سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 17

صفحو ؛ 26

 

ٻڪريءَ کي جيئن ناهر جهنگلي جانور ماريندو آهي، تيئن بي عقل بادشاهه گهه=ڳاهه کي بگاڙي يعني وڃائي ڇڏيو.

بادشاهه ٻڪرار جو اهو گفتو ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويو ۽ يڪدم گهوڙو بيهاري کيس سڏ ڪيائين، جو ويچارو ڊڄندو ڊڄندو وٽس آيو. بادشاهه کي آٿت ڏيندي چيو ته تو جيڪي چيو سو مون ٻڌو. تون ڪوبه ڊپ نه ڪر، هاڻي ڀلا اها ڳالهه درست ڪري ٻڌاءِ. ٻڪرار هٿ ٻڌي چيو ته جيئندا قبلا!

گاوڙلي تو ڏوُڌ پتي، سيل پتي گوري،

پر کڙو تو عقل پتو، تيج پتي گهوڙي.

يعني ڍڳي جي وڏن سڱن واري هجي، پر جي کير نه هوندو ته بيڪار آهي. عورت ڪيتري به حسين ۽ سهڻي هجي، پر جي سيل واري يعني پاڪدامن نه آهي ته ڪنهن نه ڪم جي. مرد ڪيڏي به وڏي پڳ ٻڌي پر جي عقل نه هوندو ته بيڪار آهي. گهوڙي ڪهڙي به متاري هجي ۽ رانون مضبوط هجن، پر جي تيج يعني چستي نه هوندي ته ڪهڙي ڪم جي؟

بادشاهه کي اها ڳالهه دل سان لڳي ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. ٻڪرار کي ڪجهه انعام ڏيئي روانو ٿيو.

گُوڙِها: چارڻ، گرڙا ۽ ڪي سگهڙ گوڙها چوندا آهن. لوڪ ادب ۾ اها نرالي شيءَ آهي. انهن ۾ سگهڙ مطلب واري شيءَ جي لِڪ انوکي نموني رکن ٿا، يعني گهربل شيءِ جو نالو سنئون سڌو نه، پر ٻئي جي اوٽ ۾ کڪل هوندو آهي ۽ انهن شين جي سُت = پت، واه = سواريءَ جو وسيلو، رپ = مٿانهين حيثيت رکندڙ، بک = کاڏو وغيره ۾ مطلب لڪل هوندو آهي، جنهن کي ڳولي لهڻ لاءِ بلڪل گهڻي سُچيتائيءَ جي ضرورت آهي.

ڪي ڳوڙها اهڙا آهن، جن کي ڀڃڻ لاءِ بندن کي سموهي آخر هڪ شيءَ جي نالي ۾ اهو سمايل هوندو آهي، ۽ اهو نالو وٺڻ سان گوڙهو ڀڄي پوندو آهي. ڪي ڳوڙها اهڙا ٿيندا آهن جو ڪا ڳالهه ڪنهن سان ڪرڻي هوندي آهي ته ان لاءِ گوڙهو آڻبو آهي. سامهون سگهڙ به اهو سمجهي ان جو جواب به گوڙهي ۾ ڏيندو آهي. هن هيٺ ٻنهي نمونن جا گوڙها ڏجن ٿا.

(1)

پٿر ست ڪي پتلي، رهي وڻ ست ڪي واس،

اَجيا ست ڪو اوڍڻو، رهني پرش ڪي پاس.

پٿر = پهڻ، مٽي جو ڳنڍو. ست = پٽ، اولاد جنهن مان پيدا ٿيل شيءَ. پٿر ست = پٿر جو پٽ، يعني پٿر مان پيدا ٿيل = لوهه. لوهه مان ٺهيل پتلي = شيءَ. وڻ جو ست = ڪاٺ، جنهن مان ٺهيل شيِ. اَجيا = ٻڪري. جنهن جو ست = ڇيلو، اوڍڻو = پوش، جو مٿان چاڙهبو آهي. رهي پرش ڪي پاس = مرد وٽ رهي ٿي.

مطلب – پٿر جو اولاد لوهه، جو کاڻين مان کوٽي ڪڍبو آهي، ان مان رُڪ ٺهندو آهي. رڪ مان اها شيءَ ٺهندي آهي جا ڪاٺ جي مياڻ ۾ رکبي آهي، ۽ مياڻ جي مٿان ڇيلي جي کل جو پوش چارهبو آهي، جا مڙس وٽ رهندي آهي يعني ”تلوار“.

====

(2) هڪ مرد پنهنجي زال کي چيو ته:

تونگهي منڏڻ تاس رپ، تان رپ ڍورين موءِ،

اِندرا واهڻ گئي ڏِسڻ، لي پهراوان توءِ.

تُونگهي = رات. منڏڻ = جوڙجڪ، سوُنهن، سوڀيا. يعني رات سونهن يعني تارا. تاس = تنهن جو، هنن جو. رپ = دشمن. تارن جو رپ = دشمن، غالب پوندڙ، مٿانهون، يعني بادل، بادلن جي ڪري تارا لڪي ويندا آهن، تان = تنهن جو، رپ = دشمن، يعني بادلن جو رپ = هوا، طوفان، جي بادلن کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏين، ڍورين = هڻ، لڳاءِ. موءِ = مون کي، اُها هوا مون کي هڻ يعني وڃڻو هڻ.

اِندرا = اندر ديوتا، واهڻ = سواريءَ جو وسيلو، اندر ديوتا جي سواريءَ جو وسيلو هاٿي آهي. گئي = هڏا، گڏند، ڏسڻ = مان پيدا ٿيل يعني هاٿي جي هڏي، ڏند مان پيد اٿيل شيءِ = چوڙا، لي = وٺي، پهراوان = پارايان، توءِ = توکي.

مطلب: هڪ مرد پنهنجي زال کي چيو ته رات جو سوڀيا تارا آهن، تن جو رپ بادل، بادلن جو رپ هوا. تون جي وڃڻو کڻي مون کي هوا هڻين، ته توکي اندر ديوتا جي سواري يعني هاٿيءَ جي هڏن مان ٺهيل ”چوڙا“ وٺي پارايان.

=====

(3) زال جواب ڏنو ته:

اِندرا واهڻ گئي ڏسڻ، جس تس ڪي هوءِ،

توٺو هوئين تو بالما، ڪنچن ڪو رپ موءِ.

اندرا = اندر ديوتا. واهڻ = سواري. (اندر ديوتا جي سواري هاٿيءَ تي آهي)، گئي = ڏند، هڏ. ڏسڻ = مان پيدا ٿيل. جِس تِس = جنهن تنهن ڪي هوءِ = وٽ آهي. توٺو = خوش ٿيو. هوئين = هجين، بالما = ڀتار، ڪنچن = سون، ڪو = جو. رپ = مٿاهين درجي واري شيءِ. يعني سون کان وڌيڪ هيرا، جواهر، موتي وغيره، موءِ = مون کي.

مطلب: عورت جواب ڏنو ته اندر ديوتا جي سواري يعني هاٿيءَ جي ڏند جو چوڙو ته هر ڪنهن عورت کي آهي. اي ڀتار! توهان جيڪڏهن مون تي خوش ٿيا اهيو ته مون کي سون کان به وڌيڪ جيڪي هيرا جواهر آهن، تنم ان جڙيل عمدي شيءَ وٺي ڏيو.

=====

ڳجهارتون: ڪيترا سگهڙ وري ڳجهارتن جو شغل ڪن. هڪڙا ڏين ٻيا ڀڃن. ڳجهارت ڀڃڻ سڀڪنهن جو ڪم نه آهي. هن ۾ سالم سمجهه جي ضرورت آهي، ڇو ته پرائو ڳجهه لهڻ معمولي سمجههواري ماڻهوءَ جو ڪم نه آهي. ملوڪ پهريائين اهو ڳوليندا آهن ته ڳجهارت ڪهڙِ سُر مان آهي، ڇو ته جيستائين سُر جي سُڌ نه هوندي، تيستائين ڳولڻ ڏکيو ٿي پوندو. سر معلوم ڪري پو3 وجهارت جا بند ڪبا. پوءِ هڪ بند کي خيال ۾ رکي ڳوپليندڙ اُهي نالا وٺندو ويندو، جن جو لاڳاپو اُنهيءَ بند واري ڳجهه سان هوندو. ڌڏيندڙ اُهي نالا خيال سان ٻڌندو ويندو. جي صحيح نالو نه ورتائين ۽ ٿورو ڦريل نالو ورتائين ته ڏيندڙ چوندو ته واءُ لڳو آهي، جي اهو معلوم ٿيو ته ڳوليندڙ کي وري وڌيڪ آٿت ايندو ۽ هو ڪوشش ڪري انهيءَ نموني جا نالا ڳوليندو جڏهن پورو نالو آيو تڏهن ڏيندڙ چوندو ته بس بس ڳجهارت ڀڳي. هڪ بند جو صحيح نالو ورتو ويو ته سڄي ڳجهارت ڀڳي. پوءِ ڏيندڙ سڄي ڪري ٻڌائيندو ته ڪچهريءَ ۾ واهه واهه ٿي ويندي. ڳجهارت جو دستور آهي ته ڪنهن به بند جي ڀڃڻيءَ وارو لفظ اچي ويو ۽ ٻڌندڙ جي ڌيان تي اهو نالو نه آيو ته اها ڏيندڙ لاءِ عيب جهڙي ڳالهه آهي. بعضي ان حالت ۾ ٽوليون ٿينديون آهن، ٻه – چار هڪڙي پاسي، ٻه – چار ٻئي پاسي، پو3 واري وٽي تي ڳجهارتون ڏيندا ۽ وٺندا آهن.

هيٺ ڳجهارتن جا ڪي نمونا ڏجن ٿا:

(1)ڪاٺي جنهن لاءِ ٿياس، ڪاٺي سي نه ٿيا،

اديون باروچا، مون کي ڪاٺي ڪري ويا.

هي ڳجهارت سر سسئيءَ مان آهي، ڇو ته هن ڳجهارت جي نوعيت مان به سگهڙ سمجهي سگهن ٿا. پر هن ۾ ٻاروچا لفظ ڪم آيل آهي، سو ته چتو بيٺو آهي. ٻاروچو معنيٰ پنهون، جنهن جو لاڳاپو سسئيءَ سان آهي، تنهنڪري هيءَ ڳجهارت سسئي – پنهون مان آهي. سالڪ ائين ڳجهارت جي نوعيت مان سر سهڻي ڪندا آهن. هن ۾ ٽي بند آهن، ٽنهي ۾ ڪاٺي ڳولهڻ سان ڳجهارت ڀڄندي. پر هر هڪ ڪاٺيءَ لاءِ جدا لفظ مقرر ٿيل آهن، جڏهن اُهي نالا وٺبا تڏهن مطلب پورو ٿيندو. ائين جيڪڏهن ٻه يا ٽي يا وڌيڪ اسم ساڳئي معنيٰ وارا هوندا ته انهن مان اُهو اسم ڪارائتو سمجهبو، جنهن سان ڳجهارت جو تعلق هوندو.

مذڪر ۽ مونث نالن جو به خيال رکڻو آهي، ۽ اهو به خيال رکجي جنهن جو لاڳاپو اصلي ڳجهه مان هجي. مثلاً جي لفظ ڪاٺي ڪم آيل آهي ته اُهي نالا وٺبا جي ڪاٺين جا نالا اهن يا جن جو لاڳاپو ڪاٺيءَ سان آهي. جيئن ته ڀڳي، وڍي، ٽُڪي، ڇانگي، ٻسانگي وغيره. جي لفظ ”ڪاٺيءَ جو“ ڪم آندل هوندو ته اُهي نالا ڳولبا جي شيون ڪاٺيءَ مان ٺهيل ۽ مونث هجن. جي لفظ ”ڪاٺ جو“ ڪم آندل هوندو ته انهن شين جا نالا ڳولبا جي ڪاٺ مان ٺهيل مذڪر هجن، وغيره عدد جو به خيال رکڻو آهي. مثلاً جي لفظ ”ڪاٺ جو“ ڪم آندل هوندو ته اهي نالا ڳولبا جي عدد واحد هجن، پر جي لفظ ”ڪاٺ جا“ ڪم آندل هوندو ته اهي نالا ڳولبا، جي عدد جمع هجن.

مٿينءَ ڳجهارت جا ٽي بند آهن، جن جو جدا جدا ڳجهه يا اَرٿ هيٺئين موجب آهي:

ڪاٺي = ڀڳي. ڪاٺي = ٻسانگي. ڪاٺي = ڪاري.

ڀڃڻي:

ڀڳي جنهن لاءِ هياس، سانگي سي نه ٿيا،

اديون باروچا، مون کي ڪاري ڪري ويا.

= = = =

(2)ڪالهون ڪر منهنجا پرين، پيا کاڄ کاڄ ڪن.

آءٌ ٿي زمين جا ڪريان، هُو ٿا ڪاٺئون هوت وڃن.

کاڄ کاڄ = لڏُون لڏون. زمين جا = کاما. ڪاٺ جو = هٿو.

هتي کاڄ کاڄ معنيٰ کائڻ جي شيءِ جو نالو وٺڻو آهي، جو آهي لَڏوَن. لَڏوُن مٺائيءَ جا ٺاهبا آهن جي کائڻ جي ڪم ايندا اهن. اهڙيءَ طرح سڀ ڪنهن بند لاءِ ٺهنڪندڙ معنيٰ وارا لفظ ڳولڻا آهن.

ڀڃڻي:

ڪالهون ڪر منهنجا پرين پيا لَڏوُن لَڏون ڪن،

آءٌ ٿي کامان جن لاءِ، هٿئون هوت وڃن.

(3)ڪَپڙ جي ڪري آندي سومَرا، سا ڪَپڙ جي مون تان لاهه،

تون جا چئين ٻولي، سا ٻولي مون وٽ ناهه.

ڪَپڙ جي = ڪاري. ڪَپڙ جي = آنڌاري. ٻولي جي = کِل. ٻولي جي = خوشي.

پڇڻي:

ڪاري ڪري آندي سومرا، هي انڌاري مون تان لاهه،

تون جا چئين کِل، سا خوشي مون وٽ ناهه.

هتي لفظ ”ڪپڙ جي“ ڪم آندل آهي، يعني اُهي نالا وٺبا، جي ڪپڙي مان ٺهيل ڪنهن شيءَ جا هجن يا ان سان لاڳاپو رکندڙ هجن، پر مونث هجن. اهڙيءَ طرح ڳجهارتون اُهيئي ماڻهو ڳولي سگهندا، جن کي عام واقفيت تمام گهڻي هجي ۽ حافظو به تيز هجين.

مٿينءَ ڳجهارت ۾ سومرا لفظ ڪم آندل آهي جو عمر جي لاءِ آهي، تنهنڪري اها ڳجهارت سر عمر مارئي مان آهي. اهڙيءَ طرح سُر سهي ڪبا آهن.

مارئي عمر کي چوي ٿي ته زالون هميشه شادي ڪري آڻبيون آهن. تون مون کي زوري کڻي آيو آهين. ماڻهو ڇا چوندا، تو مون کي ڪاري يعني عيبدار ڪري ڇڏيو آهي. ڪاري رات کي اونداهي يا انڌاري به چئبو آهي، اها انڌاري، يعني ڪاراڻ معنيٰ عيب موج تان لاهه. تون جو چوين ٿو ته مون سان کلي ريجهي ويهه، سو کل هميشه خوشيءَ ۾ ايندي آهي، سا خوشي مون وٽ ڪانه آهي، تنهنڪري کل ڪٿان ايندي؟

= = = = =

(4)اَنَ جــون رَڇــن ۾ چــم جــون ڇِڪينديانس،

عضوي آءٌ ويندياس، گاهه مڇي نرنانءُ کي.

اَن جون = ڌاڻيون. رَڇَن = مَٽَنَ. چم جون = ڇوهون. عضوو = تري. گاهه = ناڙو. مڇي = سڻي. نرنانءُ = ميهار.

پڇڻي:

مانڌاڻيون مَٽن ۾، ڇوهُون ڇڪيندياس،

تَري آءٌ ويندياس، سُڻي نڙ ميهار جو.

= = = = =

(5)کــڻ گـهـڙو پَـــؤ وڻ ۾ ڪيــم وسار،

رحمت ساڻ حبيب جي، سير لنگهندينءِ پار.

رَڇَ = گهڙو. وڻ = ساتار. ڳهه = والِي. نار = رحمت. نالو = حبيب.

ڀڃڻي:

کڻ گهڙو پؤ تار ۾، والِي ڪين وسار،

رحمت ساڻ حبيب جي، سير لنگهندينءِ پار.

بعضي هندو ڪچهرين ۾ ڀڄن ۽ واڻيون به ڳائيندا آهن. هڪ ڄڻو تنبورو وڄائيندو آهي، ٻيا جانهه، کڙتال، ڪاسيا ۽ دِلو وغيره وڄائيندا آهن، پوءِ ٻه چار يا وڌيڪ ماڻهو گڏجي ڳائيندا آهن.

مطلب ته ڪچهرين ۾ اهڙي نموني ڀانت ڀانت جي وکر جو وڻج ٿيندو آهي. پوءِ هر ڪنهن کي مٿئين ميٺاج مان ڪنهن نه ڪنهن جو سواد ضرور ملندو آهي. ڪنهن کي ڪهڙي شغل مان مزو اچي، ڪنهن کي ڪهڙي مان، سڀني جي طبيعتن جو لاڙو جدا جدا نموني جو آهي. اڻپڙهيلن جا اهڙا ٻول ٻڌي حيرت وٺيو وڃي، ۽ دل ۾ ازخود اهو خيال اچي جائگير ٿئي، ته ڏسو ڌڻيءَ جي قدرت، جو ڪهڙا ناياب گوهر مٽيءَ ۾ مليا پيا آهن. اهي مسڪين ۽ بي ڪس جي جهنگ جي جهوپڙين ۾ پنهنجي زندگي بسر ڪري رهيا آهن، سي ڏسو ته ڪيترو اونها ۽ عميق آهن، جن جي تر جي تانگهه جو پتو نڪو پار، اهو ڏسي ۽ ٻڌي ڏندين آڱريون لڳيون وڃن. ڪهڙو به ٿڪو ماندو انسان هجي ته به حال بود ۾ اچي وڃي ۽ ننڊ کي مجال آهي جو ويجهو اچي.

اهڙيءَ طرح ٿري ويچارا پاڻ وندرايو ڪا گهڙي پل وڃيو آرام ڪن. وڏي اسر وري مال وڙڪائڻ ۽ ڪم ڪار لاءِ اُٿڻو پوي. ائين مسڪين مارو پنهنجيءَ ۾ پورا آهن.

 

رِهاڻ

سڀني قومن ۾ مڱڻي، شادي، پٽ ڄمڻ، وڏي مرڻي ۽ هندن ۾ وڏن ڏينهن، جيئن اکڻ ٽيج ۽ ڌوڙئي (هولي بعد ٻيو ڏينهن) تي رهاڻ ٿيندي آهي. ڪو گهوٽ پيءُ يا ڪنوار پيءُ پنهنجن سيڻن ۾ ويندو ته اتي به رهاڻ ڪرڻي پوندي. انهيءَ ۾ سندس عزت ليکي ويندي.

هرهڪ قوم ۽ موقعي جي رهاڻ ۾ ٿورو گهڻو تفاوت آهي. مسلمان رهاڻ ۾ آفيم ڪونه ورهائين، چانهه ۽ ٻيڙي جو رواج آهي. پٽ ڄمڻ، مڱڻي ۽ شاديءَ جو موقعو هوندو ته پٽاشا ۽ کارڪون ورهائيندا. اڇوت رهاڻ ۾ ڳڙ ۽ پتاشا ورهائين، جنهن کي ”ڀاؤ“ چون، چانهه پيارين ۽ ٻيڙين جو رواج آهي. غمي جي هوندي ته فقط چانهه ۽ ٻيڙيون واپرائين يا تماڪ رکندا، جنهن مان سڀڪو پيو سُلفي ڀري پيئندو. ڌوڙئي جي رهاڻ تي ڪوپرا (ڏونگهيون) ورهائين ۽ پاڻيءَ ۾ ڳڙ ڳاري پيارين، جنهن کي ڀنگ چون.

برهمڻ، مهيشوري ۽ لهاڻا رهاڻ ۾ پتاشا ۽ مصري ورهائين. چانهه، آفيم، کٽمٺڙا، وڏف، جوهر جون ٽڪيون، نيزا، کاڄا، سوپاريون ۽ بيڙيون وغيره هوند سارو ڪم آڻين. پُٽ ڄمڻ وقت ڪي هر هڪ ماڻهوءَ کي ناريل ڪي گهر جي هرهڪ ڀاتيءَ کي ناريل ڏين. ناريل مهانگا هئڻ سب ڪي اُن جي بدران چار آنا ڏين.

ٺَڪرن جي رهاڻ ۾ کارڪون، پتاشا، چانهه، خاص ڪري آفيم واپرائين. مڱڻهار يا حجام کي، ڪنهن اڇوت گهر جي ڀاتيءَ کي، برهمڻ، مهيشوري، لهاڻا، حجام کي موڪليندا، جو وڃي گهر گهر ماڻهن کي چئي ايندو، ته فلاڻي جي گهر رهاڻ جو سڏ آهي، ۽ پاڙي مان لنگهندي عام هوڪو به ڏيندو ويندو.

سڀڪنهن رهاڻ ۾ سندن ذات وارا خاص طرح ۽ ٻا ٻين قومن جا به ايندا آهن. اهڙن موقعن تي خاص ماڻهن جي يادگيري رکبي آهي، جن کي ڪوٺ ڏيئي گهرائبو آهي. پوءِ اوڙي پاڙي جا ننڍا وڏا اچي ڀيڙا ٿيندا. اچڻ وقت هر ڪنهن جي آڌرڀاءُ ڪبي: آبورا... (اچو)، ڀَلان آيا... (ڀلي آيا) آئو، ٻيسو... (اچو، ويهو)... وغيره. پٽ تي جهاجهم، جيرويون، فراسيون، رَليون وغيره وڇايل هونديون، ان تي اچي ويهندا. چڱن ماڻهن ۽ پرين مڙسن (پير مردن) کي وري گاديون يا چوپڙ رليون (چؤڻيون ڪيل) ڪري اُن تي ويهاريندا. پير مرد لٺ پاسي ۾ رکي ويهندا، گهڻو وقت رهاڻ هلي ته ٿڪ محسوس ٿيندو، تنهنڪري چادر سان ڦانگ ٻڌي ويهندا (اڪثر ٿري ماڻهو ڪلهي تي چادر يا انگوڇو کڻندا آهن) بعضي رهاڻ ۾ حقو ڀريل هوندو جو پيا واري وٽي سان ڇڪيندا ۽ رهاڻ ۾ ڦيرائيندا. پوءِ پتاشا، مصري. وغيره ورهائي آفيم جو دؤر شروع ڪندا رهاڻ جو مزو ته آهيئي اهو! آفيم، ڪپهه، کرل، ڇاڻن لاءِ لوهي صافو، وٽيو، لوٽا، چونريون، موريا پاڻي جا ڀريل آڻي وچ ۾ رکندا.

ٻه – ٽي وڏا تجربيڪار کرل ۾ ٿورو آفيم وجهي پاڻيءَ سان لساڙي تيار ڪندا. پوءِ صافي ۾ ڇاڻيندا، ان کي گَرنو به چون، جو ڪمي (قيف) جي نموني لوهي گول ڪَڙيءَ ۾ قابو ٿيل هوندو آهي ۽ وچ ۾ هيٺ هوندو، اها ڪڙي لوهي ڪلي ۾ قابو ڪري زمين ۾ کوڙي ڇڏبي آهي. صافي جي هيٺان ٿورو سڳي جو ٽڪر پيو لڙڪندو آهي. مٿان اوتڻ سان آفيم ڇڻجي صاف ٿي ڦڙو ڦرو ڪِري هيٺ رکيل وٽيءَ ۾ پوندو ۽ گند صافي ۾ رهجي ويندو. انهيءَ کي ”ڪسوُنٻو“ چوندا آهن. پوءِ ڪو گڙنگ ٻَنڌاڻي ڪپهه جو پَهو (جنهن کي مينئو چوندا آهن) تيار ڪري، ڪسوُنٻي مان ٻوڙي پنهنجي هٿ جيتريءَ تي نپوڙي ايترو وجهندو، جيئن تري ڀرجي وڃي. پوءِ هرهڪ ٻانڌاڻي اڳيان جهلي چوندو ته ”هي لِيو“ (هاڻي وٺو). ٻانڌاڻي وري چوندو ”رام رِياڻ“. (ڀڳوان جو قسم) يا ”ماتاجي رِي سوگَنَ اِتواَمَلَ مِنان ماري نانکِسي، ڪينهڪ ٿوڙِهو ڪَرو“. (ماتا جي راجپوتن جي ديوي جو نالو – جو قسم، هيترو آفيم مون کي ماري وپجهندو، ڪجهه ٿورو گهٽ ڪريو). ان تي آڇيندڙ وري چوندو ته ”اِئي ۾ ڪِي ٿورو ڪَران، مين اڳيئي ٿوڙهو گَهِتيو آهي“. (هن مان ڇا ٿورو ڪريان، مون اڳيئي ٿورو وڌو آهي). وٺندڙ وري چوندو ته ”رام رِي سوگَن، هُون اگيئي گهَران اَمَل لي پَڇي آيو آهيان، تو هِي اي اَڀانجو هٿ پَڇو ڪو ٿو باران، پر ڪينهڪَ مانجهوئي ڪَهيو ڪَرو، لِکيڪ ٿوڙهو ڪَرو“. (ڀڳاون جو قسم، آءٌ اڳيئي گهران آفيم وٺي آيو آهيان ته به اوهان جو هٿ ڪونه ٿو موٽايان، پر ٿورو منهنجو به چيو ڪريو، جو ذرو ٿورو ڪريو) اهڙيءَ طرح ٻه – ٽي ڀيرا ڌانڌل ٿيندي. ڪي ڏيندڙ جي پاسي ٿي چوندا ته ”ڪَرو ڪِيٿا، اَمَل اَهي ڪِتو، سَچائين تا ڪَروڪ جاڻي، اَڀِين تان اڳيئي پيا لِيو پَڻ، ڦَلاڻو ڏسو جو ڪڏهن وٺيئي ڪونه، ايترو ته اُن ئي ورتو آهي). ڪي وٺندڙ جي پاسي ٿي چوندا ته ”ٻيلي ڪينهڪَ اَسانرو ڪَهيو ڪَرو، اهڙو گهاٽو اَمل اِتو مَ ڏيو، ڪينهڪَ ٿوڙهو ڪَرو.“ (ٻيلي، ڪجهه اان جو به چوڻ ڪريو. اهڙو گهاٽو آفيم ايترو نه ڏيو، ڪجهه ته ٿورو ڪريو).

آخر ڪجهه ريڙهه پيڙهه بعد تريءَ تان مينئو ٻوڙي ڪجهه امل (آفيم) گهٽايو ويندو ۽ پوءِ تري وات اڳيان جهليندو ته وٺندڙ پنهنجي چيچ ان مان ٻوڙي ٽي ڀيرا چنڊيندو ۽ اهڙن موقعن تي ڪي مزيدار صدائون به چوندا آهن ۽ پوءِ هٿن سان جهلي هڪ ئي ڳيت سان پِي ويندو ۽ لوٽو کڻي هن جي هٿ جي تري صاف ڪرڻ لاءِ پاڻي اوتيندو. اهڙيءَ طرح هر ڪنهن کي پياريندوپ ويندو ۽ انهيءَ ڌانڌل کي ”مَنوهار“ چئبو آهي. ٻناڻي آفيم وٺڻ کان ڊڄن ڪونه ٿا، پر چوندا آهن ته اها منوهار نه ڪبي ته آفيم ايندو ڪونه، يعني نشو نه ڪندو. اهو ته ٿيو رهاڻ جو رواج، ان بعد وري ڪي پاڻ ۾ دوست، مٽ مائٽ، سيڻ گنات ۽ حُجتي هڪٻئي کي تريون ڀري ڏيندا آهن. ڪي گَرڙ – ٻنڌاڻي پنج ڇهه تريون به وٺندا آهن. ڪي ماڻهو اهڙا به آهن، جي ٽاڻي تي اڌ تولو کن به کايو ڇڏين.

رهاڻ ۾ ڪنهن جي امل سان ڀريل تري موٽائڻ وڏي بيعزتي سمجهبي اهي. ڪن حالتن ۾ ته اهڙين ڳالهين تان هڪٻئي جي لاءِ دل ۾ ڪٽر ويهو وڃن ۽ نوبت جهيڙن تائين به وڃيو پهچي.

آفيم وٺڻ بعد مٿان چانهه، کارڪون، ماني، ڀَت يا لسي کارائبي آهي. کٽمٺڙا، سونف ۽ سوپاريون ڏبيون آهن، جنهن کي ”کارڀڃڻو“ چئبو اهي، پوءِ ويٺا حقو ڇڪيندا، ٻيڙيون يا سُلڦي پيئندا ۽ اوڀارين لهوارين ڳالهين جا گيڙا ڏيندا. منجهانئن ڪو ڪو اُٿندو ويندو، نيٺ سڀيئي اُٿي روانا ٿيندا. اٿڻ وقت اُٿندڙ کي چئبو آهي ته ”اُٿو ٿا؟... ڪينهڪ ٻيسو“ (ٿورو ويهو) اُٿندڙ چوندو ته هي گهڻائي ٻيٺا، هي جھائون تا“. (گهڻوئي وقت ويٺاسون، هاڻي وڃون ٿا). ائين چئي روانا ٿيندا، تڏهن آخرين طرح چئبو ته ”ٺيڪ ٺيڪ، ڀلان آيا.“

 

نشو واپرائڻ

ٿر ۾ شراب، چرش، ڀنگ ۽ گانجي جو رواج ڪونه آهي. البت شهرن ۾ خاص ڪري شاهوڪار يا ڪامورا اونهاري جو ٿاڌل ۾ ٿوري ڀنگ وجهن. نه ته عام رواج اصل ڪونهي. شراب مهانگو آهي، تنهنڪري فقط ڪي ڪامورا ۽ شوقين شاهوڪار ڪڏهن ڪنهن معزز مهمان جي اچڻ وقت ڪم آڻين، نه ته فقط بيماريءَ جي حالت ۾ دوا طور استعمال ڪن.

ٿر جي راجپوتن ۾ ۽ خاص ڪري برهمڻن، مهيشورين ۾ عام طرح شادي غمي يا ڌڏڻ وار تي آفيم جو رواج گهڻو هوندو هو. ڪيترا ٺَڪر ۽ ٻيا آفيم جا علتي (ٻنڌاڻي) هئا. وهانءُ مهل آفيم جي رهاڻ ضرور ڪن. ٻه – چار ڄڻا گڏجن ته آفيم جو ورتائڻ ضروري سمجهن. پاڻ ۾ ڪي وڙهندا هئا ته انهن کي پرچائي سندس هٿن سان هڪٻئي کي آفيم ڏياربو هو، اهو رواج اڃا به آهي. هڪٻئي جي هٿ جو اَمل وٺڻ معنيٰ دل مان بغض ڪڍي کير کنڊ ٿي وڃڻ، عام چئبو آهي ته فلاڻا وڙهيل هئا پر هاڻي ”امل پاڻي“، ورتو اٿن، يعني سَرتا آهن.

آفيم کائيندڙ ۽ کارائيندڙ انهيءَ طبقي وارن وٽ عزت جي نگاهه سان ڏٺا ويندا آهن، جنهن وٽ سدائين رهاڻ هجي. عام ٻولڙيا هن جي ساراهه مان ڍاپيندا ئي ڪونه آهن. چوندا ته ڀائي! فلاڻي جي جُتي ۾ ڪير پير وجهي، جنهن وٽ اٺيئي پهر رهاڻ لڳي پيئي اهي ۽ آلي ڏيلي (عام خاص) کي آفيم جو انڪار ڪونهي. اصل جيڪو ويو تنهن کي آفيم کان سواءِ ڇڏيئي ڪونه، وغيره.

مسلمانن ۽ اڇوتن ۾ آفيم جو رواج ڪونه آهي. هاڻي علم جي سجاڳي، نئينل هر، آبڪاري کاتي جي پڪڙ پڇاڙ، آفيم جي قيمت وڌڻ، مهانگائي سبب پئسي جي تنگي ۽ سرڪاري بندش جي ڪري رواج گهٽ ٿيو آهي، پر صفا بند نه ٿيو آهي. ڪيترا ٻنڌاڻي اڃا آهن جي آفيم کائيندا آهن جو سرڪاري گُتن تان خريد ڪندا آهن. ڪي روزانو هڪ ويلو صبح جو ۽ ڪي ٻه ويلا صبح شام وٺندا اهن. ڪي آفيم جو ٽڪر پاڻيءَ سان ڳڙڪائي ڇڏين ڪي وري پاڻيءَ ۾ ڳاري تِري ڀري پيئن ۽ هڪٻئي کي ڏين. ڪي اڪيلا وٺن، ڪي ٻه ٽي ڄڻا گڏجي وٺن. ڪي وري مٿان کارڀڃڻو ڪن، ڇو ته انهن کي اُن کان سواءِ آفيم نسو نه ڪندو ۽ جي نشو نه ٿيو ته ورتو نه ورتي جهڙو، ان حالت ۾ چوندا ته ”اُگوئي ڪونه“، يعني نشو ٿيو ئي ڪونه. ڪن سڌريل ماڻهن جي ڪوشش سان ڪن پئنچاتن آفيم جي واهپي تي بندش وڌي آهي. هن خراب علت جو واهپو جيترو جلد بند ٿئي اوترو چڱو.

ٻهراڙين ۾، خاص ڪري ٺڪرن ۽ اڇوتن ۾ تماڪ جو گهڻو واهپو آهي. حقو عام طور ڇڪين ۽ اُن کي مجلس ي ارهاڻ جو مور سمجهن. اُن م سنڌي تماڪ يا ڳڙ سان گڏ زردو ڪٽي اهو ڪم آڻين، جنهن کي ”ڳُڙاڪو تماڪ“ چون ٿا. حقي جي ٽوپيءَ تي ڪنڊي يا ڪُونڀٽ جو ٽانڊو رکن، جنهن کي ”سُجر“ ٽانڊو چون، جو تمام گهڻو وقت جهلو (جٽاءُ) ڪندو آهي. غريب ماڻه، جن کي اُٿي ويٺي جو ڪم ڪرڻو پوندو آهي، سي سُلڦي پيئن، جا مٽي ۽ ڪاٺ جي ٿيندي آهي، ڪاٺ جي سُلڦيءَ ۾ سڙڻ جي ڊپ کان اندران لوهه جو گول ويڙهو وجهن، ائين تماڪ جيڪفايت آهي.

شهرن ۾ پن جي ٻيڙيءَ جو گهڻو رواج آهي، ٻهراڙين ۾ گهٽ آهي. وڏن ڳوٺن ۾ ڪيترن جو روزگار پن جي ٻيڙين ٻڌڻ ۽ وڪري ڪرڻ تي آهي. سگريٽ جو رواج بنهه گهٽ، البت شهرن ۾ ڪنهن موقعي مجلس تي يا پڙهيل شوقين ۽ ڪامورا ڪم آڻين. ٿري غريب هوندي به تماڪ تي گهڻو خرچ ڪن. خاص ڪري غريب طبقو انهيءَ مرض ۾ وڌيڪ مبتلا آهي. نه رڳو مرد پر ڪي عورتون به تماڪ ڇڪين.

ٿوري وقت کان ٿر ۾ چانهه جو رواج وڌي ويو آهي. اڳي اهو رواج فقط ڪامورا پارٽي ۽ شاهوڪار شوقين طبقي ۾ هو، پر هاڻي ته ٻهراڙين ۾ به ڪاهي پيو آهي. گُرو گَنجو، آلِي ڏيلي، گهر ۾ داڻو نه هجي ته مانيءَ جو فڪر ڪونهي، پر چانهه ضرور کپي. ڪو مزمان ايو، ماني کڻي چڱي کارايو، پر جي چانهه نه پياري ته چوندو ته ائين ته ادا ماني ته سڀڪو پيو کارائي پر چانهه به ڪونه پياريائين! ڪيترا ته بک هوندي به ماني ڪونه گهرندا، پر چانهه جي طلب ضرور ڪندا. کنڊ مهانگي آهي. جنهنڪري ماڻهو ڳڙ ڪم آڻين. جهنگ ۾ ڌنارن ٻڪرارن کي ڏسو ته ڪِٽلي، چانههجي پُڙي، ڳڙ جو ڳنڍو، پلاند ۾ ٻڌل هوندو. جتي طلب ٿي، ٻڪري ڏُهي چانهه ضرور ڪندا. ٻڪري نه هجي ته مادي اُٺ جو کير به چانهه جي ڪم آڻيندا آهن. مطلب ته کير هجي. پوءِ ڪهڙو به هجي. ڪي موالي ته کير نه هئڻ جي حالت ۾ صرف پاڻي ۾ چانهه ڪن جنهن کي ”سليماني چانهه“ چون. ائين اهڙو ڪو ڇڊو گهر لڀندو، جتي چانهه جي ڪٽلي نه چڙهي. اهڙيءَ طرح ڪيترو کير ضايع ٿئي ٿو، جو گيهه جي نافت لاءِ وڏو سبب آهي.

ناس اڪثر عورتون ڏينديون آهن، ڪي مرد به ڏيندا آهن. ڀريل دٻلي کيسي ۾ پيئي هوندن، ڪي وري ڌڏندڙ ڏندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ناس وات ۾ وجهن. ڪي روزانو ناس جو ڏندڻ ڪن ته ڪي تماڪ به چٻاڙين.

مهيشوري، برهمڻ، لهاڻا ۽ ميمڻ سوپاريون جام کائين. خاص ڪري شادي وقت گهڻو واهپو هوندو آهي. پر اها رسم شهرن تائين محدود آهي، ٻهراڙين ۾ رواج ڪونهي. ڏيپلو شهر، سوپارين واپرائڻ کان مشهور آهي، جتي جا ميمڻ مرد ۽ عورتون سوپاريون گهڻيون کائين. تَڙون ڪن، ڪي ڪُتر ڪري کائين. ڪن جا ته انهيءَ ڪري ڏند به ڪارا ٿي ويندا اهن. سڀ ڪنهن وٽ سوپارين وڍڻ ۽ ڪُتر ڪرڻ لاءِ ”سوهڙي“ کيسي ۾ پيئي هوندي آهي، جا پتل ۽ لوهه جي ٿئي.

 

مارن جا ڌار ڌار نالا

ٻهراڙيءَ جو رهاڪو پري ڪنهن هنڌ ويو ته پاڻ کي ڪنهن ويجهي شهر جو رهاڪو سڏائيندو، ڇو ته سندس ننڍڙو ڳوٺڙو اهڙو مشهور نه هوندو. ٿر جا ننڍا ڀاڱا مهراڻو، سامروٽي، وَٽَ، وغيره ايترا مشهور آهن. کائڙ کي به شاهه صاحب بيان ڪيو آهي نه ته عام طرح ”ڍَٽَ“ وڌيڪ مشهور آهي.

ٿر کي ڀانيون ٿوڪ، جو ڍڪ ڍاٽيڙن جو.

جيتوڻيڪ ڍاٽ ٿر جي وچئين ڀاڱي کي چئبو آهي ته به اهو لفظ سڄي ٿر لاءِ ڪم ايندو آهي، تنهنڪري ٿر جي رهاڪو کي ”ڍاٽي“ پڻ سڏبو آهي.

ٿــر جا ماڻهو مالــدار آهــن. ٻڪري اهــڙو ڌڻ آهــي جو غريب به رکي سگهي ٿو ۽ ٿوري خرچ سان گهڻو اُپراسو. ٻڪري کي پَهُون به چون، تنهنڪري ماڻهن کي ”پنهوار“ چون.

سدا ويٺي ساريان، ”ڏوٿي“ ڏاڏاڻا.

ٿر جي آبادي برسات تي ٿئي. سا به ڪڏهين پوي ته ڪڏهين ڪانه پوي. ڏڪار سدائين سِر تي سوار، تنهنڪري ماڻهو سدائين سانگ ۽ صوفي سان رهن. اناج جي تنگي جي ڪري ڏت تي گذران ڪن. جنهنڪري ”ڏوٿي“ ۽ ”ڏوٿيئڙا“ سڏجن.

مون ”ماروُ“ سين لڌيون، لوئيءَ ۾ لائون.

ماڻهو جو گذران مال تي، گهرجون گهر، ٿوري مان پورائو ڪن، تنهنڪري ”ماروُ“ يا ماروئڙا“ سڏجن.

ڪنهن پر لاهيان ڪاڻ، ونهين ويڙهيچن سان.

سڄي ٿر ۾ وليون ۽ وڻ اڪيچار آهن، اهڙي هنڌ کي ويڙهه چوندا آهن. مارو ماڻهو مال کي ڪاهي وڃي اتي چاريندا آهن، جنهنڪري ”ويڙهيچا“ سڏجن.

”سانگي“ ساريم سومرا، ڍاٽي پاسي ڍول.

مال جي سهولت لاءِ ٻه چار گهر گڏجي مال ڪاهي ڪٿي وڃي سانگ ڪري ويهن، تنهنڪري ”سانگي“ يا ”سانگيئڙا“ سڏجن.

”جهانگي“ جو جهنگن جو سيڻ ڪميڻي سوئي.

ڪيترا شهرن کان ٻهراڙي پسند ڪن ۽ سدائين مال جهنگ ۾ چارين ۽ اتيئي رهن، تنهنڪري، ”جهانگي“ ۽ ”جهانگيئڙا“ سڏجن.

سهسين سيبا ڪنجري، ”لوئي“ ليڙ ٿيام.

ماڻهو غربت جي ڪري ڪپڙو خريد ڪري ڪونه سگهن. رڍن جي اُن کي گهر ۾ ڪَتي لويون تيار ڪري ڪم آڻين، جنهنڪري ”لوئرياڙا“ (لويون ڍڪيندڙ) سڏجن.

”کٿيري“ تان کل، عمر ڪج مَ اهڙي.

سياري ۾ سيءَ جي بچاءُ ۽ پهرڻ لاءِ کٿا ٺاهي ڪم آڻين، جنهنڪري ”کٿيرا“ سڏجن. مال کي چون ڌڻ، جنهن جي سنسڪرت ۾ معنيٰ آهي ”سنگهه“. مال جي مالڪ کي چون سنگهار. ٿري ماڻهو مالدار آهن، تنهنڪري ”سنگهار“ سڏجن.

ٿر جي ڌار ڌار ڀاڱن ۾ رهندڙن کي انهن مڪاني نالن سان به سڏين. جيئن ته پارڪر جي رهاڪن کي ”پاڪريا“، سامروٽيءَ جي رهاڪن کي ”سامروٽيا“، کائڙ جي رهاڪن کي کائڙيا“ وغيره.

عام طرح سڀني رهاڪن کي ”ٿري“، ”ٿريا“ ۽ ”ٿاريلا“ چون.

 

ٿرين جي پاڻ ۾ ڀليڪار

ٿر ۾ هندو، مسلمان ۽ اڇوت رهن ٿا. انهن مان هرهڪ جون ڪيتريون ئي ذاتيون آهن. مسلمان سڀيئي ذاتيون پاڻ ۾، هندو سڀيئي پاڻ ۾، ۽ هندو مسلمان پاڻ ۾، گڏجڻ وقت هڪٻئي کي هٿ ۾ هٿ ملائيندا آهن. مسلمان پاڻ ۾ هڪٻئي کي گڏجڻ وقت، هڪڙو چوندو ”السلام عليڪم“، ته ٻيو جواب ڏيندو ”وعليڪم السلام“. پوءِ گهڻي واقفڪاري هوندي ته ڀاڪر وجهي نه ته رواجي طرح هڪٻئي کي هٿ سان هٿ ملائيندا، پوءِ خوش خيرعافيت پُڇندا آهن.

هڪڙو چوندو:

خوشته ٻيو جواب ڏيندوشڪر

چڱو ڀلوته ٻيو جواب ڏيندومهرباني

متاروته ٻيو جواب ڏيندورب جو فضل

جوڙته ٻيو جواب ڏيندومڙيئي خير

ادا کپي به خير، شل سدا خوش هجين.

ڪي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو اڃا به ڊيگهه ڪندا آهن.

جيئن ته: راڄ ڀاڳ، پُٽ ڇوٽا، مال رزق، ڌڻ ڌپو، اوڙو پاڙو، ٻار ٻچا وغيره.

هندو پاڻ ۾ گڏجڻ وقت گهڻائي اکر ڪم آڻيندا آهن. ڪنهن برهمڻ سان گڏجڻ وقت چئبو ”مهراج! نمستي، رام رام“، مهيشوريءَ سان ”رام رام“ اڪثر هندو پاڻ ۾ گڏجڻ وقت ”رام رام“ لفظ ڪم آڻيندا آهن، اڳلو به جواب ڏيندو ”رام رام“.

ٺَڪُر برهمڻ کي گڏبو ته چوندو ته ”مهراج پائي لاگان“. (پيرين پوان) ته مهراج جواب ڏيندو ”سُکي رهو“، اهي به ڀاڪر پائي يا رواجي طرح هٿ هٿ سان ملائي گڏبا آهن. ٻيا عام هندو ٺَڪُر سان ملڻ وقت چوندا ”مُجرو شاهه“ ته ٺَڪُر به جواب ڏيندو ”مُجرو شاهه“. پوءِ خوش خير عافيت ڪندا جنهن کي ”ڪُسڙاتَ“ چون. ان جي پڇڻ جا نمونا جدا جدا آهن. مثلاً: ”چاڪ، پَرشن، راجي خوشي، اَنند ۾، موج ۾....“ وغيره، يا چوندا: ”چاق، هوڪاران ۾، سَڪِراڙو، رُڙو ڀَلو، متارو....“، وغيره.

اَڇوت، جهڙوڪ مينگهواڙ، ڀيل، ڪولهي ۽ ڀنگي وغيره سڀڪو پنهنجيءَ ذات واري سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي ملندو. هڪ ذات، ٻيءَ ذات کي هٿ ۾ هٿ ڪونه ملائي، فقط ڪي پڙهيل پاڻ ۾ هٿ ملائيندا آهن ۽ خوش خير عافيت ڪن، جنهن کي ”کيڪار“ چوپن. وچولن هندن وارو نمونو اختيار ڪن، ڪي ڊيگهه ڪن، ڪي ٻه ٽي اکر چون.

ڪوبه اوچ يا وچولو هندو ڪنهن به اڇوت سان هٿ ڪونــه ملائي، البت ڪي پـڙهيل هــٿ مــلائيندا آهن، نه ته رواجي طرح اڇوت پري کان ئي هن طرح کيڪار ڪندا. برهمڻ، مهيشوري، سوڙهــڙ، سامي، مالهي، سونارا، کٽي ۽ لهاڻــا وغيره هونــدا تــه اڇوت ”رام رام“ چوندا.. هو به سامهون جواب ڏيندا، ”رام رام“. پوءِ کيڪار مٿئين موجب ڪندا.

مينگهواڙ ٺَڪُر سان ملندو ته پري کان وندو: ٺَڪرائِي! دُعا آهي“. (يعني توکي منهنجي دُعا آهي.) ٺَڪُر جواب ڏيندو ”دُعا ري سَرڻي“ (يعني آءٌ ٿنهنجي دُعا جي شرڻ آهيان.) حاصل مطلب ته تنهنجي دعا جي ڪري ئي آءٌ خوش حالت ۾ رهي سگهان ٿو. پوءِ کيڪار مٿئين موجب ڪبي.

ڀيل ٺَڪُر سان ملندو ته چوندو ”ٺڪرائي! جُهار“.

”پانڌي پرين پهنوار کي، ججها ڏيج جُهار“.

ٺڪر جواب ڏيندو: ”جُهار، جُهار“، پوءِ مٿئين موجب کيڪار ڀليڪار ڪبي.

اڇوتن سان مسلمان هٿ هٿ ۾ ڏيئي ملڻ ۾ ڪوبه عار نه سمجهندا اهن، تنهنڪري گهڻا پڙهيل ۽ سڌريل اڇوت هٿ سان هٿ ملائيندا آهن. پر ڪي بلڪل غريب ۽ ٻهراڙيءَ جا اڇوت مسلمانن سان ملڻ وقت چوندا آهن. ”ڀَلين آئين“. مسلمان جواب ڏيندو ”ادا خير هجئي“، پوءِ کيڪار ڪبي آهي.

برهمڻ ۾ خاص طرح ۽ مهيشورين ۾ عام طرح ڇوت ڇات آهي. هو اڇوتن، کي ڇهڻ کان به پري ڀڄندا آهن. باقي ٻيون هندو ذاتيون ۽ مسلمان ڇوت ات نه ڪندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org