ڪوئو بلڪل نقصانڪار آهي. وسڪاري جو جيڪو گاهه
ٿيندو آهي، اهو زمين ۾ ٻر کڻي ڪُتري ڦٽائي ڇڏيندا
آهن. هونئن جيڪر ڳچ وقت هلي سو ترت ناس ٿيو وڃي.
وسڪاري جو ٻنين ۾ ننڍا سَلا اُڀرن ته ڪُتريو وڃن ۽
ٻئي فصل کي به نقصان ڪن. گدرن ۽ هندان ۾ تنگ ڪيو
ڇڏين جنهنڪري اهي خراب ٿيو پون ۽ وڌي وڏا ڪونه
ٿين. گهرن ۽ لوڙهن ۾ به ٻر ڪندا آهن. جي هڪ دفعو
پوري ڇڏيو ته ٻئي ڏينهن وري به اهو ٻر تيار پيو
هوندو. کاڌي جون شيون کايو وڃن، ڪپڙا ٽڪيو وڃن،
تنهنڪري ماڻهو ڪئا مار جي وسيلي مارندا آهن ۽ ڪي
ٻليون پاليندا آهن.
*ڄاهو: جهنگ ۾ عام ٿئي. اون جي کل جي مٿان تکا ڪنڊا ٿين. جهنگلي
ننڍن جيتن تي گذر ڪري. نانگ جو دشمن آهي. اُن کي
ماري وجهي. هٿ لائبو ته منهن اندر ڪري ويڙهجي گول
کينهوڙي وانگر ٿي پوندو. لوڪڙ هن جو استاد آهي.
کيس اونڌو ڪري مٿان پيشاب ڪندو آهي ته بيهوش ٿي
ويندو ۽ منهن ٻاهر نڪري ايندس تڏهن اُن کي کايو
وڃي. ننڍا ٻار اُن کي جهلي کنيو اچن. هڪ هنڌ رکي
پري ٿي بيهن ته هلڻ شروع ڪري، ويجهو وڃن ته منهن
بند ڪيو ڇڏين. ٻارن لاءِ اها هڪ وندر آهي. ٿري هن
کي ”سيهڙو“ چون.
*گُونگهي: هن کي ٽنڊڻ به چون. گونگهين جا ننڍا وڏا ڪيترا قسم
آهن، جي گهڻو ڪري رنگ جون ڪاريون ٿين. هڪڙي وڏيرڙي
ٿئي ۽ بدن تي اڇا ٽڪا ٿين. هلڻ وقت ننڍا ننڍا
ٺڪاءُ پئي ڪندي آهي جنهنڪري اُن کي ”ڪَڙِڪَن واري
گونگهي“ چون. ٻي ننڍيري ٿئي جا جتي ڪٿي ڏسبي آهي.
اُن کي ڪيترائي ڀيرا پري اُڇلائبو ته. به وري وري
موٽي پيئي ايندي، پر جي وات سان ڃوڪ ڏبي ته پاسو
ڪري ويندي ۽ وري موٽي نه ايندي. ڪو ماڻهو ضدي
هوندو آهي ته چوندا آهن ته ”هيءُ ته گونگهيءَ جهڙو
ضدي آهي!“ يعني پنهنجي ڳالهه تان هيٺ لهڻ وارو نه
آهي.
*ماڪوڙي: ٿر ۾ اُن کي ”ڪِيڙي“ چون. رنگ ڪارو ٿئي. ڪي وڏيريون،
ڪي وچوليون، ڪي تمام ننڍيون ٿين، جن جو رنگ پيليرو
ٿئي، انهن کي ”سون ڪيڙيون“ چون. هي گهرن ۽ جهنگ ۾
جتي ڪٿي ٻر کوٽي رهن، جن کي ”نُگرو“ چون. ڪن
ماڪوڙين کي برسات پوڻ وقت کنڀ ڄمي پوندا آهن ۽
اُڏامنديون آهن، پر اهي ٿوري وقت بعد مري وينديون
آهن. جهنگ مان وسڪاري جو اَنَ ۽ ڏٿ کنيو اچيو ٻرن
۾ گڏ ڪن. اُنهن جي ٻرن جي ٻاهران تُهن جا ڍير پيا
هوندا آهن. گهرن ۾ يا ڀرسان نگرا هوندا ته مٺاڻ
کايو اناج کنيو وڃن. کير، لَسي ۽ ڌونري ۾ پئجي
خراب ڪن. سڻڀ جي ڏپ تي ته آيون رهن. مکڻ ۽ گيهه
ڪٿي به رکو ته هنن کان نه ڇُٽي سگهجي، اندر پئجي
خراب ڪيو ڇڏين. زمين تي هلڻ وقت قطارون ڪيون پيون
اينديون وينديون جنهنڪري واٽ ٺهيو پوي ۽ پري کان
اڇا ليڪا پيا ڏسبا. بدن تي چڙهي آيون ته چڪ
هڻنديون آهن، جو ٿورو چٽڪندو آهي. هن جي بچاءُ
لاءِ ماڻهو ڇا ڪن جو جتي گهڻيون ڏسن، اُتي سِڻ جو
موُئا ٻار ساڙين. واٽن جي وچ تي ڪنجهي جا ڪٽورا
(جن مان ٻاهر نڪري نه سگهن) پوري زمين سرکا رکي
ڇڏين ته ڀرجيو پون تڏهن کنيو وڃيو پري اڇلايو اچن
يا ساڙيو ڇڏين، نُگرا ڏٽي ڇڏين ته به کٽڻ جون نه
آهن. ڪيترا ڳويچارا انهيءَ سُران جاٰءِ ڇڏي ٻئي
هنڌ وڃي مڪان ٺاهين.
*گهُرٽِي: هي ننڍي ٽنڊڻ جيڏي ڀوري اڇيري رنگ جي، پُٺيءَ تي اڇا
ٽِڪا ٿيندا اٿس. ڏس جا ٽپڙ، چمڙي جو آسمان يا ٻيون
اهڙيون شيون ڳچ وقت هڪ هنڌ رکيل هونديون ته کائي
ڪُتري خراب ڪري ڇڏيندي آهي.
*ڪاتِرا: هي انچ ڏيڍ ڊگهو ڪينئين جو قسم آهي. اُن جي سڄي بدن تي
بُج ٿيندا آهن. رنگ جو سونهري ڳاڙهيرو ڀورو ٿئي ۽
مُنهن گول ڳاڙهو ٿئيس. اُن جو بدن اهڙو نازڪ آهي
جو هٿ جو ٿورو زور ڏبو ته ڦِسِي پوندو. هي فقط فصل
جي موسم ۾ پيدا ٿيندو آهي ۽ ايترا ته هوندا آهن جو
جهنگ ۽ ٻنيون ڀريا پيا هوندا آهن ۽ جهنگ جو گاهه
ٿوڙي ٻنين جو فصل گوار، تر، هڱ، چونرا، ڪوڙو جا پن
۽ ساوا گونچ ۽ ڏنڊيون لائي ڇڏيندو آهي. خاص
هنداڻن، گدرن، ميهن ۽ چڀڙن جي ولين جو دشمن آهي،
پن کائي ڏانڊيون ڪتري ڇڏيندو آهي. هاري ٻنين ۾
ڦيرا ڏيئي اُن کي جتي ڏسن، اتي ڪاٺي ٽڪر سان يا
پير سان ڦيهي ماري ڇيڏندا آهن. ٻئي ڏينهن ڏسو ته
انهيءَ کان به وڌيڪ، اصل کٽڻ جا ڪونه آهن. وَهيا
پکي ولر ڪري اچي مٿان ڪڙڪندا آهن. ڪيترائي ماري
کائيندا آهن مگر ڪٿي ٿا گهٽ ٿين. پر کائي کائي نيٺ
سندن منهن پچي پوندا آهن ۽ ڀڊي جي مهيني ختم ٿيڻ
تي هو کائڻ کان لاچار ٿي پوندا آهن، جنهنڪري ازخود
مريو وڃن.
*اُوٿو: هي اڇي ڀوري رنگ جا ڪارن پٽن سان ننڍا جيت ٿيندا آهن.
اُن يا ڏاس جو سُٽ، کٿا، ڪمريون، لويون، کاهيون،
کرڙ وغيره ڳچ وقت هڪ هنڌ رکيل هوندا آهن ته انهن ۾
اُوٿو ازخود پيدا ٿيندو آهي. وسڪاري جو ته اڻ پڇيو
پيدا ٿئي ۽ کايو، ڪُتريون، ٽڪيو ناس ڪيو ڇڏي.
تنهنڪري اهڙيون شيون وقت به وقت ڇنڊي اُٿلائي
پتلائي ڪجهه وقت ٻاهر اُن ۾ رکي (جي جيت اندر هجن
ته مريو وڃن) پوءِ وري رکبيون آهن.
*اِلي: هي ڳاڙهي رنگ جو ننڍڙو جيت ٿيندو آهي. ٻاجهري گهڻو وقت
هڪ هنڌ رکبي ته اِلي اندر ازخود پيدا ٿي کائي خراب
ڪري ڇڏيندي آهي. خاص ڪري مٺي اناج ڪڻڪ ۽ چانورن کي
ته ترت وٺندي آهي. ٿري ماڻهو ٻاجهري مِٽيءَ جي
ڪوٺين (گندين) ۾ رکندا آهن. اِلي يج بچاءُ لاءِ ڇا
ڪن جو ڪوٺيءَ جي تضري ۾ ٽانڊن جي سنهي رک وجهن ۽
ٻاجهريءَ ۾ رک ڀيڙ ڪري ڪوٺي ڀري ڇڏين، يا وچ ۾
نيمن جا پن ڀيڙڪن. انهن اُپائن سان اناج ڳچ وقت
سلامت رهي سگهندو آهي. ڪڻڪ ۽ چانورن جو ذخيرو عام
طور ٿورو هوندو آهي، پر ان جي بچاءُ لاءِ به
اُڇاءُ اهيئي ڪن.
*گِيئَڙَ: هي جيت وڏين ماڪوڙين جيڏا ڀوري رنگ جا ٿيندا آهن، جي
فقطبرسات پوڻ وقت زمين مان نڪرندا آهن ۽ هفتي کن
اندر گم ٿيو وڃي.
*ماڪوڙا: هي ماڪوڙين کان وڏا ڪاري رنگ جا ٿيندا آهن. هي پنهنجا
ٻر وڻن جي پاڙن وٽ ڪن. برست پوڻ وقت جام نڪرندا
اهن، ان وقت ورلي ڪو ڪنڊو هنن کان خالي هوندو. وڻ
تي پيا لهندا ۽ چڙهندا. بعضي گهرن ۾ ڀتين جي پاڙن
۾ به ٻر کوٽيندا آهن. هنن جو چڪ ڏکيرو آهي.
ماڻهوءَ کي چڪ هڻي ته هٿ سان وٺي ڇڪبو ته اڌ مان
ٽُٽي پوندو پر وات ڪونه ڪڍندو، انهيءَ ڪري ماڻهو
وڻن تي چڙهي به نه سگهندو آهي. گهر ۾ ڪو وڻ هوندو
ته وسڪاري جو سڄو گهر ماڪوڙن سان ڀرجي ويندو. هي
گهر ۾ رکيل مٺاڻ کي نقصان ڪندا آهن. ماڻهو هنن کي
گهٽائڻ لاءِ پاڻي ڪوسو ڪري ٻرن ۾ وجهندا آهن.
*اُڏوهي: هي ڀوري اچي رنگ جو ننڍو ماڪوڙي جيڏو جيت ٿيندو آهي.
هي ڏاڍي نقصانڪار آهي، پٽ تي پيل ڪاٺين ۽ ڇيڻن ۾
پيدا ٿي ته کائي ناس ڪري ڇڏيندي آهي. جاين جي
شهتيرن، پٽين، درين، دروازن، چونرن جي ڪايَن کي
کائي ناس ڪندي آهي. ماڻهو ٿوري اُڏوهي لڳل ڏسندا
آهن ته ڇاڻي ڇڏيندا آهن، ته به نيٺ کايو وڇي.
ڪاٺين کي گاسليٽ ۽ ڏامر هڻبو ته ڪجهه بچاءُ ٿيندو
آهي. جهنگ ۾ بيٺل وڻن جي سُڪل ڪاٺين کي به نه
ڇڏيندي آهي. کٻڙ جي ڪاٺيءَ تي ايترو وار نه ڪندي
آهي، باقي ٻئي ڪنهن ڪنهن کي به ڪانه ڇڏي. هن جو
دشمن تِتر پکي آهي جو جتي ڏسي اتي کايو ڇڏيس.
*سُرو: هي ڀوري رنگ جو سنهو ننڍو جيت ٿيندو آهي. هي ڪاٺين ۾ ٽنگ
ڪري اندر گهڙي ويندو آهي. اندر سنها سنها ٽنگ ڪيو
نيٺ کايو چَٽ ڪيو ڇڏي. ڪوُنڀٽ ۽ ڪَنڊي جي ڪاٺيءَ
تي خاص وار ڪندو آهي.
*ميهه ماما: هي جيت ڄئوئي جيڏو نارنگي رنگ جو ٿيندو آهي، جو
برسات وڻ وقت ڏسبو آهي، جنهنڪري ٿري کيس ”ميهه
مامو“ چوندا آهن، ۽ ڀِنوئاريءَ تي پيو سُرندو آهي.
هي تمام نفيس ۽ نرم ٿيندو آهي. ڪا عورت سهڻي ۽
گوري رنگ جي هوندي ته چئبو آهي ته ”فلاڻي جي مُنهن
۽ بدن جي وَنڪِي اهڙي آهي جهڙي ميهه جو مامو.“
هفتي کن بعد گم ٿي ويندو آهي. هن کي ”مينهن وساڙو“
به چوندا آهن. دوائن لاءِ ڪم ايندو آهي. پسارين وٽ
سُڪل مينهن وساڙا وڪري لاءِ هوندا آهن، جي حڪيم
دوائن تيار ڪرڻ لاءِ خريد ڪندا آهن.
*ڄئُوئو: جنهن هنڌ مال خاص ڪري اُٺ ۽ ڍڳيون وهنديون آهن، اتي
زمين ۾ پيدا ٿيندا آهن. هي ذري واريءَ اندر، ذري
ٻاهر پيا سُرندا آهن. ڀوري اڇي رنگ جا ٿين. مال کي
چڪ هڻندا آهن. ڪڪڙ هنن جو دشمن آهي جو زمين تي جتي
ڏسندو ته ٺونگو هڻي کائي ويندن. ماڻهن کي به چڪ
هڻندا آهن. هن جي چڪ تي جي سڻڀ لڳو ته اها جاءِ
بلڪل سُڄي پوندي آهي.
*چِچَڙ: هي ڪاري ۽ اڇي ڳاڙهي رنگ جا ٿين. ڍڳين کي خاص طرح تڪليف
ڏيندا آهن ۽ انهن جا اوهه چچڙن سان ڀريا پيا هوندا
آهن. ڳچي ۽ ڪنن ۾ به چنبڙندا آهن. جنهن هنڌ چڪ
هڻندا اُتي چهٽا پيا هوندا ۽ رت پيا چوسيندا. هٿ
سان به يڪدم پَٽي نه سگهبو. زور لائڻ سان پٽي
سگهبو آهي، ڌنار ماڻهو لوهه جو نچڪڻي وانگر اوزار
ٺهرائيندا آهن، جنهن کي چچڙا ڪڍڻو“ چون. اُن سان
پٽي ڪنهن مٽيءَ جي لوٽي، جا اڌ پاڻيءَ سان ڀريل
هجي، ان ۾ وجهندا ويندا. نيٺ ڳچ جيترا پٽڻ بعد
زمين ۾ کڏ کڻي پوري ڇڏين. هي ننڍڙا به ٿين ته وڏڙا
به.
*گوئَڙَ: هي ننڍي ٻير جيڏي، بلڪل نازڪ، اڇي رنگ جي ٿئي. اُٺن ۽
ڍڳين جي چنبڙي رت چوسيندي رهندي آهي. مالدار کيس
پَٽي پري اُڇلي يا ماري ڇڏين.
ازان سواءِ ڪِرڙي، چچي، ڪوريئڙو، ڏيڏر، منگهڻ، ڪيترن ئي قسمن
جون تِڏيون ۽ لٽُون (ڪِينئان) ۽ ٻيا به انيڪ نمونن
جا جيت ٿين ٿا.
اُڏامندڙ جيت
*گهونگهو: هي ڪاري رنگ جا، ڪي ٽنڊڻ جيڏا ۽ ڪي وڏا ٿين. ٽنڊڻ
اُڏامي ڪونه سگهي، مگر هي اُڏامندو آهي. اُڏامڻ
وقت ڪاري ڀنؤر جهڙو، پر اُن کان وڏو ٿئي ٿو. برسات
پوڻ وقت ظاهرٿيندو آهي، چوماسي ختم ٿيڻ بعد گم ٿيو
وڃي. ڪو ماڻهو حاجت تي ويٺو يا جانور ليڏوڻو يا
ڦولهڙو يا ڇيڻو لاٿو ته گونگها هڪدم اچيو پيدا ٿين
۽ گندگيءَ جا ٽڪر ٽڪر جدا ڪري پوينپيرن سان ڌڪي
روانا ٿيندا. ڦرڻ ڪري اهو ڳوڙهو بلور وانگر ٿيو
پوي ۽ پوءِ ڌڪيندا ويندا. ڪٿي وڃي ٻر کوٽي قابو
ڪندا. هڪ ٻئي پويان پيا ايندا ۽ ڳوڙها ڌڪي روانا
ٿيندا. گونگهو اهڙو ته زور سان اُڏامندو آهي جو ڪو
ماڻهو يا شئي اَڳيان آئي ته پاڻ سنڀالي نه سگهندو
آهي ۽ ڌوُ وڃي انس ان لڳي ٺڪاءُ ڪري هيٺ ڪرندو
آهي. وري ٿوري زمين تي هلي، اُڏامي روانو ٿي
ويندو.
*ڀينگو: هي جيت مڪڙ جيڏو ٿيندو آهي. اُن جو مٿو سائو ۽ ڇٺيءَ تي
مضبوط کوپي جا ٻه پَر ڳاڙهي رنگ جا ٿيندا آهن، جن
سان اُڏامندو آهي. هي برسات موسم ۾ ظاهر ٿيندا
آهن. وڻن تي خاص ڪري ڪنڊي جي وڻ تي وهندو آهي. هن
جي ماديءَ کي ڀينگي چئبو آهي، جنهن جي پَرن جا
مٿيان کوپا سائي رنگ جا ٿيندا آهن. هن جي پرن ۽
مٿي وارن کوپن جو رنگ اهڙو ته تجليدار آهي، جو
ڪاشيءَ وانگر پيو چلڪندو آهي. هيٺيون بادن به
مضبوط کوپي ۾ بند ٿيل هوندو آٿس. ٻار کيس جهلي ڪنڌ
۾ سڳو ٻڌي اُڏائيندا آهن. ڪانءُ کين ڏسڻ شرط ماري
کائي ويندو آهي. وڻن جي هيٺان پَرن ۽ مٿي جا کوپا
ڪريا پيا هوندا آهن، جن کي ”پَنگلا“ چون. ٻار اُهي
ميڙي کڻي ايندا آهن ۽ گهرن ۾ جانورن تي ۽ ڪوٺن تي
اُهي آلي مِٽي ۾ لڳائي ڇڏيندا آهن جي مٽي سڪڻ تي
منجهس قابو ٿيو ڇون ۽ پيا چلڪندا آهن. ننڍيون
ڇوڪريون گُڏين جي ڳچين ۾ پنکلا لڳائينديون آهن.
هڪ ٻئي قسم جي به ڀينگي ٿيندي آهي، جنهنجا کوپا ميرانجهڙا، بي
رونق ۽ مٿس اڇا ٽِڪا ٿيندا آهن. هي ڦوڳن تي ڏسڻ ۾
ايندي آهي، هن کي ”ڀيل ڀينگهي“ چوندا آهن.
*اَڪ مڪڙ: هي مڪڙ جيڏو پر سائي رنگ جو ٿيندو آهي. گهڻو ڪري اَڪَ
جي وڻ تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. وسڪاري جو ڏسبو آهي
پوءِ گم ٿي ويندو آهي. ٻار هن کي گوگو به چوندا
آهن.
*ڀَمِرو: هن کي سنڌيءَ ۾ ڀنؤر چون. ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي.
ڪاٺين ۾ تنگ ڪري رهندو آهي. وڻن جي گلن تي ڦيرا
پائيندو وتندو آهي.
*گهَريتِڙي: هن کي ڀمري به چوندا آهن. رنگ جي ڳاڙهي ۽ پڇ ڪارو
ٿيندو اٿس. چيلهه تمام سنهي ٿيندي اٿس. سونڊ ۾ آلي
مِٽي کڻي آڻي ڀتين ۽ جاين جي پٽين تي خانن سان
پنهنجو گهر ٺاهيندي آهي. هرهڪ خاني ۾ سوڙهو منهن
ڇڏيندي آهي. پوءِ گاهه مان سنها ساوا ڪينئان
(لَٽون) ڳولي کڻي اچي انهن خانن ۾ وجهي مٽيءَ سان
مُنهن بند ڪري ڇڏيندي آهي. ڪجهه وقت بعد انهن ڪيئن
مان گهريتڙيون ٿيون پون. جي پو3 گهر جي خانن مان
ٻاهر نڪري اُڏاميو وڃن.
*سونل: هي جيت مضبوط کوپي ۾ بند ٿيل هوندو آهي ۽ اهو کوپو ڪنهن
ٻوٽي جي ٽاريءَ ۾ لٽڪيل هوندو آهي. وچ تي گول ۽
پاسن کان گنبذ وانگر گول جي چوڌاري سونهري چلڪيدار
ليڪو هوندو آهي. ٻار اهو جيت ڪٿي ڏسندا آهن ته
ٽاريءَ مان ڇِني کڻي ايندا آهن. ننڍيون ڇوڪريون
گڏجي اڳڙيءَ جو گڏو ٺاهي اُن سان هن جي شادي
ڪرائينديون آهن. گيت ڳائينديون ۽ ڪجهه ڀَت وغيره
رڌي پاڻ ۾ گڏجي کائينديون آهن.
ٻيو هڪ قسم جو جيت ٿيندو آهي، جو وڻن ۽ ٻوٽن ۾ خاص ڪري ٻائورين،
ڦوڳن ۽ مَرٽن ۾ ڏسبو ته ڇڳا پيا لٽڪندا آهن. اهي
ڇڳا هٿ سان پٽي ڏسبو ته اهي وڻن جي ٽارين جي
سنهڙين ڪاٺين مان ٺهيل هوندا آهن جن کي ڪنهن
ليسدار شئي سان چنبڙائي تيار ڪيو ويو آهي ۽ اهڙو
ته ڪاريگريءَ سان مضبوط ٺهيل هوندو آهي جو اُن کي
سولو پٽڻ مشڪل هوندو آهي. ان جي اندر هڪ ڪينئون
نظر ايندو آهي.
*مڪڙ: ٿر ۾ اڪثر مڪڙ ايندائي رهن ٿا. چئن – پنجن يا اٺن – ڏهن
سالن بعد مڪڙ پيا اچن، ۽ جڌهن اچڻ لڳندا آهن تڏهن
ٽي – چار سال ساندهه پيا ايندا آهن. هي هڪ قدرتي
آفت آهي جا تير ٿيل فصل، جهنگ جو گاهه ۽ وڻ ٻوٽا
سڀ کايو چٽ ڪيو وڃن. جنهنڪري ملڪ ۾ ڏڪار پئجيو
وڃي. ٿر جي زمين وارياسي آهي، جنهن ڪري مڪڙن کي
آنن لاهڻ جي سهوليت آهي. جولاءِ جي پڇاڙي يا آگسٽ
جي شروعات ۾، جڏهين برسات پوندي آهي ۽ زمين پُسيل
هوندي آهي تڏهين مڪڙ ايندا اهن، جي پيلي رنگ جا
هوندا آهن. پهريائين جوڙو جوڙو گڏجي ايندو آهي،
پوءِ مادي پنهنجي پڇ جو ڇيڙو زمين ۾ وجهي اندر آنا
لاهندي آهي، جي چون ٿا ته هڪ سئو اٺ هوندا آهن ۽
لعاب جهڙي شئي سان ڳنڍيا پيا هوندا آهن. هفتي اندر
انهن مان ٻچا ٿي زمين مان ٻاهر نڪري ايندا آهن، جي
ڪروڙن جي تعداد ۾ هوندا آهن، انهن کي ”ڦَڪا“ چئبو
آهي ۽ سڄي ٽولي کي ”ڪَهِه“ چئبو آهي. اهي پهريائين
رنگ جا ڪارسِرا هوندا اهن. سڄي زمين، ننڍڙن ٻوٽن ۽
ڪچڙيگاهه تي روٿون وري وينديون آهن. اهو لقاءُ به
ڏسڻ جهڙو هوندو آهي، جو ٽپڪيون ڏيئي پيا هلندا ۽
گاهه ٻوٽا وغيره کائي ناس ڪندا آهن. هفتي بعد اها
کل لاهي ڪجهه وڏا ٿيندا. اهڙيءَ طرح جملي ڇهن کلن
لاهڻ بعد کنڀڻ جا نشان ظاهر ٿيندا، تڏهن چوندا آهن
ته هاڻي ”ڪاٺوڙيا“ آهن. ستين کل لاهڻ لاءِ وڻن ۾
اُبتا ٽنگيا پيا هوندا آهن تڏهن چوندا آهن ته
ٻَريا (تپيا) آهن. پوءِ آهستي آهستي اها کل لاهي
مڪڙ جي صورت اختيار ڪندا. ان وقت کنڀ وغيره سڀ
ظاهر ٿيندا ۽ رنگ جا ڳاڙها ٿي پوندا. پوءِ ٿورو
ٿورو پيا اُڏامندا، تان جو ٻن – چئن ڏينهن بعد
طاقت وارا ٿي پوندا.
مڪڙن کي ناس ڪرڻ لاءِ جڏهن ”ڦڪا“ هوندا آهن تڏهن سُٺو موقعو
آهي. هاري ويچارا پنهنجين ٻنين جي چوڌاري چَريون
(کاهيون) کڻي، انهن ۾ وجهي ناس ڪندا آهن پر ايڏي
وڏي انداز کي ڇا ٿا ڪري سگهن!
سرڪار مڪڙن کي ناس ڪرڻ لاءِ خاص عملو مقرر ڪندي آهي، جو روينيو
کاتي سان گڏجي ڪم ڪندو آهي. ان وقت پرائمري ماسترن
کي به اسڪول بند ڪري ڊيوٽيءَ تي لڳايو ويندو آهي.
اڃا به ضرورت هوندي آهي ته سنڌ مان به عملو گهرايو
ويندو آهي. انهيءَ ڪم جو خاص انچارج تعلقي
مختيارڪار هوندو آهي، جو عملي کي حدون مقرر ڪري
ڏيندو آهي، جتي سڀڪو وڃي پنهنجي ڊيوٽي ادا ڪندو
آهي. ڳوٺ ڳوٺ ۾ پٽيلن جي مدد سان مزورن جون ٽوليون
ٺاهي ڦڪا ناس ڪبا آهن. هر هڪ ٽولي ۾ پندرهن – ويهه
مزور هوندا آهن. جي ڪَهِه واري هنڌ وڃي ڪلم ڪندا
آهن. ڪَهِه جي چوڌاري گول دائرو ٺاهي هڪ پاسي
موزون هنڌ تي پندرهن – ويهه فوٽ ڊگهي چَري (کاهي)
چار – پنج فوٽ اونهي کڻندا آهن، جا ويڪر ۾ ٻه فوٽ
کن هوندي آهي، جيئن ڦڪا ٽپڪي سان سامهون وڇي نه
سگهن. پوءِ چوڌاري مزور وڻن جون ٽاريون ڪپي انهن
سان ڇُڇِڪندا ايندا. اهڙيءَ طرح هڪليندا گول دائرو
سوڙهو ڪندا سڀني کي ڪاهي اچي چَريءَ ۾ وجهندا.
جڏهن چَريءَ کي ويجها گهاٽا اچي ٿيندا ۽ اندر ڪرڻ
لڳند اهن تڏهن کڙکڙ پيئي پوندي آهي، ڄڻ ته وڏڦرو
مينهنپيو وسي. اهڙيءَ طرح سڀ اندر وجهي مٿان
واريءَ سان ڏٽي ڇڏيندا، جتي سڀ مريو وڃن. اهڙيءَ
طرح روزانو سڀڪا ٽوپلي پندرهن – ويهه چريون ڀريندي
آهي. هن نموني ديم کي لوڌڻ سان ڪي ڪي ڦڪا رهجيو
وڃن، جي وري سُري سڀ اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيندا، انهن کي
وري ٻئي ڏينهن مٿئين نموني ختم ڪري ڇڏبو آهي. يا
وقتي جي ڪٿي وَهين جو ٽولو آيو ته اُهي ديم جي
وڌاري وهندا ۽ چهنب سان ڦڪن کي ختم ڪندا ويندا.
ڪجهه لائيندا ڍؤ ڪرڻ بعد ماريندا ويندا، تان جو
اهو ڇلانگ ختم ڪري ڇوءِ اُڏامي ويندا. وَهيا ڦڪن
جا دشمن آهن.
هرهڪ مزور کي مناسب اُجرت ملندي آهي. اهي ٽوليون ڦڪن جي انداز
موجب هڪ، ٻه چار يا وڌيڪ هونديون آهن، جي سڀ ڪنهن
نه ڪنهن پرائمري ماستر جي نظر هيٺ ڪم ڪنديون آهن
جو باقاعدي انهن جو مسٽررول (حاضريءَ جو ڪتاب)
رکندو آهي، جنهن جي آڌار تي هفتي به هفتي کين
مزدوري ملندي آهي، جا اُتي ئي پيمنٽ ڪندڙ آفيسر
اچي ڏيئي ويندو آهي. اهو ڪم ايستائين چالو رهندو
آهي جيستائين ڦَڪا اُڏامڻ جهڙا ٿين. گهڻو ڪري ناس
ٿي ويندا آهن، پر جي ڪي ٿورا رهيا ۽ پوئين کل لاهي
اڏامي ويا ته پوءِ انهن کي ناس ڪرڻ مشڪل آهي.
ڦڪن مارڻ لاءِ هڪ قسم جي ٻُوري جهڙي اڇي رنگ جي دوا به استعمال
ڪندا آهن. اها دوا چئوڻي واريءَ سان ملائي پوءِ
ڦڪن وارن هنڌن تي ڇنڊيدا آهن، ڪلاڪ بعد مريو وڃن.
ائين ڪرڻ سان ڦڪا مرندا ته آهن پر بلڪل ٿوري انداز
۾، دوا جو خرچ ۽ تڪيلف گهڻي آهي. ازانسواءِ گاهه
تي پڻ اثر ٿئي ٿو جو مال لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيو
آهي. انهيءَ کان چريءَ (کاهي) وارو رستو وڌيڪ
مناسب، ٿور خرچائو، گهٽ تڪيلف سان، اثرائتو ۽
ڪمائندو آهي.
جڏهن اڏامندڙ مڪڙ ايندا آهن تڏهن ويچارا ٿري ڏاڍو تڪيلف ۾ اچي
ويندا آهن، ڇو جو پڪل پوکونکائي ويندا اٿن. پري
کان مڪڙن جاڪٽڪ پيا ايندا ته دونهي وانگر ڪاري ڪڪر
جي شڪل ۾ ڏيکاءُ ايندا آهن. انهيءَ کي ٿري ماڻهو
”مِهَري“ چون. جڏهين مِهري ڏسندا ته يڪدم ڏاٽا کڻي
ٻنهيءَ ۾ ڪاهي ايندا، پڪل ۽ اڌ پڪل سنگَ لُڻي ڍڳ
ڪندا، ۽ جي مڪڙ مٿان اچي ڪڙڪيا ته ٻه ٻه ڄڻا وڏيون
رسيون کڻي، هڪڙو ڄڻو هڪڙي ڇيڙي کان، ٻيو ڄڻو ٻئي
ڇيڙي کان جهلي ٻنهيءَ ۾ ڊوڙون پائيندا، جيئن اها
رسي سنگن جي مٿان گسندي وڃي ته ويٺل مڪڙ اُڏامي
وڃن. دونهيون ڪندا، خالي گاسليٽ وارا ٽين
وڄائيندا، مطلب ته ڪئين ڦَسِرا (اَٺسٺا) ڪندا اهن،
پر انهيءَ آفت کان بچڻ ناممڪن ٿيو پوي.
ٻنين ڇُٽڻ تائين مهينو ڏيڍ کن مڪڙ آباديون ۽ جهنگ کائي متارا
ٿيندا آهن، ۽ ٿورا ٿورا سيءُ به پوندا آهن. مڪر به
چوڌاري ملڪ ۾ پيا لامارا هڻندا آهن، مڪڙ ڏينهن جو
ڏهين بجي ڌاري اُڏامڻ شروع ڪندا، جتي رات پئي، اتي
لهي پوندا. ساري رات پيا جهنگ ۾ وڻ ٻوٽا ۽ گاهه
وغيره ناس ڪندا. ٿري به تاڙيو ويٺا هوندا آهن،
منجهند جو ڪٿان دونهي جهڙو ڪڪر ڏسڻ ۾ آيو ته نظر
اوڏانهن هوندن. هڪ ٻئي کي خبرون ڏيندا ته جاچ ڪريو
مڪڙ ته ڪونه اهن. مڪڙن جون مِهريون يڪدم سهي ڪيو
وٺن. جي مڪڙ هوندا ته پوءِ پيا جاچندا ته ڪيڏانهن
رخ اٿن ۽ پاڻ به جهلڻ لاءِ سيو ڪندا. مسلمان،
ميگهواڙ، ڀيل ۽ ڪولهي ٽولا ٺاهي وهٽن تي چڙهي
کاهيون ۽ ڳوڻيون کڻي مِهريءَ جي رخ ڏي روانا
ٿيندا. ڳوٺ کان 2، 4، 5 ميل يا وڌيڪ پنڌ، مطلب ته
ڪٿي به لٿا ته ڪاهي وڃي پهچندا. پوءِ ٻه ڄڻا ڪپڙي
جي جهال جهلي وڻ هيٺ بيهندا ۽ هڪ ڄڻو وڻ ۾ آنڪوڙو
وجهي وٺي ڌَنڌوڻ ڏيندو ته مڪڙ ڇڻي جهال ۾ پوندا.
جهال ڀري ڪنهن ٻوري يا ڳوڻ ۾ وجهندا ويندا. اهڙيءَ
طرح ساري رات ۾ جيترا به جهلي سگهدنا آهن، اوترا
جهلي سڀ ڳوڻيون ڀري وهٽن تي وجهي صبح جو گهر کڻي
ايندا.
پوءِ عورتون ۽ ٻار گڏجي انهن سان ديڳيون ۽ ڪُنا ڀري ڪجهه پاڻي ۾
لوڻ وجهي باهه تي چاڙهيندا. ٻاڦجڻ بعد لاهي اڱڻ تي
پٿاريندا ويندا. اهڙيءَ طرح شام تائين سڀ ٻاڦي
وٺندا آهن، پوءِ ٻه – ٽي ڏينهن سُڪائي گڏ ڪري وڏن
ٿانون ۾ يا اڃا به گهڻا هوندا ته ننڍيون ڪرهيون
ٺاهي اُنهن ۾، يا ڳوڻين ۾ وجهي رکي ڇڏيندا. لوڻ جي
ڪري مهينو – ٻه بلڪ وڌيڪ وقت پيا هوندا ته ڪِنا
اصل ڪونه ٿيندا. پوءِ روزانو ضرورت اهي دانگي يا
ڪُني ۾ اوهي سيڪي (ڀڃي) کنڀ ۽ اندريون گاهه کاڌل
ڦوڳ ڪڍي باقي حصا کائيندا آهن. متارا مڪڙ سڻڀا
هوندا آهن، جنهنڪري کائڻ ۾ ڏاڍا لذيذ هوندا آهن.
ازانسواءِ ٻيا به ڪيترن ئي نمونن جا جيت ٿيندا آهن.
برساتي جيت
ٿر ۾ برسات پوڻ مان اڳ ۾ ڪي پکي يا ڪي اُڏامندڙ جيت يا سُرڻا
نالي ماتر ڏسبا آهن، نه ته خير ئي خير. ڇو ته بنا
پاڻيءَ جي پکي به اُڃ مَرن، تنهنڪري اهي علائقو
ڇڏيو وڃن. ننڍا جيت، پتنگ ۽ ٻيا پرندا به ختم ٿيو
وڃن.
جڏهن برسات پوي، تلاءُ ڀرجن، گاهه اُڀرن، وڻن ۾ ٻور ۽ گل ٿين،
ان مهل پي پري جا پکي ڪَهي اچن ۽ ڪيترن ئي قسمن جا
جيت، ڪي اڏامندڙ، ڪي زمين تي سُرندڙ، الاجي ڪٿان
اچيو ظاهر ٿين. انهن جا ايترا ته قسم آهن، جن جو
شڪار ئي ڪونهي، ۽ جن کي ڏسي حيراني ويٺيو وڃي ته
اهي آيا ڪٿان ۽ پيدا ڪئين ٿيا! جيئن جيئن سرءُ
ويجهو ايندو ويندو ۽ گاهه سُڪڻ جو سعيو ڪندو، تيئن
انهن ۾ به ڇڊاڻ پوندي ويندي ۽ ٿورا ٿيندا ويندا.
تان جو سياري شروع ٿيڻ تي گهڻي ڀاڱي ختم ٿيو وڃن.
ڪيترا پکي به وڃي ٻيو ملڪ وسائين، وري به جڏهن
وسڪارو اچي تڏهن ساڳيو چهچٽو لڳو وڃي. |