ڇپائيندڙ پاران
”تاريخ ريگستان“ ڀاڱي ٻئين جو ٽيون ڇاپو مهربان پڙهندڙن جي خدمت
۾ حاضر آهي. هن کان اڳ هن ڪتاب جو پهريون ۽ ٻيو
ڇاپو 1988ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن.
هي ڪتاب ”ٿر“ جي هڪ مفصل تاريخ آهي، جنهن تي سرڳواسي رائچند
هريجن ڏاڍي محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪيو آهي. هن ڪتاب
جي وڏي خوبي اها آهي ته مصنف جو تعلق خود ’ٿر‘ سان
آهي. حقيقت ۾ معياري تحقيق جي تقاضا به اها آهي ته
لاڳاپيل علائقي جو محقق اتان جي علائقن، شخصيتن،
ٻولين ۽ قبيلن وغيره تي تحقيق ڪرڻ جي ذميواري
ترجيحي طور تي کڻي، ڇو ته ٻاهرين محققن جي ڀيٽ ۾
مقامي محقق ئي آسپاس جي ماحول کي وڌيڪ گهرائيءَ ۽
چٽائيءَ سان ڄاڻي سگهن ٿا. هن ڪتاب ۾ مؤرخ جو ’ٿر‘
سان ڳانڍاپو هئڻ بلڪل سون تي سهاڳي جو ڪم ڏنو آهي.
مولانا غلام محمد گرامي چواڻي ته: ”ڪتاب جي مواد ۽
ان جي ترتيب کي ڏسي مڃڻو پوي ٿو ته هيءَ علمي ۽
تاريخي ڪاوش هڪ اهڙي صاحبِ قلم جي آهي، جنهن
مشاهدي جي قوت سان ’ٿر‘ جي هر پهلوءَ کي باريڪ
بينيءَ سان جاچيو به آهي ۽ پرکيو به آهي.“
وڏي عرصي کان پوءِ مصنف جي انهيءَ عرق ريزيءَ کي نئين
سر ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ جي ذريعي ڪتاب جي هن ڀاڱي سميت
مڪمل ڪتاب پيش ڪندي ادارو سرهائي محسوس ڪري ٿو.
اُميد آهي ته ٻئي ڀاڱي جي ڇپجڻ کان پوءِ نه رڳو ٿر
سان لاڳاپيل مهربان پر سمورا سنڌواسي هن شاندار
تحرير جو لطف حاصل ڪري سگهندا.
ڄامشورو، سنڌ انعام الله شيخ
سومر 5 شوال المڪرم 1426هه سيڪريٽري
بمطابق 14 نومبر 2005ع سنڌي ادبي بورڊ
مهاڳ
”تاريخ ريگستان“ جو هيءُ ٻيو ڀاڱو، ٿر جي مشهور اهل قلم سرڳواسي
رائچند راٺوڙ جي ورهين جي مطالعي ۽ محنت جو ثمر
شيرين آهي، جو سنڌي ادبي بورڊ جي اهتمام هيٺ شايع
ٿي رهيو آهي. اميد آهي ته هيءُ جلد پڻ پهرئين جلد
وانگر مقبول عام ٿيندو.
”تاريخ ريگستان“ هڪ اهڙي علمي ۽ تهذيبي موضوع تي شاهڪار تصنيف
آهي، جنهن جو واسطو سنئون سڌو سنڌ جي تهذيب ۽
تاريخ سان آهي. فاضل مصنف هن قسم جي اهم موضوع تي
جنهن سلوڻيءَ ۽ سهڻيءَ سنڌيءَ ۾ مواد کي سهيڙڻ ۽
سموئڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سا نهايت تحسين جوڳي آهي.
ڪتاب جي مواد جي ۽ ان جي ترتيب کي ڏسي مڃڻو پوي
ٿو، ته هيءَ عملي ۽ تاريخي ڪاوش هڪ اهڙي صاحب قلم
جي آهي، جنهن مشاهدي جي قوت سان ’ٿر‘ جي هر پهلوءَ
کي باريڪ بينيءَ سان جاچيو به آهي ۽ پرکيو به آهي
۽ اُن سان گڏ ڏاڍي سليقي سان بيان به ڪري سگهيو
آهي.
تاريخ جو فن عام طرح سان بادشاهن ۽ حاڪمن جي سن وار
حڪومت ۽ فتوحات تائين محدود رهندو آيو آهي. ظاهر
آهي ته ان قسم جي ڪتابن پڙهڻ سان پڙهندڙن جي
ماضيءَ جي ڪن شاندار واقعن تائين ته پهچ ٿئي ٿي،
پر اُن سان گڏ اُن دؤر جي تهذيب و تمدن، ۽ علم و
فن جي سمجهڻ ۽ پروڙڻ جي ته ڪابه گنجائش پيدا نه ٿي
ٿئي. اصل ۾ تاريخ، عوام جي روزمره جي زندگيءَ جي
عڪاسي ۽ ملڪ جي جاگرافيائي ماحول جي ترجمانيءَ سان
گڏ انسان ۽ ان جي تهذيبي قدرن ۽ سماجي معيارن جو
هڪ دلڪش ۽ دلچسپ، نصيحت آميز ۽ معلومات افزا
داستان آهي.
سرڳواسي رائچند، هن ڪتاب وسيلي، ٿر جهڙي پرانهين حصي کي
ڀٽن مان ڪڍي، پنهنجي اصلوڪي حيثيت سان بيان ڪرڻ ۾
جا ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، سا تاريخ نويسن لاءِ هڪ
عمدو مثال آهي. اڄ ٿر جهڙو پٺتي پيل ۽ دور افتاده
خطو ۽ حصو، پنهنجي سڀني حسين ۽ دلنشين رنگينين ۽
رعناين سان اسان جي سامهون آهي ۽ اُن جا سمورا
قديم ۽ موجوده خدوخال نمايان ۽ چٽا نظر اچي رهيا
آهن.
”تاريخ ريگستان“ جي ٻنهي جلدن کي پڙهڻ کان پوءِ اهو معلوم ٿي
رهيو آهي ته ڪئين صديون اڳ هيءُ حصو آباد ۽ شاداب
هو. ’هاڪڙي‘ ۽ ’مهراڻ‘ جي واديءَ جي دامن ۾ سوين
ڀريل شهر هئا، بندر ۽ بازاريون هيون، وڻج واپار جا
مرڪز هئا. ماڻهو سکيا ۽ ستابا هئا، هرڪو پنهنجي
مڇيءَ ۽ مانيءَ وارو هو، زندگي پنهنجي ڀرپور حسن ۽
جمال سان جلوه گر هئي، اديبن ۽ عالمن، سگهڙن ۽
شاگردن، ڀٽن ۽ ڀانن جي سونهري ٻولن ۽ روپ ورنن
قولن سان هن خطي جو هرهڪ حصو ٻهڪي رهيو هو. اوج ۽
عروج واري زماني ۾، هن زمين تي رومانوي داستانن ۽
سورهيائيءَ ۽ وطن جي حب جي عظيم ڪهاڻين جنم ورتو.
مومل ۽ راڻي، سورٺ ۽ راءِ ڏياچ، ڍول ۽ مارو، عمر ۽
مارئي، ليلا ۽ چنيسر، سڏونت ۽ سارنگا، مهر راني ۽
راءِ لاکي، دودي ۽ علاؤالدين جي تاريخي ۽ نيم
تاريخي قصن جي پيدائش به هن ئي سرزمين سان وابسته
آهي، جن کي سنڌ جي عظيم ڪلاسيڪي شاعرن توڙي ساڃاهه
۽ سُرت وارن شاعرن ۽ سگهڙن، دل کولي ڳائي وڄائي،
سنڌي ادب ۾ لافاني حيثيت بخشي ڇڏي آهي. مٿيان
سمورا داستان ۽ قصا سنڌي ادب لاءِ هڪ آدرشي ۽
مثالي علامت بنجي چڪا آهن.
هيءُ اُهو ئي ٿر آهي، جنهن جي ڪنڊ ڪڙڇ جو سير سنڌ جي سرتاج شاهه
عبداللطيف ڀٽائي رحه ڪيو آهي، ۽ اتي جي جهانگين ۽
سانگين، مارن ۽ پنهوارن جي زندگيءَ جي ترجماني ۽
عڪاسي پنهنجن بيتن ۾ وجد انگيز ۽ روح پرور انداز ۾
ڪئي آهي. سر مارئي ٿر جي حسين زندگيءَ جو اُهو عڪس
آهي، جنهن جو مثال عالمي ادب ۾ به مشڪل سان ملي
سگهندو.
هيءَ اُهائي ٿر جي سرزمين آهي، جنهن ۾ برادري ۽ برابري اخوت ۽
انساني محبت، غيرت ۽ شجاعت، حب الوطني ۽ مريادا جا
جوهر پيدا ٿيا. هيءَ اُها ئي سرزمين آهي، جنهن جي
ڪنڊڪڙڇ ۾ تاريخي واقعن جو وڏو ذخيرو موجود آهي.
اڃا به ائين چوڻ جڳائي ته سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب،
ادب ۽ لوڪ ادب جو پورو اڌ حصو هن ئي خطي جي
پيداوار آهي ته اُن کي وڌاءُ نه سمجهڻ گهرجي.
قدرت جا رنگ نيارا آهن – اڄ ٿر اُٺي ۽ برسات جو محتاج آهي.
واريءَ جي ديو پيڪر ڀٽن ۽ ڏهرن جو ڏيهه آهي. چؤطرف
سُڃ پيئي واڪا ڪري ۽ ڀڙڀانگ لڳي پيئي آهي. ميلن ۾
واريءَ جي اَڇ لڳي پيئي آهي. نه اُهي بندر آهن نه
بازاريون، نه شهر آهن نه وسنديون، نه ڪي ساوڪون
آهن نه سبزه زاريون، نه ڪي ننگر آهن ۽ نه ڪي
ناريون. اڄ اُتي ڪنگ پيا رڙن. نه اُتي اڄ ’هاڪڙو‘
آهي ۽ نه ’مهراڻ‘ ماڻهو، مرون ۽ پکي پاڻيءَ جي هڪ
قطري لاءِ پيا واجهائين. هر جاندار جون آسائتيون
اکيون، ابر آسري، آسمان ۾ کتل آهن. جتي اڳ آب
اگوندرو هو، اُتي اڄ ٻوڪن تي پيا پاڻي ڪڍن!
اهي منظر لطيف سائينءَ به ڏٺا. ٿر جي ماڻهن لاءِ
چيائون:
ڏينهان ڏورن ڏٿ سين، تاتيان ڪن رهاڻ،
عمر تني ڪاڻ، منهنجو روح رڙيون ڪري
لطيف سائينءَ ٿر جي ڪنڊڪڙڇ کي بيان ڪيو آهي. ڊٽ ۽
پارڪر، کائر ۽ پائر کي بيان ڪندي، مارئيءَ جي
واتان چوائي ٿو:
’ڍٽ‘ ڍري، ’پٽ‘ پيون، پاسي ’پارڪر‘
___
هن مُند مارو سزا، ’کائر‘ ۾ خوشحال.
___
ستيءَ سيئي ساريا، ’پائر‘ جا پنهوار.
لطيف، ٿر کي سنڌ سان ۽ سنڌ کي ٿر سان گڏ بيان ڪندو آيو
آهي، ٿري ماڻهو ٿري
جي اتر- اولهه واري حصي کي چون: ’مهراڻو‘، يعني
جنهن جي مهڙ سنڌ ڏي آهي. ته لطيف به دعا ۾ ٻنهي کي
پيو ورسائي:
’موهڙي‘ ماروئڙن کي، واڌائي ڏيج وسي.
لطيف ٿر سان هن ڪري به محبت ڪري ٿو، ڇالاءِ ته ٿر ماروئڙن جو
ملڪ آهي. چوي ٿو:
ٿر ٿر اندر ٿاڪ، عمر ماروئڙن جا.
___
ڀٽن ڀر هوندا، ڀُنگا ڀڙ ڀتار جا.
ٿر ۾ سٺ پرهين جي ڊيگهه جيترا کوهه آهن. تن کي بيان
ڪندي فرمائي ٿو:
کوهر، ٿوهر، ٿر، جت ساٺيڪا ۽ سٽيون.
۽ اهو پڻ لطيف جو ئي ڪمال آهي، جو چند لفظن ۾ ٿر جو
سمورو منظر اسان جي اکين اڳيان ٿو آڻي بيهاري،
فرمائي ٿو.
ٿر ٿوهر، گهر جهوپڙا، ٻارڻ جنين ٻُوهه،
اُٺا مينهن ملير تي، ٽهڪي اُٿيا ٽُوهه،
رات به منهنجي روح، سيئي سڄڻ ساريا.
ٿر جي ٿڌي مٽيءَ لاءِ مارئيءَ واتان چوائي ٿو:
ٿڌي مٽي ٿر جي، ولهيءَ وسائيج.
اوڙڪون اچن ته ٿر ڪشمير ٿيو پوي ۽ هنڌين ماڳين هٻڪار
ٿئي. چوي ٿو:
ڏٿ چونڊينديس ڏيهه ۾، ساڻ سرتين ساڳ.
يا
هن مُند مارو سنرا، کائر ۾ خوشحال،
سانئون، سيارڇ، مکڻي، جيڏيون آڻين جال.
اهي سڀ گاهه جا قسم آهن، جن جو ڏٿ ٿر ۾ اناج وانگر ڪتب
ايندو آهي. لطيف سائين ٿر جي غذا لاءِ چوي ٿو:
آڻين ۽ چاڙهين، ’ڏٿ‘ ڏهاڙي سومرا!
سٿا ڪيو سيد چئي، ’سانئون‘ سُڪائين،
منجهان ’لنب‘ لطيف چئي، چانور ڪيو چاڙهين،
پلاءُ نه پاڙين، عمر! آراڙيءَ سين
آخر ۾ لطيف سائينءَ جي هن روح پرور وائيءَ تي هن موضوع
کي ختم ٿو ڪريان.
بوند برهه جي بهار لڳي-
درد ونديءَ جو ديس وسي پيو.
ڀٽن پاسي ڪرڙ ڪڪوريا، گاهن جي گلزار لڳي،
ڌڻ نــــه ڌنارن ڇوڙيو، ٻڪرن جـــي ٻيڪار لڳي....
لطيف سائينءَ جي ٿر جي تهذيب، روايتن، ثقافت ۽ ادب کي سرڳواسي
رائچند راٺوڙ تاريخ جو ويس ڍڪايو آهي، ان ڪري ٿر
جي تاريخ اسان لاءِ املهه سرمايو آهي، ۽ هيءُ
شاهڪار سنڌي ادب ۾ هڪ اهم اضافو آهي، جنهن جو ڪو
نعم البدل ٿي نٿو سگهي. اميد ته سنڌ جا اديب ۽
عالم هن علمي ڪاوش جو قدر ڪندا. سنڌي ادبي بورڊ هن
ڪتاب کي شايع ڪري، سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ تي ڇپيل
ڪتابن ۾ هڪ معياري ۽ مستند ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي.
حيدرآباد، سنڌ غلام محمد ”گرامي“
25- اپريل 1975ع ايڊيٽر ”مهراڻ“ رسالو
سنڌي ادبي بورڊ
مقدمو
سنڌي ادبي بورڊ جي ٺهراءَ موجب هيءُ ڪتاب بنده جي حوالي ڪيو ويو
ته شايع ٿيڻ کان اڳ ان ۾ ضروري تصحيح ڪئي وڃي ۽
ترتيب ۽ تدوين بعد صفحئه طباعت تي اچي. اُن ٺهراءَ
پٽاندڙ آءٌ سرڳواسي رائچند جي روح وسيلي محنت کي
سوڌي ۽ سنواري بازار ادب ۾ آڻڻ لاءِ پيش ڪري رهيو
آهيان.
مٿئين سونپيل ڪم کي اڪلائڻ ۾ هيٺيان ڪتاب منهنجا يار ۽ مددگار
رهيا:
1- “Annals and Antiquities of Rajasthan”. Lt:
Col: Todd.
2- “Imperial Gazetteer of
India”.
3- ”سير ريگستان“ – محمد اسماعيل عرساڻي.
4- ”تاريخ ريگستان“ (ڀاڱو پهريون) – سرڳواسي رائچند.
5- ”پراڻو پارڪر“- منگهارام اوجها.
”سير ريگستان“ ۽ ”تاريخ ريگستان“ ۾ عرساڻي صاحب ۽ سرڳواسي
رائچند هڪ انگريز آفيسر جو حوالو آندو آهي، جنهن
ٿرپارڪر جي حالتن تي سڀ کان پهرين ڪتاب لکيو. هي
صاحب هو ڪئپٽن اسٽئنلي ريڪس، جو 1847ع ۾ڪڇ ڀڄ ۾
اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿي آيو. اُن صاحب کان
پوءِ ٿرين جو جڳ مشهور دوست ليفٽيننٽ ڪرنل ’تروٽ‘
آيو. ريڪس پنهنجو ڪتاب 1856ع ۾ لکيو ۽ بمبئي سرڪار
طرفان 1859ع ۾ شايع ٿيو. افسوس آهي جو اِهو ڪتاب
اڄڪلهه ناياب آهي. هن ڪتاب جا ڪي حوالا عرساڻي
صاحب پنهنجي ”سير ريگستان“ ۾ ڏنا آهن. مگر ٽاڊ جي
ڪتاب جا ٻه جلد اڃا ڪن ڪن پراڻين ۽ ناميارين
لئبريرين ۾ موجود آهن، جيئن مون کي به هتان
راولپنڊيءَ جي هڪ ڪتبخاني مان دستياب ٿيا. جيڪڏهن
ويچاري ٽاڊ جي محنت کي ڏسجي ٿو، ته واقعي هن جي
ڪوشش جو داد هر حق ۽ انصاف وارو ڏيندو. سندس ڪتاب
جا اردو، هندي ۽ گجراتي زبانن ۾ ترجما ٿيا آهن.
جيڪڏهن ڳوڙهي نظر سان ڏسبو، ته ٽاڊ جي وقائع ۾ اهو
املهه احوال ملندو، جنهن جو زياده تر تعلق سنڌ جي
هن ٿريلي خطي ’ٿرپارڪر‘ ۽ خود سنڌ جي ثقافت،
تهذيب، انساب، ذاتين، ريتين ۽ رسمن سان آهي. سوال
آهي ته هن ذخيري کي ڇو ضايع ٿيڻ ڏجي؟ اميد ته
’سنڌي ادبي بورڊ‘ بندي جي هن مخلصاڻي راءِ کي ڪو
وزن ڏيندو.
سنڌ جي هن ڪنڊائتي ۽ عجيب و غريب خطي ”ٿر“ جي نالي بابت عرساڻي
صاحب ۽ لائق مصنف محترم رائچند سرڳواسيءَ ڪي سبب
ڏنا آهن، پر ٽاڊ صاحب جي به لکيت کي ملاحظه ڪريو.
پنهنجي ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ ڄاڻائي ٿو:
”قدرت جي هن وڏي هندي رڻ پٽ جون حدون چٽڻ اهڃاڻن ۾ چٽيون آهن ۽
اسان کي فقط حدبندي ڪرڻي آهي. پوري سمجهڻ لاءِ
اسان ”مروسٿلي“
(Maroosthali)
لفظ جي ترڪيب ڪرڻ چاهيون ٿا، جو زوردار نموني ۾ هن
’موت جي خطي‘ لاءِ موزون وجه تسميه آهي. هي لفظ ٻن
سنسڪرتي جوڙن مان ٺهيو آهي. ’مري‘
(Mari)
= مرڻ، ۽ ’سٿالي‘ = خشڪ ۽ بي
برگ و گياه زمين. مڪاني کريل اچارن جي ڪري ’سڀالي‘
مان ’ٿل‘ ٿيو. جو يوناني لفظ
Oasis
(نخلستان) جي مترادف آهي.
پوکيل ٽڪرا (واريءَ جي دڙن) جي مقابلي ۾ تعداد
خواهه ججهائيءَ ۾ ’ڪين‘ برابر آهي، جو مان هن قديم
رومن تشبيہ ’آفريڪا ۾ نخلستان چيتي جي قسم پلنگ جي
کل جي پٽن وانگر آهن“. جي بدران ائين چوندس ته
هندي رڻ پٽ جي شڪل چيتي جي کل جي پٽن وانگر ڏکيائي
ڏين ٿا ۽ گهٽ واريءَ واري ميدانن تي چڙهيا بيٺا
آهن. انهن جي سطح تي ڪيترا ٿوري آباديءَ وارا ڳوٺ
۽ وانڍ پکڙيل آهن. هن جي اولاهينءَ سرحد جي تشبيہ
به ساڳيءَ طرح شروع ڪئي ويئي آهي. هڪ انگريز سياح
کي، جو سنڌ جي ماٿريءَ ۾ قدم ڌريندو، تنهن کي لبيا
جي رڻ پٽ تي نيپولين جا چيل هي لفظ ياد ايندا ته
’سمنڊ سان قريب ۾ قريب رڻ پٽ مشابهت ڪري سگهي ٿو ۽
ڪنارا ڄڻ ته نيل جي ماٿري آهن.‘ نيل جي بدل
’سنڌوءَ‘ ۾ جيڪڏهن حيدرآباد کان اُچ طرف اوڀاري
مسافري ڪبي ته نظر جي حد اوڀر طرف واريءَ جي ڀٽن
سان گهيرجي ويندي، جي اڪثر نديءَ جي سطح کان ٻه
سئو کن فوٽ مٿي ڪرَ کنيو بيٺيون آهن. هي هڪ انسان
کي ائين ڌيان ڌرڻ تي مجبور ڪنديون، ته هيءَ خلا،
جا هن سرسبز ماٿريءَ جي شڪل ۾ نمودار ٿئي ٿي، سا
ضرور ڪوهه قاف جي وهندڙ برف جي ڇپن مان ڳري نڪتي
هوندي. هن جي گڏ ٿيل پاڻيءَ، ’مروسٿاليءَ‘ جي
تسلسل ۾ رخنو وڌو آهي، نه ته هيءُ رڻ ارئڪوشيا
(Arachosia)
(1) جي بيابانن سان وڃي ڳنڍجي ها.“(2)[1]
’تاريخ ريگستان‘ جي هن ٻئي ڀاڱي جي باري ۾ لائق
مصنف پنهنجي ديباچي ۾ چڱيءَ پر سمجهائڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. هيءُ ڪتاب ٻاويهه بابن تي مشتمل آهي، جن
جو ڌار ڌار عنوان مقرر ٿيل ڪونهي. هرهڪ باب ۾
متعلق خواهه غير متعلق موضوع اچي ٿا وڃن. ڪتاب جي
سٽاءَ ۽ ترتيب جي سهڻي نموني ۾ ڌار ڌار بابن جا
مکيه عنوان طئي ڪبا آهن، جن جو وري ذيلي عنوانن
سان تعلق ۽ ربط هجي. وڏي ارمان جي ڳالهه آهي جو
مصنف هن ڪتاب جو مسودو تيار ڪري جلد ئي وڃي ٻئي
جهان پڌرايو، نه ته سندس حياتيءَ ۾ ترتيب متعلق
اسان جا مشورا هن ڪتاب کي وڌيڪ سهڻو ۽ واضح بنائين
ها. خير، ڌڻي شال رائچند صاحب جي روح کي راحت ۾
رکي. بهرحال، مون لفظ لفظ ڪري سڄو مسودو پڙهيو
آهي، تصحيح ڪئي اٿم ۽ جيتريقدر ٿي سگهيو آهي،
اوترو اجمال ۽ اختصار کان ڪم ورتو اٿم. مثال طور
باب چوڏهين جو عنوان ’زهر چوسڻ‘ حذف ڪيو ويو آهي ۽
باب پندرهين جي عنوان ’ڏت‘ جا ڏهه صفحا ڪاٽي، ان
اهم عنوان کي وراڪن جي ورن کان بچايو ويو آهي. ڪن
عنوانن کي صحيح ڪري لکيو ويو آهي، جيئن باب سترهين
جا ڪي عنوان. جتي جتي تحت الحاشيه نوٽن جي ضرورت
محسوس ٿي آهي، اُتي اُهي به ڏنا اٿم. ماستر صاحب
پاڻ ريگستان جو رهواسي هو، انڪري فطري طور سندس
زبان جو لهجو به اُهو ئي ٿريلو رهيو هوندو. اهو
اثر ڪتاب جي هر جملي ۾ نمايان آهي، ان ڪري مون کي
هر جملي تي تمام گهڻو توجهه ڏيڻو پيو آهي.
جيئن مصنف پنهنجي ديباچي ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”ڪيترائي ٿري
لفظ، جن جو سنڌي زبان سان تمام ويجهو لاڳاپو آهي ۽
عام طور مروج آهن، سي ڪم آندل آهن. ان خيال سان ته
اسان جي سنڌي ٻوليءَ جو واڌارو به ٿئي ۽ علم دوست
صاحبن کي رس، سواد، مزو ۽ ميٺاج به اچي.“ اهڙا
ٿريلا لفظ ۽ محاورا قائم رکيا ويا آهن، جي واقعي
هڪ سنڌيدان لاءِ ڄاڻڻ ضروري آهن. ان سلسلي ۾ مصنف
هڪ قابل داد ڪم هي ڪيو آهي، ته ساري ڪتاب ۾ جن جن
شين يا حقيقتن جي اپٽار ڏنل آهي، اُنهن جو هم
معنيٰ ٿري لفظ به ڏنو اٿس. واقعي زبان جي پروڙڻ ۽
پرائڻ وارن صاحبن لاءِ هيءُ هڪ سهڻو ۽ سونهري قدم
کنيو ويو آهي.
هن ڪتاب کي جيڪڏهن حقيقت جي عينڪ سان ڏسبو، ته هيءُ پڌري پٽ
ظاهر ٿيندو، ته لائق مصنف پنهنجي وطن جي هرڪا حالت
پاڻ ڏسي محسوس ڪري، پوءِ صفحه قرطاس تي آندي آهي.
فارسيءَ جي مشهور مقولي ”شنيده ڪئي بود مانند
ديده“ (يعني سئل ڪو ڏٺل جي قالب ۾ گهڙجي سگهبو،
هرگز نه!) مطابق هيءُ مصنف جي ذاتي تجربي ۽ مشاهدي
پٽاندر سالن جي لڳاتار محنت جو مورُ آهي، سو بلڪل
سڦلو آهي. هرهڪ باب وڏيءَ محنت ۽ سرجوشيءَ سان
لکيل آهي ۽ مصنف اها ڀرپور ڪوشش ورتي آهي، ته
پنهنجي پياري وطن متعلق ڪابه ڳالهه، ننڍي خواهه
وڏي، وسري نه وڃي. ان ڏس ۾ لائق مصنف واقعي کيرون
لهڻيون. ادبي نقطي نظر سان باب سترهون ۽ باب
اُڻويهون ساراهه جي لائق آهن، جن ۾ مصنف ڪچهري،
رهاڻ، ڀليڪار، ٿر جو شعر، گيت، لوڪ ادب ۽ ٻارڙن جي
دنيا جي عنوانن کي نهايت سهڻي نموني سان نباهيو
آهي. بلاشبه، مصنف جو هيءُ ڪتاب ”ٿر جو
انسائيڪلوپيڊيا“ (دائرة المعارف) آهي، جنهن ۾ هن
خطي سان واسطو رکندڙ هر ڳالهه جي تفصيلي معلومات
مهيا ڪيل آهي.
راولپنڊي محبوب علي چنا
24- فيبروري 1969ع وائيس پرنسيپال
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج راولپنڊي
ديباچو
ڪوبه تاريخ جو ڪتاب کڻي پڙهي ڏسجي ٿو، ته اُن ۾ فقط بادشاهن جي
حڪومتن جا سن، راڻين، وزيرن ۽ سپهه سالارن جا نالا
لکي، جنگين جا احوال ڄاڻائي، حاڪمن جا پيڙهي به
پيڙهي شجرا ڏنا ويا آهن. مون هن کان اڳ پنهنجي
لکيل ڪتاب ’تاريخ ريگستان‘ (ڀاڱو پهريون) جي
شروعات ۾ مٿئين قسم جو احوال ڏنو آهي. عالمن جي
راءِ آهي، ته اهو سلسلو پنهنجيءَ جاءِ تي بيشڪ اهم
آهي، مگر اها ملڪ جي مڪمل تاريخ نه چئبي. اهو ته
فقط تاريخ جو بنا روح بوتو آهي. حقيقت ۾ تاريخ جو
روح ملڪ جون طبعي حالتون، سماجي ۽ معاشرتي
حقيقتون، رسم ۽ رواج، رهڻي ڪهڻيءَ جا طور طريقا ۽
ريتون رسمون آهن. ان قسم جي تاريخ جي مطالعي مان
پتو پوندو ته جدا جدا وقتن تي ماڻهن جي حالت ڇا
هئي، انهن ۾ ڪهڙيون خوبيون هيون، جن جي اسين به
پيروي ڪريون، ۽ ڪهڙيون خاميون هيون، جي اسان ڇڏي
ڏيون. اهڙي تاريخ مان اسان کي ماضيءَ جا سبق ملن
ٿا، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته اڳئين زماني جا ماڻهو
۽ قومون ڪيئن گذاريندا هئا ۽ ڪهڙيون ڳالهيون سندس
ڪاميابين ۽ تباهين جون باعث بنيون. اهڙين حقيقتن
جي ڪري نه رڳو تاريخ جو مضمون وڻندڙ ۽ سلوڻو ٿئي
ٿو، پر مستقبل جي راهه ۾ ڪارائتو پڻ ٿئي ٿو.
مون ’تاريخ ريگستان‘ (ڀاڱو پهريون) جي پوين بابن ۾ ڪجهه احوال
اهڙي قسم جو ڏنو هو، جو بلڪل مختصر آهي. ان بابت
محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب پيش لفظ ۾ لکڻ
فرمايو آهي ته: ”حقيقت ۾ هن ڪتاب جو بهترين سرمايو
اهو ئي مواد آهي، جو لائق مصنف پنهنجي ذاتي تلاش ۽
تجربي جي بناءِ تي مڪاني موضوعن بابت ڏنو آهي.
ٿرپارڪر جي مختلف حصن ۽ ڀاڱن ڳوٺن ۽ شهرن، ذاتين ۽
پاڙن، قصن ۽ ڪهاڻين، ريتن ۽ رسمن، شادين ۽ غمين،
ڪچهرين ۽ ميلن، گيتن ۽ شعرن بابت مصنف جو ڪجهه
لکيو آهي، سو نهايت قيمتي آهي. ڇاڪاڻ ته اهو ئي
نئون مواد آهي، جو سنڌي ادب ۽ تاريخ جو موجوده
سرمايي ۾ ناياب آهي. ڪيترو نه بهتر ٿئي ها جو لائق
مصنف ٿر جي ٻوليءَ ۽ ان جي محاورن، مڪاني گيتن ۽
شعرن تي اڃا به تفصيل سان روشني وجهي ها، جنهن
لاءِ ڪافي گنجائش موجود هئي. اميد ته مصنف پنهنجي
پياري وطن جي انهيءَ پکڙيل ذخيري کي گڏ ڪري اهو
نئون ڪتاب جوڙيندو ۽ سنڌي ادب جي سرمايي ۾ هڪ
قيمتي اضافو ڪندو.“
ان کان پوءِ محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب وقت بوقت روبرو تاڪيد ڪندا
پئي رهيا، ته نه رڳو مٿين ڳالهين بابت پر ٿر جي
جديد حالتن بابت پڻ تفصيلي ڪتاب لکان، دراصل ڊاڪٽر
صاحب موصوف جي همت افزائي ئي هن ڪتاب لکڻ لاءِ
تحرڪ ڏياريو آهي.
ٿر جو علائقو جيتوڻيڪ جاگرافيائي طور سنڌ جو ڀاڱو آهي، مگر هتي
جون حالتون بنهه اور قسم جون آهن. آءٌ جڏهن وڏن
شهرن ۾ ايندو آهيان، تڏهن اُتي جا دوست – جن ٿر
اکئين نه ڏٺو آهي – سي ٿر بابت عجيب سوال پڇي ملڪي
حالتون معلوم ڪرڻ چاهيندا آهن، ڇو ته اُنهن جي دل
۾ ٿر متعلق عجيب تصور قائم ٿيل آهي. ٿر – واريءَ
جي ڀٽن سان ڀريل بيابان ۽ ريگستاني علائقو، جتي
نڪا ندي واهه، نه ڍنڍ نه ڍورو. آباديءَ جو سمورو
مدار برسات تي، سا به ڪڏهن پوي ته ڪڏهن ڪانه پوي.
اونهاري ۾ سخت لُڪون ۽ جهولا لڳن. کوهه نهايت
اونها، جن ۾ به کارو پاڻي ۽ اڪثر بستين کان پري
پري. مسافريءَ لاءِ اُٺن جو واحد ذريعو ۽ ڀٽن جي
لهه چڙهه جنهن جي ڪري بدن ۾ سور پئجيو وڃي. نانگ،
بلائون ۽ پيئڻيون، جن جي ڪري ساهه سدائين مُٺ ۾!
ماڻهو ويچارا غريب، سادا، اڻپڙهيل ۽ مالدار، جن جو
اٺئي پهر واسطو جهنگ سان. گهر سادا ۽ ڪکن جا،
چؤنرا ۽ چونڪيون، لانڍيون ۽ لوڙها. کاڌي ۾ ٻاجهر
جو ڍوڍو ۽ لسي لپ ۽ وقتي ڏٿ تي گذران. نه شهري
زندگيءَ جون جديد سائنسي سهوليتون، نه آرام ۽
آسائش لاءِ موقعا، نه بنيادي انساني ضرورتن جي
پورائيءَ لاءِ ڪو آسرو ۽ نه ناٽڪ، کيل، تماشا. جن
ٿر نه ڏٺو آهي، سي حيرت ۾ آهن ته اهڙي خطي ۾ ماڻهو
رهن ڪيئن ٿا ۽ ڇو اُنهيءَ سُڃ کي چنبڙيا پيا آهن؟
مٿيان سوال به درست ۽ ڳالهيون به برابر- پر فطري
اصول پٽاندر ڌڻيءَ سائين هرهڪ تڪليف جي ازالي لاءِ
به سامان پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ٿر جون حالتون هروڀرو
ايتريون ويل نه آهن. صدين کان وٺي جو جتي رهي ٿو،
سو اُن علائقي جي جاگرافيائي حالتن کي برداشت ڪرڻ
۽ منهن ڏيڻ لاءِ ذهني طور هِري چڪو آهي.
ڪنهن به ملڪ جي تاريخ سمجهڻ لاءِ اُن جي جاگرافي معلوم ڪرڻ بلڪل
ضروري آهي. گويا تاريخ ۽ جاگرافي پاڻ ۾ جاڙيون
ڀينرون آهن. هر ملڪ جي بناوٽ، طبعي حالتن، آب و
هوا، موسمن ۽ ٻين ڳالهين جو اُن ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن
جي سڀاءُ ۽ سيرت، قد ۽ رنگ، ريتن ۽ رسمن، رهڻي
ڪهڻي، لباس ۽ کاڌي، سوچ ۽ ويچار، انداز گفتگو ۽
ٻوليءَ تي مڪمل طرح اثر پوي ٿو. تنهن ڪري مون هن
ڪتاب ۾ انهن مڙني موضوعن کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جي
ڪوشش ورتي آهي. وس آهر ڪوشش اها ڪئي ويئي آهي ته
ٿر سان تعلق رکندڙ ڪوبه مضمون رهجي نه وڃي. ان طرح
سان مناسب هنڌن تي ڀٽائي صاحب ۽ ٻين شاعرن جا شعر
درج ڪيا اٿم، جيئن پڙهندڙن کي وڌيڪ رس اچي.
ڪوشش ڪري ٻولي عام فهم ۽ سليس ڪم آندي ويئي آهي، جيئن
هر ڪو چڱيءَ طرح پڙهي ۽ سمجهي سگهي. ڪيترا ٿري
لفظ، جن جو سنڌي زبان سان تمام ويجهو لاڳاپو آهي ۽
عام طور مروج آهن، سي ڪم آندل آهن. ان خيال سان ته
اسان جي سنڌي ٻوليءَ جو واڌارو به ٿئي ۽ علم دوست
صاحبن کي رس، سواد، مزو ۽ ميٺاج به اچي.
جيستائين ڪوبه اديب ۽ ليکڪ پنهنجي سر روبرو وڃي حقيقت کي نٿو
جاچي ۽ مشاهدو ڪري، تيستائين پنهنجيءَ دل ۾ رٿيل
مضمون کي مڪمل طرح سان قلمبند نٿو ڪري سگهي. هڪ
هنڌ ويهي، ڪتابن ۽ مطالع جي مدد سان لکڻ ايترو
مؤثر ۽ بهتر نٿو ٿئي، جيترو ڪنهن ماحول ۽ ماڳ کي
روبرو وڃي اکين سان ڏسي مشاهدو ڪري، پوءِ قلم
کڻجي. پڙهندڙن کي چڱيءَ پر محسوس ٿيندو ته هن ڪتاب
لکڻ لاءِ مطالعي جي ڀيٽ ۾ مشاهدي جي وڌيڪ ضرورت
پيش رهي آهي. آءٌ پاڻ ٿر جو رهاڪو آهيان ۽ 1928ع
کان وٺي پرائمري ماستر جي حيثيت ۾، ملازمت سانگي،
ٿر جي تقريباً سمورن حصن ۾ رهيو آهيان. ٿر جي
ڪنڊڪڙڇ جو ذاتي مشاهدو ڪري، اُتي جي ماحول جو
ورهين جا ورهيه اڀياس ڪيو اٿم. ٿر جي تاريخ ۽ لوڪ
ادب سان دلچسپيءَ جي ڪري ٿر جي هر ڳالهه تي هيڪاري
وڌيڪ توجهه پئي ڏنو اٿم. پنهنجي ڪوشش موجب جيڪا
معلومات حاصل ڪري سگهيو آهيان، سا قلمبند ڪري،
سنڌي ادب جي سڄڻن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.
ڪنهن به موضوع تي ڪجهه لکڻ بعد اها دعوا ڪرڻ ته هاڻي حد ٿي چڪي
آهي، منهنجي خيال ۾ مناسب نه آهي. آءٌ ڪو اديب يا
عالم ڪونه آهيان، فقط ٻارن کي پڙهائيندڙ آهيان، سو
به ٿر جهڙي علائقي ۾، جتي مطالعي ۽ اديبن ۽ عالمن
سان ميل ملاقات جا موقعا بلڪل محدود رهيا آهن.
هيءَ نماڻي پيشڪش فقط وطني حب جي جذبي جو نتيجو
آهي، اميد آهي ته ادبي حلقن ۽ پڙهندرن وٽان ان کي
قبوليت جو شرف حاصل ٿيندو.
آخر ۾ آءٌ سنڌ جي عظيم محقق جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب
جو نهايت ٿورائتو آهيان، جنهن صاحب نه صرف مون کي
ان موضوع تي قلم کڻڻ لاءِ توجهه ڏياريو، پر اُن
سان گڏ وقت بوقت مفيد مشورن سان نوازي ڪم لاءِ
همتائيندا رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ هيءُ ڪتاب مڪمل
ڪري سگهيو آهيان.
رائچند
هيڊ ماستر گورنمينٽ پرائمري اسڪول
1- مارچ 1968ع
چيلهار، ضلعو ٿرپارڪر سنڌ.
|