سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 11

صفحو ؛ 15

 

باب يارهون

ٿر جا کوهه

ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو مسئلو بلڪل ڏکيو آهي. تلاءُ يا تراين ۾ به فقط برساتي موسم ۾ مينهن جو پاڻي ڪجهه وقت هوندو آهي، سو به ڪن خاص تلائن ۾، ڇو ته سڀ ڪنهن هنڌ تلاءَ يا ترايون ڪونه آهن. ڪٿي ڪٿي ته ننڍيون کڏون آهن، جن کي ”ٽوڀا“ چئبو آهي. انهن ۾ به پاڻي گهڻي ۾ گهڻو ڏهه – ٻارنهن ڏينهن کن لاچار هوندو آهي، سو به جڏهن برسات پوي، جنهن جي سڀ ڪنهن سال خاطري ڪانهي. ماڻهو پنهنجي توڙي مال جي پيئڻ لاءِ کوهن ۽ ويرين جو پاڻي ڪتب آڻين. کوهه به ڪٿي اونها، ته ڪٿي تانگها، ڪٿي ڳوٺن کي ويجهو ته ڪٿي پري، ڪي جهونا لڌل آهن، جي پٿرن ۽ ننڍي ماپ جي سنهين پڪل سرن سان ٻڌل آهن. ڪي تازا انفرادي طور ۽ گورنمينٽ جي پاران کڻايل آهن، جي ”نَوتَيرهِي“ سڏجن، يعني (ڊيگهه هڪ فوٽ، ويڪر هڪ پاسو نوَ انڍ، ٻيو پاسو تيرهن انچ، ٿولهه اڍائي انچ( اُهي سرن سان ٻڌل آهن. کوهن تي پاڻي پيئڻ کان ڪنهن کي به روڪ ڪانهي.

ٿر جي ڏکڻ طرف ڪچ جو رڻ آهي. ڏيپلي ۽ مٺي تعلقن جو ڏاکڻو ڀاڱو رڻ سان دنگئي آهي، ان ڀاڱي کي ”وَٽ“ چوندا آهن. اتي جي زمين ڪجهه سنئين ۽ پاڻي بلڪل تانگهو آهي. اتي زمين کي ٿورو کوٽبو ته پاڻي نڪري ايندو. اتي کوهن جي اونهائي گهڻي ڪانهي. اتي ڪُتاني ۽ گوڏانگڙي ڳوٺن جا نالا به انهيءَ ڪري پيا آهن. ڪُتانِي نالو ان ڪري رکيو اٿن، جو اُتي کوهه مان ڪُتو به نئري سولائيءَ سان پاڻي لَڪي سگهي ٿو ۽ گوڏانگڙي نالو هن ڪري پيو آهي جو وهٽ گوڏا کوڙي کوهه ۾ ٻُوٿ وجهي پاڻي پِي سگهي ٿو.

ڏيپلي ۾ ٽن پُرهن تي پاڻي آهي. سراسري قد جو ماڻهو پنهنجون ٻيئي ٻانهون کولي ڪلهن جي سنوت ۾ ڪري بيهي ته هڪ هٿ جي ڇيڙي کان ٻئي هٿ جي ڇيڙي تائين جيڪا ماپ ٿيندي، ننهن کي ”پُڙهه“ چئجي، جا تقريباً مرد جي قد جيڏي هوندي. چون ٿا ته سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو قد سندس پُرهه جيڏو هوندو آهي. عام طرح پرهه ۾ پنج فوٽ ليکبا آهن، کوهه جي ماپ پُرهن ۾ ليکبي آهي.

اهو ڏاکڻو هيٺاهون ڀاڱو ڇڏي جيئن مٿي اتر ڏي وڃبو تيئن کوهن جي اونهائي وڌندي ويندي. ڪٿي پنج پُرهه، ڪٿي ست پرهه، ڪٿي ڏهه پرهه وغيره. ان کان اڳڀرو ڪٿي ويهه – پنجويهه پره، يا اڃا به وڌيڪ. مطلب ته جيئن مٿي تيئن ڀٽون وڏيون ۽ پاڻي اونهو. سامروٽي ڀاڱي ۾ پنجن پُرهن اندر پاڻي آهي. پارڪر ۾ ڏهن – پندرهن پرهن اندر، ڪنٺي ۾ پندرهن کان پنجٽيهن پرهن اندر، ڍاٽ ۾ چاليهن پرهن اندر، ننگر پارڪر ۽ ويراواهه ۾ کوهه چوڏهن پرهه، کينئسر پندرهن پرهه، ڇاڇرو، اسلام ڪوٽ ۽ مٺي ۾ کوهه ويهه پرهه، ڀوريلو ٽيهه پرهه، ڪانٽيو ويهه پرهه، چيلهار پنجٽيهه پرهه. چيلهار جي ڀرسان ڳوٺ کوڙٻي، ڇاڇري کان اٺ ميل اولهه طرف ڳوٺ هنجتل ڳڍڙي ۾ کهه سٺ پرهه اونها آهن.

کوهه ٿوهر ٿر، جت ساٺيڪا ۽ سٽيون.

کوهر= ننڍيون کوهيون، ٿوهر= ٻوٽي جو قسم، ساٺيڪا= سٺ پرهه، سٽيون= ورتيون (ورٿ). ٿر ۾ ننڍيون کوهيون (ويريون) ۽ سٺ پرهه اونها کوهه آهن، جن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ورت ڪم آڻين.

مُهراڻي ۾ پاڻي تانگهو آهي، يعني ٽن کان ڏهن پرهن اندر. ونگي ۾ ڏهه – ٻارهن پرهن اندر پاڻي نڪري ٿو.

 

ويريون

ڇاڇري کان اڀرندي گڍڙي تائين سٺي کائڙ واري ڀاڱي ۾ کوهه ڪونه آهن. اتي ويريون آهن، جن کي پار به چئبو آهي.

اهي ويريون پنجن کان پندرهن پراهن تائين اونهيون آهن، جن مان ڪي ڪڍيون آهن ۽ ڪي پٿرن ۽ سرن سان ٻڌل آهن. تري ۾ سخت پٿر (جنهن کي روهه چوندا آهن) برساتي پاڻي سمي ڌرتي اندر وڃي انهيءَ روهه تي ڪٺو ٿيندو آهي، تنهنڪري ويرين جي پاڻيءَ جو مدار برسات تي آهي. جي ڪنهن سال برسات گهڻي پوي ته سو سال ويرين ۾ پاڻي جام ٿئي، پر جي ڪنهن سال برسات گهٽ پوي يا نه پوي ته پاڻي گهٽجيو وڃي ۽ ڪن هنڌن تي اونهاري ۾ ويريون صفا سُڪيو وڃن. ويرين ۾ پاڻي مٺو ٿئي، جهڙو برسات جو پلر پاڻي، ڇو ته اهو برساتي پاڻي آهي جو سِمي وڃي روهه تي گڏ ٿيندو آهي.

ڍاٽ واري ڀاڱي ۾ به ڪٿي ڪٿي ويريون آهن، جيئن ته هنجتل، اڳي جو پار، رامجي جي ويري، سورام، ڦليو، پاٻو ويرو، جهانٻڙي سر، چيلهار وغيره. چيلهار ۾ چار – پنج پرهه ويريون آهن. ڪن ماڻهن پڪين سرن سان ويريون ٻڌايون آهن، نه ته سڀ ڪچيون آهن. ٻه ماڻهو صبح جو ڪم شروع ڪن، هڪڙو اندران واري کوٽيندو وڃي، ٻيو مٿان ڇڪي ٻاهر اُڇليندو وڃي، شام جو ويري تيار. چئن – پنجن پرهن تي هيٺان سخت زمين يعني روهه اچي ٿو، ان جي مٿان برساتي پاڻي بيٺل آهي، جو تري ۾ سميو اچيو گڏ ٿئي.

عورتون ۽ ڇوڪريون ننڍي چَڙسِي (چڙهي) کنيو وڃيو پاڻهي ڇڪي، پاڻي ڪڍي دلا ڀريو کنيو اچن. ويرين ۾ پاڻي ٿورو هوندو آهي، تنهنڪري ڪي ماڻهو مٿان در چاڙهيو ڪلف ڏيئي ڇڏين ۽ پاڻي ڀرڻ وقت کولين.

 

زمين جي اونهائي ۽ مٿاڇرو

ٿر جي کوهن جي اونهائيءَ جي اڀياس مان هن نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو ته ڏکڻ پاسي رڻ جي ڪنڌيءَ سان لاڳيتو ”وٽ“ ۾ پاڻي تمام تانگهو آهي. پوءِ جيئن اتر ڏي وڃجي ٿو تيئن پاڻي اُونهو ٿيندو وڃي، تان جو گڍڙي ۾ سٺ پرهه اونهو آهي. اڃا به اڳتي ڀارت ۾ سُونهيو ڳوٺ آهي. اتي سؤ پُرهه اونهو آهي. انهيءَ مان سمجهجي ٿو ته ٿر جي اتر واري زمين مٿاهين آهي ۽ ڏکڻ واري هيٺاهين. ٿر جو ملڪ جنهن لاءِ چوڻ ۾ اچي ٿو ته اڳي سمنڊ جي تري ۾ هو. پوءِ سمنڊ آهستي آهستي ڏکڻ ڏي هٽي ويو.

سنڌ جو خيال ڪجي ٿو ته سنڌوندي به اُتر کان ڏکڻ ڏي وهي ٿي، انهيءَ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ٿر جي زمين هڪ قسم جي ڏاڪڻ وانگر آهي، جنهن جو مٿيون پاسو اُتر ۽ هيٺيون پاسو ڏکڻ ڏي آهي. اتر ڏي وڃڻ سان ڄڻ ته ڏاڪڻ تي مٿي پيو چڙهجي ۽ ڏکڻ وڃڻ سان ڄڻ ته هيٺ پيو لهجي.

 

کوهه تيار ڪرڻ

ٿر جي زمين وارياسي آهي، اها کوٽي جڏهن هيٺ سخت زمين ايندي آهي، اوستائين پهچندا آهن. ٽن چئن پر هن تائين جي سخت زمين اچي ته ڊهڻ جو ڊپ ڪونهي، پر جي اڃا به اونهو کوٽڻو پوي، ته پوءِ ويڪرو کوٽي پاسن کان ڪاٺين جا ٽڪر ڇپٿرا ڪري گول دائري ۾ ڏيندا ويندا، جن کي ”ڏوئيون“ چئبو آهي. ڪاٺيءَ جي ٽڪر جي هڪ ڇيڙي ۾ ٽنگ ڪندا، ٻيو ڇيڙو سنهو ڪري ان ۾ اٽڪائيندا ويندا. اهڙيءَ طرح قابو ڪري جڏهن سخت زمين (روهه) تي ويندا، تڏهن اتان پڪين سرن سان اوساري شروع ڪندا. هن ڪم لاءِ سرون ”نو تيرهي“ ڪم آڻيندا، جن جو هڪ پاسو ويڪرو ۽ هڪ پاسو سوڙهو آهي، جيئن گول اوساريءَ ۾ سهوليت ٿئي. جيئن جيئن اوساري مٿي ٿيندي ويندي تيئن تيئن پاسن کان ڏنل ڪاٺيون ڪڍي واريءَ سان ڀرتي ڪندا ويندا. سٺي اوساري منهن تائين پوري ڪري پوءِ هيٺئين سخت پٿر (روهه) کي رُڪ جي مضبوط اوزارن، جن کي ”هنسو“ چئبو آهي، سان ٽاڪي کوهه کڻندا ويندا.

جتي ٽن – چئن پرهن تي روهه ايندو آهي، اتي پاسن کان ڪاٺين ڏيڻ جو ضرور ڪونهي. اتان اوساري (بانڌو) اُٿاريندا آهن، ۽ منهن تائين تيار ڪري پوءِ روهه ٽاڪيندا آهن. اڃا به ڪڍي واري گهڻيري هيٺ هوندي ته پوءِ ”اونڌو ٻانڌو“ شروع ڪندا آهن، يعني هيٺئين پاسي ٿوري ٿوري واري ڪڍندا ويندا ۽ هڪ هڪ سر هيٺان ڏيندا ويندا. جڏهن هڪڙي ڦيرڻي پوري ٿيندي، تڏهن ٻي ان جي هيٺان شروع ڪندا ۽ نڪتل واري ”ڪِيڻ“ ۾ وجهي ٻاهر ڪڍندا ويندا. جيستائين پڪي تي پهچن. پڪي روهه اچڻ بعد ٻڌڻ جو ضرور ڪونهي. اهو ٽاڪي تر تائين يا جيستائين هلي اوستائين پهچندا آهن. وچ ۾ جي ڪٿي ڪچي زمين آئي ته وري پڪين سرن سان ٻڌڻو پوندو آهي. اهڙيءَ طرح تَر تي پهچڻ بعد اتي ”چرک“ هڻندا آهن. وڏا ڪنڊي جا وڻ وڍي ان جي ٿڙن مان ننڍا ننڍا گولائيءَ تي ٽڪر تيار ڪري گاڏيءَ جي ڦيٿي وانگر تيار ڪندا آهن. ائين ڇهه – ست ڦيٿا هڪٻئي مٿان رکندا آهن، جنهن کي چرک چوندا آهن. اهي ڪاٺيون تر ۾ رکندا آهن، جيئن انهن وچان سم سان پاڻي به پيو اچي ۽ ٻاهريون گند به اندر نه اچي.

کوهن جي تڪليف ۽ خرچ، اونهائي ۽ زمين جي نرمي ۽ سختيءَ تي مدار رکن ٿا. اٽڪل چاليهن پرهن تائين ٽي – چار هزار يا ڪجهه گهٽ وڌ خرچ اچيو وڃي. کوهه جي منهن تي ڪاٺين جو چورس چوڪ ٺاهي رکندا آهن، جنهن کي ”ڦرهيڙي“ چون. ڪي اهو چوڪ سيمينٽ جو ٺاهيندا آهن. کوهه جي هڪ پاسي ٿوري ٿوري وٿيءَ تي ٻه ڪاٺيون کوڙي، ٽئين ٿلهي ڪاٺي، جا ٻيڙهانگي (ٻسانگي) هوندي آهي، ان جو هيٺيون ٿلهو پاسو زمين تي رکي، ٻيڙهن جا ڇيهه انهن ڪاٺين سان اٽڪائي قابو ڪندا آهن، اُن کي ”ڪوهڙ“ چون. ڪوهڙ جي پاسن کان ٿورو وريل يعني ڪمان وانگر ڪاٺين جا ٽڪر ڪلن سان قابو ڪندا آهن، جن کي ”مڪڙا“ چون. انهن جي وچ ۾ ساڳي سنوت ۾ ٽنگ ڪندا آهن، جن ۾ ڀوڻ جي وچئين ڪاٺي، جنهن کي ”اوڙاڪَ“ چون، سا وجهي قابو ڪندا آهن، جيئن ڀوڻ گول ڦري سگهي. پاڻي ڪڍڻ مهل ورت پوڻ تان هيٺ لاهيندا آهن. ڪوس ڀري ورت ڇڪي سامهون هلبو آهي، جيستائين ڪوس نڪري ۽ وڃي دنگ ٿئي. انهيءَ سڄي رستي کي ”سارڻ“ چوندا آهن.

کوهن مان پاڻي ڪڍڻ

ٿر ۾ کوهه تمام اونها آهن. ڪنهن کوهه جي منهن تي بيهي هيٺ نهاربو ته ڪمزور دل ماڻهو کي مغز ۾ چڪر پيو ايندو ۽ ٿري ۾ پاڻي ٽِڪَ (آرسي) وانگر چلڪندڙ ڏسڻ ۾ ايندو. مگر جتي سٺ پرهه اونها کوهه آهن، انهن جو پاڻي ڏسڻ ۾ به ڪونه اچي. هٿ ۾ آرسي کڻي سج جي سامهون ڏنگي جهلي پاڇولو (مِرِئيو) اندر کوهه ۾ موڪلبو آهي ته ان جي سوجهري تي پاڻي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ان مهل کوهه جي اونهائيءَ ڏسي حيرت وٺيو وڃي. اهڙن اوڙاهن مان پاڻي ڪڍڻ ڪهڙو نه مشڪل هوندو؟ اها انهن کي خبر، جن جو واسطو رهي ٿو.

لوهن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪوس، ورت ۽ ڀوڻ ڪم ايندا آهن. ڪوس ڳئونءَ جي رکيل چمڙي مان ٺاهيندا آهن جنهن جو قطر ڇهه ٻاڙيون (ويهَتُون) هوندو آهي. گهٽ وڌ ماپ جا به هوندا آهن، پر سراسري اهو مٿينءَ ماپ وارو ڪوس ڪم ايندو آهي. اُن جي ڪناري تي سورهن کن چم جون ٽڪنڊي شڪل جون چَتيون هڪجيتري مفاصلي تي لڳائيندا آهن، جن کي ”اک“ چوندا آهن. انهن جي وچ ۾ ننڍا ٽنگ ڪندا آهن. پوءِ ڪاٺ جي چئن وريل ڦاڪن واري ڪاٺي، جنهن کي ”ڪُڙائي“ چئبو آهي، ان جي چئني ڦاڪن جي ڇيڙن ۾ ٽنگ ڪري، مضبوط رَسي وجهند ا آهن. ان ۾ ڪوس سنهي ڏور سان، جنهن کي ”ڪسڻ“ چون، اکن جي ٽُنگن مان لنگهائي قابو ڪندا آهن. مينهن، اُٺ يا ڍڳيءَ جي بنا رڱيل چمڙي مان پٽا چيري، وٽي، ورت تيار ڪندا آهن. مينهن جي چمڙي جي ورت وڌيڪ مضبوط ٿيندي آهي. بعضي اَڪ جي اَڪَواري مان به ورت ٺاهيندا آهن. ڪُڙائيءَ جي مٿان مضبوط رسيءَ جو ٽڪر قابو ڪيل هوندو آهي، جو ورت سان ٻَڌي قابو ڪبو آهي، پوءِ ورت جي وسيلي ڪوس کوهه ۾ لاهيندا آهن.

ٻري نه ٻڪر دانهن ڀوڻ ڀڻڪو نه سڻيا.

ڀوڻ آهي ڪاٺ جو چڪرو يا ڪچي. ٿر ۾ هر هڪ کوهه تي ڪوهڙ ۾ ڀوڻ چڙهيل هوندو آهي. ڀوڻ جي وچ ۾ ڪاٺي هوندي آهي، جنهن کي اوڙاڪ چوندا آهن، جو ٻنهي پاسي ڪوهڙ جي مڪڙن ۾ قابو هوندو آهي.

ورت ڀوڻ تي چاڙهي ڍر ڏيندا ويندا ته ڀوڻ ڦرندو ويندو ۽ ورت پاڻيهي هيٺ کوهه ۾ لهندي ويندي. جڏهن ڪوس، کوهه جي تري ۾ پهچندو آهي، تڏهن ٺڪاءُ ڪندو آهي ۽ پاڻيءَ تي پُڄڻ ڪري ورت مان به گوسِي معلوم ڪري وٺندو آهي. پوءِ وت کي ٻه-ٽي جا ڪُون (مٿي ڇڪي هيٺ لاهڻ ڏيئي معلوم ڪندو آهي ته ڪوس ڀريو يا نه؟ ڪوس جڏهن کيس ڳوروُ لڳندو تڏهن سمجهندو ته هاڻي ڀريو آهي. اُن وقت کِلئي کي سڏ ڪندو آهي، جو اڳ ۾ ئي ٻه اُٺ، پاڏا، يا ٻه ڍڳا، يا ٻه – چارَ گڏهه پاڃاريءَ ۾ جوٽيو تيار ٿيو بيٺو هوندو آهي، جن کي ”ڪوسايا“ چئبو آهي. پاڃاريءَ جي وچ ۾ مٿينءَ ڪاٺيءَ ۾ (ڪنڌ وٽ) مضبوط ورت يا رسيءَ جو ٽڪر (آرنگو) ٻڌل هوندو آهي. ان ۾ ورَت جو ڇيهه (ڇيڙو)، جو ٻيڻو ڪيل هوندو آهي، سو لنگهائي منجهس کِيلي اٽڪائيندو آهي، جنهن ڪري ورت پاڃاريءَ ۾ قابو ٿي پوندي آهي. پوءِ وهٽن کي سِڌائيءَ تي هڪليندو آهي، جنهن کي سارڻ چون. جڏهن وهٽ مقرر حد يعني سارڻ جي دنگ تي پهچندا آهن، تڏهن ڪوس کوهه جي منهن تي پهچندو آهي. اُن وقت گوسي ڪوس ۾ هٿ وجهي قابو جهلي، پاڻ ڏي کوهه جي ڪناري تي رکيل چوگٺ ڏي ڇڪيندو. جنهن کي ”ڦرهيڙي“ چون، ۽ ساڳئي وقت ”هرڪارو“ (”هو، هو، هو، پڇا، پڇا، ميلهه جيئن ميلهه“) جو آواز ڪندو آهي، جو ٻڌي کيليو وهٽن کي بيهاري کيلي ڇڪي ڪڍندو آهي ته ورت جو پوڇڙ (ڇيهه) هيٺ ڪِري پوندو ۽ ڍر اچڻ ڪري ڪوس قابو جهليل ڦرهيڙيءَ تي هوندو. پوءِ جي دلا ڀرڻا هوندا ته هڪ هڪ ڪري ڀريندو نه ته ڪوس جو پاڻي ڪورئي ۾ هاريندو، جتان نِڪ جي رستي وهي وڃي آواڙي ۾ پوندو.

گوشي ڪوس خالي ڪري وري تڙ ۾ واريندو، ڪجهه ورت هٿ جي اُڄل سان تڙ ۾ واريندو، پوءِ ڪوس جي بار ڪري پاڻيهي پيئي کوهه ۾ ويندي. جيئن ڪُوس هيٺ پيو ويندو، تيئن وزن ڪري ورت تڪڙي گسڪندي، انڪري گوسي ورت تي پيرن جو داٻ ڏيئي بيهندو آهي، جيئن پوري رفتار سان هيٺ لهي. جڏهن ڏسندو ته هاڻي ٿوري بچي آهي، تڏهن هٿ سان جهلي ڪوس کي تري ۾ لاهيندو آهي. پوءِ جاڪؤن ڏيئي ڪوس ڀري تيار ڪندو ته ايتري ۾ کيليو به وهٽ ڪاهي پهچي ويندو. اهڙيءَ طرح ضرورت آهر پاڻي ڪڍندا آهن. جڏهن پيٽاڻي پاڻي ڀرجي ويندو ۽ آواڙو (اوهاءَ) به ڀريو، تڏهن وارو ڇوڙي ڇڏيندا.

سَنجي سَنجي کُوهڙا، ويڙهي ويا وَرت.

پاڻيءَ جي پُڦورت ڪرڻ بعد وارو ڇوڙي ورت گول ويڙهي ڪي گهر کڻي ويندا آهن ۽ ڪي ڪوهڙ تي يا ڀرسان ڪنهن ويجهي وڻ تي رکي يا ٽنگي ڇڏيندا آهن.

پيا سيٽ سَڙن، تُرهي ٻنهي ڪَنڌئين.

ورت کي سيٽ به چئبو آهي، جنهن مان لفظ سيٽڙي (سيترڙي) ٺهيو آهي. کوهن جو پاڻي کُٽڻ جو نه آهي. ڪن ۾ تريص مان پاڻي مٿي به چڙهي، تڏهن چوندا آهن ته کوهه ۾ پاڻيءَ جي اوٻيڙ آهي، جنهن ۾ ڪوس يا ورت ڪِري پوي ته ڪڍي به نه سگهجي. ڪن کوهن مان گهڻي پاڻي ڪڍڻ بعد ڪڏهن کَٽي به پوندو آهي (اهڙا کوهه بلڪل ٿورا هوندا)، تڏهن چئبو آهي ته کوهه اورينچِجِي (خالي ٿي) ويو. اهڙِءَ حالت ۾ ٽي – چار ڪلاڪ ڇڏي ڏبو ته وري پاڻي ٿي پوندو، ان کي ”آکارِي اچڻ“ چئبو آهي. پوءِ وري پاڻي ڪڍڻ شروع ڪبو آهي.

 

کوهن تان پاڻي ڀرڻ

ٿر ۾ پيئڻ جو پاڻي کوهن تان ڀربو آهي. کوهه سڀ ڪنهن ڳوٺ ۾ آهن. ڪٿي ڳوٺ جي ڀرسان ته ڪٿي ٿورو پرڀرو ٿيندا آهن. ٻهراڙين ۾ مالندار ماڻهو سڀڪو پنهنجو تيڻ (وارو وارڻ) ڪندو آهي، يعني وارو واريندو آهي ۽ مال لاءِ پاڻي ڪڍندو آهي. سندن گهرن جون عورتون به ان وقت پاڻي ڀرينديون آهن. جن ماڻهن وٽ پنهنجو مال نه هوندو آهي يا ٿورو هوندو آهي، سي ٻئي ڪنهن مال واري ماڻهوءَ سان پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ سَٺو ڪندا آهن. يا ڪي خاص پاڻي ڀرڻ لاءِ پنهنجو سَنتو ڪندا آهن. ڪٿي ڪٿي ته کوهه ميل – ٻه ميل پري به هوندا آهن، جن جي وچ ۾ ننڍا ذرا به هوندا آهن، جتان عورتون ويچاريون مشڪلات سان پاڻي ڀري اينديون آهن. پنج – ست يا وڌيڪ عورتون گڏجي وينديون آهن. وچ ۾ دلا لاهي ساهي پٽي (ڦوُڪارو کائي) وري کڻي اينديون آهن. ان وقت ٿري زالن جي مشقت ڏسڻ وٽان هوندي آهي.

ڪي ڪي ماڻهو، جن وٽ پنهنجا گڏهه هوندا آهن، سي گڏهه تي جَنترو (جنڊو) وجهي، ان ۾ ٻه دلا ڀري ٻنهي پاسن کان رکي، رَسيءَ سان قابو ڪري، ڪي ته ٽيون ننڍو دلو ڀري جنڊي جي وچ تي رکي کڻي ايندا آهن.

سَنجن ساٺيڪن تي وڏي وير وهُون،

پايو جَر جَنڊن ۾ ڪوڏا ڪَن ڪَهُونَ.

(شاهه)

کوهه پري هوندو آهي، يا وسڪاري جو نين تان پاڻي ڀرڻ لاءِ شوق مان ڪيتري پنڌ تان ڪاهي کوهن تي ايندا آهن ۽ جنڊا ڀري روانا ٿيندا آهن. ڪي وري پاڻيءَ جو ساندارو ڀري گڏهه جي پُٺيءَ تي رکي پاسي کان جهلي ڪاهي کڻي ايندا آهن، جنهن ۾ ٽي چار دلا پاڻي پوندو آهي. ڪي ساندارو گهوڙن تي به کڻي ايندا آهن، يا ٻه ساندارا ڀري اُٺ تي، هڪڙي هڪڙي پاسي ۽ ٻيو ٻئي پاسي رکي وچ ۾ ڪپڙي جي گوٽِي يا رَسي سان مضبوط ٻڌي کڻي ايندا آهن، انهيءَ کي ”لَڏَ“ چوندا آهن. ٻهراڙين ۾ پخال جو رواج ڪونهي. فقط شادي غميءَ وقت ڪٿان هٿ ڪري پورائو ڪندا آهن، ڇو ته سڀني وٽ پنهنجون پخالون ڪٿان آيون؟ دلا به مٽي جا ڪم آڻين، جي عورتون مٿي تي کنيو اچن.

شهرن ۾ ماڻهو پيهائيءَ تي پاڻي پيئن. کوهه گهڻو ڪري مالهي واهيندا آهن، ڇو ته انهن جو اهو ڌنڌو آهي. ڪٿي ڪٿي ٺڪر، مسلمان، برهمڻ ۽ مهيشوري به واهنيدا آهن. چاليهه پنجاهه يا سٺ کان وڌيڪ گهر اتان پنهنجو مال ڍڳيون، مينهون، ٻڪريون، رڍون، اُٺ، گهوڙا، گڏهه وغيره، جيڪو به هوندو سو پياريندا آهن ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي به ڀريندا آهن. ان لاءِ مقرر ڪيل اگهه موجب پيهائي ڏيندا آهن. سياري جو پاڻي ڪڍڻ ۾ تڪليف گهٽ اهي، ڇو ته موسم ٿڌي آهي ۽ وسڪاري چنل وَهٽ متارا هوندا اهن، تنهنڪري پيهائيءَ جا نرخ گهٽ هوندا آهن. سراسري في دلِو اٺ – ڏهه يا ٻارنهن آنا، رڍ ٻڪري چار – ڇهه آنا. اونهاري ۾ گرميءَ جي موسم هئڻ ڪري تڪيلف گهڻي ٿيندي آهي ۽ وهٽن لاءِ چارو وغيره مهانگو ملندو آهي، تنهنڪري پيهائيءَ جا اگهه سوايوڻا بلڪ ڏيڍوڻا ٿي ويندا آهن.

شام جو پنجين بجي کوهه واهڻ شروع ڪندا اهن. رات جو ڏهين – يارهين بجي تائين پيو وارو هلندو آهي. انهيءَ وقت ۾ ايڪر ٻيڪڙ عورتون به پيون پاڻي ڀرينديون اهن، نه ته خاص ڪري اهو پاڻي مال لاءِ ڪڍي اوهاءَ (اواڙو) ڀريندا آهن. وري صبح جو چئين بجي وارو واهڻ شروع ڪندا آهن، ان مهڪ ڳوٺ جون عورتون پاڻي ڀرڻ شروع ڪنديون آهن. دلا ڪوس جي مُنهن مان ڀرينديون آهن. بعضي شهرن ۾ ڪٿي ڪٿي پڪين سِرن جون هونديون ٺهيل هونديون آهن، جي پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيندا آهن. ٻئي پاسي نل لڳل هوندو آهي، جتان عورتون دلا ڀرينديون وينديون آهن.

آڌي اُٿڻ تي، جيڏانهن پاڻي پاتارن ۾،

وارو ويسرين کي ڏينهان ڪونه ڏئي،

مون ڪميڻيءَ کي، مٿان کوهه کڻي ويا.

پاڻيءَ لاءِ سوير اُٿن، ڇو جو ڏينهن جو هرهڪ تڙ تي ايتري ڀيڙ ٿيندي آهي، جو جيڪي ويسريون ٿي سمهي پون ۽ دير سان اچن تن کي پاڻيءَ جو وارو دير سان ملندو آهي. ازان سواءِ اُس به ٿيندي آهي، تنهنڪري اَسُر جو ازخود ننڊ مان سجاڳ ٿينديون آهن، ڪي گوسيءَ جو ”هرڪارو“ ٻڌي فوراً پهچي وينديون آهن.

مالهي به ان مهل سڏ ڪندو آهي، يا ڀر ۾ گهرن واريون عورتون سڏ ڪري هڪٻئي کي اُٿارينديون آهن. پوءِ ٻه – ٻه، چار – چار يا وڌيڪ پاڻ ٻه گڏجي ٽوليون ڪري دلا کڻي پيون اينديون وينديون آهن، ۽ نمبروار جيئن کوهه تي پهچنديون آهن، تيئن نمبر وار دلا ڀرينديون آهن، جنهن کي کُڏو يعني وارو چون. کڏي کان سواءِ اڳ ۾ ڪا عورت دلا نه ڀريندي آهي، پر جي وچ ۾ پنهنجي واري کان اڳ ڪا دلا ڀرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته هن کي ڀرڻ نه ڏينديون آهن، ڇو ته ائين ڪرڻ ڪري هڪٻئي ۾ ريس ٿيندي آهي ۽ پاڻ ۾ جهڳڙو ٿي پوندو آهي. اهڙيءَ طرح ڏهين – يارهين بجي تائين پيون ڀرينديون آهن.

ڪي عورتون مٿي تي هڪٻئي مٿان ٻه دلا رکي هلنديون آهن، جنهن کي ”ٻيلهڙو“ چون. ڪي ٻه دلا مٿي تي ۽ هڪ ننڍو دلو يا مٽيءَ جي ڊگهي ڳچيءَ سان گگر، يا پتل جو موريو ڪڇ ۾ به کڻنديون آهن. مٿي تي اڳڙين جي ٺهيل ڪوڏين ۽ ٽِڪن لڳل آر تي تيار ڪيل گول نموني جي سينڍوڻي (سينهون)، جنهن جي پٺيان ڌاڳن جو ڇڳو ٺاهي، ان جي پيرن ۾ ريشمي ٽؤنر لڳائينديون آهن، سا رکي ان سان دلا رکنديون آهن، جيئن تڪليف نه ٿئي ۽ دلو به ٽِڪيو پيو هجي.

شاهوڪار پيتلي گهاگهر (گگر) ۽ موريا، جنهن کي ”هيل“ چون، ۽ غريب ٺِڪر جا گهڙا (دلا) پاڻي پيئڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن.

ڪي عورتون دلي کي هٿ ڏيئي هلنديون آهن، ۽ ڪي بنا هٿ جي سهاري هلنديون آهن. شاهوڪار گهرن جون عورتون به پاڻي مٿي تي ڀري اينديون آهن. البت ڪن شاهوڪارن ۽ ڪامورن جون زالون پاڻي ڪونه ڀرين. اهي پخال گهرائيندا آهن، پر تمام ٿورا. پخال ۾ سراسري اٺ دلا يا وڌيڪ پاڻي ايندو آهي. ڪي گهر ساليانو پخال ٻولي ڇڏيندا آهن ته ڪفايت پوندي آهي. جي پِڇ (کاپو) گهڻو هوندو ته روزانو پخال وٺن. نه ته تَسي تي يعني هڪ نه ٻئي ڏينهن وٺن، ان لاءِ اگهه جدا جد اهوندو آهي. ڪي ريزڪي وٺن، يعني گهرج وقت، جنهن جي قيمت اٺ ڏهه آنا هوندي آهي. ڪي سرنديءَ وارا گهرن ۾ هوديون به ٺهرائيندا آهن، جن ۾ پاڻي وجهيو ڇڏين.

ڪي گهر اهڙا هوندا آهن جن ۾ زالون ڪونه هونديون آهن ۽ پخال وٺڻ جيتري به پُڄت نه هوندي آهي ته لاچار مرد پاڻ دلا ڀرڻ کڻي ايندا آهن. مرد ماڻهو دلو مٿي تي ڪونه کڻن، پر ڪُلهي تي رکي کڻي ايندا آهن. ڪي جوان ته ٻه دلا ڀري ٻنهي ڪلهن تي رکي گڏ کڻي ايندا آهن.

ڀوڻ

هي ڪاٺ جو ٺهيل هوندو آهي. ڪاٺ جو ٽُڪر جنڊيءَ تي چاڙهي گول ڪندا آهن. ان جي مٿان گولائي وڌائڻ لاءِ ٽي ڪاٺ جا ٽڪر هڪٻئي سان اهڙيءَ طرح ڦهڪائي ڳنڍيندا آهن جيئن گولائيءَ ۾ پورا ٿي اچن ۽ هڪ چڪرو ٺهي پوندو آهي. چڪري تي ٻنهي پاسن کان ڪجهه کانچا ڪڍندا آهن، جتان ورت هلندي آهي ۽ وچ ۾ ننڍي کانچي ۾ لوهه جي مضبوط شيخ سان يا چم جي سڙهي سان اٽڪائي قابو ڪندا آهن. ڀوڻ جي وچ ۾ ٽنگ هوندو آهي، جنهن کي ”ساڻ“ چوندا آهن. انهيءَ ٽنگ کي گسجڻ کان بچائڻ لاءِ ٻنهي پاسن کان لوهه جا گول ويڪرا ڇلا وجهندا آهن، جن کي ”آڻ“ چون. پوءِ انهيءَ ٽنگ جي وچ ۾ ڪاٺي وجهندا آهن، جنهن تي ڀوڻ ڦرندو آهي، ان کي ”اوڙاڪ“ چون. اهو اوڙاڪ کوهه جي منهن تي لڳل ڪاٺ جي ڪوهڙ جي مڪڙن ۾ ٽنگ ڪري ان ۾ ٻنهي پاسي اٽڪائي ڇڏيندا آهن. ”آڻن“ کي وقت بوقت ڪڙو تيل پيا لائيندا آهن، جيئن اُن تي ڪٽ نه چڙهي ۽ ڀوڻ کي ڦرڻ ۾ اٽڪاءُ نه ٿئي. ان کي ”وانگ“ چون، جيئن مشينن جي پرزن کي تيل ڏبو آهي.

اَواڙو

اَواڙي کي ٿري ”اوهاءَ“ چون، جنهن جو اصل اچار آهي ”آهاو“، جو سنسڪرت جو لفظ آهي. مال جهنگ مان چري مقرر وقت تي پاڻي پيئڻ لاءِ تڙ تي ايندو آهي، جنهنڪري مالدنار اڳواٽ پاڻي ڪڍي ڪَٺو ڪري اوهاءِ ڀري ڇڏيندا آهن. کوهه جي ڀرسان ٽِڪنڊي شڪل جو ٺاهيندا آهن، ان جي ٻاهرين ڀِت ڏيڍ، ٻه فوٽ کن اوڍي تيار ڪندا آهن ۽ تَري ۾ مِٽي وجهي ڇڏيندا آهن، جيئن زمين پاڻي چُهي نه وڃي. ڪپورئي مان هڪ نالي اواڙي سان ڳنڍيل هوندو آهي، جنهن کي ”نِڪَ“ چوندا آهن. ڪپورئي مان پاڻي نِڪَ جي وسيلي وهي اَواڙي ۾ پيو ايندو آهي، تان جو نيٺ ڀرجيو وڃي. انهيءَ تان پهاڪو ٺهيو آهي ته ”جيڪي ڪَپُورئي ۾ هوندو سو اوهاءَ ۾ پوندو.“

پاڻيءَ جي بچاءُ جي لاءِ اوهاءَ جي چوڌاري مضبوط ڍنگهرن جو لوڙهو ڏيئي ڇڏبو آهي. وچ ۾ هڪ هنڌ دروازو رکبو آهي، جنهن کي ڪاٺ جي ڇڊن گهاٽن وارو در چاڙهي رکبو آهي. مال پيارڻ بعد دروازو قابو ڪري ڪلف ڏيئي ڇڏبو آهي، جيئن ڌاريو مال پاڻي پِي نه وڃي، يا ڪو ڌاريو ماڻهو پنهنجو مال پياري نه وڃي.

کوهه واري پاسي نِڪَ جي مٿان به – ٽي ٿلهيون ڪاٺيون رکي ڇڏيندا آهن، جن کي ”سينگاري“ چون. اوپروُ مال جي اواڙي ۾ اچي پوي يا مال پاڻي پيئڻ لاءِ ڳاهٽ ٿي اَڙاٻڙاٽ ڪري، ته يڪدم گوسِي سينگاري ٽپي اندر وڃي سگهي.

شام جو پنجين بجي ڌاري جڏهن مال نه هوندو آهي، تڏهن اوهاءِ جي اندران گپ ڪڍي چوڌاري اندرئين پاسي کان راڳي ڇڏبو آهي، جيئن مرمت ٿيندي رهي، ان کي ”هٿ هڻڻ“ چئبو آهي. ان وقت پاڻي به لُڙاٽجي ويندو آهي، تنهنڪري يڪدم مال کي ڪونه پيارين. ڪلاڪ اڌ بعد گپ وڃي تَرُ وٺندي آهي ۽ پاڻيءَ اَڇِرجِي صاف ٿي پوندو آهي، پوءِ مال کي پياريندا آهن.

سيتَرِڙِي

ڪي گهر غريب هوندا آهن، جي پيهائيءَ تي پئسو ڀري نه سگهندا آهن، يا وسڪاري جو گهڻي ڪم هئڻ سببان واندڪائي گهٽ هوندي اٿن پر تنهن هوندي به گهر ۾ پاڻي جي تڪليف سبب کوهه واريندا آهن، ۽ پاڻي ڀري يڪدم وارو ڇوڙي ڇڏيندا آهن، انهيءَ کي ”سيترڙي“ چوندا آهن.

ڪنهن مهل ڍڳا، پاڏا، گڏهه وغيره هوندا آهن ته پاڃاريءَ ۾ جوٽي، انهن سان ڇڪي پاڻي ڪڍندا آهن. يا جي هڪ اُٺ هوندو ته ورت ان جي ڳچيءَ ۾ وجهي وارو ڇِڪي پاڻي ڪڍي وٺندا آهن. پر جي وهت نه هوندو آهي ته پوءِ مڙس، زالون ۽ ٻار ورت کي چنڀڙي پوندا ۽ ڇڪي وارو ڪڍي وٺندا. اهو نظارو ڏسڻ جهڙو هوندو آهي. ڇڪڻ وقت ٻيٺا ٿيو وڃن. بعضي ته گوڏا به وڃيو زمين سان لڳن. نئون ماڻهو اهو لقاءُ ڏسي کل کي روڪي ڪونه سگهندو.

جي ڪنهن ماڻهو سيتڙي ڪئي ته اوسي پاسي گهرن مان به عورتون دلا کڻيو اينديون، پوءِ ڇڪڻ ۾ اهي به وارو وٺائينديون آهن. پر تڏهن به وقت لڳندو آهي، تنهنڪري ڪيترا ماڻهو رات جي وقت سيتڙي ڪندا اهن، جيئن اجائي بيگر کان بچي پون.

 

پاڻيءَ جا قسم ۽ خاصيتون

سڄي ٿر ۾ پيئڻ جو پاڻي کوهن مان ڪڍن. چوماسي ۾ تراين ۾ برسات جو پاڻي ٿيندو آهي، سو به تڏهن، جڏهن برسات سٺي پوي، نه ته سڄو سال کوهن جو پاڻي ڪم اچي. سڄي ٿر جي زمين هڪجهڙي ڪانهي. کوهن کوٽڻ سان زمين جي سختيءَ، پوچاڻ، اونهائي ۽ تهن ۾ ڪافي تفاوت ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ معدنيات جي ملاوت ڪري زمين جي چرڪاڻ، ڪڙائي، مٺائي، کاراڻ، ڀلائي ۽ ڍلائي موجب پاڻيءَ جي ذائقي ۽ خاصيتن تي به اثر ٿئي ٿو.

ورسي کارا کوهه، سنجيم جي ساڻيهه جا.

- (شاهه)

کوهه ڪٿي تانگها ته ڪٿي اونها، پاڻي به ڪٿي مٺو، مٿي چرڪو، ڪٿي ٻاڙو، ڪٿي کارو، ڪٿي ڪسارو، ڪٿي پِرڪو ۽ ڪٿي اُگرو. انهيءَ ڪري جدا جدا هنڌن ۽ ڳوٺن جي کوهن ۾ اونهائي ۽ ٻين سببن جي ڪري پاڻيءَ جي خاصيتن ۾ به تفاوت آهي، بلڪ هڪ ڳوٺ ۾ به ڪن کوهن جو پاڻي مٺو ته ڪن جو کارو، جنهن جو ماڻهن ۽ ٻين ساهوارن تي جدا جدا اثر ٿئي ٿو. سياري جو ٿڌي هئڻ ڪري گهٽ ۽ اونهاري جو گرم هئڻ ڪري وڌيڪ ٿئي ٿو. ڪو پاڻي وڻندڙ ۽ هاضميدار، جو پيئڻ سان ٿڪ لهيو وڃي ۽ اندر کي آرام ۽ روح کي راحت اچيو وڃي، ۽ ڪٿي وري اهڙو پرڪو، جو پيئڻ سان دل ڪچني ٿئي، آنڊا اُٿليو اچن ۽ اُلٽي اچيو وڃي. ڪٿي ته اهڙو کارو پاڻي آهي جو ڪجهه اُڃ لڳل هجي ۽ يڪساهي گلاس کن پيئجي ته دست ٿيو پون، ان لاءِ چوندا آهن ته ”فلاڻي کوهه جو پاڻي اهڙو آهي جو کڻي پيءُ ته سامهون هليو وڃي!“ ڪن کوهن جو پاڻي اونهاري جو اُس جي وقت پکي پيئندا آهن ته مريو وڃن. اُن کي ”هُڙيا مار“ پاڻي چئبو آهي. (هُڙيو هڪ پلي جو قسم آهي.) ڪن کوهن جو پاڻي اڃايل ڍور يڪساهي گهڻو پيئي ته مريو وڃي. ڪن کوهن جو پاڻي اهڙو پرڪو گهوندو آهي، جو سواد نه هجڻ ڪري پيئڻ تي دل نه ٿيندي آهي. اهڙا هنڌ، جتي کوهن جو پاڻي چڱو نه آهي ۽ ڀرپاسي ويجهڙائيءَ ۾ چڱيرو پاڻي هوندو .

آهي ته ماڻهو پيئڻ جو پاڻي اتان وٺي ايندا آهن. ٿر ۾ ڪامورا جڏهن گشت تي ايندا آهن، پوءِ منزل ڪٿي به هجين، ته انهن لاءِ مٺو پاڻي آڻيندا آهن، اهڙو بندوبست اڳواٽ ڪبو آهي.

ڪن هنڌن ساڳئي کوهه ۾ ٻن نمونن جو پاڻي ٿئي ٿو. انهن ۾ هيٺان پاتال مان کارو پاڻي اچي ۽ مٿان وائي مان برساتي پاڻي سِمِي پيو ايندو آهي، جو مٺو هوندو آهي. ڪن کوهن ۾ اندر هڪ پاسي کان مٺو پاڻي اچي ۽ ٻئي پاسي کان کارو پاڻي اچي. کارو پاڻي ڳري هئڻ سبب تَرَ وٺي بيهي ۽ مٺو پاڻي هلڪي هئڻ سبب مٿان بيهي تنهن ڪري مٿان اٺ ڏهه ڪوس پاڻي ڪڍبو ته مٺو نڪرندو جو پيئڻ جي ڪم آڻين ۽ پوءِ وري کارو نڪرندو آهي جو مال جي پيئڻ ۽ هار وير لاءِ ڪم آڻين.

ڪٿي ڪٿي ماڻهو ڇا ڪندا آهن، جو کاري پاڻيءَ جي کوهن کي چوماسي وقت برساتي پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيندا آهن، جو پوءِ ضرورت وقت ڪم آڻيندا آهن. مڙيئي ذائقي ۾ مِٺاس جو سياري ۾ تفاوت هوندو آهي.

ٿر ۾ رڻ جي دنگَ واري هنڌ جي ويجهو، جنهن کي ”وٽ“ چئجي، ۽ ان جي ڀر واري ڀاڱي ”سامِروٽي“ ۽ لاڳيتي ”ونگي“ واري ڀاڱي ۾، جتي پاڻي ٿر جي ٻين ڀاڱن جي بنسبت تانگهو آهي، سو پيئڻ لاءِ چکو، پر ماڻهوءَ کي بدن ۾ رشٽ پشٽ ۽ ٿُلهو نٿو ڪري. ماڻهو سنها ۽ قد جا ڊگها يٿندا آهن. خاص ڪري سامروٽيءَ جون عورتون سهڻيون ٿينديون آهن.

ڏيپلي جو پاڻي دماغي طاقت وڌائيندڙ آهي، جنهنڪري ماڻهو هوشيار، سمجهوُ، چالاڪ ۽ تکا واپاري آهن. ٿر ۾ ڏيپلو واحد شهر آهي، جنهن هوشيار ڊاڪٽر، قابل وڪيل، مشهور اديب ۽ ايڊيٽر، ڄاڻوُ ماستر، روينيو جا ماڻهو ۽ ٻيا ڪامورا پيدا ڪيا آهن.

پارڪر ۾ به پاڻي ڪو گهڻو اونهو ڪونهي، پر تندرستيءَ لاءِ سٺو نه آهي ۽ نڪو ذائقي ۾ لذيذ آهي. ماڻهوءَ کي جيتوڻيڪ بيمار ڪونه ڪندو، پر تندرستي سٺي نه رهندي. ٻاهريان ماڻهو اڪثر بيمار گذاريندا آهن. ماڻهن جو رنگ ڪارو ۽ ڏيک ويک ۾ البت ڪوجها ۽ ٻالا ڀولا، پر پنهنجي پهري پڪا ۽ دل جا اونها يعني دل جو راز يڪدم ٻئي سان نه ڪندا.

ڪنٺي واري ڀاڱي ۾ پاڻي پنجٽيهن پُهن اندر آهي، جو پيئاڪ چڱيرو، هاضميدار ۽ صحت بخش آهي. ماڻهو رشٽ پشٽ، بدن ڀريل ۽ طاقت وارا دماغي لحاظ کان سمجهو، بدني ٻل وارا، کيتيءَ جي ڪم ۽ مال جي سنڀال لاءِ مرد ۽ عورتون مضبوط، چالاڪ ۽ ڦڙت، خاص عورتون سڊول، سَڌَر ۽ طاقتور. اتي جو چوپايو مال به سَڌر ۽ صحتمند، ڍڳا طاقت وارا ۽ واڌ ڪندڙ مرد صحتمند، سڌر، مضبوط بدن وارا ۽ سمجهو آهن.

ڍاٽ ۾ پاڻي چاليهن پُرهن تائين اونهو آهي. ٿر جا وڏا ڳوٺ هن ئي ڀاڱي ۾ آهن. چيلهار جو پاڻي هاضميدار، وڻندڙ، ڪنهن به حالت ۾ نقصان نه ڪندڙ ۽ تندرستيءَ لاءِ سٺو، ڪانٽئي ۽ مِٺيءَ جو پاڻي ڪن کوهن ۾ چڱو ڪن ۽ البت اڻوڻندڙ، ته به تندرستي ۽ مال لاءِ سُٺو، ڇاڇري ۽ اسلام ڪوٽ جو پاڻي به چڱيرو آهي. انهيءَ ڀاڱي ۾ سراسر پاڻي چڱو، جو تندرستيءَ لاءِ سٺو آهي. ماڻهو سمجهو، سياڻا، چالاڪ، هوشيار، بدن ڀريڪ، دماغي طاقت وارا، مال به رشٽ پشٽ، سَڌر ۽ طاقت وارو، عورتون سهڻيون، طاقت ور ۽ ڪم جون چالاڪ آهن. عمرڪوٽ جو پاڻي روڳي، تندرستيءَ لاءِ موزون نه آهي. ماڻهو بدن ۾ نٻل ۽ نستو رهندو، مُهراڻي ۾ پاڻي تنگهو، مِٺو، ذائقي وارو ۽ وڻندڙ، جنهن ڪري ماڻهو ڊولائتا، چالاڪ ۽ خاص ڪري عورتون سهڻيون. تندرستيءَ جي لحاظ کان البت ڪي روڳي آهن.

کائڙ ۾ ويريون آهن، جن ۾ پاڻي مٺو ۽ سٺو، ماڻهن ۽ مال جي تندرستيءَ لاءِ فائدي وارو، ماڻهو بدن ۾ مضبوط، پر دماغ لحاظ کان ساده طبيعت، ويساهه وسوڙل، سانتيڪا ۽ اعتبار ڪندڙ. اُتي چاپايو مال خاص ڪري ڍڳا رشٽ پشٽ مضبوط ۽ ڀلا ٿيندا آهن.

ٿر جي ٻين ڀاڱن ۾ به ڪٿي ڪٿي ويريون آهن، جن مان ڪن جو پاڻي پيئڻ لاءِ مٺو، وڻندڙ ۽ مال لاءِ سڄو آهي. ڪن جو پاڻي ڪسارو، جو پيئڻ جي ڪم ڪونه اچي. هن پاڻي ۾ چانهه به ڪونه ٺهي، جو کير ڦِٽيو پوي. مال جي پيئڻ، ڪپڙن ڌوئڻ، هاروير ۽ ايڙڦيڙ جي ڪم اچي. ڪن جو پاڻي اهڙو آهي، جو ان ۾ صابڻ به گجي ڪونه ڪري، ڪپڙو ڌوئبو ته صفا ڪونه ٿيندو.

ڪيرٽِي، اُڪِليُون، ڪانٽئي، واهر ۽ ڪن ٻين هنڌن مٺو پاڻي آهي، جو پيئڻ ۾ لذيز ۽ وڻندڙ آهي. ڀر وارن ڳوٺن جا ماڻهو به اهو پاڻي پيئڻ لاءِ ڀري ويندا آهن.

پارنو، رَنگيلو، لَکميار، ڀاروُ جو تڙ، کاريو نَرا، توڳي جو تڙ، آمِرِيو، هريار، کارو ڏونگرو ۽ ڪجهه ٻيا ڳوٺ، جتي جو پاڻي کارو آهي، جو ٻاهريون ماڻهو پِي ڪونه سگهي، پر اُتي جا رهاڪو هِري ويا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org