تنهنڪري ٿري ماڻهو پنهنجا ڳوٺ اڪثر ڀت جي تڙڪول ۾ ٻڌندا آهن ۽
مال جا وٿاڻ، خاص ڪري ٻڪرين جا واڙا به اتي
ٺاهيندا آهن. ٿر ۾ سياري جي رات جو مسافري ڪندڙ
ماڻهن کي جي ڊاٻو ڪرڻو هوندو ته تڙڪول ۾ ڪندا آهن،
ڇو ته اُتي سيءُ گهٽ هوندو آهي.
گوڇارِ: تڙڪول جي آمهون سامهون وارو پاسو، جتي سياري جو اُتر جي
ٿڌي هوا سڌي ايندي آهي، جنهنڪري سيءُ جام پوندو
آهي. البت شام جو وري سج لهڻ مهل اُتي اُس هوندي
آهي.
ٻُڪڙ: ڀٽ جي مُهڙ واري يا اڳئين پاسي جي ٻيءَ ڀٽ يا دڙو اچي
گڏجي ته اُتي ڪنڊ واري هيٺاهين لاهه واري ڀاڱي کي
”ٻڪڙ“ چوندا آهن.
پوڇانڊو: ڀٽ جو ٻيو پاسو، جو آهستي آهستي هيٺاهون ٿيندو وڃي ختم
ٿيندو آهي. تنهن کي پيڙي وارو پاسو يعني ”پوڇانڊو“
چئبو آهي. ڪن ڀٽن کي ڪونه ٿئي ۽ ٻنهي پاسي
”پوڇانڊا“ هوندا آهن.
ٽونڪ: ڪن ڀٽن جو مٿاڇرو سڌو هوندو آهي، پر ڪن ڀٽن ۾ ڪنهن هنڌ
مٿاڇرو بلڪل مٿي چوٽي ڪڍيل هوندو آهي، انهيءَ
ڇوٽيءَ کي چون ’ٽؤنڪ‘.
مُڇه: ڪنهن به ڀٽ جي ڇيڙي وارو هنڌ، جو ٻڪڙ واري پاسي هجي ۽
جنهن جي اوچائي يڪدم ختم ٿيل هجي.
ڳارو: ڀٽ جو اهو هنڌ، جتان پاڻيءَ جي وهڪري سبب واري ڳري وهڪري
جو نشان (رستو) ٺاهيو ڇڏي، جتان پوءِ ماڻهو ۽ مال
لنگهي سگهن.
نوڻَ: ٻن ڀٽن جي وچ ۾ ڊُسڙ واري زمين جو ٽڪر، جتان ماڻهن ۽ مال
جو لنگهه هجي.
پاساڙو: ڀٽ يا دڙي جي پاسي کي پاساڙو (مونث پاساڙي) چون.
ناڪو: ڀٽ جي وچ ۾ هيٺاهون هنڌ، جتان ماڻهو ۽ وهٽ لنگهي سگهن.
مَگرو: ڪجهه ويڪري مٿاهين مٿاڇري سان زمين جو ٽڪر. (هن کي
”مورو“ به چون.)
دُٻو: ڀٽن جي وچ ۾ مٿاهينءَ زمين جو ٽڪرو، جنهن جو مٿاڇرو ڪجهه
سڌو هجي ۽ وقتي ڪجهه برساتي پاڻي به بيهي. اهڙي
هنڌ کي ”دُٻو“ چئبو آهي.
پاج: ڪن ڀٽن تي سامهون سڌائيءَ ۾ چڙهي نه سگهبو آهي، تنهنڪري
ڪنهن سهولت واري هنڌان ٿورو آڏي سلامي تي مٿي چڙهڻ
لاءِ واٽ ٺاهبي آهي، تنهن کي ’پاج‘ چئبو آهي.
لينجهه: ڀٽ جي ڪنهن هيٺاهين هنڌ تان ماڻهن ۽ مال جي لنگهه لاءِ
ڪو رستو هجي ته اهڙي هنڌ کي ’لينجهه‘ چئبو آهي.
ڏَرڙَ: سخت برسات پوڻ ڪري ڀٽن ۽ مٿاهينءَ زمين تان پاڻي گڏ ٿي
هيٺاهينءَ زمين ڏي وهندو آهي. تڏهين ڪٿي ڪٿي زمين
کي ڦاڙي گهارا وجهي ڇڏيندو آهي. انهن گهارن کي
’ڏرڙ‘ چئبو آهي.
گاٺوڙَ: ڀٽ جي مٿاڇري تي ڪو هيٺاهون هنڌ، جتان ماڻهو ۽ مال
لنگهي سگهن ۽ مٿس ڪو وڻ ٻوٽو نه هجي ۽ پري کان ئي
صفا ڏسڻ ۾ ايندو هجي.
لانجهو: ڀٽ جو هيٺاهون هنڌ، جتان لنگهڻ لاءِ واٽ هجي.
ڏهر
ٿر آهي وارياسو ملڪ، جتي واريءَ جون ڀٽون به آهن ته ڪٿي ڪٿي ڀٽن
جي وچ ۾ سنئين زمين به آهي، جا ڪٿي نرم ته ڪٿي سخت
آهي. ڪٿي ٿوري مفاصلي ۾ ۽ ڪٿي گهڻي مفاصلي ۾. جتي
گهڻي مفاصلي ۾ سنئين زمين آهي، ان کي ”ڏهر“ چئبو
آهي، اتي چراگاهه ۽ آباديءَ لاءِ ٻنيون هونديون
آهن. اهڙا ڏهر ننڍا وڏا گهڻائي آهن. خاص ڪري ڪنٺي
۽ ڍاٽ ۾ بلڪل گهڻا ۽ وڏا ڏهر آهن، ساروٽي ۾ گهٽ،
کائڙ، مهراڻي ۽ ونگي ۾ ڪونه آهن. ڪن جو مختصر
احوال ڏجي ٿو.
ڏاڪي ڏهر: هن نالي سان ٽي ڏهر آهن: ڏاڪي معنيٰ وڏو، يعني وڏو
ڏهر.
1- ڳوٺ ڪيتار جي ڏکڻ اولهه ۽ مٺا تڙ جي اتر طرف.
2- سلهه ڳوٺ جي اولهه طرف ۽ اَڪليون ڳوٺ جي اوڀر طرف.
3- چاَرنور ڳوٺ جي اولهه پاسي.
ڇڇي جو ڏهر: تاجي جي تڙ جي اولهه طرف، قابل شاهه جي اڀرندي طرف،
ڪرنهور ٿيٻا ۽ سنگراسين جي ڳوٺ جي وچ ۾ آهي.
وَڇيري جو ڏهر: مصري شاهه جي اولهه طرف، جانب علي شاهه کان
اڀرندي ۽ ڀڳيسل ڳوٺ کان ڏکڻ طرف آهي.
هيڪل ڪوري ڏهر: ڌاريندڙي کان اولهه طرف، مينگهي جي تڙ کان اوڀر
۽ رَڙلي ڳوٺ جي ڏکڻ-اوڀر آهي.
ميڻڇو ڏهر: ڌانڌوءَ جي تڙ جي اولهه، وَڪڙئي ڳوٺ جي ڏکڻ ۽ جهرڪلي
ڀٽ کان اوڀر طرف آهي.
ڍوڪاري ڏهر: چارنور جي ڏکڻ ۽ ٻڍي جي تڙ جي اوڀر طرف آهي.
لاٺي جو ڏهر: چارنور جي ڏکڻ ۽ ٻڍي جي تڙ جي اوڀر طرف آهي.
بي جو ڏهر: گوراڙي ڳوٺ جي اولهه، ۽ مصري شاهه جي اُتر طرف آهي.
ڏسارو ڏهر: ڳوٺ رَٻاسر جي ڏکڻ ۽ کڏيءَ جي اتر طرف آهي.
پوسرڪي جو ڏهر: ڳوٺ پوسرڪي ۽ ڳوٺ روهيڙي جي وچ ۾ آهي.
وي جو ڏهر: ڪانڪهئي جي اولهه راجوڙي جي اوڀر ۽ ڪرنهور جي اتر
طرف آهي.
ڀڪوئي جو ڏهر: ڳوٺ ڀڪوئي ۽ عالم سر جي وچ ۾ آهي.
ٽانپي جو ڏهر: مٺا تڙ جي اولهه ۽ سوڀي جي تڙ جي اوڀر طرف آهي.
ڇهو ڏهر: ڇاڇري جي اوڀر طرف، پريمي جي ويريءَ جي ڀرسان آهي.
گُگهوڙو ڏهر: ڳوٺ هريار جي اتر طرف ۽ آسار جي ڏکڻ طرف آهي.
تالسر جو ڏهر: تالسر ڳوٺ جي ڀرسان آهي.
سينهار جو ڏهر: ڳوٺ سينهار تعلقي مٺي جي ڀرسان آهي.
سجائي جو ڏهر: ڏيپلي تعلقي ۾ سجائي ڳوٺ وٽ مشهور ڏهر آهي.
چوڻهار جو ڏهر: چوڻهار ڳوٺ وٽ آهي.
گانگاڻ جو ڏهر: مينهي جي تڙ جي اوڀر طرف ۽ صالح جي تڙ جي اُتر
طرف آهي.
روهج جو ڏهر: ڳوٺ روهج تعلقي ننگرپارڪر جي ڀرسان آهي.
گئوچر ڏهر: وَڪڙئي ڳوٺ کان ڏکڻ، کارو وليءَ کان الهندي، جيئندي
جي تڙ کان اوڀر، دوٻهاري ۽ حجامن جي تڙ جي ڏکڻ-
اولهندي ۾ مشهور ڏهر آهي.
ميهوُئر جو ڏهر: ڳوٺ نهٽي کان اوڀر طرف ٻن ميلن جي پنڌ تي آهي.
روهلي ڏهر: مينگهي جي تڙ کان اڀرندي، پيلوءَ جي تڙ کان اُتر ۽
روهج جي ڏکڻ ۾ آهي.
نمن وارو ڏهر: ڀوڄاٻو کان اوڀر، روهج کان الهندي ۽ تڳوسر کان
ڏکڻ طرف آهي.
دانڌوڏهر: جيئندي جي تڙ کان اوڀر، وڪڙئي کان ڏکڻ، حجامن جي تڙ
کان اولهه ۽ وليءَ جي تڙ کان اتر طرف آهي.
موڏو دڙو ڏهر: ڳوٺ ورنهاريو کان اڀرندي ۽ دوٻهاري کان الهندي
طرف آهي.
ماکنيو ڏهر: ڳوٺ جانب علي شاهه کان اڀرندي، کائوڙين کان اتر ۽
مصري شاهه کان الهندي طرف آهي.
بسيائو ڏهر: ڳوٺ بهراڻو تعلقي ننگرپارڪر جي اتر طرف آهي.
جيسار جو ڏهر: ڳوٺ مهلاڻو جي اتر طرف آهي.
روهلي ڏهر: پيلوءَ جي تڙ جي اتر طرف ۽ روهج ڳوٺ جي الهندي طرف
آهي. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا ڏهر
آهن.
زمين جي ٽڪرن جا نالا
ٿر جي زمين جا طبعي حالتن جي ڪري مختلف نمونا آهن. انهن مان
هرهڪ جو ڪونه ڪو نالو رکيل آهي، جن بابت مختصر
احوال هيٺ ڌجي ٿو:
ڏهر: ٿر ۾ ڪٿي ڪٿي ڀٽون هڪٻئي کي ويجهيون آهن ۽ ڪٿي ڪٿي وري ڳچ
مفاصلو آهي ۽ وچ واري زمين جدا جدا نمونن جي هوندي
آهي، تنهنڪري هرهڪ نموني لاءِ جدا جدا نالا ٺهرايل
آهن. ڀٽن جي وچ ۾ ڏاڍيري زمين وارو وڏو ڪشادو
ميدان، جو پوک لائق يا ڳوٺ ٻڌڻ لائق ۽ مال جو
چراگاهه هجي، تنهن کي ’ڏهر‘ چئبو آهي.
ڏهري: ڀٽن جي وچ ۾ ٿورو زمين ٽڪر، جو ڪجهه سخت زمين وارو هجي
تنهن کي ’ڏهري‘ چئبو آهي.
تَلي: ڀٽن جي وچ ۾ اونهو ۽ هيٺانهون سخت زمين وارو ڀاڱو، جتي
برسات جو پاڻي سڀني پاسن کان لهي اچي ڪٺو ٿئي.
انهي تري واري يا هيٺاهين زمين کي ’تلي‘ چئبو آهي.
ڪن تلين ۾ پوک ڪندا آهن، ڪن ۾ مال لاءِ چراگاهه
هوندو آهي. اتي سخت زمين ۾ گاهه خاص ڪري چيهو جام
ٿيندو آهي.
منهنجو تُور ’تلين‘ ۾ ’چيها‘ ٿو چاري.
(لطيف)
مڙهو: جيڪڏهن ٻن ڀٽن جي وچ ۾ گهڻو مفاصلو نه هوندو آهي ۽ زمين
به ڪجهه وارياسي هوندي آهي ته اهڙي ٿوري وارياسي
سوڙهي زمين واري ٽڪر کي ’مڙهو‘ چوندا آهن.
مندَرَ: جيڪڏهن ٻه ڀٽون ڪنهن ڪنڊ تي پاڻ ۾ گڏيل هونديون ته انهي
گڏيل هنڌ جي ويجهو هيٺاهينءَ زمين جي پاڻي کي
’مندر‘ چئبو آهي.
ڊاڳو: مڙهن ۾ اڪثر زمين ڪنئري ٿئي ٿي، پر ته به پنڌ ڪرڻ ۾ ڪا
تڪيلف نٿي ٿئي. مگر ڪن ڪن هنڌن تي واري اهڙي ته
نرم ٿئي ٿي جو هلڻ وقت ماڻهوءَ يا وهٽ جو پير ڪجهه
اندر هليو ويندو آهي ۽ وک کڻڻ مشڪل ٿيو پوي، اهڙي
نرم زمين کي گيسر، گُس، يا ڪيئُو چئبو آهي ۽ زمين
جي اُنهي ٽڪري کي ’ڊاڳو‘ چئبو آهي.
جهول: ڪٿي ڪٿي ڏهرن جي سنئين زمين ۾ گهاٽا وڻ ۽ ٻوٽا هوندا آهن،
اهڙي زمين ٽڪر کي ’جهول‘ چئبو آهي.
اَجهور: ڳوٺ جي چوڌاري ويجهڙائيءَ وار پسگردائيءَ جي زمين کي
’اجهور‘ چئبو آهي.
ويئرَ: ننڍي مڙهي کي ’ويئر‘ چئبو آهي.
گسَ: وارياسي زمين، جتان ماڻهو يا وهٽ جي لنگهڻ ڪري پير زمين
اندر هليو وڃي، اهڙي ڪنئري زمين کي ’ريڪر‘ يا
’ڪيئو‘ به چوندا آهن.
ريلَ: ڳوٺن جي ڀرسان زمين جو سنئون ٽڪر، جتي ٻار رانديون ڪندا
آهن.
گوچَر: ڳوٺ جي ويجهرائيءَ ۾ اهڙو زمين جو ٽڪر، جو فقط مال جي
چراگاهه لاءِ ڇڏيل هجي ۽ جنهن ۾ پوک ڪرڻ تي خانگي
طرح ڳوٺ جي ماڻهن جي ٻڌي سبب يا سرڪاري طرح بندش
پيل هجي، اهڙي ٽڪر کي ’گوچر‘ يا ’گئوچر‘ چئبو آهي.
ٻنين جا نالا
ڪا ٻني ڪنهن ڀٽ جي ٻُڪڙ ۾ هوندي ته ان کي ”ٻُڪڙ واري“ چون. اڃا
به وڌيڪ سڃاڻپ لاءِ اها ٻني جنهن ماڻهوءَ جي کاتي
هجي، ان جو به نالو ڳنڍين. جيئن ته يوسف واري
ٻُڪڙ، الهڏني جي ٻُڪڙ، راوتي جي ٻُڪڙ، مهراڻ جي
ٻُڪڙ وغيره.
جي ڪنهن ٻنيءَ ۾ ڪووڏو ڪنڊو، روهيڙو يا ڄار جو وڻ هجي ته ان کي
ڪنڊي واري، کيجڙ واري، (ڪنڊي کي ٿري ماڻهو کيجڙ به
چون)، روهڙي واري يا ڄار واري چون ۽ وڌيڪ سڃاڻپ
لاءِ جنهن ماڻهوءَ جي کاتي هجي، ان مالڪ جو نالو
به گڏين.
جي ڪنهن ٻنيءَ ۾ گهڻا روهيڙا يا گهڻا ڪنڊا هجن، ته ان کي
روهيڙارو يا کيجڙارو يا ڪنڊن وارو چون ۽ مالڪ جو
نالو به گڏين، جيئن عثمان وارو روهيڙارو، عبدالله
وارو ڪنڊن وارو يا سونجيءَ جو کيجڙارو وغيره.
جي ڪنهن ٻنيءَ ۾ ڦوڳ يا ڊڀ گهڻا هجن ته ان کي ڦوڳارو ۽ ڊاڀي
وغيره چون. جي اَڪ گهڻا هجن ته چون اَڪاريو وغيره.
جي ڪا ٻني مٿاهينءَ تي هجي ته ان کي مٿاري واري، وچ ۾ هيٺ هجي
ته انکي ”دُٻو“ چون. جي ٻنيءَ جي زمين سنئين ۽ سخت
هجي ته ان کي ڪاٺي يا ڪاٺو چون، ۽ پوءِ مالڪ جو
نالو گڏي چون، همير جي ڪاٺي، رڻمل جي ڪاٺي، يوسف
جو ڪاٺو، وغيره.
جي ڪنهن ٻنيءَ ۾ مڱ گهڻا ٿيندا هجن يا ڪنهن سال گهڻا ٿيا هئا ته
ان کي ”مونگاريو“ چون. ڪنهن ٻنيءَ ۾ پاڻيءَ لاءِ
ٽوڀو کنيل هجي ته ان کي ”ٽوڀاريو“ چون. ڪٿي ٿوهر
گهڻا هجن ته ٿوهرن وارو چون. ڪٿي ڪٿي پکين جي ڪري
به ٻنين تي نالا پئجيو وڃن. مثلاً هڪ ٻنيءَ ۾ ڪنهن
سال فصل پچڻ تي ٻوگهريو پکي ايترو ته اچي ويو جو
فصل جو ڳچ حصو کائي ويو. ان تان ٻنيءَ تي
”ٻوگهريالو“ پئجي ويو.
ڪي ٻنيون اهڙيون آهن، جن جي زمين سخت هوندي آهي. گهڻي برسات پوڻ
سبب يا ڪنهن ٻنين ۾ ويريون (تانگها کوهه) آهن،
انهن جي پاڻيءَ تي زمين کي رِجائي، ٻه ٽي هر ڏيئي،
نرم ڪري، موري، پالڪ، واڱڻ، بصر، ڌاڻا، ميٿي،
ٽماٽا وغيره پوکجڻ يا اڳ ڪڏهن پوکيا ويا هئا. انهي
فصل پوکڻ کي ٿر ۾ ”واڙي“ چون. انهيءَ تان ٻنيءَ تي
به نالو پئجي ويندو آهي. اهڙي ٻنيءَ کي پوءِ
”واڙي“ چوندا آهن.
ڪٿي ڪٿي ڀٽن ۽ دڙن جي وچ ۾ ڪو هيٺاهون سخت زمين جو ٽڪر.
گولائيءَ جي نموني آبادي لائق هجي ته ان کي ”ٽپري“
چون (’ٽپري‘ لوهه جي ٺهيل هوندي آهي، جا مالدار
ماڻهو گيهه ڀرڻ لاءِ ۽ واپاري دڪان تي ڪم آڻيندا
آهن).
ٿر جي واري
ڀٽن تي زمين ڪنئري ۽ ڀٽن جي وچ ۾ گيسڙ يعني نرم هوندي آهي. هلڻ
سان منجهس پير هليو ويندو. ڪٿي ڪٿي مٿو ٻڌي يعني
ڪجهه سخت واريءَ جو رنگ ميرانجهڙو ڳاڙهسرو ۽ اڇو
هوندو آهي. ڪٿي ڪٿي هيٺ ڏهرن ۾ سخت زمين هوندي
آهي، جنهن کي پٽڪولو، تلسرَ يا پوٺو چون. اتي واري
اڇي ۽ ميرانجهڙي رنگ جي هوندي آهي، ڳوٺن جي ڀرسان،
جتي وڻ ۽ ٻوٽا نه هوندا آهن، اتي ننڍن دڙن تي بلڪل
سفيد واري هوندي آهي جن کي ريٽ چئبو آهي. ڪٿي ڪٿي
ڪجهه نرم زمين هوندي آهي، اتي پٿرن جي ڀور جهڙا
ڳاڙها ۽ اڇا زرڙا هوندا آهن، جي بلڪل لسا ٿيندا
آهن، ان کي رائو چون، جي موتين وانگر پيا چلڪندا
آهن. بقول شاعر ’فدا‘:
تنهنجي واريءَ جا ذرا موتي بحال،
ريـــٽ تنهنجا سنگ مرمر جي مثال.
شهرن ۽ ڳوٺن جي چوڌاري پوٺن واري سنئين زمين ۾ سنهي ڪڪري به
هوندي آهي. ڪٿي ڪٿي پٿرائين زمين به آهي، جنهن مان
عمارتن جي ڏانءُ جو پٿر ڪڍندا آهن. واري سياري جو
ٺري به جلد ته اونهاري جو تپي به جلد. اونهاري جو
پيرين اگهاڙو هلي ڪونه سگهبو. ڳوٺن جي ڀرسان اڇي
واريءَ جا دڙا ٿيندا آهن. رات جي وقت اها واري
اهڙي ٺريل هوندي آهي، جو مٿس هلڻ، ويهڻ ۽ سمهڻ ۾
فرحت پيئي ايندي آهي، تڏهن ته ’مارئي‘ چيو آهي ته:
ٿڌا ريٽ ريليون، هينئين ۾ هُرن.
(مل محمود)
ٿري ماڻهو رات جو مسافري ڪندي جڏهن ٿڪجي پوندا آهن، تڏهن ڪنهن
دڙي يا ڀٽ تي واريءَ جو ريٽ ڳولي سمهي پوندا آهن
ته يڪدم فرحتي ننڊ اچي ويندي اٿن ۽ ٿڪاوٽ لهيو
وڃين. ان بعد وري پنڌ پوندا آهن.
پيرين اگهارو گهمڻ
اها حقيقت آهي ته ٿر جا عام ماڻهو گهڻو ڪري پيرين اُگهاڙا
گهمندا آهن، جنهن کي ’اُڀراڻو‘ چون. جهنگ ۾ هاري،
ڌنار، ٻڪرار ته گهڻو وقت پيرين اگهاڙا گهمندا آهن.
جُتي هوندي ته به پنڌ ڪرڻ يا مال سان جهنگ ۾ وڃڻ
مهل، ٻيئي پادر هٿ ۾ هوندا يا ڪپڙي ۾ وجهي ڪلهي تي
کڻي هلندا. فقط اونهاري جو، جڏهن اُس ٿيندي آهي ۽
زمين تتل هوندي آهي ۽ پير ساڙيندي آهي، تڏهن جُتي
پائيندا آهن. گهرن ۽ ڳوٺن ۾ اڪثر پيرين اگهاڙا
گهمندا آهن، ان جا گهڻائي سبب آهن.
(1) ٿر جي زمين سخت نه آهي، پر وارياسي هئڻ سبب نرم آهي. شام
جو پنجين بجي کان وٺي صبح جو ڏهين يارهين بجي
تائين ٿڌي هوندي آهي. ان مهل پيرين اگهاڙو گهمڻ
ڪري پيرن کي ٿڌڪار محسوس ٿيندي آهي، جنهنڪري دل کي
فرحت پئي ايندي آهي. انهيءَ ٿڌڪار جو اثر
تندرستيءَ لاءِ فائدي وارو آهي.
(2) زمين ڪُنئري هئڻ سبب جُتيءَ سان پير واريءَ ۾ اندر هليو
ويندو آهي، جنهنڪري پير کڻڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي. ٿر
۾ سنڌي جُتي ۽ موجن جو عام رواج آهي، جن جي اندر
واري پئجي ويندي آهي، جا ڪجهه پنڌ ڪرڻ بعد جُتي
لاهي ڇنڊي ڪڍڻي پوندي آهي نه ته هلڻ ۾ تڪليف ٿيندي
آهي. انهيءَ ڪري جُتي سان هلڻ ۾، پيرين اگهاڙو هلڻ
کان وڌيڪ تڪليف آهي. جُتيءَ سان ماڻهو تڪڙو پنڌ
ڪري نه سگهندو، ’اُڀرڻو‘ ماڻهو تڪڙو ويندو.
(3) ٿر جو عوام اڪثر غريب آهي، جُتيون مهانگيون آهن، جنهنڪري
ڪيترن کي جُتي وٺڻ جيترا پئسا به ڪونه هوندا آهن،
انڪري ڪفايت به آهي.
(4) سنڌ جي زمين مٽي واري آهي جا رستن تي تمام سنهي ميدي جهڙي
ٿي پوندي آهي. جُتي پائي هلڻ سان پيرن کي دز چنبڙي
پوندي آهي. اها جيڪڏهن ڪپڙي سان ڇنڊي لاهبي ته
ڪانه لهندي. مگر ٿر جي واري داڻا داڻا آهي، جا
پيرن کي چنبڙي نه پوندي آهي. پر جي ڪو ايڪڙ- ٻيڪڙ
داڻو چنبڙيو ته ڪپڙي هڻڻ يا هٿ سان به يڪدم لهي
ويندو آهي.
(5) رات جو يا ٿڌ جي پهر ۾ جُتي پائي هلڻ ڪري پير گرم ٿيندا
آهن ۽ ماڻهو جلد ئي ٿڪجي پوندو آهي. پر پيرين
اگهاڙو هلڻ ڪري واريءَ جي ٿڌڪار سبب فرحت پيئي
ايندي ۽ ماڻهو ڪيترو به پنڌ ڪندو ته ٿڪ محسوس نه
ٿيندو. اڪثر ڪري ٿر ۾ واٽ ويندڙ ماڻهوءَ کي ڏسبو
ته جُتي ڪپڙي ۾ ٻڌل هوندي يا هٿ ۾ کنيل هوندس.
(6) سنڌ جي زمين سخت آهي، جنهن تان هلڻ ڪري پيرن کي تڪليف
ٿيندي آهي ۽ گرم هئڻ جي حالت ۾ هلڻ ڪري پيرن ۾
لِڦون ۽ تريءَ ۾ ڦوڦينڊا ٿي پوندا آهن. مگر ٿر جي
زمين ڪنئري هئڻ سبب پيرن کي ڪابه تڪليف نه ايندي ۽
نڪو گرم واريءَ تي هلڻ ڪري ڦوڦينڊا ٿيندا آهن.
(7) ٿر ۾ سواريءَ لاءِ اُٺ گهڻو ڪم ايندو آهي. گهڻن ماڻهن وٽ
پنهنجا اُٺ هوندا آهن، پر ٿوري پنڌ لاءِ وهٽ کي به
تڪليف نه ڏيندا آهن. چوندا آهن ته ادا، پنڌ ڪيترو
آهي! ڪير پيو اُٺ سان مٿاڪُٽ ڪري، پاکڙو وجهي ۽
گاسيو وغيره ٺاهي، ايتري وقت ۾ ته ماڻهو پهچي به
وڃي. جوان مڙس جون ٻه وکون ٿينديون. ايتري تڪليف
ڪري اوتري وقت ۾ ته ڪافي پنڌ ڪري ويندو ۽ ٿورو پنڌ
هوندو ته منزل تي به پهچي ويندو. هٿ ۾ جُتي ڪري ٻه
سراڪا ڏنا ته ڄڻ پهتو. ماڻهو ٿوري گهڻي پنڌ خاطر
وهٽ جو خيال ڪونه ڪن. اڪثر پيادل وڃن. جتي کان
سواءِ، پيرين اگهاڙو ترت پهچن.
(8) پنڌ اڪثر ٿڌي وقت ۾ ڪبو آهي. اونهاري جو ته نڪربو ئي رات
جو آهي سو جُتي پائڻ ڪري پيرن ۾ پگهر به ٿيندو ۽
هلڻ ۾ رڪاوٽ پئي محسوس ڪبي. پر اگهاڙين پيرين نڪو
پگهر ٿيندو نڪا رڪاوٽ ٿيندي. اٽلو ٿڌي واريءَ تي
فرحت پيئي ايندي ۽ ڪيترو سارو پنڌ ڪري وڃبو ته ٿڪ
محسوس نه ٿيندو. گهڻو پنڌ ڪرڻ بعد جڏهن ٿڪ محسوس
ٿيندو آهي تڏهن ساهي پٽڻ لاءِ رات هوندي ته ڪنهن
وڏي دَڙي يا ڀٽ تي ۽ ڏينهن هوندو ته ڀٽ يا پاساڙي
۾ ڪو وڏو وڻ ڏسي ان جي ڇانو ۾ واريءَ تي ويهي رهبو
يا سمهي پئبو ته واريءَ جي ٿڌڪار جي اثر ڪري بدن
ٺري پوندو ۽ ٿڪاوٽ دور ٿي ويندي، پوءِ وري اُٿي
پنڌ پئبو ته ڄڻ تازو توانو.
(9) ٿر ۾ اڳي جين ڌرم وارا، خاص ڪري ننگرپارڪر طرف گهڻا رهندا
هئا. جين ڪنهن به ساهه واري کي ڪونه مارين،
تنهنڪري هو جُتي ڪونه پائيندا هئا ته متان ان جي
هيٺان ڪو ساهه وارو جيت وغيره اچي مري نه وڃي،
جنهنڪري پيرين اگهاڙا گهمندا هئا. جن جو اثر ٻين
ماڻهن تي به ٿيل ٿو ڏسجي.
جُتي پائڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن آڱرين ۾ آئٺڻ (ڪڪرا) پئجي ويندا آهن.
آئٺڻ بلڪل ڏکيو آهي، جنهن جي پاڙ بلڪل تڪليف بعد
پٽبي آهي. انهيءَ ڪري جُتي مشڪل سان پائي سگهبي ۽
هلڻ ۾ به تڪيلف ٿيندي آهي. ٿر جي ماڻهن کي سدائين
۽ هر ويلي مال جي سانگي، کيتي، مزوري ۽ ٻين ڪمن
ڪارين لاءِ هلڻو پوي ٿو، جنهنڪري انهيءَ تڪليف کان
بچاءُ لاءِ به جُتيءَ جو استعمال گهٽ ڪندا آهن.
ڪارونجهر ٽڪري
ٿر ۽ پارڪر واري ڀاڱي ۾ ڪوبه وڏو جبل ڪونهي، فقط پارڪر ۾ ننڍا
ننڍا ٽڪر آهن. ننگرپارڪر شهر وٽ ٽڪرين جي هڪ قطار
ڪڪڙ جي بيضي وانگر ڦري اچي ٿي، جنهن جي وچ ۾
ماٿريون لڳيون پيون آهن. اها قطار ڪارونجهر سڏجي
ٿي، جا ننگرپارڪر شهر جي ڀرسان ڏکڻ – الهندي طرف ۽
ڪڇ جي رڻ جي اتر – اولهندي ڪنڊ تي آهي. هن جي
ٻاهرئين گولائي ڪي 32 ميل ۽ ڪي 20 ميل ٻڌائين ٿا.
اُن جي چوٽي زمين جي سطح کان هزار کن فوٽ مٿي آهي،
جنهن کي ”صاحب چنگا“ چوندا آهن. ٽڪريءَ جو پٿر ڪٿي
ڳاڙهو، ڪٿي روهيءَ جهڙو سخت ۽ ڪارو ۽ ڪٿي ريتيءَ
جو پٿر آهي، جو عمارتن جي ڪم اچڻ جهڙو آهي.
ننگرپارڪر شهر جون سرڪاري جايون ۽ ماڻهن جا گهر
انهيءَ پٿر جا ٺهيل آهن. چوٽيءَ تي هڪ پڪي چُن ۽
سيمينٽ سان لٿل ٿلهو(1)
ٺهيل آهي، جو ٽريگنا ميٽريڪل
سروي وارن ٺهرايو هو. اڪثر گهمڻ جا شوقين جبل تي
چڙهي انهيءَ ٿلهي تي ويندا آهن، جتي چوگرد نهارڻ
سان ڌڻيءَ جي قدرت جا عجيب نظارا ڏسبا آهن. ٿلهي
جي پاڙ وٽ ننگرپارڪر جو شهر گهاٽن ڇانودار، خاص
ڪري نمن جي وڻن سان ڀريل، نظر ايندو آهي. ويراواهه
جو ڳوٺ، جو 16 ميل پري آهي، سو ائين پيو ڏسبو ڄڻ
ميل ٻه پنڌ مس آهي. ڏکڻ طرف نهاربو ته ڪڇ جو اجهاڳ
رڻ. سمنڊ وانگر پيو ڏسڻ ۾ ايندو. ازانسواءِ ننڍا
ننڍا ڳوٺڙا، جي جبل جي چوڌاري پکڙيل آهن، سي سڀ
ڏسي اکين کي فرحت پيئي ايندي آهي. ٽڪريءَ تي سڌو
چڙهڻ ناممڪن آهي تنهنڪري مٿي چڙهڻ لاءِ ڪو سونهون
ساڻ کڻبو آهي. اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ چڙهڻ ۾ ۽ اوتروئي وقت
لهڻ ۾ لڳندو آهي. چڙهڻ وقت رٻڙ جو بوٽ يا بنان
کُڙيءَ جُتي سهولت واري آهي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ ڪري
پير ڦٻي بيهندو نه ته آٿڙجي ڪرڻ جو انديشو آهي.
پير اُگهاڙا ڪري هلڻ وڌيڪ چڱو آهي. مگر نازڪ طبع
ماڻهوءَ لاءِ ائين ڪرڻ ڏکيو آهي ڇو ته ڪنڊا ۽ پٿر
پير ڇلي ڇڏيندا. پارڪر ڪولهي ته رات ڏينهن اگهاڙين
پيرين جبل ۾ پيا هلندا آهن. پارڪر جون رڍون،
ٻڪريون ۽ ڍڳيون به گاهه چرڻ لاءِ ٽڪريءَ تي ڪافي
مٿي چڙهي وينديون آهن.
هتي ڪيترا قدرتي نظارا ۽ ڪي هندن جي تيرٿ جا آستان آهن، جيئن ته
انچليسور، ساڙڌرو، گئومکي، ڀيم ڪُن، جهرڻو، ٻائڻ
جو ٻيسڻو ۽ چندن گڍ وغيره.
هن ٽڪريءَ جو چوڌاري ننگرپارڪر، ڀويسر، موندرو، مئو، آڌيگام،
کارڙيو، ڪاسبو، گهرٽياري وغيره وسنديون آهن، تن
مان ننگرپارڪر سڀني مان وڏو ۽ تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر
آهي. انهن ڳوٺن ۾ واپاري ۽ ٻيا هاري ناري ماڻهو
رهن ٿا. هن ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ ڪولهي ۽ ٻيا ڪيترا
ماڻهو گهر جوڙي رهندا آهن. جي اڪثر مزدور ماڻهو
آهن. مگر سانوڻيءَ ۾ اُهي به پوک جو ڪم ڪند آهن.
اُهي ڪارونجهر ٽڪريءَ مان گاهه ۽ ڪاٺين جون ڀريون
ڪري اچيو مٿين ڳوٺن ۾ وڪڻن. گاهه کانسواءِ
گگرانيءَ مان گگر ۽ ڪونڀٽن مان کؤنر گهڻو پيدا ٿئي
ٿو، جو وڪري لاءِ ٻين هنڌن ڏي موڪليو ويندو آهي.
ٽڪريءَ تي ڪيترن ئي قسمن جا وڻ ٻوٽا ٿين ٿا، جن جي
رس مان ماکيءَ جون مکيون ماکي گڏ ڪن ٿيون، جي
ڪولهي لوڪ جهنگ مان ڇاڻي، گڏ ڪري، اچي وڪڻندا آهن.
هن ٽڪريءَ جي نج ماکي بلڪل ڪارائتي آهي، جا ٻاهر
وڪري لاءِ موڪلي ويندي آهي ۽ جيڪو ماڻهو ننگرپارڪر
ويندو آهي، سو موٽڻ وقت ماکيءَ جا هڪ ٻه شيشا ضرور
پاڻ سان کڻي ايندو آهي. ٽڪريءَ تي وسڪاري جون
ايتريون ته ٻوٽيون پيدا ٿين ٿيون جن مان جيڪر
فائدو ورتو وڃي ته سون قسمن جون دوائون ٺهي سگهن.
هن ٽڪريءَ تي وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا ججها آهن، جن مان
ڪاٺين، کؤنر، گگر، گاهه، ميون ۽ ماکي وغيره مان
ايتري پيدائش ٿئي ٿي جو چوڻي آهي ته ”ڪارونجهر
ٽڪريءَ مان هر روز سوا سير سون پيدا ٿئي“. (يعني
هر روز ايترو پئسو پيدا ٿئي ٿو، جو جيڪر انهن پئسن
مان سوا سير سون خريد ڪري سگهجي.)
ڏهن پندرهن سالن کان وٺي هن ٽڪريءَ مان ڪڏهن ڪڏهن زبردست گوڙ
جهڙا آواز ٿيندا آهن، جي ڪيترن ڪوهن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا
آهن. سرڪار هن باري ۾ جاچ لاءِ ماهر موڪليا هئا.
ٿي سگهي ٿو ته ڪي معدني سيون ٽڪريءَ جي اندر هجن ۽
ڪنهن به وقت انهن جي ڦاٽڻ سبب هي ٻرندڙ جبل جي
صورت اختيار ڪري، مگر اڃا تائين هن باري ۾ وڌيڪ
ڪجهه معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
هن ٽڪريءَ ۾ خوفناڪ نانگ، بلائون ۽ وڇون موجود آهن. هتي سوئر،
بگهڙ، گدڙ، چراخ (چرک) وغيره جهنگلي جانور رهن ٿا
۽ مور پکي بنهه گهڻا آهن. هن ٽڪريءَ مان نديون يا
نئيون اهڙيون ڪونه ٿيون نڪرن جو آباديءَ کي فائدو
رسي، مگر برسات پوڻ بعد ڪنهن نئي ۾ ٻه چار ڏينهن ۽
ڪنهن ۾ هڪ ٻن مهينن تائين پاڻي وهندو آهي، انهن
مان گوڙڌرو، ڀٽياڻي، موندڙو ۽ سابوسڻ مکيه نئيون
آهن. گوڙڌرو نئين اڀرندي پاسي وهي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾
پوي ٿي، ڀٽياڻي اوڀر طرف کان نڪري گوڙڌري سان گڏجي
ٿي. مطلب ته سمورين نئين جو پاڻي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾
پوي ٿو. هاڻي بند ٻڌي. انهن نئين جو پاڻي روڪي،
آباديءَ جي ڪم آڻڻ لاءِ اسڪيم گورنمينٽ جي زير
ويچار آهي ۽ ڪم به هلي پيو. جيڪڏهن انهيءَ ۾
ڪاميابي ٿي ته هن وقت جيڪو اڪيچار پاڻي اجايو رڻ ۾
وڃي ضايع ٿئي ٿو، سو آباديءَ لاءِ ڪم آڻي ملڪ سائو
۽ سرسبز ڪري سگهبو، جنهنڪري ڪيترن ماڻهن کي روزگار
مهيا ٿي پوندو.
ريلوي رستا
ٿر سب ڊويزن جي چئن تعلقن: مٺي، ڇاڇري، ڏيپلي ۽ ننگرپارڪر ۾ ڀٽن
هئڻ سبب ڪوبه ريلوي رستو ڪونهي. ميرپورخاص کان
اوڀر طرف موناباءِ ڏي ويندڙ ريلوي عمر ڪوٽ تعلقي
جي ٿر واري ڀاڱي مان لنگهي ٿي جنهن تي ڍورو نارو،
هاسي سر، چوڙ نئون، پرچي جي ويري، جالو چؤنرو وصل
بغ، کوکرو پار ۽ مونا باءِ اسٽيشنون آهن. اُتي
اسان جي ملڪ پاڪستان جي حد آهي. ڇوڙ کان عمرڪوٽ
چوڏهن ميل آهي. جتي اُٺن، موٽر، ٽرڪ ۽ لارين رستي
آمدرفت آهي.
ٻيو ريلوي رستو ميرپورخاص کان جهڏي تائين آهي، جنهن کي 1934ع ۾
وڌائي پٿورو اسٽيشن سان ڳنڍيو ويو. ان تي
ميرپورخاص، جمڙائو، جهلوري، جيمس آباد، ڪاڇيلو،
ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد، جهڏو گدام، روشن آباد، نئون
ڪوٽ، فضل ڀنڀرو، ٽالهي، نبي سر روڊ، ڪُنري،
ڪنجهيجي، سامارو روڊ محمد رحيم، ڪالرو، صالح ڀنڀرو
۽ پٿورو اسٽيشنون آهن. ڏيپلي ۽ مٺي تعلقن، چليار ۽
پسگردائيءَ لاءِ ويجهي اسٽيشن نئون ڪوٽ آهي. جا
ڏيپلي کان چوٽيهه ميل، مٺي کان ٽيٽيهه ميل ۽
چيلهار کان چوٽيهه ميل آهي. ننگرپارڪر تعلقي لاءِ،
لاريءَ جي مسافريءَ سان نئون ڪوٽ اسٽيشن سهولت
واري آهي.
باقي ڇاڇري تعلقي لاءِ ڪُني اسٽيشن سهولت واري آهي، جا ڇاڇري
کان اٺيتاليهه ميل ۽ چيلهار کان ٽيهه ميل آهي.
چيلهار جو واپار ۽ آمدرفت ڪڏهن ڪڏهن ڪُنري تان به
ٿيندا آهن.
لاري رستا
ٿر ۾ ڀٽن، واريءَ ۽ رستن جي سٺي حالت نه هئڻ ڪري لاري سروس چالو
ٿيڻ ناممڪن پئي سمجهڻ ۾ آئي، پر ڪن ماڻهن تڪيلفون
سهي ٽرڪن هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، ٿر ۾ واري آهي، جيڪا
ڪٿي ڪٿي ڪجهه ڏاڍيري (سخت) آهي، پر خاص ڪري ڀٽن تي
نرم آهي، جنهنڪري ڀٽ جي لاهي ۽ چاڙهيءَ تي ٽرڪن جا
ڦيٿا واريءَ ۾ ڦاسجي ويندا آهن، جنهنڪري تڪليف
ٿيندي آهي. ٻيو وري اونهاري جو سخت هوا لڳڻ ڪري
رستي تي واريءَ جا ڍڳ ٿي پوندا آهن جنهنڪري ڦيٿا
ڦري نه سگهندا آهن. ان تڪليف کي دور ڪرڻ لاءِ
لاريءَ جي ٺيڪيدارن پاران مزور رکيل آهن جي واريءَ
جي ڍڳن کي سرکو ڪري ڇڏيندا آهن ۽ وڻن جون ٽاريون ۽
گاهه ڪپي، رستي تي ڦيٿن جي هلڻ ڪري جيڪي هيٺانهان
گس ٺهي پوندا آهن، انهن تي سٿي ڇڏيندا آهن، جن جي
مٿان ڦيٿا سهولت سان لنگهيو وڃن. ائين ڪرڻ ڪري
گهڻي ڀاڱي تڪليف گهٽجي ويئي آهي. هاڻي ٽرڪون ۽
جيپون عام جام چالو آهن.
ٽرڪ کي ٽي خانا هوندا: اڳئين خاني ۾ ڊرائيور ۽ عملي جا ماڻهو
ويهن. پويان ٻئي خاني ۾ ڇهن مردن لاءِ، ۽ ٽئين
خاني ۾ ڇهن عورتن لاءِ سيٽون هونديون آهن. انهن
ٽنهي خانن کي ڇت هوندي آهي. خانن جي پويان کليل
مستطيل ڀاڱو هوندو آهي، جنهن کي ڊالو چون، ان ۾
بار وڌو ويندو آهي. پاسن کان مضبوط پٽيون هونديون
آهن. سامان سڙي تي ۽ خانن واريءَ ڇت جي مٿان به
مسافر ويهندا آهن.
(الف) نئين ڪوٽ مان:
1- ڏيپلي تائين.
2- ڪلوئي (تعلقي ڏيپلي) تائين.
3- وڄوٽهه، سگهرور، مٺي، اسلام ڪوٽ، ويرا واهه، ننگرپارڪر
تائين.
4- وڄوٽهه، آمريو، بکو، چيليار، هنجتل، ڇاڇرو تائين.
(ب) ڪُنري مان.
1- چيلهه، ڪانٽيو، ڇاڇرو تائين.
مٿين رستن تي روزانو اوٽ موٽ ٽرڪون چالو آهن.
ڪڏهن ڪڏهن ڇاڇري کان ڪانڪهيو ۽ اڳتي ننگرپارڪر تائين ٽرڪون
هلنديون آهن. باقي جيپون سڄي ٿر ۾ عام هلنديون
آهن. ڪامورا – ڪرا پنهنجو گشت جيپن ۾ ڪندا آهن.
ڪيترا زميندار به جيپن ۾ شڪار ۽ سياحت لاءِ ٿر جو
گشت ڪندا آهن.
خشڪي رستا
خشڪي رستا سڄي ٿر ۾ آهن. وڏن ڳوٺن جي وچ ۾ شاهي رستا آهن، جن کي
گهاڙو رستا چوندا آهن، ۽ ننڍن ڳوٺن جي وچ ۾ پيچرا
آهن، جن تان اُٺن رستي واپار ۽ آمدرفت چالو آهي.
ٿر جي مسافري
سڄي ٿر ۾ ڀٽون آهن تنهنڪري مسافري ڪرڻ وقت انهن تان لنگهڻو
پوندو آهي. ڀٽن تي سڌو چڙهڻ ڏکيو آهي، اتان وهٽ به
چڙهي ڪونه سگهي. اهي هنڌ به ڀٽ کي سڌا نه هوندا
آهن پر ٿورو پاسيرا هوندا آهن. پوءِ اهڙيءَ طرح
ڳوٺن جي وچ ۾ آمدرفت جي ڪري واٽون ٺهيو پون. ٿري
ماڻهو واٽ کي ”وَڍو“ چون. ٿري ماڻهو هڪ ڀٽ تي چڙهڻ
مهل سامهون ڀٽن ڏي نهاري جهٽ سهي ڪندا ته اڳتي
رستو فلاڻ لانجهي مان ٿيندو، ڇو ته ڀٽ جو اهو هنڌ
بنسبت سڄي ڀٽ جي، مٿاڇري جي سنوت کان ڪجهه هيٺ
هوندو. جي اتي وڻ ٻوٽو نه هوندو ته ان کي ’گاٺوڙ‘
به چون. ٿر ۾ مسافري خاص ڪري اُٺن تي ٿيندي آهي.
گهوڙا بلڪل ٿورا آهن، عام غريب طبقو پيادل مسافري
ڪندو آهي. اُٺ جي مسافري ٽن نمونن سان ٿيندي آهي.
غريب طبقو ۽ اوٺاڙي گهڻو ڪري اڪيلو هوندو ته پوئين
چونڪ ۾، ۽ ٻه ڄڻا هوندا ته هڪڙو اڳوئين چونڪ ۾
ٿوهي جي اڳيان ۽ ٻيو پوئين چونڪ ۾ چڙهي روانا
ٿيندا. اهو نمونو ڏکيو آهي جو سڀڪو ائين چڙهي ڪري
ڪونه سگهندو، ان کي اولاڻو يا اپلاڻو چوندا آهن.
ڪيوري ڇا ڪندا آهن جو رسي کڻي هيٺان پيٽ وٽان
ورائي، اڳئين چونڪ ۾ مٿان ڳنڍ ڏيئي، پيڙا ورائي،
پوئين چونڪ وٽ ٻڌي قابو ڪري، پوءِ ان ۾ رَلي،
چادر، بوهه يا سِڻ وغيره اٽڪائي، اُن تي چڙهي
ويهندا آهن. اهو نمونو اَپلاڻ کان وڌيڪ فرحت وارو
آهي، ان کي ٻڙهو يا ڏور چئبو آهي. ڪي شوقين ته خاص
ٻڙهو ڪري چڙهندا آهن. اُٺ کي پنڌ سيکارڻ وارا جت
به ٻڙهو ڪري چڙهندا آهن.
ڪي اُٺ تي پاکڙو وجهي گاشيو ڪري پوءِ چڙهندا آهن. انهيءَ نموني
ماڻهو هلاک ڪونه ٿيندو ۽ ڊگهي مسافري به قدري آرام
سان پوري ڪري سگهبي. جي هڪ ڄڻو چڙهيل هوندو ته ان
کي هيڪل سواري چون. رواجي طرح ٻه ڄڻا چڙهندا آهن،
جنهن کي ٻيلاسو چون. چونڪ ۾ چڙهڻ وقت ٽنگون اُٺ جي
ٻنهي پاسن ورائبيون آهن پر ڊگهي مسافري هجي ۽ ٿڪ
ٿئي ته ٻيئي ٽنگون هڪ پاسي ڪري وهبو آهي ته ٿڪ نه
ٿيندو، ان کي سورانگهي چڙهڻ چئبو آهي. انهيءَ
نموني فقط ٿري ماڻهو ۽ جت چڙهي سگهندا آهن. نئين
ماڻهو کي تڪليف ٿيندي ۽ ائين ويهي ڪونه سگهندو.
بعضي ٽي چڙهن ته ٽيلاسون چون، ۽ چار به چڙهندا آهن
ان کي چولاسون چون. ڪڏهن ڪڏهن پاکڙي جي اڳئين
ڀاڱي، جنهن کي پرڻو چون، ان ۾ رسي ٻڌي ڪنڌ تي
مٿڀرو ڏور ٺاهي، ان ۾ چڙهندا آهن. ان ماڻهوءَ جو
منهن وري اڳئين ماڻهوءَ کي سامهون، يعني اُٺ جي پڇ
ڏي هوندو آهي. ننڍا وڏا پنج ماڻهو هجن ته ان حالت
۾ ائين ڪبو آهي.
سنئين زمين ۾ اُٺ ٺيڪ پيو ويندو آهي. سکيو هوندو، يعني پنڌ
سيکاريل، ته بدن کي لوڏو به ڪونه ايندو. مگر جڏهن
ڀٽ تي چڙهڻو هوندو تڏهن آهستي چڙهندو. ان وقت
چڙهيل ماڻهو پنهنجو بدن اڳتي ڪري جهليندو. اهڙي
وقت سامهون پيو نهاربو ته ائين ڪونه سمجهبو ته ڪو
اتانهينءَ تي وڃون پيا، پر جي پوئتي نهاربو ته ڊپ
پيو ٿيندو. ڀٽ تي چڙهڻ وقت اُٺ اڪثر رستي جو وچ
ڏيئي ڪونه هلندا آهن پر ڪنارو ڏيئي هلندا آهن،
جتان هميشه برسات جي ڪري ڏرڙ ۽ گهارا پيل هوندا
آهن. اتان جي پاسيرو نهاربو ته ڊپ پيو ٿيندو ته
اجهو ٿو اُٺ جو پير ٿڙهي! ان وقت ازخود زبان مان
”خدا خير ڪج“ لفظ نڪري ويندا، مگر اُٺ جا پير
واريءَ ۾ اهڙا ڄميل هوندا آهن جو ڪِرڻ جا واقعا
اصل ڪونه ٿيندا آهن. ڪن ڪن ڀٽن جي سلامي ايڏي ڊگهي
هوندي آهي جو ان تي چڙهڻ ۾ پندرهن ويهه منٽ لڳي
ويندا آهن تنهنڪري اُٺ ويچارو ٿڪجي پوندو آهي ۽
ساهه سان ڀرجي ويندو آهي، ناسن مان هوا جا سوساٽ
پيا پوندا اٿس. جڏهن چوٽيءَ تي پهچندو آهي تڏهن ڪي
جت ٿورو وقت بيهي ساهي ڏياريندا اٿس. ان وقت اُٺ
ڇيڙهه به پيو ڪندو آهي، ائين پنجن ستن منٽن ۾ تازو
ٿي پوندو آهي. جت هونئن به اُٺ کي پنج ست ميل ڪاهڻ
بعد چيڙهه ڪرائيندا آهن. چوندا آهن ته چيڙهه نه
ڪرائبو ته اُٺ کي نقصان ٿيندو، ساهي کڻڻ بعد وري
هيٺ لهبو. هيٺ لهڻ مهل اُٺ وڏيءَ وک سان تڪڙو
لهندو آهي، ان وقت بدن کي مضبوط سيٽي ٿورو پوئتي
لهوارو جهلبو آهي، جيئن اجايو لوڏو نه اچي. ڍلو
بدن جهلبو ته بعضي پويان ويٺل جو مٿو وڃي اڳئين
ويٺل جي پٺيءَ تي لڳندو. تڏهن ته چوندا آهن ته
”اُٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت ته لاهيءَ کي به
لعنت.“ ڀٽ تي چڙهڻ ۽ لهڻ وقت ’ٽنگ‘ جي مضبوط ٻڌل
نه هوندي ته پاکڙو اڳتي يا پوئتي ٿي ويندو،
تنهنڪري جت اول کان ئي ٽنگ ڇڪي ٻڌندا آهن. بعضي ڀٽ
تي چڙهڻ کان اڳ ۾ هٿ هڻي ڏسندا آهن ته ٽنگ ڍرو ته
نه آهي. جي ڍرو هوندو ته اُٺ ويهاري، هيٺ لهي، ٽنگ
ڇڪي، پوءِ چڙهندا.
ڪن اٺن جي اها عادت ٿيندي آهي جو چاڙهيءَ ۾ ڇاکڙو پوئتي ۽
لاهيءَ ۾ اڳتي ڪري ڇڏيندا آهن. ان حالت ۾ جت ڇا
ڪندا آهن جو ڏسندا ته پاکڙو اڳتي ڪڍي ٿو ته رسي پڇ
۾ اٽڪائي، ٻيئي ڇيڙا ورائي، پاکڙي جي پَسَرن سان
ٻڌي ڇڏيندا آهن، ان کي ”پوڇڙ“ چوندا آهن. ائين ڪرڻ
سان پاکڙو اڳتي نه ويندو. جي پاکڙو پوئتي ڪڍندو
هوندو ته ڳچيءَ جي هيٺان رسي ورائي پاکڙي جي اڳئين
ڀرڻي ۾ ٻڌي ڇڏيندا آهن، ان کي ”اڳوٺي“، ”اڳياڙي“
يا ”جنوئي“ چون. ائين ڪرڻ سان پاکڙو پوئتي نه
ويندو. ڪي ڪي شوق خاطر به جنوئي وجهي ڇڏيندا آهن،
جنهن ۾ رنگين ٽنور هوندا آهن، جا اُٺ جو سينگار
آهي ۽ انهيءَ ڪم لاءِ ٺهيل هوندي آهي.
واٽون يا رستا ڀٽن کي سڌا اوچائيءَ تي نه هوندا آهن، پر ٿورو
پاسيرا هوندا آهن جتان پيادا ۽ ڇڙها وهٽ هلندا
آهن. پر بار وارن ۽ سواري وارن اٺن جي وڏين ڀٽن تي
چڙهڻ ۽ لهڻ لاءِ تري کان وٺي ٿورو پاسي تي اڌ گول
وانگر واٽ هوندي آهي، جا ڀٽ جي چوٽيءَ تي وڃي رستي
سان گڏبي آهي جيئن چڙهڻ ۽ لهڻ ۾ سهولت ٿئي. ان کي
ٽارو يا ٽاري جو وَڍو يا پاج چئبو آهي، جتان وهٽ
ٿوريءَ تڪليف سان چڙهي ۽ لهي سگهندا آهن.
اُٺ تي جي بار کڻڻو هوندو ته پاکڙي جي بدران پلاڻ وجهندا آهن،
جو بار کڻڻ لاءِ وڌيڪ سهولت وارو آهي. ڀٽن تي واري
نرم ٿيندي آهي، چڙهڻ وقت اُٺ آهستي هلندو آهي
جنهنڪري سندس پير واريءَ ۾ ايترو هيٺ نه ويندا
آهن، مگر لهڻ وقت هيٺانهينءَ جي ڪري پير کي داٻ
ڏيئي تڪڙو لهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جنهنڪري ڪنئري
واري هئڻ سبب پير ڪافي اندر هليا ويندا آهن، ۽
ٻاهر ڪڍڻ وقت پير جو ڪو چٽو نشان ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو
پر زمين ۾ کڏو ٿي پوندو. جنهن کي ”گرس“ چون. ڀٽ جي
چاڙهيءَ کي ’چاڙهاڻ‘ ۽ لاهيءَ کي ’ڍرڪاڻ‘،
’ڍَرتاڻ‘ يا ’ڍار‘ چئبو آهي.
رستي هلندي هڪ ڀٽ تي چڙهبو ته سامهون رستي تي ٻيءَ ڀٽ پري کان
پيئي ڏسبي. سمجهبو ته پنڌ ٿورو آهي ۽ اجهو ٿا
پهچون، پر هلڻ سان پتو پوندو ته ڪافي پنڌ آهي. ڀٽن
جي وچ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪجهه سنئين ۽ سخت زمين هوندي آهي،
اُتي اُٺ کي وري تڪڙو ڪاهبو آهي جيئن پنڌ ترت کٽي.
انهيءَ هلڻ کي ”کيڙ“ چئبو آهي. ڪٿي ڪٿي وچ ۾ هيٺ
مٿانهيون، ڪٿي ريڪر يعني نرم زمين، ڪٿي ننڍا ننڍا
دڙا ۽ دڙڦيا هوندا آهن. اهڙيءَ طرح تڪڙو ۽ ڪٿي
آهستي اُٺ ڪاهبو آهي.
رات جو به جت رستو لهي سگهندا آهن. گهڻو ڪري واقف هوندا آهن، نه
ته واٽ تان ايندڙ ويندڙ ماڻهن کان ڏس پڇي وٺندا
آهن. بعضي اونداهين راتين ۾ جت ڀلجي وڃي، مگر اُٺ
جو جي هڪ دفعو رستو اڳ ڏٺل هوندو ته اصل نه
ڀلجندو.
اُٺ کي ”سُڪيءَ جو ٻيڙو“ چوندا آهن ۽ ٿر جي مسافري لاءِ بلڪل
ڪمائتو آهي. سياري جي موسم ۾ مسافري ڏينهن جو ڪبي
آهي ڇو ته رات جو سيءَ جي تڪيلف ٿئي ۽ اوجاڳو ڪڍڻو
پوي ۽ ڏينهن جو سيءَ کان بچاءُ جنهنڪري اُٺ ۽ سوار
کي تڪليف ڪانه ٿئي. اُونهاري ۾ ڏينهن جو گرمي اهڙي
ٿئي جو اُٺ هلي ڪونه سگهي ۽ سوار کي به اُس ستايو
ڇڏي، تنهنڪري رات جو مسافري ڪبي آهي. بار برادريءَ
وارن اُٺن تي رات جو بار لڏبو آهي. وسڪاري جو
مسافري بلڪل فرحت واري آهي. ان موسم ۾ نڪو رات جو
سيءُ هجي ۽ نڪو ڏينهن جو گهڻي گرمي هجي، تنهنڪري
رات خواهه ڏينهن جو مسافري ڪرڻ ۾ سهولت آهي.
ٿر ۾ ڳوٺن کان سواءِ پاڻي ملڻ مشڪل آهي، تنهنڪري مسافر پاڻ سان
چم جي سانداري يا بادلو پاڻيءَ سان ڀري کڻندا آهن
۽ وسڪاري جو ڇٽي کڻڻ ضروري آهي. ڪي جت دُئال هميشه
پاکڙي ۾ وجهي ڇڏيندا آهن، چڙهڻ وقت انهن ۾ پير
وجهي ڇڏبا ته مسافري آرام سان ڪري سگهبي ۽ ٿڪ
محسوس نه ٿيندو. ڪي ماڻهو دئال گاشئي جي مٿان رکي
ڪم آڻيندا آهن ۽ پوءِ لاهي پاڻ وٽ رکي ڇڏيندا آهن.
مطلب ته دُئال ضروري شيءِ آهي.
گهوڙي جي مسافري آرام واري آهي. گهوڙو ڀٽ تي چڙهندو تڪڙو، پر
لهندو وري آهستي آهي. واريءَ ۾ گهوڙو تڪڙو هلي
ڪونه سگهندو، پر ڪٿي ڪٿي سخت زمين به آهي اتي تڪڙو
هلندو آهي. گهوڙا ٿر ۾ ٿورا آهن.
ٿر جون ڀٽون گهڻو ڪري اتر – اوڀر کان ڏکڻ – اولهه ڏي آهن.
تنهنڪري اوڀر کان اولهه ڏي مسافري ڪرڻ ۾ سهولت
آهي، ڇو ته رڳو ڀٽن ۽ دڙن جي مهڙن ۽ پوڇانڊن ۽
پيڙن مان لنگهڻو پوندو ۽ باقي سڄي مسافري ڀٽن جي
وچ ۾ سنئين زمين جنهن کي مڙهو ۽ ڏهر چون، مان ڪرڻي
پوندي، جا وهٽن توڙي پيادن لاءِ سهولت واري آهي، ۽
پنڌ ترت کٽيو پوي. پر اُتر کان ڏکڻ ڏي هلبو ته
ڀٽون پار ڪرڻيون پونديون، جنهنڪري وهٽن توڙي پيادل
مسافرن کي تڪليف ٿيندي ۽ وقت به ڪافي لڳندو.
مسافرخانا
ٿر جي سموري مسافري خشڪي آهي، جا اُٺن تي ۽ پيادل ڪبي آهي. مکيه
ڳوٺن جي وچ ۾ ٽرڪ جي سروس به آهي. مسافرن جي سهولت
لاءِ ڪن شاهوڪارن وڏن شهرن، جيئن ته ڇاڇري، مٺي ۽
اسلام ڪوٽ ۾ جايون ٺهرايون آهن، جن کي ڌرم شالا
چئبو آهي.
گورنمينٽ جي طرفان سڄي ٿر ۾ اهڙيون جايون ڪن ڪن ڳوٺن ۾ ٺهرايل
آهن، جن کي مسافرخانا چئبو آهي، جتي مسافر ترسي
آرام ڪندا آهن. اهي هن وقت ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٿرپارڪر
جي حوالي آهن. انهن جو تفصيل هيٺئين موجب آهن:
تعلقي مٺي ۾ نو، تعلقي ڇاڇري ۾ ڏهه، تعلقي ڏيپلي ۾ ڏهه ۽ تعلقي
ننگرپارڪر ۾ ست مسافرخانا آهن، جن مان ڪن بابت
مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو.
وڄوٽهه: هي مسافرخانو مٺي تعلقي ۾، مٺي کان نئين ڪوٽ ڏي ويندڙ
شاهي رستي تي آهي، هتان کان لاري سروس آهي. چيلهار
کان نئين ڪوٽ ڏي ويندڙ لاري به هتي اچي گڏجي ٿي.
هتان آمدرفت گهڻي ٿيندي آهي. هتي سرڪاري آفيسرن جي
آرام لاءِ به هڪ عاليشان جاءِ ٺهيل آهي.
ويڙهي جهپ: هي مسافرخانو ڏيپلي تعلقي ۾، ڏيپلي کان نئين ڪوٽ ڏي
ويندڙ رستي تي آهي. هتان کان لاري سروس به آهي. هي
اهڙو آباد نه آهي ڇو ته ڏيپلي جا مسافر ٻيءَ هڪ
سڌي واٽ تان به ويندا آهن.
ڀڪوئو: هي مسافرخانو مٺي تعلقي ۾، ڏيپلي کان اسلام ڪوٽ واري واٽ
تي آهي. هي نهايت ضروري ۽ ڪمائتو آهي.
مالهيار: هي ڏيپلي ۽ مٺي جي وچ ۾ آهي.
جهانگرو: مٺي تعلقي ۾، ننگرپارڪر کان اسلام ڪوٽ ڏي ويندڙ رستي
تي آهي، بلڪل ڪارائتو آهي.
ڪانٽيو: ڇاڇري تعلقي ۾، ڇاڇري کان ڪنري ويندڙ رستي تي آهي.
گڍڙو: ڇاڇري تعلقي ۾، اوڀر سرحد جي ڀرسان آهي.
گڍڙي کان ننگرپارڪر تائين هڪ سؤ ويهه ميل پنڌ ۾ ڏاهلي، جيسي جو
پار، پيلو جو تڙ، ۽ ستي ڏهرا ڳوٺن ۾ مسافر خانا
آهن.
چيلهار، ڇاڇري، مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر ۾ مسافرخانا آهن.
مٺي، ننگرپارڪر، ڇاڇري ۽ ڏيپلي ۾ انسپيڪشن بنگلا به آهن، جتي
آفيسر منزل انداز ٿيندا آهن.
|