باب ٽيون
وڻ
ٿر جي نرم واريءَ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا اوڀڙ اڀرن ٿا، جن مان گاهه
۽ ننڍا ٻوٽا وسڪاري بعد سڪيو وڃن، باقي وڻ وڌندا
وڃن، تان جو نيٺ وڏا ٿيو پون. ڪٿي ڪٿي گهاٽيرا،
ڪٿي ڪٿي ڇڊا، جي جهنگ، مڙهن، ٻنين، ڀٽن، ڳوٺن،
وٿاڻن ۽ کوهن تي بيٺا هوندا آهن. ڀٽن جي چوٽين تي
بيٺل ڪنڊن ۽ ڪونڀٽن جا وڻ پري کان جهنڊن ۽ ڇٽين
وانگر بلڪل مزيدار پيا ڏسبا آهن. انهن جا ٻه قسم
آهن: هڪڙا وڏا وڻ، ٻيا ننڍا وڻ.
وڏا وڻ
هنن جي ڊيگهه وڌ ۾ وڌ پنجويهن فوٽن تائين ٿئي ٿي. هيٺان ٿڙيڪا ۽
کليل هوندا آهن. مٿي ڏار ۽ ٽاريون ڪڍي گهاٽا ٿيندا
آهن. انهن مان ڪنڊا ۽ ڄاريون ڳوٺن ۾ ماڻهو گهرن ۾
پوکين ۽ جهنگ ۾ به عام ٿين. روهيڙو، ڪانڪهه ۽
ڪونڀٽ جا وڻ جهنگ ۾ عام ٿين. برسات تي اُڀري وڏا
ٿيندا آهن، جن جي ڪابه سنڀال ڪانه ٿيندي آهي. ننڍي
هوندي ڪي مال جي کائڻ ۽ لتاڙڻ ڪري ناس ٿيو وڃن ۽
ڪي جيڪي مال کان بچن سي وڏا ٿيو پون. نم آمڻ ٻير،
سِرَنگهُو، سنڌي ٻٻر، پپر، سِرينهُه ڳوٺن ۽ شهرن ۾
ماڻهو گهرن ۾ پوکي سنڀال ڪندا آهن. گيدوڙيون بلڪل
ٿوريون آهن، سُوانجڙو فقط سڄي ٿر ۾ هڪ – ٻن هنڌن
تي آهي. ولايتي ٻٻر ڳوٺن ۾ ازخود برسات تي اُڀريو
بنا سنڀال جي پيا وڌن. انهن وڻن جو مختصر احوال
هيٺ ڏجي ٿو:
* ڪَنڊو: ڪنڊا سڄي ٿر ۾ جتي ڪٿي عام آهن، پر کائڙ ۾ گهٽ آهن. هي
سنئين ۽ ڏاڍيري زمين، ٻنين، مڙهن، تڙ جي ڏهرين،
ڀٽن ۽ دڙن جي چوٽين تي جام ٿين، ۽ دڙن ۽ ڀٽن جي
لاهن تي البت ڇڊا ٿين.
هن جا ٻه قسم ٿين: هڪڙا ڪَنڊن وارا، جن جي ٽارين ۾ ننڍا ننڍا
تِکا ڪنڊا ٿيندا آهن، جنهنڪري پَن ۽ سِڱرين لاهڻ ۾
تڪليف ٿيندي آهي، جن کي ”ڪنٽرا“ چون. ٻيا اهڙا ٿين
جن ۾ ڪَنڊا ڪونه ٿين، انهن جا پَن ۽ سِڱريون
سولائيءَ سان لاهي سگهبيون آهن، انهن کي ”لاسڙ“
چون. ڪي ڪَنڊا اهڙا آهن. جن ۾ پَن لاهڻ وقت ننڍيون
ننڍيون ٽاريون هٿ سان موڙڻ ڪري يڪدم ڀڄي پونديون
آهن انهن کي ”ٻَڙِ ڪِڻا ڪَنڊا“ چون. ٻيا اهڙا ٿين
جن جون ٽاريون يڪدم ڪونه ڀڄن، انهن کي ”چيڙها
ڪَنڊا“ چون. ماڻهو لاسڙ ۽ ٻَڙڪڻا ڪنڊا پسند ڪن،
ڇاڪاڻ جو کين سڱريون ۽ پَن لاهڻ ۾ سهولت ٿيندي
آهي.
بهار جي موسم ۾ ڪنڊا مورجڻ شروع ڪندا آهن. ڪنڊي جي پَنن کي سَنک
چون. پَن جڏهن ڪَچا هوندا آهن تڏهن سندس رنگ پيلو
ٿئي. ان کي ”پُرَهَ“ چون. اهي مال کي ڪونه
کارائين، ڇاڪاڻ جو مال جي آنڊن ۾ اَڙا (ڳوڙها)
ڪريو ڇڏين، پر ڪجهه وقت بعد جڏهن گهاٽي سائي رنگ
جا پڪا ٿين تڏهن اهي لاهي اچي ٻڪرين ۽ اُٺن کي
چارين. ڏڪار وقت ڍڳين کي به چارين. ڪَنڊو اُٺ لاءِ
ته خاص جياپو آهي.
موڙي مُڃر ٽاريون، چانگا ٿا چرو.
بهار جي موسم ۾ ٻُور لڳي جنهن کي مڃر چون، ان مان سڱريون ٿين.
ڪچڙين سڱرين جي ڀاڄي سٺي ٿيندي آهي. ٿلهيون ٿين ته
اُٺن ۽ ٻڪرين لاءِ چارو ٿئي. پچڻ بعد ڳاڙهيون ٿين،
جن کي ”کوکا“ چون، جي مال ته کائي پر ماڻهو به
لائين. ٻار ته شوق سان کوکا کائين. ٻنين ۾ ڪَنڊا
هوندا آهن، تن جي مالڪ سنڀال ڪندا آهن. تُڙ وٽ ٻير
جا ڍنگهر ڏيئي ڇڏيندا آهن، جيئن ٻيو ڪو پَن ۽
سڱريون لاهي نه وڃي.
ڪُنڊي جي ڪاٺي ٿلهي ۽ سَٽ جهلڻ جهڙي آهي. جاين ۾ ٿنڀا ۽ داسا
ڪري ڪم آڻين، پر شهتير ورلي ڪن، ڇو ته بعضي بار
سبب اوچتو ٺڪاءُ سان ٽڙڪي ڀڄي پوندا آهن. اُن کي
سُرو (هڪ قسم جو جيت) لڳندو آهي، جو ٽُنگ ڪري ڪاٺي
۾ گهڙيو وڃي ۽ اندران کائي ٿوٿِي ڪيو وجهي، جنهن
ڪري ترت ڀڄيو پوي. ان جا ٿلها ٿُڙ ۽ ڏار سِرن
پچائڻ لاءِ کُورن جي ڪم اچن. ڪاٺيون ٻارڻ جي ڪم
اچن.
ڪچين ڪَنڊين جا ٿُڙ ڪَپي گهرن جي ڇَنَنَ ۾ ٿوڻيون ۽ آڏوريون ڪري
ڪم آڻين. ٿُلهن ٿُڙن مان اُکريون ٺهن. ڏوئيون ۽
مُهريون به ڪنڊي جي ڪاٺيءَ مان ٺهن. کوهن لاءِ
ڀوڻ، ڪوهڙون ۽ تَري ۾ وجهڻ لاءِ چرک ٺهن. جهونن
ڪنڊن جي ڪاٺيءَ جي وچ ۾ ڪاري ڪاٺي ٿئي جا بلڪل
مضبوط هوندي آهي، ان کي ”ڪِرِسِي“ چون، ان مان
موچي چمڙي ڪُٽڻ لاءِ کوٽِيُون ٺاهين. جنڊ جا کِيلَ
۽ تڙ تي واري ڪڍڻ لاءِ کيليون ٺهن. ڪنڊي جي عمر به
ڪافي ٿئي. هڪ سؤ سالن جا ڪنڊا ته انيڪ بيٺا آهن،
انهن کي ”سوئيڪو ڪَنڊو“ چون. اُن جي ڇانوَ هيٺ
ماڻهو ۽ مال ويهي آرام ڪن.
* ڄار ۽ کٻڙ: ڄاريون ٿر ۾ جام آهن. اهي ننڍين ننڍين ڀٽن، دڙن ۽
وارياسي نرم زمين ۾ جام اُڀرن، پر ٿُڙ ڪري مٿي
ڪونه بيهن ۽ زمين سان لاڳو چوڌاري ڪجهه دائري ۾
سوڙهيون پکڙيل هونديون آهن. انهن جو ٿُڙ ظاهر چِٽو
نه هوندو آهي. ٽاريون وغيره زمين سان لڳيون پيون
هونديون آهن ۽ مٿان به پاڻ ۾ ڳُتيون پيون هونديون
آهن. جن کي ”ٻُٿون“ چون. هنن جا پَن ڊگهيرا
مائيدار ٿين، جي ورائڻ سان ٻَڙڪي ڀڄي پوندا آهن.
اهي پَن اُٺ ۽ ٻڪريون جام کائينديون آهن.
ڏهرن ۽ سخت زمين ۾ ڄاريون ٿين، جن کي ست – اٺ فوٽ هيٺيان ٿُڙ
ٿئي ۽ مٿان ٽاريون ڪڍي وڻ وانگر ٿين جن کي ’هيڪل
گوڍيون‘ چون. اهي ڪنٺي ۾ جام ٿين. خاص ڪري
گوڙهيار، اوٺا، لُوڻيو، مِٺاتڙ، ڪاڪهيو، کُڏي ۽
حيات هاليپوٽي طرف جام ٿين.
کٻڙيون کاريون ڄاريون، وٽ اباڻن اَپار.
ٿري عام طرح کٻڙيون به چون ته چاريون به چون، پر حقيقت ڪري انهن
۾ ٿورو تفاوت آهي. ڄاريون اهي آهن جن جا پيرون مٺا
ٿين، ۽ کٻڙيون اهي آهن جن جا پيرون کارا ٿين.
مهراڻي جي پاسي ڪلراٺي زمين ۽ ٿر ۾ لوڻ جي سَنن جي ڀرسان کاري
زمين ۾ به کٻڙ ٿين.
کارا کٻڙ ڏيهه ۾، ٻيا واريءَ منجهه وٿاڻ.
کٻڙن ۾ پيرون ٿيندا آهن، پر ماڻهو ڪونه کائين، ڇو جو اهي کارا
ٿيندا آهن. انهن ۾ مَڪ ٿيندي آهي جا اُٺ جام
کائيندا آهن. مٺين ڄارين ۾ اونهاري جو پيرون جام
ٿيندا آهن.
ماروئڙن سين ماڻيا، شال مُندائتي مَڪ
ڪي پيرون ڳاڙها ۽ ڪي پيلا ٿين، جي ماڻهو آڻي پاڻ به کائين ۽
شهرن ۾ وڪڻندا به آهن ۽ ڪجهه سُڪائي رکندا آهن، جن
کي ”ڪوڪڙ“ چون. ڪوڪڙ پاڻ به لائين ۽ مال کي به
کارائين.
ڪوڪڙ ڪونڍيرن سان، ڦُوڪي ڦَڪ ڀريندي.
کٻڙ جي ڪاٺي مضبوط ۽ چيڙهي ٿيندي آهي. اُن کي اُڏوهي ۽ سُرو
ڪونه کائي، جنهنڪري عمارتن جي ڏَانوَ جي آهي.
ماڻهو کُڏن ۾ شهتير ۽ داسا، چؤنرن ۾ مَلَ، آٺريا ۽
کونٽا،، ڇَنن ۾ ٿوڻيون ۽ آڏوريون ڪري ڪم آڻين.
گهڻي بار ڪري مُڙي پوندي، پر اَڏُ ٻٽَ ٽٽي ٻه اڌ
نه ٿيندي آهي.
غريب ماڻهو کٻڙ جي ڪاٺيءَ مان مَنجَن (کٽولن) جا پاوا، ايسُون،
اُپرا ۽ پينگها ٺاهين ٿا جن جا پَلاڻ، چؤنرن ۽
کُڏن جا در دريون، گَهڙا منجيون، کڳوهن جو ڪوهڙيون
۽ ڀوڻ وغيره جا ٺهن. برساتي موسم ۾ ٽارين مان
سنهيون ڊگهيون ڪامون نڪرنديون آهن، جن مان تتر
پالڻ لاءِ پڃرا ٺاهبا آهن.
اُٺن کي هڪ بيماري ٿيندي آهي جنهن کي ”پانءِ“ يا ”کاڄي“ چون. ان
لاءِ کٻڙ جون سڪل ڪاٺيون ساڙي، ان جي رک گڏ ڪري،
دلي ۾ پاڻي سان گڏي، باهه تي ڪوسي ڪن، جنهن کي
”پاههَ“ چون. پوءِ کٻڙ جي آلي ڪاٺي ڏيڍ فوٽ کن هٿ
ڪري، ان جي هڪ ڇيڙي کي ڪُٽي، برش وانگر ٺاهي، ان
سان اها پاهه اُٺ جي بدن تي لڳائيندا ويندا آهن.
اُن کي چون اُٺ ’نُورِيو‘ آهي. سڪڻ بعد تيل مکي
ڇڏين، ته اها بيماري ختم ٿي ويندي آهي.
* نِم: نم جو وڻ سڄي ٿر ۾ آهي، پر صرف ڳوٺن ۾، جهنگ ۾ اصل ڪونه
ٿئي، ڇو جو هن وڻ جي سنڀال ڪرڻي پوي ٿي. پوکڻ وقت
پاڻي ڏيڻ ۽ ان بعد سنڀال ڪرڻ، جيئن اُٺ وغيره
نقصان نه رسائين. ڳوٺن ۾ پوکي سنڀال ڪندا آهن.
ڪافي محنت بعد ٽن-چئن سالن کان پوءِ چڱو وڏو ٿي
ويندو آهي، پوءِ سنڀال ڪرڻ جي ايتري ضرورت نه آهي.
ننگرپارڪر شهر ۾ نم جا وڻ جام آهن. بهار جي موسم ۾ نمن ۾ اڇي
رنگ جو ٻُور ٿيندو آهي، جنهن کي ”نينٻوجهر“ چون،
جو ڪيترين بيمارين لاءِ دوا طور ڪم اچي. روزانو
گهوٽي پيئڻ سان هفتي کن اندر جهونو تپ لهيو وڃي.
ان مان نموريون ٿين، پچڻ تي ٻار ان کي گُٽِڪا چون
۽ چونڊي ڳر چُوسي ٻج ڦٽا ڪن. پڪل نموريون پکي به
لائين، خاص ڪري ڪانءُ، بلبل ۽ هُڙيا ته نمورين جا
شوقين آهن.
ننڍا ٻار رس ڀريل نموريون لاهي، ٺڪر جي دکي ۾ ڪاٺين جي رک وجهي
اُن ۾ گڏي پال وجهن. ٽن- چئن ڏينهن ۾ پچيو پون، جي
ڪڍي خوشيءَ سان چُوسين. ان جي ٻج کي به نموريون
چون. ننگرپارڪر ڏي نمورين کي پيڙهي ان مان تيل
ڪڍندا آهن، جو ڪيترين دوائن ۾ ڪم اچي ٿو ۽ ڪيترن
مرضن جو علاج آهي. تيل سان ڀريل شيشا ۽ نموريون
وڪري لاءِ موڪليون وينديون آهن ۽ ڪيترا ماڻهو، جي
قسمت سان اتي ويندا آهن، سي موٽڻ وقت نمورين جي
تيل جو شيشو ضرور پاڻ سان کڻي ايندا آهن. ننڍا ٻار
وڻن هيٺان نموريون چونڊي ايندا آهن جي زالون گهوٽي
تيل سان ملائي مٿي جي وارن ۾ وجهن، جو جُوئن جي
مارڻ ۽ وارن جي وڌائڻ لاءِ اڪسير آهن. نم جا پن به
بلڪل ڪمائتا آهن. جي ڪيترين ئي بيمارين ۾ ڪم ايندا
آهن. اناج ۾ وجهي رکبا ته جيت وغيره نه لڳندو.
نم جو ڏندڻ هڪ سُٺي سئي آهي. ويشنو ماڻهو روزانو نم جو ڏندڻ
ڪندا آهن. ڪيترا سنڌي ڪامورا شوق ڪري ڳوٺ وڃڻ وقت
ججهي انداز ۾ ڏندڻ پاڻ سان کڻي ويندا آهن. واڻيا ۽
ٻانڀڻ ڪيترا ڏندڻ پٽي گهر ۾ رکي ڇڏيندا آهن.
روزانو شام جو سڪل ڏندڻ پاڻيءَ جي دلي يا ٿانءُ ۾
وجهي ڇڏيندا آهن. صبح تائين نرم ٿي ويندو آهي، جو
ڪڍي ڪم آڻيندا آهن. ٿري ماڻهو پنهنجن گهرن، کوهن
جي ڀر، مال جي وٿاڻن ۾ نم جا وڻ پوکيندا آهن، هن
جي ڇانو گهاٽي، آسائشي ۽ فرحتي ٿئي، جنهن هيٺ
ماڻهو ۽ جانور ويهي آرام ڪندا آهن.
نم جوڪاٺ مضبوط، جهالائو ۽ ڏاڍو ڪمائتو آهي. هن جو ٿڙ ٿلهو ٿئي.
جو ڪَرٽ سان چيري، ان مان ڪم لائق ڪاٺ حاصل ڪبو
آهي. اُن جي ڏارن ۽ ٽارين مان به ڪيترو ڪاٺ ملندو
آهي، جنهن مان صندل، در، دريون، ٽپايون، ڪٻٽ تختا،
جاين لاءِ ڪامون، کٽن لاءِ ايسون ۽ اُپرا ۽ ٻيون
به انيڪ قسمن جون شيون ٺاهندا آهن.
* ٻَٻر: هي سنڌ جو وڻ آهي جو سخت زمين ۾ اُڀري. پارڪر جي زمين
پٿرائين آهي، تنهنڪري اتي چڱي انداز ۾ ٿئي ٿو.
ننگرپارڪر کان ڏونگري ڏي وڃبو ته رستي ۾ گهاٽا ٻٻر
هُڙي لايو پيا نظر ايندا. موندري ۽ آڌيگام جي وچ ۾
به جام آهن. ڏيپلي تعلقي ۾ سجائي جي ڏهر، مٺي
تعلقي جي ڳوٺ رائلو رندن وارو (مٺي کان اٺ ميل
اوڀر طرف)، ڇاڇري تعقلي جي ڳوٺ چيلهار ۽ ان جي
ڀرسان کوڙ ٻي ڳوٺ جي ترائيءَ واري ڏهر، ڇاڇري شهر
کان ڪانڪهئي ڏي ويندڙ رستي تي ڇڊا ڇڊا ٻٻر آهن.
ڪانڪهئي کان اولهه طرف ڪولهين جي ڳوٺن جي ڀرسان هڪ
زمين ٽڪر ۾ بلڪل گهڻا ٻٻر آهن، ڄڻ ته هُڙي لڳي
پيئي آهي. باقي سڄي ٿر ۾ عام ڪونه ٿئي.
هن جي ٽارين ۾ ٻه – اڍائي انچ ڊگها اڇي رنگ جا تکا ڪنڊا ٿيندا
آهن، جنهن کي ٿري ”سُر“ چون. هن ۾ پيلا گل ٿيندا
آهن، جن مان ڦريون ٿين جنهن کي ”پلڙا“ چون، انهن ۾
سخت داڻا ٿيندا آهن، جن کي ”چچِڪا“ چون. ٻٻر جا پن
۽ پلڙا اُٺ ۽ ٻڪريون لائينديون آهن. ٻٻر جون
ٽاريون وڍي سڪائي پن ڇاڻي گڏ ڪبا آهن. جن کي
”ٻُورِي“ چون. اها ٻوري مال لاءِ فائدي واري آهي.
ٻُوري ۽ پلڙن جي کائڻ ڪري مال متارو ٿيندو آهي.
هي وڻ وڏو ٿيندو آهي. اُن جي ڇانوَ سٺي ٿيندي آهي. هن جون
ٽاريون وڍي ڇڏبيون ته وري نوان گونچ ڪڍي گهاٽو ۽
سائو ٿي ويندو آهي. وَڍَ ڪرڻ سان ٻٻر پاڻ وڌيڪ
سائو ۽ سُٺو ٿيندو آهي. هن مان کؤنر ۽ لاک نڪرندي
آهي. ٻٻر جا پن، ڇوڏا، گل، پَلڙا، کؤنر ۽ لاک
ڪمائتا آهن. ٻٻر جا ڇوڏا لاهي موچي چمڙي رکڻ لاءِ
ڪم آڻيندا آهن.
هن جي ڪاٺي سخت، مضبوط ۽ جٽادار ٿيندي آهي. ٿلهن ٿرن کي چيري،
ان مان نڪتل ڪاٺ مان تختا، در، دريون، ڪُرسيون،
ميزون، ٽپايون، کَٽون، جاين جون ڪامون، پٽيون،
پينگها، کٽن جا پاوا، ايسون، اُپرا، ڪٻٽ، صندل ۽
ٻيون به ڪيترين ئي قسمن جون شيون ٺاهيندا آهن.
* روهِيڙو: هي وڻ وڏو، ڪَنڊي جيڏو ٿيندو آهي. هي ڇاڇري تعلقي جي
اوڀر ۽ ننگر پارڪر تعلقي جي اتر- اوڀر واري ڀاڱي ۾
گهڻو ٿئي ٿو. اتي، ڪٿي ڪٿي ته ڏهرن جا ڏهر ڀريا
پيا آهن ۽ ماڻهو ٻارڻ جون ڪاٺيون به روهيڙي جون ڪم
آڻين. باقي ٿر ۾ ڇڊو ٿئي ٿو، جتي وري روهيڙي جي
ڪاٺي ڏاڍي اڻلڀ ۽ مهانگي آهي. مُهراڻي، ڏيپلي، مٺي
۽ ڇاڇري تعلقي جي ڏکڻ-اولهه واري ڀاڱي ۾ ٿئي پر
ڇڊو، سو به ڪن ڏاڍي زمين وارين ٻنين ۽ هنڌن تي،
باقي ڀٽن ۽ درن تي ڪونه اُڀري. شاهه صاحب هن کي
لوهيڙو ڪري استعمال ڪيو آهي:
سر لوهيڙا ڳڀيا، ڪسر نِسريا،
توڪيئن وسريا، ڍوليا ڏينهن اچڻ جا.
سياري لٿي بهار جي موسم ۾ هن ۾ ڳاڙها، پيلا ۽ سونهري گڏيل رنگن
جا گل ٿيندا آهن، جن سان سڄو وڻ سٿجي ويندو آهي.
گُلن ۾ ڪا خوشبوءِ ڪانه ٿئي، باقي رونق واهه جي
اٿن، جنهنڪري ڏسڻ سان اکين کي فرحت پيئي ايندي
آهي. اُنهن ۾ ڦل ٿيندو آهي جو بيڪار هئڻ ڪري ڪنهن
به ڪم ڪونه اچي.
روهڙي جي ڪاٺي مضبوط، عمارتي ڏانوَ جي ۽ قيمتي آهي. اُن جو ٿُڙ
ٿلهو ٿيندو آهي، جنهن کي ڪرٽ سان چيري، منجهانئس
جاين لاءِ ڪامون، داسا، ٿنڀا، پٽيون، در ۽ درين جا
چوکٽ، کٽن جا پاوا، ايسُون ۽ اُپرا، تختا پينگها،
پاکڙا، هَنا، صندل، ڪرسيون، ٽپايون، ميزون، رُول،
ڪٻٽ، اُکريون، مُهريون، ڀوڻ، ننڍا اُکرلا ۽ ٻيون
به انيڪ قسمن جون شيون ٺاهيندا آهن.
ڪاٺي مضبوط، جهالائو ۽ گهَڙڻ ۾ سهولت واري آهي، تنهنڪري شهتيرن،
پٽين، ٿنڀن، کٽ جي پاون ۽ پينگهن وغيره تي سوٽهڙ
چٽ ڪڍندا آهن جي بلڪل وڻندڙ لڳندا آهن. اُن کي
اُڏوهي جلد نه لائيندي آهي تنهنڪري صدين تائين
جٽاءَ ڪندي آهي. روهيڙي جي قيمت هجڻ سبب اڪثر طنز
يا طعني طور چئبو آهي ته ”هائو، فلاڻي جي گهر کَٽ
آهي ته سهي، پر روهيڙي جي!“ اُن جي ڪاٺي ۽ ان مان
ٺهيل شيون مهانگيون وڪامنديون آهن. آلي وڻ وڍڻ تي
ٿر ۾ سرڪاري بندش آهي. روهيڙي جو وڻ سُڪڻ بعد
وڍيندا آهن. ڪي آلو وڻ به وڍين پر اڪثر هندو ماڻهو
روهيڙي جو آلو وڻ ڪونه وڍين. انهن ۾ اهو وهم ويٺل
آهي ته جي آلو روهيڙو وڍبو ته انهيءَ ڪري ڪونه ڪو
نقصان ٿيندو.
*ڪُونڀٽ: هي وڻ ڊيگهه ۾ ڪَنڊي کان ننڍو ٿيندو آهي. هي ڀٽن جي
سلامي وارن پاسن ۽ چوٽيءَ تي ٿيندو آهي. اُن جي
بناوت اهڙي آهي جو پري کان ڇٽيءَ وانگر پيو ڏسڻ ۾
ايندو آهي. هيٺانهينءَ سنئينءَ زمين يعني ڏهرن ۾
اصل ڪونه اُڀري. اُن جا پَن ڪَنڊي جي پَنن وانگر
ننڍا ٿين. ٽارين ۾ تِکا وريل ڪنڊا جام ٿيندا آهن.
وساڪري جو ٻُور سان ڀرجي ويندو آهي. سو اڇيرو پيلو
ٿئي. ان ۾ ڦَريون ٿين جن کي ”چپڙا“ چون، اُن ۾ ٻج
هوندو آهي جنهن کي ”چِيچِڪا“ چون. اُهي ڪَچا هوندا
آهن تڏهن مارُو ماڻهو ڀاڄي ڪندا آهن. ڦريون پچڻ
بعد مال جي کائڻ جي ڪم اچن. ڪُونڀٽ جا پَن، ٻُور ۽
ڇپڙا اُٺ جو خاص کاڌو آهي. ڏڪار وقت ماڻهو ڇپڙا
لاهي ڍڳين ۽ ٻڪرين کي کارائيندا آهن.
اُن جي ڪاٺي بلڪل مضبوط ۽ سڊول ٿئي، مگر اُن جا ٿُڙ ۽ ڏار ڏنگا
ڦڏا ٿين. ورلي ڪي ٿوريون ڪاٺيون ڪجهه سِڌائيءَ تي
هونديون آهن، جنهنڪري اُهي ٿري ماڻهو وڍي، سُڪائي،
جاين جا شهتير، چونرن جا مَل، ڇَنن لاءِ ٿوڻيون ۽
آڏوريون ڪري ڪم آڻين. ٿُلهين ڪاٺين جي اندر ڪارو
تَهه يعني ”ڪرسي“ ٿئي، جا مضبوط هئڻ ڪري جٽاءَ
ڪندي آهي. ڪاٺيءَ کي سُرو جلد لڳندو آهي جو اندران
کايو اٽو ڪيو ڇڏي، ان حالت ۾ جٽاءُ ٿورو ڪندي آهي.
ٻنيءَ جي ڪم لاءِ هَرَ، هَلُون، ڇاڄاريون ته خاص
ڪُونڀٽ جي ڪاٺيءَ مان ٺهندا آهن.
هن جي سنهين ٽارين مان ڏندڻ سٺا ٿين. ماڻهو ڳچ جيترا ڪُونڀٽ جا
ڏندڻ لاهي پاڻ وٽ رکندا آهن، جو روزانو پُسائي ڪم
آڻيندا آهن.
سُڪل ڪاٺيون ٻارڻ جي ڪم اچن. روزانو مزور ماڻهو جهنگ مان اُٺن
تي لڏا ڪري شهرن ۾ وڪڻي ڪٽنب جو گذران ڪندا آهن.
هن مان کؤنر نڪرندو آهي، جنهن مان مٺايون ٺهنديون
آهن. غريب ماڻهو کؤنر چونڊي وڪرو ڪندا آهن.
هي وڻ مُهراڻي، ڇاڇري تعلقي جي اوڀر ڏکڻ واري ڀاڱي ۽ ننگرپارڪر
تعلقي جي اُتر يعني ڪنٺي ۾ بلڪل گهڻو ٿئي.
ڪارونجهر ٽڪريءَ تي به جام ٿيندو آهي. ونگي، وٽ،
سامروٽي ۽ کائڙ ڏي گهٽ ٿئي.
* ولايتي ٻٻر: هي وڻ سنڌي ٻٻر کان ڊيگهه ۾ ننڍو ٿئي، پن ننڍا پر
ڳُوڙها ساوا، ٿڙ مان اُڀيون ڊگهيون لامون ڪري
وڌندو ويندو آهي. هن جو ٿڙ ڏهاڪو فوٽ کن ڊگهو
ٿيندو آهي. بجنسي ديوي جي وڻ جهڙو آهي، تفاوت رڳو
اهو آهي جو هن کي تڙ ٿئي، پر ديوي کي يڪو تڙ ڪونه
ٿئي، زمين مان گهڻيون لامون نڪري وڌنديون وينديون
آهن. هي وڻ بنا پوکڻ ۽ سنڀال جي ازخود اُڀري اوسري
ايندو آهي. ڪٿي ڪو اتفاق سان ٻج ڪِريل هوندو ته
وسڪاري جو اُڀري پوندو. هن کي مال ويجهو ڪونه وڃي،
جيئن مال لتاڙيندس يا مٿان وڍبس ته يڪدم نوان گونج
ڪڍي گهاتو ٿيندو ويندو. هن جي ٽارين ۾ سنڌي ٻٻر
کان ڪجهه ننڍا پر مضبوط ۽ تکا ڪنڊا ٿيندا آهن. هن
۾ سال جا ٻارهن مهينا پيو ٻُور لڳندو آهي، جنهن
مان پهريائين سائي رنگ جون ڦريون ٿينديون آهن جي
پچڻ بعد پيليون ٿي پونديون آهن. ٻار سڄو ڏينهن اهي
ڦريون لاهي پيا چُوسيندا آهن، البت گڏهه ۽ ٻڪريون
اهي ڦريون لائينديون آهن. اُن جي ڪاٺي مضبوط ٿيندي
آهي جنهن مان ڇَنن جون ٿوڻيون ۽ آڏوريون، کٽولن جا
پاوا، ايسون ۽ اُپرا جڙندا آهن.
هي وڻ پارڪر ۾ تمام گهڻو ٿيندو آهي، باقي ٿر جي ڇاڇري، چيلهار،
مٺي، اسلام ڪوٽ شهرن ۾ هاڻي ٿوري وقت کان پوءِ
ڪافي وڻ ٿيا آهن، ٻهراڙين ۾ اڃا گهڻو ڪونه آهي.
*سِرَنگهُو: هي وڻ پارڪر ۾ تمام گهڻو ٿئي. اُن جو ٽار، ٽاري يا
اُن جي ڪاٺيءَ جو ڪوبه ٽڪر کڻي زمين ۾ کوڙي ريج
ڏبو ته يڪدم ڦٽي پوندو ۽ ٽاريون ڪري وڌي وڻ ٿي
ويندو. اهڙيءَ طرح سولائيءَ سان اُڀرڻ ڪري پارڪر ۾
عام طرح گهرن کي کوڙها ڏيڻ جي بدران ماڻهو چوڌاري
سرنگهُو جون ڪاٺيون کوڙي ڇڏيندا آهن ته يڪدم اُڀري
اينديون آهن ۽ وڌي وڻ ٿي پوندا آهن. ۽ سرنگهو جي
وڻن جي ڄڻ ديوار تيار ٿي ويندي آهي. مٺي، ڏيپلي ۽
ڇاڇري تعلقن ۾ اصل ڪونه ٿئي، فقط ڇاڇري شهر ۾ ۽
ٿورا چيلهار ۾ ڪي وڻ آهن.
هي وڻ اُڀو ۽ اُتانهون ٿئي. اُن جا پن ڪنڊي جي پنن جهڙا سنها
ٿين. جون مهيني ڌاري گونچ ڪڍي ساوا پن ڪندو ويندو.
وسڪاري جو سائو هوندو، اُن وقت ڇانوَ سٺي ڪندو
آهي. سرءُ ۾ پن ڇڻيو پون، پوءِ فقط ڪاٺين جا اُڀا
لوڙها بيٺا هجن، جي رنگ جا اڇا ٿين، ڇانوَ اصل
ڪونه هجي. وري اپريل ڌاري پن ڪونه ٿين پر هرهڪ
ٽاريءَ جي ڇيڙي ۾سايون مکڙيون ٿينديون آهن، جي
ڦُٽي فوني جي توتاري جهڙا اڇا گل ٿي پوندا آهن، جن
جي اندران وار نڪرندا آهن. اصل گلن سان جهنجهيو
بيٺو هوندو آهي، ان مهل ڏاڍو وڻندڙ لڳندو آهي. جلد
ئي گلن مان ڦَريون ٿينديون آهن، جي ڪُونڀٽ جي ڦرين
جيڏيون هونديون آهن، اهي نڪو مال کائين ۽ نڪو ٻئي
ڪنهن ڪم اچن، ازخود ڇڻي ختم ٿي وينديون آهن.
هن وڻ جي ڪاٺي ڪَچي ۽ اَڀري آهي تنهنڪري ڪنهن به ڪم ڪانه اچي.
ٻارڻ جي لاءِ به چڱي ڪانه آهي ڇو ته ٻارڻ سان لات
ڪري ٻَرندي ته تڪڙو ٻري ختم ٿي ويندي. جي لاٽ
اُجهاڻي ته دُونهون ايترو ڪندي جو ڀرسان ماڻهو
ويهي ڪونه سگهندو ۽ ان مان بانس به نڪرندي آهي.
پوءِ ويٺو ڦوڪون ڏي، اصل مٿي ۾سُور پئجيو وڃي.
ازانسواءِ سرنگهو جي ڪاٺين تي رڌل طعام ڌَپ جي ڪري
بيذائقو، اڻوڻندڙ ۽ خراب ٿيندو آهي، جنهن جي کائڻ
کان ماڻهوءَ کي بڇان پيئي ايندي. انهيءَ ڪري ٻارڻ
جي ڪم به ڪونه اچي.
* پپر: هي وڻ ٿر ۾ عام ڪونه آهي، فقط ڇاڇري، چيلهار، مِٺي ۽
اسلام ڪوٽَ ڳوٺن ۾ آهي. هن کي هندو ماڻهو پوڄيندا
آهن. تنهنڪري شوق ڪري ڪٿان قلم آڻي شهرن ۾ پوکيا
ويا آهن. هن جا پَن وڏا ۽ چوٽيءَ سان ٿين. ڇانوَ
سٺي آهي پر ان سان گڏ پَنن ڇاڻڻ واري موسم ۾ پَنن
جو گند ڪچرو به گهڻو ٿيندو آهي. اُن ۾ گول گول ڦل
ٿئي پر ڪم ڪنهن به ڪونه آهي. اُن جو ٿُڙ ٿلهو
ٿيندو آهي پر ڪاٺ ڪَچي هئڻ سبب ڪنهن به ڪم ڪونه
اچي.
* بَڙ: هي وڻ عام مشهور آهي. اُن جو ٿُڙ تمام ٿُلهو ٿيندو آهي.
اُن جي ٽارين ۾ هيٺئين پاسي تندون نڪرنديون آهن جي
وڌي وڃي زمين ۾ کُپنديون آهن ۽ اتي پاڙون کوڙي لڳي
پونديون آهن. اُن جا پَن اڪ جي پنن وانگر، پر ڪجهه
ننڍا ۽ ٿُلهيرا ٿيند آهن. ڇوڏي جو رنگ اڇيرو ٿيندو
آهي. هن جي ٽارين ۾ کير ٿيندو آهي جو ڪيترين دوائن
۾ ڪم ايندو آهي. اُن ۾ گول ننڍو ڦل ٿيندو آهي جو
ڪنهن به ڪم ڪونه اچي. هي وڻ گهاتو هوندو آهي،
جنهنڪري ماڻهو ۽ جانور اُن جي ڇانوَ هيٺ آسائش
وٺندا آهن. هي وڻ ٿر ۾ عام ڪونهي، فقط پارڪر ۾
ٿيندو آهي. هڪڙي تلاءُ تي اڳي وڏو بڙ هو ۽ ان جي
ڀرسان ڳوٺڙو آهي، جتي ڪولهي رهن ٿا، بڙ جي ڪري ڳوٺ
جو نالو ”بڙ تلاءُ“ پئجي ويو.
*گيدوڙِي: اهو وڻ جهنگن ۾ ڪونه اڀري. سڄي ٿر ۾ عام جام ڪونه
آهي، فقط شهرن ۾ ڪٿي ڪٿي ماڻهو گهرن ۾ پوکيندا
آهن، البت ننگر پارڪر شهر ۽ ان جي آسپاس گهڻو
ٿيندو آهي. اُن ۾ ڦل ٿيندو آهي جو لعابدار ٿيندو
آهي، جنهن کي گيدوڙا چون، جي سوادي ۽ وڻندڙ ٿيندا
آهن، جنهنڪري ٻار شوق سان کائيندا آهن. اُن جي
ڪاٺي مضبوط آهي جا ڇَنن جي لاءِ ٿوڻين، آڏورين ۽
ڪاين جي ڪم اچي سگهي ٿي، پر وڻن جي عام نه هئڻ ڪري
اڻلڀ آهي. |