سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 19

صفحو ؛ 30

 

* مور ڪَٽورو: گهوٽ وهنجي، ڪپڙا پائي، موڙ ٻڌي تيار ٿي گهوڙي يا اٺ تي چڙهندو آهي، ان وقت زالون گيت ڳائينديون آهن.

مور ڪٽورو هٿ ۾ ڇاڳلا بَنلا،
جيئين نَنڍيا لاڏيلا، حِرصيو مٿو ڌوئي،
هو، هو، ري لاڏيلا، جيئين ننڍيا لاڏيلا.

1-  مٿو ڌوئي اُٺِيو چاڳلا بنلا، حرصيو باگو پهري چاولا بنلا،
    باگو پهـــري اُٺيـــو چاڳــــلا،  جيئين چاڳلا بنلا، جيئن ساجن بنلا.
2-  جيئيــن ننڍيا لاڏيـــلا،      جيئين چاڳلا بنلا، جيئين ساجن بنلا.
    لـونگي ٻـــڌي اُٺيــو چاڳلا،  جيئين چاڳلا بنلا، جيئين ساجن بنلا
3-  جيئين ڪيسريــــا لاڏيـــلا، حرصيو بَرهولو پهرين چاڳلا،
    برهلو پهري اُٺيــو چاڳـــلا،  جيئين چاڳلا بنلا، جيئن ساجن بنلا.
4-  جيئين ڪيسـريـــا لاڏيـــلا، حرصيو موڙ ٻڌين چاڳلا بنلا،
    مـــــوڙ ٻــڌي اُٺيــو چاڳـــلا،   جيئين چاڳلا بنلا، جيئن ساجن بنلا.
5-  جيئيـــن نــنـــڍيـــــلا لاڏيـــلا، حرصيو گهوڙي چڙهين چاڳلا،
    گوڙي چڙهي هلين چاڳلا،  جيئين چاڳلا بنلا، جيئن ساجن بنلا.
6-  جيئين ساجـــن لاڏيـــلا،    حرصيو ساهرين هلين چاڳلا،
    چونري ڦري هلين چاڳلا،   جيئين چاڳلا بنلا، جيئن ساجن بنلا.
7-  جيئين ننــــڍيلا لاڏيـــلا،    حرصيو چونري ڦرين بنلا،
    چونري ڦري هلين چاڳلا،   جيئين چاڳلا بنلا، جيئن ساجن بنلا.
8-  جيئين نــنـڍيــا لاڏيــــلا،    پرڻجي پاٽ ٻيسين چاڳلا،
    پاٽ ٻيسي اُٺيو چاڳلا،    جيئين چاڳلا بنلا، جيئن ساجن بنلا.

 

*نيٻوجهر: هيءُ مزاحيه نموني جو گيت آهي، جنهن ۾ نُنهن پنهنجي سَسُ تي ٽوڪ ٿي ڪري.

ساسُو واهيو اَڪَڙو، مين تو واهي آمڻ ٻور ري – نٻوجهر ليو.

(سَسُ اَڪُ پوکيو ۽ مون آمڻ ٻير جو وڻ پوکيو.)

ساسوُرو اَڪڙو ٻَري گِيو-

مانري تولاگا آمڻ ٻور ري – نيٻوجهر ليو.

(سَسُ جو اڪ سڙي ويو، منهنجي آمڻ ٻير ۾ پير لڳا آهن)

ساسوُ رڌي رَٻڙِي،

مين تو رڌي مٺڙي کير ري – ڻيٻوجهر ليو.

(سَسُ رٻ رڌي، ۽ مون مِٺي کيرڻي رڌي آهي).

ساسُورِي رٻڙي ڍُري گئي،

مانري تو جِيمين وڌيرا ببِير ري -* نيٻوجهرليو.

(سس پوڙهي ڍڳي ورتي، مون ڀُوري رنگ جي مينهن ورتي.)

ساسُورِي کوپي مري مري گئي،

مانري تو ڏوجهي ڀُورڪي مينس ري – نيٻوجهر ليو.

(سَسَ جي پوڙهي ڍڳي مري ويئي ۽ منهنجي گهر ڀُوري مينهن مِڙي ٿي.)

ساسُو اوڍي لوڙي،

مين تو اوڍيون سچو ساروُن ري – نيٻوجهر ليو.

(سَسَ اوني لوئي اوڍي، ۽ مون ريشمي چُني اوڍي مَٽِڪُو راند ڪئي.)

ساسوُ نان کاڌي ڪاري نانگ،

مِنانِ تو کاڌي ننڍيئي وڇون ري – نيٻوجهر ليو.

(سَسَ کي ڪاري نانگ ڏنگيو ۽ مون کي هڪ ننڍڙي وچون ڏنگ هنيو.)

ساسوُ ڪري دوڪ دَيان،

منان تو آيو هرڙي هاسو ري – نيٻوجهر ليو.

(سَسَ ناس ڏئي ۽ آءٌ سيل ٻيڙي (سگريٽ پيئان ٿي.)

 

* لاڏيلو: هن گيت ۾ گوٽ لاءِ ٺهرايل زيورن جو ذڪر آهي، جو گهوٽ جي تورڻ وٽ اچڻ وقت زالون ڳائينديون آهن.

وراڻي-  تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي – جهالر جَهڙَ جهليو،
لاڏيلي ري جان ۾ وَرِي – تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي،
                        تيل چڙهيو جواهر تورڻ اچي. 

        1-      ويندو تنهنجو هيرن سان سونهي،
                لکور لاڏيلا، وينڊو تنهنجو هيرن ساڻ سونهي،
                جواهر لاڏيلا، وينڊو تنهنجو هيرن ساڻ سونهي،
                   جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو...

        2-     دوهري تنهنجي مانگن ساڻ سونهي،
                الله بچائي لاڏيلا، دوهري تنهنجي مانگن ساڻ سونهي،
                جواهر لاڏيلا، دوهري تنهن مانگن سان سونهي،
                   جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو...

        3-     بُولو تنهنجو، رائي ساڻ سُونهي،
                نٽورو لاڏيلا، بُولو تنهنجو رائي ساڻ سونهي،
                جواهر لاڏيلا، بولو تنهنجو رائي ساڻ سونهي،
                   جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو...

        4-     پازيب تنهنجا، گُگهَرن ساڻ سُنهنَ،
                سورٺيا لاڏيلا، پازيب تنهنجا گهگهرن ساڻ سُونَهنَ،
                جواهر لاڏيلا، پازيب تنهنجا گهگهرن ساڻ سُونَهنَ،
                   جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو...

        5-      ڪُڙڪُون تنهنجون، لِکَنَ ساڻ سوُنَهنَ،
                ڪوُنڌر لاڏيلا، ڪُڙڪون تنهنجون لکن ساڻ سونَهنَ،
                جواهر لاڏيلا، ڪڙڪون تنهنجون لکن ساڻ سُونَهنَ،
                   جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو...

        6-     چندن هار تونهنجو، موتين ساڻ سونهي،
                جلڦل لاڏيلا، چند هار تنهنجو موتين ساڻ سونهي،
                جواهر لاڏيلا، چندن هار تنهنجو موتين ساڻ سونهي،
                   جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو...

        7-     ڪَڙيون تنهنجون چِٽَن ساڻ سوُنَهنَ،
                ڪَڙيلا لاڏيلا، ڪڙيون تنهنجون چٽن ساڻ سُونَهنَ،
                جواهر لاڏيلا، ڪڙيون تنهنجون چٽن ساڻ سُونَهنَ،
                   جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو...

        8-     چوُڙو تنهنجو چَندَنَ ساڻ سونهي،
                سوٺيا لاڏيلا، چُوڙو تنهنجو چندن ساڻ سُنهي،
                جواهر لاڏيلا، چوڙو تنهنجو چندن ساڻ سونهي،
                   جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو...

        9-     چوٽيون تنهنجون گُگهرن ساڻ سونهن،
                ڀُورل لاڏيلا، چوٽيون تنهنجون گهگهرن ساڻ سونهن،
                جواهر لاڏيلکا، چوٽيون تنهنجون گهگهرن ساڻ سونهن،
                   جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو...

        10-    چُني تنهنجي گُلن ساڻ سونهي،
                سهڻا لاڏيلا، چُني تنهنجي گُلن ساڻ سونهي،
                جواهر لاڏيلا، چُني تنهنجي گُلن ساڻ سونهي،
                   جهالر جهڙ جهڙ جهليو – تيل چڙهيو...

*ڦوٽاڻو: هن گيت ۾ سيڻن جي هڪ ڇوڪري تي ٽوڪ ڪيل آهي. اهڙي قسم جي گيت کي ڦاٽاڻو گيت چئبو آهي، جو مزاحيه نموني جو هوندو آهي.

1-      پاڏِي ڀَڳي جائي، پاڏِي ڀڳي جائي.           

     (پاٽي پيئي وڃي، پاڏي پيئي وڃي.)
        پورو جاڻي، مانهنجي ڏاڏي ڀڳي جائي.

                (ڇورو ڀانئي ٿو ته منهنجو ڏاڏي پيئي وڃي.)
        نا ڙي ڇورا، ڏاڏي ڪونهي، پاڏي ڀڳي جائي.

         (نه ڙي ڇورا، تنهنجي ڏاڏي ڪانهي پر پاڏي پئي وڃي.)
2-     پاڏو ڀڳو جائـي، پاڏو ڀڳــو جائي.

                (پاڏو پيو وڃي، پاڏو پيو وڃي.)
        ڇورو جاڻي، مانهنجي ڏاڏو ڀڳو جائي.

                (ڇورو ڀانئي ٿو ته منهنجو ڏاڏو پيو وڃي)
        ناڙي ڇورا، ڏاڏو ڪونهي، پاڏو ڀڳو جائي.

                (نه ري ڇورا، تنهنجو ڏاڏو ڪانهي پر پاڏو پيو وڃي)
3-     گــاءِ ڀڳي جائـــي، گــاءِ ڀڳــي جائـــي،

                (ڍڳي پيئي وڃي، ڀڳي پيئي وڃي.)
        ڇورو ڄاڻي، مانهنجو ماءُ ڀڳي جائي.

                (ڇورو ڀاننئي ٿو ته منهنجي ماءُ پيئي وڃي.)
        نا ڙي ڇورا، ماءُ ڪونهي، گاءِ ڀڳي جائي.

                (نه ڙي ڇورا، تنهنجي ماءُ ڪونهي، پر گانءِ پيئي وڃي.)
4-     ڍڳو ڀڳو جائـــي، ڍڳو ڀڳو جائـــي.

                (ڍڳو پيو وڃي، ڍڳو پيو وڃي.)
        ڇورو جاڻي، مانهنجي اَبو ڀڳو جائي.

                (نه ڙي ڇورا، تنهنجو اَبو ڪونهي پر ڍڳو پيو وڃي.)

 

لوڪ گيت

لوڪ گيت اسان جي ثقافتي قدرن جو قيمتي سرمايو آهن. اهي ڪڏهن ٺهيا يا ڪنهن ٺاهيا، انهيءَ بابت پڪ سان چئي نٿو سگهجي، پر ڪي گيت، جي ويجهڙائيءَ ۾ ٺهيا آهن، تن جي ابتدا بابت ڪي روايتون ملي سگهيون آهن.

لوڪ گيتن ۾ گهڻو ڪري پيار ۽ سڪ جو جذبو آهي ۽ انهن جي شروعات محبت ۽ وڇوڙي جي جذبي جي ڪري ٿي آهي. ڇوندا اهن ته وقت وقت جي ٻلهاري آهي. ڌار ڌار موسمن - موقعن ۽ وقتن جو اسان جي جذبات تي جدا جدا اثر ٿئي ٿو. برسات جي مند، واهوندن جو ورڻ، پڪا، پيرون ۽ سڱر ٿيڻ، سياري جون راتيون، بجلي ۽ کنوڻ جا تجلا، مال جي موٽڻ مهل چڙن جون چينگهارون، ناڪام محبت، دوست ۽ ڀتار جو پرديس وڃڻ، مائٽن کي وچڙڻ، وصل لاءِ سڪڻ ۽ گذريل صحبتن جي يادگيري وغيره جي اثرن ڪري دل مان ڪئين اڌما اُٿن ٿا، جي اڳتي هلي لوڪ گيتن جي صورت اختيار ڪن ٿا.

ڪيترن گيتن ۾ اصل مصراعون ٿوريون آهن، جن ۾ پوءِ وري ڌار ڌار وقتن تي ڳائيندڙ پنهنجن جذبن جي ڪري ماحول موجب وڌاءُ ڪندا ويا آهن ۽ ڪندا وڃن ٿا. انهن گيتن مان ڪي گيت مرد ڳائين، ڪي عورتون ڳائين، ڪي وري گڏجي ڳائين. ڪي گيت اڪيلي سر ڳائين ته ڪي لوڪ ناچ (مَٽِڪُو، جهمر، ڏانڊيو) ساڻ گڏ دُهلاري ۽ بعَضي نچندڙ ڳائين.

گهڻا لوڪ گيت عورتن جا چيل آهن، اهي ڌار ڌار موقعن تي ڳايا وڃن ٿا. ٿر جي هرهڪ ننڍي وڏي ڳوٺ، وسي، واهڻ، وٿاڻ، وغيره ۾ موقعي تي هر ڪنهن قوم ۾ لوڪ گيت ڳايا وڃن ٿا. جن ۾ لوڪ گيتن ۾ جذباتي محبت جو اظهار آهي، سي فقط مرد جهنگ ۾ ڳائيندا آهن.

ڪي گيت مال چاريندي يا موٽائي وٿاڻ تي آڻڻ مهل، ڪي مسافريءَ تي وڃڻ وقت پنڌ ۾، ڪي ٻني کيڙڻ، ليڏاڻ ڪڍڻ، لاباري ڪرڻ وقت، ڪي پڪا پيرون چونڊڻ ۽ سڱر لاهڻ وقت مرد ڳائيندا آهن، جهڙوڪ، ڀئيو، ڏهوڪو، وَلارو، هَمرچو، جوڌيو، ڪَجليو، ليالو، هاسل، مڱريو، پڻهاري، جوڌاڻو، ڪونجل ۽ هينڍامڻي وغيره.

ڪي گيت مڱڻهار فقير سارنگيءَ تي گهر گهر پنڻ وقت ڳائيندا آهن، جهڙوڪ هينڍامڻي، ڪونجل، پڻهاري وغيره ۽ دهل تي ڏانڊيا ناچ وقت، مڱڻهار ۽ بعضي ڪي نچندڙ مڻهار ۽ پڻهاري گيت ڳائيندا آهن.

زالون ۽ ڇوڪريون پڪا، پيرون، ٻير وغيره ڏٿ چونڊيندي يا ٻنيءَ جو ڪم ڪندي، ڪونجل، همرچو، پڻهاري وغيره ڳائينديون آهن.

ننڍيون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا آواز ڪندي نڙي ۽ وات تي هٿن جي چرپر ڪندي ڪيترن ئي نمونن جا مزيدار لرزش وارا آواز ڪندا آهن، جن کي ”ڏور ڪليُون“ يا ”کَڳيون“ چوندا اهن. هن هيٺ مردانن ۽ زنانن لوڪ گيتن جا ڪي نمونا مثال طور ڏجن ٿا.(1)

اهي لوڪ گيت، جن جي ابتدا محبت ۽ پير جي جذبي ماتحت ٿي، سي فقط مرد ڳائيندا آهن. جيئن ته:

*ڏهُوڪو: هن گيت ۾ عورت پنهنجي پرديس ويل مڙس کي ياد ڪري چوي ٿي ته مون لاءِ گَگر، گلاس، دُهري، ساٽيون، وغيره وٺي اچج. پوءِ وري چوي ٿي ته هاڻي ته واهوندا وريا آهن. سڱر، پڪا، پيرون جهنگلي ڏٿ ٿيو آهي. نيٺ برسات پيئي، پپون ۽ لُلر ٿيو آهي. پلر پاڻيءَ سان تلاءُ ڀريا پيا آهن، تون سگهو موٽي اچ.

هي گيت ڪنهن عورت جو چيل آهي، جو ٻنين ۾ ڪم ڪندي، اُٺن تي مسافري وقت، ۽ جهنگ ۾ مال چاريندي مرد جوان ڇوڪرا ڳائيندا آهن.

ڏهُوڪي ماري ڏو، جي ٿي ڀاجھان ڪُر ٿي لاجان،
                                        ڏهوڪي ماري ڏو.
ڏهُوڪي ماري ڏو، نگر جائي گگر لائي،
                                        ڏهوڪي ماري ڏو.
ڏهُوڪي ماري ڏو، ولايت جائي گلاس لائي،
                                        ڏهوڪي ماري ڏو.
ڏهُوڪي ماري ڏو، پِپان پَڪين، لُلَرَ پڪو،
                                        ڏهوڪي ماري ڏو.
ڏهُوڪي ماري ڏو، سڱر پڪا، پيلوُ پڪا،
                                        ڏهوڪي ماري ڏو.
ڏهُوڪي ماري ڏو، سکر جائي وکر لائي،
                                        ڏهوڪي ماري ڏو.
ڏهُوڪي ماري ڏو، روهڙي جائي دوهري لائي،
                                        ڏهوڪي ماري ڏو.
ڏهُوڪي ماري ڏو، ڪانٽئي جائي ساٽين لائي،
                                        ڏهوڪي ماري ڏو.
ڏهُوڪي ماري ڏو، واهوندو وائي جاني تو آئي،
                                        ڏهوڪي ماري ڏو.
ڏهُوڪي ماري ڏو، ڇورا تون آئي پلر پائي،
                                        ڏهوڪي ماري ڏو.
ڏهُوڪي ماري ڏو، اَمراڻي جائي، چُنڙي لائي،
                                        ڏهوڪي ماري ڏو.
ڏهُوڪي ماري ڏو، اُتِريو وائي اُرهيڪو آئي،
                                        ڏهوڪي ماري ڏو.

*ڪَجِلِيو: هن گيت بابت هيٺئين روايت ملي آهي: تعلقي ننگرپارڪر ۾ ڳوٺ وڪڙئي کان ڇهه ميل پنڌ تي تارياڻي جو ڳوٺ آهي، جتي سيد به رهن ٿا، تنهنڪري ان ڳوٺ کي ”تارياڻو سيدن وارو“ چوندا آهن. اتي ”ڪارو“ نالي ڪارينڌو پاڙي جو ڀيل رهندو هو، جنهن جي ”مَرُوئان“ نالي ڀيلڻ سان محبت هئي. مڪاني هلنديءَ وارن جي سمجهائڻ تي به ڪارو باز نه آيو، تڏهن انهن ڪنهن بهاني سان ڪاري ڀيل کي جيل پهچائي ڇڏيو. پٺيان مروئان پنهنجي محبوب جي جدائيءَ ۾ ”ڪَجليو“ گيت ڳايو، جو مرد ڳائيندا آهن.

ڀٽ جي اوٽ ۾ هنن جون ٻنيون لاڳيتيون هيون. هن گيت ۾ مروئان چوي ٿي ته: اڌ پاساڙي (ڀٽ جي لاهي) تي ٻنيءَ ۾ آءٌ تينڏسين (ميها) چونڊڻ، دڙي تي ڪونڍير، پپون ۽ گانگهيٽا چونڊڻ ۽ ڏهريءَ ۾ لُلر ۽ مريڙيو چونڊڻ جي بهاني تي دوست جي ديدار ۽ ملاقات لاءِ وڃان ٿي. بعضي جي وارث ايتري فرصت نٿا ڏين ته ڪنڊي جي وڻ تي چڙهي سڱريون لاهڻ ۽ کوکا کائڻ جي بهاني سان پري کان ديدار ڪريان ٿي، اونهاري جو پيرون چونڊڻ جي بهاني تي جهنگ ۾ ديدار ڪريان ٿي. ڪاري جو پارو هن جي پاڙي کان جدا هو. شادي وغيره ۾ دهل تي ناچ ڪرڻ جي بهاني تي وڃان ٿي. ڪجهه وقت بعد جڏهن اها ڳالهه ظاهر ٿي، تڏهين چڱن مڙسن ڪاري کي سمجهايو، پر هُو باز نه آيو، تڏهن هنن ڪُوڙو ڪيس ڪري کيس جيل ۾ وجهايو. مروئان چوي ٿي ته اها خبر مون کي يڪدم (تار وانگر) پهچي ويئي. ان وقت آءٌ قيدي محبوب کي ڇڏائڻ جي ڪوشش لاءِ وڃان ٿي. سندس پڦي هَستُو ماني پچائڻ لاءِ دانگي چاڙهي هئي، ان لاءِ به ڪانه ترسيس. مروئان جي ڇويان واهر ٿي هئي، جنهن ۾ ڀيلن جو پٽيل لاڌو ڀيل به هو. سو چوي ٿي ته انهيءَ ڪري مون پير هڻايو هو، يعني لڪي لڪي سخت زمين تان هلي هيس. اهڙيءَ طرح پنهنجي محبت ۾ سڪ جو اظهار ڪيو اٿس.

 

وراڻي– ڪارا! ڪَجليو ٿي گان ڙي ڪارا! ڪجليو ٿي گان،
         اي ڪارا ڀيل ڪارينڌا، هُون ڪجليو ٿي گان.

 

جاني تان مانهنجو جيل ۾، مِٺوُ نان تيڙڻ ٿي جان – ڪارا...
اڌ پاساڙي ۾ کيتر کيڙيو، تينڏسين چونڊڻ جان – ڪارا...
تارياڻي مان تار موڪلي، امرڪوٽ ٿي جان – ڪارا...
گانگهيٽي ۾ گانگهيٽا پڪا، منجر کائڻ ٿي جان – ڪارا...
دڙي مٿي ڪونڊير پَڪا، هُون پِپان چونڊڻ جان – ڪارا...
جاني تان مانهنجو جيل ۾، هُون ريل ڏي ٿي جان – ڪارا...
پرين تان مانهنجو پرديس ۾، هُون ڏيڍا ڏهُوڪا گان – ڪارا...
اونهاري را پيلوُ پڪا، هُون پڪا چونڊڻ جان – ڪارا...
هيڪلي ٿي رَمان، هُون ڏهُوڪا ڏيتي جان – ڪارا...
سُمِيلي پاڙي ڍول بجين، هُون مٽڪو رمڻ جان – ڪارا...
کيجڙ چڙهي سنگرين لاهُون، هُون کوکا چونڊي کان – ڪارا...
اونڏي وُهري لُلر پڪو، هُون مريڙو چونڊڻ جان – ڪارا...
کيتريئي ۾ ڪارينگ پڪا، هُون چڀڙ چونڊي کان – ڪارا...
ڀوُئا هَسِتوُ تَبو چاڙهيو، هُون لنگهڻ ٿي جان – ڪارا...
لاڏيو پٽيل وپاهر چڙهيو، هُون پگ هڻايو ٿي جان – ڪارا...
ڀيلڻ مانهنجي جات آهي، مَروُئان مانهنجو نان – ڪارا...

*جوڌيو: ٿري ٻوليءَ ۾ اهو لوڪ گيت ڪنهن ڀيل ذات جي ڇوڪري ”جوڌيو“ نالي عاشق جي فراق ۾ چيو آهي. سمجهجي ٿو ته اهي عمر ڪوٽ جي آسپاس جا رهاڪو هئا. هن ۾ ڇوڪري چوي ٿي ته اي جوڌيا! توسان مون کي ننڍي هوندي کان ئي محبڀت لڳي ويئي آهي ۽ پوءِ منهنجا مائٽ مون کي عمرڪوٽ طرف وٺي پيا وڃن. ڀٽن تي چڙهندي مون کي اباڻا ياد پيا پون. جتي تون آهين، انهيءَ رستي تي مون نازبوءِ پوکيو آهي، تنهنڪري تون انهيءَ ڏَس تي اچج. تنهنجو ڏنگو پٽڪو ۽ ڌونرو اُٺ مون کي ياد پوي ٿو. نيٺ دوست اوڏانهن وڃي ٿو تڏهن چوي ٿي ته انهيءَ رستي تي تنهنجي اُٺ جي اچڻ جي ڪري دز اڏامي ٿي ۽ تنهنجي اچڻ بعد انهي خوشي وچان مون عمرڪوٽ جي گهٽين ۾ گهمندي اکين ۾ ڪجل وڏو آهي ۽ واڙي ۾ وڃڻ سان مون کي ڏائو تتر ٻوليو آهي (ٿري ماڻهو جو عقيدو آهي ته ڪنهن به ڪم تي وڃڻ مهل جي ڏائي پاسي کان تتر ٻولي ته اهو سٺو سوڻ آهي ۽ ڪم ٿيندو.) سو هي به خوش ٿي آهي ته دوست سان ملاقات ٿيندي. آخر مراد پوري ٿيڻ تي چوي ٿي ته تنهنجو اُٺ جيتوڻيڪ منڊو آهي ته به آءٌ توسان هلان ٿي، جو تو سان مون کي ننڍي هوندي کان محبت آهي، جا مون کي ماري ٿي، ۽ هتي اسان جي پاڙي جون ڀيلڻيون مون کي طعنا ٿيون هڻن. اهو گيت مرد ڳائيندا آهن.

 

1-      جوڌيا مارُو ڙي، مين اَمراڻي ري مار گي جوڌيا، مَرؤئو روپيو ڙي.

(اي پيارا جوڌيا، مون عمرڪوٽ جي رستي تي نازبوءِ پوکي آهي.)

2-     جوڌيا مارُو ڙي، اَمراڻي ري سيريئي جوڌيا، مين ڪجليو روڙيو ڙي.

(اي جوڌيا، عمرڪوٽ جي گهٽين ۾ گهمندي مون اکين ۾ سرمو وڌو آهي.)

3-     جوڌيا مارُو ڙي، اَمراڻي ري واڙيان نان ڍَرتي جوڌيا منان ڏاوَيو ٻوليو ڙي.

(اي جوڌيا،  عمرڪوٽ جي واڙي ۾ ويندي مون کي ڏائي پاسي کان تتر ٻوليو آهي.)

4-     جوڌيان مارُو ڙي، ٻاراتڻ رِي پرِيتڙي جوڌيا، منان پياري لاگي ڙي.

(اي جوڌيا، ننڍپڻ جي محبت مون کي پياري لڳي ٿي.)

5-      جوڌيا مارُو ڙي، ڌورئي ڍَرتي جوڌيا، مِنان اباڻو ياد پڙي ڙي

(اي جوڌيا پٽ تان لهندي مون کي اباڻو وطن ياد پوي ٿو.)

جوڌيا مارُو ڙي، ڌوريو اُٺ، آنٽو پوتيو، جوڌيا، مِنان ياد پڙي ڙي.

(اي جوڌيا، تنهنجو ڌونرو (اچي رنگ جو اُٺ) ۽ ڏنگو پٽڪو مون کي ياد پوي ٿو.)

7-     جو ڌيا مارُو ڙي، اَمراڻي ري مارگي جو ڌيا، جهيڻي اُڏي کيهه ڙي.

(اي جوڌيا، عمرڪوٽ جي رستي تي سنهي دز اُڏامي ٿي.)

8-     جوڏا مارُو ڙي، تاهجو، اٺڙلو منڊو جوڌيا، هُون ڀيڙي هلان ڙي.

(اي جوڌيا، تنهنجو اُٺ منڊو آهي، آءٌ توسان گڏ هلان ٿي.)

9-     جوڌيا مارو ڙي، ڀيلواڙي رين ڀيلڻين جوڌيا، منان مهڻا مارين ڙي.

(اي جوڌيا، ڀيلن جي پاڙي جون پيلڻيون مون کي مهڻا ڏين ٿيون.)

10-    جوڌيا مارُو ڙي، نَنڍڪي هَتي رو جوڌيا، ڇورا پَلَئيو لڳو ڙي.

(اي جوڌيا، ننڍي هوندي کان توسان منهنجي محبت ٿي آهي.)

*هاسل: ڳوٺ ڀوريلي تعلقي ڇاڇري جي پرائمري اسڪول ۾ هڪ هيڊ ماستر هو، جو ڳوٺ چيلهار جو رهاڪو هو. اهو ڳوٺ ڀوريلي کان 10 ميل اولهه طرف آهي. ڀوريلي ڳوٺ ۾ هانسِي (هاسل) نالي هڪ مينگهواڙ ڇوڪري هئي، جنهن جي ماستر سان محبت ٿي ويئي. ماستر ڇنڇر جي ڏينهن پنهنجي ڳوٺ ويندو هو، جو وري سومر تي موٽي ايندو هو. هاسل کي اهي جدائيءَ جا ڏينهن گهارڻ ڏکيا لڳندا هئا ۽ پنهنجي دوست جي وڇوڙي ۽ انتظار ۾ ورلاپ ڪندي هئي، جي آخر گيت جي صورت ۾ مشهور ٿيا ۽ ٿري ڇوڪرا جهنگ ۾ مال چاريندي وڏي چاهه سان ڳائيندا آهن.

هاسل پنهنجي دوست لاءِ چوي ٿي ته تنهنجي ڪاري پٽڪي جي ڇڳي مون کي ماري ڇڏيو آهي، ۽ پوءِ وري ڏندن ۽ هلڻ جي لوڏ جي ساراهه ٿي ڪري. سندس گهر کان اسڪول ٿورو پرڀرو ٻئي پاڙي ۾ هو، سو چوي ٿي ته توکي اسڪول ۾ پري کان ويٺل ڏسي آءٌ گهر ۾ سڙان پيئي. ڪڏهن نٿي ڏسان ۽ ٻيو ڏينهن ٿيو وڇي ته مون لاءِ ڄڻ ته سال گذري ويو آهي ۽ هفتي ۾ ڇنڇر جو ڏينهن اچيئي نه ته چڱو، ڇو ته اهو ڏينهن وڇوڙي ٿو وجهي. اونهاري جي موسم ۾ ٿر ۾ ڇوڪريون پيرون چونڊڻ وينڊيون آهن. سو چوي ٿي ته ڪالهه آءٌ پيرون چونڊڻ ويهي هيس. ڳولي ڳولي تولاءِ سُٺا پيرون آندا اٿم.

وسڪاري جو ٿري ماڻهو لڏي وڃي ٻنيءَ تي ويهندا آهن، هاسل جا مائٽ ٻه ٻنيءَ تي ويٺا، جا ڳوٺ کان ڏيڍ ميل پري هئي. اتي هاسيڪر ماستر وڃي نٿي سگهيو. هاسل لاءِ اها جدائي ڏاڍي ڏکي هئي. ان سال (يعني 1944ع ۾) مڪڙن آنا لاٿا هئا ۽ ڪَهه (ڦڪا) ٿي هئي، جنهن جي مارائڻ جي ڊيوٽيءَ تي ماستر مقرر ٿيا هئا. هاسل چوي ٿي ته ڦڪا مارائڻ جي بهاني تون ٻنيءَ تي اچج. آخر ۾ چوي ٿي ته، ٻيون ته منهنجون سرتيون سڀ خوش باش آهن، پر فقط آءٌ تنهنجي جدائيءَ ۾ ويڳاڻي ۽ غمگين رهان ٿي.

 

منهنجا مٺا جاني اڃا ٿي جيئان ڙي،
وَرَڏي تون وراڻي ڪري ڙي،
منهنجا جُوان جاني، اڃا ٿي جيئان ڙي،

 

1-      ڪارو تان پٽڪو، ڇورا ڇوٽڪيو چڳو ڙي    
        ڇڳي ري ڇيڙئي، مِنان ڪو ماري ڙي – مٺا جاني...
2-     تاهجا اڇا تان ڏند جاني، مانهنجي هينئن را بند ڙي
        ائان بندان ري بڇوڙي منان ڪو ماري ڙي – مٺا جاني...
3-     تانهنجي لاکي تان لوڏ، آءٌ سَوَن ۾ سڃاڻان

        اِئي لوڏ ري ڪوڏ، مِنان ڪو ماري ڙي – مٺا جاني...
4-     مٺــي کـــي ڏٺي اڄ ٻيو ڏينهــن ٿيــو ڙي

        مون لئه ڄڻ ورهيه جو وڇوڙو پيو ڙي – مٺا جاني...
5-      پري کان ويٺل آءٌ پرين ٿي ڏسان ڙي،

        گهوڙا آءٌ گهر ۾ ٿي جلان ڙي – مٺا جاني...
6-     اهو ڏينهن نڀاڳو شل موٽي مَ اچي،

        ڇنڇر ٿو وڇوڙا وجهي ڙي – مٺا جاني...
7-     سارو ڙي ور ساڙو هُون سِڪتي رهي،

        ڦَڪا مارڻ کيتريئي تون آئي ڙي – مٺا جاني...
8-     ستين تان ڏينهن تون گامڙلي تو جائين،

        مانهنجي چولي ري چِينٽلِڙي لائي ڙي – مٺا جاني...
9-     ڦوگان ۾ ڦِرتي مين تنا پي ساريو ڙي،

        سڄو ڏينهن روئي روئي لڙڪ پئي هاريان ڙي – مٺا جاني...
10-    ڪالهه تان سڄو ڏينهن مين پيِلوُڙا چونڊيا ڙي،

        جوئي جوئي ٺاهوڪا مِٺي ري لائي ڙي – مٺا جاني...
11-    جانـي لاءِ چونــري ۾ کٽڙلي وڇائي،

        آڌي رو اُٿيو هُون ڀيڙي ٿي سُئان ڙي – مٺا جاني...
12-    ٻيون تان سرتيون اڄ سڀيئي سَرهيون ڙي،

        تانهنجي ”هاسل“ تان ويڳاڻي وتي ڙي – مٺا جاني...

 

زنانا لوڪ گيت

 

هي لوڪ گيت عورتون ۽ ڇوڪريون برساتي موسم، وِرِتَ ۽ ايڪاڻن رکڻ وقت يا خوشيءَ جي موقعن تي ڳائينديون آهن.

* وَرِسارو: هي مشهور گيت ٿري ٻوليءَ ۾ آهي. ورسارو يعني مينهن جو وسڪارو. هي گيت برساتي موسم يعني چوماسي ۾ زالون ڳائينديون آهن. وسڪاري جي موسم ۾ ترايون پاڻيءَ سان ڀريون آهن، گاه جام ٿيندو آهي، مال کائي کير ڏيندو آهي، ماڻهو ٻنيون پوکيندا آهن ۽ فصل جام ٿيندو آهي. ان وقت هڪ ڀيڻ جنهن جو ڀاءُ مال جي سودي لاءِ ٻاهر ويل هو، ان جي يادگيريءَ ۾ سندس ساراهه ڪندي انتظار ۾ کيس چوي ٿي ته وسڪارو ٿيو آهي، تون جلدي گهر اچ.

 

ٿل – اُتر ڏکڻ ۾ کوڻان کنوڻ کِوين گاج ڪري گوڙ،

(اتر ڏکڻ ۾ کنوڻ ٿي ۽ گوڙ ٿئي ٿو.)

مال سوداگر ويِرئيا! ورسارو ٿيو وري آءٌ.

(سوداگر ڀاءُ وسڪارو ٿيو آهي تون گهر موٽي اچ.)

ڀريو ڀريو رِڻ پٽ رو رائلو، ڀريو موڀي ويري ور کيتر،

(ميدانَ ۽ وڏي ڀاءُ جي ٻني پاڻي سان ڀرجي ويا.)

مال سوداگري ويرئيا! ورسارو ٿيو وري آءُ.

ٻيجان وائين ٻاجهرين، ويرئيي پوکي جوار،

(ٻين ٻاجهريون پوکيون آهن ۽ ادي جوار پوکي آهي.)

مال سوداگر ويرئيا...

ٻيجان ليڏئين ٻاجهرين، ويرئيي لکيڏڻي جوار،

(ٻيا ٻاجهرين مان ۽ منهنجو ڀاءُ جُوار مان گُڏ پيو ڪڍي.)

مال سوداگر ويرئيا...

ٻيجان لُڻين ٻاجهرين ويرئيي لُڻي جوار،

(ٻيا ٻاجهريون ۽ منهنجو ڀاءُ جوار لڻندو.)

مال سوداگر ويرئيا...

ٻيجان رين سانڍين چرين ڪونڀيٽا، ويري رين چرين ناگرويل،

(ٻين جون ٻڪريون ٻوهه چرن، ادي جون ٻڪريون سايون ٻيرڙيون چرن ٿيون.)

مال سوداگر ويرئيا ...

ٻيجان رين مينسين چرين سائو ڊامڻ، ويري رين چرين سائو گَنٺيو،

(ٻين جون مينهون ڊامڻ چرن ٿيون، ادي جون سائو ڳنڍير چرن ٿيون.)

مال سوداگر ويرئيا...

*چوماسو: ٿر جو هيءُ گيت ساوڻ جي مند ۾ هڪ جيڏيون سرتيون گڏجي ڳائينديون آهن. هن گيت ۾ هڪ پري پرڻايل ڇوڪريءَ جا وسڪاري جي موسم ۾ پنهنجي وطن جي يادگيري، اباڻن ۽ جيڏين جي اُڪير، ڳوٺ اچڻ ۽ مائٽن سان ملڻ بابت جذبات ڏيکاريل آهن. برساتي موسم ۾ پري پرڻايل ڇوڪري، ڪڪرن، کنوڻ ۽ گوڙن کي ڏسي مائٽن ۽ جيڏين کي ياد ڪري ٿي. سندس ڀاءُ ڪوٺڻ لاءِ اچي ٿو، جنهن سان گڏجي پنهنجي اباڻي ڳوٺ اچي ٿي. واٽ تي برسات پوي ٿي، جنهنڪري سندن ڪپڙا پُسن ٿا. ڳوٺ کي ويجهي اچڻ سان پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻوئي کي ڏسي ٿي، جي ٻنيءَ ۾ هر پيا ڏين ۽ ٻج پيا ڇٽين. ڳوٺ ۾ اچي پنهنجن مائٽن ۽ سهيلين سان ملي وسڪاري جي خوشي ملهائي ٿي.

وراڻي:  اُونڏو گجي گاج، گهوري جائون، وسرسارو آيو ڏيس،

(پري کان گوڙ پيئي ٿئي، آءٌ گهوري وڃان جو ملڪ ۾ وسڪارو آيو آهي.)

گهورِي جان، چوماسو آيو ڏيس.

1-  ورسي ڀريا ٽوڀا ٽوڀڙين، ڀريوڙو ڏاڏاڻي رو ڏيس،

    (وسي ٽوڀا ۽ تريون ڀريون آهن ۽ منهنجو ڏاڏاڻو وطن ڀريو آهي.)

گهورِي جان، چوماسو آيو ڏيس.

2-  اوڏو مَنڏي ويرا گاسيڙو، ڏيئا ٻائي نان تيڙو جا،

         (ادا وڏو گاشيو تيار ڪري ڀيڻ کي ڪوٺڻ وڃ.)

گهورِي جان، چوماسو آيو ڏيس.

3-  اونڏو منڏي ويرا گاسيڙو، ڍيلي ڇڏ مهار،

        (اُٺ تي وڏو سٺو گاشيو وجهي مهار کي ڍلي ڇڏ.)

گهورِي جان، چوماسو آيو ڏيس.

4-  اونڏو کوين کڻوڻين ري گهوري، جهرمر برسين ميهه،

    (پري کان کنوڻيون پيون تجلا ڪن ۽ مينهن به پيو وسي.)

گهورِي جان، چوماسو آيو ڏيس.

5-  ڀِيجي ڪِرِ هِلِئي ري مُهار، ڀينو مانهنجي ويري رو مورهيڙو.

(برسات کان اُٺ جي مهار ۽ منهنجي ڀاءُ جو ڳاڙهو پٽڪو پُسي پيو آهي.)

گهورِي جان، چوماسو آيو ڏيس.

6-  ڀِيجي هَرَ کيڙتي رو ٻاجهرو، ڀيجي ڏيئا ٻائي رو هار.

        (هر ڏيندڙ جي ٻاجهري ۽ منهنجي ڀيڻ جو هار به پُسي پيو آهي.)

گهورِي جان، چوماسو آيو ڏيس.

* هِچڪي: هي گيت تازو پرڻيل ڪنوارون ساوڻ ٽيج تي ڳائينديون آهن. هي مزاحيه گيت آهي، جنهن ۾ هڪ ڪنوار پنهنجيءَ سس کي ڇوي ٿي ته تنهنجو پٽ مون کان پري پيو رهي، کيس روبرو ٿيندي ڊپ کان دل پيئي ڌڙڪي، آءٌ ڪپڙا پائي هار سينگار ڪري مٿو گونٿائڻ وڃان ۽ جي اڳيان سامهون اچي ته ڊڄيو وڃان. سندس سهيليون رند ڪرڻ لاءِ سڏ ڪن ٿيون ته مڙس کان موڪل گهري ٿي. ماءُ ڏي نياپو موڪلي ٿي ته منهنجي ڀاءُ کي موڪل ته مون کي ڪوٺي وڃي. ڪجهه وقت مائٽن ۾ رهڻ بعد چوي ٿي ته هاڻي مون کي خوشيءَ سان موڪل ڏيو ته ساهرين وڃان، تڏهين اُهي سوکڙيءَ طور لَڏون ٺاهي کيس ڏيئي، موڪل ڏين ٿا.

وراڻي- اوٽي مٿي اِنکڻِي ني گريو گريو جائي.

        (اڱڻ تي اينگڻي جو ٻوٽو پوکيل آهي جو ڪريو پوي ٿو.)

        ساسُو ٿانرو ڏيڪرو ني ٽَريو ٽَريو جائي،

                (اي سس تنهنجو پٽ پاسو ڏيو پيو وڃي.)

        ري ويرڻ هچڪي هيروُ نڙو هچڪي،

        (مون کي ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي جنهنڪري دل ڌڙڪيو وڃي.)

        سامِريو چتاري هچڪي مورِيڙو چتاري.

1-      اَسِي ڪَري رو گهاگهرو ني ڦيرا ڏيتي جائي،

                (اَسِي ڪرين جو پڙو آهي ۽ ڦيرا ڏيندي وڃي.)

        اڳيان صاحبو سامهون آيو، مانِري ڇاتي ڌڙڪا کائي ري،

        (اڳيان مڙس سامهون آيو، منهنجي ڇاتي ڊپ کان ڌڙڪي ٿي.)

                ويرڻ هچڪي، هيروُنڙو هچڪي...

2-     ڏورو ڦڻي هاٿ ۾، سيس گونٿاوڻ جائي،

                (ڌاڳو ۽ ڦڻي هٿ ۾ کڻي مٿو گُونٿائڻ وڃي ٿي.)

        اڳيان صاحبو سامهون آيو، مانرِي ڇاتي ڌڙڪا کائي ري،

            ويرڻ هچڪي، هيروُنڙو هچڪي....

3-     اَلي ٻورلي هاٿ ۾ ٽيلڙي چڇهپاوڻ جائي،

             (اَلي ٻورلو هٿ ۾ کڻي ٽيلڙي چنبڙائڻ وڃي ٿي.)

        اڳيان صاحبو سامهون آيو، مانري ڇاتي ڌڙڪا کائي ري.

            ويرڻ هچڪي، هيروُنڙو هچڪي....

4-     روُپي ڪيرِي چَڙوسلي، سوني ڪيري ڏور.

              (روپي جي چڙهي ۽ سون جي رسي ٺهيل آهي.)

        صاحبا گاگر موريو ڏيئي ڙي،

                (اي ڀتار پاڻي ڀرڻ لاءِ گگر ۽ موريو ڏج.)

        ويرڻ هچڪي، هيرونُڙي هچڪي....

5-      سهيلين آوين سڏ ڪرين هُون رَمَتَ رَمَڻَ جائون.

            (منهنجون سرتيون پيئون سڏ ڪن، اءٌ راند ڪرڻ وڃان.)

        بالم مانرا راجي موڪل ڏيئي ري.

                (اي ڀتار! تون خوشيءَ سان موڪل ڏي.)

        ويرڻ هچڪي، هيرونُڙو هچڪي....

6-     نَنڍِيو ويرو، موٽو ويرو مِنان تيڙو ميلهي،

              (ننڍو ڀاءُ يا وڏو ڀاءُ مون کي ڪوٺڻ لاءِ موڪلج.)

        ٻاوا ٿانري ڌِيوِرڙي پرديسڻ هوئي ري،

                (اي بابا، تنهنجي ڌيءَ پرديسڻ آهي.)

        ويرڻ هچڪي، هيروُنڙو هچڪي....

7-     ماتا ماِنري، باڀل مانِري پانڃ پانچ پائلين لَڏوُ واٽيا،

           (اي امڙ! منهنجي ڀاڀيءَ پنجن پاٽين جا لَڏُون ٺاهيا آهن.)

           مانري باڀل راجي موڪل ڏيئي ري،

                        (اي ڀاڀي خوشي، سان موڪل ڏج.)

ويرڻ هچڪي، هيروُنڙو هچڪي...

* سُونٺ جِيرو: هي لوڪ گيت زال ۽ مڙس جي محبت سان لاڳاپو رکي ٿو. پرڻيل توڙي ڪنواريون ڇوڪريون وندر خاطر گڏجي ڳائينديون آهن. هن ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪنهن عورت جو مڙس سُنڍ ۽ جيري جي خريداريءَ لاءِ پرديس ويل آهي. زال کي مڙس جي سڪ ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجي نڻان سان سوال جواب ڪري دل وندرائي ٿي. نڻان کان پڇي ٿي ته سُنڍ ۽ جيرو ڪٿي ٿين ٿا، مٿان اهي ڪنهن پراهين ملڪ ۾ هجن، جنهن جي ڪري منهنجي مڙس ايتري دير ڪئي آهي. سُنڍ ۽ جيرو ڇا ٿي کڄي ايندو ۽ ڪٿي رکنداسين. نڻان جواب ٿي ڏئي ته هٽ ۾ رکنداسين ۽ وڌيڪ هوندو ته رستي تي لهرائينداسين، ته ڀلي سڀڪو ڏسي.

1-      ڪٿڪي اُپجي سُنٺڙي، ني، ڪِٿڪي اُپجي جيرو،

(سُنڍ ڪٿي پيدا ٿئي ٿي ۽ جيرو ڪٿي پيدا ٿئي ٿو.)

ڪٿڪي وسي صاحٻو، ني، نِڻندل ٿانرو ويرو،

        (۽ ڪٿي منهنجو گهوٽ، اي نڻان! تنهنجو ڀاءُ آهي.)

2-     اَمراڻي اُپجي سُونٺڙي ني، مارواڙ ۾ جيرو،

        (عمرڪوٽ ۾ سُنڍ ۽ ماروپاڙ ۾ جيرو پيدا ٿئي ٿو.)

        پارڪر وسي صاحٻو ني، نڻندل ٿانرو ويرو.

        (ٻارڪر ۾ گهوٽ رهي ٿو جو اي نڻان! تنهنجو ڀاءُ آهي.)

3-     گاڏيئي آوي سوُنٺڙي ني، موٽري آوي جيرو،

        (گاڏين ۾ سنڍ ۽ موٽرن ۾ جيرو کڄي ايندو آهي.)

        گهوڙلي آيو صاحٻو ني، نڻندل ٿانرو ويرو.

        (گهوڙي تي گهوٽ ايندو، جو اي نڻان! تنهنجو ڀاءُ آهي.)

4-     ڍُر گَئِي تانري سونٺڙي، ني وِکري گَيو جيرو،

        (تنهنجي سُنڍ هارجي ويئي ۽ جيرو به پکڙجي ويو آهي.)

        رُسجي گيو صاحٻو ني، نڻندل ٿانرو ويرو.

        (منهنجو گهوٽ رُسي ويو جو اي نڻان تنهنجو ڀاءُ آهي.)

5-      هاٽي نانکان سُنٺڙي ني، واٽي نانکاڙان جيرو،

        (هٽن تي سُنڍ ۽ واٽن تي جيرو ورکايان.)

        محلي پڌرايو صحٻو ٿي، نڻندل ٿانرو ويرو،

        (محلات ۾ گهوٽ آيو، جو اي نڻان! تنهنجو ڀاءُ آهي.)

 

لوڪ ادب

ٿر جو ڀاڱو سنڌ جي ڏکڻ اڀرندي ڪنڊ تي هڪ گمنام خطي جي صورت ۾ اهي، جتي گهڻو ئي لوڪ ادب لڪو پيو آهي جنهن لاءِ ڪنهن تڪليف وٺي ڳولا نه ڪئي اهي. شڪر آهي جو هاڻي ڪن سڄڻن انهيءَ طرف ڌيان ڏنو آهي ۽ ڪجهه ڪڻا گڏ ڪري ڇاپي هيٺ آندا آهن، پر اهو به بلڪل گهٽ. اڃا به بلڪل گهڻو ذخيرو سگهڙن ۽ سالڪن جي سينن ۾ سمايل آهي، جنهن جو انت ئي ڪونهي، ويٺو لک، کٽڻ جو ئي نه آهي. جيڪڏهن ڪوشش ڪري انهيءَ ثقافتي ميراث کي گڏ ڪجي ته گهڻو ئي ڪجهه ٿي سگهي ٿو. ٿر جي ٻهراڙيءَ ۾ اڻ پڙهيل سگهڙن، سالڪن، ڀٽن، مـڱڻهارن، ڇارڻن ۽ گرڙن وغيره وٽ ڪَئين ڏند ڪٿائون، آکاڻيون، سگهڙن جا سخن، نصيحت اميز نڪتا، ڳاهون، ڳجهارتون پروليون، پهاڪا، چوڻيون ۽ ڳُوڙها وغيره موجود آهن. انهن مان گهڻا پڙهيل ڪونه آهن، انڪري جيڪي پرائين ٿا، سو سڀ هُو ڪچهرين، رهاڻين، ٻني ٻاري جي ڪم ڪندي، مال چاريندي، گڏ اُٿندي ويهندي سِکي ياد ڪندا آهن، جي سينن ۾ ساريندا اچن.

اسان جي ادبي ذخيري ۾ جيڪي قابل فخر شيون موجود آهن، تن مان سگهڙن جا سُخن معياري شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا. اهو اسان جي ”لوڪ ادب“ جو عظيم ورثو آهي، جنهن کي اڳيان سگهڙ سينن ۾ سانڍيندا آيا آهن. لفظ ڏسو ته بلڪل معمولي ۽ سادا، پر انهن ۾ ڪيڏي ۽ ڪهڙي نه اثرائتي ۽ جاذب معنيٰ آهي، جنهن کي پڙهي هينئين سان هنڊائڻ ڪري، لطف اچيو وڃي.

قومن جو بقاءُ ان جي ڪارنامن تي آهي. ڪارناما ماضيءَ جي اڏاوت تي مدار رکن ٿا. ماضيءَ ۾ جي اڏاوت هوندي ئي ڪانه ته مستقبل ڪيئن اُسري سگهندو. اسان جي سگهڙن جا سخن ماضي جي عمارت جا بي بها بنيادي پَهلُو آهن، جن کي دُهرائي هينئين سان هنڊائڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ سان حل ۽ مستقبل جي نظرين کي اوساري اوچو ڪري سگهجي ٿو. ادب جي شعبن مان اهي سالڪن جا سخن معاشري جي تهذيب، تمدن، اخلاق ۽ انسانيت جي وهڪري کي تيز ڪن ٿا. سگهڙن جو شعر، گفتا چوڻيون ۽ تڪ بنديون زنده جاويد ۽ سدا حيات شهپارا آهن، جي هر انسان کي هر سمي ۾ اعليٰ زندگي بسر ڪرڻ لاءِ شمع جو ڪم ڏين ٿا.

انسان جي زندگي اهڙي آهي، جنهن کي نه رڳو رهڻ لاءِ اجهو، کاڌي پيتي جو سامان، ڪپڙو لٽو ۽ ضروريات زندگيءَ لاءِ سنهي ٿلهي شيءِ کپي، پر ان کان سواءِ روح جي تسڪين لاءِ وندر به کپي. اٺ ئي پهر موڳو انسان جيئري جنازي مثل آهي. شهرن جي ماڻهن کي روح جي راحت لاءِ وندر جا ڪئين وسيلا آهن، جنهنڪري هو تفريح طبع لاءِ انهن مان رس وٺندا آهن، پر ٻهراڙيءَ جي غريبن کي اُهي وسيلا ڪونه آهن. اهي وري پنهنجي تفريح طبع لاءِ واندڪائيءَ ۾ ڪي نه ڪي وسيلا پيدا ڪندا اهن، ڇو ته انهن کان سواءِ زندگي بيڪار ۽ الوڻي آهي.

هاري ڏسو ته ٻنيءَ جي ڪم ڪندي، ڌنار مال چاريندي، ڪولي مزدوري ڪندي، ڪجهه نه ڪجهه پيو جهونگاريندو اهي. لوڪ گيتن مان جو انهن کي مزو ايندو اهي، سو سئنيمائن جي راڳن مان به نه ايندو آهي. ازن سواءِ جهنگلن ۾ بنسرين، نڙن، پاون ۽ چنگن جو آواز پيو ايندو آهي. چوندا اهن ته ”ڪي حال مست، ڪي مال مست“، اهي ويچارا پنهنجي ئي حال ۾ مست آهن.

ويچارا پورهيت، مصيبت جا ماريل، سورن جا ستايل ۽ ڏکن جا ڏهڪايل اَئين نه ڪن ته جيڪر ڪيئن وقت ڪاٽين. رات جو وري ڪچهرين ۾ ڳجهارتون، شعر، بيت، پروليون، پهاڪا، چوڻيون، ڪهاڻيون ۽ گُوڙها وغيره ڏيئي پاڻ وندرائين. سڄي ڏينهن جو ٿڪ کن ۾ لهيو وڃي. صبح جو وري ”اهائي ڪُهاڙي، اُهو ئي ڳن“. ڪيترائي علم ادب جا ڪتاب پڙهجن ٿا ته اهو رس ۽ اهو ميٺاج نٿو اچي، جيڪو سفيدريش ۽ ڪُهني عمر وارن جي رهاڻ ۽ ڪچهريءَ مان اچي ٿو.

اڳي اسان وٽ رات جو ڪچهريون ٿينديون هيون، جتي سالڪ ۽ سگهڙ پنهنجي ڪمال فن ۾ گُن سان حاضرين کي وندرائيندا هئا. سياري جو وچ ۾ مچ ٻاريندا هئا، پوءِ ان جي چوڌاري مڙي ويهندا هئا. پوڙها ڦانگون هڻي ويهدنا هئا ته سج اُڀاري اُٿندا هئا. ڪچهري اسان جي ملڪ جو مَرَڪ هئي. وقتي ڪنهن وٽ ڪو مزمان ايندو هو ته پاڙي وارا ان وٽ وڃي خبرون چارون پُڇڻ ۽ رهاڻ ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندا هئا. بعضي ته وندر لاءِ به دل گُهريا اوري پري جا اچي گڏبا هئا. سياري جو باهه جي مچ جي چوڌاري، وسڪاري جو وڻن جي ٿڌڏي ڇانو هيٺ، ۽ اونهاري جو ڪنهن اوطاق جي اڱڻ يا واريءَ جي ٿڌي ريٽ تي ويهي وندر ورونهن ڪندا هئا. جتي هڪ ٻئي کي حال احوال ڏيڻ، ڏک سُور ونڊڻ، اوڀاريون لهواريون هڻڻ، کل ڀوڳ ڪرڻ، ڪافين، ڪلاڪن، ڏوهيڙن، بيتن، ڳجهارتن ۽ لوڙائوُ بيتن سان هڪ ٻئي کي وندرائيندا هئا. وقت بچائي به اهو شڪل جو سواد وٺندا هئا. اهرين مجلسن ۾ مذاق ۽ خوش طبعيءَ لاءِ به مواد هوندو هو، ڇو ته مجلس ۾ گهڻن ئي نمونن جا ماڻهو ايندا آهن، جن مان ڪن کي ڪهڙي ۽ ڪن کي ڪهڙِ وندر مان مزو اچي، تنهنڪري ڪچهريءَ ۾ به نوان نوان نمونا ۽ جدا جدا موضوعن تي ورونهن ٿيندي هئي، جيئن سڀني کي سواد اچي ۽ ڪوبه ڪڪ نه ٿئي.

پوءِ وري جيئن نئين هوا لڳي، تيئن شهرن مان اهي ڪچهريون گم ٿي ويون. ڇو ته ڪتاب، ناچ، گانا، ڪلب، سوسائٽيون، ناٽڪ، ريديا، سئنيمائون، وندر جو وسيلو ٿي پيا، پر ٻهراڙين ۾ اڃا رواج آهي پر بلڪل گهٽ. اُهيئي سگهڙ اسان جي ادب، زبان ۽ ثقافت جا محافظ آهن. انهن جا سينا داستانن سان ڀريا پيا آهن. جيڪڏهن اهي سهيڙي سموهي، لٽ لاهي، گڏ ڪجن ته ادب جا انبار ٿي پون. انهيءَ ڪم ۾ ڪا خاص تڪليف به ڪانهي. ”تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي“. هن هيٺ ڳوٺاڻي ادب جا ڪي مثال پيش ڪجن ٿا، جن سان ٿري پنهنجي دل وندرائين ٿا.

*1- ٿر ۽ مارواڙ ۾ شاهوڪار زالون سون جا ۽ غريب زالون چانديءَ جا زيور پنهنجي حيثيت سارو پائينديون آهن. ”نيٻوري“ هڪ زناني زيور جو نالو آهي، جو ڳچيءَ ۾ پائبو آهي. وچ ۾ سون جو يا چانديءَ جو زيور هوندو اهي ۽ ٻنهي پاسن کان شيشي جا تمام ننڍڙا مڻيا وجهبا آهن.

هڪ سُندري رات جو ڀتار سان گڏ سيج تي سُتي هئي، زيور لاهي هنڌ تي وهاڻي جي هيٺان رکيائين. صبح جو سوير اُٿي وڃي پنهنجي گهر جي ڪم ڪار کي لڳي. تڪڙ ۾ اُٿڻ ڪري ٻيا ته زيور سنڀالي پاتائين، پر هڪڙو ڳچيءَ جو زيور نِيٻورِي اُتي ئي وسري ويو. ڪجهه وقت بعد يادگيري پيس، ڏسي ته نِيٻوري آهي ئي ڪانه. تڏهن هيٺين ڳاهه پنهنجي مڙس کي ڏياري موڪليائين.

آساڙ مهني اوُپجي، اُس نامِيڻي نامَ،

سيجان وسِاري سُندري، لهيجو مورا سام.

اوُپجي = پيدا ٿئي، اُس = اُن، نامِيڻي = نالي واري، نامَ = نالو، لَهيجو = ڳولي هٿ ڪجو، مورا = منهنجا، سامَ = ڀتار.

آساڙ مهيني ۾ نمن ۾ ٻور لڳندو آهي ۽ نِمُوريون ٿينديون آهن. ٿري ماڻهو نموريءَ کي نيٻوري چون. پنهنجي ڀتار کي چوي ٿي ته مون جيڪو زيرو وساريو آهي، اُن جو نالو اُهو آهي، جي آساڙ مهيني ۾ پيدا ٿين ٿيون. يعني نمن ۾ نموريون، (جن کي نيٻوريون به چئبو آهي) منهنجي زيور جو نالو به اُنهيءَ شيءَ جي نالي جهڙو آهي. اهو زيور مون سيج تي وساريو آهي، جو منهنجا ڀتار! توهان ڳولي هٿ ڪري ڏيو.

اها ”ڳاهه“ جڏهن سندس مڙس کي ملي، ت0هن هن ڳاهه جو مطلب سمجهي هنڌ تي جاچ ڪئي ته سيرانديءَ کان نيٻوري پيئي هئي، جا هن سنڀالي رکي ڇڏي.

*2- مَلهو نالي هڪڙو سگهڙ مِٺيءَ کان نبي سر پنهنجي دوست پراڳي سان ملڻ لاءِ ويو ٿي. واٽ تي هڪڙي هنڌ ڏسي ته کَٻڙ ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ پاڻ گڏ بيٺا آهن. ڪنڊيءَ جو ٿڙ، کٻڙ جي تڙ اندر اهڙيءَ طرح لڪل هو، جو ڏسڻ ۾ نٿي آيو. هيٺان رڳو کٻڙ جو ٿڙ ڏسڻ ۾ آيو ٿي، پر مٿان ڪنڊيءَ جا ٽار اهڙيءَ طرح بيٺا هئا، جو ڄڻ ته کٻڙ جي تڙ تي ڪنڊيءَ جو ٽار اُڀريل آهي. جڏهن ملهو نبي سر پهتو، تڏهن مٿئين حقيقت بابت هڪڙو بيت ٺاهي، پرولي طور پنهنجي دوست پراڳي کي ٻڌايائين، ته ڀڄي ٻُڌاءِ.

مِٺي – نبي سر واٽ تي، ڏٺم هڪڙي نار،
بيٺل هئي گهاڙوءَ تي، زمين کان هئي ڌار،
وجهي ڀاڪر ڀيڻ کي، وڏي ڪوڏ ڪنوار،
مَرَڪَ آهي مينهَنَ جو، تڙ جو توُنڏو نهار،
ڦڳڻ ۾ ٿي ڦَرجي، ڏڪارن جو ڏاتار،
گهڻي کپي هوم ۾، چَونري ۾ چِتار،
مُک پرولي ”ملهو“ چئي، ”پراڳي“ کي پهچاءِ،
پراڳا سوچي سمجهي، سال ڪري سُڻاءِ.

مٺي ۽ نبي سر جي وچ ۾ مونث نالي وارو وڻ بيٺل ڏٺم، جو رستي جي ڪپ تي اهڙيءَ طرح بيٺل هو، ڄڻ ته ڌرتيءَ تي اُڀريل ئي ڪونهي ۽ مٿي بيٺل هو. وڏي اُڪير ۽ محبت سان پاڻ جهڙي مونث نالي واري وڻ سان ڀاڪر وڌل هئي. هن جي هيٺان ڇانوَ ۾ مينهون ويهنديون آهن ۽ کوهه جي تري ۾ اُن جو ڪاٺ ڪم ايندو آهي. ڦڳڻ جي مهيني ۾ ڦرجڻ (ٻُور جي شروعات) لڳندي آهي، جنهن جو ڦل غريب ماڻهو ڏڪار وقت کائي وقت ڪاٽيندا آهن. هندو ماڻهو هَوَنَ ڪرڻ ۽ شآديءَ وقت چُنري ۾ ڪم آڻيندا آهن. اها پرولي ملهي سگهڙ چئي آهي، جا پراڳا تون ڀڃي ٻڌاءِ.)

پراڳي اهو ٻڌي ڳولا ڪئي. اونهاري جو مينهون، لٻڙن، نِمن ۽ ڪنڊيءَ جي وڻن هيٺان ويهنديون آهن. کٻڙ ۽ نم ٿر ۾ عام نه آهن. کوهن تي جتي مينهون پاڻي پيئنديون آهن. اتي توڙي جهنگ ۾ ڪنڊيءَ جو وڻ عام آهي. کوهه جي تَي ۾ جو چرک وجهبو آهي، سو به ڪنڊيءَ جي ڪاٺين جو هوندو آهي. ڦڳڻ جي مهيني ۾ ڪنڊيءَ جو ٻُور لڳندو آهي، جنهن مان سڱريون ٿينديون آهن،. غريب ماڻهو پٽي ڀاڄي رڌيندا آهن ۽ پچڻ بعد پاڻ به لائين ۽ مال کي به کارائيندا آهن. ڏڪار جي وقت جڏهن اناج جي قلت هوندي آهي، تڏهن سڱريون سُڪائي، ڪُٽي، اناج سان گڏ پيهي مانيون پڇائي کائيندا آهن. هَوَنَ ۾ ڪنڊيءَ جي ڪاٺي ۽ ڇوڏا ڪم ايندا اهن. ويڏيءَ لاءِ چَونري ٺاهڻ وقت، چئن ڪُنڊن تي جي مِٽيءَ جا مٽڪا هڪ ٻئي مٿان رکندا اهن. انهن جي چوڌاري ٽِ – ٽي ڪاٺيون کوڙيندا آهن، تن مان هڪ ڪاٺي ضرور ڪَنڊيءَ جي هوندي آهي، تنهنڪري اهو وڻ ”ڪَنڊي“ آهي. مالهي اهو ٻڌي کيس آفرين ڏني.

*3- هڪ عورت جو مڙس ٻاهر ويل هو. هو موٽي آيو، تڏهن عورت هن جي لاءِ ماني تيار ڪرڻ جو سعيو ڪيو، پر ڏسي ته گهر ۾ ڀاڄيءَ ۾ وجهڻ لاءِ لوڻ ۽ مرچ آهي ئي ڪونه. وقت ڪونه هو جو بازار مان گهرائي. خيال ڪيائين ته پاڙي مان وٺي پورت ڪريان. پر ٻئي شيون هڪڙي هنڌان به گُهرڻ تي دل نٿي ٿيس. سو اُٿي ڀر واري هڪڙي گهر ۾ ويئي ۽ مائيءَ کي چيائين ته:

نَدي ڪِناري رُنِکڙو، بينسا سِينگو هوءِ،

مين گَهرَ آيا پِرامِڻا، تين گَهَر هوئي تو جوِءِ.

يعني نديءَ جي ڪناري تي (مطلب اٿس پاڻي واري هنڌ) روُنکڙو = ٻوٽو ٿيندو آهي. اُن ۾ ڦل بينسا سينگو = مينهن جي سڱ جهڙو وريل ٿيندو آهي. منهنجي گهر منهنجو پِرامِڻا = ڀتار آيو آهي، تو وٽ هجي ته ڏي.

عورت سمجهي ويئي، سو يڪدم ”مرچ“ کڻي ڏنائين، اُتان موٽي وري ٻئي گهر ويئي، ۽ مائيءَ کي چيائين ته:

ندي ڪناري نيپجي، جيرو سيرو نه ساٽو هوءِ،

مين گهر آيا پِرامڻا، تين گهر هوئي تو جوءِ.

        نيپجي = پيدا ٿئي. جي رو = جنهن جو. سيرو نه ساٽو = حد نه حساب، يعني گهڻو. هوءِ = هجي. اُهي، مين = مون. پرامڻا = مڙس. تين = تنهنجي. هوئي = هجي. تو = ته. جوءِ = ڏس.

يعني اهو نديءَ جي ڪناري تي پيدا ٿئي ٿو. جنهن جو ڪو شمار ئي ڪونهي يعني گهڻو ٿئي ٿو، منهنجي گهر منهنجو مڙس آيو آهي، تنهنجي گهر هجي ته ڏي. عورت سمجهو هئي، سو هن ”ڳاهه“ جو مطلب سمجهي ويئي ۽ يڪدم ”لُوڻ“ کڻي ڏنائين، جا وٺي اچي ماني تيار ڪري مڙس کي کارايائين.

*4- هڪڙي عورت دلو کڻي پاڻي ڀرڻ لاءِ تلاءُ تي پئي ويئي. مٿان اچي برسات شروع ٿي، تڏهن هلي نه سگهي ۽ ويهي رهي، ۽ ”ڳاهه“ ڏنائين ته:

هُون آئي تِنان، تِين جهلي مِنان،

تُون ڇڏين مِنان، تو هُون لي جائون تِنان.

هُون = آءٌ، تِنا = تولاءِ، تين = تو، مِنان = مون کي، تو = ته، لي = وٺي، جائون = وڃان، تِنان = توکي.

سنڌي ترجمو:

آءٌ آيس توڏي، تو جهليو مون کي،

تون ڇڏين مون کي، ته آءٌ وٺي وڃان توکي.

يعني آءٌ دلو پاڻي کڻي پاڻي ڀرڻ آئي هئس، يعني توکي (پاڻي) وٺڻ آئي هئس. پر (برسات اچڻ ڪري) تو مون کي جهلي، يعني روڪي  وڌو. هاڻي جي تون مون کي ڇڏين، يعني وسڻ بند ڪرين، جيئن آءٌ هلي سگهان ته آءٌ توکي وٺي وڇان، يعني دلو پاڻي سان ڀري گهر وٺي وڃان.

*5- هڪ عورت جي گهر ۾ ٻُهاري ڪانه هئي، سو ڀر واري گهر مان ٻُهاري وٺڻ ويئي، پر اُنهيءَ مائيءَ اڳي ئي ٻُهاري پاتي پئي، تڏهن چوڻ لڳي ته:

هوُن آئي لِيڻَ، تون لڳي ڏيڻ،

جي ڏئين تو نه لي جائوُن،

جي نه ڏئين، تو هوُن لي جائوُن.

هُون = آءٌ، ليڻ = وٺڻ، ڏيڻ = پائڻ، ڏئين = پائين، لي جائون = وٺي وڃان.

سنڌي ترجمو:

آءٌ آيس وٺڻ، تون لڳئين ڏيڻ،

جي ڏئين ته نه وٺي وڃان،

جي نه ڏئين ته وٺي وڃان.

مطلب – آءٌ ٻهاري وٺڻ آيس، پر تون اڳي ئي ٻُهاري پائين پيئي. جي تون ٻُهاري پائين ته آءٌ نه وٺي وڃان، پر جي توپن نه پائين ته آءٌ وٺي وڃان. اڳيان مائي سمجهو هئي، جنهن اهو ٻڌي ٻُهاري پائڻ بند ڪئي ۽ کيس کڻي ڏنائين، جا هو وٺي گهر آئي.

*6- هڪڙِ مائيءَ جو مڙس مال چاريندو هو. هو ماني کائي رات جو مال وٽ وٿاڻ تي سمهندو هو، ۽ صبح جو مال پهرائي جهنگ ڏي ويندو هو. سڄٺو ڏينهن مال چاري شام جو موٽِ ايندو هو. مائيءَ جي ڇوڪري ڀر واري ڳوٺ ۾ پرڻايل هئي. ڪو ماڻهو انهيءَ ڳوٺ ڏي وڃڻ لاءِ سنڀريو هو، تنهنڪري مائي خيال ڪيو ته گناتن ڏي ڪا سوکڙي موڪليان. صبح جو مڙس مال پهرائي رواني ٿيڻ تي هو ته کيس هي ڳالهه ڏياري موڪليائين:

پاڙ پتلي جا اُنڏو، مٿي لائبا جُهوڙا ڪيس،

اَهڙي ڀلي سوُکڙي، سيڻان نان ميلهان ڀيٽ.

پتلي = سَنهِڙي، جَرَ = پاڻي، اوُنڏو = اُنهو، لائٻا = ڊگها، جهوُڙا = جهڳٽا، ڪيس = وار، ميلهان = موڪليان. ڀيٽ = سوغات.

جنهن وڻ جي پاڙ سنهي آهي ۽ تمام هيٺ وڃي پاتال مان ريج چڪي پهچائي ٿي، ۽ مٿي ڊگها جهڳٽا وارن وانگر اٿس. اهڙي سٺي سوُکڙي وٺي اچجو ته گناتن کي موڪليان. مڙس سمهو هو، موسم به اونهاري جي هئي، تنهنڪري سمجهي ويو ۽ شام جو موٽڻ وقت ڪنڊيءَ جون ”سڱِريون“ وٺي آيو، جي انهيءَ عورت گناتن ڏي ڀيٽ ڪري ڏياري موڪليون.

*7- هڪڙا راجا کي هڪ تمام سهڻي، سلڇڻي ۽ سمجهو ڇوڪري هئي. جڏهن لائق ٿي، تڏهين سندس حسن جي هاڪ چوڌاري پکڙجي ويئي. ڪيترائي راجڪمار ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳا. انهن مان ڪي سمجهو، سيڻا بهادر هئا ته سندس خانداني حيثيت گهٽ هئي، ۽ جيڪي حيثيت ۾ وڌيڪ هئا ته منجهن ٻيا گڻ ڪونه هئا. راجا کي ڪوبه اهڙو نه سُجهيو، جنهن سان ڇوڪري پرڻائي. منجهانئن ڪي زورآور به هئا خانه جنگي ٿيڻ جو امڪان هو. تنهنڪري راجا بلڪل چنتا ۾ پئجي ويو. ڇوڪري اها حالت ڏسي خيال ڪيو ته متان زبردستي ڪنهن اهڙي جي پَناري وڃي پوان جتي سڄي حياتي زهر سمان گذري، تنهنڪري ڪو اهڙو حيلو ڪجي، جيئن ڪو سلڇڻو ۽ سمجهو ور ملي. کيس هڪ اٽڪل سجهي آئي، ته آءٌ جل ”ڳاهه“ ڏيان، جيڪو سمجهو هوندو سو ڀڃي موڪليندو، ته پوءِ آءٌ انهيءَ سان ادي ڪنديس. اها ڳالهه پنهنجي هڪ سهيليءَ سان ڪيائين، جنهن کي اها رٿ پسند آئي. هن وڃي راجا ۽ راڻيءَ کي ٻڌايو. انهن به اها ڳالهه قبول ڪئي. ڇوڪري هيٺئين ”ڳاهه“ ڏني. راجا پاران ڍنڍورو ڏياريو ويو، ته جيڪو راجڪمار اها ”ڳاهه“ ڀڄي ٻڌائيندو، اُنس ان ڇوڪريءَ جي شادي ڪبي.

جِڪي رُونکي پُونءَ نه سَنچِري، پکي نه ٻيسي ڪو،

اوُنئان رُونکا را ڦل موڪلي، مانرو ساچو ساجن سو.

جڪي = جنهن، جن. رونکي = ٻوٽن. پوُنءَ = پاڻي. سنچري = وهي، هلي، يعني جنهن ۾ پاڻيءَ جو اثر نه هجي. ٻيسي = وهي. اوُنئان = انهن. را = جا. مانرو = منهنجو. ساچو = سچو. ساجن = دوست، پريتوان.

جن ٻوٽن کي ريج جي ضرورت نه آهي، ۽ مٿن ڪوبه پکي نٿو ويهي، انهن ٻوٽن جو ڦل، جو مون کي موڪليندو، مان سمجهنديس ته منهنجو سچو دوست اهو آهي، ۽ مان ان سان شادي ڪنديس.

اها ”ڳالهه“ ٻڌي ڪيترا ته ويچارا سمجهي نه سگهيا. ڪيترن پنهنجي سمجهه موجب ڀڃي موڪلي، پر ڪوبه سلي نه سگهيو. هڪ خوش نصيب راجڪمار هو، تنهن خيال ڪيو ته جي ٻوٽا ريج کان سواءِ ٿين ٿا، ۽ مٿن ڪوبه پکي نٿو وهي، راجڪماري انهن جو ڦل گهريو آهي، اهو ڦل ڪا رواجي شيءِ نه هوندي، پر راجڪماري جي لائق هوندي. خيال ڪندي ڪندي نيٺ ڳاهه سمجهه ۾ اچي ويس، ته اهڙي شيءِ ”موتي“ آهي، جو ٻوٽي جي پيدائش نه آهي، ۽ کيس ريج جي به ضرورت نه آهي. ۽ جڏهن ٻوٽو ئي نه آهي، ته پوءِ پکيءَ جي ويهڻ جو سوال ئي اجايو آهي، ۽ موتي راجڪماري جي لائق شيءِ به آهي.

راجڪمار سمجهو هو. تنهن خيال ڪيو ته راجڪماري فقط سمجهه پرکڻ لاءِ ائين ڪيو آهي. کيس ٻه – چار موتي موڪليان، تنهن کان چڱو آهي ته مان به راجڪماريءَ جي سمجهه جي پرک لهي ڏسان. ڇو نه ڳاهه جو جواب ڳاهه ۾ ڏيان. اهڙِ سمجهو آهي ته پاڻيهي سمجهي ويندي، تنهنڪري جواب ۾ هيٺئين ڳاهه ڏياري موڪيلائينس.

ماتا جِڪي رِي مهراڻ، پتا جِڪي رو آڪاس،

جهوُنا ڪَهو تو موڪلان، نَوا اَسوءَ ماس.

ماتا = ماءُ. جِڪي ري = جنهن جي. مهراڻ = ندي، سمنڊ (اُن کي سمنڊ به سڏيندا هئا.) جڪي رو = جنهن جو. آڪاس = آسمان. ڪَهوتو = چوَ ته. نوا = نوان، اَسوءَ ماس = اسوءَ مهينو.

جنهن شيءَ جي ماءُ مهراڻ يعني سمنڊ، ۽ پيءُ آسمان آهي، جهونا چَو ته موڪليان، نوان اَسوءَ مهيني ۾ ٿيندا.

موتي سپن ۾ ٿيندا آهن، جي سمنڊ ۾ رهنديون آهن. سمنڊ ڄڻ ته موتين جي ماءُ آهن ۽ اُن جو پيءُ آسمان آهي. ڇو ته جڏهن اسوءَ مهيني جي برسات جو ڦڙو، سپ جي پيٽ ۾ ويندو آهي، تڏهين موتي پيدا ٿيندو آهي. چَئين ته جهونا موتي ڏياري موڪليان، پر جي نوان کپنئي ته اُهي اَسوءَ مهيني ۾ ٿيندا.

جڏهن اهو جواب راجمڪاري4 کي پهتو ته راجڪماري سمجهي ويئي، ته ڳاهه جو جواب راجڪمار پورو موڪليو آهي، ۽ اهو منهنجي ور ٿيڻ جي لائق اهي. راجا پنهنجي قول موجب ٻنهي جي شادي ڪرائي ڇڏي.

*8- ٻنيءَ ۾ لابارو شروع ٿيو هو. مرد ماڻهو صبح جو سوير روانا ٿي ويا هئا. سَس ۽ نُنهن ماني تيار ڪري ڀتو کڻي وڃڻ لاءِ تيار ٿيون. گهر ۾ ڏسن ته ”ڏاٽو“ ڪونه آهي. سس ننهن کي ڇيو ته پاڙي ۾ وڃي ڪنهن کان ڏاتو وٺي اچ، ته هلون. پر اچج تڪڙي، جيئن سويل ئي هلي پهچون. نُنهن ڀر واري گهر ۾ ويئي ۽ مائيءَ کي چيائين ته:

اُڌ ڪارو مُک وَنِڙو، سورِهه بيسان ڏَنتَ،

تان گهر هوئي تو ڏيجو، مانري ساسُو ساڏ ڪرنت.

مک = مُنهن. ونڪوڙو = وريل، ڪمان وانگر. سورهه = سورهن. بيسان = ويهوُن. ڏنت = ند، ڏندا. تان = تنهنجي. هوئي = هجي. تو = ته، ڏيجو = ڏجو، ڏج. مانري = منهنجي. ساسُو = سس. ساڏ = سڏ. ڪرنت = ڪندي.

جنهن شيءِ جو اڌ ڪارو آهي (لوهه وارو ڀاڱو ڪارو، ۽ هٿ ۾ جهلڻ جو هٿيو ڪاٺ جو هوندو آهي، جو رنگين يا اڇو ٿيندو آهي.) منهن ڪمان وانگر وريل آهي ۽ سورهن ويهون يعني گهڻا ڏندا آهن، اها شيءَ تنهنجي گهر هجي ته ڏج، ڇو ته اسين ٻنيءَ تي وڃڻ لاءِ سنڀريل آهيون. منهنجي سس تيار ٿي بيٺي آهي ۽ مون کي سڏي رهي آهي.

مائي ”ڳاهه“ جو مطلب سمجهي ويئي ۽ کيس ”ڏاٽو“ کڻي ڏنائين، جا وٺي موٽي آئي ۽ سس سان گڏجي ٻنيءَ تي وڃي لابارو ڪيائين.

ٻارن جي دنيا

ٻارن جي دنيا عجيب آهي. وڏن کي وندر کپي ته ٻارن کي به وندر کپي. ننڍڙا ٻار جڏهين پاڻ ۾ گڏجي راند ڪندا اهن، تڏهن پنهنجي وندر لاءِ عجيب و غريب نوان نوان شغل پيدا ڪندا اهن. پروليون ڏيندا ۽ ڀڃندا آهن. ۽ هيٺئين نموني هڪڙي ٻار سوال چوندو آهي، ته ٻيا وري ان جو ٺهڪندڙ جواب ڏيندا آهن.

سوال: اُڀ راڳي ڏيو.

جواب: ڍڪڻيءَ ۾ ڍوڪريون، اُڀ راڳين ڇوڪريون.

سوال: ٻليءَ کي ٻُندلا پهرائي ڏيو.

جواب: ليٽ ليٽ گُندلا، ٻلي پهريا ٻُندلا.

سوال: شينهن کي جاما پهرائي ڏيو.

جواب: اُکري ۾ آما، شينهن پهريا جاما.

سوال: شينهن کي سوڙ اوڍائي ڏيو.

جواب: اُتر مان ٿي گوڙ، شينهن اوڍي سوڙ.

سوال: شينهن کي ڀَت کارائي ڏيو.

جواب: روهِي تي رت، شينهن کاڌو ڀت.

سوال: شينهن کي سمهاري ڏيو.

جواب: سڻ آهي ڀُتو، شينهن آهي سُتو.

سوال: شينهن کي ماني کارائي ڏيو.

جواب: ڀت ۾ ڪاني، شينهن کاڌي ماني.

سوال: سَس نُنهن ۾ وير وجهي ڏيو.

جواب: اُکري ۾ ڪير، سس ننهن ۾ پيو وير.

سوال: سس ننهن جو سُنپَ (محبت) ڪرائي ڏيو.

جواب: اُکري ۾ لَنپَ، سس ننهن ۾ ٿيو سنپ.

سوال: مولهي اُٺ ميڙي ڏيو.

جواب: ساڪرو ڏورو سيريان، مولهي اُٺ ميڙيان.

سوال: کوهه مان ڍيرا ڪڍي ڏيو.

جواب: ماما کاڌا ڦيرا، کوهه مان ڪڍيا ڍيرا.

سوال: سهيي سون گهڙائي ڏيو.

جواب: اَڪ ٻري ڏيو ٻري، سهو ويٺو سون گهڙي.

سوال: درياءُ ۾ دونهون دکائي ڏيو.

جواب: چار گابا اَڙي واڙي، پنجون گابو سوُنهون

پاڻي کي جوت لڳي، درياءُ ۾ ٿيو دونهون.

سوال: سسي ري سانداري لائي، بَهاتو پاڻي پيئارو.

جواب: جو ساڻي سين جوسِي هليو، نام اوئي روجيئو،

سَسي ري تو سانداري لايو، بَهاتو پاڻي پيئو.

مولهي اُٺ = پوڙهي ڏاچي. نام = نالو. اُوني رو = هن جو. لايو = آندائين. بَهاتو = هلندڙ.

سوال: رڍ کي رُسائي ڏيو.

جواب: ديڳڙي ۾ پُسي، رڍ آهي رُسي

سوال: ڪڪڙ کي ڪانچ (سُٿڻ) پهرائي ڏيو.

جواب: اُتر لڳي وانچ، ڪڪڙ پهري ڪانچ.

سوال: ٻلي پُٺِيو پهرائي ڏيو.

جواب: چُلهه مٿي مٺيو، ٻلي پهريو پُٺيو.

سوال: ڏيڏري کي ڏُهي ڏيو.

جواب: سياري ۾ سيءَ مري اونهاري ۾ اُوهان،

        لوٽڪي کڻي ڇيڪا آئو، ڏيڏري نان ڏوهان.

سوال: پلي کي پاڻي پياري ڏيو.

جواب:  آڏ لَڪَڙ، اُوڀ لَڪڙ،

لَڪڙ ۾ مُنارو، سامهون آيو تارو،

تاري ڏني مُٺ، سامهون آيو اُٺ،

اُٺ ڪئي گوڙ، سامهون آيو چور،

چور هنئي تاڙي، سامهون آئي ماري،

ماڙي تي کلو، پاڻي پيئي پلو.

*پروليون: ٿر جي هندن ۾ لُهاڻن کان سواءِ ٻين سڀني جي ٻولي ڍاٽڪي آهي. لهاڻن ۽ مسلمانن جي ٻولي سنڌي آهي. جيتوڻيڪ هو ڍاٽڪي به سمجهندا آهن ۽ بعضي ڳالهائيندا به آهن، تنهنڪري نموني طور ٿوريون پروليون ڍاٽڪي ٻولي جون ۽ ڪي سنڌي ٻولي جون به هت ڏجن ٿيون:

1-      اَڇي چُني اڇو پيٽ، هلي چُني ننگر ٺيٺ.
2-     وڏو پکي لُرڙَ، جنهن جي ڇهنب آهي چُرڙ،
        جنهن جو مٿو آهي مُردار، ۽ ڍوُنڍَ وڏي خبردار،
3-     اَڇو قُبو الله جو، جنهن کي دري نڪو در.
4-     سائو جهاڙ، پر پَنن جو ڏڪار،
        ڦل آهي سهڻو، جهڙو سوپاري جو ٻار،
5-      ٿو ٿو لَڪَڙَ ٿَلَهِڪي، سارو ڳوٺ ٻَلَهِڪي.
6-     رَتِڪَي ڇاڙِي، رڻ ۾ بيائي
        چوپڙي هَٿي ٻَڙِهي چَکائي،
7-     اَڏَيو ڇوڪرو، سؤڏُگلا پهري، سَؤ ڏُگلا اُتاري.
8-     اَڏڪي مِنِڪِي راجا نان رُئاڙي.
9-     رَتو ڏُٻو رنگ ڀريو، آڀي ۾ تو جائي،
        راجا پُڇي راڻي نان، ڪيهو جانور جائي،
10-    مُک پکِيڻي بَڇڙي، ٿَڻان پَکيڻي گاءِ،
        مومل پُڇي ڙي مينڌرا، نت نت لِيهي جاءِ.
11-    چاري جاڻي چالهه جهلي، ست اوُئي را چاري،
        سورهان روپَلو لگو، اڃا اَڪَنَ ڪُنواري.
12-    ڪاري چِڙي ڪَٽوُنٻڙي، سُڪا لَڪَڙَ کائي،
        پاڻي ڏيکي پَڇِي وري شينهان نان سُمهي جائي.
13-    ڪاري ڪُڪڙ دمڪدار، آنا لاهي سَؤ هزار.
14-    اُٺ ڪرنگهو، پاساڙا ڦِنجا،
        لٺون لڳن هڪڙن کي ڪوُڪوُن ڪَن ٻيا،
        هوُ يار ٽيان، جي جر هاريندي ويا.
15-    پڌري پٽ ۾ تِلَ جڏِي تَرائي،
        هاٿي پيئن، گهوڙا ويئن، پيئن لوگ لُگائي،
        هيڪ نه پيئي پکيئڙو جِڪي ري هُهنچ ۾ چترائي.
16-    چار اُنَها، ڇار ٺَڍا، چار نيڻان نير جَهري،
        ٻارهان پگان رومِر گهلو، ڌارو ڌار ڦري.
17-    هَٽا وارو جوڳي، پر مرد به نه آهي،
        ٻچو اٿس پيٽ ۾ پر زال به نه آهي،
        پاڻي اٿس پيٽ ۾ پر دلو به نه آهي،
                                        ٻڌايو ته ڇا آهي؟
18-    ٻاڪا ڦاڙيو ٻه ڄڻا، گڏو گڏ رهن،
        کريون کوٽيوُن خبرون هر هر ٻڌائين،
        اُڀِريُون سَڀِريُون ڪجهه نه لڪائين.
19-    هڪ سَس، سورهن نوهون، پٽ گهر چار،
        بنان پيرن هلي چلي، ٻڌايو ڪري ويچار.
20-    هڻان هيٺ، وڃي مٿي.
پرولين ۾ ڪم آيل لفظن جي معنيٰ:

ٿوٿو = پورو. لڪڙ = ڪاٺ. ٿلڪي = لرزش ۾ اُچي، ڌڏي. ٻلهلي = وڄي، اِڏيو = هيڏڙو، ننڍڙو. ڏُگلو = پائڻ جو ڪپڙو. اِڏڪي = ننڍڙي. مِنڪي = ڇوڪري. نان = کي. رَتو = ڳاڙهو. آڀو = اُڀ، آسمان. ڪيهو = ڪهڙو. جناور = جانور. جائي = وڃي. پَليڻي = کان سواءِ. بَڇڙي = گابي. ليهي = ڌائي. اوئي را = هن جا. چاري = چوڪيدار. اَڪَنَ = صفا. پَڇي = پوئتي. سُمهي = سامهون. لُگائي= زال. جِڪي رِي = جنهن جي. اُنها = ڪوسا. ٺَڍا = ٿڌا. ٻاڪا = واحد. ٻاڪو = وات.

ڀڃڻيون: (1) ڪاغذ جي چٺي. (2) حقو. (3) پکي جو آنو. (4) ڪِرڙ جو ڏونرو. (5) دُهل. (6) پيرُون. (7) بصر. (8) مرچ. (9) سج. (10) سرميداڻي. (11) چونپڙ راند (12) بندوق. (13) اُڀ ۽ تارا. (14) هُرلو. (15) پِستان يا بُبا. (16) سال. (17) ناريل. (18) ڪن. (19) چونپڙ راند. (20) بال.

* ڪي ٻار هن نموني جي وندر ڪندا آهن. هڪڙو چوندو ٻيا ويهي ٻڌندا.

هيڪ تارو، ٻيجو تارو، گَگهِن ڇيڪارو،
گَگهَن مِنان گهوڙو ڏنو، گهوڙو مين واڙ ۾ ٻَڌيو،
واڙ مِنان ڪَنٽو ڏنو، ڪَنٽو مين چُلهي ۾ گهَتيو،
چُلهي مِنان روٽيو ڏنو، روٽيو مين سِرک ري پَلي رکيو،
سِيرک ٻائي روٽيو ڪيٿ، رويو اوُنڏر لي گيا:

 

اوُنڏر ڪيٿَ – ٻلي ٻيٺا،
ٻِل ڪيٿَ – پاڻيءَ ڀريا،
پاڻي ڪيٿ – ٻَڙڌي پِئو،
ٻَڙڌ ڪيٿ – هَران ۾ جوتريا،
هَر ڪيٿ – ٻاجهرين وائين،
ٻاجهرين ڪيٿ – ڪوٺيان ۾ گهتين،
ڪوٺين ڪيٿ – ميهَه ڊوڙِهين،
ميهه ڪيٿ – جيٿ تيت.

هيڪ = هڪ. ٻِيجو = ٻه. ڇيڪارو = هرڻ. مِنان = مون کي. ڪنٽو = ڪنڊو. گهَتيو = وڌو. روٽيو = لولو. سِيرک = سَوڙَ. ڪيٿَ = ڪٿي. اوُنڏر = ڪُئا. لي گِيا = وٺي ويا. ٻِلي = ٻِرَنَ ۾،. ٻَڙڌ = ڍڳا. هَران = هر. جوتريا = ٻڌا. جوٽيا. وائين = پوکيون. ڪوٺيون = گُنديون. گهٽين = وڌيون. ميهه = برسات. ڊوڙهين = ڊاٺيون. جيٿ تيت = جتي ڪٿي.


(1)   مون ٿر جا ڪافي ”لوڪ گيت“ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ڊائريڪٽر سنڌي لوڪ ادب اسڪيم کي لکي موڪليا هئا، جن مان 34 لوڪ گيت، لوڪ ادب سلسلي جي 17 نمبر ڪتاب ”لوگ گيت“ ۾ درج ٿيل آهن. ڪي ٿورا نموني طور هت ڏجن ٿا. (رائچند راٺوڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org