* آمڻ ٻير: سنڌي ٻيريون ٿر ۾ ٿين، پر اهي عام نه
آهن، ماڻهو خاص محنت سان گهرن ۾ پوکيندا آهن. انهن
جو ٿڙ ٿلهو ٿئي ۽ ٽاريون وڏيون ٿينديون آهن. ٿر ۾
اُن کي آمڻ ٻير چون. نومبر ڌاري ٻُور لڳي ۽ پوءِ
ٻير ٿين جي وڏا ۽ مٺا هوندا آهن.اُن جي ڪاٺي مضبوط
آهي، جنهن مان کٽن جون ايسُون ۽ اوپرا ٿين. پاکڙا،
هنا ۽ گڏهن جا جنڊا به ٺهن. ٻيون به ڪيتريون ئي
شيون ٺهنديون آهن.
* سَرنهه: هي وڻ ٿر ۾ عام نه آهي، پر شهرن ۾ جيئن ته ڇاڇري،
چيلهار ۽ مٺيءَ ۾ ڪي وڻ آهن. اُن جو ڇوڏو اڇي رنگ
جو، پن ڪنڊي جي پنن جهڙا، ڇر وڏا ۽ گهاٽا ٿيندا
آهن، جنهنڪري ڇانوَ لاءِ سٺو آهي. هن جو قلم لڳندو
آهي، تنهنڪري ماڻهو پنهنجن گهرن، کوهن ۽ وٿاڻن تي
پوکيندا آهن. اُن ۾ ڪمان وانگر ٿورو وريل چپٿريون
ڦريون ٿينديون آهن، جي پچڻ بعد پيلي رنگ جون
ٿينديون آهن، منجهن داڻا ٿيندا آهن.
*ڪانڪهه: هي وڻ ٿر ۾ گهڻو ڪونه ٿئي. ڪٿي ڪٿي ڏسبو آهي، سو به
ڏهرن جي سخت زمين ۾ ڪونه اُڀري، پر ننڍن ننڍن دڙن
تي نرم ريٽائينءَ زمين ۾ ٿئي. اُن جا پن ننڍا،
ساوا ۽ گهاٽا ٿيندا آهن ۽ اُن جا ٿڙ ۽ ٽاريون پاڻ
ڳُتيون پيون هونديون آهن، تنهنڪري گهاٽو ٿئي. اُن
۾ پيرُن جيڏو هڪ قسم جو ڳاڙهيري رنگ جو ڦل ٿيندو
آهي، جو پکي، ٻڪريون ۽ اُٺ کائيندا آهن. اُن جي
ڪاٺي مضبوط هوندي آهي، مگر ڏنگي پنگي ڦُڏي هئڻ ڪري
ڪنهن به خاص ڪم ڪانه اچي. اُن کي ونگو به چوندا
آهن.
* سُوانجِڙو: هي وڻ سنڌ جو آهي. ٿر ۾ عام ڪونهي، فقط ڳوٺ چيلهار
جي اولهه طرف آڌيو نالي هڪ مَڙهِيءَ ۾ ست-اٺ وڻ
سوانجڙي جا آهن. اُن جو ڇوڏو اڇي رنگ جو، تڙ ٿلهو
۽ ڦريون فوٽ کن ڊگهيون ٿينديون آهن. ڦريون ۽ ڇوڏو
ڪن ديسي دوائن ۾ ڪم ايندا آهن. اُن جي ڪاٺي ڪچي
هئڻ ڪري عمارتي ڏانوَ جي ڪانه آهي. ازان سواءِ
تعداد به بلڪل ٿورو آهي.
انهن وڻن کان سواءِ ٿر ۾ ٻيو ڪو وڏو وڻ ڪونه ٿئي. فقط ننگرپارڪر
تعلقي جي ڪاسبو نالي ڳوٺ ۾ هڪ هندو سيٺ اڳ ۾ باغ
رکايو هو، جنهن ۾ انب، ليما، ڏاڙهون ۽ زيتون جا وڻ
هئا، جن کي کوهه جو پاڻي ڏيندو هو. هن وقت انهن
مان ڪيترا وڻ سُڪي، سڙي ۽ ڪَپجي ويا آهن، ته به ڪي
اڃا آهن، پر اها اصلوڪي رونق ڇڏي ويا آهن.
ننڍا وڻ
ڪي وڻ ننڍا ٿيندا آهن، جن جي ڊيگهه وڌ ۾ وڌ پندرهن فوٽن تائين
ٿئي. انهن جو ٿڙ يڪو ۽ کليل نه هوندو آهي. ورلي
ڪنهن جو ٿڙ کليل هوندو آهي ته به اُن جون ٽاريون
زمين سان بيٺيون هونديون آهن ۽ گهاتو پيو ڏسبو
آهي، نه ته گهڻو ڪري زمين مان گهڻا ٿڙ هڪٻئي جي
ڀرسان گڏ اُڀرندا آهن ۽ سڀيئي پاڻ ۾ گڏيل ۽ ڳتيل
وڌندا ويندا آهن ۽ وڻن جو هڪ جهڳٽو پيو معلوم
ٿيندو آهي. اهي سڀ جهنگلي وڻ آهن، جي برسات تي
ازخود اُڀري وڌي وڏا ٿيندا آهن. انهن جو مختصر
احوال هيٺ ڏجي ٿو:
* اَڪَ: هي ٿر جو نهايت ڪارائتو وڻ آهي. اِهو ڀٽن ۽ سلامي وارن
پاسن تي اصل ڪونه ٿئي پر ننڍن دڙن يا وارياسي زمين
جي مٿانهن هنڌن تي، جتي زمين نرم هوندي آهي، جام
اُڀري ۽ بلڪل گهاٽو ٿيندو آهي، ڄڻ ته ڪنهن هٿراڌو
پوک ڪئي آهي. اونهاري جو اَڪَ سُڪا ۽ ڪوماڻا پيا
هوندا آهن. برسات پيئي ته يڪدم وڌندي دير نه ڪندا.
هنن جا پن ڪافي وڏا ٿيندا آهن. پر برساتي موسم ۾
خاص ڪري ساوڻ ۽ بڊي وارن مهينن ۾ هن جا پن بنسبت
اڳئين پنن کان ٻيڻا، بلڪل اڃا به وڏا ٿيندا آهن.
پوٺن ۽ سخت زمين تي بلڪل چڊا ٿين. خاص ڪري ڳوٺن جي
وجهڙائيءَ ۾ جام ٿيندا آهن. هڪ ٿڙ سان ڪوورلي وڻ
ٿئي، نه ته زمين مان پنج-ست يا وڌيڪ ٿڙيون
نڪرنديون آهن، جي ڏاريون ۽ ٽار ڪڍي وڌنديون پاڻ ۾
گهاتيون ٿينديون وينديون آهن. هن جي پنن کي پُڙا
چون، جي ڪيترن ڪمن ۾ ايندا آهن، ٿڌ لڳي ۽ زڪام ٿي
پوي يا مٿي ۾ سور هجي ته پن پٽي، مٿي تي تيل مالش
ڪري مٿان ٻڌي ڇڏجي، صبح جو لاهي ڇڏجن، فائدو ٿيندو
پوي. پاسي ۾ سُور هجي ته پنن تي تِرن جو تيل مکي
ٻڌجن ته فائدو ٿي پوندو.
اڪ ۾ گهاتو اڇو کير ٿيندو آهي، جو ذائقي ۾کارو آهي. ڪچين ٽارين
کي ڀڃبو ته اندران کير نڪري ايندو ۽ ڦڙا ڦڙا ٿي
پيو هيٺ ڪرندو. ميگهواڙ اڪن مان کير ڪڍي، مينهن جا
سڱ ڀري، وڃي ماٽي ۾ وجهندا آهن. گڏوگڏ لوڻ ۽ پاڻي
به وجهن، پوءِ اُن ۾ چمڙو وجهي ڇڏين. هفتي کن بعد
ٻاهر ڪڍن ته وار صاف لهيو وڃن ۽ چمڙو صفا ۽ لسو
ٿيو پوي، جنهن کي رڱي تيار ڪري ڪم آڻين. اهو کير
دوائن ۾ به ڪم اچي.
اڪ ۾ گل ٿيندا آهن، جنهن کي ٿري ’ڦُليا‘ چون، اهي به ڪيترين ئي
دوائن ۾ ڪم ايندا آهن. گلن مان ڦل ٿئي، جو مُٺ
جيڏو نرم سائي رنگ جو ٿيندو آهي جنهن کي ’اڪ
پاڏيو‘ چون. ننڍا ٻار پاڏيا پٽي رانديون رونديون
ڪندا آهن. اهي جڏهن پچندا آهن تڏهين ڦٽيون پون.
منجهس بلڪل ڪنئرا ڪپهه جهڙا تاندورا ٿيندا آهن، جن
جي هڪ پاسي ننڍو چَپٿرو ڪاري رنگ جو ٻج چنبڙيل
هوندو آهي، جو لاهي تاندورا گڏ ڪري شوقين وهاڻن ۾
وجهندا آهن، اهو ڪپهه کان به نرم ٿيندو آهي.
اَڪ جي ڪاٺي اهڙي سخت يا مضبوط ڪانه ٿئي ته به ٿر جي ماڻهن لاءِ
ڏاڍي ڪمائتي آهي. هيءَ ڪاٺي ٿري ماڻهن لاءِ جيتري
ڪم اچي ٿي، اوتري ٻئي ڪنهن به وڻ جي ڪاٺي ڪم ڪانه
ٿي اچي. اُن جي ڪاٺيءَ مان جاين جون پٽيون ٺاهيندا
آهن. اَڪ جا ڊگها کُونٽا وڍي سُڪائي ڇوڏا لاهبا ته
ڪاٺي اڇي رنگ جي ڏسڻ ۾ ايندي. اهي کونٽا چونرن،
ڇَنن، لانڍين ۽ ڪُڙهن ۾ ڪايا ڪري ڪم آڻبا آهن. اَڪ
جي ڪاٺي هلڪي ٿيندي آهي، جنهنڪري جاين جي ڇتين تي
بار گهٽ ٿئي، خاص ڪري لانڍين ۾ چونرن جي ڀتين تي،
جي هيڪل ڪچي سِرَ جون هونديون آهن ۽ ڳري بار جي
ڪري ڊهڻ جو امڪان هوندو آهي. اڪ جي ڪاٺي ساڙي اڱر
ڪري گهوٽي ان سان قلمي شورو ۽ گندرف ملائي
آتشبازيءَ جو سامان ٺاهيندا آهن.
اَڪ مان ’اَڪَوارو‘ نڪرندو آهي جو مُلائم ۽ مضبوط ٿيندو آهي. ان
مان کوهن لاءِ وَرتيون ۽ رسا ٺاهيندا آهن ۽ مختلف
رنگن سان رڱي کَٽون ۽ پينگها واڻيندا آهن، جي نرم،
جهالائو ۽ زينت وارا ٿيندا آهن. ڪي ماڻهو ’اڪوارو‘
پاڻ ڪڍي وڪڻندا آهن.
اڪ تي سَرديءَ جو اثر يڪدم ٿيندو آهي. جڏهن سياري جو سيءُ گهڻو
پوندو آهي، تڏهين اڪ جا پن ۽ ڪچيون ٽاريون سري
پونديون آهن. ٻين وڻن تي به سيءَ جو اثر ٿيندو آهي
پر بلڪل گهٽ. اهڙيءَ حالت ۾ ٿري چوندا آهن ته ”ادا سيءَ اهڙو پيو آهي جو ’سيءُ ٻار‘ ٿي آهي!“ اڪ جون ڪاٺيون ٻارڻ
جي ڪم به اچن، پر نرم ۽ هلڪين هئڻ ڪري يڪدم جليو
وڃن، تنهنڪري چوندا آهن ته ”اڪ جو ٻَريِتو هجي ته
هڪ ماڻهو خاص چلهه ۾ ڪاٺين وجهڻ لاءِ ويٺو هجي،
تڏهين ٻيو ماني پچائي!“ اڪ ٻڪرين جو خاص کاڌو آهي،
انهيءَ ڪري کير وڌائينديون آهن، باقي ٻيو ڪوبه
جانور ڪونه کائي.
جهنگ ۾ ٻڪرارن لاءِ اڪ ڏاڍو ڪمائتو آهي. جي ڪا ٻڪري ويامي پوي
ته اڪ جو وڏو پن (پُرو) پٽي، ٻنهي پاسن کان ٿورا
وراڪا وجهي، انهن ۾ ڪک ٽنبي، هڪڙي قسم جو برتن
تيار ڪندا آهن. اُن ۾ ٻڪريءَ جو پِسَ ڏُهي، باهه
ٻاري، ٽانڊا ڪري، اُن تي اهو پُرو کير سان ڀريل
رکي ڇڏيندا آهن. ٿوري وقت ۾ رڌجي ڄمي ”ٺيڪلو“ ٿي
پوندو آهي، تڏهن لاهي کائين. پن ڪجهه سڙندو آهي،
پر صفا ڪونه سڙي، ٺيڪلو سلامت پيو هوندو آهي. بعضي
جهنگ ۾ اڪ جي پن جو مٿئين نموني برتين ٺاهي ٻڪري
ڏُهي ان سان ماني کائيندا آهن.
*ڦوڳ: هيءُ وڻ ننڍن ننڍن دڙن ۽ مٿاڇري واري ڪنئري زمين ۽ ڊاڳن ۾
گهڻو اُڀري. وڏين ڀٽن تي ۽ ڏهرن جي سخت زمين تي
ڪونه ٿئي. هي وڻ سڄي ٿر ۾ جام ٿئي. فقط پارڪر ۽
ڇاڇري تعلقي جي ڏکڻ اوڀر طرف ڪنٺي جي ڪجهه ڀاڱي ۾،
جتي زمين سنئين ۽ ڏاڍي آهي، اتي اصل ڪونه ٿئي. هي
يڪي ٿڙ سان ڪونه اُڀرندو آهي، پر ساڳئي هنڌ گهڻن
هنڌان ڦٽندو آهي، جي ٿڙ پوءِ گڏيا پيا هوندا آهن.
نرم زمين ۾ ڦوڳ جام ٿيندو آهي. اُن جو ٿڙ ڳاڙهسرو
ناسي رنگ جو ٿئي، جنهن مان ٽاريون نڪرن، جي اڇي
رنگ جون پر ڳاڙهاڻ تي مائل هونديون آهن. ٽاريون ۽
ٿڙ ڏنگا ڦڏا هوندا آهن. هن ۾ پن ڪونه ٿين، پر
ٽارين مان سنها گهاٽا تاندورا نڪرندا آهن، انهن کي
”لاسَئون“ چوندا آهن.
هيءُ وڻ بعضي سياري جو گهڻي سيءَ سبب لوساٽجي ويندو آهي ۽
لاسئون سُڪي ڇڻي وينديون آهن ۽ ٽارين جا ڍنگهر وڃي
بچندا آهن. ان وقت ڏسڻ ۾ ائين ايندو آهي جو ڄڻ ته
سُڪو بيٺو آهي، مگر سياري لٿي بهار جي شروعات ۾
جڏهين واهوندا ورندا آهن، تڏهين منجهس گونچ اڀرڻ
شروع ٿيندا آهن، ۽ وري لاسئون ڪڍي بلڪل سائو ۽
گهاٽو ٿي ويندو آهي. ان ۾ ٻور لڳندو آهي جو
ڦُلِڙين جهڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾
ڦُلِي چون.
ڪَنڊا ڪرڙ ڪانڊير، ڦوڳن ڦُلِي.
ٿري ماڻهو ان کي ”ڦوگيسي“ چون. اها کَٽِ مٺي ٿيندي آهي، جنهنڪري
ننڍا ٻار خوشيءَ سان کائيندا آهن، مارو ماڻهو ڀاڄي
به ڪندا آهن. ٿر جا ويشنو ماڻهو جهڻ (لَسِي) ۾
ڦوگيسي، جيرو ۽ رائي وجهندا آهن ته کٽي ۽ ذائقيدار
ٿيو پوي، ان کي ”رائتو“ چون، جو چانورن ۽ مانيءَ
سان چاهه سان کائيندا آهن. لسيءَ ۾ ٻاجهري جو ٿورو
اٽو ۽ ڦوگيسي ملائي ڀاڄي تيار ڪبي آهي، جنهن کي
”راٻڙيو“ يا ”کاٽيو“ چون، جيڪو ڏاڍو مزيدار ٿيندو
آهي. ٿر جي ماروُ ماڻهن جي دلپسند ڀاڄي اها آهي.
ماڻهو ڦوگيسي سُڪائي رکندا آهن جا پوءِ به راٻڙئي
رڌڻ ۾ ڪم آڻين. هي گويا انب چور ۽ گدامڙي جو ڪم
ڏئي ٿي.
اُٺ ۽ ٻڪريون ڦوڳ جام کائينديون آهن. انهن ۾ ڪو خاص ڦل مال جي
کائڻ کان سواءِ ٻيو ڪونه ٿئي. پڇڻ بعد ڦلڙيون
ڦٽيون پون ۽ اندران سنها تاندورا نڪريو اچن، جي
داڻن جي چوڌاري پکڙيو بيهن، جن کي ”ڪُتا“ چون.
پوءِ پن ۽ ڪُتا ڇڻندا وڃن، تان جو ڦوڳن جي ڀرسان
انهن جا ڍڳ ٿيو وڃن، ڏڪار وقت ڍڳيون، گابا، رڍون،
ٻڪريون وغيره اهو سُڪل ٻُهر به کايو وڃن.
ڦوڳ جي ڪاٺي ٿلهي ڪانه ٿئي، ڏنگي ڦڏي ۽ ورن وڪڙن واري هئڻ ڪري
عمارتي ڏانو جي ڪانهي، پر ڪچين لانڍين، ڇَنن ۽
لوڙهن لاءِ ڪم اچي. ڦوڳ جا آلا ڍنگهر وڍي، سَٿِي
لڳائي، مٿان ڪنهن ٿلهي ڪاٺ جو بار وجهي ڏَپَ ڏيو
ڇڏين. هفتي کن بعد اهي ڍنگهر ڪڍي گهرن جي چوڌاري
چَري (کاهي) کڻي، ان ۾ گهاٽا اُڀا کوڙي لوڙهو تيار
ڪبو آهي. ڪي وري چونرن ۽ ڇَنن ۾ کُنٽا (ڪايا) ڪري
ڪم آڻين.
ٿر ۾ ڦوڳ جام آهن، مٿن ڪنڊا وغيره ڪونه ٿين. اُن جي ڪاٺي
ٽاڪُنئي ۽ ٻَڙڪِڻي آهي، جنهنڪري هروڀرو ڪهاڙيءَ جو
به کَپ گهٽ ٿيندو آهي. هٿ سان ورائبي ته ڀڄي
پوندي. ڦوڳ جي آلي ڪاٺي به سُڪل ڪاٺين سان گڏ ٻريو
پوي، تڏهين ته چوندا آهن ته ”سُڪلن گڏ آلا به ٻريو
وڃن.“ ڳوٺن جي ڀرسان ڦوڳ جام سُڪا پيا هوندا آهن،
يا آلن ۾ به ڪيترا ڏار سُڪا پيا هوند آهن، جي ننڍا
ٻار ۽ ڪي ڪي زالون وڃي ڀريون ڪري کڻي اينديون آهن
۽ چُلهه جي ڪم آڻين. مزدور ماڻهو روزانو ڦوڳ جي
ڪاٺي ڏاڍي ڪم ٿي اچي. ٿر ۾ لوهار جتي به هوندا آهن
ته ڦوڳ جون آليون ڪاٺيون آڻي ساڙي ان مان اڱر
(ڪوئلو) ٺاهي، ڌَنوڻ جي باهه لاءِ ڪم آڻيندا آهن.
*ڪِرڙَ: هي وڻ ڀٽن تي ڪو ورلي ٿئي. هيٺاهن هنڌن تي نرم زمين ۽
خاص ڪري ڏهرن ۽ تراين جي سخت زمين ۾ ٿئي. مهراڻي،
سامروٽي ۽ ڇاڇري شهر کان اولهه طرف گهڻو اُڀري.
کائڙ ۽ ڪنٺي ۾ ڪونه ٿئي. سخت زمين تي يڪي تڙ سان
به ٿئي ۽ نرم زمين تي هڪ ئي هنڌ گهڻين شاخن جي گڏ
اُڀرڻ سان گهاٽا ويڙها ٺاهي بيهي،. هن جي ٽارين
مان گهڻيون ٽاريون ڦُٽن ۽ اهڙيءَ طرح وڌندو ويندو.
ڪچن گونچن ۾ پڻ تمام ننڍڙا ٿين، جي ڄڻ ڪنهن حساب ۾
ڪونه آهن، اهي به جلد ئي ڇڻيو وڃن. باقي ننڍا ننڍا
ڪنڊا جام ٿين. اُن کي گهڻي پاڻي جي ضرورت آهي،
تنهنڪري تراين جي ڀرسان ٿلهي ٿُڙ سان وڏا ۽ ڊگها
وڻ ٿيندا آهن، باقي زمين جتي پاڻي گهٽ آهي، اتي
رواجي طرح ٿين. اونهاري جو اُن ۾ پهريائين پُسي
ٿئي، جنهن کي ”ٻاٽو“ به چون، مارو ماڻهو اُن جي
ڀاڄي ڪن. پوءِ اُن مان ڪچا ساوا ڦل ٿين جن کي
”ڪيريا“ چون، جي چونڊي ڀاڄي ۽ آچار ڪري ڪم آڻين.
پچڻ بعد ڳاڙها ٿيو پون، انهن کي ”پڪا“ چون، جي
چونڊي ماڻهو لائيندا آهن، پکي خاص ڪري هُڙيا ۽
ليليون پڪا جام کائيندا آهن، ۽ ڪيترا ته ٺونگا هڻي
ڦٽايو ڪيرايو ڇڏين. غريب ماڻهو پُسي، ڪچا ڪيريا ۽
ڏونرا چونڊي آڻي شهرن ۾ وڪرو ڪندا آهن.
اُن جي ڪاٺي مضبوط ۽ کاري ٿيندي آهي، جنهن ڪري اُڏوهي ۽ سُرو نه
لڳندو آهي، جنهنڪري گهڻي ڪم اچي ٿي، جاين لاءِ
پٽيون ڪرڙ کان پوءِ دنگ آهن، اهڙيون مضبوط ٻيءَ
ڪنهن به ڪاٺيءَ مان ڪونه ٿين. چونرن، لانڍين ۽
ڇَنن لاءِ کونٽا بلڪل سٺا ٿين. ٿاڌل لاءِ گهوٽا،
ننڍن مَنجن جا اُپرا، دروازن ۽ درين جون ٻانهون،
درن جا گاٽا، آڏيا ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي شيون ٺهن.
*ٻيرِڙِي: جهنگلي ٻيريون سڄي ٿر ۾ عام آهن. اِهي ڀٽن تي ڪونه
ٿين ۽ نرم زمين ۾ به گهٽ ٿينديون آهن، پر ڏهرن جي
سخت زخمين ۾ جام ٿينديون آهن. ڪي ڪي يڪي تڙ سان
ٿين، پر انهن جون به پاسن کان ٽاريون نڪري زمين
سان لڳي بيهنديون آهن نه ته ٻه چار يا وڌيڪ شاخون
ٿي زمين مان نڪرن، جي وڌنديون وينديون آهن. ڪي
شاخون ننڍيون رهجيو وڃن ۽ ڪي وڌي وڏيون ٿين، پر
سڀيئي گڏجي جڳهٽو ٿي بيهن. هرهڪ پن جي ڀرسان ٻه
ڪنڊا، هڪ سنهو ۽ تکي نوڪ سان سڌو ۽ ٻيو ننڍو ۽
وريل ٿيندو آهي. اُن جا پن ڪُٽي ڳَرُ (ڦَٽَ ڦوڪڻو)
جي مٿان ڏبا ته فائدو ٿيندو. هي وڻ اُٺ ۽ ٻڪريون
جام کائينديون آهن.
نومبر ڌاري ٻيرڙين ۾ ٻُور لڳندو آهي، جي اڇي رنگ جا ڦُليا هوندا
آهن، جن مان پهريائين سائي رنگ جا ٻير ٿيندا آهن،
جنهن کي ”ڪَڪِڙيُون“ يا ”آنٻوهِيل“ چون، انهن جو
ذائقو کٽيرو ٿيندو آهي. ان بعد پچندا آهن تڏهين
رنگ ڳاڙهو ٿي پوندو آهي ۽ ذائقو مٺو ٿي پوندو آهي،
انهن کي ”اُگِريل“ ٻير چون. اُهي سنڌي ٻيرن کان
ننڍا ٿيندا آهن.
زالون ۽ ٻار ٽولا ٺاهي جهنگ ۾ وڃي ٻير چونڊي ايندا آهن. ٿورا
ٻير هوندا ته هٿن سان چونڊبا آهن. گهڻا هوندا ته
لٺ سان ٻيرڙيءَ کي سَٽي ڇاڻي پوءِ هيٺ ويهي چونڊي
وٺبا آهن. ائين ڪرڻ سان ڪچا ۽ آنٻوهيل ٻير ۽ پن
به ڇڻي پوندا آهن. پر ماڻهو هڪ هڪ ڪري چونڊڻ جي
هلاکيءَ کان بچڻ لاءِ ائين ڪندا آهن. بعضي ڪي لٺ
سان سٽڻ جي بدران ٿُڙ کي ڌوناڙيندا آهن، ته ڪچا ۽
آنٻوهيل ٻير ڪونه ڪِرندا، پر اُگريل يعني پڪل ٻير
ڇڻي پوند آهن. اهو طريقو چڱو آهي. ڪي ماڻهو ٻيرڙين
جي هيٺان ڪڇڙي جي جهال جهلي پوءِ ڌوپنڌاڙين يا لٺ
سان سٽين ته جهال ڀرجيو پوي، پوءِ ان مان ڪچا ٻير
۽ ڪچرو ڪڍي باقي گڏ ڪن. انهيءَ نموني سان هلاکي
گهٽ ٿيندي آهي.
غريب ماڻهو ٻير چونڊي پاڻ به لائين، ۽ شهرن ۾ ٻين-چئين آني سير
يا پاٽيءَ جي حساب سان وڪڻندا آهن، جنهن مان سندس
ڪجهه گذر ٿيو پوي. سُڪي وڃڻ بعد مال کي کارائين،
ٻڪرين جو ته خاص کاڌو آهي.
ٻيرڙيءَ جي ڪاٺي مضبوط ۽ ڪم جو ڏانو جي ٿيندي آهي. جيتوڻيڪ هن
جا ٿلها بُنڊ ڪونه ٿين، پر تڏهن به ڪاٺي ڪجهه
ٿلهيري ٿيندي آهي، جا پاکڙن، هَنَنَ ۽ جَنڊَن لاءِ
بلڪل ڪارائتي آهي. کٽن جون ايسون ۽ اُپرا ٿين،
جاين جا ڪايا ڪن ۽ ٻين به ڪيترين گهرو شين ٺاهڻ
لاءِ ڪم اچي.
ٻنين ۾ بيٺل ننڍين ٻيرين کي وڍي ٽي ڏينهن کن سُڪائي ڇاڻين ته پن
ڇڻيو پون، باقي ڍنگهر بچن. پنن کي ”پَلو“ چون،
جنهن سان ڪَرهيون ڀري رکندا آهن. پلو گرم آهي
تنهنڪري سياري ۾ اُٺن ۽ ٻڪرين کي کارائين. ڪي
گوارٽي سان گڏجي به کارائين. پَلو جالنگ ٻورن جي
حساب سان ماڻهو وڪڻندا به آهن. ڍنگرن مان گهرن جا
لوڙها ٺاهين، جي بلڪل مضبوط ٿيندا آهن. لوڙهي مان
چور چڪار جي لنگهڻ جو ڪوبه انديشو نه رهندو آهي.
رات جو سمهڻ وقت دروازي تي ڪونڀٽ جو ڏار وڍي ڏيئي
ڇڏين، جو صبح جو اُٿڻ وقت لاهين، هن کي ’کڙاهه“
چون.
* ٿُوهَر: ٿوهر جي وڻ ڀٽن ۽ لاهن تي، ننڍن دڙن ۽ مٿاڇري واري
ڪُنئري زمين تي جام ٿئي. ڏهرن جي سخت زمين ۾ ڪونه
اُڀري، تنهنڪري مهراڻي، ڇاڇري شهر کان اولهه طرف
سڄي تعلقي ۾، مٺي تعلقي جي به اتر-اولهه ۾ جام
ٿئي. اسلام ڪوٽ کان ڏکڻ-اوڀر ۽ ڇاڇري تعلقي جي
اوڀر پاسي سڄي ڪنٺي واري ڀاڱي ۾، جتي وڏا ڏهر ۽
زمين ڪجهه سخت آهي، اتي نالي ماتر به ڪونه ٿئي.
کائڙ ۾ به ڪونه ٿئي، البت ننگرپارڪر جي ڪارونجهر
ٽڪريءَ ۾ ٿيندو آهي.
هن جو ٿڙ هڪ هوندو آهي، مگر زمين سان لاڳو ان مان ٽاريون اهڙيءَ
طرح نڪرنديون آهن، جو چوڌاري زمين جي سنوت ۾
پکڙيون پيون هونديون آهن، ۽ هڪ يڪو گهاٽو مُڇو پيو
لڳندو آهي، ٽاريون روُل جهڙيون ٿلهيون ۽ ڦيڦيون
ٿينديون آهن جن کي ”ڏانڊا“ چئبو آهي. ٽاريون روُل
جهڙيون ٿلهيون ۽ ڦيڦيون ٿينديون آهن جن کي ”ڏانڊا“
چئبو آهي، جن ۾ اندر نرم ڳڀ ۾ اڇو کير ٿيندو آهي
جو دوائن ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو آهي. ٽارين تي ننڍا، پر
تکين چُهنبن سان ڪنڊا ٿيندا آهن. ٽارين جي ڇيڙن تي
ننڍا ڳاڙها گل ٿيندا آهن، جي ٻڪريون چاهه سان
کائينديون آهن. هن ۾ پن تمام ننڍا مائيدار ٿين.
ٿوهر جو ڏانڊو ڪپي برساتي موسم ۾ زمين ۾ هڻي ڇڏبو ته اُڀري وڻ
ٿي ايندو. ڏڪار ۾ جڏهين برسات نه پوندي آهي، تڏهين
ٻيا وڻ سُڪي ويندا آهن، يا ڪومائجي ويندا آهن،
گاهه ته اصل ڪونه ٿئي، ان وقت به ٿوهر سائو ۽
سرسبز ٿيو بيٺو هوندو آهي. ٻڪريون ۽ ڇيلڙا پن ۽ گل
کائي ڍؤ ڪندا آهن.
هن ۾ رڳا ڏنڊا ڏنڊا ٿين، سي به اندر ڦيڦا، جي ڪنهن به ڪم ڪونه
اچن. گهڻن سالن بعد نيٺ وڻ سُڪي اتي ئي ڍير ٿيو
پيو هوندو آهي، جو نيٺ ڀڄي ڀُري ختم ٿي ويندو آهي
۽ وري نوان وڻ اُڀرندا آهن.
ڪي ٿوهر ننڍا ۽ ڪي وڏا ٿيندا آهن، جن جي چوڌاري گهيرو ڪافي
ٿيندو آهي. هي وڻ گرم آهي. سيري جو ڊاڀي ڪرڻ وقت
مسافر ڪنهن مٿاهين هنڌ تي، ڀٽ جي تِڙڪول واري پاسي
ٿوهر جو وڻ ڳولي، ان جي ڀرسان زمين ٻُهاري پاٿاري
ٺاهي سمهي پوندا آهن ته سيءُ گهٽ پوندو آهي. ٿوري
اوڇڻ هوندي به رات گذاري ويندا آهن. هن جا ڏنڊا
ڦيڦا ٿيندا آهن، تنهنڪري سُڪڻ بعد جلد وڏو مَچ ڪري
سڙندا آهن. بعضي سياري جو مسافر سيءُ لاهڻ لاءِ
سُڪل ٿوهر نهاري تِيلي ڏيندا آهن ته هڪدم ڀنڀٽ ٿيو
پوي ۽ چوڌاري ڪافي مفاصلي ۾ سيءَ جو نالو به ڪونه
رهي، سيءُ لاهي وري روانا ٿين.
*موراڙِي: هي وڻ مٿاهين نرم زمين تي ٿيندو آهي. ڏسڻ ۾ مينديءَ
جي ٻُوٽي جهڙو لڳندو آهي. هن جو ٿڙ هڪ نه هوندو
آهي. زمين مان گهڻيون شاخون ٿي نڪرندو آهي. ٽارين
۾ ڪنڊا ٿيندا آهن، پر اهڙا سخت نه آهن. اُن جا پَن
ننڍا ٿيندا آهن. اونهاري جو سُڪو ڍنگهر ٿيو بيٺو
هوندو آهي. مگر وسڪاري جو پَن ڪڍي سائو ٿي پوندو
آهي. ان وقت منجهس ٻُور لڳندو آهي جنهن مان ننڍڙا
اڇا گل ڦُٽي پوندا آهن جن مان ڳاڙها ننڍا پيرون
ٿيندا آهن، جي پکي خاص ڪري بلڪل کائيندا آهن. ان
وقت اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون به کائين.
اُن جون ڪاٺيون سنهيون ٿين جي ڪنهن به ڪم ڪونه اچن. ماڻهن ۾ اهو
ڀرم آهي ته جي موراڙيءَ جي ڪاٺي رڌ پچاءُ لاءِ
چُلهه ۾ ٻاربي ته نڀاڳ جي نشاني آهي، تنهنڪري ٻارڻ
جي ڪم ڪونه آڻين.
آليون موراڙيون ڪچي، ڍنگهرن جو سَٿو ڪري، مٿان ٿلهو ڪاٺ يا ڪو
بار ڏيو ڇڏين جنهن کي ”ڏُپوئِڻَ“ چون. چئن-پنجن
ڏينهن بعد اهي ڍنگهر آڻي گهرن جي چوڌاري گهاٽا
کوڙي لوڙهو ٺاهين ۽ ننڍن گابن لاءِ واڙوٽيا ٺاهين.
* ٻائورِي: هي وڻ ٻٻر جي جنس مان آهي. اُن جا پن به ٻٻر جهڙا
ٿين ۽ ٽارين تي ڊگها نوڪدار ۽ تکا ڪنڊا، جن کي
سورُون چون، سي به هوبهو ٻٻر جي ڪنڊن جهڙا ٿين. هي
وڻ مٿاهين نرم زمين ۾ اُڀري، ڏُهرن واري ڏاڍي زمين
۾ اصل ڪونه ٿئي. هن جو ٿڙ هڪ نه ٿيندو آهي، پر
ساڳئي هنڌ گهڻيون شاخون ٿي زمين مان نڪرن، جي
پندرهن فوٽن تائين ڊگهيون ٿينديون آهن ۽ سنهيون
سنهيون ٽاريون ڪڍي هڪ مزيدار جهڳٽو ٺاهي بيهن. اُن
جي ڪاٺي ٻٻر جهڙي ڳاڙهسري ڪاري ٿئي. اُن جو ٻُور
به ٻٻر جي پيلين ڦُلڙين وانگر ٿيندو آهي. اُن جا
پن هرڻ، ٻڪريون ۽ اُٺ کائيندا آهن، ڪاٺ ٿلهو ڪونه
ٿئي پر سنهيون ڊگهيون ٿڙيون ٿين، جي سُڪڻ بعد ڇَنن
۽ چَونرن ۾ ڪايا ڪري ڪم آڻين. اُن جي سُڪل ڊگهي
تڙيءَ جي هڪ ڇيڙي ۾ لوهه جي وريل ڏاٽي قابو ڪري،
ڊگهن ڪَنَڊن جي ٽارين جي ڇيڙن ۾ جي سکريون ٿينديون
آهن (جن تائين ڪنڊي تي چڙهيل ماڻهو به پهچي نه
سگهي)، سي لاهبيون آهن. ڌنار ماڻهو ڪونڀتن جا چپڙا
به اُن ڏاٽيءَ سان لاهيندا آهن. ڏڪار وقت سڀ ڪنهن
مالدار وٽ پنهنجي ڏاٽِي تيار ٿيل هوندي آهي.
ڪي وري اها تَڙِي هيٺان پاڙ وٽان ٻيڙهانگي ڪپيندا آهن، پوءِ هڪ
پيڙو ننڍو ڪري آنڪوڙو ٺاهيندا آهن، يا لسي تڙي
هوندي ته هٿراڌو ڪاٺي ٽڪر تيار ڪري، هڪ ڇيڙي ۾
قابو ڪري آنڪوڙو ٺاهيندا آهن. پوءِ اُن سان ڪنڊن
مان سڱريون ۽ ڪونڀٽن مان چپڙا لاهيندا آهن.
ٻائوريءَ جون پاڙون ڪڍي ان مان ولوڙڻ لاءِ جهيڙڻا ٺاهيندا آهن.
ڪولهي ماڻهن جو اهو خاص ڌنڌو هوندو آهي، جي جهيرڻا
تيار ڪري ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڪڻند آهن. سنڌي ماڻهو شوق
ڪري ٿر جا جهيرڻا گهرائيندا آهن، تنهنڪري سوکڙي
طور يا وڪري لاءِ سنڌ ڏي کڻي ويندا آهن.
جڏهين واهوندا ورندا آهن، تڏهين ٻائورين ۾ کنؤر ٿيندو آهي، جو
ڪونڀٽ جي کنؤر کان وڌيڪ قيمتي آهي. ڪيترا ماڻهو ۽
خاص ڪري ٻار اهو چونڊي شهرن ۾ وڪڻندا آهن.
* گانگهيٽِي: هي ٿر جي ڀٽن جي چوٽين، سلامي وارن لاهن، ننڍن دڙن
۽ مٿاهن هنڌن تي ايڪڙ ٻيڪڙ ٿئي پر پارڪر ۾
ڪارونجهر ٽڪريءَ تي جام ٿئي. ڏهرن جي سنئين زمين ۾
اصل ڪونه اُڀري. سنڌي اُن کي ڳاڱيون چون. ڊيگهه
ڏهاڪو کن فوٽ ٿئي. هن جو ٿڙ يڪو نه هوندو آهي مگر
زمين مان شاخون ٿي نڪرندو آهي، جي گڏجي جهڳٽو ٿي
بيهنديون آهن. اونهاري جو منجهس پن ورلي هوندا
آهن. برسات پوڻ تي سرسبز سائو ٿي پوندو آهي.
پهريائين منجهس اڇا ننڍا گل ٿيندا آهن جن ۾ پوءِ
ڦَل ٿئي جو سائي رنگ جو هوندو آهي، ان کي
”گانگهيٽا“ چون، ۽ سنڌيءَ ۾ ”ڳاڱا“ چون. هي ننڍا
چيڻوٺي جيڏا ٿين، پچڻ بعد اهي ڳاڙهي رنگ جا ٿين.
منجهن ڪو خاص سواد ڪونه آهي، لعابدار ۽ ڦڪا ٿين،
پر تنهن هوندي به ٿري ٻار گانگهيٽا چونڊي وڏي شوق
سان کائيندا آهن.
هن جون ڪاٺيون ٿلهيون ڪونه ٿين، پر ڪامون ٿينديون آهن، جي سخت
هونديون آهن، جن ۾ سنهيون سنهيون ٽاريون ۽ پن ٿين.
سنئيون ڪامون سُڪائي، ڇوڏا لاهي، ڪپهه سَٽڻ جي ڪم
آڻبيون آهن. ڍنگهر وڍي ڏُپَ ڏيئي سُڪائي گهرن جي
لوڙهن لاءِ ڪم آڻبا آهن. هي جڏهين سائو هوندو آهي،
تڏهين اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون کائينديون آهن.
*گُگِراڻ: هي ڀِٽن جي مٿان ۽ پاسن وارن لاهن جي اڌ کڙن، ڏورڙن ۽
مٿاهن هنڌن جي وارياسي زمين ۾ ٿئي. ڏهرن جي سنئين
۽ سخت زمين ۾ اصل ڪونه ٿئي. هونءَ ته سڄي ٿر ۾ عام
آهي، پر خاص ڪري ڏيپلي تعلقي، ڪنٺي ۽ ڪارونجهر
ٽڪريءَ ۾ جام اُڀري، اُن جي ڊيگهه اٺ فوٽ کن ٿئي.
اُن جو ٿڙ ۽ ٽاريون ڏنگيون ڦڏيون هونديون آهن. ٽارين ۾ اڇي رنگ
جا ڪَنڊا ٿيندا آهن، جي اهڙا خطرناڪ ڪونه ٿين. ٿڙ
۽ ٽاريون لسيون ۽ رَس سان ڀريل ٿين. چوڌاري ڇوڏي
جي بدران بصر جي پردن جهڙا اڇا تَهه ٿيندا آهن.
اهي لاهبا ته هيٺيان ساوا تهه ڏسڻ ۾ ايندا. برساتي
موسم ۾ اُن جي ٽاري وڍي ڪنهن به هنڌ آلي زمين ۾
کوڙبي ته اُڀري پوندي آهي. وسڪاري ۾ هي سائو ٿيندو
آهي. منجهس پن ۽ ننڍا گل ٿيندا، جن مان ٻج ٿئي جي
ننڍا چپڙا گول ٿين، انهن کي تري ”گُگِريا“ چون.
اهي گهوٽي اَٽي سان گڏي لُپري ٺاهي ڦَٽن تي ڏيندا
آهن. هن کي اُٺ ۽ ٻڪريون کائينديون آهن.
واهوندا ورندا ته اُن جي ٿڙ ۽ ٽارين مان رس نڪرندي آهي، جا ٻاهر
گڏ ٿي ڳنڍا ڳنڍا ٿي پوندي آهي، ان کي ”گُگرَ“ چون.
ننڍا ٻار، ڌنار، ٻڪرار، ڀيل ۽ ڪولهي ماڻهو اهو گگر
چونڊي گڏ ڪري وڪڻندا آهن، جنهن مان چڱو اُپراسو
ٿيندو آهي. ڪي مڻهو گگراڻ جي ٿڙ ۽ ٽارين کي
ڪهاڙيءَ سان ڌڪ هڻي وَڍ وَڍ ڪري ڇڏيندا آهن ته
اتان رس نڪري ايندي آهي جا ڳنڍا ٿي پوندي آهي.
پنجن- ستن ڏينهن کان پوءِ وڃي اهي ڳنڍا لاهي
آڻيندا آهن. اهڙيءَ طرح سال بسال سوين مڻ گگر ٻاهر
موڪليو ويندو آهي.
گُگراڻ جي ڪاٺي ڏنگي ڦڏي، نرم ۽ ڦيڦي ٿئي. وڻ به ننڍي هئڻ ڪري
خاص ڪنهن ڪم ڪونه اچي، تنهنڪري بعضي سڪل ڪاٺيون
ٻارڻ جي ڪم اچن. هن جي ٿلهيري ڪاٺيءَ مان اَن ماڇڻ
جون چوٿايون ٺهن. ماڻهو اڪثر ولوڙڻ لاءِ هن جي آلي
ڪاٺي کوڙيندا آهن، جنهن کي ”نيهڙي“ چون. ٿر جي
زالن ۾ اهو ويساهه آهي ته گگراڻ جي نيهڙي هوندي ته
مکڻ گهڻو لهندو.
گگر دوا طور به ڪم ايندو آهي. پاسيرين يا ڇاتيءَ ۾ سُر هجي ته
ڪوري اڇي ڪاغذ جون چورس چُٽِڪيون ڪتري گگر ڳاري
انهن تي ليپ ڪري سور واري هنڌ چنبڙائي ڇڏين ته ترت
فائدو ٿيو پوي.
* اَرڻي: هي ٿر جي ڀٽن ۾ ان جي لاهن تي ٿئي. ڏهرن ۽ هيٺاهينءَ
زمين ۾ ڪونه اُڀري. پارڪر ۾ گهڻي ٿيندي آهي. هن جو
ٿڙيڪو يا ٿلهو ڪونه ٿئي. پر زمين مان شاخون نڪرن
جي گڏجي جهڳٽي وانگر ٿي بيهن. ڪامون سنئيون ٿين،
جي اندران پوريون هونديون آهن. فقط اڇي ڳردار شئي
اندر هوندي آهي جا لوهه جي سنهي شيخ سان گهوڪو
ڏيئي ڪڍي ڇڏبي آهي. ۽ ان مان حقي جون نئيون ۽ مير
ٺاهيندا آهن. ٿر ۾ مينگهواڙ سوٽي ۽ اوني ڪپڙا تيار
ڪندا آهن، انهن کي وڻڪر چئبو آهي. وَڻڪر، ارڻيءَ
جيڪامن مان چار- چار انچ کن ننڍا ٽُڪر ڪپيندا آهن،
جن کي ”نَريُون“ چون. اُهي ائٽ جي ٽَڪَ ۾ اٽڪائي
مٿان ڌاڳو ويڙهي پوءِ اُن کي اُٺ ۽ ٻڪريون
کائينديون آهن. |