوتَڪَ“ آهي. جنهن ڪري برهمڻ کي گهرائي ان کان ڪِريا جو رسمون ادا ڪرائي گئومتر آڻي، ڊڀن جو مُچو ٺاهي گئوموتر ۾ ٻوڙي، ان سان هر ڪنهن ماڻهوءَ يج تري تي ٻه ٽِ ڦڙا لڳائيندا آهن. جو وري پنهنجن هٿن پيرن جي نَنهَن، مٿي جي چوٽي ۽ زبان تي لائي، پاڻيءَ سان ڌوئي صفا ڪري ڇڏيندو آهي. ائين ڪرڻ بعد چودنا ته هاڻي سُوتڪ لٿو.

 

ڳڻڻ جو نمونو

ٿر جا هاري ناري ۽ اڻ پرحيل اڪثر ويهه ويهه ڪري ڳڻيندا آهن. ويهن کي ڪوڙي به چون. اهي پنجاهه بدران چون اڍائي ويهون يا اڍائي ڪوڙيون. سٺ بدران چون ٽي ويهون يا ٽي ڪوڙيون. چوڻي آهي ته ”جهڙي سٺ، تهڙيون ٽي ويهون.“

اهو ڳڻڻ جو رواج هٿن ۽ پيرن جي آڱرين تان پيل ٿو سمجهجي، ڇو ته اهو رواج سولو ۽ سڀاويڪ آهي. جوڙ ڪٽ ڪرڻ مهل به هٿن جي آڱرين تي ڳڻڻ جو رواج آهي، جو سهنجو آهي، جتي ٻي ڪنهن شيءَ جي ضرورت به ڪانهي.

 

وٽ ۽ ماپا

شهرن ۾ دڪاندار ته سرڪاري ٺپي وارا وٽ آڻيندا آهن، مگر ٻهراڙِءَ ۾ هاري ۽ مزور پنهنجي گهرو ڪمن ڪارن لاءِ جيڪي ساهميون ڪم آڻيندا آهن، تن ۾ پٿرن ۽ پڪل سِرن جا ٽڪر وٽ طور ڪم آڻيندا آهن، جن کي گهڙي لسو ڪري، ٿوري، پاءُ، سير وغيره جا وٽ ٺاهي ڇڏيندا آهن، جن مان پوءِ ڪم وٺندا آهن.

ٿري ماڻهو ساهميءَ کي ”ٽَڪِڙِي“، پاسن مان هرهڪ کي ”چيرو“ ۽ ڏنڊي کي ”ڪانو“ چون. وڌيڪ ٿور لاءِ ڪاٺيءَ جو ڪانو، سِرون يا ڀتر ڏهه سير يا اڌ مڻ توري گڏ ڪري ڪنهن رسيءَ يا ڳوٺڻ ٽڪر ۾ قابو ٻڌي رکندا آهن، جنهن کي ”ڌڙي“ چون. پوءِ جي ڪا اهڙي وڏي تور ڪرڻي هوندي ته اُن سان ڪندا آهن.

ساهميون، ڪانا ڌڙيون ۽ وٽ وغيره سڀني گهرن ۾ ڪونه هوندا آهن. ڪي ماڻهو، جن کي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي، سي ٺاهي رکندا آهن. اوري پاڙي وارا ضرورت وقت اتان وٺي ڪم ٽپائيندا آهن.

اَنُ ڀرڻ لاءِ چوٿايون، پاٽيون ۽ ٽويا ڪم آڻين، چوٿايون ۽ پاٽيون ڪي ڪاٺيءَ مان ۽ ٿوريون لوههمان ٺهن، باقي ٽويا لوهه جا ٺهيل هوندا آهن. اڳتي اهو رواج عام هو، مگر هاڻي جتي ڪٿي تور جو رواج ٿي ويو آهي ته به گهرن ۾ زالون چوٿايون ۽ پاٽيون ان ماپڻ لاءِ ڪم آڻينديون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org