[118]
وراڻي: لاڏل هليو ٿم ساهرن سامهون، پَٽَ جا ويس
ڪري،
پٽ جا ويس ڪري، جنهن وڻ هيٺ لهي،
سو وڻ موتين جَڙيو، شل ڏينهڪ ڏيهه وري،
لاڏل! پيڙءِ سوجهرو سيج تي، شل صبح جا نفل پڙهي.
بينسر گهڙائج نهري-
لاڏل هليو ٿم ساهرن سامهون، پٽ جا ويس ڪري.
دهري گهڙائج نهري-
لاڏل هليو ٿم ساهرن سامهون، پٽ جا ويس ڪري.
ٻانهين گهڙائج نهري-
لاڏل هليو ٿم ساهرن سامهون، پٽ جا ويس ڪري.
[119]
[1]
وراڻي: ريل وارا راڻا! ريل هوريان هلاءِ،
ريل هوريان هلا3، بيهي مون سان ڳالهاءِ.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بناءِ-
ريل وارا راڻا! ريل هوريان هلاءِ.
ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بناءِ-
ريل وارا راڻا! ريل هوريان هلاءِ.
هٿ ادل جا ميندي رتا، ڳاني جوڙ بناءِ-
[120]
وراڻي: مونکي وڳو ٺهرائي ڏي دم ۾،
واهه واهه! گلابي گل پَٽ سان،
واهه واهه! رابيلي گل پَٽ سان،
مان ته پائي هلان ادل جي ڄڃ سان.
مونکي بينسر ته گهڙائي ڏي دم ۾،
مان ته پائي هلان ادل جي ڄڃ سان-
واهه واه! رابيلي گل پٽ سان…
مونکي دهري ته گهڙائي ڏي دم ۾،
مان ته پائي هلان ادل جي ڄڃ سان-
واهه واهه! رابيلي گل پٽ سان…
مونکي ٻانهين ته گهڙائي ڏي دم ۾،
مان ته پائي هلان ادل جي ڄڃ سان-
واهه واهه! رابيلي گل پٽ سان…
[121]
وراڻي: هن ته رستي تي سوني سائيڪل آڻيندو،
چڙهندو موٽر تي، لا! شرنايون واڄا وڄائيندو،
خاصا تيل عطر منهنجو جوڙيل لائيندو،
چڙهندو لاريءَ تي شرنايون وڄائيندو.
اکيون ته ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنائيندو-
هن ته رستي تي سوني سائيڪل آڻيندو.
ڏند ته ادل جا ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنائيندو-
هن ته رستي تي سوني سائيڪل آڻيندو.
[122]
[2]
وراڻي: تنهنجي موٽر کي رنگ لايان ٿي، توکي لعل
گلن ۾ لڪايان ٿي.
ڄڃ ادل جي گهوڙن اُٺن تي، پاڻ اچي ٿو لاڏل
لاريءَ ۾-
تنهنجي موٽر کي رنگ لايان ٿي.
ڄڃ ادل جي بگين ۽ گاڏين تي، پاڻ اچي ٿو پڙهيل
ڪار ۾-
تنهنجي موٽر کي رنگ لايان ٿي.
ڄڃ ادل جي جهولي ڪجاوَن، پاڻ اچي ٿو سهڻل محافي
۾-
تنهنجي موٽر کي رنگ لايان ٿي.
[123]
وراڻي: ادل ڄاڃي پنڌ ۾، آهن الائجي ڪهڙي هنڌ ۾،
ڪر ڪڪر تون ڇانوَ، ادل ڄاڃي پنڌ ۾.
دهري گهڙائج نهري، ادل ڄاڃي پنڌ ۾-
ڪر ڪڪر تون ڇانوَ، ادل ڄاڃي پنڌ ۾.
تائٿ ادل جا سدا رنگ سهڻا، ڪاڄئي ادل جا پنڌ ۾-
ڪر ڪڪر تون ڇانوَ، ادل ڄاڃي پنڌ ۾.
ٻار کيون گهڙائج سهڻيون، ڪاڄئي ادل جا پنڌ ۾-
ڪر ڪڪر تون ڇانوَ، ادل ڄاڃي پنڌ ۾.
[124]
وراڻي: سوڍا سميجا پنڌ ۾، ويهندم انبن جي ڇانوَ،
لاڏي جي ڄڃ ۾ جلسا، ويهندم انبن جي ڇانوَ.
ڀائر گهرايم سهڻا-
سوڍا سميجا پنڌ ۾، ويهندم انبن جي ڇانوَ.
ڀائر گهرايم سهڻا-
سوڍا سميجا پنڌ ۾، ويهندم انبن جي ڇانوَ.
دهل گهرايم سهڻا-
سوڍا سميجا پنڌ ۾، ويهندم انبن جي ڇانوَ.
ڄاڃي گهرايم سهڻا-
سوڍا سميجا پنڌ ۾، ويهندم انبن جي ڇانوَ.
[125] [3]
وراڻي: ڪَڪَر ڪَڪَرَ! ڪر ڇانوَ،
ادل جا ڄاڃي پنڌ ۾، نايو نيڻ پسان.
بينسر ته گهڙائج نهري-
ڪڪر ڪڪر ڪر ڇانوَ.
دهري ته گهڙائج نهري-
ڪڪر ڪڪر ڪر ڇانوَ.
ڪڙيون ته گهڙائج نهريون-
ڪڪر ڪڪر ڪر ڇانوَ.
[126]
وراڻي: هل ٻگهيءَ وارا! سهڻي ڌڌڪار ۾،
حورن جي هٻڪار ۾، ڇيرين جي ڇمڪار ۾.
بينسر ته ادل جي ساري اٿم سون جي-
هل ٻگهيءَ وارا! سهڻي ڌڌڪار ۾.
دهري ته ادل جي ساري اٿم سون جي-
هل ٻگهيءَ وارا! سهڻي ڌڌڪار ۾.
ٻانهين ته لاڏل جي ساري اٿم سون جي-
هل ٻگهيءَ وارا! سهڻي ڌڌڪار ۾.
[127]
[4]
وراڻي: منهنجو ڪچهريءَ جو مور، اچي باغ ۾ لهندو،
منهنجو ڀائن جو سردار، اچي باغ ۾ لهندو.
سونا دُرَ گهڙائي، آڻي باغ ۾ لهندو-
منهنجو ڀائن جو سردار، اچي باغ ۾ لهندو.
سونا ڪنگڻ گهڙائي، آڻي باغ ۾ لهندو-
منهنجو ڀائن جو سردار، اچي باغ ۾ لهندو.
[128]
وراڻي: مَيڙَا مَهري، لاڏو وَرَ ڏيو ٿو واري،
موڙ لاڏل جا هلي جيڏيون! جوڙايو،
سيج لاڏل جي هلي ساهرين وڇايو.
بينسر گهڙايم جا سهڻي-
مَيَڙا مَهري، لاڏو وَرَ ڏيو ٿو واري.
ٻانهين گهڙايم جا سهڻي-
ميڙا مَهري، لاڏو ور ڏيو ٿو واري.
[129]
وراڻي: مونکي سِير اُڪار، وارو ورئي، ٻيڙيءَ
وارا ادا لال مهاڻا!
شال جوڙو جيئي، ٻيڙيءَ وارا ادا لال مهاڻا!
ٻيڙيءَ ڀاڙو رپيو، خاصي ٻيڙي آڻ ٻيڙيءَ وارا!
تـــون گهرين ٿو چار، طاق موڙ ڙي مهاڻا!
شال جوڙو جيئي، ٻيڙيءَ وارا ادا لال مهڻا…
کيساني جي ڪپ تي، خاصي ٻيڙي آڻ ٻيڙيءَ وارا!
جت ليما پوکيم لس، طاق موڙ ڙي مهاڻا-
شال جوڙو جيئي، ٻيڙيءَ وارا ادا لال مهاڻا…
سوڙهيءَ گهٽيءَ سپرين، خاصي ٻيڙي آڻ ٻيڙيءَ
وارا!
گونگا ٿي گڏيا، طاق موڙ ڙي مهاڻا-
شال جوڙ جيئي، ٻيڙيءَ وارا ادا لال مهاڻا…
[130]
[5]
وراڻي: ٻيڙيءَ وارا ڙي ادل! ٻيڙي ٻڌج انب سان،
ٻيڙي ٻَڌج انب سان، ساهه سوڀارا! ٻيڙي ٻڌج نم
سان.
ادل سون جا سودا ڪندو، لکن جا لوڏا ڏيندو-
ٻيڙيءَ وارا ڙي ادل! ٻيڙي ٻڌج انب سان.
ادل وريو اٿم پري کان، موٽيو منهنجو دل سان-
ٻيڙيءَ وارا ڙي ادل! ٻيڙيءَ ٻڌج انب سان.
ڀاڳ ادل کي سِر تي سهڻي، ٻيو اٿس علم جو زور-
ٻيڙيءَ وارا ڙي ادل! ٻيڙي ٻڌج انب سان.
[131]
وراڻي: ڄڃ چڙهي آ ڪجاوي، آ لٿي هي پتڻ تي،
جيوي ميڏي اَما، جيوي ميڏا اَبا.
ڄڻ ڪر دولي هُوَو ڌارين وچ، ميڏي لکئي ور لايو،
ڪيها ڏوهه او! ڏيوان ڀائين ڪونه،
سانگيءَ سڱ لايو، ڪيها حرف ميڏا مائٽن تؤن-
ڄڃ چڙهي آ ڪجاوي، آ لٿي هي پتڻ تي.
ڄاپن نه ڌيئان، شل دشمن دي پيٽان،
ڏيک ڪر ٿيون خوش، پٽڙان ديان اَما،
هڻ ويندي هن رلايو، ڪيها حرف ميڏا مائٽن تون-
ڄڃ چڙهي آ ڪجاوي، آ لٿي هي پتڻ تي.
ڇوريان ڇُلينديان هن، راڄ ڳنڍينديان هن،
آپڻي قسمت ميلينديان هِن،
جڏهان قسمت وڇڙايو، ڪيها حرف ميڏا مائٽن تون-
ڄڃ چڙهي آ ڪجاوي، آ لٿي هي پتڻ تي.
[132]
[6]
وراڻي: ڄَڃ پارئون آئي، ادل ميندي لائي،
ادل ميندي لائي، وَنُل سيج تي آئي.
دهل وڄي آيا، ڄڃ پارئون آئي-
ادل ميندي لائي، ونل سيج تي آئي…
ڏينهن ٻڌجي آيا، ڄڃ پارئون آئي-
ادل ميندي لائي، ونل سيج تي آئي…
ڀائر پرچي آيا، ڄڃ پارئون آئي-
ادل ميندي لائي، ونل سيج تي آئي…
[133]
وراڻي: واهه واهه! ڄڃ آئي، شابي! ڄڃ آئي
تماشيدار،
لک مبارڪن جا ڏجن واهه واهه! ڄڃ آئي تماشيدار.
سر لاڏل جي سونا سهرا، گلن جوڙ بنائي-
واهه واهه! ڄڃ آئي، شابي! ڄڃ آئي تماشيدار.
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنائي-
واهه واهه! ڄڃ آئي، شابي! ڄڃ آئي تماشيدار
هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنائي-
واهه واهه! ڄڃ آئي، ڍوليا! ڄڃ آئي
تماشيدار.
[134]
[7]
وراڻي: آئي ڙي ابل! ڄڃ ڪوٽ برابر آئي،
آئي ڙي سوڍل! ڄڃ باغ برابر آئي.
تنهنجي ڀيڻ ميندي پُسائي، تنهنجي سالين سيج
وڇائي-
آئي ڙي ابل! ڄڃ ڪوٽ برابر آئي.
تنهنجي بينسر جو ملهه باري ڙي ابل!
آئي ڙي ابل! ڄڃ ڪوٽ برابر آئي.
تنهنجي دُهريءَ جو ملهه باري ڙي ابل!
آئي ڙي ابل! ڄڃ ڪوٽ برابر آئي.
تنهنجي ڪنگڻ جو ملهه باري ڙي ابل-
آئي ڙي ابل! ڄڃ ڪوٽ برابر آئي.
[135]
وراڻي: اڄ ڪا باغن ۾، اڄ ڪا چمن ۾، خوشبو الاهي،
هي وڻ لنگهي آءُ اڳي، جتي شاهه جي نوبت وڄي.
لاڏيءَ اسان جي بينسر سونهندي، جُهومر جو ملهه
اڳي-
الله جوڙيا لاڏلا ڙي هي وڻ لنگهي آءُ اڳي.
لاڏيءَ اسان جي وينڊو سونهندو، بولي جو ملهه
اڳي-
الله جوڙيا لاڏلا ڙي! هي وڻ لنگهي آءُ اڳي.
لاڏيءَ اسان جي نٿڙي سونهندي، دهريءَ جو ملهه
اڳي-
الله جوڙيا لاڏلا ڙي! هي وڻ لنگهي آءُ اڳي.
[137]
وراڻي: ڄڃ ته ادل جي باغن ۾ آئي، مونکي ڇو نه
ٻُڌايئي؟
بينسر گهڙايئي، مونکي ڇو نه
ٻڌايئي؟
ڄڃ ته راڻل جي باغن ۾ آئي، مونکي ڇو نه ٻُڌايئي؟
نٿ گهڙايئي، مونکي ڇو نه ٻُڌايئي؟
ڄڃ ته راڻل جي باغن ۾ آئي، مونکي ڇو نه ٻُڌايئي؟
جهومر گهڙايئي، مونکي ڇو نه ٻڌايئي؟
ڄڃ ته راڻل جي باغن ۾ آئي، مونکي ڇو نه ٻُڌايئي؟
[138]
[8]
وراڻي: اچي لٿم اوڏڙي، لاڏي سندي ڄڃ ته وڏي شان
سان،
لئي! موڙ مَيو باغ ۾، لاڏلا! کوٽ تنبو
ساهرين.
بينسر ته مِينَڻ ڏي، توهين اوري اچو-
اچي لٿم اوڏڙي، لاڏي سندي ڄڃ ته وڏي شان سان.
وينڊو ته مِينَڻ ڏي، توهين اوري
اچو-
اچي لٿم اوڏڙي، لاڏي سندي ڄڃ ته وڏي شان سان.
دهري ته مِينَڻ ڏي، توهين اوري اچو-
اچي لٿم اوڏڙي، لاڏي سندي ڄڃ ته وڏي شان سان.
[139]
[9]
وراڻي: ڄڃ مَهين چڙهي، ڏسي ماڻس ڏي،
اڄ منهنجي ادل جو وريو ڀاڳ وري.
خاصي بينسر به گهڙائي، ڄڃ مَهرين چڙهي-
اڄ منهنجي ادل جو وريو ڀاڳ وري.
خاصي دهري به گهڙائي، ڄڃ مَهرين چڙهي-
اڄ منهنجي ادل جو وريو ڀاڳ وري.
خاصي هسي به گهڙائي، ڄڃ مَهرين چڙهي-
اڄ منهنجي ادل جو وريو ڀاڳ وري.
[140]
وراڻي: مهري مست آ، ڪجائي جو رنگ سائو الا!
ڄڃ ادل جي سدا رنگ سهڻي.
سر ادل جي سهرا سونهندا، موتين جوڙ بنايو-
مهري مست آ، ڪجائي جو رنگ سائو الا.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
مهري مست آ، ڪجائي جو رنگ سائو الا.
[141]
وراڻي: ڄڃ ڪوٽ برابر آئي هي ڙي!
تيڏي ميندي ڀيڻ ڀِڄائي هي.
تڏي گَهگهي جرمر لائي هي-
ڄڃ ڪوٽ برابر آئي هي ڙي!
تيڏي موٺڙي جهرمر لائي هي-
ڄڃ ڪوٽ برابر آئي هي ڙي!
تيڏي پوتِي جهرمر لائي هي-
ڄڃ ڪوٽ برابر آئي هي ڙي!
[142]
[10]
وراڻي: انبن مٿئون هير، ٻيڙو جهلي جهلي لاهه
تون،
نمن مٿئون هير، ساٿ سلامت آڻ تون.
سانول ڏي تون سڌير، ٻيڙو جهلي جهلي لاهه تون-
انبن مٿئون هير، ٻيڙو جهلي جهلي لاهه تون.
کنڊون ورهايان کير، ٻيڙو جهلي جهلي لاهه تون-
انبن مٿئون هير، ٻيڙو جهلي جهلي لاهه تون.
هاريان مشڪ عنبير، ٻيڙو جهلي جهلي لاهه تون-
انبن مٿئون هير، ٻيڙو جهلي جهلي لاهه تون.
[143]
وراڻي: آ لٿِي وي، آ لٿِي وي، لاڏي دي ڄڃ،
سهڻي دي ڄڃ، آ لٿي وي دروازي.
سر لاڏل دي سونا سهرا، موتي جوڙ بنايو-
آ لٿي وي، ا لٿي وي، لاڏي دي ڄڃ.
اکيان لاڏل ديان ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
آ لٿي وي، ا لٿي وي، لاڏي دي ڄڃ.
ڏند لاڏي دي ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنايو-
آ لٿي وي، آ لٿي وي، لاڏي دي ڄڃ.
[144]
وراڻي: ادل آءُ! تنهنجي لٿي آهي ڄڃ،
وچ شهر جي، لٿي آهي ڄڃ.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
ادل آءُ! تنهنجي لٿي آهي ڄڃ.
ڏند بني جا ماڻڪ موتي، سرخي جوڙ بنايو-
ادل آءُ! تنهنجي لٿي آهي ڄڃ.
هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳانن جوڙ بنايو-
ادل آءُ! تنهنجي لٿي آهي ڄڃ.
[145]
[11]
وراڻي: لاڏل ڄڃ آئي هي تماشي نال، گهوٽل ڄڃ آئي
هي تماشي نال،
ڀائر ٿيندي نهال، بابا ٿيندئي نهال، گهوٽل ڄڃ
آئي هي تماشي نال.
اکيان ادل ديان ٻرن مشعلي، ڪجل عجب
خيال-
لاڏل ڄڃ ائي هي تماسي نال، گهوٽل ڄڃ آئي هي
تماشي نال.
ڏند ادل دي ماڻڪ موتي، ڳاني عجب خيال-
لاڏل ڄڃ آئي هي تماشي نال، گهوٽل ڄڃ آئي هي
تماشي نال.
هٿ ادل دي سوني ڳاني، ميندي عجب خيال-
لاڏل ڄڃ ائي هي تماشي نال، گهوٽل ڄڃ ائي هي
تماشي نال.
[146]
وراڻي: ڍوليو ڍٽيءَ رات، لاڏو اُچي ڄڃ سين آيو.
بينسر گهڙاءِ، توتي سونو ڇٽ جهلايو، سونو ڇٽ
جهايو؛
مومل جي ماڙيءَ تي، راڻي راڄ ريجهايو، راڻي راڄ
ريجهايو،
مـــــهري ڪــندو ماڳ، لاڏو رپو
ريلي آيو-
ڍوليو ڍٽيءَ رات، لاڏو اُچي ڄڃ سين آيو.
دهري گهڙاءِ، توتي سونو ڇٽ جهلايو، سونو ڇٽ
جهلايو؛
مومل جي ماڙيءَ تي، راڻي راڄ ريجهايو، راڻ راڄ
ريجهايو،
مـــــهري ڪــندو ماڳ، لاڏو رپو
ريلي آيو-
ڍوليو ڍٽيءَ رات، لاڏو اُچي ڄڃ سين آيو.
وينڊو گهڙاءِ، توتي سونو ڇٽ جهلايو، سونو ڇٽ
جهلايو؛
مومل جي ماڙيءَ تي، راڻي راڄ ريجهايو، راڻي راڄ
ريجهايو،
مـــــهري ڪــندو ماڳ، لاڏو رپو
ريلي آيو-
ڍوليو ڍٽيءَ رات، لاڏو اُچي ڄڃ سين آيو.
[147]
وراڻي: وس ڪڪر ڪوهيارل! ڀلي پئي بوند وسي،
ڀلي پئي بوند وسي، ڀلي پئي ڄڃ اچي.
ٻانهن ۾ وينگس کي ٻانهين ٺهندي-
ڀلي پئي بوند وسي، ڀلي پئي ڄڃ اچي…
نڪ ۾ وينگس کي بولو ٺهندو-
ڀلي پئي بوند وسي، ڀلي پئي ڄڃ اچي…
ڳچيءَ ۾ وينگس جي دهري ٺهندي-
ڀلي پئي بوند وسي، ڀلي پئي ڄڃ اچي…
[148]
[12]
وراڻي: اهو ڳايو وڄايو الا، ڇانئي بيٺي آهي ڄڃ
آئي ادل جـــي ڄــــڃ، آئــي سوڍل جي ڄڃ
چڱي بينسر ادل جي لاڙئون گهڙائي، آئي سوڍل جي
ڄڃ-
اهو ڳايو وڄايو الا، ڇانئي بيٺي آهي ڄڃ.
چڱي دهري ادل جي لاڙئون گهڙائي، ائي سوڍل جي ڄڃ-
اهو ڳايو وڄايو الا، ڇانئي بيٺي آهي ڄڃ.
چڱي جهومر لاڏل جي لاڙئون گهڙائي، آئي ادل جي
ڄڃ-
اهو ڳايو وڄايو الا، ڇانئي بيٺي آهي ڄڃ.
[149]
وراڻي: اها شادي واهه واهه! لاڏي جي ڄڃ واهه
واهه!
ڏسان جُڙيل تنهنجي ميندي واهه واهه!
چڱيون ڀيڻيون گُهرائي آ، ڄاڃي واهه واهه، ڄاڃي
واهه واهه-
اها شادي واهه واهه! لاڏي جي ڄڃ واهه
واهه.
چڱا کهنبا گُهرائي آ، ڳانا واهه واهه، ڳانا واهه
واهه!
اها شادي واهه واهه! لاڏي جي ڄڃ واهه
واهه.
چڱي ڳهڻا گهڙائي آ، وينڊو واهه واهه، وينڊو واهه
واههَ-
اها شادي واهه واهه! لاڏي جي ڄڃ واهه
واهه.
[150]
[13]
وراڻي: ڄڃ ته لاڏي گهوٽ جي، جنهن جي ڇيرن جي
ڇمڪار،
الا! هڪل ڪيم پنهنجي پير کي، سائين هڪل سان
حاضر.
هسي گهڙايم جا سهڻي-
ڄڃ ته لاڏي گهوٽ جي، جنهن جي ڇيرن جي ڇمڪار.
دهري گهڙايم جا سهڻي-
ڄڃ ته لاڏي گهوٽ جي، جنهن جي ڇيرن جي ڇمڪار.
ڪٺمال گهڙايم جا سهڻي-
ڄڃ ته لاڏي گهوٽ جي، جنهن جي ڇيرن جي ڇمڪار.
ڪٺمال گهڙايم جا سهڻي-
ڄڃ ته لاڏي گهوٽ جي، جنهن جي ڇيرن جي ڇمڪار.
[151]
وراڻي: او، دهلن جي ڌڌڪار، سان الا، ڇيرين جي
ڇمڪار سان،
ڇيرين جي ڇمڪار سان ڙي، پڙهيل آيو اٿم ڄڃ سان.
هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي سدا رنگ لايو ڙي-
او دهلن جي ڌڌڪار سان، الا، ڇيرين جي ڇمڪار
سان.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، الا، ڪجل رنگ لايو ڙي-
او دهلن جي ڌڌڪار سان، الا، يرين جي ڇمڪار
سان.
[152]
وراڻي: ادل ڄڃ ڪري چڙهندو، اهو ڪرم قادر پاڻ
ڪندو.
بينسر جوڙائج نهري، اهو گهوٽ شادي ڪري موٽندو-
ادل ڄڃ ڪري چڙهندو، اهو ڪرم قادر پاڻ ڪندو.
دهري گهرائج نهري، تنهن سان ڄڃ ۾ گهوٽ سونهندو-
ادل گهڙائج نهري، تنهن سان ڄڃ ۾ گهوٽ سونهندو-
ادل ڄڃ ڪري چڙهندو، اهو ڪرم قادر پاڻ ڪندو.
ٻانهين ادل جي لاڙئون آڻايان، لاڏو ڪنوار کٽي
گهر ايندو-
ادل، ڄڃ ڪري چڙهندو، اهو ڪرم قادر پاڻ ڪندو.
[153]
[14]
وراڻي: ادل! ساري سنڌ مان وَرسي ورجان،
ائين ورجان، جيئن ورئي وارو، ڍرئي ڍارو.
خاصي بينسر گهڙاءِ، جيئن ورئي وارو-
ادل! ساري سنڌ مان ورسي ورجان.
خاصي دهري گهڙاءِ، جيئن ورئي وارو-
ادل! ساري سنڌ مان ورسي ورجان.
خاصي ٻانهين گهراءِ، جيئن ورئي وارو-
ادل! ساري سنڌ مان ورسي ورجان.
[154]
وراڻي: ڪري جُڃ جام، ٻاري بجليون، مومل ماڻي شل
سدا ورندو،
منهنجي ادل کي شوق شاديءَ جو، سورٺ ماڻي شل سدا
ورندو.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
ڪري جُڃ جام، ٻاري بجليون، مومل ماڻي شل سدا
ورندو.
ڏند ادل جا موتيءَ جان جهرڪن، سرخيءَ جوڙ
بنايو-
ڪري جُڃ جام، ٻاري بجليون، مومل ماڻي شل سدا
ورندو.
هٿ ادل جا مينديءَ رڱيا، ڳانن جوڙ بنايو-
ڪري جُڃ جام، ٻاري بجليون، مومل ماڻي شل سدا
ورندو.
[155]
[15]
وراڻي: ارباب ادل! ايڏي دير نه لاءِ، نواب ادل!
ايڏي دير نه لاءِ،
ايڏي دير نه لاءِ، تکيءَ ريل ۾ آءُ،
ڪوئيٽا ميل ۾ آءُ.
لک ڏئي لاڏل لاءِ دهري به گهرايم، جواهرن جو آهي
مٽ-
ارباب ادل! ايڏي دير نه لاءِ، نواب ادل! ايڏي
دير نه لاءِ.
لک ڏئي لاڏل لاءِ وينڍو به گهڙايم، هيرن جو آهي
مٽ-
ارباب ادل! ايڏي دير نه لاءِ، نواب ادل! ايڏي
دير نه لاءِ.
لک ڏئي لاڏل لاءِ بينسر به گهڙايم، موتين جو آهي
مٽ-
ارباب ادل! ايڏي دير نه لاءِ، نواب ادل! ايڏي
دير نه لاءِ.
[156]
وراڻي: دهل سان ٿي آءُ، ڙي جيئين لاڏل! دهلن سان
ٿي آءُ.
اهي دهل سُونهن تنهنجي ڄڃ ۾، سوهيءَ ويل گهرڙيئي
پيءُ ماءُ-
دهلن سان ٿي آءُ، ڙي جيئين لاڏل! دهلن سان ٿي
آءُ.
ماءُ صدقو الله جي نانءَ تؤن، ٿي گهوران گهوري
ڀيڻ ساهه-
دهلن سان ٿي آءُ، ڙي جيئين لاڏل! دهلن سان ٿي
آءُ.
5. ڪنواريتن ۾ پهچڻ جا ڳيچ
[157]
وراڻي: ڪراچي بندر تان دِڳو کولي کڻجانءِ،
پنهنجي مومل ماڻجان، پنهنجي جيڏل ماڻجانءِ.
شان واري تنهنجي شادي ٿيندي،
شادي ٿيندي، دل مرادي ٿيندي-
ڪراچي بندر تان دِڳو کولي کڻجانءِ.
[158]
[16]
وراڻي: سکر بندر تي ريل جَهلِي آهي،
ريل جهلي آهي، ادل لٿو آهي.
بنسر ابل جي مان لاڙئون آڻايان-
سکر بندر تي ريل جهلي آهي.
دهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
سکر بندر تي ريل جهلي آهي.
ٻانهين ابل جي مان لاڙئون آڻايان-
سکر بندر تي ريل جهلي آهي.
[159]
وراڻي: چتونئڙا ٻولين باغن ۾، مِٺوئڙا لات لنون،
مٺڙي لات لئون، او! منهنجا لٿا اٿم ريل ۾.
بوڇڻ تي گل هڪڙو، چُنيءَ تي گل چار،
تنهنجي گادي ٿي گلن سان-
چتونئڙا ٻولين باغن ۾، مٺوئڙا لات لنون.
ڄڃ ادل جي پٽ جي لونگين سان،
ڀائر پڙهيل جا، ريشم جي وڳن سان-
چتونئڙا ٻولين باغن ۾، مٺوئڙا لات لنون.
سهرا لاڏل جا گلابي گلن سان،
اچي ڄڃ گهوٽل جي دهلن سان-
چتونئڙا ٻولين باغن ۾ مٺوئڙا لات لنون.
[160]
وراڻي: ادل! ساهرين گهر سامهڻين، تون ته ناز
ڪندو آءُ،
ناز ڪندو آءُ راڻل! ويس ڪندو آءُ.
سوني دهري ته گهڙائي، تون ته ناز ڪندو آءُ،
سونو دٻلو ته گهڙائي، تون ته ناز ڪندو آءُ-
ادل ساهرين گهر سامهڻين، تون ته ناز ڪندو آءُ.
تنهنجي بابي ڪيو ڪاڄ، تون ته ناز ڪندو آءُ،
تنهنجي امڙ کنيو ڏاج، تون ته ناز ڪندو آءُ-
ادل! ساهرين گهر سامهڻين، تون ته ناز ڪندو آءُ.
[161]
[17]
وراڻي: وڏڙي راڄ منجهان، سُرهي راڄ منجهان،
ليلان ماڻڻ ڀلي چنيسر اچي.
دهري گهڙائج نهري، ونهايان دودل ڙي-
ليلان ماڻڻ ڀلي چنيسر اچي…
نٿ گهڙائج نهري، ونهايان دودل ڙي-
ليلان ماڻڻ، ڀلي چنيسر اچي…
ڪڙيو گهڙائج نهري، ونهايان دودل ڙي-
ليلان ماڻڻ ڀلي چنيسر اچي…
[162]
وراڻي: سوڍل در ساهرين، ناز مان ٿو اچي،
ناز مان ٿو اچي، پنهنجي ڄاڃين سان ٿو اچي.
سوني بينسر جوڙائي، ادل ناز مان ٿو اچي-
راڻل در ساهرين، ناز مان ٿو اچي.
سوني دهري جوڙائي، لاڏل ناز مان ٿو اچي-
سوڍل در ساهرين، ناز مان ٿو اچي.
سونا ٻيڙا جوڙائي، سهڻل ناز مان ٿو اچي-
راڻل در ساهرين، ناز مان ٿو اچي.
[163]
[18]
وراڻي: مهري موڙي ادل اچي لهندو، پڙهين سان گڏ
پڙهندو،
چڱن سان گڏ چڙهندو.
جهالر پنهنجي پا گهڙائيندو، مُلهه ته بابس پاڻ
ڏيندو-
مهري موڙي ادل اچي لهندو،
جهومڪ پنهنجا پاڻ گهڙائيندو، مُلهه ته بابس پاڻ
ڏيندو-
مهري موڙي ادل اچي لهندو.
بولو ته پنهنجو پاڻ گهڙائيندو، مُلهه ته بابس
پاڻ ڏيندو-
مهري موڙي ادل اچي لهندو.
[164]
وراڻي: مهري وارا لاڏا! مهري ٻڌج انب سان.
ادل خاطر مان سيج وڇايان، لاڏل لاءِ مان هنڌ
وڇايان-
مهري وارا لاڏا! مهري ٻڌج انب سان.
اندر ڪونج ڪنوار، کاريءَ چڙهڻ آيو، کاري چرهڻ
آيو، لائون لهڻ آيو-
مهري لاڏا! مهري ٻڌج انب سان.
سونهين سڄڻ سٿ ۾، ڀاڳ اٿس سوايو، ڀاڳ اٿس سوايو،
فجر ويلي آيو-
مهري وارا لاڏا! مهري ٻڌج انب سان.
[165]
وراڻي: لاڏو بنو آيو، بادشاهه بنو آيو، بادشاهن
رانيو.
سر لاڏي جي سهرا سونهن ٿا، موتين مينگهه ملهار-
لاڏو بنو آيو، بادشاهه بنو آيو، بادشاهن
رانيو.
هٿ بني جي ميندي سهڻي، ڳانن مينگهه ملهار-
لاڏو بنو آيو، بادشاهه بنو آيو،
بادشاهن رانيو.
اکيون لاڏل جون سهڻيون چمڪن، ڪجل مينگهه ملهار-
لاڏو بنو آيو، بادشاهه بنو آيو، بادشاهن
رانيو.
[166]
[19]
وراڻي: آيو بنو آيو بنو، هر ويل لاڏل آيو،
ماءُ سهاڳڻ ڄايو ڀلي آيو.
سر سهڻي جي سونا سهرا، موتين جوڙ بنايو-
آيو بنو آيو بنو، هر ويل لاڏل آيو.
ڳچيءَ لاڏل جي پاکر سهڻي، ريٽي خوب رنگ لايو-
آيو بنو آيو بنو، هر ويل لاڏل آيو.
هيٺل لاڏل جي هرڻو مهري، جنهن تي جهاٻن جهڙ
لايو-
آيو بنو آيو بنو، هر ويل لاڏل آيو.
[167]
وراڻي: بسم الله ڪري آيو، هندوري جو هيراڪ،
هندوري جو هيراڪ، ونڙيءَ جو وارث.
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
بسم الله ڪري آيو، هندوري جو هيراڪ.
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
بسم الله ڪري آيو، هندوري جو هيراڪ.
هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو-
بسم الله ڪري آيو، هندوري جو هيراڪ.
[168]
وراڻي: اهو گهوٽ آيو، جنهن جو اندر ۾ آواز.
خاصا پنڙا گهڙائي، اهو گهوٽ آيو-
اهو گهوٽ آيو، جنهن جو اندر ۾ آواز.
خاصي دهري گهڙائي، اهو گهوٽ آيو-
اهو گهوٽ آيو، جنهن جو اندر ۾ آواز.
خاصي ڪٺمال گهڙائي، اهو گهوٽ آيو-
اهو گهوٽ آي، جنهن جو اندر ۾ آواز.
[169]
[20]
وراڻي: اهو قبولڻ آيو، مونکي موليٰ ملايو،
ڪنهن کي مان ساريان! ويهي نه وساريان.
اکيون سهڻل جون ٻرن مشعلا، ڪجل سدا رنگ لايو-
اهو قبولڻ آيو، مونکي موليٰ ملايو.
ڏند سهڻل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ سدا رنگ لايو-
اهو قبولڻ آيو، مونکي موليٰ ملايو.
هٿ سهڻل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني سدا رنگ لايو-
اهو قبولڻ آيو، مونکي موليٰ ملايو.
[170]
لاڏل منهنجو مهري تي آيو، سوڍل منهنجو مهري تي
آيو.
چڱي بينسر جوڙائي جاني جلدي آيو-
لاڏل منهنجو مهري تي آيو، سوڍل منهنجو مهري تي
آيو.
چڱي دهري جوڙائي جاني جلدي آيو-
لاڏل منهنجو مهري تي آيو، سوڍل منهنجو مهري تي
آيو.
چڱي جهالر جوڙائي جاني جلدي آيو-
لاڏل منهنجو مهري تي آيو، سوڍل منهنجو مهري تي
آيو.
[171]
وراڻي: اڱڻ تي اولِي، پِير ڪندس سولي،
ڀائڙو اٺن تي آيو، ادل اڱڻ ۾ آيو.
لال سوناري، سا وينڊي واري، تنهن جو وينڊو اٿئي
لک جو،
ڀائڙل هيرائون اٿئي کٽ جو، ڳانو اٿئي پٽ جو، ادل
اڱڻ ۾ آيو-
اڱڻ تي اولِيم پير ڪندس سولي.
لال سوناري سا ڪنگڻ واري، تنهن جو ڪنگڻ اٿئي لک
جو،
ڀائڙل هيرائون اٿئي کٽ جو، جامو اٿئي پَٽ جو،
ادل اڱڻ ۾ آيو-
اڱڻ تي اولِيم پير ڪندس سولي.
لال سوناري سا جهومڪ واري، تنهنجو جهومڪ اٿئي لک
جو،
ادل هيرائون اٿئي کٽ جو، سورهيه آهي سٿ جو، ادل
اڱڻ ۾ آيو.
اڱڻ تي اولِيم پير ڪندس سولي.
[172]
[21]
وراڻي: مان ته ڏورئون ڏٺو هو، ادل! چڙهي ڄڃ سان
آيو،
لاڏو ڀلي مهري وارو، لاڏو وڏيءَ ڄڃ سان آيو.
بينسر گهڙائي گهر آيو هزاري لاڏو، هسي ادل جي
لاڙئون آڻايو-
مان ته ڏورئون ڏٺو هو، ال او! چڙهي ڄڃ سان آيو.
ٻانهين گهڙائي گهر آيو هزاري لاڏو، ڪنگڻ لاڏل جو
لاڙئون آڻايو-
مان ته ڏورئون ڏٺو هو، ادل او! چڙهي ڄڃ سان آيو.
دهري گهڙائي گهر آيو هزاري لاڏو، وينڊو ادل جو
لاڙئون آڻايو-
مان ته ڏورئون ڏٺو هو، ادل او! چڙهي ڄڃ سان آيو.
[173]
وراڻي: آيو آ راڻو رنگ ڀري ريل ۾،
رنگ ڀري ريل ۾، ڪهي ڪوئيٽا ميل ۾.
چَپ ادل جا ورق گلابي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
آيو آ راڻو رنگ ڀري ريل ۾.
ڳل ادل جا لال گلابي، ڏاڙهيءَ جوڙ بنايو-
آيو آ راڻو رنگ ڀري ريل ۾.
هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو-
آيو آ راڻو رنگ ڀري ريل ۾.
[174]
وراڻي: هيءَ اسان سندو لاڏو، اچي لٿم ريل مان،
هيءَ ڪم نبيءَ جوڙيا، هلي غوث پير آيو.
وينڊو گهڙائج سهڻو-
هيءُ اسان سندو لاڏو، اچي لٿو ريل مان.
بولو گهڙائج سهڻو-
هيءُ اسان سندو لاڏو، اچي لٿو ريل مان.
بولو گهڙائج سهڻو-
هيءُ اسان سندو لاڏو، اچي لٿو ريل مان.
جهمٽيون گهڙائج سهڻيون-
هيءُ اسان سندو لاڏو، اچي لٿو ريل مان.
[175]
[22]
وراڻي: آهي ارباب، ساريءَ سنڌ جو واب، لاريءَ ۾
آيو،
اوهين هٿڙا کڻي ڀينر! دعا ڪريو.
چڱي بينسر جوڙائي، جڙيل لاريءَ ۾ آيو-
آهي ارباب، ساريءَ سنڌ جو نواب، لاريءَ ۾ آيو.
چڱي دهري جوڙائي، گهوٽل لاريءَ ۾ آيو-
آهي ارباب، ساريءَ سنڌ جو نواب، لاريءَ ۾ آيو.
چڱي ٻانهين جوڙائي لاڏل لاريءَ ۾ آيو-
آهي ارباب، ساريءَ سنڌ جو نواب، لاريءَ ۾ آيو.
[176]
وراڻي: لاڏل ڀلي آيو، ابل ڀلي آيو،
بگيءَ رين هٿ ۾، بگيءَ چڙهي ايو
موٽر بتيون سون جون، موٽر چڙهي آيو،
ريل تارون سون جون، ريل چڙهي آيو،
اڱڻ منهنجي آيو، ابل ڀلي آيو-
لاڏل ڀلي آيو، سوڍل ڀلي آيو.
ڏکڻ اٿس اوطاقون، اتر ڏيهه ابل جون،
ٿينديون دل جون ڳالهيون، آيو ابل آيو،
اڱڻ منهنجي آيو، ابل ڀلي آيو-
لاڏل ڀلي آيو، سوڍل ڀلي آيو.
[177]
[23]
وراڻي: پيرين پنڌ ڪري آيو منهنجو لال،
ماڻس پائيندس گلن جو هار،
ڀيڻس ڇٽيندس عطر گلاب.
سر لاڏل جي سونا سهرا، موتين جوڙ بنايو-
پيرين پنڌ ڪري آيو منهنجو لال.
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
پيرين پنڌ ڪري آيو منهنجو لال.
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
پيرين پنڌ ڪري آيو منهنجو لال.
[178]
وراڻي: کنڊ ڄاڃين کي کير کارايو، گهوٽ اڱڻ آيو.
خوشيءَ مان کٿوري عام ورهايو-
کنڊ ڄاڃين کي کير کارايو، گهوٽ اڱڻ آيو.
سڀيئي سونا زيور سهڻا، پاڻ ٺهرائي آيو-
کنڊ ڄاڃين کي کير کارايو، گهوٽ اڱڻ آيو.
ڪپڙا قيمتي ريشمي سي، پاڻ سبارائي آيو-
کنڊ ڄاڃين کي کير کارايو، گهوٽ اڱڻ آيو.