سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛15

صفحو ؛ 22

 

باب پندرهون

تندرستي

ٿري سٻاجها، جن جو سادو کاڌو، سادي پوشاڪ، کُليل هوا، سڄو ڏينهن ڪم ۾ رڌل رهن، جنهنڪري قدرتي ڪسرت، نج گيهه، نج کير، هٿ سان پيٺل اٽو، ٻاجهريءَ جي ماني ۽ لسيءَ جي لپ، گهرجون گهٽ، جنهن ڪري ڳڻتي گهٽ يا ماڳهين نه، تنهنڪري بيماري ويجهو ئي ڪانه اچي.

ٿرين ۾ صفائي سٺائي ۽ ٺاهه ٺوهه جوخيال گهٽ آهي. عام ماڻهو سَنان (غسل) به اڪثر ڪڏهن ڪڏهن ڪن. تندرستيءَ جا نيم سمجهه جي ڪري نه، ته به سادگيءَ جي ڪري پاڻيهي پيا قدرتي طرح پورا ٿين، جنهنڪري بيماري گهٽ، بدن سگهارو ۽ مضبوط، تڪيلفن سهڻ جا بهادر ۽ انهن تي هريل. تتيءَ ٿڌيءَ جو خيال ڪونه ڪن، گرميءَ سرديءَ جي پرواهه ئي ڪونه رکن. پيدل پنڌ جا ڏاڍا، ٻارهن ڪلاڪن ۾ سٺ ميل يڪ ساهي به ڪيو وڃن. منجهن بيمار ۽ روڳي ڪو ورلي ڏسبو. عورتون به مردن جهڙيون نرويون، هر ڪم ۾ مدن جون مددگار، لُچاين ۽ حرفتن مان ڪونه ڄاڻن.

ٿر جو ملڪ جتي سياري جو سيءَ ساڙي، نه پورو لڱن تي لٽو ۽ نه مٿي ۽ پيرن جو بچاءُءٌ، اونهاري جو وري لُوءَ بدن لُوساٽي. تيز هوا سان گڏ واري اکيون ۽ سارو بَدن لَٽيو ڇڏي. گرمي وري اهڙي، جو بدن جو رنگ ئي ڪارو ٿيو وڃي ڏيو گذر، ڪُمهلو کاڌو، رهائش لاءِ اڻپورو اَجهو، تنهن هوندي به ماڻهن ۾ نٻلائي ۽ نستائي، بيماري ۽ ضعيفي، سستي ۽ بي همتي گهٽ. زالين مڙسين، ٻارين ٻچين، ننڍو وڏو سڀڪو چُست ۽ جانٺو، ڪم جو بهادر. ڏينهن جو اُس ۾ سخت پورهيو ۽ مال سان مٿاڪُٽ، آڌيءَ جو اچن، اُسر جون وڃن. مال جي اُڊڪي وچان پوري ننڊ به نصيب ڪانه ٿئين، ته به تندرستي سالم ۽ بدن سٻر، انهيءَ جو سبب سڀڪنهن قسم جي سادگي آهي. کليل هوا ۾ سڄو ڏينهن ڪم ۾ رڌل رهن. جنهنڪري قدرتي ڪسرت ٿئي. سادي کاڌي جي ڪري هاضمو سُٺو. رات جو ميڻ، ٻِلارو، ونجهوتي، ڪٻڊي، مَلهه وغيره مقامي راندين جي ڪري وندر، جنهنڪري تندرستي سُڍي رهي. جهڙي تهڙي بيماريءَ کي ليکين ئي ڪونه، هلندي پاڻيهي ڇڏيو وڃي. چوندا آهن ته ادا، اسان تي ڌڻيءَ جا هٿ آهن.

 

کاڌو

ٿر جي مکيه پيدائش ٻاجهري آهي، جنهن تي سڀني جي جياپي جو مدار آهي. شهرن ۾ شاهوڪار، واپاري، ڪامورا ۽ ٻهراڙين ۾ ڪي پُڄنديءَ وارا رئيس پٽيل، وڏيرا، زميندار ۽ ٺڪر وغيره ڪڻڪ ۽ چانور به ڪم آڻين، جي ناري ۽ سنڌ مان اچن. باقي غريب طبقي جو گذر ٻيئي ويلا ٻاجهريءَ جون مانيون، اڃا به اناج جي اڻاٺ جي سمي هڪ ويلو رَٻَ ڪن ته ڪي ٻيئي ويلا به ڪن.

ڪُني ۾ پاڻي وجهي اُن ۾ ٻاجهريءَ جو ڌارو وجهي ڪاڙهين ته پٽڙي پيڄي ٿيو پوي، ان کي رَٻ چون. ويچارا غريب اها به غنيمت سمجهن ۽ ان کي ”رٻ ڀٽاري“ چون. چوندا آهن ته ”پرائي مانيءَ کان پنهنجن ڪکن جي رٻ به ڀلي!“ ڪيترا ويچارا اهڙا به آهن، جن کي بعضي ٻه ٽي ويلا به لنگهيو وڃن ته به مُنهن ۾ سَرها سنوار، مجال آهي جو ٻِڙڪ به ٻاهر ڪڍن، ڇو ته تڪليفن جا هميشه هيراڪ آهن. ڏڪار جو ڊپ هميشه بيٺو آهي. ٿرين ۽ ڏڪار ورهايو ئي ڪينهي، ڇو ته چوٿين پنجين سال ڏڪار پوندو آهي. تنهنڪري سُڪار ۾ اَن گڏ ڪري رکن ۽ پڻ ڪفايت سان واپرائين.

صبح جو ٻاجهريءَ جي ماني لسيءَ جي لَپ سان کائي ڪم تي وڃن. شام جو به ٻاجهريءَ جي ماني ۽ ڪڏهن ڪڏهن وسڪاري جو سُڪائي رکيل چڀڙ، لاچرن، گوار جي سُڪل ڦرين، سُڪل ميهن وغيره جي ڀاڄي يا جهَڻ مان ٺاهيل راٻڙيو (کاٽيو) نه ته ڪڙهيل جهڻ، سڀني وٽ پنهنجي جهَڻ ڪٿان آئي، ٻئي گهر مان وٺي ايندا، انهيءَ کي عيب ڪونه سمجهن. جهَڻ ۾ ڪا اهڙي خاصيت آهي، جو اُڃ جي خشڪي نه ٿيندي آهي. خاص ڪري ڌنار، جي سڄو ڏينهن مال سان پهرن ۽ جهنگ ۾ رهن، تن لاءِ سهوليت ٿيو پوي ۽ بل گهٽ لڳي. ”اَن آهي ته ايمان آهي،“ انکان سواءِ ايمان به ڪونهي، پر جن ويچارن کي اَن جي پُڄت گهٽ آهي تن کي لسي وڏي اُٻيل ڏئي ٿي. جنهن گهر ۾ ڌيڻو نه آهي اتي برڪت ئي نه آهي ”لُکو ڌان کاءٌ ٿه ڪونهي“. کاڌي جو سوڌارڻ ئي ڪونه ٿيندو ۽ هٻڇ گهڻي ٿيندي. ملڪ جي حالتن جي ڪري بک جا به ڏاڍا آهن.

لسي صبح جو ٿڌي، وڻندڙ، لذيذ ۽ مٺي هوندي آهي. شام ڌاري خاص ڪري اونهاري جو کٽي ٿي ويندي آهي، تنهنڪري ڪي ماڻهو ٿورا لوڻ جا ڪِرڪا وجهي ڇڏين. پر گهڻا ماڻهو، جن وٽ ڪجهه سرس هوندي آهي، سي باهه تي ٿورو ڪاڙهي ڪلاڪ کن رکن ته ڇڊو پاڻي تري مٿان ايندو، جنهن کي ”پَنک“ چون، سو لاهي هاري ڇڏين، يا مال کي پيارين ۽ ڪي ته پاڻ به پيئو ڇڏين، باقي تري واري گهاٽي جهڻ بچندي آهي، جا لذيذ ۽ وڻندڙ ٿيندي آهي. تنهن کي ”ڪڙهيل جهڻ“ چون.

”پاهِي پاکِي پَٽِڙِي، پرين سان پِيئان.“

(پاهي = باهه تي سيڪ ڏنل يعني ڪڙهيل جهَڻ. پاکِي = ڪاڙهڻ بعد مٿان تري آيل پٽڙو پاڻي، جنهن کي پَنکَ چون.)

ڪڙهيل جهڻ ۾ کير ملائين، جنهن کي ”ڦيڏِرو“ يا ”ٻَڙِهيڪو“ چون. ڪي وري ٿانءُ ۾ لسي وجهي مٿان ٻڪري انهيءَ ٿانءَ ۾ ڏُهن ته ان ۾ ڪافي ”ٻَٿِڙيڪا“ به ٿيو پون، اهو وڌيڪ ذائقي وارو ٿئي.

ڪي ماڻهو صبح جو تازي لَسي ننڍن ڇيلن ۽ گابن کي پيارين. پهريائين وات ڦاڙي ناريليءَ سان وات ۾ وجهندا آهن، ائين پنجن – ستن ڏينهن بعد ڦَر هِريو وڃن، پوءِ ڪونڊيءَ ۾ وجهي رکن ته ازخود پي ويندا آهن. گهڻي لسيءَ جي حالت ۾ ڪي ڍڳين کي به پياريندا آهن.

”وايون ولوڙڻ جون، ساريان گهڻيون صبح.“

-(شاهه)

صبح جو سويرو ولوڻو ٿيندو. پاڙي ۾ جن وٽ ڏيڻو نه هوندو آهي، تنهن گهرن جون ڇوڪريون لوٽڪيون کڻي اينديون. سڀني کي ورڇ سارو هڪ، ٻه ٽي ناريليون ڏبيون. ڪُني ۾ هر وقت پيئي هوندي آهي.

صبح جو ننڍا ٻار ڌونرو ۽ مکڻ به لائين. رتوڪي بچيل ٻاجهريءَ جي ٿڌي ماني ڌونري ۽ مکڻ سان واهه جو مزو ڏيندي آهي. ڪي وري اها ٿڌي ماني ٽانڊن تي سيڪي پوءِ کائين. راتوڪي بچيل رَٻ وري صبح جو لسي وجهي کائڻ سان ڏاڍي لذيذ لڳندي آهي. ڪي ماڻهو رٻ کي ٿورو سَهيرو سيڪ ڏين ته گهاٽي ٿيو پوي، ان کي ”گِسَ“ چون، اهو وري رٻ جو مٿانهون درجو آهي. تازي گِسَ ۾ لَسي ۽ پاروٿيءَ ۾ ڌونرو وجهي کائبو آهي.

ڪي غريب ماڻهو، جن وٽ ڀاڄيءَ جي پُڄت يا لَسي نه هوندي آهي ته وٽيءَ ۾ ڪُٽيل ڳاڙها مرچ ۽ ذرو لوڻ ملائي ٿوري لسي، جي نه هجي ته پاڻي گڏي، باهه جي ڪِر تي ڪوسي، اُن هن کي چٽڻي چون، ان سان ماني کائين، يا بصر جي ڳنڍ يا ڳڙ ذرو هوندو ته ان سان کائي وقت ٽپايو ڇڏين.

رات جو کير پيئڻ جو رواج ڪونهي. ڀاوين وٽ کير جا دلا ڀريا پيا هوندا، پر کائين ڪونه. البت شهري ماڻهن ۾ ٿورو رواج آهي.

مکڻ گڏ ڪري پگهاري اُن ٻاجهريءَ جو ڏارو وجهي وِسنان ٺاهي کائين، ۽ گيهه جدا ڪري رکن. برهمڻن ۽ مهيشورين کان سواءِ ٻيا سڀ هندو، مسلمان ۽ اڇوت گوشت کائين. شهرن ۾ ڪاسائي آهي، جتي روز گوشت جو وڪرو ٿيندو آهي، مگر ٻهراڙين ۾ ڪونه آهن، اتي گوشت ڪڏهن ڀاڳن سان ملي. اڳي ٿر ۾ هرڻ عام جام هئا. جنهن جو شڪار ڪندا هئا، پر هاڻي هرڻ ريگستان ۾ بلڪل ٿورا آهن، تنهنڪري ڪڏهن ڪڏهن ٻاڪرو ۽ جزوي حالتن ۾ ريڍو گوشت ڪم آڻين. ڪنهن مال کي اوچتو ڌڪ لڳي ويو، يا گهڻي کائڻ ڪري آڦري ٿي پيئي يا ٻئي ڪنهن اهڙي سبب جي ڪري ڏسندا ته بچڻ جي اُميد ڪانهي ته تڪبير وجهندا، يا ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڇيلو خريد ڪري ڪُهي پَتيون وجهندا، جو ضرورتمند کڻي ويندا. گوشت، کل، سِسي، جيرانڊي، اوجهري وغيره اهڙيءَ طرح وڪڻندا جيئن نقصان نه پوي، پر ڪجهه نفعو ٿئي. ٻن چئن ڏينهن بعد پئسا اُڳاڙي وٺندا، اُن کي ”ماهودي“ چون.

شهرن ۾ موسمن آهر سدائين ائي ڀاڄي، پالڪ، ٿوريون، موريون، گوٻيون، ٽماٽا، واڱڻ، پٽاٽا، گجر وغيره پيا اچن، ۽ ماڻهو واڙيون به ڪن. ٻهراڙيءَ ۾ وسڪاري جو گوار، چونرن جون ڦريون، ميها، ڇانهيا، چڀڙ ۽ پِپون ٿين، جن جي ڀاڄي ڪن، باقي سنڌ واري سائي ڀاڄي اکين ڪونه ڏسن. وسڪاري جو مٿيون شيون سُڪائي رکن، سياري اونهاري انهن جي ڀاڄي ڪن.

ٻنين ۾ ڪارينگ ۽ چَڀڙيون ٿين. ڇانهن کي ڀڃي ٻه اڌ ڪن، هرهڪ کي کڦ يا کُڦري چون. جنهنڪري اناج ٿورو وڻي. چوندا آهن ته وسڪاري جو مانيءَ جي وڻت ئي ڪانه ٿئي.

گدرين جون چيهاٽون ڪري سڪائين، جن کي ”لاچِريون“ يا ”ڪاچريون“ چون، ۽ وڏا مُٺ جيڏا چڀڙ (مُٺ ڪوٽِينٻڙ) ٻوٽِي سڪائين، جن کي ”لاچرا“ چون. انهن جي سياري اونهاري ڀاڄي ڪن ۽ وڏا ماڻهو توڙي ٻار سڪل به کائين.

ٻنين ڇٽڻ وقت ڪارينگن کي گڏ ڪري ڦيهي، انهن جو پاڻي جدا ٿانءُ ۾ گڏ ڪندا اهن، ۽ ڪُريون (ٻج) جدا واريءَ تي گڏ ڪبيون آهن. ڇانهن جو پاڻي اوني لوئيءَ ۾ ڇاڻي صفا ڪري مِٽيءَ جي ڪُني يا ديڳڙي ۾ وجهي چُلهه تي چاڙهي ڪاڙهيندا ويندا، تان جو گهاتو ٿي پوندو، ان کي ”ڇانهين جو ڳڙ“ چوندا آهن. اهو ماکيءَ جهڙو پٽڙو بيهندو آهي، جو مانيءَ سان کائيندا آهن.

ڪُرين جو پاڻيءَ واري چُهي ويندي آهي. پوءِ اهي سُڪائي اُکريءَ ۾ وجهي هلڪن ڌڪن سان ڇڙي صفا ڪري رکي ڇڏين. ضرورت وقت لوڻ پاڻيءَ ۾ ڳاري اُن ۾ ڪُريون وجهي گڏي سڪائي رکن. ڪي ماڻهو انهن ۾ ڪُٽيل ڳارها مرچ به گڏيندا آهن. سڪڻ بعد دانگيءَ تي سيڪبو ته ڀُڃجي پونديون. جي لاهي ٺاري کائيندا آهن. سواد ۾ ڦَرڪيون (لذيذ) هئڻ ڪري وڻندڙ ٿينديون آهن. ڪي ماڻهو انهن سان ٿورا ڀڳڙا ملائي به کائيندا آهن.

سڪل ڪُرين کي اُکريءَ ۾ وجهي ڪُٽي سنهو ڪري ڇاڻبو ته اندريون ڳڀ (اٽو) جدا ٿيندو ۽ مٿئين سخت کل جا ذرڙا اَٽاڻي (ڇاڻڻي) ۾ رهجي ويندا جي جدا گڏ ڪجن، انهن کي ”ڪَڏا“ چئبو آهي. اهي ڪڏا ٻاجهريءَ جي اَٽي سان ملائي ماني پچائبي آهي جا ذائقري واري ٿيندي آهي، ۽ اَٽو، چانورن يا ٻاجهريءَ جي ڀَت ۾ وجهبو آهي ته کيرڻي ٿي پوندي آهي. ڪي ماڻهو وري اَٽو سنهي ڪپڙي ۾ وجهي پاڻيءَ ۾ پسائي نپوڙي کير جهڙو نڪتل پاڻي ڀتَ ۾ وجهندا آهن ۽ ڦوڳ (ڪَڏا) مانيءَ ۾ وجهندا آهن.

تازو ويامل ڳئون يا ٻڪريءَ جو ”پِسَ“ ڏهي، ان ۾ بعضي ٿورو مٺاڻ (کنڊ يا ڳڙ) وجهي باهه تي رکن ته سخت ٿيو پوي، جنهن کي ”ٺيڪِلو“ چون. اهو ننڍا وڏا خوشيءَ سان لائين ۽ ٽڪر ٽڪر ڪري مٿن مائٽن، عزيزن ۽ پاڙي جي ويجهن گهرن ۾ ورهائي ڏين. جي ڪو گهر رهجي ويو ته ميار ڏيندا: “واه! ڍوي ويائي پر ٺيڪلي جو ٽڪر به ڪونه چڱايئه!“ ٻئي ڏينهن وري کير ڏُهي باهه تي رکن ته اهڙو سخت ڪونه ڄمي، پڇر ڪجهه ٻَٿڙيڪا ۽ ڪجهه نرم ٿيو پوي، ان کي ”پَڙهِي“ چون.

ڪڏهن ڪڏهن جهنگ ۾ ٻڪريون ويامن. ڌنار وٽ ٿانءُ نه هجي ته اَڪن جا پن (پُڙا) پٽِ ٻنهي پاسن کان ڪجهه وَرَ وجهي موڙي، ٻائوريءَ جون سُورون (ڊگها ڪنڊآ) ٽُنبي پيالي وانگر ٺاهي ان ۾ پِسُ ڏهي باهه تي رکن ته ٺيڪلو تيار ٿي پوي.

ماڻهن جو ڏٿ تي گهڻو گذران، جو ٿر ۾ جام ٿئي، جو نه رڳو پاڻ کائين پر اُن مان اُپراسو به ٿئي، اُن جو بيان جدا ڏجي ٿو.

 

ڏُٿَ

ٿر ۾ شهر ۽ وڏا ڳوٺ ٿورا اهن، جتي جا ڪي ماڻهو پنهنجيءَ وارا آهن، پر تمام گهڻو عوام ٻهراڙين ۾ رهي ٿو، جتي ڀاڳيا آهن، پر اڱرين تي ڳڻڻ جيترا، باقي سڀيئي غريب مارو لوڪ آهن. جيڪي ڀاڳيا آهن ته به انهن جو گذر غريبن جهڙو. ٿر جي آبادي ٿئي برسات تي، سا به ڪڏهن پوي ته ڪڏهن ڪانه پوي. آبادي فقط ٻاجهري ٿئي. شاهوڪار ماڻهو ڪڻڪ ۽ چانور به کائين. ٻهراڙين ۾ اهي اَن عام ڪونه آهن، اُتي ڪڏهن وار پَرٻَ اوکيدائو ڪونه لڀن. فقط ڪي ڀاڳو يا شهرن مان يا سنڌ مان چانور ۽ ڪڻڪ آڻي رکندا آهن، جو پاڻ به لائين ۽ ڪڏهن مزمان آئي يا وڏي ڏينهن تي ڪم اچي، باقي جو گذر ٻاجهريءَ تي.

جيڪڏهن ڪنهن سال مينهن گهٽ پيو يا اصل نه پيو ته غريب عوام تڪليف ۾ اچيو وڃي. پوک ۽ مال کان سواءِ ٻيو ڪو گذر جو وسيلو ڪونهي. برسات جي نه پوڻ ڪري پوک ڪانه ٿئي ۽ مال به بک وگهي مريو وڃي. عوام بک ۾ اهڙو پاهه ٿيندو آهي. ”ڌندين ڪَڻين ويرَ“ ۽ پيٽ وڃي پُٺيءَ سان لڳندو آهي. اهڙي وقت جنسي رت جي بانس پيئي ايندي آهي. زندگيءَ جي ضرورت جون ٻيون گهرجون گهٽائي سگهجن ٿيون، پر پيٽ پاپي ته ڪنهن کي ڪونه ڇڏي، ٻه چار ويلا ته لنگهائي سگهجن، پر سڄو سال ڪيئن گذري!

هونئن به هر تئين يا چوٿين سال ڏڪار بيٺوئي آهي. ماڻهو به ضرور اُن کي منهن ڏين، تنهنڪري ڪيترا ويچارا ڏٿ تي گذران ڪندا آهن، جو ڪافي اُٻيل ڏيندو آهي. ڪيترا غريب ته ڏينهن جا ڏينهن اَن جو منهن ڪونه ڏسن ۽ ڏٿ تي گذارو ڪن. چوندا آهن ته ڏُٿ آهي ”اَڌِهِي جو اَميهير“ جنهنڪري اَنَ جو اوو اچيو وڃي. ٿوري اَن سان ڏُٿ ملائي وقت ڪاٽيندا آهن، اهڙيءَ طرح سال پورو ٿيو وڃي.

وسڪاري جو ازخود ڪي اهڙا جهنگلي گاهه اُڀرندا آهن، جن جو ٻج ڪڍي اهو ڪتب آڻبو آهي، جنهن کي جهنگلي اَن يا ڏُٿ چئبو آهي. سال جي جدا جدا مُندن ۾ جد اجدا قسمن جا ميوا ۽ ڀاڄيون ٿينديون آهن، جي ڏٿ ڪري ليکبيون آهن ڏٿ تي گذارو ڪندڙن کي ”ڏوٿي“ چئبو آهي. ڏٿ جهنگ جي قدرتي آهي، جنهن تي پائي پئسو خرچ ڪونهي.

”نڪا جهل نه پل، نڪو رائر ڏيهه ۾.“

ڏٿ هٿ ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي. ڏٿ لفظ ۾ جي شيون اچي وڃن ٿيون، انهن جو ذڪر اسان اڳ باب ٽئين چوٿين، پنجين ۽ ڇهين ۾ ڏيئي آيا آهيون. پر معلومات جي مدنظر قدرت جي انهن ڪرشمن جا نالا سڄڻن جي سهوليت خاطر هت هيٺ ڏيون ٿا. ڀرٽ، ميها، چڀڙ، کنڀيون، پپون، مريڙو، للر، مگرو، مرٽ، لاڻي، گول، ڪونڊير، ڦڙسير، سوئيو، ٽوهه، کِهَه، مانڌاڻو، مکڻي، سانئون، لنب، کاٽونبا، ٻَروُ، ڪِرنگهه، ڳاڱا، ٻير، آراڙي، پُسي، ڏونرا، پَڪا، سِکر، پيرون، اهو آهي جهنگلي ڏٿ، جو ائين ئي بيٺو آهي، جنهن تي ڪنهن جي به مالڪي ڪانهي، جنهن جي مرضي پوي سو چونڊي کنيو اچي.

”ڏُٿ چونڊينديس ڏيهه ۾، ساڻ سَرتين ساڳ.“

عورتون ۽ ڇوڪريون مردن سان گڏ، بعضي پڻ ۾ ٽولا ٺاهي جهنگ مان چونڊي اينديون.

”پَڪا پيرون چونڊين، نياڻيون نماڻيون.“

پڪا ۽ پيرون چونڊڻ تي خاص ڪري جوان ڇوڪريون حرص سان وڃي چونڊي اينديون آهن.

”مَٿَن ٽُٻَڪَ ٽُٻڪِڙا، چڪندڙا اَچَن،

کُڙيون کِهَه ڀِڪِليون، پَگهرَ سِر پيرَنَ،

اِي وَرَ ويڙهِيچن، مون لوڏان ئِي لکَيا.“

اهو ڏٿ عورتون کارَن ۾ ۽ ڇوڪرين ٽُٻڪن (ننڍن ڱکارن) ۾ وجهي مٿي تي کڻي اينديون آهن. بعضي پيرون ۽ پڪا ڦِسي پوندا آهن ته پاڻي تري مان ٽِمي مٿي ۽ منهن تي ڦڙا ڦڙا ٿي پوندو آهي، ۽ ڪي ٽِيٻڪا (ڦڙا) بدن ۽ پيرن تي به ڪرندا آهن. پنڌ ڪندي بار جي ڪري پگهر به ٿيندو آهي. هلڻ ڪري دز اُڏامندي آهي، جا پيرن تي ڄمي پوندي آهي، جنهنڪري پيرن جون گُڙيون دز سان ڀرجي (کهه ڀڪليون) پونديون آهن.

 

واهوندو

سياري جو اتر جي هوا لڳندي آهي. سيارو لهي ته مارچ – اپريل ڌاري اولهه جي هوا لڳي جنهن کي واهوندو چئبو آهي ۽ بهار جي موسم شروع ٿئي. واهوندو اڳتي مئي – جوپن ۽ گرميءَ جي ڪري سخت لُڪن جي صورت اختيارڪندو آهي، وري جولاءِ آگسٽ ۾ برسات پوڻ ڪي ٿڌي هوا جي شڪل ۾ تبديل ٿيندو آهي ۽ سيپٽمبر – آڪٽوبر تائين لڳندو آهي. نومبر ڌاري سياري جي شروعات ۾ بند ٿيندو آهي ۽ اُتر جو واءُ لڳندو آهي. سنڌ ۾ بهار جي موسم ۾ ڪيترن ئي قسمن جا وڻندڙ ۽ خوشبودار گل ۽ ميوا ٿين ٿا. ٿر ۾ جيتوڻيڪ اهي نعمتون ڪونه آهن ته به جهنگلي گل ڦل ۽ ميوا ٿين ٿا، ٿرين لاءِ اهي به نعمت آهن. ٿري ان کي ”وڻ ڦوٽ“ جي موسم چوندا آهن، ڇو ته واهوندن ورڻ سان وڻ ڦٽندا آهن.

”ميوا مڃر ماکيون، سڀڪا چکن چس.“

ان وقت جهنگلي گل ڦل، ميوا ۽ ڏٿ جام ٿيندو آهي، جنهنڪري جهنگ ۾ ماکي ٿيندي آهي، جا ماڻهو لاهيو کڻيو اچن ۽ ان جو به چشڪو وٺن. ڏيپلي ڏي پُراڻ جي پاسي، ڏاکڻي ٿر، وَٽَ، سامروٽي، مهراڻي ۽ پارڪر ۾ خاص ڪري ڪارونهر ٽڪريءَ ۾ ماکي جام ٿيندي آهي. ڪولهين کي ماکي ڳولي لهڻ ۽ ڇاڻن جي خاص اٽڪل آهي، روزانو ڪافي ماکي ڇاڻي شهرن ۾ آڻي وڪرو ڪندا آهن.

”پنوهارن پارٻوهيو، وريا واهوندا،

ساريم سيڻ سيد چئي، گاڏيليون ۽ گُندا،

ڀٽن ڀر هوندا، ڀنگا ڀر ڀتيار جا.“

جهنگ ۾ مال چرندو ۽ ايندو ويندو آهي ته گس ٿي پوندا آهن، جن کي ”گاڏييليون“ چوندا آهن. هن موسم ۾ ٻير جي قسم جو هڪ ميوو ٿيندو آهي، جنهن کي به گاڏيلي چئبو آهي. ٿر ۾ ڪارن ڪڪرن کي”ڪوئلون“ چوندا آهن. هڪڙيون ڪوئلون اُڀرندي کان الهندي ڏي پيون وينديون ته چوندا ”ڪوئلون وريون آهن، اُٻ هلي ٿي.“ ساڳئي وقت ٻيون ڪوئلون اُلهندي کان اُڀرندي پيون وينديون تڏهن چوندا آهن ته ”ٻيئڙ“ هلي ٿي. اهي ڪوئلون هڪٻئي کي گڏجن، تنکي گاڏيليون چوندا آهن. گاڏيليون ڏسڻ ۾ آيون ته ڄڻ مينهن آيو. ٿر ۾ سائي رنگ جو هڪ قسم جو ميوو ٿيندو آهي. جو اڃا ڪچو هوندو آهي ته منجهانئس ککڙيون ڪڍي ان جي ڀاڄي ڪبي آهي ۽ سانڌاڻو به ڪبو آهي. هن کي گيدوڙو يا ليسوڙو چون ۽ ڪي گوندو به چون. ننگر پارڪر جي ڪارونجهر ٽڪريءَ ۾ گيدوڙا جام ٿيندا آهن. هي شيءَ ٿرين لاءِ وڏي وٿ آهي.

ننڍڙي گهيٽن ۽ ڇيلڙن جي سلامتيءَ لاءِ رات جو خيال ڪبو آهي. ڪي وڻن جي تارين مان ننڍڙا واڙوٽيا ٺاهيندا آهن جن کي بُڙٿال چئبو آهي ۽ ڪي وري زمين ۾ کڏ کوٽيندا اهن، جنهن جو منهن سوڙهو رکن ۽ هيٺان ويڪري ڪن، جنهن ۾ اٺ – ڏهه ڦر ماپي سگهن. رات جو ڦر انهيءَ ۾ وجهي مٿان ڍڪي ڇڏين، جنهن کي ”ڪوڏ“ يا گوندو“ چون. ٿر ۾ اَن رکڻ لاءِ مٽيءَ جون گول وڏيون ڪوٺيون ٺاهين، جنهن کي گُندي چون، ۽ چورس ۽ گول ننڍڙا ڪوٺِلا ٺاهين، جن کي گُندلا ۽ گوندا چون.

سيءَ لهڻ تي واهوندو ورندو آهي ته واريءَ ۾ ڄَئوئا پيدا ٿيندا آهن. خاص ڪري مال جي ويهڪ واري هنڌ هيٺاهينءَ ۽ ڪنئري زمين ۾ ازخود اچي گڏ ٿيندا اهن. اهو سُڌ پُڌ ’مينهن وساڙي‘ جهڙو ٿيندو آهي. تفاوت فقط هي اهي جو مينهن وساڙو رنگ جو گلابي ڳاڙهسرو ٿيندو آهي ۽ ڄئوئو ميرانجهڙو ڪاسِرو ٿئي. اهو ماڻهن توڙي وهٽن کي چڪ هڻندو آهي، جنهنڪري هلڪي خارش ۽ ٿوري سوڄ ٿي پوندي آهي ۽ بعضي جي انهيءَ مند ۾ برسات پئجي وڃي ته پوءِ سنهي مک به ٿيندي آهي جا مال کي چڪ هڻندي آهي. انهيءَ کان بچاءُ لاءِ ٿري ماڻهو ڏهرن مان لڏي دڙن ۽ ڀٽن تي وائکا ٿي رهندا آهن، جتي رهڻ لاءِ ڀُنگا جوڙيندا آهن.

”پنوهارن پاٻوهيون، ڪَئي وَ واهوندن،

لٿو سيءَ لطيف چئي، ٻَڌو ڦَڻ ڦَرن،

اوءَ ٿا ورين ڪنئري، سرتيون مٿان سسن،

عمر اُن اگوندري، پاسي ڪانڌ ڪتن.“

(لطيف سائين)

ڪي ماڻهو ننڍن ڦرن کي ٿورو کير ڌارائيندا آهن ۽ گهڻو ڏُهي وٺندا آهن، جنهنڪري ڦر ڪمزور ۽ نٻل ٿيندا آهن، جن کي ”چويَلَ ڦر“ چئبو آهي. ڪي وري ننڍن ڦرن کي جام کير ڌارائيندا آهن، جيئن آهي پُٺي ٻڌي ٿلها متارا ٿي وڏا ٿين. چَرها ٿيڻ بعد کير گهٽائبو آهي. مضبوط ٿيڻ بعد چئبو آهي ته  هاڻي ڦڻ ٻڌو اٿن، يعني پيرن ۾ طاقت ٿي اهي ۽ هلڻ جهڙا ٿيا اهن، گهٽين ۽ رڍن جي اُن سياري جو لاهبي ته اُنهن کي سيءُ پوندو، تنهنڪري سياري لهڻ بعد واهوندن ورڻ تي اُن ڪتربي آهي. ننڍن گهٽين کي ”سِسوِنيا“ چون، جن جي اُن ڪنئري ٿيندي اهي ۽ وڏي اگهه سان وڪامندي اهي. انهيءَ مان ٺهيل ڪپڙو نرم ٿيندو آهي. عورتون اُن جا ٻُڙا ڪري گهر ۾ مڙسن جي ڀرسان ويهي ائٽ تي ڪتينديون آهن.

انهيءَ وقت ڦوڳن ۾ ڦوڳيسي ۽ ٿورو پوءِ ڄارين ۾ پيرون، ڪنڊين ۾ سڱريون ۽ ڪرڙن ۾ پُسي ۽ ڏونرا ٿيندا آهن. برسات پوڻ تي پپون، کنڀيون، ميها، مريڙو، چڀڙ وغيره ٿيندا آهن. جن جو ذڪر اڳ ۾ ٿي چڪو آهي.

 

گوشت

ٿر جي شهرن ۾ ڪاسائي آهن، جي روزانو ٻاڪرو گوشت بعضي ريڍو گوشت وڪرو ڪندا آهن. برهمڻ ۽ مهيشوري گوشت کي ويجهو به ڪونه وڃن. مسلمان توڙي سڀ هندو ذاتيون ۽ اڇوت گوست کائيندا اهن. ٻهراڙين ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪي ماڻهو پَهرو پائيندا آهن، تڏهن ضرورت وارا وٺن.

ڪڏهن ڪڏهن پر تمام ڇڊو، سو به جتي خاص مسلمانن جي بستي هوندي آهي، اُتي شادي غمي ڳائو گوشت ڪن. سو به اها ڍڳي ڪُهندا جا نه ويهامنبدي آهي، جنهن کي ”پنڊر“ چون. پر اهڙا مثال ورلي ٿيندا آهن. هروڀرو ڪونه ڪن. ڇو ته اڪثر مسلمان شادي غميءَ تي هندن کي به دعوت ڏيندا اهن، جي به ايندا آهن، ان حالت ۾ ڳائو گوشت ڪونه ڪن، پر ٻاڪرو گوشت ڪن. هونءَ به هندو مسلمان سڀڪنهن هنڌ گڏ ويٺا آهن، تنهنڪري پاڙي جي ننگ جي ڪري به هڪٻئي جي جذبات جو گهڻو خيال رکن.

هاڻي لاري سروس ٿيڻ ڪري مٺي، ڏيپلي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ سنڌ کان لوڻيل مڇي ۽ پلو به ايندو آهي. اها سهوليت رڳو انهن شهري ماڻهن کي آهي.

شاديءَ وقت مسلمان، مينگهواڙ ۽ ڀيل بعضي پاڏي جو گوشت به ڪندا آهن.

 

ويشنو هندو

هندن مان فقط برهمڻ ۽ مهيشوري گوشت ڪونه کائين، باقي ٻيا سڀيئي هندو گوشت کائيندا آهن. شرمالي برهمڻ پنهنجي ذات کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ماني ڪونه کائين، بلڪه ماني ڪندي جي ٻئي مهيشوري يا پشڪرڻي برهمڻ جو هٿ لڳو ته اها ماني به ڪونه کائين. جيتوڻيڪ منجهانئن ڪي اهڙا به آهن، جن جي هٿ جي ماني ته بجاءِ پر کين ڏسڻ سان به ڪراهت اچي ته به منجهن ڇوت ڇات جو مرض ڏاڍو آهي. پشڪرڻا بهرمڻ، شرمالي برهمڻن ۽ مهيشورين جي ماني کائيندا آهن. مهيشوري برهمڻن جي ماني کائين، ٺَڪُر به برهمڻن ۽ مهيشورين مالهين ۽ سونارن جي ماني کائيندا آهن. اڳي برهمڻ ۽ مهيشوري اڇوتن سان هٿ ملائڻ به پاپ ۽ اڌرم سمجهندا هئا، هاڻي اهو رواج گهڻو گهٽجي ويو آهي. پڙهيل ۽ سڌريل اڇوت خود وٽن ويجهو وڃڻ پسند ڪونه ڪندا آهن.

برهمڻ ماني ٺاهڻ وقت گانءِ جي ڇيڻي جو ليپو پائي پوءِ ماني ٺاهين. جيڪڏهن ڪنهن مرد کي ماني ٺاهڻي هوندي ته پٽڪو لاهي مٿي اگهاڙو ٿي پوءِ ماني ٺاهيندو ۽ ڪي سنان کان سواءِ ماني ڪونه لائين. مهيشوري عام طرح مسلمانن جي ماني ڪونه لائين، پر هاڻي چانهه ۽ پاڻي ڪي ڪي پيئن ٿا، بلڪه ڪي ته ماني به لائين ٿا. ٺَڪَر مسلمانن جي ماني کائيندا آهن. برهمڻ گهر ۾ ماني ٺاهي اها ٻاهر وٺي وڃي ٻئي هنڌ ڪونه لائين. مهيشوري ۽ ٻاگهر ۾ ٺاهيل ماني ٻئي هنڌ کڻي ويندا آهن ۽ اتي کائيندا اهن. مطلب ته هندن ۾ ڇوت ڇات ايتري ته گهڻي آهي جو اڄوڪي ائٽمي ۽ سائنسي دؤر جو تهذيب يافته ماڻهو محو حيرت آهي!

 

ڏڪار

ٿر جو ملڪ آهي برسات تي، ”وسي ته ٿر نه ته بر.“ جڏهن برسات پوي تڏهن اَن، گاهه ۽ پاڻي جام، ماڻهو ۽ مال سهنجا ۽ سرها، پر جي برسات نه پوي ته پوءِ ٿر جهڙو ويران ملڪ ٻيو ڪونهي. سدائين ٽئين چوپٿين سال ڏڪار پوندو آهي. برسات ڌاران وڻ ٽڻ سُڪيو وڃن، گاهه جو ته نالو ئي ڪونه ٿئي مال مريو وڃي. اڳئين سال جو اَن ڪن وٽ بچيل هجي سي اگهه هڪدم وڌائي ڇڏين. غريبن وٽ ايترا ڏوڪڙ ڪٿان آيا؟ ڪهڙو پورهيو ڪن، جو پئسو پيدا ٿئي، جنهن سان مهانگو اَن خريد ڪري سگهن، جنهنڪري سندن پيٽ وڃي پُٺيءَ سان لڳي. ”اَن اهي ته ايمان آهي.“ ڪي شاهوڪار ماڻهو ڪمائيءَ جي ارادي سان اَن گڏ ڪري رکندا آهن، سي اهو موقعو غنيمت سمجهي اگهه بلڪل مهانگو ڪري ڇڏيندا آهن. ماڻهو بک جي وگهي ڀلي مريو وڃن، پر هنن کي ڪهڪاءُ ڪونه اچي. هنن کي کپي پئسو، سو اهڙن ئي موقعن تي پيدا ٿئي.

”ڏڪاريا ڏيهه مان موذي سڀ مار،

جن ميڙيو مهانگي لئه تن جي پرور ڪڍج پاڙ.“

بک بڇڙي آهي. ڏاهن کي به چريو ڪيو ڇڏي ۽ اشرف کي ڪمينو ٿي ڪري. ٿري ڏڪارن جا ماريل آهن ۽ کين خبر آهي ته برسات تي ڀروسو ڪونهي. ڏڪار اوچتو ايندو آهي تنهنڪري اڳ ۾ ئي ڪفايت سان هلندا آهن. ۽ ڪجهه اَنُ بچائي به رکندا آهن، جنهن جي سنهي رٻ رڌي پيئندا آهن ته چار ڏينهن ٺيڪ نڪري وڃن ۽ عاقبت سان رهجي اچي. پر سڀني وٽ ته اَن به ڪونه هوندو آهي تنهنڪري ڏٿ ٿي گذارو ڪن.

ڪي ويچارا ڪهاڙيون کنيو جهنگ مان ڪِرڙن جا ڇوڏا ۽ ڪنڊن جا پن (سنگ) لاهي اچن، جي سُڪائي ڪُٽي، پيهي ٻئي اَن جي اٽي سان ملائي مانيون پچائي کائين. ڦوڳيسي اٽي سان ملائين. ڏونرا ۽ سڱر ٻاڦي کائين. بعضي اهڙا به ڏڪار پوندا آهن جو اتي جا ڪي مسڪين ماڻهو پنهنجا ٻچا وڪڻي ڇڏين يا ڪي ننڍا ٻار ڇڏي هليا وڃن!

مالدارن سان ته جنسي ويل هوندو آهي. سُڪار وقت ڪي ماڻهو گاهه جون دَنون ٺاهي رکندا آهن، پر سي به ڪيترو وقت جهلين. پنهنجو رکيل گاهه کارائيندا، نيٺ ناڻي تي وٺي کارائيندا. گهر ۾ پنهنجو بچيل پئسو ختم ٿيندو ته ٽپڙ ٽاڙي، ڳهه وٺو، روڪڙو پئسو به چٽ ته نيٺ مال به چٽ!

ڪڏهن ڪڏهن ڀيانڪ ڏڪار پوندو آهي جو اُن جو ڪيترا سال پوءِ به ماڻهو پيا ڳالهيون ڪندا آهن. اهڙو هڪ ڏڪار سال 1899ع برابر سنبت 1956ع ۾ پيو هو، ان کي ”ڇپنو“ ڏڪلار چوندا آهن. پاونجاهه کي ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ ”ڇَپَنَ“ چون، جنهن جون ماڻهو اڄ تائين ڳالهيون ڪندا آهن. اهو سال اهڙو مشهور اهي، جو ڪنهن کان پڇبو ته عمر ڪيتري اٿيئي؟ يا ڪڏهن ڄائو آهين؟ يا فلاڻو واقعو ڪڏهن ٿيو؟ ته جواب ڏينو ته ڇپني ۾، يا ڇپني کان هيترا سال اڳ يا پوءِ. انهيءَ تان حساب ڪري صحيح عرصو معلوم ڪري سگهبو آهي.

ڪيترا ويڍارا ٻارين ٻچين اُٺن ۽ گڏهن تي ٽپڙ وجهي، چوپايو مال، ڍڳي، رڍ، ٻڪري، جيڪا به هوندي ته ڪاهي ناري ڏي نڪريو وڃن. ان وقت ڏسبو ته لڏن جا لڏا، ڪي چڙهيل ڪي پيادا، قطارون ڪيو پيا ويندا. سنڌ سائو ملڪ آهي، جتي پورهيو ڪري گذران ڪن. ائين ڳوٺن جا ڳوٺ ڀڙڀانگ ٿيا پيا هوندا آهن.

”ٻري نه ٻڪر دانهن، ڀوڻ ڀڻڪو نه سُڻان.

ميان ماروئڙن جا، اوُڻا ڏٺم اَنهين،

جن ساٺيڪا سَنجيا، سي ڌڻي ڪيڙءِ ڪانهن،

پکا کڻي پرانهن، جيڪس لڌيو لوئڙيارين.“

سڪار وقت جڏهن سڀڪو ماڳ تي هوندو آهي تڏهن تڙ تڙ تي ڏسو ته عورتون توڙِ مرد کوهن ۽ ويرين مان پاڻي ڇڪي پيا ڪڍن، دِلا ۽ اوهاءُ (اَواڙا) ڀرين، ٻارڙا پيا مال کي پاڻي پيارين ۽ ڦر وارين، جي بود ۾ ڀرجي پيا ٺينگ ٽپا ڏين ۽ ٻيڪار ۽ ٻرڙاٽون ڪن. ڏڪار وقت جڏهن لڏي ويندا آهن تڏهن تڙن تي پهر ڪانه هوندي آهي. اوڏيءَ مهل نڪا ٻڪر جي دانهن، نڪو ڀوڻ جو ڀڻڪو سڻڻ ۾ اچي ۽ آنهن (اَواڙا) به خالي پيا هوندا آهن. ملڪ جي اها حالت هوندي اهي جو ڄڻ ته ڪو راڪاس گهمي ويو آهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org