تاريخ ريگستان
(ڀاڱو ٻيو)
باب پهريون
ٿر
نالو: دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ، شهر ۽ ڳوٺ وغيره آهن ۽ سڀ ڪنهن تي ڪي
نه ڪي نالا ضرور رکيل آهن ۽ اهي نالا ڪيئن پيا، ان
لاءِ به ڪي نه ڪي سبب هوندا آهن. اسان جي ٿر ملڪ
تي اهو نالو ڪيئن پيو، ان لاءِ به ڪي سبب آهن، جن
مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا.(1)
1- هي ملڪ وارياسو آهي ۽ منجهس واريءَ جون ڀٽون آهن. ڀٽ کي ٿري
ٻوليءَ ۾ ”ٿري“ چئبو آهي، جنهن جو جمع ٿريون، يعني
ٿرين جو ملڪ، جنهنڪري ملڪ تي ”ٿر“ نالو پيو.
2- کير کي ڪاڙهڻ سان مٿان گهاٽي ڇٽي ٿي بيهندي آهي، جنهن کي
”ٿر“ چئبو آهي. اهڙيءَ طرح هتي به هيٺان سخت زمين
آهي، جنهن جي اونهائي ڪٿي ٿوري ڪٿي گهڻي آهي. ان
جي مٿان واريءَ جو ڄميل تهه آهي، جو ”ٿر“ وانگر
آهي. انهيءَ ڪري هن ملڪ تي اهو نالو پيو آهي.
3- ٿر جو ملڪ برسات کان سواءِ بيابان آهي. برسات به ڪڏهن پوي ته
ڪڏهن ڪانه پوي، نه ته به ٽئين يا چوٿين سال ته
ڏڪار لڳو پيو آهي. سنسڪرت لفظ ”سٿل“ جي معنيٰ آهي
بيٺل يا نه وهندڙ يعني خشڪ بيابان، جتي ڪو درياهه،
ندي يا نئن ڪانه آهي. انهي ’سٿل‘ لفظ جو اُچار اول
ڦري ٿيو ’عل‘، يعني خشڪ زمين (ضد-جل، معنيٰ پاڻي).
ٿل جو اچار ڦري ٿيو ٿر، اهو پويون ڪارڻ وڌيڪ موزون
لڳي ٿو.
ٿر کي ريگستان به چون، ريگ = واري، آسان = جاءِ، وارياسو ملڪ.
اهو نالو فقط پڙهيل طبقي تائين محدود آهي. عام نه
آهي. انگريزي ۾ ان کي ’ڊيزرٽ‘
(Desert)
چون.
طبعي ڀاڱا
سڄو ٿر مکيه ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: هڪڙو ڍَٽ (ڊاٽ) يعني وارياسو
ملڪ، جنهن ۾ واريءَ جون ڀِٽون آهن، ٻيو پَٽ يعني
ڏاڍي ۽ سنئين زمين وارو ملڪ، جو آهي پارڪر. بقول
شاهه ڀٽائي صاحب:
ڍَٽ ڍري پٽ پَيون، پاسي پارڪر.
پارڪر: هي ننگر پارڪر تعلقي جو ڏاکڻيون ڀاڱو آهي. تعلقي جي ڏهن
تپن مان فقط ٽي تپا هن ڀاڱي ۾ اچي وڃن ٿا. هن ڀاڱي
جي ڊيگهه 30 ميل ۽ ويڪر 20 ميل آهي. هن ڀاڱي ۾ نڪي
ڀٽون آهن، ۽ نڪا زمين وارياسي آهي. هتي جي زمين
ڪڪري واري، پٿرائين ۽ سنئين مٿاڇري واري آهي. ننگر
پارڪر وٽ ڪارونجهر ٽڪري آهي، جا ڪڪڙ جي بيضي وانگر
ڦري اچي ٿي ۽ ننگر پارڪر جو شهر ڄڻ ته ان جي هنج ۾
آهي. وچ ۾ ماٿريون آهن، ان جي ٻاهرئين گولائي 20
ميل آهي. ڪارونجهر ٽڪريءَ جي چوٽي زمين جي سطح کان
هزار فوٽ مٿي آهي. هن ڀاڱي کي اوڀر، ڏکڻ ۽ اولهه
کان ڪڇ جو رڻ آهي، جنهن ڪري هي ٽڪرو اُپٻيٽ وانگر
لڳي ٿو.
پارڪر جو نالو
پارڪر ۽ ڪڇ واري ملڪ جي وچ ۾ ڪڇ جو رڻ آهي، جو هن وقت سڪل آهي،
مگر اڳي ان ۾ پاڻي هوندو هو. ڪڏهن گهڻو ڪڏهن ٿورو
۽ اهو پاڻي عربي سمنڊ سان ڳنڍيل هوندو هو، جنهن
کي”کاري“ چوندا هئا، ڪڇ سان آمدرفت لاءِ اها کاري
پار ڪرڻي پوندي هئي، جنهنڪري چوندا هئا پار کاري،
يا پار اُڪر، جو نيٺ بدلجي ’پارڪر‘ ٿيو.(1) هڪ ٻيو به سبب آهي: هن ڀاڱي جي ننگر پارڪر
شهر وٽ ڪارونجهر ٽڪري آهي ۽ باقي سڄي ڀاڱي ۾ واري
ڪانهي پر زمين ٽاڪرو نموني پٿرائين آهي، يعني پهڻ
يا پٿر جو ملڪ، ۽ پارڪر لفظ جي معنيٰ آهي پهڻ يا
پٿر جو ملڪ، انهيءَ ڪري اهو نالو پيو.
ضلعي جو نالو
اسان جو ٿر وارو ڀاڱو ٿرپارڪر ضلعي ۾ آهي. واريءَ ۽ ڀٽن واري
ڀاڱي کي ٿر چئبو آهي. ننگر پارڪر تعلقي جي ڏاکڻي
پاسي وري زمين سنئين آهي، ان کي پارڪر چئبو آهي.
ٿر ۽ پارڪر ٻنهي ڀاڱن جي آمدرفت، واپار، ماڻهن جي
رواجن ۽ ريتن رسمن وغيره ۾ ڪو گهڻو تفاوت ڪونهي.
هر ڪنهن ڳالهه ۾ ميل جول آهي، تنهنڪري ٻيئي ٽڪرا
پاڻ ۾ گڏيا پيا آهن. انگريزن ملڪي انتظام جي لحاظ
کان پنهنجي حڪومت جي وقت ۾ انهن کي گڏي سڄي ضلعي
تي ”ٿرپارڪر“ نالو رکيو.
هي ضلعو 13-24 ۽ 21-36 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ 40-68 ۽ 5-71
ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي سمنڊ جي سطح کان 40 فوٽ
مٿي واقع آهي.
ضلعي جا ڀاڱا
صوبي سنڌ جو ٿرپارڪر ضلعو هيٺئين موجب سب ڊويزن ۽ تعلقن ۾
ورهايل آهي. ضلعي جو حاڪم ڊپٽي ڪمشنر آهي، جو
ميرپورخاص ۾ رهي ٿو. سندس هٿ هيٺ سب ڊويزنن لاءِ
ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ تعلقن لاءِ مختيارڪار مقرر ٿيل آهي.
* ميروپورخاص سب ڊويزن: ميرپورخاص، جيمس آباد ۽ ڊگهڙي تعلقا.
* ناراوئلي سب ڊويزن: عمر ڪوٽ ۽ سامارو تعلقا.
* ٿر سب ڊويزن: مٺي، ڇاڇرو، ڏيپلو ۽ ننگر پارڪر تعلقا.
تعلقا هيٺئين موجب سرڪلن، تپن ۽ ديهن ۾ ورهايل آهن.
تعلقو سرڪل تپا ديهون
مٺي 5 10 46
ڇاڇرو 6 16 40
ڏيپلو 3 9 42
ننگرپارڪر 4 10 38
عمرڪوٽ 4 20 112
ايراضي
هونئن ته بهاولپور، جوڌپور ۽ جيسلمير جا ڪجهه ڀاڱا، سکر ضلعي جا
اٻاوڙو ۽ ميرپور ماٿيلو تعلقا، خيرپور جو اوڀر
وارو ڀاڱو، کپرو ۽ عمرڪوٽ تعلقن جا ڪجهه ٽڪرا، ۽
موجوده ٿرپارڪر ضلعي جو ٿر سب ڊويزن سڄو ’ٿر‘ آهي،
مگر اسين جنهن ڀاڱي جو ذڪر ڪريون ٿا. سو آهي ته سب
ڊويزن جا مٺي ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر چار تعلقات
۽ عمر ڪوٽ تعلقي جو اوڀر ڀاڱو.
انهيءَ ڀاڱي جي پکيڙ هيٺئين موجب آهي: تعلقو مٺي 1562 چورس ميل،
تعلقو ڇاڇرو 2796 چورس ميل، تعلقو ڏيپلو 1503 چورس
ميل، تعلقو ننگرپارڪر 1617 چورس ميل، جملي پکيڙ ٿر
سب ڊويزن جي 7478 چورس ميل. تعلقو عمر ڪوٽ، جو
ناراوئلي سب ڊويزن جو تعلقو آهي، ان جي ڪل پکيڙ
1466 چورس ميلن مان 1018 چورس ميل ٿر آهي، انهيءَ
حساب سان ”ٿر“ جي جملي پکيڙ 8496 چورس ميل آهي.
کپري تعلقي جو ڀٽن وارو ڀاڱو شامل ڪبو ته جملي
پکيڙ 10542 چورس ميل ٿيندي ۽ سڄي ضلعي جي پکيڙ
13690 چورس ميل آهي، جو صوبي سنڌ ۾ ايراضيءَ جي
لحاظ کان سڀني ضلعن کان وڏو ضلعو آهي.
حدون
هن ڀاڱي جي اتر طرف ڀارت جي اڳوڻي جوڌپور رياست وارو ملڪ ۽
ٿرپارڪر ضلعي جو کپرو تعلقو، اڀرندي ڏي جوڌپور
رياست ڏکڻ ڏي ڪڇ جو رڻ، الهندي ڏي ٿرپارڪر ضلعي جو
سامارو تعلقو ۽ حيدرآباد ضلعي جو ٽنڊوباگو تعلقو.
”شاهه“ جو ٿر
شاهه صاحب ٿر کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي.
* کائڙ، ڇاڇري تعقلي جو اتر وارو ڀاڱو آهي.
’کائڙ‘ کٿيون خاصيون، اُچيون اُت اُڄن،
ڪڍيو پيڻ ڪهن، مليــر گهرجــي مارئي.
* ڍاٽ: ٿر جو وچ وارو ڀاڱو. اهو ٽڪرو وڏو آهي. موجوده
ٻيا ننڍا ڀاڱا به انهيءَ ۾ شمار ٿيل آهن. ٿوري
طبعي بناوت جي ڦيرگهير ڪري انهن ٽڪرن تي جدا جدا
نالا جهڙوڪ سامروٽي ونگو، مهراڻو، ڪنٺو ۽ وٽ وغيره
رکيا ويا آهن.
کهه مانڌاڻو مکڻي، ڍوئين پاسي ’ڍٽ‘
* پائر: هي ٿر جو ڏکڻ وارو ڀاڱو آهي.
ستي سيئي ساريا، جي ’پائر‘ جا پنهوار.
ٿر جا ڀاڱا
هن ڀاڱي ۾ واريءَ جون ڀٽون آهن: ڪٿي ننڍيون ڪٿي وڏيون، ڪٿي
هڪٻئي جي ويجهيون ويجهيون، ڪٿي پري پري، ڪٿي
ٿوريون ڪٿي گهڻيون. سڀيئي ڀٽون اتر- اوڀر کان ڏکڻ
– اولهه ڏي آهن. ڪٿي ڪٿي ڀٽن جي وچ ۾ سنئين زمين
آهي، جن کي ”ڏهر“ چئجي. زمين جي ڀلائي ڍلائي،
خاصيت، جدا جدا حالتن ۽ بيهڪ جي ڪري اهو ٽڪرو
هيٺئين ڀاڱن ۾ ورهايل آهي:
* ڍاٽ: هي سڄي ٿر جي وچ وارو ٽڪرو آهي. هن ۾ عمر ڪوٽ تعلقي جو
ڏکڻ وارو ڀاڱو، ڇاڇري تعلقي جو گهڻو ڏکڻ – اولهه ۽
مٺي تعلقي جو ڪجهه اتر وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا.
بقول شاهه صاحب:
سهسين سيبا ڪنجري، لوئي ليڙ ٿيام،
اباڻــن جــي آسري، ڪتــي ڪانــه ڪيام،
جا ’ڍٽ‘ ڍڪيام، تنهن جو پرور پن رهائيين.
هتي ڀٽون وچوليون آهن، منجهانئن ڪي ڪي وڏيون به آهن. ڏهر چڱا
آهن. زمين ڀلي ۽ آبادي لائق آهي. هن ڀاڱي جي ڪري
عام طرح سڄي ٿر کي ’ڍاٽ‘ چوندا آهن ۽ رهاڪن کي
’ڍاٽي‘ چئبو آهي.
* ڪنٺو: هن ۾ ڇاڇري تعلقي جو ڏاکڻو ۽ ننگرپارڪر تعلقي جو اتر
وارو ڀاڱو ۽ مٺي تعلقي جو اوڀر وارو ڀاڱو اچي وڃن
ٿا. هتي ڀٽون وڏيون آهن ۽ هڪٻئي کان پري پري آهن،
جنهنڪري وڏا ڏهر گهڻا آهن. هتي جي زمين سنوت واري
۽ ڪجهه مٽي آهي، انڪري ڀلي ۽ آبادي لائق آهي.
ٻنيون وڏيون آهن، جنهنڪري کيتي سٺي ٿئي ٿي. هن حصي
۾ وڻڪار ججهي آهي، خاص ڪري ڪونڀٽ جو وڻ گهڻو آهي.
ڦوڳ ۽ ٿوهر جو وڻ ڪونه ٿئي. ڏهرن ۾ ڄاريون ۽
جهنگلي ٻيرڙيون گهڻيون آهن.
* کائڙ: ڇاڇري شهر کان ٿورو اوڀر ۽ اتر طرف گڍڙي تائين، اولهه
طرف تعلقي عمر ڪوٽ جو ڪجهه ڀٽن وارو ڀاڱو، هن سڄي
کي ’کائڙ‘ چوندا آهن. بقول ڀٽ ڌڻي:
هن مند مارو سنرا ’کائڙ‘ ۾ خوشحال.
* مهراڻو: هيءُ اڳوڻي مهراڻ نديءَ جي وهڪري جي ڀر وارو ڀاڱو
آهي. هاڻي به ڍورو اتان لنگهي ٿو، جنهن ۾ ڪڏهن
پاڻي هجي، ڪڏهن سڪو پيو هجي. هن ۾ ڇاڇري ۽ مٺي
تعلقن جو اولهه وارو ڀاڱو ۽ عمر ڪوٽ تعلقي جو ڏکڻ
– اولهه وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا. هتي ڀٽون هڪٻئي کي
ويجهيون آهن، جنهنڪري وڏا ڏهر ڪونه آهن. ڀٽن جي وچ
۾ ننڍا ننڍا ٽڪرا آهن، جنهنڪري ٻنيون ننڍيون
ننڍيون آهن. زمين بلڪل وارياسي آهي، جنهنڪري آبادي
چڱي ٿئي. وڻڪار گهاٽي آهي، خاص ڪري ڪونڀٽ ۽ ٿوهر
جا وڻ جام ٿين. اڳتي اتر ۽ اولهه طرف ڀٽن دنگ ڪيو
آهي، ان کي ”ڪَس“ چوندا آهن. اتان پوءِ سنڌ جي
سنئين زمين شروع ٿئي ٿي.
* سامروٽي: هن ۾ مٺي تعلقي جو ڏکڻ – اولهه ۽ ڏيپلي تعلقي جو
اُتر وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا. هتي ڀٽون وڏيون ڪونه
آهن. زمين ڀلي ۽ مٽي واري آهي، جنهنڪري آبادي سٺي
ٿئي. ڪڻڪ، بصر ۽ جوئر به ٿئي. ماڻهن کي ’سامروٽيا‘
چوندا آهن.
* ونگو: هن ۾ ڏيپلي تعلقي جو اتر- الهندي وارو ٽڪرو اچي وڃي ٿو.
زمين آبادي لائق آهي. جتي ڀٽون وچوليون ۽ هڪٻئي کي
ويجهيون آهن، ڏهر گهڻا ڪونه آهن.
* وٽ: هن ۾ ڏيپلي ۽ مٺي تعلقن جا ڏاکڻا ڀاڱا اچي وڃن ٿا. هي
ٽڪرو ڪڇ جي رڻ سان ويجهو ۽ دنگئي آهي، جنهنڪري هتي
پاڻي تانگهو آهي. زمين چڱي آبادي لائق آهي. هتي
ڀٽون ننڍيون آهن. رڻ جي ويجهي هئڻ ڪري هتي لوڻ جا
ڪيترائي سن آهن.
* پارڪر: هن ۾ ننگرپارڪر تعلقي جو ڏکڻ وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو.
هتي واري ۽ ڀٽون ڪونه آهن. زمين سنئين، پٿرائين ۽
ڪڪري واري آهي. منجهس رائو يعني پٿرن جي سنهي ڀور
ججهي آهي. ڪارونجهر ٽڪري هن ڀاڱي ۾ آهي. هتي آبادي
سٺي ٿئي ٿي، خاص ڪري هيرڻ جي پوک ڀلي ٿئي ٿي.
* اڇرو ٿر: هن ۾ عمرڪوٽ تعلقي جو اُتريون ڇيڙو ۽ پوءِ اڳتي کپري
تعلقي جو اتر وارو ڀاڱو، خيرپور جو اڀرندو حصو ۽
جيسلمير جو ڏکڻ – الهندي وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا. هن
کي ’بوئٺ‘ ۽ ’ڊيئا‘ به چوندا آهن. هتي آبادي گهٽ ۽
ماڻهن جون وسنديون ڇڊيون آهن.
آب هوا
ٿر وارياسو ملڪ آهي. واريءَ تي گرمي ۽ سرديءَ جو اثر جلد ٿئي،
جنهنڪري سياري جي سيءَ جي ڪري واري ٺريو پوي. ان
جو اثر هوا تي به ٿئي ۽ ٿڌي ٿيو پوي. ڊسمبر ۽
جنوري ۾ هوا تمام ٿڌي ٿئي، جنهنڪري سيءَ سببان
ڏڪڻي پيئي ٿئي. هن موسم ۾ مسافري ڏينهن جي وقت
مناسب آهي.
بهار جي موسم ۾ سيءُ گهٽجي وڃي، واهوندو وري، جنهنڪري وڻ- ڦوٽ
ٿئي. جهنگلي گلن جي خوشبوءِ پيئي اچي، تنهنڪري
آبهوا وڻندڙ ۽ صحت بخش لڳي.
اونهاري جي گرميءَ جي ڪري واري تپيو پوي. پيرين اگهاڙو هلي ڪونه
سگهجي. بدن گرميءَ جي ڪري پگهر سان شل ٿيو پوي.
سخت لُڪون لڳن ۽ واري اڏامي، جنهنڪري سوکيم ماڻهو
ٻاهر ڪونه نڪرن. باقي غريب ۽ مالدار، جن جي ويٺي
نه سري، سي پنهنجو ڪم ڪار ڪندا رهن ۽ ٻاهر نڪرڻ
وقت مٿي تي انگوڇو يا پٽڪي جو پلاند ورائي ڇڏين.
بقول شاهن جو شاهه:
مر لڳي لُوءِ، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.
ڪڏهن ڪڏهن لُوءِ اهڙي لڳندي آهي جو ٻاٻيهو، هُڙيو ۽ ٻيا اهڙا
نازڪ طبع پکي مري ويندا آهن. ڏينهن جو وهٽ تي يا
پيادل مسافري ڪري نه سگهبي آهي. رات جو واري ٺريو
پوي، جنهنڪري هوا به ٿڌي ٿئي، ان وقت پيرين اگهاڙو
هلڻ سان فرحت پيئي ايندي آهي.
وڇاڻا وهاڻا نه مون ڪس اچن،
ٿڌا ريٽ ريلون هنئين ۾ هُرن.
مسافري رات جو ڪبي آهي. وچ ۾ ڪٿي ڊاٻو ڪرڻ لاءِ لهي ڪنهن ريٽ تي
ليٽبو ته پيو سُهائيندو، اصل اُٿڻ تي دل نه ٿيندي.
آڏو پاسو ڪيو ناهي، آرامي ننڊ اچي ويندي. سائين
ڀٽائي ڪيئن نه سچ فرمايو آهي:
ٿڌي مٽي ٿر جي، وِلهي وسائجاه،
پويون ٿئي پساه، ته به نجا مڙهه ملير ڏي.
چوماسي ۾ برسات پوڻ کان اڳ ڪڏهن ڪڏهن طوفان لڳندو آهي، جنهن کي
”وانئر“ چوندا آهن. ان جي ڪري دز ۽ واري اُڏامي
اوندهه ڪري ڇڏيندي آهي. بعضي ڪي وڻ ٽڻ ڀڄي ۽ اُکڙي
پوندا آهن، پر جان جي نقصان جو انديشو نه رهندو
آهي.
برسات پوڻ بعد فرحتي هوا لڳندي آهي، جنهن کي وُٺي جي هوا چئبو
آهي. ڀرسان ڪٿي برسات پيئي، اتان جيڪا هوا ايندي
سا به وڻندڙ ۽ فرحتي هوندي آهي. چوماسو سڄو خاص
ڪري جولاءِ، آگسٽ، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهينن ۾ ملڪ ۾
ساوڪ هوندي آهي، جنهنڪري آبهوا وڻندڙ، فرحتي ۽ صحت
بخش هوندي آهي.
عوام جو گذر ٻهراڙين ۾، جتي کُليل هنڌ، هر وقت تازي هوا،
جنهنڪري بيماريون گهٽ ٿين ۽ ماڻهو تندرست گذارين.
تعليم
ٿر ابتدائي خواهه سيڪنڊري تعليم ۾ ڪافي ترقي ڪئي آهي. ٿر جا
ڪيترائي ماستر ناري ۽ ميرپورخاص سب ڊويزنن ۾ ملازم
آهن. زناني تعليم ۾ به ٿر اڳتي وک وڌائي آهي،
ڇاڪاڻ جو اتي پردي جو رواج ڪونه آهي. ڪيتريون ٿري
ماسترياڻيون ميرپورخاص ۽ ناري ڊويزن ۾ نوڪري ڪن
ٿيون.
ٿر جي چئن تعلقن مان فقط ننگرپارڪر تعلقي ۾ زوري تعليم آهي.
پرائمري مردانا اسڪول ڪافي تعداد ۾ آهن. زنانا
اسڪول به آهن. پرائمري اسڪولن ۾ ٽئين درجي سان گڏ
اردو به لازمي طور پڙهائي وڃي ٿي. پنجين درجي سنڌي
پاس ڪرڻ بعد انگريزي اسڪولن ۾ داخلا وٺي پڙهبو
آهي. انگريزي تعليم ۾ به ٿر اڳتي وک وڌائيندو وڃي
ٿو. مٺي، ڏيپلي، ننگرپارڪر، عمر ڪوٽ، ڇاڇرو،
چيلهار، اسلام ڪوٽ ۽ نئون ڪوٽ ۾ هاءِ اسڪول،
ڪانٽيو، جنجهي، گرڙا ٻهه ۽ ڪلوئيءَ ۾مڊل اسڪول
آهن.
پرائمري مردانن اسڪولن لاءِ ضلعي جو عملدار ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف
اسڪولس ٿرپارڪر آهي، جو ميرپورخاص ۾ رهي ٿو.(1)
زنانن اسڪولن لاءِ ڊپٽي
انسپيڪٽريس آف گرلس اسڪولس ميرپورخاص آهي. امتحان
وٺڻ لاءِ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس، بيٽن
(حدن) لاءِ مقرر ٿيل آهن. انگريزي اسڪولن جو ضابطو
وري انسپيڪٽر آف اسڪولس حيدرآباد جي هٿ هيٺ آهي.
مذهبي تعليم
مسلمانن جي مذهبي تعليم جي انتظام لاءِ ڪٿي ڪٿي، ڪن ڳوٺن ۾ مڪتب
آهن، جتي ٻارن کي قرآن شريف ۽ ٻي مذهبي تعليم ڏني
وڃي ٿي. ڪن ڳوٺن ۾ مدرسا به آهن، جتي مذهبي تعليم
مولوي جي درجي تائين ڏني وڃي ٿي. اسڪولن ۾ مذهبي
تعليم جو نصاب مقرر ٿيل آهي، جتي اها تعليم ملي
ٿي.
هندن جي ڌرمي سکيا لاءِ بندوبست ڪونهي. صرف عام طرح ٿورا پنڊت
پنهنجي اولاد کي ڪجهه ڌرمي تعليم ڏيندا آهن ۽
شادي-غميءَ جي رسمن جي سکيا ڏيندا آهن. سو به صرف
انهيءَ ڪري، ته يجمانن (واسطيدارن) ۾ وڃي اهي
رسمون پوريون ڪرائي، چار ڏوڪڙ ڪمائي سگهجن. هندن ۾
ڌرمي تعليم گهٽ آهي.
يونين ڪائونسلون
ٿر ۾ هيٺئين موجب يونين ڪائونسلون آهن:
مٺي تعلقو: مٺي، مٺڙيو ڀٽي، مهراڻو، جوڙوئو، لونڍهار، مانڃٺي،
ڪهڙي، اسلام ڪوٽ، کاريو غلام شاهه ۽ سينگارو.
ڇاڇرو تعلقو: ڇاڇرو، چيلهار، ڪانٽيو، ويجهيار، راڄوڙو، هيرار،
پارنو، چارنور، تڙاحمد، مٺڙيو چارڻ، کينئسر،
ڏاهلي، گڍڙو، تڙدوس ۽ سارنگهيار.
ڏيپلو تعلقو: ڏيپلو، جهرمريو، سارو، ڏٻرو، کيتلاري ۽ ڪلوئي.
ننگرپارڪر تعلقو: ننگرپار، آڌيگام، ڦيٿاپور، ويراواهه، پيلوءَ
جو تڙ، ستي ڏِهرا، تُڳوسر، چوٽل ۽ هاڙهو.
پوليس
چورن، بدمعاشن، ڌاڙيلن وغيره کان ماڻهن جي جان ۽ مال جي بچاءُ
جي انتظام لاءِ پوليس آهي، جنهن جو ضلعي لاءِ وڏو
عملدار سپرنٽينڊنٽ آف پوليس ۽ ان جي هٿ هيٺ ٿر سب
ڊويزن لاءِ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس ۽ تعلقي
هيڊڪوارٽرن ۾ سب انسپيڪٽر پوليس ۽ انهن جي هٿ هيٺ
آئوٽ پوسٽون آهن، جن ۾ جمعدار ۽ سپاهي رهن ٿا.
جنهن کي ٿاڻو چئجي، سي هيٺئين موجب آهن:
مٺي تعلقو: مٺي، نئون ڪوٽ، اسلام ڪوٽ، جُهن ۽ جهانگرو.
ڇاڇرو تعلقو: ڇاڇرو، چيلهار، تڙاحمد، کينئسر ۽ گڍڙو.
ڏيپلو تعلقو: ڏيپلو، ڪلوئي، هٿرائي ۽ ٻلهياري.
ننگرپارڪر تعلقو: ننگرپارڪر، هاڙهو، چوتل، ڏانو ڌانڌل، آڌيگام ۽
ٻهراڻو.
صحت
بيمارن جي دوا درمل لاءِ اسپتالون آهن، جن ۾ ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر
ڪم ڪن ٿا. ڇاڇري، مٺي، ڏيپلي، ننگرپارڪر، اسلام
ڪوٽ، چيلهار، ڏانو ڌانڌل، ڪلوئي ۽ نئون ڪوٽ ۾
اسپتالون آهن، جتي فقط داخلا في ڏيڻ سان مفت دوا
ملندي آهي.
مٺي، ڏيپلي، ننگرپارڪر، ڇاڇري ۽ اسلام ڪوٽ ۾ جانورن جون
اسپتالون آهن.
ٽپال
خط پٽ ۽ تار موڪلڻ لاءِ مٺي، ڇاڇري، ڏيپلي، ننگرپارڪر ۽ اسلام
ڪوٽ ۾ سب پوسٽ آفيسون آهن. چيلهار، ڪانٽي، راوتسر،
ڏانو ڌانڌل، وڄوٽهه، ويراواهه، نئون ڪوٽ، ڪلوئي ۽
آڏي جي تڙ ۾ برانچ پوسٽ آفيسون آهن.
باب ٻيو
ٿر جون ڀِٽون
واريءَ جي وڏن دڙن کي ”ڀٽون“ چون. ٿري ماڻهو ڀٽ کي ”لَڪ“ به
چون. ڪي ڪي تمام اٿانهيون ۽ ڊگهيون ڀٽون آهن، جي
پري کان جبلن وانگر پيون ڏيکاري ڏين. ڪي وچوليون،
جن کي ”دڙو“ چون، ڪي اڃا به ننڍيون، جن کي ”دڙيو“،
”دَڙڦيو، يا ”ڪپرو“ چون. مطلب ته گهڻن ئي قسمن جون
ڀٽون آهن، جن جا وري جدا جدا نالا آهن. ڪٿي هڪٻئي
کي ويجهيون ته ڪٿي پري پري، ڪي ڀٽون سنئيون ڪي
ڏنگيون، ڪي ورن وڪڙن واريون، ڪن جي سلامي ڊگهي،
جنهنڪري چڙهڻ لهڻ ۾ سهولت ۽ ڪي اُڀپريون، جتان
ماڻهو يا وهٽ چڙهي لهي ڪونه سگهن، اهڙين ڀٽن کي
”اوُنڌيولڪ“ چون. ان تي وري جنهن هنڌ سلامي ڊگهيري
هوندي، اتان پاسيرو چڙهبو آهي. برسات پوڻ وقت ڀٽن
جي پاسن کان بعضي ڏرڙ پئجي ويندا آهن، مٿان بيهي
نهاربو ته ڊپ پيو ٿيندو. ٿر ۾ اهڙيون وڏيون ڀٽون
ڪئين آهن، جن مان ڪن مکيه ڀٽن جو احوال ڏجي ٿو:
لُوٻڪي ڀٽ: ڇاڇري تعلقي ۾ دادئي جي تڙ جي اُتر طرف آهي.
وِيسروڙي ڀٽ: ساهوءَ جي تڙ جي اوڀر طرف آهي.
ڍوڪاڻي ڀٽ: چارنور ڳوٺ جي اتر طرف آهي.
جهرڪلي ڀٽ: جيئندي جي تڙ جي اوڀر طرف آهي، جا سن 1856ع ۾ ڌرتيءَ
جي زلزلي سبب ٻه اڌ ٿي پيئي آهي.
شهمير ڀٽ: شهمير جي تڙ جي اتر طرف آهي.
ٻانهياري ڀٽ: هن نالي سان گهڻيون ڀٽون آهن: هڪڙي تڙ همير وٽ، ٻي
ڏيپلي تعلقي ۾، ٽئين مٺڙئي رولها کان الهندي طرف.
ڪَرڪَر ڀٽ: ڳوٺ جيسي جي پار جي اتر طرف آهي.
سونياٻهه ڀٽ: هي به جيسي جي پار جي اتر طرف آهي.
هاڏاري ڀٽ: ٺاري جي تڙ جي اوڀر طرف آهي.
ڪسل ڪوٽ: هن نالي سان ٻه ڀٽون آهن: هڪڙي چارنور جي الهندي طرف،
ٻي ڪانٽئي ڳوٺ وٽ آهي.
ڪيري ناٿ ڀٽ: مام چيري ڳوٺ کان اتر طرف آهي.
سانڏهورَ ڀٽ: ڳوٺ سانڏهور جي ڏکڻ طرف آهي.
جهونڊ ڀٽ: جهونڊ ڳوٺ جي ڀرسان آهي.
سامي ڀٽ: هڪڙي ميگهي جي تڙ جي اوڀر طرف، ٻي ساڪرئي جي اوڀر طرف
آهي.
ماري واري ڀٽ: ڏيپلي تعلقي ۾ آهي.
ڪيل ڀٽ: مٺيءَ جي اتر طرف ٽن ميلن جي پنڌ تي آهي.
ڪانڪرڀٽ: هالاريو لنجا ۽ پوسرڪو ساند جي وچ ۾ ڏيڍ ميل ڊگهي آهي.
هي ٿر جي سڀني ڀٽن کان اتانهين ۽ ڊگهي آهي.
سائيني جي ڀٽ: ڇاڇري جي اولهه طرف آهي، جتان ڇوهٽڻ جو جبل
ساٺيڪو ميلن تان ڏسجي ٿو.
ڪوهراڙي ڀٽ: ڳوٺ ڇيلهار جي ڏکڻ طرف آهي، جتان ننگرپارڪر جي
ڪارونجهر ٽڪري ٻاهتر ميلن تان ڏسجي ٿي.
جتن واري ڀٽ: ڏيپلي تعلقي ۾ آهي.
سوڍاچار ۽ سماچار: هي ٻئي ڀٽون هڪٻئي کي ويجهيون، ڳوٺ چيلهه جي
اوڀر طرف آهن.
گولاڀٽ: ڳوٺ ڌوڙئي جي اتر طرف ميل کن پنڌ تي آهي.
ڪانڪهه ڀٽ: رانجهي خان نُون جي تڙ کان ڏکڻ طرف آهي.
ڏوهري ڀٽ: ڳوٺ ڇيلهار جي ڏکڻ طرف چار ميل کن پنڌ تي آهي.
پاتا ڀٽ: ڳوٺ ڪانٽئي کان اڀرندي طرف ڇاڇري ويندڙ رستي تي آهي.
عالم سرڀٽ: ڳوٺ عالم سر، تعلقي مٺي جي ڏکڻ طرف آهي.
انهن کان سواءِ ساڃي ڀٽ، مهڪي جي ڀٽ، اُٺ ٿنڀي، ارنياري جي ڀٽ،
نيتاري، ڳينڻ، گڏهه پٺو، روڻاڀر، مانگر، روجهڙو،
ڌاريندڙو ڀٽ، ويراڙو، گنگاسرو ڀٽ، گوگٽياري ڀٽ،
ٽورياري ڀٽ ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي ڀٽون آهن.
جيئن مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته ڀٽ کي لڪ به چون، انڪري ڪي ڀٽون
وري انهيءَ نالي سان سڏبيون آهن. مثلاً:
گاڏي وارو لڪ: مٺي کان اولهه طرف ٻه ميل، نئين ڪوٽ- مٺي رستي تي
آهي.
مورَلڪ: عمر ڪوٽ – چيلهار رستي تي آهي.
اُٺ لڪ: نبيسر جي ڀرسان آهي.
ڪاسائيءَ وارو لڪ: چيلهه جي ڀرسان آهي.
ٿوهرن وارو لڪ: مٺيءَ لان اتر-اوڀر طرف چيلهار ڏي ويندڙ رستي تي
آهي. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي لڪ آهن.
ڪن ڀٽن جي وچ ۾ ڪو هنڌ اوچو چوٽيءَ سان، يا ڪي ڀٽون چوٽيءَ سان
ٿينديون آهن، اهڙي چوٽيءَ کي ”ٽؤنڪ“ چون ۽ ڀٽ کي
به انهيءَ نالي سان سڏين، جيئن ته:
چانگي جو ٽونڪ: ڳوٺ چيلهار جي اولهه طرف آهي.
اِساٻو ٽونڪ: ڳوٺ پاٻو ويري جي اوڀر طرف آهي.
ڀموڙو ٽونڪ: جوڙوئي ڳوٺ جي اتر طرف آهي.
ڦليڻو ٽونڪ: ڳوٺ بکُو جي اتر طرف ٻن ميلن جي پنڌ تي آهي.
ڏيڏيوٽونڪ: ڳوٺ بکُو جي اوڀر طرف ٻن ميلن جي پنڌ تي آهي.
ٽهروئو ٽنڪ: پٻي جي تڙ جي اوڀر طرف آهي.
ڪونهلو ٽونڪ: اکيراج جي تڙ جي ڏکڻ طرف آهي.
پاتاٽونڪ: گوڌيار ڳوٺ جي اولهه طرف آهي.
اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي ٽؤنڪ آهن.
ڀٽن جا نالا
ٿر ۾ ڪن ڀٽن جا موزون سببن پٽاندر نالا رکيا ويا آهن، جيئن ته:
مورَلڪ: عمرڪوٽ کان چيلهار ڏي ويندڙ رستي تي، عمرڪوٽ کان ويهه
ميل ڏکڻ طرف آهي، جنهن ۾ برسات سبب وڏو شاهي ڏرڙ
ٿي پيو آهي، جو بلڪل خوفناڪ ۽ اونهو آهي، ۽ ان جي
وچ مان رستو آهي، ٿورو اڳتي هلي اُن مان هڪ واٽ
ڦٽي ڇاڇري ڏي وڃي ٿي. چون ٿا ته مارئي کي جڏهن
سندس مڱيندو کيت پنهنجن ماڻهن جي مدد سان عمر ڪوٽ
مان کڻي روانو ٿيو، تڏهن عمر سومرو پنهنجي ”مور“
نالي گهوڙي تي چڙهي هن جي پٺيان پيو هو. جڏهن هن
ڀٽ تي گهوڙو چڙهيو تڏهن سهڪي ۽ ڀرجي ويو ۽ اتي ئي
مري ويو، جنهنڪري عمر سومرو اڳتي وڌي ڪونه سگهيو ۽
ڀٽ تي ”مور لڪ“ نالو پئجي ويو. ڀٽ جي ڀرسان ننڍا
ڳوٺڙا به آهن. ڪي چون ٿا ته ڀرسان ڪنهن ڳوٺ ۾ مور
پکي گهڻا هئا، جنهن تان ”مور لڪ“ نالو پيو.
* اُٺ لڪ: هي لڪ عمر ڪوٽ تعلقي جي نبيسر ڳوٺ کان اوڀر طرف آهي.
هڪ اُٺ هڪ لک تان چڙهندي سهڪي سهڪي مري ويو هو،
جنهنڪري لڪ تي اهو نالو پيو آهي.
* ٻانهياري ڀٽ: هي ڀٽ ڏيپلي تعلقي ۾ آهي. چون ٿا ته هڪ مائي حمل
سان هئي، نائون مهينو هوس، تنهن کي سندس ڏير چيو
ته جي تون ٻه دلا ڀريل پاڻيءَ جا مٿي تي کڻي هن ڀٽ
جي وٽيءَ تائين چڙهي وڃين ته آءٌ توکي نئين عاج جي
ٻانهين پارائيندس. مائي شرط قبول ڪري، دلا کڻي مٿي
چڙهي، ڇر چوٽيءَ تائين پهچڻ کان اڳ سهڪي سهڪي ساهه
ڏنائين، تنهنڪري هن تي ”ٻانهياري ڀٽ“ نالو پيو.
* جتن واري ڀٽ: هي ڏيپلي تعلقي ۾ آهي. هتي جت ذات جا مسلمان
رهندا هئا. جنهنڪري اهو نالو پيو اٿس.
* ماري واري ڀٽ: هن ڀٽ تي، ڪلهوڙن جي حڪومت وقت سندن ڪامورن ۽
رعيتي ماڻهن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو هو ۽ ڪافي
ماڻهو مئا هئا (يعني مارو ٿيو هو) تنهنڪري اهو
نالو پيو آهي.
* گاڏي وارو لڪ: مٺيءَ کان اولهه طرف ٻه ميل نئين ڪوٽ ڏي ويندڙ
رستي تي آهي. هتان اڳي لوهارن جو قافلو لنگهيو هو.
لوهارن وٽ اڳي گاڏا هوندا هئا، جن ۾ سڄو سامان لڏي
ڍڳا جوٽي ڪاهي روانا ٿيندا هئا. هن لڪ تي گاڏو ڀڄي
پيو هو، جو لڪ بلڪل اتانهون آهي. تنهنڪري مٿس
”گاڏي وارو لڪ“ نالو پئجي ويو آهي.
* ڪاسائيءَ وارو لڪ: هي چيلهار کان چيلهه ڏي ويندڙ رستي تي آهي.
ٿر مان ڇيلن جا سوداگر (جن کي ٿر ۾ ڪاسائي چون)
مال ڪاهي روانا ٿيندا هئا ته هن لڪ تي اچي ڊاٻو
ڪندا هئا، ۽ اُن تي ڇيلن جي پورڻ لاءِ واڙو به
ٺهيل هوندو هو، جنهنڪري لڪ تي اِهو نالو پيو.
* سوڍا چار ۽ سماچار: هي ٻيئي ڀٽون چيلهه جي اوڀر طرف هڪڙي کيرل
جي اوڀر ۽ ٻي اولهه طرف آهن. هتي اڳي سوڍن ۽ سمن
جي وچ ۾ لڙائي لڳي هئي. هڪڙي ڀٽ وٽ سوڍا ۽ ٻيءَ وٽ
سما پنهنجا مورچا ٺاهي ويٺا هئا. انهيءَ ڪري هنن
ڀٽن تي اهي نالا پئجي ويا.
* ٿوهَرن وارو لڪ: مٺيءَ جي اتر اوڀر طرف چيلهار ڏي ويندڙ رستي
تي آهي. هتي ٿوهر جا وڻ گهڻا آهن، جنهنڪري مٿس اهو
نالو پيو.
* ڪانڪهه وارو لڪ: چيلهار کان ننگرپارڪر ڏي ويندڙ رستي تي
رانجهي خان نون جي تڙ جي اوڀر طرف آهي. هتي ڪانڪهه
جا وڻ گهڻا آهن، جنهن تان مٿس اهو نالو پيو.
اهڙيءَ طرح ٻين به ڪيترين ئي ڀٽن جا نالا آهن. نه رڳو ڀٽن، پر
مڙهن، تَلين، ڏهرن وغيره ۽ جهنگ جي هرهڪ ڀاڱي تي
ڪونه ڪو نالو رکيل هوندو آهي.
ڀِٽ جا ڀاڱا
جيئن ٿر جي هرهڪ ڀٽ تي نالا رکيل آهن. تيئن ڀٽ جي ڀاڱن تي به
نالا رکيل آهن.
ڀٽ: واريءَ جي وڏي دڙي کي ڀٽ چئبو آهي.
دَڙو: ڀٽ کان ڪجهه ننڍو، واريءَ جو ڍڳ.
لڪَ: ڀٽ کي به چئبو آهي ۽ خاص ڪري ڀٽ جو اهو هنڌ، جتان لنگهه
هجي. انهن لڪن جا نالا ڀرسان ڳوٺن جي نالن پٺيان
به رکيل آهن، جيئن ته لس جو لڪ، چريل جو الڪ،
لاڪوُڙي جو لڪ، ڊاڀي جو لڪ، ڀوڄاسر جو لڪ، سڦوران
جو لڪ وغيره.
مٿاري: ڀٽ جي مٿان ڪجهه مفاصلي ۾ سڌي زمين، جتان ماڻهو ۽ وهٽ
هلي سگهن. ڪي مٿاريون ڪجهه ڊيگهه ۽ ويڪر واريون
هونديون آهن، جتي مال لاءِ چراگاهه ۽ ننڍيون ٻنيون
به هونديون آهن. جيئن ته ٻگهار جي مٿاري ڊاڀي جي
مٿاري، نيڻي سر جي مٿاري، ڪاروتل جي مٿاري، ڱکاري
جي مٿاري، هنجتل جي مٿاري ۽ ڪڪراڙئي جي مٿاري
وغيره.
تڙ ڪولَ: ڀٽون اتر- اوڀر کان ڏکڻ – اولهه ڏي آهن، تنهنڪري سج
اُڀرڻ سان جنهن پاسي سج جي اُس يعني تڙڪو پوي،
تنهن کي چون تڙڪولَ. سياري جي انهيءَ پاسي سيءُ
گهٽ هوندو آهي، ڇو ته اتر جي هوا کان انهي پاسي جو
بچاءُ گهٽ هوندو آهي، ۽ سج اُڀرڻ سان اُس به ايندي
آهي.
|