پوشاڪ
ماڻهن جي شڪل شبيهه ۽ پوشاڪ جو مدار ملڪ جي عام حالتن تي آهي.
هر ڪنهن ملڪ جي آب و هوا جدا جدا نموني جي آهي،
جنهنڪري پوشاڪ جا نمونا به ملڪي حالتن تي مدار رکن
ٿا. ملڪي ماحول جو پتو به پوشاڪ مان پوي ٿو. جي
ملڪ وسندڙ، سائو ۽ آباد، ته ماڻهو ڪپڙي لتي ٺهيل
ٺُڪيل، پر جي ملڪ غيرآباد ته ماڻهن جي ڪمائي گهٽ
تنهنڪري پوشاڪ به سادي، اهو ساڳيو حال ٿر جي ماڻهن
جو آهي. ٺٺ ٺاهه مان ڪونه ڄاڻن. ماڻهو ويچارا
سادا، پوشاڪ سادي، کڱاڌو سادو، جاءِ سادي، مطلب ته
سادگي سندن اباڻو ورثو آهي. شاهوڪار ۽ غريب جي
پوشاڪ ۾ گهڻو تفاوت ڪونه هوندو. ٿر ۾ مکيه قومون
مسلمان، هندو ۽ اچوت رهن ٿيون، جن ۾ جدا جدا
ذاتيون آهن. مسلمان گهڻو ڪري ساڳي پوشاڪ ڪن پر ته
به جدا جدا ذاتين ۾ ڪجهه تفاوت آهي، پر هندن جي
جدا جدا ذاتين جي وچ ۾ گهڻو تفاوت آهي ۽ اڇوتن
درميان ٿورو تفاوت آهي.
ملڪ جي حالتن ۽ غربت سبب ڪپڙا سادا، سستا، ٿُلها ۽ جهالائو ڪم
آڻين. اونهاري ۽ سياري پوشاڪ ۾ ٿورو تفاوت ڪن.
بيٺل گهرن جا مسلمان مرد سٿڻ، قميض، پٽڪو ۽ بوٽ
ڪن. ڪي سليپر يا سنڌي جُتي پائين. پڙهيل طبقي مان
ڪي ڪُلهي تي پٽڪو ٻڌن، ڪي ٽوپي بُوٽ پائين. ڪي
جوان ڇوڪرا ترڪي ٽوپي پائين. غريب ماڻهو صدري ۽
گوڏ ڪن، جا سوٽي ڪپڙي يا اوني کٿي جي ٿيندي آهي.
سوٽي گوڏ، ڪي ڪاري رنگ جي ۽ ڪي نيري رنگ جي ۽ ڪي
خاڪي رنگ جي پسند ڪندا آهن. انهيءَ ڪپڙي کي گَندِي
چون.
برهمڻ، مهيشوري، سونارا، کتي، ٻاوا، قميص، پٽڪو ۽ ڌوتي ڪن. ٿري
هندن جي ڌوتيءَ ۽ سنڌي هندن جي ڌوتيءَ ۾ رات ڏينهن
جو تفاوت آهي. سنڌي هندن جي ڌوتيءَ کي هڪ لانگ ڏيڻ
مگر ٿري هنڌو ٻه لانگون ڏين، جنهنڪري اُهاڙي ٿيڻ
جو ڪوبه انديشو ڪونهي. پٽڪا مختلف رنگن جا هوندا
آهن. ڪي پوڙها پُٺيون (انگرکو)، قميص، صدري، چادر
يا کٿو لانگهوٽي سان ٻڌن. بيٺل ٺڪر ۽ سوتهڙ سوٽي
ڪپڙي جو تِريٽو ڪن، ڀيل لانگوٽو گهٽ ڪڍن، بنا
لانگوتي گندي پائين. ڀيل ۽ ڪولهي اجرڪ به ڪم آڻين.
هندو ۽ اڇوت ڪارو پٽڪو ڪونه ڪن.
مسلمان ڪپڙي لاءِ ڪارو ۽ خاڪي رنگ پسند ڪن، جو سٿڻ، پٽڪي ۽ گوڏ
جي ڪپڙي کي ڏين. ٻروچ وري نيري سٿڻ يا نيري گندي
جي گوڏ پسند ڪن. عام مسلمان مٿي تي بعضي اجرڪ به
ٻڌن ۽ اوڍڻ پهرڻ لاءِ شوق سان ڪم آڻين.
برهمڻ ۽ مهيشوري ڳاڙهو پٽڪو، ٺڪر، مينگهواڙ ۽ ٻيا هندو اڇو پٽڪو
پسند ڪن. ٺڪر وڏو ڦَهيڙ پٽڪو ٻڌن، اڪثر شاهوڪار
ماڻهو ۽ شادي وغيره جي موقعي تي غريب ماڻهو به
لونگي ٻڌن. جوان ڇوڪرا حلواڻ جو پٽڪو ٻڌن، جنهن کي
”مورهيو“ (مولهيو) چون. ٺڪر، ڀيل ۽ ڪولهي ننڍا
ڇوڪرا مٿي تي رومال ٻڌن. غريب ماڻهو پٽڪو ٻڌن جو
جيستائين ڦاٽي ليرُون ٿي وڃي تيستائين جند ڪونه
ڇڏين. قميص، صدري، سلوار وغيره به ڪٿان ڦاٽي پوي
ته ڪاريون (چَتيون) ڏيئي ڪم پيا آڻين.
چادر جي ٻن پُڙن کي ڳنڍڻ لاءِ شوق ڪري ڄاريدار نموني ڀرت
ڪرائين، جنهن کي ”کِيلَڻ“ چون. ڪيترا غريب ته پُٺن
تي ڪجهه ڪونه پائين يعني صدري يا قميص به نه فقط
پٽڪو ۽ گڏ ڪن. ٿر ۾ هاري ناري، مزور ۽ ڌنار وغيره
اڪثر هيٺان پوتڙو ٻڌي پيا ڪن ڪار ڪندا آهن جنهن کي
”پوتِڪِي“ چون. وچولو ۽ غيب طبقو چادر ضرور پاڻ وٽ
رکي، جا اُن کي ڪيترا ڪم ڏئي. سيءَ ۾ اوڍي، ڪچهري
۾ هيٺان رکي وهي يا ڦانگ (ڪانڀ) ڪڍي، وسڪاري جو
لاباري وقت سنگن جي ڀرين ۽ گاهه ٻڌڻ لاءِ جهوليءَ
طور ڪم اچي.
برهمڻ، مهيشوري، ڪي ٺڪر ۽ سوٽهڙ وريل نوڪ سان جُتي پائين، جنهن
کي ”موجو“ چون. لهاڻا ۽ سونارا هلڪي جُتي پائين.
مسلمان ۽ اڇوت سنڌي جُتي پائين. پڙهيل طبقي وارا
بوٽ ۽ سليپر پائين. شهري شاهوڪارن ۽ پرهلين ۾ هاڻي
چمپل ۽ سئنڊل وغيره پائڻ جو رواج وڌندو وڃي. بوٽ،
سليپر ۽ جُتيون مينگهواڙ چمڙو رڱي ان مان ٺاهين ۽
ٻاهران به گهرائين. ڍڳي جي چمڙي جي جُتي، اُٺ جي
چمڙي جي جُتيءَ کي ڪڏهن ڪڏهن ڪري تيل سان مکين ته
نرم ٿئي ۽ جٽاءُ ڪري. ٿر ۾ اونهاري جو پيرن اگهاڙو
هلي نه سگهبو ڇاڪاڻ جو تتل واري پير ساڙيو ڇڏي ۽
وسڪاري جو وري بوٽ هلڻ نه ڏين. بوٽن جو رواج
ٻهراڙين ۾ ڪونه آهي، ڇو جو اهي مهانگا آهن ۽ جهَلو
ٿورو ڪن ٿا ۽ مارو ماڻهن کي پائڻ ۽ لاهڻ ۾ تڪليف
آهي. پڙهيل طبقي ۾ فئسن وڌندو وڃي. اهي ولائتي بوٽ
۽ چمپل پائين، قميص، سُوٽ ۽ ڪوٽ ڪن ۽ مٿو اُگهارو
رکن.
”ڪُلهي ڦاٽم ڪنجرو، لوئي ليڙون ليڙ.“
مسلمان عورتون گهاگهرو (پڙو)، ڪنجهرو ۽ چُني ڪن. ڪنجري تي سُٺين
ڊزائينن سان ريشم جو ڀرت ۽ ٽِڪون مڙهيل هونديون
آهن. ٻروچن جون عورتون سُٿڻ ۽ گهگهو ڍڪين.
ڪنواريون ڇوڪريون گهاگهرو، چولو ۽ پوتي ڪن. برهمڻ،
مهيشوري، سونارا، سوٽهڙ ۽ ٺڪر عورتون ڇيٽ جو
گهاگهرو، چُني ۽ جَهٻو پائين، لوهاڻيون سٿڻون ۽
چولا پائين، ٺڪر عورتون نيري ڪپڙي جا گهاگهرا پسند
ڪن.
اڇوت عورتون گهانگهرو، ڪنجرو ۽ چُني ڪن. جهَٻي جو رواج گهٽ
ٿيندو وڃي ٿو. گهاهگرا ڪپهه جي پلهي رنگين ڪپڙي جا
ڪن، پر هاڻي ڇيٽ جو رواج وڌندو وڃي. ڇوڪريون
گهاگهرو، چولو ۽ پوتي ڪن.
وڏيءَ ڄمار واريون عورتون ٿُلهي ڪپڙي جا اوڍڻ ڪن، رنڙ زالون
ٿُلها ۽ سادا ڪپڙا ڪن. مهيشهوري ۽ برهمڻ شاهوڪار
آهن، پر تنهن هوندي به پاڻ سادا ڪپڙا ڪن، باقي
عورتن کي ولايتي اُچا ۽ ريشمي ڪپڙا ڍڪائين.
ريشمي چُنيون، جن جي ڪنارين تي گونٽي جو تارون ۽ ڄاريدار
ماکليون ۽ ربينون چڙهيل ۽ ستارون مڙهيل، ريشمي ڀرت
سان چُنيون، ريشمي گهاگهرا جن جي ڪنارن تي گونٽي
جون تارون، ريشمي جَهٻا تارن ۽ مڪي جي ڀرت سان.
شاهوڪار مسلمان زالون به اُچا ريشمي ڪپڙا ڪن.
سونارا، لوهاڻا ۽ کٽي پاڻ ۽ عورتون چڱا ڪپڙا ڪن.
ڳوٺاڻيون ٿري عورتون هندو توڙي مسلمان اڇو ڪپڙو نه پائينديون
آهن، ڇو ته اڇو ڪپڙو پائڻ نڀاڳ جي نشاني سمجهنديون
آهن، پر لوهاڻيون اڇي ململ جا رَئا ڍڪينديون آهن.
عورتون رنگين ڪپڙي جون سلوارون ۽ ڇوڪريون قيمتي
ڪپڙي جون پتلونون پائين.
اڪثر عورتون گهر ۾ ائٽ تي ڪپهه ڪَتي ڪپڙو تيار ڪرائي، کٽين کان
رڱائي، اُن جا پَڙا، اوڍڻ، ٻانڌڻيون ۽ ڪنجريون
وغيره تيار ڪري پائين.
”ٻانڌوڻان ٻن ڏيان، ارغچ ۽ عنبير.“
اهو ڪپڙو گهڻو وقت جٽاءُ ڪري ٿو. اُن کي ”گَهريچو“ يعني گهر ۾
تير ڪيل چون. پڙي ۾ اڳٺ وجهڻ لاءِ دڪان تان ڪونه
خريد ڪن. اُن ڪَتي مضبوط ڌاڳا تيار ڪري مرد ماڻهو
ڳُتي اڳٺ تيار ڪندا آهن. جنهن کي ”پٽاڙ“ چون.
هونئن مرد توڙي عورتون سادي پوشاڪ ڪن، مگر وڏن ڏينهن ۽ شادين تي
هوند اهر چڱا ڪپڙا ڪن.
”چولا چوڙيلين جا، آهن ٽنؤر ٽِڪن سان ٽاٽ.“
مسلمان ۽ اچوت ڪنواريون ڇوڪريون چولا ڀرت سان ڀري، مٿن ٽِڪون
مَڙهي، ٽنؤر ٽاڪي پائين. پري کان ٽِڪن جي چمڪاٽ جي
ڪري جهاٻو پيو پوندو آهي.
”پٽولا پنهواريون، مُور نه مٿي ڪن،
جہ لاک رَتائون لوئيون، شالنئان سونهن،
اُن ايلاچئون اڳري، بخمل بافتن،
سکر ڀانيان سومرا، کٿي کان کُهنبن،
جا ڏنم ڏاڏاڻن، سا لاهيندي لڄ مران.“
عورتن جو عام لباس پڙو، ڪنجري، اوڍڻ، چُني ۽ لوئي آهي.
”ماروءَ سين شل ماڻيان، کٿيون جهڙيون کير.“
لوئيءَ کي کٿي به چون، جا اڇي رنگ جي ٿيندي آهي. غريب عورتون ڪي
اڇي اوني لوئي ۽ ڪي ڳاڙهي رڱي مٿي تي ڪن جو سياري
جو گرم آهي ۽ گهڻو قوت جٽاءُ ڪري ٿي. رڍن جي اُن
گهر ۾ ائٽ تي ڪَتي ڪپڙو ٺهرائي لوئي تيار ڪرائين.
ڪپڙو مينگهواڙ تيار ڪن، جن کي ”وَڻَڪَر“ چون، جي
سڄي ٿر ۾ جتي ڪٿي آهن.
شهري عورتون ننڍو گهاگهرو پنجن کان اٺن والن اندر ڪن، مگر
ٻهراڙيءَ جون عورتون پَڙو بلڪل وڏو ڪن، جو گهڻو
وقت جٽاءُ ڪري ٿو. غريب عورتون ڪپڙي جا چيلهه کان
پيرن تائين ماڇ جا ٽڪر ڪڇي (جن کي پاٽ چون) پاڻ ۾
ڳنڍي، هڪ پاسي سَرَ وجهي چيلهه جي ماپ جيڏو ٺاهي،
ڪپڙي جي پٽي سبي اُبدان وانگر تير ڪن. جنهن کي
”چِيڻ“ چون. اُن ۾ اڳٺ وجهن. هيٺئين ڪناري کي
مضبوط ڪرڻ لاءِ ٿلهي سائي ڪپڙي جي انچ ڏيڍ تي
چاڙهي هيٺان اوتي ڏيئي قابو ڪن، جنهن کي ”ڦيرواچ“
چون. ڪي وڌيڪ زينت لاءِ سنهي پيلي ڪپڙي جي ڦيراواچ
۾ تُئي به ڏين.
ڪجهه سَرياند عورتون ڪپڙي جا پاٽ ڪري، هرهڪ پاٽ جا ٿوري ٽيڏي ڪٽ
سان اهڙيءَ طرح ٻه ٽڪر ڪن جو هرهڪ ٽڪر جو هڪ پاسو
سوڙهو، ٻيو ويڪرو ٿئي، ان کي ”ڪَريون“ چون. اهي
ڪَريون اهڙيءَ طرح ڳنڍين، جو سوڙها پاسا پاڻ ۾ ۽
ويڪرا پاسا پاڻ ۾ ڳنڍجي وڃن، پوءِ سوڙهي پاسي سَرَ
ٻڌي چيڻ وجهن ۽ ٻئي پاسي ڦيرواچ ڏين يا تُئي
چاڙهين، انهيءَ کي ”ڪريارو گهانگرو“ چون، جو
هيٺئين پاسي گهير ڪري بيهندو آهي. ٻهراڙيءَ جون
عورتون اهو وڌيڪ پسند ڪن. بعضي هڪٻئي کي تُنڪي طور
چونديون آهن ته ”ٿوروئي ڪَريارو گهيردار گهاگهرو
سبايو آهي.“
شاهوڪار عورتون اُچا ريشمي ۽ الس جا گهاگهرا ڪن، جي پنجن والن
تائين هوندا آهن. ڦيراوچ جي بدران ربين، ماکِلي،
پومڪ ۽ ٻيون پٽيون لڳائين.
ٿر جي ٻهراڙيءَ جون اڪثر عورتون ڀرت ڀريل سنڌي جُتي پائين. مٿان
نوڪدار ۽ کُڙي اُڀي ڪونه ٿئي. مسلمان ۽ اڇوت
عورتون ٽنؤرن واريون جُتيون پسند ڪن. ٽنؤر ريشم يا
سُٽ جا هوندا آهن. ڪن جُتين ۾ ست ست رنگين ٽنؤر ۽
ڪن ۾ هڪ ٽنؤر وجهن. ڪي چانديءَ جون تارون لڳل
جُتيون پائين. زنانين جُتين جون کُڙيون ويٺل ٿين،
تنهنڪري انهن کي ”اَدوڦِڻيون“ جتيون چون.
هندو ۽ مسلمان پوشاڪ مان سهي ڪري سگهبو آهي. ٿر جا واقف ماڻهو
هندن جي پوشاڪ مان برهمڻ، مهيشوري، ٺَڪُر، سوٽهڙ،
مينگهواڙ، ڀيل، ڪولهي وغيره سڃاڻي به وٺندا آهن.
وارن جي سنڀال
وار آهن عورتن جي سونهن، تنهنڪري سڀئي عورتون وار وڏا رکن ۽
انهن جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪن. وارن جي وڌڻ لاءِ
ديسي قسمن جا ڪيترائي ڏس ڪن، جن تي ڪو خرچڍ ڪرڻو
ڪونه پوي. ميٽ مَلي اُن ۾ تيل وجهي مٿو ڌوئين.
مِٺيءَ ۾ هڪ قسم جي مٽي ٿئي ٿي ان سان به مٿو
ڌوئين. آسپاس جي ڳوٺن جا ماڻهو اها مٽي کڻي ويندا
آهن ۽ ميٽ جي بدران ڪم آڻيندا آهن. سڌريل ۽ پڙهيل
طبقي جون عورتون، ڦڻي ڏيئي، سينڌ ڪڍي، وار ڇپويان
ورائي، وچ ۾ ٻڌي ڇڏين. ڦڻي ڪاٺ جي مستطيل نموني
ٿئي، جن مان ڪن تي پارو لڳل ۽ ريشمي يا سوٽي ٽنؤر
به ٿين. هڪ پاسي پلها ڏندا ٿين ۽ ٻئي پاسي سنها
پهريائين ٿلهن ڌندن سان اور سُموهي پوپءِ سنها
وهائين ته جيئن جُونءَ وغيره ڪا هجي ته نڪري وڃي.
سهاڳڻيون ۽ ڇوڪريون ڪافوري گل ربينون وغيره وارن ۾
هڻن. سينڌ وچ ۾ ڪڍن، پر ڪي ٿوريون پاسي تان به ڪن.
لُهاڻيون، برهمڻ ۽ مهيشوري عورتون پويان ڪِياڙيءَ وٽ وارن جو
ڳوڙهو ڪن. ڪي وارن جون ٽي لڙهيون ڪري اڳيان ٻنهي
پاسن کان جدا جدا اڳتي، پويان هڪ چوٽي ڪري ڇڏين.
ڇيڙو ڌاڳي سان قابو ڪن يا ڌاڳن جي چوٽيءَ سان
ويڙهي هيٺ لڙڪائي ڇڏين. مسلمان عورتون اڳيان پاسا
جدا ويڙهي پويان ٻه چوٽيون ڪن.
وارن کي نرم رکڻ لاءِ ميٽ سان مٿو ڌوئي تيل وجهي ڦڻي ڏيئي ويڙهي
ڇڏين. وار ويڙهڻ کي چون ”مٿو گونٿڻ“. تيل چانڀي جو
ڪم آڻين. هتي کن تي گونٿيل وار ڪجهه ڍرا ٿيو
ڦِگسيو پون، تڏهن اُکيلي وري ڌوئي مکي ويڙهائين.
عورتون پاڻ ۾ گڏجي هڪٻئي جا وار ويڙهي ڇڏينديون
آهن.
مينگهواڙ ۽ ڀيل عورتون پنهنجن وارن کي عجيب انداز ۾ ڪيترن ئي
نمونن سان ويڙهنديون آهن. ڪي ٻئي پاسا اهڙا ڪنديون
آهن جو سڱن وانگر پيا لڳندا آهن. اُن کي ”چوٽِلو“
چئبو آهي. ڪي ٻين نمونن سان ويڙهائينديون آهن، جن
جا جدا جدا نالا، ميري، ڏيڏي ميري، ٽيلَڙو،
ٻانڌڻو، گڍلا وغيره چونديون آهن. عورتون ڪنڙو ۽
سينهڙو گهوٽي پاڻي وجهي لعابدار ڪري مٿوويڙهي مٿان
گسي (لائي) ڇڏينديون آهن. جو چيڙهالي هئڻ ڪري وارن
جي پٽين کي مضبوط ڪندو آهي. ڪي عورتون نموريون ۽
ارڻيءَ جا پن (جو ٻوٽو ٿر ۾ ٿيندو آهي) گهوٽي وارن
۾ وجهنديون آهن، ته جُونءَ به نه پون ۽ وار وڏا به
ٿين.
مٿو گونٿي پڇاڙيءَ جو وارن جا ڇيهه ڌاڳي سان ٻڌنديون آهن. سوٽي
ڌاڳا يڪدم ميرا ٿيندا اهن، تنهنڪري اوني ڌاڳا
ٺاهين جي جلد ميرا نه ٿيندا آهن ڌاڳن جي ڇيڙن ۾
رنگين ٽنؤر وجهن.
”اُٺا مينهن ملير ۾، ڌاڳا ڌٻڙ ڌُئندي.“
-(شاهه)
ٿر ۾ برسات پوڻ وقت ترايون ۽ ٽوڀا پاڻيءَ سان ڀربا آهن. عورتون
اتي وڃي ڌٻڙ (رلَيون ۽ رلَڪا) ڌئنديون آهن. چوٽيءَ
جا ڌاڳا به ڌوئي صفا ڪري اهي وري ڪتب آڻينديون
آهن.
عام عورتون سوٽي ڌاڳن جون چوٽيون پويان وارن سان ويڙهين، جنهن
کي ”ڪَنڪڻِي“ چون. انهن جي ڇيڙن ۾ ٿنؤر ۽ چُڳيا
وجهن. هوند واريون ڪَنڪڻيءَ جي مٿيئين ڇيڙي ۾
چانديءَ جو ڦل (جنهن کي چوٽي ڦل چون) وجهن. وچ تي
ڪلابات جا ويڙها ڏين، ۽ هيٺين ڇيڙن ۾ ٽنؤر، جهونٻڪ
۽ گهنگهرو وجهن، جي هلڻ مهل ڇم ڇم پيا ڪندا آهن.
رنڙ عورتون گهڻو ڪري وار ڪونه ڳتين، نه ته تمام سادي نموني سان
ڳتين. برهمڻ ۽ مهيشورين ۾ ڪي پوڙهيون رَنڏول (رنڙ)
عورتون وار ڪوڙائي به ڇڏين.
پڙهيل، واپاري، عام شهري ۽ ٻهراڙيءَ جا پڙهيل ۽ ۽ شوقين جوان
ڇوڪرا مٿي جا وار انگريزي نموني ڪٽائين، باقي
ٻهراڙيءَ جا عام هندو ۽ مسلمان وار رکائين.
جوان ڇوڪرا بلڪل وڏا وار رکائين، جن جي چڱي سنڀال ڪن. وڌڻ لاءِ
ديسي دوائون ڪن. ڪن جا ته وار ايڏا ڊگها هوندا
آهن، جو ڦڻي ڏيڻ مهل وارن جي ڇيڙن کي پير جي آڱوٺي
۾ وارڪو ڏيئي قابو ڪندا آهن.
ڦڻي ڏيئي ٻنهي پاسن کان ويڙهي مٿي پاڻ ۾ اهڙيءَ طرح وراڪا ڏيئي
اٽڪائيندا آهن، جو سڱن وانگر پيا لڳندا آهن. انهن
کي ”وانگوڙا“ چئبو آهي. ۽ هو انهيءَ ۾ فخر سمجهندا
آهن. مٿان پٽڪو ٻڌي ڇڏين. ڪي ڪنن جي پاپڙين جي
سنوت تائين ڪٽائي ڇڏين ۽ ڇيڙا روز هٿ سان پوئتي
موڙيندا رهن تان جو گول ڇلي وانگر بيهن، جن کي
”ڇَلَهِيا“ چون.
برهمڻ مهيشوري ۽ لهاڻا مٿي جا وار وڌڏا ڪونه رکن، مشين ڪٽ ڪرائي
ڇڏين. وچ ۾ چوپٽي رکن ۽ اڳيان لوڻي تان ڪاپار تي
مستطيل نموني پاڪيءَ سان کڻائين. ننڍا ڇوڪرا وري
پاسن کان بهڏاڪڻ وانگر ٺهرائين، جن کي ”ڪورِڻيون“
چون. ٺڪر، سوٽهڙ ۽ مينگهواڙ وار وڏا رکن، پر ڪي
اڳيان ڪاپار تي ۽ پٺيان ڪِياڙيءَ تي ننڍا مستطيل
ٽڪر پاڪيءَ سان کڻائين، جن کي ”واگهِڙيا“ چون.
مسلمان ائين ڪونه ڪن.
مرد وارن کي ڦڻوٽو ڏين، ان کي ”ڦَڻِيو“ چون، جو ڪاٺيءَ جو اڌ
گول نموني ٿئي. ڪن تي پاري سان چٽسالي ٿيل هوندي
آهي. ڪيترا ڦٽوٽو وارن ۾ اٽڪائي مٿان پٽڪو ٻڌي
ڇڏيندا آهن.
سڀيئي ڏاڙهي رکائڻ ۾ شان سمجهن ۽ ان کي عزت جي نگاهه سان ڏسن.
فقط برهمڻ، مهيشوري ۽ لهاڻا ڏاڙهي ڪوڙائين.
مسلمان، ٺڪر، مينگهواڙ، سوٽهڙ ۽ ڀيل وغيره ڏاڙهي
رکائين. مسلمانن ۾ مولوي ۽ مُلا وڏي ڏاڙهي رکائين،
ٻيا ڪجهه ڇوٽي رکائين. پوڙها مسلمان ڏاڙهيءَ کي
ڪيس ڪن ته ڪي وري ڏاڙهي ۽ مٿي جي وارن کي ميندي
لائي ڳاڙهو ڪن. مُڇون وڏيون ڇڏين. مُچڇون مرد جو
شان آهن. ٺڪر، مينگهواڙ، سوٽهڙ ۽ ڀيل وغيره پوڙها
وڏي ڏاڙهي ۽ مُڇون رکائين.
”ڏاڙهي ڏو وار، ڦرهر لاگي ڦُوٽِڙِي.“
ڏاڙهيءَ جا ٻه وار هوندا ته به سٺا لڳندا. ڪي چاڙيءَ وٽان
ڏاڙهيءَ جا ٻه ڀاڱا ڪري هرهڪ ڀاڱو وٽي پوئتي ورائي
ڪنن کي وراڪو ڏيئي ٻڌي ڇڏين. ڪي ڪجهه ننڍي رکن. پر
جوان ڇوڪرا ڪونه رکن، فقط مُڇون رکن. انگريزي
پڙهيل طبقو ته مُڇون به ڪوڙايو ڇڏي. سڄي منهن تي
وار هجن ته ان کي ”چاپُئين“ ۽ جي فقط چاڙيءَ تي
ڪجهه وار هجن ته ان کي ”ٻُچي“ ڏاڙهي چون.
ٽاجُوئا
ٿر ۾ عورتون ۽ جوان ڇوڪريون، پنهنجي سينگر ۽ ٺاهه ٺوهه لاءِ جي
نمونا اختيار ڪنديون آهن، تن مان ”ٽاجوئا“ کڻڻ به
هڪ اهم دستور آهي.
چُلهه جو اڱر ڪنهن ٺڪر جي ٿانءُ ۾ پاڻيءَ سان گهاٽو ڳاري مس
جهڙو ٺاهينديون آهن. پوءِ سنهي ڪک جي پيڙي تي ٿورو
ڪپهه ويڙهي، اُن ڪارانس مان ٻوڙي بدن جي جنهن حصي
تي ٽاجوئا کڻڻا هوندا، اتي ٻُڙيون، ٻُڙيون ڪري
مٿان ڀرت جي سُئيءَ جي چهنب آهستي آهستي هڻنديون
وينديون. پاڻي سڪڻ جي حالت ۾ وري لائينديون ۽ سئي
هڻنديون وينديون، تان جو اها ڪاراڻ چمڙيءَ اندر
پيهي ويندي ۽ ڪارا داغ پڪا ٿي ويندا، جي پوءِ ڌوپڻ
سان به نه لهندا ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين بيٺا هوندا.
پڪن ٿيڻ تي چمڙيءَ ۾ ٿوري سوڄ ٿيندي اُڦرڪي
بيهندي، جا ٻن – ٽن ڏينهن بعد لهي ويندي، نه ته
ٺِڪري ڪوسي ڪري ان سان سيڪ ڏينديون آهن ته سوڄ
لهيو وڃي.
ٻُڙين سان ٽِڪُنڊا، چوڪنڊا، گول ۽ ٻيا ڪئين چٽساليءَ جا نمونا
ٺاهينديون آهن. ڪي ڇوڪريون وري مورَ، جهرڪيون ۽
ٻيون پکين جون سڪليون لِيڪن ۾ ڪڍي اهڙيءَ طرح
سئيءَ سان پڪيون ڪري ڇڏينديون آهن.
اهي ٽاجوئا هٿن جي آڱرين جي پُٺ، ٻانهن جا بُڪ، ڄاڙيءَ ۽ ڳلن تي
ٽِڪا، ڪن جي اڳيان ۽ مٿڀرو، پيرن جي چوڌاري ۽ پنين
تي ٺاهبا آهن. هاڻي پڙهيل طبقي ۾ اهو رواج ڪونه
آهي، مگر ٻهراڙين ۾ اڃا آهي.
زيور
سهاڳڻ هندو عورتون نڪ ۾ سون جو وينڊو ۽ مسلمان عورتون سوني نٿ
پائين. اهي زيور ڳرا آهن، تنهنڪري جيتوڻيڪ بار گهٽ
ڪرڻ لاءِ ڏاوڻ وجهي اُهو ڪُنڊيءَ سان پويان وارن ۾
اٽڪائين ته به سدائين ڪونه پائين. وڏن ڏينهن، شادي
۽ خوشيءَ جي موقعي تي پائين، نه ته لاهي رکي ڇڏين.
ان مهل نڪ ۾ وري سوني ڦُلي به پائين، ڪي جڙاءُ دار
۽ ڪي نئين فئشن واري. ويڊي پائڻ وقت ڦُلي لاهبي
آهي، پر ڪي اهڙيون هونديون آهن جن جي وچ ۾ ٽُنگ
هوندو آهي تنهنڪري لاهڻ جو ضرور ئي ڪونهي. وينڊي
جي تنگ اُن تُنگ وچان لنگهائي ڇڏبي آهي. سهاڳڻ
عورتون ۽ ڪنواريون ڇوڪريون نڪ ۾ بُولي پائين. هندو
لَکَنَ سان بُولي پائين جن ۾ ننڍا گهنگهرو ٿين.
مسلمان گول ڇلي وانگر بُولي پائين جنهن کي
”ڇلائين“ يا ”رائيدار“ بُولي چون.
مسلمان ۽ اڇوت ڇوڪريون هرڻن جي سڱن مان ٺهيل ڦلڙيون پائين، جن
مان ڪن تي پاري جا چٽ نڪتل هوندا آهن.
لهاڻن جون عورتون وڏيون نَٿون پائين، جن ۾ ڪافي بڀار به ٿيندو
آهي. مگر شوق جي ڪري اهو بار محسوس نه ڪنديون آهن.
ڇوڻي آهي ته جنڊ جي پُڙ تي سون جو پَٽ چاڙهائي
ڏجين ته به عورتون ڳچيءَ ۾ وجهيو ويٺيون هونديون.
مسلمان عورتون ڪنن ۾ ڪُڙڪون، نسبيون، والا (سون ۽ چانديءَ جا)،
برهمڻ سوٽهڙ، مهيشوري، سونارا ۽ ٺڪر عورتون ڪن جي
پاپڙيءَ ۾ جهُونَٻَريا ڏرگهلا پائين، جن جي بار
گهٽ ڪرڻ لاءِ سون يا چانديءَ جون واڳون ڪَنِ، جي
مٿان ورائي ڇڏين، جن کي سَروُن چون. مٿئين ڪناري ۾
پِيَپل پنڙيون (پپر جي پَن سان مشابهت رکندڙ) ۽ وچ
۾ والا پائين. اڇوت عورتون ڪَنن جي پاپڙين ۾
ڪُڙڪون (سون يا چانديءَ جون) ۽ چانديءَ جا جهُونٻر
پائين ۽ ۽ مٿان چانديءَ جون پنڙيون پائين.
پيشانيءَ تي اَلي ۽ ڏاوڻي پائين. شاهوڪار عورتون
اَلِي ۽ ٻورلو سون جون پائين. غريب فقط لَلي
چانديءَ جي پائين.
شاهوڪار هندو ۽ مسلمان عورتون ڳچيءَ ۾ سوني دُهري پائين.
برهمڻن، مهيشورين، لهاڻن ۽ سونارن جون عورتون گنين
جا ڪَنٺلا ۽ سونا هار پائين. غريب مسلمان ۽ اڇوت
تائٿ، هنسي، چندن هار ۽ طوق پائين. ٺڪرُ ۽ پوڙهيون
اڇوت زالون وارلِو (گول ويڙهن وارو) پائين. ٺڪر ۽
سوٽهڙ عورتون وارلو ۽ نيٻوري پائين. جا سون ۽
چانديءَ جي ٿئي. مسلمان عورتون ڪٺمال پائين.
ڪنڍي ڪُڙڪ ڪَٺمال زيور زري،
هسي هار پايان ڪهڙي نَڪ وري.
هندو عورتون پيرن ۾ چانديءَ جون گول ڪَڙِيُون، لنگر ۽ ساٽيون
پائين. مسلمان عورتون ڪَڙيون چورس ۽ چپٿري منهن
سان، پازيب، ساٽيون ۽ نورا پائين. لوهاڻيون به
پازيب ۽ نورا پائين. سڀيئي ٺونٺ وٽ ڪتريا پائين.
مسلمان ۽ اڇوت عورتون ڪَراين ۾ منگليون (واڍولا،
ڪڙهوليون) پائين جي چورس ۽ گول ٿين. گول ڪڙهولين
مٿان اسڪورو جي پيچن وانگر وَرَ ٿين، جنهنڪري انهن
کي ”وانٽوُيون“ چون. هٿ جي آڱرين ۾ سون يا
چڍانديءَ جون وينٽيون (مُنڊيون) ڇلا ۽ وَرنا
پائين. اڪثر مسلمان ۽ اڇوت عورتون گهڻا پائين.
پيرن جي آڱوٺن ۾ چانديءَ جا گولا ڇَلا (آڱوُٺِيا)
۽ آڱرين ۾ پوليون پائين.
سڀيئي سهاڳڻ عورتون ٻانهن ۾ اُلهي ڪلهي چوڙا پائين، جنهن کي
”ٻانهِي“ چون، جا عاج، رٻڙ ۽ ڪافور جي ٿئي. عاج
مهانگو آهي، تنهنڪري شاهوڪار پائين ۽ چوُڙن تي
سونا پَٽ به لڳائين. باقي عام رواج رٻڙ ۽ ڪافور جو
آهي، جو جيتوڻيڪ باهه تي يڪدم سڙيو وڃي ۽ اهڙا
اتفاق به ٿيا آهن جن جي ڪري بعضي موت به ٿيو پون،
تنهن هوندي به غريب ماڻهن ۾ عاج جي ٻانهي خريد ڪرڻ
جي سگهه نه هجڻ سبب اها ئي خريد ڪري استعمال ڪندا
آهن. ٻانهن ۾ اونهاري جو گرميءَ جي اثر ڪري ڦوڙها
ٿي ڦِسي ڦٽ ٿيو پون. ازانسواءِ ماني پچائڻ ۽ ڪم
ڪار ۾ به تڪيلف ٿئي، ته به عورتون خوشيءَ سان
پائين. ٻانهينءَ جي مٿئين ڀاڱي کي ”کُنچَ“ ۽
هيٺئين کي ”مَنِهيئرَ“ يا ”گورِلا“ چون. ڏهاڪڻ
عورتون ٻانهي ڪونه پائين، پر ڪي اڇوت ۽ مسلمان
عورتون فقط کنچوُن پائين. ڪنواريون ڇوڪريون کنچوُن
ڪونه پائين.
”ڪَراين ڪَچ جا، چوُڙا ڪوُڙا جِن،
سو مَرڪ ماروئڙن، جِئان لوڪ لڄ ٿئي.“
ڇوڪريون فقط گولار ڪراين ۽ پائين، جي عاج، رٻڙ، شيشي ۽ ناريل جا
ٿين، ناريل مان چوُڙا لکوارا ٺاهين. انهن جي وچ ۾
سونهن لاءِ رنگين ۽ شيشي جا چلڪندڙ چوڙا وجهن، جن
کي ”ٻنگِڙيوُن“ چون. غريب اڇوت ڇوڪريون ڳچيءَ ۾
هَسِلِي، ڪاچ جي مڻين ۽ لونگن جا ڪنٺلا ٺاهي ريشمي
۽ سوٽي ٽنؤر وجهي پائين.
”ڪارا ڪَراين ۾، سون اسان کي سوُءَ.“
ننڍن ٻارن کي هٿن ۾ ڪاچ جا ڪنگڻ پارائين. ڪاري رنگ جا وڌيڪ پسند
ڪن.
وينڊو، نٿ ۽ ٻانهي سهاڳ جون نشانيون آهن، جي فقط سهاڳڻ عورتون
پائين، رنڙ ۽ ڪنواريون ڪونه پائين. رنڙ عورتون هٿن
۾ ڪڙهوليون، ڪنن ۾ ڪُڙڪون ۽ بنا ڀرت جي ڪَنجريون
پائينديون آهن.
هاڻي شهرن جي پڙهيل طبقي ۾، خاص ڪري ڏيپلي جي ميمڻن ۾ گهڻن
زيورن، ڳرين ڪَڙين، وڏن وينڊن ۽ نٿن، چوڙن وغيره
پائڻ جو رواج نڪري ويو آهي. نَڪ ۾ ڦُلي، ڪنن ۾
ايرنگ، ڳڍيءَ ۾ ننڍو هار، ٻانهن ۾ ٿوريون سونيون
چوڙيون، چيچ ۾ مُنڊي وغيره ڪافي سمجهيو وڃي ٿو.
عورت جي سينگار لاءِ ايترا زيور مناسب ۽ موزون
آهن.
نه رڳو عورتن ۾، پر مردن ۾ به زيور پائڻ جو رواج آهي. اڳي
برهمڻ، مهيشوري، ٺڪر ۽ سوٽهڙ هڪ پير ۾ چانديءَ جي
ڪَڙي پائيندا هئا، پر هاڻي اهو رواج برهمڻن ۽
مهيشورين ۾ گهڻي ڀاڱي بند ٿي ويو آهي، باقي ٺڪر ۽
سوٽهڙ ڪي اڃا ڪَڙي پائيندا اهن. لهاڻا ۽ اڇوت ڪَن
۾ سون يا چانديءَ جو گول ڇلو پائين، جنهن کي
”اوگِنِيو“ چون. ٺڪر ۽ سوٽهڙ قُبي جي نموني زيور
پائين، جنهن کي ”ڀوَنري“ چون. ڪنن جي پاپڙين ۾
گوکرو، مُرڪيون (ڪيوٽيون) پائين. برهمڻ، مهيشهوري،
ٺڪر، سونارا، لوهاڻا ڇوڪرا ڪنن جي پاپڙين ۾ سون جا
لونگ پائين. ننڍن وڪرن جي ڪراين ۾ چانديءَ جا
”ڪَڙهوليا“ ۽ ڪي ڳچيءَ ۾ هسلي وجهن. هٿن ۾
مُنڊيون، ڇلا ۽ ورڻا پائين، پير جي آڱوٺن ۾ آڱوٺيا
پائين.
ڳچيءَ ۾ چورس نموني جو هڪ زيور پائين، جنهن کي ”ماڏريو“ چون، ڪي
هڪ ۽ ٽي پائين. خاص اڇوت قومون ڳچيءَ ۾ ”کارِڪڙي“
پائين، جا شڪل ۾ کارڪ جي ٻج جيڏي ۽ اُن جهڙي ٿيندي
آهي. ڪاري سُٽ جا سنها ڌاڳا وٽي گڏي ماڏريا ۽
کارڪڙيون پوئي، ڪلابات سان ٻڌيون ڏيئي تمام سهڻي
نموني تيار ڪندا آهن.
شاديءَ وقت ڪي ٺَڪر ڳچيءَ ۾ وارلو ۽ ماڏريا پائين. اڇوت منگليون
وجهن. اهو فقط رسمي طور، هاڻي ڪجهه فرق ٿيندو وڃي
ٿو.
مهمان نوازي
ٿر جا ماڻهو سراسر غريب ۽ سادا. سادگي به عجيب شئي آهي. جيترو
شهرن کان پري، اوترو بُراين کان بچيل. هر بيماريءَ
۽ برائيءَ جو بچاءُ سادگي آهي. سادو گذر، سادي
رهڻي، سادا خيال، سادي سمجهه، سندن گفتگو، اُٿ
ويهه، پهرويس، کاڌ خوراڪ سادي ته سندن دل ۽ طبع به
سادي. سادگي، غريبي، نئڙت، ادب، فضيلت، حيا،
انسانيت ۽ ايمان جو بنياد آهن. آئي جو آڌر ڪرڻ،
بيمار جي ٽهل ٽڪور ڪرڻ، هيڻي جو حال وٺي همراهي
ڪرڻ – ٿرين جو مَرڪ آهي. ٻئي طرف شاهوڪاري آهي
اجايو ڏيک ۽ اڊمبر، هٺ ۽ غرور، جو حسد جو بنياد،
دل جو سارو ۽ زبان درازي ۽ تڪبر جو ٻج ڇَٽي ٿو.
سَڀرن ۽ سَرنديءَ وارن کان اَڀرن ۽ غريبن ۾ ايمان وڌيڪ ڏسبو،
جيئن غريبي وڌيڪ تيئن ايمان جي سلامتي وڌيڪ، ائين
اڪثر ٿر ۾ آهي. اسين جيتوڻيڪ ڪڪ ٿي پئون، پر
جيڪڏهن قدرتي ڪتاب ۾ اهو پنو پڙهبو ته غريبي گذر
به هڪ عجيب نعمت آهي- جتي نه ڦند نه فريب نه کوٽ
نه گريب، نه غرور نه آڪڙ، نه لچائي نه لالچ، نه
ٺڳي نه دولاب، نه آپو نه ايڻ، نه غرور نه تڪبر پر
اتي آهي نماڻائي ۽ نهٺائي، سادگي ۽ سچائي، پيار ۽
محبت، همت ۽ عزت. عام چوڻيءَ مطابق ٿريا چوندا آهن
ته ”تڪبر ڪنڌ ڀر“، يعني وڏائي ڪيرائيندڙ آهي. اها
چوڻي سورهن آنا سچ آهي. چوندا آهن ته ”جتي باهه
ٻري اُتي جاءِ جلي.“ ڏکين بکين کي ئي پانڌيئڙن جو
خيال ۽ انهن جي تڪليفن جو احساس ٿئي ٿو، ڇو ته پاڻ
به انهيءَ ماحول ۾ پلجي وڏا ٿيا آهن. جيڪي سدائين
سکن ۾ پليا، وڌيا ۽ ويجهيا، هڪ کي سڏ ڪن ته پنج
نوڪر ڊوڙندا اچن، پاڻي گهرن ته کير ملي، تن کي
ڪهڙي ڪل ته غريبن جو گذر ڪيئن ٿو ٿئي! هو پنهنجيءَ
۾ پورا، هوند جي نشي ۾ مخمور ۽ مست، شوق شڪار ۽
عيش عشرت وچان وقت ئي ڪونه بچين جو ٻئي پاسي جو
فقط خيال ئي ڪن، تن کي ڪهڙي ڪل ته دنيا ڪيئن ٿي
هلي؟
ٻهراڙيءَ ۾ گهڻو ڪري سڀني وٽ مهمانن لاءِ جدا جاءِ ٺهيل هوندي
آهي، جتي اويل سويل آڌي مانجهي مزمان لنگهي آيو ته
سندن شان آهر سڀڪا سنڀال ڪن. مسافريءَ ۾ مهمان ٿجي
ته ڪنهن غريب وٽ. غريب جي گهر مهمان آيو ته هو پاڻ
کي ڀاڳ وارو سمجهندو. ٻاهران سڏ ٿيو ته وڃي هڪل تي
حاضر ٿيندو. ”ڀلي آئين، جيءُ آئين“، چئي حب سان
ڀاڪر پائي هٿ ڏيئي اچي ويهاريندس، ڄڻ ته ڪو گهڻن
ڏينهن جو وڇڙيل عزيز آيو آهي. جهڙو هوندو گهر جو
حال، ان آهر پوئتي ڪونه پوندو. اول چانهه
پياريندو، پوءِ جيڪي گهر ۾ هوندو سو وڏيءَ حب سان
مهمان اڳيان حاضر ڪندو. ڪڏهين ائين به ٿيو آهي جو
گهر ۾ داڻو نه هوندي به ٻئي گهر مان اُڌارو يا ڪو
ٽپڙ گروي رکي به مهمان کارائيندا آهن، پر نڪ ۾ سُر
ڪونه وجهن.
”بي صحبتي ماني ۽ پُلاهه تي نه مَرجي،
محبت واري رٻ ڀلي، رات اُتي رهجي.“
-(مل محمود)
ٻوڙ پلاهه غريبن وٽ ڪٿان آيا، پر ٻچن سنئين رٻ حاضر ڪندا. جيڪو
وقت رهيو سو مانَ عزت سان رهندو. چوندا آهن ته
ادا، مهمان بخت وارن جي گهر ايندا، داڻي داڻي تي
مُهر لڳل آهي، جنهن کي لکيل هجي سو کائي، سڀڪو ٿو
پنهنجو بخت کائي.
مهمان وٽ وهٽ هوندو ته گاهه، پاڻي، داڻو، چارو بنا چئي پاڻيهي
موجود ڪري ڏيندا. مهمان ڪنهن جي گهر آيو ته ائين
ڪونه سمجهندا، ته ڪو هي فلاڻي جو مهمان آهي، پر
سمجهندا ته ڄڻ اسان سڀني جو مهمان آهي. ڪن وٽ
مهماننل اءِ جايون ٺهيل آهن، پر جي ڪنهن وٽ نه
هوندي ته پنهنجي اڱڻ ۾ رلي يا ”جيروئي“ وڇائي
ڏيندا. پوءِ ڳوٺ وارا پيا ايندا، رهاڻ تي سڀيئي
اچي ويهندا، خوش خير عافيت بعد اوڀاريون لهواريون
خبرون ڏيندا وٺندا. سندس پاسي جو حال احوال اهڙيءَ
طرح پڇندا، جو ڄڻ ته ويجهو عزيز اهي. سيارو هوندو
ته وچ ۾ باهه جو مڇ ٻاريندا، چوڌاري مڙي ويهندا،
حقو ڀري وچ ۾ رکندا، جو ڪچهريءَ جو سينگار آهي،
پوءِ واري تي ويندا ڇڪيندا. ڪچهريءَ جا ڪوڏيا
هونئن به پاڻ گڏجي وهن، پر جي مهمان آيو ته ڄڻ
گيهه ۾ ٽُڪر ٻُڏو. ڦانگ هڻي ويٺا ته سج اُڀاري
اُٿندا. اوجاڳي جا پڪا ۽ ويهڪ جا ڏاڍا. وڃڻ وقت به
ٻه پير ڀري مهمان کان موڪلائي. وهٽ تي چاڙهي، واٽ
يا گس جو ڏَس ڏيئي پوءِ موٽندا.
مهمان جي ٽهل ٽڪور مرد ته دل کولي ڪن، پر جي مرد اتفاق سان گهر
۾ نه هوندو ته عورتون به پنهنجي وسان ڪونه
گهٽائين. مرد جي غير حاضريءَ ۾ مهمان جي خاطري نه
ٿي ته اها مرد جي گهٽتائي آهي، تنهنڪري ٿري عورتون
پنهنجي مرد جي گهٽتائي ڪڏهن به گوارا ڪونه ڪنديون
آهن. مهمان آڌي مانجهي جڏهن به اچي، گرمي هجي يا
سردي، رات هجي ا ڏينهن، ٽاڻو هجي يا ڪُٽاڻو، ته به
ماني تيار، مجال آهي جو ڪِنجهن يا ڪُرڪن. شهرن ۾
جي مهمان مهل تي آيو ته کارائب، نه ته پيو ٻاٿون
کائي،، پر ٿر ۾ ائين ڪونهي. مهمان کي بکيو ڇڏڻ عيب
سمجهن. ڪنهن جي گهران مهمان بکيو ويو ته اهو ماڻهو
ڀاءُ، برادر، ڪڙم قبيلي، اوڙي پاڙي ۾ حقارت جي نظر
سان ڏٺو ويندو. مهمان پهتو، خوش خير عافيت بعد گهر
خبر ڪبي ته يڪدم چانهه ماني تيار. مردن کي خبر آهي
ته جنهن وقت به چئبو سڀڪجهه تيار ٿي ملندو. ڪن
شهري عورتن وانگر اهو جواب ڪونه ملندو ته نوڪرياڻي
ڪانهي، يا ڪير آرام ڦٽائي، يا ڪير ”دونهان – ڦوڪ“
ڪري.
سُڪار جي ڳالهه ڇڏيو. ڪئين ڏڪار آيا، راشن ڪنٽرول جو وقت آيو،
جڏهن ماڻهن جنسي ڏٿ، وڻن جا ڇوڏا ۽ پن کاڌا، گوار
کاڌو، ڪرڙن جا ڇوڏا ۽ ڪنڊن جي سنک کاڌي، وقتي
لنگهڻ ڪاٽيا، پر اهڙن وقتن تي به مهمان جي اچڻ وقت
ايمان نه ڇڏيائون ۽ نڪو نڪ ۾ سَر وڌائون! اهڙي وقت
۾ به جي ڪنهن جي گهر مهمان آيو ته حال سارو
پهريائين ٽُڪر ان جي اڳيان پوءِ ٻار ٻچا. هونئن
ٿري سنجم صرفي ۽ ڪفائتي آهن، مگر صبح هجي يا
سانجهي، منجهند هجي يا وِرانڊ، جُهڙ هجي يا
اُٻرکو، ڪاڙهو هجي يا سيءُ، مطلب ته آڌيءَ رات جو
به جيڪڏهن ڪو مزمان آيو، ته زال کي ننڊ مان
اُٿاري، اٽو هوندو ته واهه نه ته جنڊ تي پيهائي،
ٽُڪر پچارائي، اچي اڳيان رکندا. لَسي لَپ موجود
هوندي ته واهه، نه ته ٻڪري ڏُهي، چار سيڙهون ڪڍي،
آڻي حاضر ڪندا، ”جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان.“
ٿر جي ٻهراڙين ۾ سرنديءَ وارن هندن توڙي مسلمانن جا گهڻو ڪري
اوتارا آهن. ڪنهن به ٽنڪ (وقت) ڪو مهمان آيو ته
سندن اوتاري واري چونري يا لانڍيءَ ۾ وڃي لهندو،
جتي کيس روٽي پاڻي ۽ هنڌ ٽپڙ جو بندوبست ٿي ملندو.
ٿري هندو، جن مان ڪي ٻئي جي هٿ جي ماني ڪونه کائين، تن کي ڪچو
سيڌو ۽ باسڻ برتن جو بندوبست ڪري ڏين ته ڀل پاڻ
پچائي کائين. مسلمان هندن کان وڌيڪ مهمان نواز
آهن، ۽ اڇوتن ۾ مينگهواڙ به مهمان نواز آهن.
هيٺ ٿر جي مهمان نوازيءَ جا ٻه مثال ڏجن ٿا:
(1) ڳوٺ ڀوڄاسر تعلقي مٺيءَ ۾ (چيلهار کان ننگر پارڪر ڏي ويندڙ
شاهي رستي تي) نالي جاني ذات جو لنجو مسلمان رهندو
هو. هيءُ مڙس جيتوڻيڪ ڪو وڏو مالدار ڪونه هو ته به
مهمان نوازيءَ ۾ نالو ڪڍيائين. کيس پنهنجو اوتارو
هو. وٽس سدائين مزمان ايندا هئا. ٽاڻي تي ڪو مزمان
نه هوندو ته مڙس جو سک ڦٽي پوندو هو ۽ اوستائين
ماني نه کائيندو هو، جيستائين ڪو مزمان اچي.
چون ٿا ته اُن وقت جي ڪنهن کي بخار ايندو هو ته جاني لنجي وٽان
سڳو وٽائي ٻڌندو هو ته تپ ڇڏي ويندو هو. اڄ تائين
ڪنهن کي بخار اچي ته ان کي ويهاري چوندا آهن ته
”آڌي رات هجي، مٿان برسات پيئي پوي، اهڙِ وقت سؤ
گهوڙيسوار مهمان جاني وٽ اچي لهن، گهر ۾ داڻو به
نه هجي، اهڙِءَ حالت ۾ به جانيءَ جي ايمان کي لوڏو
نه اچي“، ته بخار ڇڏي ويندو آهي.
(2) سنبت 1942 وڪرمي برابر سال 1885 عيسويءَ ۾ ٿر ۾ سخت ڏڪار
هو. ان وقت ڪيترائي ماڻهو ناري ڏي ڀڄي ويا، باقي
جيڪي رهيا تن ڪيئن عذاب سٺا وڻن جي ڇوڏن ۽ پنن تي
گذر ڪيائون. اهڙي وقت ۾ ڳوٺ چانور تعلقي ڇاڇري ۾
رامو نالي هڪ ٻوچِيو ذات جو مينگهواڙ رهندو هو، جو
ويچارو غريبي حال هوندي به اهڙي ڏکئي وقت ۾ به
مهمانن جو آدرڀاءُ ڪندو هو. مانيءَ جو ته نالو ئي
ڪونه هو، پر ٻاجهريءَ جي رٻ پياريندو هو. اها شئي
به اُن وقت غنيمت هئي. ان بابت هڪ سگهڙ چيو آهي
ته:
”ٻيتالي ۾ ٻوچِئي، رامي پائِي راٻ،
سِيري رِي سَمتول، راٻ ٿانري راميا.“
يعني: سنبت 1942 وڪرمي ۾ رامو نالي ٻوچِيو مينگهواڙ مهمانن کي
رٻ پياريندو هو. ان بابت سگهڙ چوي ٿو ته اها رٻ
سيري جي سمتول (برابر) هئي.
هن وقت اسلام ڪوٽ ۾ سيٺ نهالچند رامچند لوهاڻو ڏاڍو مهمان نواز
آهي. سندس اوطاق تي روزانو ڪيترائي مزمان ماني
کائين ٿا. |